سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :5

 

باب چوٿون

راءِ گهراڻو ۽ راجا چچ جو عروج

سر زمين سنڌ جو تاريخي زمانو 613ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ پهريائين علي بن حامد بن ابوبڪر ڪوفي ساڪن اُچ هن وادي ۾ قدم رکيو جو انهي غرض تي بکر ۽ الور شهر ۾ آيو، جتي کيس عرب جي هڪ ڏتڙيل خاندان جي بزرگن مان قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن طائي ملي ويو. جنهن وٽ سنڌ جي هڪ تاريخ عربي زبان ۾ سندس وڏن جي لکيل موجود هئي، اها وٺي فارسي زبان ۾ ترجمو ڪيائين، تنهن کان پوءِ مير معصوم بکري ۽ ان کان پوءِ مير محمد طاهر سنياني اڪبر ۽ جهانگير جي وقت ۾ جدا جدا تصنيفون ڪيون اهڙي طرح ارغون نامه، ترخان نامه ۽ بيڪلر نامه پڻ تيار ٿيا. (تحفة الڪرام)

 

راءِ سهارس جو راڄ

ڇهين صديءَ عيسويءَ ۾ سنڌ جو شهر الور سنڌ ۾ سڀني کان وڏو ۽ نهايت ئي سينگاريل شهر هو، هن ۾ عاليشان ماڙيون ۽ محلاتون هيون. هي شهر درياءَ مهراڻ (سنڌوندي) جي ڪناري تي هو. هن شهر جو راجا راءِ سهارس هڪ وڏو زبردست تاجدار هو جنهن جي پيءُ جو نالو راءِ سهاسي هو. هن گهراڻي جو پهريون راجا راءِ ديوائج(1) ٿي گذريو آهي. جنهن جي مرڻ بعد سندس پٽ راءِ سهارس تاج ۽ تخت جو مالڪ ٿيو. جڏهن  هو پڻ پيءُ وانگر گهڻو وقت عيش و آرام سان پنهنجي زندگي پوري ڪري ويو، تڏهن ان جو پٽ راءِ سهاسي گادي تي ويٺو، تنهن کان پوءِ وري سندس پٽ راءِ سهارس ٻيو سلطنت جو مالڪ ٿيو، جنهن جو ذڪر شروع ٿيو آهي. هي راجا خزاني ۾ ڀرپور هو ۽ سندس عدل پروري ساري رعيت کي مٿس عاشق بنائي ڇڏيو هو. هن جي سلطنت چئني طرفن پري پري تائين پکڙيل هئي. اُتر پاسي قنڌار سيستان سليمان جبل، ڪرمان ۽ ڪيڪانان تائين، اڀرندي ڪشمير جي سرحد تائين مليل هئي. الهندي مڪران ۽ ڏکڻ سورت بندر يا سمنڊ تائين. (تحفة الڪرام ۽ چچ نامه)

هن راجا پنهنجي حڪومت کي چئن صوبن ۾ ورهائي رکيو هو، جن مان هڪڙو صوبيدار برهمڻ آباد ۾ رهندو هو، جنهن جي هٿ هيٺ نيرون، ديول، لوهاڻه، لکا ۽ سمي جا قلعا هئا. ٻئي صوبيدار جي گادي  جو هنڌ سيوستان هو، جنهن جي زير حڪومت ٻڌپور (ٻڌايا)(1) جهنان، ڪوهستان، روجيان جا علاقا ويندي مڪران جي حد تائين هئا. ٽيون صوبيدار اسڪلنده ۽ پابيا ۾ رهندو هو جيڪي ٻئي قلعا تلواريه ۽ چاچ پور جي نالن سان مشهور هئا. ٻڌپور جو سارو علاقو سندس قبضي ۾ هو. چوٿين صوبيدار جي رهڻ جي جاءِ شهر ملتان هو ۽ سڪه، برهما پور، ڪرور، اشهار ۽ ڪنڀ جا قلعا ان جي هٿ ۾ هئا. ۽ سندس علائقو ڪشمير جي سرحد تائين هليو ويو هو. خود راجا جي تختگاه شهر الور هو ۽ ڪروان، ڪيڪان ۽ نير پاس جا علاقا هن پاڻ پنهنجي سنڀال ۾ رکيا هئا.

هن پنهنجي راج ڪنورن (شهزادن) کي جنگي هنرن مان چڱي طرح واقف ڪيو هو، ۽ انهن کي هر وقت لڙائي لاءِ تيار رکندو هو. هر قسم جو جنگي سامان هٿيار ۽ گهوڙا انهن جي لاءِ موجود رهندا هئا ۽ ڪوشش ڪندو هو ته جيڪا به لڙائي لڳي تنهن ۾ هو هميشه ۽ ضرور شريڪ ٿين ته سندن استعمال وڌي. تاڪيد ڪندو هون ته رعيت کي سدائين راضي رکن. جا بجا عاليشان عمارتون اڏايائين. سندس سهڻي انتظام سبب ساري سلطنت ۾ ڪي به اهڙا فسادي ۽ باغي ماڻهو نه هئا جي جهڳڙو پيدا ڪن ۽ جنهن ڪري رعيت جي امن و امان ۾ خلل پوي. هي امن و امان گهڻي مدت تائين قائم رهندو آيو. اوچتو نيمروز(1) بادشاهه جي لشڪر اچي حملو ڪيو ۽ ڪيچ مڪران کي ڦري گهڻا ماڻهو قيد ڪيائين.

راءِ سهارس کي جڏهن غنيم جي چڙهائي جو حال معلوم ٿيو تڏهن تپي باهه ٿي ويو ۽ نهايت بي پرواهه ٿي ۽ جرات سان لشڪر وٺي الُور کان روانو ٿيو ۽ اچي دشمن جي لشڪر سان مليو. لڙائي شروع ٿي ٻنهي طرفن جي بهادرن اهڙي دليري ڏيکاري جو ٻنهين جو گهڻو نقصان ٿي ويو. ميدان جو هي رنگ ڏسي ايراني فوج سر تان آسرو لاهي هڪ اهڙو سخت حملو ڪيو جنهن جو تاب سنڌي سپاهي نه جهلي سگهيا ۽ ميدان ڇڏي ڀڄي ويا، مگر خود راجا دشمنن جي سامهون ميدان ۾ بيهي پنهنجي پهلواني جا جوهر ڏيکاريندو رهيو. (چچ نامه)

لڙائي صبح کان شروع ٿي هئي ۽ اڃان ٻن پهرن جو وقت هو ته اوچتو هڪ تير اجل جو پيغام کڻي راجا جي ڳچي ۾ لڳو ۽ نڙي جي اندر هليو ويو. هن کي ڪرندو ڏسي باقي رهيل فوج به پريشان ٿي اٿي ڀڳي، مگر ايرانين پٺيان پئي رات ٿيڻ تائين کين ماريو پئي. (تاريخ معصومي)

راءِ سهاسي ٻيو

ايراني بادشاهه ڪاميابي ۽ سرخروئي حاصل ڪري پنهنجي علائقي نيمروز ڏي هليو ويو (چچ نامه) هوڏي ڀاڄ کاڌل سنڌي سپاهي ان قيامت خيز حادثي جي خبر کڻي شهر الور ۾ داخل ٿيا. هي راجا اهڙو هردلعزيز هو جو هن جي لاءِ گهر گهر ماتم مچي ويو، جڏهن سڀئي ماڻهون سندس ماتم کان واندا ٿيا تڏهن اميرن وزيرن مرحوم راجا جي پٽ راءِ سهاسي کي پيءُ جي گادي تي ويهاريو. جنهن جي تخت نشيني تي هر طرف خوشي جون مجلسون قائم ٿي ويون ۽ عيش و عشرت جا شادمانا ٿيڻ لڳا. هن راجا گادي تي ويهڻ شرط ملڪ جو انتظام تمام سٺي نموني ۾ رکيو. لشڪر جي سپاهين ۽ ٻين سڀني نوڪرن کي مهيني پوري ٿيڻ تي هڪدم پگهار ملي ويندي هئي. رعيت تي ڍل جي عيوض حڪم ڪيائين ته ڇهن قلعن جي زمين مٽيءَ سان ڀري ڏين. اهي قلعا هي آهن. الور، سيوهڻ، اوچ، ماٿيلو، مئو ۽ سورائي جيڪي هن وقت ويران هئا. (تحفة الڪرام ۽ تاريخ معصومي)

واپارين تي جيڪو ٽيڪس ٻڌل هو سو سال بسال سواءِ اڳاڙڻ جي پاڻهي دفتر ۾ پهچايو ويندو هو. ڪاريگرن ۽ ٻين ڪم ڪندڙن تي جيڪو حڪم ٿيندو هو سو هو وڏي خوشي سان پورو ڪندا هئا. (تاريخ مير معصوم)

هي راجا گادي تي ويهڻ کان هڪ سال پوءِ دوري تي نڪتو ۽ جتي به ڪو سرڪش باغي ڏٺائين ته ان جي پاڙ پٽي ڇڏيائين ۽ چورن بدمعاشن کي قيد ڪرائي ملڪ ۾ پوري طرح امن و امان قائم ڪري ڇڏيو. هر طرح جي تسلي ڪري الور ۾ واپس آيو. (معصومي)

راءِ سهاسي جو رام نالي وزير

راءِ سهاسي جي درباري ماڻهن ۾ رام نالي هڪ شخص هو جو وڏو عاقل ۽ چالاڪ ماڻهو هو. هن جي فضيلت ۽ دانائي جو اثر راجا جي ساري سلطنت تي هو ۽ خود راجا وٽ هو اهڙو قبول پيل هو جو سندس مرضي کان سواءِ ڪو به شخص نه ڪنهن نوڪري ۾ داخل ٿي سگهندو هو ۽ نه ان جي منظوري ڌاران ڪو موقوف ڪيو ويندو هو. مطلب ته حڪومت جو سارو ڪاروبار سندس جي هٿ ۾ هو. راجا کي مٿس ايترو ڀروسو هو جو هن جي سچائي ۾ ڪڏهن ذري جو به ڪو شڪ شبهو نه آڻيندو هو. (چچ نامه)

هن جي بيدار مغزي تي ڀروسو ڪري راجا هميشه عيش و عشرت ۾ محو هوندو هو، ۽ گهڻو ڪري محلات کان ٻاهر ئي نه نڪرندو هو، جيڪڏهن ڪا ضرورت پيش ايندي هئي ته هن کي اندر گهرائي صلاح مشورت ڪندو هو.

چچ جي شروعات

هڪ ڏينهن رام وزير دربار ڪئي جنهن ۾ ڪيترائي وڏا وڏا پنڊت ۽ لائق فائق انسان اچي گڏ ٿيا جن ۾ هڪ سهڻو، هوشيار ۽ پڙهيل نوجوان به اچي شريڪ ٿيو. سندس سهڻي گفتگو لياقت ۽ فضيلت ڏسي ساري مجلس حيران ٿي ويئي. خود رام به هن جي دانائي ۽ قابليت ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو. ۽ کانئس نالو پڇيائين ۽ هن جواب ڏنو ته منهنجو نالو چچ آهي ۽ آءٌ سيلائج پنڊت جو پٽ آهيان. سيلائج تن ڏينهن ۾ مشهور پنڊتن مان هو، ۽ سنڌ جا گهڻا ماڻهو هن جي علم و ڪمال جا مڃيندڙ هئا. مطلب ته رام کيس پسند ڪري پنهنجي صحبت ۾ رکيو، ۽ سندس لياقت موجب کيس هڪ اعلى عهدي تي سرفراز ڪيو ۽ هن جي دانائي مان فائدو حاصل ڪرڻ لڳو. ٿورن ئي ڏينهن بعد پنهنجو نائب ڪري رکيائينس. چچ جي هر دلعزيزي هي رنگ پيدا ڪيو جو ساري ملڪ جا ماڻهو مٿس عاشق ٿي پيا. ۽ اهڙو ناميارو ٿيو جو رام جو نالو ئي ماڻهن جي دلين تان وسري ويو. ائين ٿيندي ٿيندي چچ جو اقبال بلڪل وڏي ترقي ڪري ويو. آخر رام وزير بيمار ٿي پيو ۽ ان وقت ۾ علائقي ديول کان ڪو ضروري خط آيو جو وزير جي بيمار هجڻ سبب خود راجا جي حضور ۾ موڪليو ويو، پر راجا ته هميشه جي دستور موجب پنهنجي عيش و جشن ۾ سرمست هو سو ڪيئن محلات جا مزا ڦٽا ڪري ٻاهر نڪري؟ حڪم ڏنائين ته چچ حاضر ٿئي. ان خط جو جواب ان کان لکايو ويندو. جڏهن چچ اچڻ وارو ٿيو تڏهن راڻيءَ کي پڙدي جو اشارو ڏنائين مگر راڻي چيس ته چچ هڪ برهمڻ آهي، هن کان پڙدو وري ڪهڙو؟ آخر چچ راڻي جي ويٺي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ هن پهرين ئي موقعي تي راجا کي اهڙو خوش ڪيو جو کيس عمدي سروپا ڍڪائي عام اجازت ڏيئي ڇڏي ته جڏهن به ڪو ڪم پوي ته بيڌڙڪ محل ۾ اندر هليو اچي.

هاڻي جڏهن هو هر وقت راڻي جي روبرو اچڻ وڃڻ لڳو تڏهن سندس صورت ۾ هن جي اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ وغيره جو اهو ئي جادو راڻي جي دل تي به اثر ڪري ويو جو رام وزير ۽ خود راجا بلڪ ساري رعيت جي دل تي اثر ڪري چڪو هو. هوءَ دل جو دل ۾ ٿس عاشق ٿي پئي ۽ ڳجها نياپا موڪلڻ لڳي. مگر هي ته هو هڪ وڏو حريف، تنهن ڏٺو ته جيڪڏهن هڪدم اها ڳالهه قبول ٿو ڪريان ته ان جو نتيجو چڱو نه ٿيندو. سو جواب ڏياري موڪليائين ته آءٌ آهيان برهمڻ ۽ برهمڻ ٿي ڪري مون کان اهڙو انياءَ جو ڪم نه ٿيندو، خاص ڪري راجا جي گهر ۾، جتي جان جو خطرو آهي، جيڪڏهن راجا کي خبر پئجي وڃي ته ضرور مون کي مارائي ڇڏي. چچ جي هن انڪار هيڪاري راڻي جي دل ۾ محبت وڌائي. نيٺ ڳجهه پڌرو ٿي پيو ۽ ڪن دشمنن اها خبر وڃي راجا تائين پهچائي، مگر راجا جواب ڏنو ته چچ ويساه وارو ماڻهو آهي هن کان اهڙو ڪم ڪڏهن به نه ٿيندو.

آخر هڪ ڏينهن راجا بيمار ٿي پيو. وڏا وڏا ويد ۽ حڪيم اچي گڏ ٿيا مگر ڪنهن جو به علاج ڪارگر نه ٿيو. جڏهن راجا بلڪل نازڪ حالت کي اچي پهتو تڏهن راڻي چچ کي اندر گهرائي چيو ته ”هاڻي راجا پونين پساهن ۾ آهي جيڪڏهن تون منهنجي مراد پوري ڪرين ته آءٌ توکي تخت تي ويهارڻ جون تدبيرون ڪريان ۽ انهي ئي ڳالهه تي منهنجي ۽ تنهنجي لاڳاپن جو فيصلو آهي.“ هي يار دل ۾ ته اڳيئي خوش هو باقي جا مليس تخت جي اميد سو يڪدم کڻي منظور ڪيائين. جڏهن چچ صاحب راڻي جي مچ تي ڇنڊو وڌو تڏهن راجا جي منڊي لاهي چچ جي آڱر ۾ وڌائين ۽ کيس محلات جي هڪڙي ڪمري ۾ لڪائي ويهاريو. ٻئي طرف وري سڀني اميرن کي پيغام موڪليائين ته راجا سڀاڻي دربار ڪندو. سڀئي درباري امير وزير اچي حاضر ٿين. ٻئي ڏينهن دربار جي مقرر ٿيل وقت تي امير وزير اچي حاضر ٿيا تڏهن راڻي هنن کي اطلاع ڏياري موڪليو ته مهاراجا ضعف جي ڪري ٻاهر اچي نٿو سگهي ۽ حڪم ڏنو اٿس ته مون چچ کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو آهي جنهن کي بطور سند جي پنهنجي منڊي ڏني ويئي آهي. اوهين سڀ هن جي اطاعت قبول ڪريو.

هن حڪم کي سڀني درباري ماڻهن بنا ڪنهن عذر جي قبول ڪيو ۽ چچ جي اڳيان مٿو نياز جو جهڪايو. ڪن مؤرخن لکيو آهي ته هن عمل کان ٽي چار ڏينهن پوءِ راجا سفر آخرت جو اختيار ڪيو مگر ڪي چون ٿا ته راجا هن درٻار کان اڳئي مري چڪو هو پر راڻي تيسين اها ڳالهه پڌري نه ڪئي جيسين هي ڪم پورو ڪيو.

هاڻي راڻي کي هي انتظار ٿيو ته راجا کي پٽ ته ڪونهي پر سندس ٻيا مٽ مائٽ ضرور ان ڳالهه تي تڪرار ڪندا ۽ پنهنجا حق حقوق پيش ڪري تخت و تاج جا دعويدار ٿيندا، تن کي دٻائڻ يا فنا ڪرڻ لاءِ هيءَ تدبير ڪيائين جو پنجاهي کن طوق ۽ زنجير گهرائي حرم سراءِ جي جدا جدا ڪوٺڙين ۾ اهڙي طرح ورڇي رکيائين جو هر ڪوٺڙي ۾ طوق ۽ زنجير جو هڪ هڪ جوڙو موجود رهيو، پوءِ راجا جي هر هڪ طاقتور عزيز کي چوبدار موڪلي هن پيغام سان گهرايائين ته ”راجا اوهان کي آخري وصيت لاءِ پاڻ وٽ گهرايو آهي.“ انهي ريت راجا جي گهراڻي جو هر هڪ ماڻهو هيءَ اميد دل ۾ رکي پئي آيو ته راجا مون کي ئي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪندو، مگر هتي اچڻ شرط پيرن ۾ زنجير وجهي ڪوٺٽري ۾ بند ڪيو ٿي ويو. ان حڪمت عملي سان چپ چاپ ۾ راجا  جا اهي عزيز جي اثر وارا هئا سي سڀ گرفتار ڪيا ويا. هاڻي شاهي خاندان مان فقط اُهي وڃي رهيا جي مسڪين هئا ۽ منجهن مقابلي جي ڪا به طاقت نه هئي ۽ پنهنجي دولتمند ڀائرن سان حسد رکندا هئا. راڻي انهن سڀني کي گهرائي چيو ته ” اوهان جا سڀ دشمن قيد ڪيا ويا آهن. هاڻي اوهان مان هر هڪ جدا جدا ڪوٺڙي ۾ وڃي انهن جو سارو سامان لٽي پنهنجي گهر کڻي وڃي.“ هو يار ته اڳيئي سڙيا ويٺا هئا تن راڻي جي حڪم ملڻ شرط گهڙي جو گهڙي ۾ سڀني جو ليکو لاهي ڦٽو ڪيو.

تنهن کان پوءِ راڻي بي فڪر ٿي راجا جو لاش ٻاهر ڪڍرائي باهه جي حوالي ڪيو ۽ اهڙي طرح راءِ گهراڻي جو راڄ پورو ٿيو. هن گهراڻي جي انهن پنجن راجائن جي حڪومت 137 سال هلي.

برهمڻ گهراڻي جي حڪومت جو آغاز چچ جو گادي تي ويهڻ ۽ راڻي سهنديو سان شادي ڪرڻ

هن گهراڻي جو پهريون راجا چچ بن سيلائج جڏهن گادي تي ويٺو تڏهن راڻي سهنديو(1) سان شادي ڪيائين ۽ خوب جشن ملهايا ويا. هي سال جدا جدا واقعن جي حساب سان اهو سال معلوم ٿئي ٿو جنهن سال سرور ڪائنات صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم مڪي کان هجرت فرمائي مديني ڏي تشريف فرما ٿيا ۽ سن هجري شروع ٿيو. ڇو ته برهمڻن جي حڪومت جو ڪل زمانو (93) ٽيانوي سال ٻڌايو ويو آهي ۽ جڏهن ته انهي سال يعني سنه 93 هجري ۾ محمد بن قاسم سان مقابلو ڪندي راجا ڏاهر مارجي ويو، تنهنڪري مؤرخن چچ جي تخت نشيني جو سال سنه 1 هجري ٺهرايو آهي، مگر ان سان گڏ هينئن به چيو ويو آهي ته 40 چاليهه سال چچ، اٺ سال سندس ڀاءُ چندر ۽ 33 ٽيٽيهه سال ڏاهر حڪومت ڪئي، جنهن جو ڪل زمانو 81 ايڪاسي ورهيه ٿئي ٿو. ان مشڪلات کي ڏسي ايليٽ گهڻي تحقيقات کان پوءِ هيءَ راءِ قائم ڪئي ته چچ سنه 1 هجري ۾ تخت نشين ٿيو.

جڏهن راجا چچ جي تخت نشيني جي خبر ملڪن ۾ مشهور ٿي تڏهن راءِ سهاسي جي مائٽن جوڌپور ۽ جيپور(2) کان وڏو لشڪر وٺي چچ سان لڙائي ڪرڻ جي تياري ڪئي، انهي ساري لشڪر جو مهندار راڻو مهرت نالي جيپوري هو. هن جيلسمير جي ويجهو پهچي چچ ڏي هڪڙو خط لکيو، جنهن جو مضمون هي هو ته، ”تون ٻانڀڻ ماڻهو حڪومت جي ڪمن مان ڇا ڄاڻين، توکان لڙائي نه پڄي سگهندي. تنهنڪري بهتر آهي ته تون ڪا ڪنڊ وٺي وڃي ويهي رهه. خواه مخواهه پنهنجو سر نه وڃاءِ. تخت جي دعوى ڇڏي ڏي.“ جڏهن اهو خط چچ کي پهتو تڏهن کڻي وڃي راڻي کي پڙهي ٻڌايائين ۽ چيائين ته دشمن اچي پهتو آهي، هاڻي ڇا ڪريان؟ راڻيءَ جواب ڏنس ته جنگ ڪرڻ مڙسن جو ڪم آهي. جيڪڏهن تون ڊڄين ٿو ته اچي هي منهنجي پوتي تون مٿي تي رک ۽ پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته آءٌ وڃي لڙائي ڪريان. چچ اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو شرمسار ٿيو.

راڻيءَ چيس ته خزانو تو وٽ گهڻو ئي آهي ۽ ان کي خرچ ڪرڻ جي هيءَ ئي مهل آهي. تنهنڪري سڀ کان اول لشڪر جي سپاهين توڙي ٻين  نوڪرن کي خوب انعام ڏيئي اهڙو راضي ڪر جو هو تنهنجي لاءِ پاڻ قربان ڪرڻ کان نه هٽن. پوءِ چچ ائين ڪيو ۽ وڏو لشڪر وٺي جنگ جي ميدان کي سينگاريو. انهي وچ ۾ راڻو مهرت به اچي الور جي ويجهو پهتو. جڏهن ٻئي لشڪر هڪ ٻئي کي سامهون ٿي ويا تڏهن راڻي مهرت چيو ته، ”اي ٻانڀڻ! ڇو ٿو ٻنهي پاسن جو لشڪر مارائين! وڙهڻ وارا آهيون تون ۽ آءٌ تنهن ڪري ميدان ۾ اچ ته پاڻ ٻئي هڪ ٻئي سان صفائي ڪريون. جيڪڏهن تون مون کي ماريو ته بيشڪ تخت جو مالڪ تون. ۽ جي مون توکي ماريو ته ملڪ جو والي آءُ ٿيندس.“ چچ لاچار اها ڳالهه قبول ڪري ميدان ۾ نڪري آيو، ۽ راڻو مهرت به لشڪر مان نڪري ٻاهر ٿيو. چچ چيس ته آءٌ برهمڻ ماڻهو آهيان. مون کي گهوڙي سواري جو ايترو تجربو ڪونهي. تنهنڪري ٻئي گهوڙي تان لهي هٿو هٿ لڙائي ڪريون. راڻي اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ گهوڙو هڪڙي سپاهي جي حوالي ڪري پاڻ اچي ميدان ۾ بيٺو. چچ وري ڪهڙي چالاڪي ڪئي جو گهوڙو سپاهي جي حوالي ڪري هن کي چئي ڇڏيائين ته جڏهن آءٌ دشمن کي ويجهو پهچان تڏهن تون هڪدم گهوڙو مون وٽ آڻي حاضر ڪج. پوءِ جڏهن ٻئي پاڻ ۾ ويجها ٿيا ۽ ڀانيائون ته تلوار يا ڀالي سان هڪ ٻئي تي حملو ڪريون ته ان وقت چچ جي گهوڙي واري سپاهيءَ هڪدم گهوڙو وٺي اچي هن جي سامهون ڪيو ۽ هو ٽپ ڏيئي ان تي سوار ٿيو ۽ تلوار ڪڍي هڪدم راڻي مهرت جي مٿي تي اهڙي زور سان هنيائين جو هڪڙيئي ڌڪ سان راڻو وڃي پٽ تي ڪريو ۽ مري ويو. راڻي جي لشڪر اها حالت ڏسي وٺي ڀاڄ کاڌي. چچ لشڪر سميت انهن جي پٺيان ڪاهي پيو، ڪن کي ماريائين ۽ ڪي ڀڄي ويا. چچ راڻي مهرت تي فتح ماڻي اُهو ڏينهن اُتي ئي جنگ جي ميدان ۾ ترسي پيو ۽ ٻئي ڏينهن وڏي دٻدٻي سان الور موٽي آيو ۽ ماڻهن ۾ ڏاڍي خوشي پيدا ٿي. جشن ملهائڻ لاءِ بازارن ۾ ڏيئا ٻاريائون ۽ هر طرف کان ”مبارڪ سلامت“ جا نعرا بلند ٿي ويا.

راجا چچ جو ملڪ ۾ دورو ۽ سندس فتحون

ان کان پوءِ راجا چچ پنهنجي ڀاءُ چندر کي هڪ لکيل حڪمنامي سان الور جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ ان مضمون جو هڪ ٻيو فرمان جاري ڪيو ته منهنجو ڀاءُ چندر منهنجو نائب آهي. چچ جي حڪومت جي ڪمن ۾ صلاحڪار ٻڌيمن هو، جنهن کان هن حڪمراني جا گهڻا اصول ۽ ملڪ جي اصلي حالت پڇي. ٻڌيمن ڪنڌ جهڪائي وڏي ادب سان عرض ڪيو ته ”ايشور، مهاراج کي هميشہ سلامت رکي ۽ سڀ سردار حضور جي تابع فرمان آهن. هي ملڪ اصل کان هڪ بلڪل وڏي سلطنت جي حيثيت رکندو آيو آهي. ”چچ وزير ٻڌيمن جي زبان کان جڏهن ادب وارو جواب ٻڌو تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو. سندس دانائي جي تعريف ڪيائين. پوءِ هر طرف لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ حڪم موڪليائين. گهڻن مڪانن جي عملدارن کان مدد گهريائين ۽ هڪ زبردست لشڪر تيار ڪري پڌرو ڪيائين ته آءٌ هندستان جي انهي سرحد تي ويندس. جتي ترڪن جي سرحد مليل آهي. نجومي پنڊتن هڪ ڀلارو وقت مقرر ڪيو تنهن پوري وقت تي هو فوج کي پنهنجي جهنڊي هيٺ آڻي تختگاهه کان نڪري روانو ٿيو. گهڻيون منزلون طئي ڪري قلعي بابيا تي پهتو جيڪو بياس ندي جي ڪناري تي آهي. هتي جي قلعدار نڪري ٻاهر مقابلو ڪيو. لڙائي ۾ جڏهن گهڻي خونريزي ٿي چڪي تڏهن هن ڀڄي وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي. ان فتح کان پوءِ راجا چچ ڪيترن ڏينهن تائين جنگ جي ميدان ۾ ئي تنبو هڻائي ويهي رهيو. ۽ قلعي جو نهايت سختي سان گهيرو ڪيو. قلعي وارن کي جڏهن کاڌي پيتي لاءِ ڪجهه به نه رهيو تڏهن تنگ ٿي سڀني کان اڳ م قلعدار هڪ رات اونداهي ۾ وجهه وٺي سڀني کي اتي ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ وڃي قلعي اسڪلنده ۾ لڪي پنهنجي جان بچائي.

اسڪلنده قلع جي فتح

قلعو اسڪلنده پابيا جي قلعي کان به زياده مضبوط هو. جڏهن چچ جي جاسوسن کيس اطلاع ڏنو ته غنيم اسڪلنده جي قلعي ۾ آهي تڏهن پابيا ۾ هڪ نائب ڇڏي پاڻ اوڏانهن روانو ٿيو ۽ اسڪلنده جي سامهون ميدان ۾ تنبو لڳائي ويهي رهيو. ان قلعي ۾ هڪ شخص وڏي اثر وارو هو، جنهن کي لشڪر وارا ۽ ٻيا معزز ماڻهو سڀ پنهنجو رهبر ڪري سمجهندا هئا. چچ هن کي پنهنجي جاسوسن جي وسيلي اطلاع ڏنو ته جيڪڏهن تون پابيا جي راجا چتيسر کي گرفتار ڪري اسان وٽ پهچائين يا کيس مارين ته آءٌ اسڪلنده جو حاڪم توکي تسليم ڪندس ۽ قلعو پابيا به تنهنجي حوالي ڪندس. اهو شخص لالچ ۾ راضي ٿي ويو ۽ ضمانت جي طور پنهنجي پٽ کي راجا چچ جي خدمت ۾ موڪلي ڏنو، ۽ پاڻ راجا چتيسر جي دربار ۾ وڃي اهڙي خوشامد برآمد جون ڳالهيون ڪيون جو هن جي دل ۾ وڏي ڀروسي وارو ٿي ويو. هر وقت ۽ هر حال ساڻس گڏ رهڻ لڳو. آخر هڪ ڏينهن وجهه وٺي هن کي ماري ۽ سندس سر وڍي راجا چچ ڏي موڪلي ڏنو، انهيءَ خدمت جي عيوض راجا چچ سندس وڏي عزت ڪئي. ساڻس نهايت مهرباني سان پيش آيو ۽ کيس انعام اڪرام سان ڀري ڇڏيائين. پڻ ڪيل انجام موجب قلع اسڪلنده جو خود مختيار والي مقرر ڪيائينس. انهن عنايتن جو هي نتيجو ٿيو جو هن شخص سڄي حياتي ۾ ڪڏهن به راجا چچ جي نافرماني نه ڪئي.

قلعي سڪه جي فتح

اسڪلنده فتح ڪري راجا چچ سڪه ۽ ملتان جي پاسي وڌيو. هتي هڪ سردار هو جو راءِ سهاسي جي قرابت وارن مان هو. هي هڪ وڏي ملڪ تي قابض هو، ۽ هن جي قوت ۽ قابليت به ڪا گهٽ نه هئي. جڏهن کيس راجا چچ جي حملي جو حال معلوم ٿيو تڏهن وڌي اڳتي آيو ۽ راوي ندي جي ڪناري تي اچي منزل ڪيائين. هن جو ڀائٽيو سوهيول سڪه جي قلعي جو مالڪ هو جو ملتان کان اُڀرندي طرف هو. اهو سوهيول هڪ زبردست لشڪر وٺي راجا چچ جي مقابلي لاءِ آيو. هيڏي راجا چچ بياس ندي جي ڪناري تي اچي لٿو. ڏينهن هئا گرمي جا. درياءَ ۾ پاڻي بلڪل تيز هو تنهن ڪري ٽي مهينا پاڻي گهٽجڻ جي انتظار ۾ ويهي رهيو. جڏهن وقت آيو تڏهن دريا پار اُڪري وڃي قلعي سڪه تي پهتو ۽ لڙائي لڳي. چچ جي اقبال سوهيول کي شڪست ڏني ۽ هو ڀڄي وڃي قلعي ۾ پناهه گزين ٿيو. چچ جو لشڪر قلعي کي گهيرو ڪري ويو. ٿوريئي وقت ۾ سوهيول تنگ ٿي قلعي مان نڪري ڀڄي ويو ۽ وڃي ملتان ۾ پناهه ورتائين. چچ سڪه تي قبضو ڪري اُتي جا پنج هزار سپاهي قتل ڪيا ۽ رعيت جي گهڻن ماڻهن کي قيد ڪري ٻانهيون ٻانها ڪيائون. امير علاؤ الدوله (1) کي هتي جو امير مقرر ڪي چچ ملتان ڏي وڌيو.

چچ جو ملتان تي حملو ۽ ان جي فتح بعد اڳتي وڌڻ

قلعي سڪه کي فتح ڪري راجا چچ ملتان ڏي روانو ٿيو ۽ اچي رواي ندي جي ڪناري تي منزل ڪيائين. تن ڏينهن ۾ راوي درياءَ ملتان جي ڀر ۾ ويهندو هو.

ملتان ۾ جيتوڻيڪ اتي جي راجا بجهرا زبردست لشڪر ۽ هاٿين جون صفون ساڻ ڪري اچي مقابلو ڪيو، مگر ڇا ڪري جو چچ جي اقبال جو ستارو بلند هو. نتيجو هي ٿيو جو سڪست کائي قلعي ۾ گهيرجي ويو، ۽ پنهنجي هن حال جو هڪ خط ڪشمير جي راجا کي لکيائين ته ”هڪ برهمڻ الور ۾ قابض ٿي سنڌ جي حڪومت جو تاجدار بڻجي ويو آهي. مون ۾ ساڻس مقابلي جي طاقت ڪانهي ۽ نڪي ڪو ٻيو سردار هن وقت تائين هن جو تاب سهي سگهيو آهي. هينئر انهي برهمڻ چچ ملتان تي اچي گهيرو ڪيو آهي تنهنڪري اوهان منهنجي مدد ڪريو ته مون تان هي آفت ٽري وڃي نه ته خير ڪونهي.“ بجهرا جي بدنصيبي جو ڪشمير جو راجا تن ڏينهن ۾ سفر آخرت جو ڪيو هو ۽ هن جي جاءِ تي هڪ نابالغ ڇوڪر ويهاريو ويو هو، جنهن خود تي هر طرف کان باغي ۽ سرڪش ڪاهون ڪري رهيا هئا. هي خط پهتو تڏهن وزيرن گڏجي هيءَ راءِ قائم ئي ته ”هن وقت جڏهن اسين پاڻ مصيبت ۾ گرفتار آهيون ۽ پنهنجو ملڪ سنڀالڻ به مشڪل ٿي پيو اٿئون تڏهن ٻئي ڪنهن جي مدد ڪيئن ڪري ٿا سگهون؟“

هن مضمون جو خط جڏهن دربار ڪشمير مان بجهرا کي مليو تڏهن نااُميد  ٿي هن چچ کي پيغام موڪليو ته توهان جي مرضي هجي ته آءٌ هتان هليو وڃان ۽ منهنجي پٺيان حملو نه ٿئي. چچ اها درخواست منظور ڪئي. بجهرا پنهنجي رفيقن کي وٺي هليو ويو ۽ چچ ڪامراني ۽ وڏي خوشي سان ملتان ۾ داخل ٿيو ۽ هي صوبو به سندس حڪومت ۾ داخل ٿي ويو. چچ مندر ۾ وڃي ديوتائن جي اڳيان سر نمايو ۽ ٻل چاڙهي. هڪ ٺاڪر کي شهر جو والي مقرر ڪري پاڻ اڳتي وڌڻ جون تياريون ڪيائين. بجهرا کي مغلوب ڪري ملتان فتح ٿيڻ کان چچ جو ڌاڪو ساري ملڪ تي اهڙو ويهي ويو جو سڀني سرڪشن جا حوصلا هيسجي ويا. برهماپور، ڪرار ۽ اشهار جي حاڪمن هن جي اڳيان اچي گردن جهڪايو. هاڻي اڳتي وڌي ڪمبا ۽ ڪشمير جي حدن ڏي هليو. رستي ۾ ڪو به راجا ساڻن سامهون نه ٿيو. جتي ويو اتي جا ماڻهو سندس مطيع ٿيندا ويا. آخر هلندي هلندي شاڪلها جي قلعي تي وڃي پهتو جو ڪمبا جي نالي سان مشهور هو، ۽ هندوستان جي سرحد تي هو. هتي هڪ مهيني تائين کپ کوڙي ويهي رهيو. اوسي پاسي جي ڪن سردارن کي سندن سرڪشي ۽ بدخواهي سبب سزائون ڏنائين ۽ پنهنجي جهنڊي هيٺ هڪ تمام وڏي فوج ڪڍي ڪري هن علائقي جي سردارن ۽ اميرن سان عهدناما ڪيائين. اهڙي ريت پنهنجي سلطنت جو بنياد مضبوط ڪري ويو.

چچ جو الور ڏي موٽڻ

ڪشمير جي طرف پنهنجي سرحد قائم ڪري چچ پنهنجي تختگاهه الور ۾ موٽي آيو ۽ سفر جي ڪري ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هڪ سال تائين اتي ئي ويهي رهيو. هاڻي ته هن وٽ فوج هٿيار ۽ رسد جو سامان خوب طرح گڏ ٿي ويو هو. تنهنڪري گهر جي لذتن جو پورو لطف حاصل ڪري وري سندس دل ۾ ملڪ گيري جو حرص پيدا ٿيو ۽ وزير سان پنهنجي دل جي منشا ظاهر ڪيائين ته ڪشمير جي طرف سرحد تائين پورو انتظام ٿي ويو ۽ ڪنهن کي مجال نه ٿيندي جو ڪا سرڪشي ۽ بغاوت ڪري. هاڻي منهنجو ارادو آهي ته ڏکڻ ۽ الهندي جي طرف توجه ڪريان، وزير راجا جي همت ۽ بلند حوصلي جي تعريف ڪري چيو ته ”بيشڪ اوڏانهن جا ماڻهو چوندا هوندا ته راءِ سهاسي جي زماني کان وٺي اڄ تائين ڏاڍي بي پرواهي آهي جو اسان کان ڪنهن ڍل به صول نه ڪئي آهي.“

چچ جو ڏکڻ الهندي طرف روانو ٿيڻ

وزير کان صلاح وٺڻ شرط راجا چچ سفر جي تياري ڪئي ۽ سيوستان (سيوهڻ) ۽ بوداپور (1) جي طرف ڪوچ ڪيو. سيوستان ۾ متو نالي هڪ حاڪم هو. چچ سنڌوندي اُڪري ٻڌيا جي طرف روانو ٿيو. جتي جو حاڪم ڀنڊر گوڀاگو نالي ڪنهن نامور شخص جو پوٽو هو ۽ ان جي گادي جو هنڌ شهر ڪاڪاراڄ هو جنهن کي اُتي جا ماڻهو سويس چوندا هئا. چچ حملو ڪري هي قلعو فتح ڪيو ۽ اتي جي حاڪم جي طرفان ڪاڪي جي پٽ وڪيي حاضر خدمت ٿي معافي طلب ڪئي ۽ هميشه ڍل ادا ڪندو رهڻ جو انجام ڪيو ۽ اطاعت قبول ڪئي.

چچ جو سيوستان تي حملو ۽ فتح

سويس کي فتح ڪري راجا چچ سيوستان وڃي پهتو. اتي جو سردار متو ڊڄندو ڊڄندو مقابلي لاءِ نڪتو ۽ وڙهيو مگر شڪست کائي وڃي قلعي ۾ پناهه ورتائين. چچ گهيرو ڪيو. هڪ هفتي جي اندر قلعي وارن جا حواس بگڙي ويا ۽ امن جي طلب ڪيائون. آخر اطاعت ۽ قلعي جي حوالگي جا شرط فيصلو ٿيا. قلعي وارا قلعي جون ڪنجيون چچ جي حوالي ڪري هليا ويا. پناهه ڏيڻ بعد راجا چچ ساڻس چڱو سلوڪ ڪيو. جيئن ته ساڳئي متو کي هتي جو حاڪم مقرر ڪي پنهنجو هڪ آفيسر اتي ويهاري ڇڏيو. انهيءَ لاءِ ته هو هميشه هن جي روش جي نگهباني ڪندو رهي. راجا چچ هتي گهڻا ڏينهن رهي پيو ۽ سلطنت جي متعلق گهڻا احڪام جاري ڪيا.

چچ جو برهمڻ آباد ڏي روانو ٿيڻ ۽ سندس فتح

هن جنگ جي ختم ٿيڻ بعد راجا چچ برهمڻ آباد جي حاڪم اگهم لوهاڻي جي طرف توجه ڪئي. اتفاق سان فوج وارن هڪڙو قاصد گرفتار ڪيو جو اگهم جو هڪ خط سيوستان جي والي متو وٽ کڻي ٿي ويو. جنهن ۾ هن متو سان هڪ مضبوط اتحاد قائم رکڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ کيس اجازت ڏني هئائين ته منهنجي علائقي ۾ جتي توهان جي دل گهري اتي مزي سان رهو. انهي خط جي عبارت مان ظاهر ٿي ٿيو ته اگهم پنهنجو پاڻ کي خانداني راجا ۽ پورو بادشاهه سمجهو ٿي. هن جي انهيءَ خط مان متو ته ڪجهه فائدو حاصل ڪري نه سگهيو بلڪ هو پاڻ به هن سر زمين کي خير باد چئي هندستان جي هڪ راجا جي دربار ۾ هليو ويو، جنهن جو نالو ڀٽي هو.

هي خط ڏسي راجا اگهم لوهاڻي کي خط لکيو ته ”تون پنهنجي شان شوڪت ۽ خانداني نسب جي لحاظ سان بادشاهه هجڻ جو دعوى دار آهين ۽ مون کي هيءَ سلطنت، خزانو، عزت ۽ قوت ڪنهن مائٽاڻي ورثي ۾ نه ملي آهي، بلڪ ايشور جي مهرباني سان. تنهنڪري آءُ هر حال ۾ انهي ئي جي مدد تي ڀروسو رکان ٿو. مگر توکي جنهن صورت ۾ ايشور کان سواءِ پنهنجي قوت تي ڀروسو آهي، تنهنڪري تون يقين ڪر ته توکان هي سڀ نعمتون کسجي وينديون، ۽ تنهنجي هٺ جي ڪري آءٌ تنهنجي جان وٺڻ جائز سمجهان ٿو.“

هي خط موڪلي پاڻ به روانو ٿيو. برهمڻ آباد جي ويجهو پهچي لڙائي جو اعلان ڪيو. ٻنهين ڌرين جون فوجون هڪٻئي جي سامهون ٿيون ۽ لڙائي جي بازار گرم ٿي ويئي. نهايت ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ بعد اگهم لوهاڻا جي فوج هٽڻ لڳي، تڏهن هن ڀڄي وڃي قلعي برهمڻ آباد ۾ پناهه ورتي. چچ هڪ سال تائين برابر هن کي گهيرو ڪيو ويٺو هو. گهيري ۾ ڦاسي وڃڻ بعد اگهم هندوستان جي راجا ستبان کان جيڪو راسل جو پٽ هو مدد گهري، مگر انهي خط جي جواب اچڻ کان اڳ اگهم مري ويو.

چچ ۽ ٻڌرڪو تپسي

انهن ڏينهن ۾ ڌنووهار نالي ويجهڙائي ۾ ٻڌ ڌرم جو هڪ عاليشان مندر هو، جنهن ۾ ٻڌرڪو نالي ٻڌ ڌرم جو هڪ وڏو عابد ۽ زاهد شخص رهندو هو. هي وڏو تپسي هو ۽ اوسي پاسي ۾ گهڻي حد تائين مشهور هو. ماڻهو سندس زيارت لاءِ ايندا هئا ۽ هن جي حڪم تي هلڻ ثواب سمجهندا هئا. هي زاهد اگهم لوهاڻا جو گرو هو. اگهم جڏهن قلعي جي اندر گهيري ۾ هو تڏهن ان پنڊت هن جي لاءِ جاپ شروع ڪئي هئي ۽ پنهنجي منترن ۽ ٽوڻن کان ڪم وٺڻ لڳو مگر انهي وچ ۾ جڏهن اگهم مري ويو ۽ سندس پٽ جانشين ٿيو تڏهن هن تپسي عابد کي ڏاڍو صدمو پهتو، ۽ صدمي سان گڏ سندس دل ۾ هي خيال ٿيو ته شايد ايشور ئي راجا چچ جي مدد ڪري رهيو آهي، پوءِ پنهنجي الهامن کان ڪم وٺي يقين ڪيائين ته بيشڪ راجا چچ ساري ملڪ تي قابض ٿي ويندو. تنهن ڪري پشيمان ٿي ماٺ ڪري ويهي رهيو، ۽ هن جي ماٺ اختيار ڪرڻ بعد مري ويل راجا جي پٽ هڪدم هار کاڌي، ڇو ته ساري فوج لڙائي کان جواب ڏيئي ويٺي ۽ برهمڻ آباد جي برجن تي چچ جو جهنڊو چاڙهيو ويو.

گهيري هلندي راجا چچ کي جڏهن هي حال معلوم ٿيو ته ان پنڊت، اگهم ۽ سندس پٽ جي مدد ڪئي آهي، ۽ هي لڙائي انهي ئي جي عملن ۽ روحاني اثر کان هڪ سال تائين قائم رهي، تڏهن قسم کاڌائين ته قلعي تي قبضو ڪرڻ شرط انهي پنڊت کي گرفتار ڪري سندس کل لهرائيندس، ۽ سندس کل مان نقارا مڙهائيندس ۽ لاش ٽڪرا ٽڪرا ڪري اڇلارائي ڇڏيندس. چچ جي هن قسم جي خبر سڻي اهو عابد کليو ۽ چيائين ته ”هيءَ ڳالهه ته سندس قدرت کان ٻاهر آهي.“

بهرحال چچ برهمڻ آباد کي فتح ڪري هار کاڌل ڌر سان مهرباني جو  سلوڪ ڪيو. اگهم جو پٽ سربند پنهنجي واسطيدارن سميت اچي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ چچ کين اتي ئي رهڻ جي اجازت ڏني. ٿورن ڏينهن بعد سربند جي ماءُ کي پنهنجي نڪاح ۾ آندائين ۽ پنهنجي ڀائٽي جي ڌيءَ ڌرسا هن کي ڏنائين. پوءِ هڪ سال تائين اتي ئي ويهي ڍلون وصول ڪرڻ جي انتطام ۾ لڳي ويو. ايترن ڏينهن جي ويسر کان پوءِ هڪ ڏينهن اهو پنڊت ياد پيس ۽ سندس پڇا ڪيائين. سردارن جواب ڏنس ته سائين! اهو نووهار جي مندر جي متولي آهي ۽ اتان جي سڀني راهبن ۽ عابدن جو پيشوا آهي. راجا کي ڊيڄارڻ لاءِ هن جي بزرگي جون اهڙيون اهڙيون ڳالهيون ٻڌايائون جن جي اصليت ڪجهه به نه هئي. چيائونس  هت هن کي منترن جو ايتري قدر زور آهي جو هو سارو جهان پنهنجي مطيع ڪري ٿو سگهي. هو پنهنجون سڀ ضرورتون منترن جي وسيلي پوريون ڪري ٿو وغيره وغيره. مگر چچ کي انهن ڳالهين جو ڪجهه به اثر نه ٿيو ۽ ظاهر ته پنهنجي ارادي کي لڪايائين مگر دل ۾ پنهنجي قسم پوري ڪرڻ لاءِ پوري طرح تيار هو.

جيئن ته هڪ ڏينهن پنهنجي ڪن خاص جوانن سان گڏ گهوڙي تي سوار ٿي ٻڌ ۽ ڪنڌار جي طرف روانو ٿيو ۽ ماٺ ميٺ ۾ پنهنجي رفيقن کي سيکاري ڇڏيو هئائين ته آءٌ ان تپسي برهمڻ سان ملندس ۽ ساڻس ملي جلي ڳالهيون ٻولهيون ڪري جڏهن آءٌ اُٿي کڙو ٿيان ۽ اکيون کڻي اوهان ڏي نهاريان تنهن مهل توهان هڪدم تلوارون مياڻ مان ڪڍي اهڙو ڌڪ لڳائجوس جو سسي اڏامي وڃي پري پيوس. اهو سبق پاڙهي سيکاري مندر ۾ داخل ٿيو ۽ ڏٺائين ته اهو تپسي هڪ ٿلهي تي ويٺو پوڄا پاٺ ڪري پيو، هڪڙي ڳوهيل مٽي سندس اڳيان رکي آهي ۽ هڪ سانچي جهڙي شيءِ سندس هٿ ۾ آهي جنهن ۾ اها مٽي وجهي ديوتائن جون مورتون ٺاهيندو هڪ پاسي رکندو ٿو وڃي. راجا چچ هن جي ويجهو وڃي بيهي رهيو، مگر هو انهي زبردست فاتح ۽ طاقتور  راجا جي طرف تيسين اک کڻي به نه نهاريو، جيسين پنهنجي ڪم کان واندو ٿيو. تنهن کان پوءِ نهايت بي پرواهي سان ڏانهس نهاري چيائين ته ” ڇا سيلائج پنڻي جو پٽ آيو آهي؟“ راجا چيو ”هائو“ پڇيائين ته ”ڇو؟“ راجا عرض ڪيو ته ”اوهان جي درشن لاءِ“ تڏهن هن هڪڙو سٺو ڪپڙو کيس ويهڻ لاءِ وڇائي ڏنو ۽ چيائين ته ”ويهو“ راجا چچ جڏهن ويٺو تهن هن کي برهمڻ آباد ۾ هلي ويهڻ، سلطنت جي حال تي مهرباني ڪرڻ ۽ اگهم جي پٽ سربند جي مدد ڪرڻ جي درخواست ڪيائين، راجا جي درخواست ٻڌي جواب ڏنائين ته مون کي توهان جي دنيا سان ڪو واسطو ڪونهي. مگر منهنجي نزديڪ ٻڌ جي سيوا ڪرڻ ۽ ايندڙ جهان جي بهتري ڳولهڻ هن دنيا جي سڀني عهدن ۽ مرتبن کان افضل ۽ اعلى اهي، مگر انهي هوندي به تون جڏهن ملڪ جو راجا آهين تڏهن تنهنجي حڪم مڃڻ ۾ ڪو عذر ڪونهي. آءٌ پنهنجي سڀني چيلن سوڌو هينئر جو هينئر توسان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيان، مگر آءٌ آهيان ٻڌ ڌرم جو پوڄاري ۽ مون کي انديشو آهي ته تنهنجي قلعي وارا جي ٻڌ ڌرم جي برخلاف آهن سي متان منهنجي اچڻ کي ناپسند ڪندا هجن ۽ انهن ڪري الٽو ڪي جهڳڙا ۽ فساد نه ٿي پون. چچ جواب ڏنو ته اوهان جو ڌرم سچو آهي آءٌ هن جي خلاف نه آهيان. اوهان کي اتي جنهن به شيءَ جي ضرورت پوندي سا آءٌ پنهنجو فرض سمجهي توهان جي اڳيان حاضر ڪندس. تپشي چيو ”آءٌ توهان کان هن دنيا جي ڪا به شيءِ نٿو گهران“ چچ چيو ته ”ڀلا ڪا ڌرمي خدمت منهنجي لائق هجي ته فرمايو“ تنهن تي چيائين ته ”ساوندسي وارو نووهار جو مندر آهي جو ڪرڻ کي ويجهو ٿي ويو آهي تنهن جي مرمت ڪرايو“ اها خذمت چچ پنهنجي زمي ڪئي ۽ موڪلائي اٿي هليو.

جڏهن گهوڙي تي سوار ٿي واپس هليو، تڏهن وزير حيرت سان چيو ته ”مهاراج! توهان کي ته ان پنڊت جي مارائڻ جو ارادو هو مگر ملاقات ٿيڻ شرط توهان مٿس عاشق ٿي پيا ۽ هن جي سڀڪا ڳالهه مڃي ورتي سو ڪيئن؟“ چچ جواب ڏنو ته مون کي هتي هڪ اهڙي شيءِ نظر ائي جنهن کي نه جادو چئي ٿو سگهان نه طلسم. اهو هي هو جو ان جي مٿي برابر ڏٺم ته هڪ هيبت ناڪ ديو پنهنجي چمڪندڙ بڙڇي منهنجي مٿان کنيو بيٺو آهي. ان کي ڏسي آءٌ اهڙو ڊنس جو ڳالهائي به نه پيو سگهان تنهنڪري مٿس حملو ڪرڻ بجاءِ خود مون کي اچي پنهنجي ساهه جو ڊپ ٿيو.“

جاٽن ۽ لوهاڻن تي سختي

هتان قلعي برهمڻ آباد واپس وڃي راجا چچ گهڻا انتطام ڪيا ۽ رعيت تي سرڪاري ڍلون مقرر ڪيون. جاٽن ۽ لوهاڻن ۾ بغاوت ۽ سرڪشي جو مادو ڏسي کين بلڪل دٻائي پائمال ڪري ڇڏيو، انهن جو هڪ هڪ ضامن برهمڻ اباد ۾ رکيو. هنن لاءِ هي قانون جاري ڪيائين ته مصنوعي تلوار کان سواءِ اصلي تلوار ڪو به نه کڻي، شال، مخمل ۽ ريشم جا ڪپڙا هو بلڪل نه ڍڪين، پر جيڪڏهن ڍڪين ته فقط ڳاڙهي يا ڪاري رنگ جا هجن، گهوڙي تي سنج نه رکن. اُگهاڙي پٺيءَ چڙهن، مٿو ۽ پير هميشه اگهاڙا رکن، جتي ۽ ٽوپي يا پڳ نه پائين، ٻاهر نڪرن ته ڪتو ساڻ هجين، برهمڻ آباد جي سردارن کي سندن بورچي خانن لاءِ ٻارڻ جون ڪاٺيون موجود ڪري ڏين، جاسوسي ۽ قاصدائيءَ جي خدمت پڻ بجاءِ آڻين، جنهن ڪم تي مقرر ڪجن سو سچائي سان ڪن، سربند جي هميشه اطاعت ڪن ۽ ملڪ تي ڪو غنيم حملو ڪري ته سندس جهنڊي هيٺ گڏ ٿي لڙائي ڪن.

راجا چچ جو ڪرمان جي طرف وڃي پنهنجي حد قائم ڪرڻ

هي سڀ انتظام ڪري راجا چچ ڪرمان جي طرف وڃڻ جو ارادو ڪيو. ڪرمان تي ايرانين جو قبضو هو ۽ سنڌ جي حڪومت جون حدون ان سان مليل هيون. هاڻي هي اهو زمانو هو جو حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جن کي مڪو ڇڏي مديني ۾ تشريف فرما ٿئي ٻه سال گذري ويا هئا، ايران جي حالت نازڪ ٿي رهي هئي. ڇو ته مشهور ساساني تاجدار خسرو پرويز دنيا مان موڪلائي ويو هو. ان کان پوءِ تخت نشين جي معاملي ۾ اختلاف پيدا ٿيو. تڏهن اميرن پاڻ ۾ صلاح ڪري بادشاهي خاندان جي هڪ شهزادي کي تخت تي ويهاري سلطنت جي واڳ ان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي هئي. هيءَ خبر ٻڌي جڏهن راجا چچ کي خاطري ٿي ته اڄ ڪلهه ايراني حڪومت ڪنهن به ڳالهه ۾ آڏو اچي نه سگهندي تڏهن هڪ زبردست فوج تيار ڪري پنڊتن کان مبارڪ وقت پڇي، ان وقت ارمن بيل (1) جي طرف ڪوچ ڪيو.

ارمن بيل (لس ٻيلي) جو حاڪم ٻڌ ڌرم جو پوڄاري هو. هي نه رڳو دنيوي معاملات ۾ اتي جو حاڪم هو. مگر ڌرمي حيثيت ۾ به گروءَ جو درجو رکندو هو. راجا جي اچڻ جي خبر ٻڌي هو سندس استقبال لاءِ آيو. ٻنهين جي وچ ۾ دوستيءَ جو عهدنامون ٿيو ۽ هتان بي فڪر ٿي چچ اڳتي وڌيو. واٽ تي جيڪي به سردار مليا تن اطاعت  قبول ڪئي. جبلن مان لنگهي هڪ پراڻي قلعي ۾ پهتو، جو ڪنارپور جي نالي سان مشهور هو، هي اهو مڪان آهي جنهن کي عام طرح عرب جا جغرافيه نويس قنزپور لکن ٿا. چچ هن ويران قلعي کي نئين سر اڏايو ۽ قديم هندوستاني رسم مطابق مٿس نوبت رکائي پنهنجا سپاهي وهاري ڇڏيا، جي صبح شام اها نوبت وڄائيندا هئا. پوءِ اڳتي وڌي انهيءَ درياءَ جي ڪناري وڃي لٿو جو ڪرمان ۽ مڪران جي وچ ۾ وهي ٿو. ان جاءِ تي هن پنهنجي حڪومت جي اڀرندين سرحد قائم ڪئي ۽ ندي جي ڪناري بلڪل گهڻي انداز ۾ کجين جا وڻ پوکايا ته اهي ايران ۽ سنڌ جي حڪومت جو پتو ڏيندا رهن.

راجا چچ جو الور ڏي موٽڻ

راجا چچ ايران ۽ سنڌ جي سرحد قائم ڪري لس ٻيلي  موٽي آيو ۽ علائقي توران کي طئي ڪري اچي ريگستاني زمين ۾ پهتو. هاڻي ڪنهن کي به هن سان مقابلي جي جرات باقي نه رهي هئي. جيئن ته هو قندابيل(2) مان ٿيندو درياءَ سيني جي ڪناري اچي منزل انداز ٿيو. هتي جي ماڻهن مجبور ٿي آڻ مڃي ۽ چچ کانئن هر سال هڪ لک درهم ڍل ۽ هڪ سؤ پهاڙي گهوڙا ڏيڻ جو وعدو وٺي پنهنجي تختگاه الور ۾ موٽي آيو ۽ وري ڪڏهن به کيس الور کان ٻاهر نڪرڻ جي نوبت نه آئي، ۽ پوري ڪاميابي سان چاليهه ورهيه حڪومت ڪري دنيا مان هليو ويو.

نوٽ: چچ جي اسلامي سلطنت سان ڇيڙ ڇاڙ جو ذڪر ڪنهن سهولت جي بنا تي اڳتي هلي عربن جي احوال سان گڏ باب ڇهين ۾ ڪيو ويو آهي.


(1)  هي تحرير (لکت) تحفته الڪرام جي آهي مگر حقيقت ۾ پوري خبر نٿي پوي ته هي گهراڻو ڪهڙي وقت کان وٺي هتي جو حڪمران ٿيو آهي.

(1) اڳوني وقت جي صوبيدار اڄوڪي وقت جي صوبيدار جهڙو نه سمجهڻ گهرجي، بلڪ اهو صوبيدار اهڙو هو جهڙو اڄ ڪلهه گورنر.

(1)  جهڙي طرح راءِ سهارس جي گهراڻي جي پوري معلومات نٿي ٿئي ته هو ڪير آهي ۽ اصل ڪهڙي گهراڻي مان آهي، تيئن هن بادشاهه نيمروز جي به خبر ڪانهي ته هي ڪهڙو تاجدار هو؟ جنهن طرف کان حملو ٿيو اهي تنهن مان ڀانئجي ٿو ته هي ڪو ايران جو بادشاهه آهي.

(1)  ان راڻيءَ جو نالو ڪن مؤرخن سوڀن ديوي به لکيو آهي

(2)  هن راجا کي مير معصوم جيپور جو، تحفته الڪرام واري چتور جو ۽ چچ نامي ۾ هڪ هنڌ جيتور ۽ ٻئي هنڌ جيپور لکيو آهي. تنهنڪري شڪ آهي ته اهي ئي اڄوڪا شهر جيپور ۽ چتور آهن يا انهن ڏينهن ۾ اڃان ئي ڪو ٻيو اهڙي نالي وارو ڪو شهر هو.

(1)  چچ نامه جي مصنف جو هي لکڻ ته چچ علاؤالدوله نالي هڪ شخص کي حاڪم مقرر ڪيو نهايت حيرت انگيز آهي، غالباً هي ڪو هندو نالو آهي جو عربي چرخي تي چڙهي علاؤالدوله بڻجي ويو آهي نه ته انهي زماني ۾ هن قسم جو نالي هجڻ امڪان کان ٻاهر آهي ڇو ته هتي تن ڏينهن ۾ اڃان ڪو ماڻهو اسلام جي نالي کان به واقف نه هوندو.

(1)  غالباً هي شهر اڄوڪي وقت جو ٻڍاپور آهي.

(1)  لس ٻيلي              (2) قندابيل مان قنڌار مراد آهي   

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org