بکر جو قلعو نئين سر ٺهرائڻ
انهيءَ کان پوءِ مرزا شاهه بيگ بکر جي قلعي ۾
آيو. قلعي کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سڀني اميرن وزيرن
۽ سپاهين کي قلعي ۾ زمين جا ٽڪر ونڊي ورڇي ڏنائين
۽ ساري قلعي جي ماپ ڪرايائين ۽ اميرن امرائن کي
حڪم ڏنائين ته هٿو هٿ ڪري پنهنجيون جايون ۽
حويليون تيار ڪرائي وٺو، الور جو قلعو، جيڪو هندو
راجائن جي حڪومت وقت سنڌ جو تختگاهه هو، سو ڊهرائي
ان جون سرون ۽ ٻيو سامان گهرائي بکر جي قلعي جي
ٻاهرين ڀت نئين سر ٺهرايائين. بکر جي آسپاس جيڪي
ترڪن ۽ سمن جون عمارتون هيون، سي به ڊهرائي انهن
مان هٿ آيل سامان به قلعي وارين عمارتن ۾ ڪم
آڻايائين. قلعي جي بنياد وجهائڻ وقت مرزا شاهه بيگ
پنهنجي پٽ مرزا شاهه حسن کي چيو، ته ”هي ٻه
ٽڪريون، جيڪي ڏکڻ طرف آهن، سي هن قلعي کي عيبدار
بنائينديون، تنهن ڪري پهريائين انهن ٽڪرين جو ڪو
بلو ڪجي پوءِ قلعي جي عمارت ۾ هٿ ڳنڍجي“. ڪجهه وقت
ويچار ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ئي وري چيائين، ته ”قلعو
پهريائين تيار ڪرڻ گهرجي، پوءِ ٻي ڳالهه. جنهن
صورت ۾ وڏو درياءُ قلعي جي چوگرد آهي، تنهن صورت ۾
انهن ٽڪرين مان ڪو به انديشو ڪرڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ
جو ڪو به پختن پيرن وارو بادشاهه هن ننڍڙي قلعي هٿ
ڪرڻ جو خيال ئي ڪين ڪندو، ۽ ڪو شڪست کاڌل بادشاهه
۽ امير هن قلعي تي ٽڪي نه سگهندو.“
ائين چئي قلعي تيار ڪرائڻ ۾ لڳي ويو ۽ ٿورڙي ئي
وقت ۾ قلعي جي عمارت تيار ڪرائي ورتائين. قلعي جو
هڪڙو پاسو خاص پنهنجي ۽ پنهنجي پٽ مرزا شاهه حسن
جي خاص لاڳاپيدارن جي رهڻ لاءِ مقرر ڪيائين، جنهن
۾ ڪن اميرن جهڙوڪ مير فاضل، ۽ ان جي ڀيڻ امان
سلطان بيچه، ملڪ محمد ڪوڪهه، مير محمد ساربان ۽
سلطان محمد مهردار کي به رهڻ جي اجازت ڏنائني. هن
وقت (تاريخ معصومي جي لکجڻ وقت) يعني سنه 1009
هجري تائين اهو قلعو سلامت موجود آهي.(تاريخ
معصومي)
بلوچن جو فساد ٽارڻ
هڪ سال کان پوءِ، جڏهن قلعي جي ٺاهه ٺوهه جو ڪم
راس ٿي ويو، تڏهن مرزا شاهه بيگ رعيت جا ماڻهو گڏ
ڪري انهن سان بلوچن بابت صلاح مصلحت ڪئي، جن آسپاس
ظلم ٻاري ڏنو هو ۽ فساد مچايا هئائون. انهيءَ ميڙ
۾ فيصلو ٿيو، ته تلوار جي پاڻيءَ کان سواءِ انهيءَ
قوم جي ظالمن جي باهه وسامي نه سگهندي. پوءِ هيءَ
رٿ ڪيائون، ته جيڪي به ٻروچن جا ڳوٺڙا آهن، تن مان
هر هڪ ڳوٺ ۾ سپاهين جو ٺهرايل انداز مقرر ڪيو وڃي،
جيڪي سپاهي ڳچ ڏينهن انهن ڳوٺڙن ۾ وڃي رهن. ۽ هڪڙي
تاريخ مقرر ڪري ڇڏيائون، جنهن تاريخ جي ٺهرايل
وقت تي هر هڪ ڳوٺڙي ۾ قتل عام ڪيو وڃي. انهيءَ رٿ
موجب مقرر ڪيل تاريخ ۽ وقت تي بلوچن جي ڳوٺڙن ۾
عام ڪوس ٿي ويو ۽ هڪ ساعت ۾ بلوچن جا ٻائيتاليهه
ڳوٺ چٽ ٿي ويا.
مرزا شاهه بيگ جي گجرات تي ڪاهه ۽ مير فاضل جي
وفات
سياري جي شروع ۾ هجري سنه 928 (سنه 1521ع) ۾ مرزا
شاهه بيگ، محمد خان ترخان کي بکر جو گورنر مقرر
ڪري پاڻ ڳرو لشڪر ساڻ ڪري گجرات فتح ڪرڻ لاءِ
روانو ٿيو. منزلن پٺيان منزلون ڪندو ۽ درياءَ جي
ٻنهين ڪپن ۽ ان جي آسپاس وارن نافرمان ماڻهن کي
سيکتون ڏيندي جڏهن چانڊڪي علائقي ۾ آيو، تڏهن مير
فاضل بيمار ٿي پيو ۽ تپ تمام سخت ٿي پيس، جنهن ڪري
ان بکر ڏي موٽي وڃڻ جي موڪل گهري. مرزا شاهه بيگ،
مير فاضل جي لائق پٽ بابا احمد کي پڻ پيءُ جي خدمت
۾ رهڻ لاءِ موڪل ڏني. هي ٻئي پيءُ پٽ پنهنجن خاص
ماڻهن سميت موٽي بکر ۾ آيا. مرزا شاهه بيگ کي مير
فاضل جي بيماريءَ جو تمام گهڻو کٽڪو ٿي بيٺو. تان
جو خبر پهتي، ته مير فاضل ”ارجعي الى ربڪ”
(پنهنجي پروردگار ڏي موٽي آءٌ) جيڪو حڪم ٻڌي سچي
دنيا ڏي راهي ٿيو. مرزا شاهه بيگ ۽ مرزا شاهه حسن
کي هن واقعي جو ڏاڍو ڏک ٿيو. سلطان محمود خان، مير
عبدالرزاق، مير عبدالفتاح ۽ مير فاضل جي ٻين سڀني
عزيزن کي ان رات ئي بکر موٽي وڃڻ جي رخصت ڪيائون.
اهي صبح جو مير فاضل جي دفن ڪفن ۾ اچي شريڪ ٿيا.
ٽن ڏينهن بعد مرزا شاهه بيگ به بکر ۾ آيو ۽ اچي
فاتحه خواني جي رسم ادا ڪيائين. مير فاضل جي اولاد
کي ماتمي لباس لاهرايائين ۽ پوءِ فرمايائين، ”ته
مير فاضل جي وفات اسان جي وفات جو پيش خيمو آهي:
اسين به پٺيانئس وڃڻ وارا آهيون“. تنهن تي سڀني
ماڻهن ۾ سانت ڇانئجي وئي ۽ بادشاهه جي وڏي ڄمار
ٿيڻ جون دعائون ڪرڻ لڳا. مرزا شاهه بيگ وري
غمگينيءَ جي حالت ۾ حرم خاني ۾ ويو ۽ اتي به
عذرخواهي ڪرڻ بعد پنهنجي مرڻ بابت ساڳيا لفظ
چيائين، جيڪي ٻاهر مرداني مجلس ۾ چيا هئائين.
عزاداريءَ جي رسمن بجاءِ آڻڻ بعد مرزا شاهه بيگ،
مرزا شاهه حسن ۽ ٻيا امير امراءَ بکر مان روانا
ٿيا ۽ منزلون ڪندي اچي سيوهڻ ۾ پهتا. پندرهن ڏينهن
اتي رهي، لشڪر ۽ جنگي سامان تيار ڪري ٺٽي کان
لنگهي گجرات ڏي ڪاهي رهيا هئا. جڏهن اگهم ڪوٽ ۾
پهتا، تڏهن اتي ٻه ٽي ڏينهن ترسي پيا ۽ ڄام فيروز
ڏي ماڻهو موڪليائون ته جلد اچ.(تاريخ معصومي)
مرزا شاهه بيگ جو لاڏاڻو
مرزا شاهه بيگ جڏهن بکر ۽ سيوهڻ جي ڪاروبار بابت
خاطر جمعي ڪري پڪي ارادي سان گجرات فتح ڪرڻ لاءِ
ڪاهيندو ٿي ويو، تڏهن واٽ تي خبر پهتيس، ته بابر
بادشاهه بهره ۽ خوشاب ۾ پهچي چڪو آهي ۽ هندستان
فتح ڪرڻ جو ارادو اٿس. تڏهن پنهنجن اميرن امرائن
کي گڏ ڪري چيائين، ته بابر بادشاهه اسان کي سنڌ ۾
سک سمهڻ ڪين ڏيندو. نيٺ هيءُ ملڪ به اسان کان يا
اسان جي اولاد کان کسيندو. تنهن ڪري واجب آهي، ته
ڀڄي وڃي ڪو ٻيو ملڪ وساريون“. اهڙو پور پچائيندي
مرزا شاهه بيگ کي اوچتو هانءُ ۾ اچي سور پيو.
گهڻيئي علاج ۽ دوائون ڪيائون، پر ڪو به فائدو ڪنهن
ٿيو ۽ گجرات پهچڻ کان اڳيئي اگهم ڪوٽ مان آخرت جي
سفر تي روانو ٿيو. اهو واقعو تاريخ 22 شعبان هجري
سنه 928 (سنه 1521ع) ۾ ٿيو. سڀني اميرن وزيرن
بروقت مرزا شاهه حسن جي تابعداري قبول ڪئي. مرزا
شاهه بيگ جو لاشو اتان کڻائي پهريائين بکر ۾ اچي
دفن ڪيائون ۽ ٽن سالن کان پوءِ اهو لاشو اتان
ڪڍائي وري مڪه معظمه جي جنت المعلى مقام ۾ وڃي دفن
ڪيائون ۽ تربت جي مٿان هڪڙي عاليشان عمارت به
ٺهرايائون. (تاريخ معصومي)
مرزا شاهه بيگ جي سيرت
ننڍپڻ ۾ مرزا شاهه بيگ کي سندس والد هڪڙي خدا
آگاهه عالم سڳوري جي شاگرديءَ ۾ رکيو هو، جيڪو
خواجه عبدالله رحه جي نالي سان مشهور آهي. جوانيءَ
۾ هن جدا جدا علمن جهڙوڪ علم حديث، علم فقه، علم
تفسير، علم منطق وغيره ۾ ڪمال درجي جي قابليت حاصل
ڪئي. هو نماز ۽ ذڪر اذڪار جو ننڍپڻ کان پابند رهيو
هو. هرات ۾ جيڪو وقت پيءُ جي حاضريءَ ۾ رهيو، سو
وقت سدائين عالمن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. هر هفتي
۾ ٻه ڀيرا عالمن جي مجلس پاڻ وٽ ڪرائيندو هو.
هيٺيان ڪتاب مرزا شاهه بيگ جا ٺاهيل اڄ تائين
مشهور آهن.
(1) شرح ڪافيه (2) حاشيه شرح مطالع (3) حاشيه شرح
فرائض مير سيد شريف، ازانسواءِ ٻين به ڪن رسالن تي
عربي ۾ حاشيا لکيا اٿس، جيڪي مشهور آهن. (تاريخ
معصومي)
تاريخ فرشته ۾ لکيل آهي، ته شرح عقائد نسفي ۽
مطالع منطق تي عربي حاشيه به مرزا شاهه بيگ جو
لکيل آهي. بهادر به اهڙو هو، جو جنگ جي ميدان ۾
هميشه منڍ واري صف جي سڀني سپاهين کان اڳڀرو وڌي
وڃي جنگ ڪندو هو. امير امراءَ ڪيتري ئي قدر منع
ڪندا هئس، ته ”سردارن کي اهڙي اڳواڻي ڪرڻ فائديمند
نه آهي“، ته به ڪنهن جي به ڳالهه ڪين ٻڌندو هو ۽
چوندو هو، ته ”جنگ جي وقت منهنجي دل منهنجي وس کان
ٻاهر نڪريو وڃي ۽ ان وقت دل ۾ خاطري ٿيو وڃيم، ته
ڪو به مخالف منهنجي سامهون پير کوڙي نه
سگهندو“(تاريخ فرشته مقاله هشتم)
مرزا شاهه حسن جي حڪومت (سنه 1521ع کان سنه 1554ع
تائين)
تاجپوشي
مرزا شاهه حسن پيءَ جي وفات بعد نصرپور ۾ اچي
تاجپوشي جي رسم ادا ڪئي ۽ حڪومت جون واڳون پنهنجي
هٿ ڪيائين. سڀ سادات، قاضي ۽ ٻيا امير امراءَ اتي
اچي گڏ ٿيا ۽ تعزيت جون رسمون ۽ مبارڪباد جون
ريتون اتي اچي ادا ڪيائون. جيئن ته اهو سڀ ڪم شوال
مهيني جي پهرين تاريخ يعني عيد مبارڪ جي ڏينهن
سرانجام ٿيو، تنهن ڪري سڀني اميرن امرائن ۽ معززن
مرزا شاهه حسن کي عرض ڪيو، ته ”خطبو پنهنجي نالي
پڙهايو“. مرزا شاهه حسن پنهنجي نالي خطبي پڙهائڻ
کان انڪار ڪيو، ۽ چوڻ لڳو، ته ”جيستائين بابر
بادشاهه جي اولاد مان ڪو به برسر حڪومت هوندو،
تيستائين اسان کي پنهنجي نالي جي خطبي پڙهائڻ جو
حق ئي ڪونهي“. آخر خطبو بابر بادشاهه جي نالي
پڙهيو ويو. عيد جا ڏينهن نصرپور جي آسپاس گذاري
پوءِ مرزا شاهه حسن ٺٽي ڏي رخ رکيو. (تاريخ
معصومي)
مرزا شاهه حسن جو ساري سنڌ تي قبضو
اگهم ڪوٽ ۾ هئڻ وقت ئي مرزا شاهه حسن کي خبر پيئي،
ته ڄام فيروز مرزا شاهه بيگ جي وفات جي خبر ٻڌي
ڏاڍو خوش ٿيو آهي ۽ خوشيءَ جا نغارا وڄايا اٿس،
تنهن تي مرزا شاهه حسن کي ڏاڍي غيرت آئي ۽ چڙ ۾
ڳاڙهو ٿي ويو. سڀني اميرن مشيرن صلاح ڏنيس، ته
گجرات فتح ڪرڻ جو ارادو ڦٽو ڪري ٺٽو هٿ ڪرڻ ۽ ڄام
فيروز جي پاڙ پٽڻ گهرجي.
نصرپور ۾ تاجپوشي جي رسم ادا ڪرڻ بعد جڏهن مرزا
شاهه حسن ٺٽي ڏي رخ رکيو، تڏهن ڄام فيروز جي طرفان
حافظ رشيد خوشنويس ۽ قاضي قاضن (عليہ الرحمة)
سوکڙيون پاکڙيون کڻي مرزا شاهه حسن اڳيان اچي حاضر
ٿيا ۽ ڄام فيروز جي تقصيرن معاف ٿيڻ لاءِ آزيون
نيازيون ڪيائون پر ايلچين خلاضيءَ ۾ مرزا شاهه حسن
سان سچ ڳالهايو، ته ”ڄام فيروز فقط ظاهر طرح اهي
عرض احوال ڪيا آهن، پر حقيقت ڪري هو جنگ جا هٿيار
۽ سامان گڏ ڪري رهيو آهي ۽ جنگ ڪرڻ جو ارادو اٿس.“
مرزا شاهه حسن انهن ايلچين کي موٽي وڃڻ جي اجازت
ڏني ۽ پاڻ منزلون ڪندو ٺٽي جي نزديڪ درياءَ جي ڪپ
تي اچي منزل ڪيائين. ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن جي
لشڪر ۽ سپاهه سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت نه ساري،
تنهن ڪري ٺٽو شهر خالي ڪري درياءَ جي ٻئي ڀر ڪنهن
پاسي ڀڄي ويو. مرزا شاهه حسن پنهنجي لشڪر کي
درياءَ اڪري ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيڻ جو حڪم ڏنو. جنهن
وقت مرزا شاهه حسن جو لشڪر درياءَ ٽپيو، تنهن وقت
ماڻڪ وزير ۽ شيخ ابراهيم (ڄام فيروز جو ناٺي) ڳچ
جيتريون ٻيڙيون تير اندازن ۽ توبچين سان ڀرائي
مرزا شاهه حسن جي لشڪر کي اڳتي وڃڻ کان روڪيو، مگر
مرزا شاهه حسن جي لشڪر انهن مقابلي ڪندڙن کي ماري
مات ڪيو. ڄام فيروز جي خبر پيئي ته هو ڪڇ ملڪ
ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتي جي ماڻهن کان جنگ لاءِ مدد پي
گهريائين.
جڏهن ڄام فيروز چاچڪن ۽ راهمن جي ڳوٺ ۾ پهتو، تڏهن
پنجاهه هزار سوار ۽ پيادا وٽس اچي گڏ ٿيا ۽ ٺٽي
شهر ۾ ڄام فيروز جي موٽي اچڻ جو هلچارو پئجي ويو.
ان وقت امير محمد ترخان، مير فرخ ۽ سلطان قلي بيگ
۽ ٻيا ڪي امير، مرزا شاهه حسن وٽ حاضر ٿيا ۽ حال
حقيقت اچي پيش ڪيائونس. مرزا شاهه حسن ڪجهه لشڪر
ٺٽي جي سنڀال لاءِ ڇڏي باقي لشڪر ساڻ ڪري ڄام
فيروز جي پٺيان منزلون ڪندو ڪاهيندو ويو. آخر ڄام
فيروز کي وڃي سنڌ کان ٻاهر پهتو. ڄام فيروز جا
ماڻهو مغلن جو لشڪر ڏسي گهوڙن تان لهي پيا ۽ هڪ
ٻئي کي ڪپڙن جي پلاندن سان ٻڌي مغلن سان جنگ
جوٽيائون.
مرزا شاهه حسن به گهوڙي تان لهي وضو ساري نماز
پڙهي ۽ خدا تعالى کان فتح ۽ سوڀ جي دعا پنيائين.
خدا تعالى سندس دعا قبول ڪرڻ فرمائي. صبح کان شام
تائين سخت جنگ هلي. آخر ڄام فيروز گجرات ڏانهن ڀڄي
ويو. جتي وڃي حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذاريائين ۽
وري سنڌ جو منهن نه ڏٺائين. مرزا شاهه حسن ٽي
ڏينهن اتي گزاريا. جيڪو به مال اسباب، گهوڙا، اٺ
وغيره دشمن جي لشڪر ڇڏيا هئا، سي سڀ مرزا شاهه حسن
پنهنجن اميرن ۽ سپاهين کي ورهائي ڏنا ۽ اتان ٺٽي ۾
اچي پهتو. ان وقت کان وٺي ساري سنڌ جي حڪومت مرزا
شاهه حسن جي قبضي ۾ آئي.
مرزا شاهه حسن جو بکر ۾ اچڻ
ڇهه مهينا ٺٽي ۾ گذارڻ بعد مرزا شاهه حسن هالن جي
رستي کان بکر وڃڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن سيوهڻ جي
برابريءَ ۾ آيو، تڏهن سيوهڻ جا امير وزير فتح جون
مبارڪون ڏيڻ ۽ سوکڙيون پيش ڪرڻ آيا ۽ انعام حاصل
ڪري روانا ٿيا. اڳتي وري سهتا ۽ درٻيلي جا ماڻهو
به سلام تي آيا. درٻيلي تي مير فرخ کي حاڪم مقرر
ڪري اڳتي هليو ۽ شڪار ڪندو اچي بکر کان ڇهه ميل
پري ٻٻرلي ۾ پهتو. بکر جي امير امرائن اتي اچي
سلام ڪيو، جن کي مرزا شاهه حسن گهڻا انعام اڪرام
عطا ڪيا. ساڳئي سال جناب شيخ ميرڪ پوراني رحه
قنڌار کان سنڌ ۾ آيو ۽ ٻئي سال خدمت شاهه قطب
الدين اولاد شاهه طيب هرارت کان بکر ۾ آيو ۽ مرزا
شاهه حسن سان اچي ملاقات ڪيائين.(تاريخ معصومي)
ڏاهرين ۽ ماڇين کي سزائون
آبڪلاڻيءَ جي وقت ۾ مرزا شاهه حسن جا اٺ ڏاهرين ۽
مهرن جي سنڀال هيٺ ماٿيلي جي پاسي چارڻ لاءِ ڇڏيا
ويا هئا. سيو راءِ قلعي جا بلوچ ۽ ديراور ۽ فتحپور
جي آسپاس وارا جت ماڻهو پاڻ ۾ شامل ٿي مرزا شاهه
حسن وارا سڀ اُٺ ڏاهرين ۽ مهرن کان چورائي ويا.
مرزا شاهه حسن کي جڏهن اهو اطلاع مليو، تڏهن ان
بابا احمد کي ٽي هزار سپاهي ڏيئي بلوچن ۽ جتن تي
چاڙهي موڪليو. بابا احمد جڏهن ڀٽي واهڻ ۾ پهتو
تڏهن بلوچن ۽ جتن جا ڪٽڪ اچي سامهون ٿيس، جن سان
گهڻا ڏاهري به شامل هئا. اتي سخت جنگ لڳي، جنهن ۾
بابا احمد زخمجي پيو ۽ جنگ بند ڪري ماٿيلي ڏي پئي
آيو ته واٽ تي گهوڙي تان ڪري پيو ۽ دم ڏنائين.
اها خبر بکر ۾ پهتي تنهن تي بابا احمد جو ڀاءُ مير
عبدالفتاح ولد مير فاضل (مرحوم) ۽ مير قاسم (مير
عبدالفتاح جو سهرو) ٻئي ڄڻا مرزا شاهه حسن جي حڪم
موجب تازو لشڪر وٺي ماٿيلي ڏانهن روانا ٿيا.
پهريائين وڃڻ شرط بابا احمد جو لاشو بکر ڏي روانو
ڪيائون. پوءِ ڪجهه ڏينهن اتي ترسي رحمو ڏاهري جي
لشڪر تي ڪاهيائون انهن کي ۽ جيڪي بلوچ انهن سان
اچي شامل ٿيا هئا، تن کي قتل ڪيائون گهڻا بلوچ ان
جنگ مان ڀڄي ويا. آخر ڏاهري اچي پيش پيا ۽ ٺهراءُ
ٿيو، ته ڀٽي واهڻ سنڌ جو دنگ آهي ان کان هيٺ سمورو
ملڪ مرزا شاهه حسن جو ليکبو. ان کان مٿي مرزا شاهه
حسن جو واسطو ڪونهي. مير عبدالفتاح گهڻا ڏينهن
پنهنجي ڀائٽي مير محمد قلي سان گڏ رهيو پيو هو، ته
هڪڙيءَ رات اطلاع مليس ته اٻاوڙو ۾ جيڪو به چوپايو
مال هو، سو بلوچ چورائي ويا. صبح جو مير عبدالفتاح
هٿيار ڍڪي تيار ٿي جنگ لاءِ گهر مان نڪتو. گرمي
تمام سخت هئي تنهن ڪري جهولو لڳي ويس ۽ گهر موٽي
اچڻ کان اڳ رحلت ڪيائين. (تاريخ معصومي)
مرزا شاهه حسن جي ٻي شادي
هجري سنه 930 (سنه 1523ع) ۾ مرزا شاهه حسن ملتان
فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو تنهن ڪري حڪم ڪيائين، ته سڀ
امير ۽ سپاهي بکر ۾ اچي گڏ ٿين ۽ لشڪر جي ٻن ورهين
جي کاڌ خوراڪ جو بندوبست رکن. ملتان تي ڪاهڻ کان
اڳ خيال اچي ٿيس، ته جيڪي ارغون تڪدري ۽ هزاره قوم
جا ماڻهو عيال سميت سويءَ جي قلعي ۾ رهن ٿا، تن جو
خاطر خواهه بندوبست ڪري پوءِ ملتان تي ڪاهڻ گهرجي.
انهيءَ ڪري هڪ هزار سپاهي ساڻ ڪري هڪ هفتي اندر
سويءَ پهتو. سويءَ جي قلعي جي مرمت ڪري اتي پنهنجا
ويساهه جوڳا ماڻهو ڇڏيائين ۽ دلجاءِ ڪري چتر(1) ۽ لهري جي واٽ کان رندن ۽ بگٽين(2) بلوچن کي ڦريندو لٽيندو قيد ڪندو آيو ۽ ڪن کي وفاداريءَ ۽ صلح سانت ۾ رهڻ
جي انجام تي ڇڏي ڏنائين باقي ڪن سردارن ۽ اڳواڻ
بلوچن کي قيد ڪري بکر وٺي آيو.
انهيءَ وچ ۾ مرزا شاهه حسن کي خبر پيئي ته ظهير
الدين بابر بادشاهه هندستان فتح ڪرڻ لاءِ پنهنجين
فوجن سميت هندستان جي حد ۾ اچي سهڙيو آهي، تنهن
ڪري ڪي قيمتي سوکڙيون پنهنجن ايلچين جي هٿان بابر
بادشاهه ڏي ڏياري موڪليائين جنهن زماني ۾ ڪابل طرف
مرزا شاهه حسن بابر بادشاهه جي حاضريءَ ۾ گذاريندو
هو، تنهن زماني ۾ مرزا شاهه حسن بابر بادشاهه جي
درباري وڪيل ۽ محلات جي ديوان بيگي مير خليفه صاحب
کان پنهنجي لاءِ سڱ گهريو هو، جيڪو ان ڏيڻ قبوليو
هو، پر زماني جي گردش ڪري مرزا شاهه حسن اچي سنڌ ۾
رهيو تنهن ڪري اهي ڳالهيون اتيئي رهجي ويون هيون.
هينئر جڏهن مير خليفه صاحب به بابر بادشاهه سان گڏ
هندستان ۾ اچي سهڙيو هو، تڏهن مرزا شاهه حسن
انهيءَ کان سڱ وٺڻ لاءِ نئين سر ڪوشش شروع ڪئي ۽
عبدالباقي جي ڏاڏيءَ بيبي شاهه سلطان کي انهيءَ ڪم
ٺاهڻ لاءِ بابر بادشاهه جي خدمت ۾ موڪليائين. بابر
بادشاهه آخر مير خليفه صاحب جي نياڻي گلبرگ بيگم
جو نڪاح مرزا شاهه حسن سان پاڙهي ان کي مير خليفه
حسام الدين ميرڪ جي هٿان بکر موڪليائين، جتي مرزا
شاهه حسن دستور موجب شادمانن سان مٿاميڙ ڪري گلبرگ
بيگم کي پنهنجي محلات ۾ داخل ڪيو، ۽ مير خليفه
حسام الدين کي پاٽ ۽ باغبان جا پرڳڻا (هاڻوڪو دادو
تعلقو) سهمانيءَ ۾ جاگير طور بخشيائين. مير خليفه
صاحب ۽ مرزا شاهه حسن جي وچ ۾ مضبوط عزيزاڻو ناتو
قائم رهي، تنهن لاءِ بابر بادشاهه مرزا شاهه حسن
جي اڳڄائي ڌيءَ ناهيد بيگم جو نڪاح وري مير خليفه
صاحب جي پٽ محب علي خان سان ڪرايو. ناهيد بيگم اها
ڇوڪري هئي، جنهن کي ماڻس ماهه بيگم ڏيڍ سال جي عمر
۾ هئڻ وقت ڪابل ۾ ڇڏي پاڻ قنڌار ۾ آئي هئي ۽ پوءِ
مرزا شاهه بيگ مرزا شاهه حسن سان سنديس شادي ڪرائي
هئي، جنهن جو بيان هن کان اڳ ڪري آيا آهيون.
مرزا شاهه حسن جو ملتان هٿ ڪرڻ جو ارادو
ملتان شهر جي تاريخي حالت
فاتح سنڌ محمد بن قاسم ملتان فتح ڪيو هو، جو ڳچ
ورهيه عرب حاڪمن جي هٿ ۾ هو. تنهن کان پوءِ شيعن ۽
قرمطين جي قبضي ۾ آيو، جن کي غازي محمود غزنوي
برباد ڪيو ۽ گهڻو عرصو ملتان غزنوي خاندان جي
حاڪمن جي هٿ ۾ رهيو. وري به قرمطي ماڻهو ملتان تي
قبضو ڪري ويا. جن کان وري دهليءَ جي بادشاهن قبضو
ڇڏايو، جو هجري سنه 847 تائين قائم رهيو.
هجري سنه 847 (عيسوي سنه 1441) ۾ جڏهن دهليءَ جي
تخت تي سيد گهراڻي جو حاڪم علاءُ الدين بن محمد
شاهه بن فريد شاهه بن مبارڪ شاهه بن خضر خان حڪومت
ڪندو هو، تڏهن ساري هندستان ۾ طوائف الملوڪي ۽ بي
انتظامي پکڙجي ويئي هئي. ملتان تي به مغلن جي بار
بار حملن ڪرڻ ڪري اتي ڪو به حاڪم ڪونه هو. آسپاس
جا زميندار ۽ بيٺل ماڻهو حضرت شيخ بهاءُ الدين
زڪريا (عليہ الرحمة) جا معتقد هئا. تنهن ڪري سڀني
گڏجي ان اولياءَ جي درگاه جي مجاور شيخ يوسف قريشي
کي ملتان جو حاڪم مقرر ڪيو هو. ان وقت کان وٺي
ملتان، اُچ ۽ ٻين آسپاس وارن شهرن ۾ شيخ يوسف جي
نالي جو خطبو پڙهبو هو ۽ شيخ صاحب به ساري رعيت جي
دلجوئي تمام چڱيءَ طرح پيو ڪندو هو ۽ پنهنجي لشڪر
جو بندوبست به چڱو رکيو هئائين. (تاريخ معصومي)
سنڌ جي لنگاهن جو ٺڳيءَ سان ملتان هٿ ڪرڻ
راءِ سهرو جنهن کي سهيرو يا سيهڙو به سڏيندا هئا،
سو لنگاهه يا لانگاهه قوم جو سردار هوندو هو ۽
روهڙيءَ ۽ ان جي آسپاس حڪومت پيو ڪندو هو. هڪڙي
ڏينهن انهيءَ راءِ سيهڙي ملتان جي حاڪم شيخ يوسف
قريشي ڏي پيغام ڏياري موڪليو، ته ”اسين پشت به پشت
اوهان جي درگاهه جا سچا مريد آهيون. دهليءَ جي
حڪومت ۾ بگاڙو پئجي ويو آهي. تنهن ڪري اوهين
جيڪڏهن پنهنجي حڪومت جي مضبوطيءَ لاءِ اسان جي قوم
کي فوج ۾ ڀرتي ڪريو، ته جيڪر اسين اوهان جي پگهر
تان پنهنجو رت قربان ڪري چڪون. آءُ پنهنجي نياڻيءَ
جو سڱ اوهان کي ڏيان ٿو سو به قبول ڪرڻ فرمايو“.
شيخ يوسف اهو پيغام ٻڌي خوش ٿيو. راءِ سهرو جي
ڌيءَ سان شادي ڪيائين جنهن ڪري راءِ سهره کي وقت
به وقت ڌيءَ جي ملاقات ڪرڻ جي بهاني سان ملتان جي
قلعي ۾ اچڻ وڃڻ جو موقعو پئي مليو.
شيخ يوسف دورانديشيءَ جي ڪري راءِ سهره کي ملتان
شهر ۾ منزل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. تنهن ڪري هو
جڏهن ملتان ۾ ايندو هو، تڏهن شهر کان ٻاهر اچي
منزل ڪندو هو ۽ پاڻ يڪي سر قلعي ۾ ڌيءَ جي ملاقات
ڪرڻ ايندو هو. راءِ سهره کي ڪنهن به مڪر ۽ ٺڳيءَ
جي رستي ملتان جي حڪومت هٿ ڪرڻي هئي. هڪڙي ڀيري
راءِ سهره پنهنجي قوم جا سڀ ماڻهو سنڀرائي وٺي آيو
۽ ملتان شهر کان ٻاهر اچي منزل ڪيائين. شيخ يوسف
صاحب ڏي چوائي موڪليائين، ته مون پنهنجي قوم جا
جوڌا جوان اوهان جي خدمت ڪرڻ لاءِ آندا آهن انهن
کان جيڪا خدمت وڻيو سا وٺو. شيخ صاحب صاف دل درويش
ماڻهو هو، تنهن راءِ سهره جي ڳالهه تي اعتبار ڪيو
۽ ان جي ماڻهن تي به نوازشون ڪيائين. هڪڙي رات
راءِ سهره ڌيءَ جي ملاقات ڪرڻ آيو ۽ ڍونگ ڪري پاڻ
کي بيمار بنايائين ۽ اهڙي تجويز ڪيائين. جو کيس رت
جون جڙتو الٽيون اچڻ لڳيون. انهيءَ ڪري آڌيءَ رات
جو شيخ يوسف صاحب کي به وصيت سڻڻ جي خيال سان
گهرايائين ۽ پنهنجا خاص همراهه به آخري موڪلاڻيءَ
جي بهاني سان قلعي ۾ گهرايائين، جڏهن سڀ ڪم راس
ڏٺائين تڏهن شيخ يوسف کي گرفتار ڪري بند ۾
رکايائين ۽ قلعي جي چئن ئي دروازن تي سخت پهرو
بيهاري ڇڏيائين جيئن ڪو به ڌاريو ماڻهو اندر گهڙي
نه سگهي. صبح جو شيخ يوسف کي قيدي جي صورت ۾ دهلي
روانو ڪيائين ۽ پاڻ سلطان قطب الدين جي نالي سان
ملتان جو حاڪم ٿيو ۽ اتي لانگاهه خاندان جي حڪومت
جو بنياد وڌائين.
مرزا شاهه حسن جو ملتان ويندي سيوراءِ قلعو ناس
ڪرڻ
هجري سنه 931 (عيسوي سنه 1524) ۾ مرزا شاهه حسن
ملتان فتح ڪرڻ جي ارادي سان بکر مان وڏو لشڪر وٺي
روانو ٿيو. منزلن پٺيان منزلون ڪندو جيستائين
سيوراءِ جي قلعي وٽ پهتو، تيستائين واٽ تي جن جن
قومن ۽ راڄن مخالفت ٿي ڏيکاري تن کي ماريندو قتل
ڪندو ڦريندو لٽيندو ٿي آيو. جيڪي بلوچ سيوراءِ
قلعي ۾ هئا، سي اهي خبرون ٻڌي اچ ڏانهن ڀڄي ويا ۽
ڪي بلوچ پاڻ کي سيوراءِ قلعي ۾ قابو رکي ويٺا.
سيوراءِ قلعو ان وقت جي سڀني قلعن ۾ مضبوط ۽ بلند
ليکبو هو. مرزا شاهه حسن هڪڙيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي
اچي ڇانوڻي هنئي. سلطان محمود خان بکري قلعي تي
ڪاهي ويو ۽ جيڪي بلوچ اتي هئا، تن سان جنگ شروع
ڪيائين. ان ڏينهن سلطان محمود خان وٽ اسي سپاهين
کان وڌيڪ همراهه نه هئا. سيد مير معصوم شاهه مرحوم
تاريخ معصومي جو مصنف لکي ٿو، ته ”مون پاڻ سلطان
محمود خان بکري جي زبانئون ٻڌو هو، ته ان جنگ ۾
ٽيهه ماڻهو فقط سلطان محمود خان جي تلوار سان قتل
ٿيا هئا ۽ 200 ماڻهو ٻين سپاهين قتل ڪيا هئا ۽
باقي رهيل قلعي جا ماڻهو قلعي مان نڪري ڀڄي پنهنجي
جند ڇڏائي“. ٻئي ڏينهن صبح جو مرزا شاهه حسن کي
اهو اطلاع مليو، تنهن سلطان محمود خان کي آفرين
چوائي موڪلي، مگر خلاصگيءَ ۾ گهرائي هدايت ڪيائينس
ته آئنده اهڙي اٻرهائي ۽ تڪڙ ڪڏهن به ڪم نه آڻج.
تنهن کان پوءِ مرزا شاهه حسن پاڻ سيوراءِ قلعي وٽ
ويو ۽ پنهجن ماڻهن کي ان قلعي ڊاهڻ جو حڪم ڏنائين.
هڪ هفتي اندر سيوراءِ جو قلعو ڊهي صفا ميدان ٿي
ويو.
مئو قلعي تي مرزا شاهه حسن جو قبضو
سيو راءِ قلعي کي برباد ڪرڻ بعد مرزا شاهه حسن
مئو جي قلعي ڏانهن رخ رکيو مئو جي ويجهو هڪڙي ڍنڍ
تي ڇانوڻي ڪيائين. شيخ حماد قريشي (عليہ الرحمة)
جو وڏو بزرگ اولياءُ ٿي گذريو آهي جنهن جي تربت تي
هر طرف کان هزارين ماڻهو زيارت ڪرڻ ايندا هئا،
تنهن جو وڏو فرزند شيخ روح الله (عليہ الرحمة)
مرزا شاهه حسن وٽ اچي حاضر ٿيو ۽ قلعي ۾ رهندڙن
ماڻهن جي عاجزي ۽ بي قراري جو احوال اچي پيش
ڪيائين. تنهن تي مرزا شاهه حسن مسڪين ترخان کي حڪم
ڏنو، ته لشڪر وٺي قلعي ۾ وڃ لانگاهه قوم ۽ بلوچ جا
جيڪي به ماڻهو قلعي ۾ هجن تن کي قلعي کان ٻاهر ڪڍي
ڇڏي جيڪو به سامان ۽ ذخيرو قلعي ۾ هجي، سو قابو
ڪر. جيڪي به ماڻهو شيخ حماد (عليہ الرحمة) جي
درگاهه ۾ وڃي پناهه وٺن، تن جو نالو به نه وٺجو.
سپاهين انهيءَ حڪم جي پيروي ڪئي: درگاهه ۾ وڃي
پناهه وٺندڙن کي ڇڏي باقي قلعي سنڀاليندڙن سپاهين
کي قيد ڪري مرزا شاهه حسن وٽ وٺي آيا.
مرزا شاهه حسن ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ قلعي ۾ گهڙيو.
جيڪي اولياءَ اتي دفن ٿيل هئا، تن جون زيارتون
ڪيائين ۽ جيڪي شيخ زنده هئا تن کان انجام ورتائين،
ته ”اسان جي ماڻهن کي هتان اچ وڃ ڪندي ڪنهن به قسم
جي رنڊڪ پوڻ نه ڏجو ۽ اسان جي ڪنهن به دشمن کي
قلعي ۾ رهڻ نه ڏجو“. شيخ صاحبن اهي انجام ڪيا.
تنهن کان پوءِ شيخ روح الله عرض ڪيو، ته ”رحمو
ڏاهري جو گناهه معاف ٿئي.“ مرزا شاهه حسن چيو، ته
”انهن ماڻهن کي سلطان محمود خان سڃاڻي ٿو، جنهن جا
ٻه ڀائر انهن ڏاهرين سان مقابلو ڪندي مارجي چڪا
آهن“. آخر رحمو ڏاهري کي گهرايائون جو تلوار
پنهنجي ڪنڌ ۾ لٽڪائي سلطان محمود کي اچي پيش پيو.
تنهن تي سلطان محمود خان ان کي گناهه بخش ڪيو.
رحمو ڏاهري پنهنجي ڀائٽيءَ جو سڱ به سلطان محمود
خان کي ڏنو، جيڪو ان قبول ڪيو.
قلعه مئو کي پوريءَ طرح پنهنجي تابع ڪري پوءِ مرزا
شاهه حسن اڳتي هليو. محب ترخان کي پنج سؤ سپاهي
ڏيئي اڳيان روانو ڪيائين ۽ پاڻ پٺيان منزلون ڪندو
ملتان ڏي ڪاهيندو ويو. واٽ تي بنده نالي هڪڙو
ڏاهري جو ملتان جي پهلوانن مان هڪڙو هو، سو سندس
سلامي اچي ٿيو. مرزا شاهه حسن ان کي انعام اڪرام
ڏيئي سلطان محمود خان جي حاضريءَ ۾ کڻي رکيو.
مرزا شاهه حسن جي ڪاهه اچ جي قلعي تي
مرزا شاهه حسن جڏهن اچ کي ويجهو ويو، تڏهن پنهنجو
لشڪر ترتيب ڏنائين، ڇاڪاڻ جو اچ جو قلعو ملتان جي
حڪومت جو خاص ناڪو هو. مرزا شاهه حسن ساڄي پاسي
واري فوج تي محمد مسڪين ترخان ۽ مرزا عيسى ترخان
کي سپهه سالار ڪري رکيو ۽ کاٻي پاسي واريءَ فوج تي
مير فرخ ۽ محمود بيگ لار جي عزيز مير عليڪه ارغون
کي سپهه سالار ڪري رکيائين. منڍ وارو لشڪر سلطان
محمود خان کي سونپيائين وچ وارو لشڪر پاڻ پنهنجي
سر سلطان قلي بيگ لار سان شامل ٿي پنهنجي هٿ هيٺ
رکيائين. لشڪر جي پاسن ڪنڌين جي سنڀال مير محمود
ساربان ۽ ابو مسلم جي حوالي ڪيائين.
لانگاهه قوم جا شهزادا ۽ بلوچ ۽ ٻي جيڪا به سرڪاري
فوج اچ جي قلعي ۾ رهندڙ هئي، سا ناهر قوم جي ماڻهن
کي منڍ ۾ ڪري جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آئي. جيتوڻيڪ
ملتاني حڪومت جي فوج مغل فوج کان سؤڻي هئي، پر جنگ
جي ميدان ۾ لانگاهن ۽ بلوچن جون تير ڪمانون مغلن
جي تلوارن اڳيان بيهي نه سگهيون. بهلول لانگاهه ۽
ٻيا ڪيترا مخالف ڌر جا سردار قيد ٿيا، جن کي مرزا
شاهه حسن بروقت قتل ڪرائي ڇڏيو. مرزا شاهه حسن
پوءِ جلد ئي جنگ جو ميدان صاف ڪري اچ جي زبردست
قلعي جي دروازي تي اچي پهتو.
لانگاهن ۽ بلوچن قلعي جي برجن تان تيرن ۽ پٿرن جا
مينهن کڻي وسايا. مرزا شاهه حسن جي حڪم موجب جڏهن
قتل ٿيل لانگاهن ۽ ٻين سردارن جون سسيون نيزن ۾
ٽنگي برجن تان تيرن ۽ پٿرن اڇلائيندڙن کي ڏيکاريون
ويون تڏهن انهن جا ڇيهه ڇڄي پيا. ۽ سڀ ڪڻو ڪڻو ٿي
ويا. مغلن کي جيڪو به اچ جو ماڻهو هٿ آيو ٿي سو
قتل ٿي ڪيائون ۽ ماڻهن کي خوب پئي ڦريائون ۽
لٽيائون.
انهيءَ وچ ۾ جناب سيد زين العابدين بخاري رحه، شيخ
ابراهيم رحه، شيخ اسماعيل جمالي رحه، قاضي ابو
الخير رحه ۽ قاضي عبدالرحمان رحه جهڙا بزرگ مرزا
شاهه حسن وٽ آيا ۽ قتل ۽ ڦرلٽ بند ڪرڻ لاءِ عرض
ڪيائونس. مرزا شاهه حسن پنهنجن سپاهين کي عام قتل
۽ ڦرلٽ کان منع ڪئي ۽ فقط سامهون ٿيندڙ کي قتل ڪري
ان جي سسي نيزي ۾ ٽنگڻ جو حڪم ڏنائين. اچ جو قلعو
ڊهرائي پٽ ڪرائي ڇڏيائين ۽ قلعي جي عمارتن جو ڪاٺ
ٻيڙين جي رستي بکر روانو ڪيائين. (تاريخ معصومي)
مرزا شاهه حسن جو ملتان پهچڻ ۽ صلح ٿيڻ
سلطان محمود، جو لانگاهه خاندان جو ٽيون نمبر(1)
حاڪم هو، تنهن کي جڏهن مرزا شاهه حسن جي اچ فتح
ڪرڻ جي خبر پيئي، تڏهن جدا جدا طرفن ۽ حدن ڏانهن
پنهنجا ماڻهو موڪلي. بلوچن، جتن، رندن، دودائن،
ڪورائن، چانڊين ۽ ٻين ماڻهن کي گهرائي هڪ مهيني ۾
اسي هزار سپاهي لشڪر ۾ ڀرتي ڪيائين، جن ۾ ڪي سوار
۽ ڪي پيادا هئا. سلطان محمود شاهه اهو شاهي ڪٽڪ
ساڻ ڪري مرزا شاهه حسن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ وڏي هٺ
۽ غرور سان ملتان کان روانو ٿيو.
مرزا شاهه حسن کي سلطان محمود شاهه جي فوج جي
حقيقت معلوم ٿي سو ملتان کان پرڀرو گهاره نديءَ جي
ڪناري تي لهي پيو ۽ سلطان محمود شاهه جي فوج اچڻ
جو انتظار ڪرڻ لڳو. سلطان محمود شاهه ملتان شهر
کان نڪري هڪ مهينو وري به شهر کان ٻاهر ترسي ويٺو
جيستائين سڀ جنگ جو اسباب ۽ سامان اچي گڏ ٿيو.
پوءِ اتان ڪوچ ڪيائين. هڪ منزل ڪرڻ بعد هو هٺ ۾
ڀرجي ويو.
”سنڌ قضا جي نقاش جي نه هيس،
جنهن ڪي پردي پٺيان ها نقش چٽيا“.
شيخ شجاع الملڪ بخاري، جيڪو سلطان محمود شاهه جو
پڦڙ هو ۽ حڪومت جي ڪمن ڪارين ۾ گهڻي دسترس هيس،
تنهن کان ڪا اهڙي خطا ٿي هئي، جنهن ڪري سلطان
محمود شاهه مٿس تمام گرم ٿيل هو. سلطان محمود شاهه
کيس ڪا سزا ڏئي تنهن کان اڳيئي ان هن منزل تي
سلطان محمود شاهه کي زهر جي وسيلي شهيد ڪرائي
ڇڏيو.
سلطان محمود شاهه جي والده، جيڪا انهيءَ منزل تي
پنهنجي پٽ سان همراهه هئي، تنهن انهيءَ حادثي ٿيڻ
شرط لشڪر جو اڳتي هلڻ بند رکايو. لانگاه قوم جي
سڀني چڱن مڙسن اتي جو اتي سلطان محمود شاهه جي
صغير پٽ سلطان حسين شاهه ثاني کي کڻي تخت نشين ڪيو
۽ مرزا شاهه حسن سان صلح ڪرڻ ڌاران ٻيو ڪو به رستو
ڪونه ڏٺائون. ملتاني لشڪر ۾ گهڻو انداز بلوچن جو
هو، سي به سلطان محمود شاهه جي وفات (جيڪا ٽي
ڏينهن لڪل رکي هئائون) ظاهر ٿيڻ تي البته بگڙي
پيا.
لانگاهن حضرت بهاءُ الدين زڪريا (عليہ الرحمة) جي
سجاده نشين مخدوم زاده شيخ بهاءُ الدين ثاني کي
مرزا شاهه حسن ڏانهن صلح لاءِ ڏياري موڪليو. مرزا
شاهه حسن شيخ بهاءُ الدين جي نهايت گهڻي عزت ۽
تعظيم رکي ۽ هيٺين شرطن تي صلح ٿيو:
(1) آئنده گهارو ندي ملتان جي حڪومت ۽ سنڌ جي
حڪومت جي حد ليکي ويندي، جنهن گهاري ندي جي ڪناري
تي ان وقت مرزا شاهه حسن جي منزل هئي.
(2) اڄ ڏينهن کان وٺي گهاري ندي جي ٻئي ڀر ملتان
جو حاڪم ڪا به دست اندازي نه ڪندو.
شيخ بهاءُ الدين اهو صلح ڪري موٽيو، موٽڻ وقت مرزا
شاهه حسن نو گهوڙا، هڪ قطار اٺن جي ۽ ڪجهه روڪڙ
شيخ صاحب کي بخشش طور ڏني.
مرزا شاهه حسن پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته اچ جو
قلعو وري نئين سر جوڙي تيار ڪريو. پنهنجا ڪي خاص
ماڻهو به اچ جي حفاظت لاءِ موڪليائين.
مرزا شاهه حسن جي دلاور جي قلعي تي ڪاهه
سلطان محمود شاهه لانگاهه جو هڪڙو خاص نوڪر اقبال
اچي مرزا شاهه حسن جو نوڪر ٿيو، جنهن کي مرزا شاهه
حسن انعام ”اڪرام ڏيئي پاڻ وٽ رهايو. ان اقبال خان
مرزا شاهه حسن کي ٻڌايو، ته دلاور جي قلعي ۾ تمام
گهڻو خزانو پوريل آهي، ڇاڪاڻ جو ڪيترائي اڳيان
بادشاهه پنهنجو پنهنجو خزانو انهيءَ قلعي ۾ دفن
ڪري ويا آهن“
اها ڳالهه ٻڌي مرزا شاهه حسن دلاور قلعي جي رئيس
غازي خان کي لکي موڪليو ته ”اسان جي منزل اچ ۾ آهي
توکي گهرجي، ته قلعي ۾ رهندڙن سڀني ماڻهن سميت
اسان وٽ اچي فرمانبرداري ۽ تابعداريءَ جي ڏور
پنهنجي گردن ۾ وجهين“. غازي خان کي اهو خط پهتو،
پر غازي خان ڪا به پرواهه ڪا نه ڪئي. تنهن تي
تاريخ پهرين ماهه رجب هجري سنه 931 (عيسوي سنه
1524ع) پنهنجن سپهه سالارن کي حڪم ڏنو، ته هڪ
مهيني جو کاڌو خوراڪ پاڻ سان موجود ڪري دلاور جي
قلعي تي هلي گهيرو ڪريو.
سنبل خان ڳچ سپاهين سان اڳ ۾ روانو ٿيو، جنهن
دلاور قلعي جي نزديڪ ٽي کوهه پاڻيءَ جا وڃي کڻايا،
ڇاڪاڻ جو دلاور جو قلعو رڻ پٽ ۾ هو، تنهن کان پوءِ
مرزا شاهه حسن به فوج سميت وڃي قلعي تي ڪڙڪيو ۽
گهيرو ڪيائون. گهڻا ڏينهن گهيرو هليو ۽ ٻنهي طرفن
کان ٺڪا ٺڪي ٿيندي رهي. آخر قلعي ۾ رهڻ وارا نهايت
تنگ ٿي پيا، ڇاڪاڻ جو ٻي ڪا به ٻاهرين مدد انهن کي
ملي ڪا نه سگهي. سنبل خان به ٻن هنڌان قلعي جي ڀت
ڦاڙي وڌي ۽ مغلن جو لشڪر اندر ڌوڪي ويو. قلعي ۾
سخت خونريزي ٿي قلعي وارا ڪي ماريا ۽ ڪي قيد ٿيا.
قلعي جو اڳواڻ غازي خان(1)
به قتل ٿي ويو.
دلاور جي قلعي مان تمام گهڻو خزانو مرزا شاهه حسن
کي هٿ آيو، جنهن جو وڏو حصو پاڻ رکيائين ۽ باقي
خزانو اميرن امرائن ۽ سپاهين کي ورهائي ڏنائين
اتان مرزا شاهه حسن اچ ۾ آيو ۽ اچ مان وري بکر ۾
اچي فتحيابيءَ جا جشن ملهائين (تاريخ معصومي)
|