سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب: -

صفحو :24

 

تاريخ سنڌ

 

 

 

ڀاڱو چوٿون

 

ارغون ۽ ترخان

 

 

محمد صديق ”مسافر“

 

ارغون خاندان جو بنيادي احوال

ارغون خاندان چنگيز خان جي اولاد مان هڪڙي شاخ آهي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:

ارغون خان بن اباڪا خان بن هلاڪو خان بن تولي خان بن چنگيز خان، امير تيمور، بابر بادشاهه ۽ مغل خاندان جا ٻيا مشهور شهنشاه به چنگيز خان جي اولاد منجهان هئا، تنهن ڪري چنگيز خان جي اولاد جو تفصيل هن موقعي تي بيان ڪرڻ مناسب ٿو ڄاڻجي، انهيءَ لاءِ ته ارغون خاندان ۽ مغل خاندان جا جيڪي لاڳاپا هڪ ٻئي سان هئا، سي چٽيءَ طرح معلوم رهن.

چنگيز خان هجري سنه 599 برابر عيسوي سنه 1202ع ۾ تخت نشين ٿيو هو. ان جا ڪل چوڏهن جاءِ نشين ٿيا: (1) اوڪتائي خان بن چنگيز خان (جيڪو هجري سنه 624 ۾ تخت نشين ٿيو) (2) ڪيوڪ خان (3) منڪو خان (4) هلاڪو خان (5) اباڪا خان (6) نڪو دار خان (7) ارغون خان (8) توئلا خان (9) ڪنجاتو خان (10) بائدو خان (11) خازان خان (12) الجائتو خان (خدا بندا خان) (13) ابو سعيد بهادر خان (14) امير تيمور (صاحبقران).

چنگيز خان کي چار پٽ هئا: (1) جوجي خان، جنهن کي پڻس ڪبچاق ۽ بلغار جو حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو هو. (2) چغتا خان، جنهن کي پڻس خراسان ۽ تاتاري ترڪستان جو حاڪم مقرر ڪري ڇڏيو. (3) اوڪتائي خان، جنهن کي پڻس پنهنجو ولي عهد مقرر ڪري ڇڏيو هو. (4) تولي خان، جنهن کي پڻس پنهنجي حاضريءَ ۾ رکيو هو.

چنگيز خان پنجويهه ورهيه حڪومت ڪرڻ بعد ٽيهتر ورهين جي ڄمار ۾ هجري سنه 624 برابر 1244ع ۾ وفات ڪئي. ان جي وفات کان پوءِ سندس اولاد مان ڇهه خاندان ٿي پيا. جن ان جي وڏي شهنشاهيت جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پنهنجيون پنهنجيون حڪومتون قائم ڪيون.

(1) الغ يورت جا حاڪم جيڪي ڪل پندرهن هئا. جيئن ته اوڪتائي خان، ڪيوڪ خان بن اوڪتائي خان، منڪو خان بن تولي خان، ڪبلا خان بن تولي خان، تيمور خان (الجائتو خان) ۽ ٻيا.

(2) ڪبچاق جا حاڪم، جيڪي ڪل اوڻيتاليهه هئا، جيئن ته جوجي خان، باتو خان بن جوجي خان ۽ ٻيا جن ۾ ازبڪ قوم جو باني ازبڪ خان به اچيو وڃي ٿو.

(3) ايران جا حاڪم، جيڪي ڪل پندرهن ٿيا. جيئن ته هلاڪو خان بن تولي خان، اباڪا خان، احمد خان ارغون خان بن اباڪا خان ۽ ٻيا، جن ۾ غازان خان بن ارغون خان به اچيو وڃي ٿو، جنهن دين اسلام اختيار ڪيو هو ۽ پنهنجو نالو سلطان محمود رکايو هئائين.

(4) نوران جا حاڪم (ترڪمانيه يا سئٿيا)، جيڪي ڪل چوٽيهه هئا. انهن ۾ پهريون حاڪم چغتائي خان هو ۽ پويون حاڪم سلطان محمود هو، جو امير تيمور گور گائون جو همعصر هو.

(5) شيبانيه شاخ وارا شهزادا، جيڪي جوجي خان جي اولاد مان هئا ۽ توران تي حڪومت ڪئي هئائون. اهي ڪل اوڻيهه حاڪم هئا. انهن جو لشڪر پاڻ کي ازبڪيه سڏائيندو هو.

(6) ڪاشغر جا حاڪم جيڪي چغتائي خان جي اولاد مان هئا ۽ ڪل اوڻيهه حاڪم ٿيا.(هسٽري آف سنڌ، جلد 2 ڀاڱو 1، مرزا قليچ بيگ مرحوم)

مرزا شاهه بيگ جي بيان ڪرڻ کان اڳ هيءَ ڳالهه تمام ضروري آهي، ته امير تيمور گورگائون جي جاءِ نشينن جا به نمبروار نالا پيش ڪجن، جن مان ڪن جاءِ نشينن سان مرزا شاهه بيگ جي والد ۽ خود مرزا شاهه بيگ جي ابتدائي ڪاررواين جو ڳوڙهو لاڳاپو آهي. اهي جاءِ نشين هي آهن:

(1) مرزا ميران شاهه بن امير تيمور، جيڪو پنهنجي پيءُ جي جيئري ئي عراق، آذربائيجان، دياربڪر ۽ شام جو حاڪم هو.

(2) مرزا عمر بن ميران شاهه.

(3) مرزا ابابڪر بن ميران شاهه.

(4) مرزا شاهه رخ بن ابابڪر، جيڪو پنهنجي پيءُ جي جيئري خراسان جو حاڪم هو.

(5) مرزا خليل بن ميران شاهه، جنهن سمرقند جو علائقو پنهنجو خاص پرڳڻو بنايو هو.

(6) مرزا الغ بيگ بن مرزا شاهه رخ.

(7) مرزا عبداللطيف بن الغ بيگ.

(8) مرزا علاءَ الددوله بن بائسنڪر بن شاهه رخ.

(9) مرزا سلطان محمد بن بائسنڪر.

(10) مرزا بابر بن بائسنڪر.

(11) مرزا عبدالله بن ابراهيم بن شاهه رخ.

(12) مرزا شاهه محمود بن بابر.

(13) مرزا براهيم بن علاءَ الدوله.

(14) مرزا سلطان ابو سعيد بن سلطان محمد بن ميران شاهه بن امير تيمور.

(15) مرزا عمر شيخ بن سلطان ابو سعيد.

(16) مرزا سلطان محمد بن سلطان ابو سعيد.

(17) مرزا بابر بن عمر شيخ.

(18) مرزا يادگار محمد بن سلطان محمد بن بائسنڪر.

(19) مرزا سلطان حسين بن منصور، جيڪو مرزا عمر شيخ بن امير تيمور جي اولاد مان هو.

(20) مرزا بديع الزمان بن سلطان حسين.

(21) مرزا مظفر حسين بن سلطان حسين.

نوٽ: پويان ٻئي حاڪم پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا ۽ خراسان ۾ گڏجي حڪومت ڪندا هئا. جن ٻنهي کي مرزا شاهه بيگ خراسان مان تڙي ڪڍيو هو. (هسٽري آف سنڌ- مرزا صاحب)

مرزا شاهه بيگ جو والد امير ذوالنون

مرزا شاهه بيگ جو اولاد امير ذوالنون بن مير حسن بصري، جيڪو ارغون خان جي اولاد مان هو. سو سلطان ابو سعيد (نمبر 14) جي فوج ۾ جنگي عملدار ٿي اچي بيٺو. امير ذوالنون ڪجهه وقت پنهنجي والد(1) مير حسن بصري سان گڏ هرات ۾ مرزا يادگار محمد (نمبر 18) وٽ به گذاري آيو هو ۽ پوءِ وري ٻه ٽي ورهيه وڃي سمرقند ۾ گذاريو هئائين. جڏهن ترخانن ۽ ارغونن سردارن جي وچ ۾ جنگ لڳي پيئي، تڏهن امير ذوالنون خراسان ۾ موٽي آيو، جتي سلطان حسين (نمبر 18) مٿس هٿ رکيو ۽ کيس غور ۽ داور علائقن جو گورنر مقرر ڪيائين. گورنر مقرر ٿيڻ بعد امير ذوالنون هزارا ۽ تڪدري قومن سان جنگيون ڪيون ۽ گهڻين جنگين بعد انهن قومن کي هجري سنه 884 برابر عيسوي سنه 1479ع ۾ پوري طرح ماري مڃايائين. انهيءِ ڪري سلطان حسين امير ذوالنون تي اهڙو خوش ٿيو، جو قنڌار، هرات ۽ غور جي ساري حڪومت کڻي سندس حوالي ڪيائين. امير ذوالنون پنهنجي گاديءِ جو هنڌ شال ۽ مستونگه ۾ ڪيو ۽ مليل علائقن تي چڱيءَ طرح حڪومت هلائڻ لڳو. (هسٽري آف سنڌ جلد 2 ڀاڱو 1، مرزا صاحب)

امير ذوالنون جي حڪومت

جيئن امير ذوالنون پنهنجي حڪومت هزارا، تڪدري ۽ ڪبچاق قومن کي پنهنجي هٿ ۾ رکڻ سان مضبوط بڻائي وڌي، تيئن سلطان حسين (نمبر 16) ۽ ان جو پٽ مرزا بديع الزمان (نمبر 20) مٿس حسد ڪرڻ ۽ ان جي زور ڀڃڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳا. جڏهن امير ذوالنون کي انهن جي ارادن جي خبر پئجي ويئي. تڏهن ان ڇا ڪيو، جو پنهنجو تختگاهه پنهنجن ٻن پٽن هر هڪ مرزا شاهه بيگ ۽ مرزا محمد مقيم ۽ پنهنجي ڀاءُ مرزا سلطان علي جي حوالي ڪري پاڻ هليو ويو. قنڌار. انهيءَ وچ ۾ جلد ئي مرزا بديع الزمان ۽ سندس پيءُ سلطان حسين جي وچ ۾ ناسازي پيدا ٿي پيئي، جنهن ڪري مرزا بديع الزمان قنڌار کان اچي نڪتو، جتي امير ذوالنون تمام چڱيءَ طرح ساڻس پيش آيو ۽ ان کي راضي ڪرڻ لاءِ گهڻي ۾ گهڻي ڪوشش ڪيائين. جيتوڻيڪ شيخ علي طغائي ۽ مرزا بديع الزمان جا ٻيا امير هن دوستيءَ جي برخلاف هئا، ته به امير ذوالنون پنهنجي وڏي نياڻيءَ جي شادي مرزا بديع الزمان سان ڪئي جنهن ڪري ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پڪي دوستي ٿي ويئي.

جنهن وقت مرزا بديع الزمان قنڌار ڏي هو، تنهن وقت سندس پٽ مرزا محمد مومن استرآباد ۾ هو. مرزا بديع الزمان جي غير حاضريءَ ۾ سندس ڀاءُ مرزا مظفر حسين (نمبر 21) هڪرو وڏو لشڪر وٺي پنهنجي ڀائٽي مرزا محمد مومن تي استر آباد ۾ ڪاهي ويو. مرزا محمد مؤمن پنهنجي چاچي سان بهادريءَ سان وڙهيو، پر قيد ٿي پيو ۽ کيس هرات ۾ رهايائون. (هجري سنه 903 برابر عيسوي نه 1497ع قيد ۾ هئڻ وقت ئي هو مرزا مظفر حسين جي ماءُ جي چورت تي مارجي ويو. مرزا مظفر حسين پنهنجي ماءُ جي چورت تي نشي جي حالت ۾ مرزا محمد مومن جي مارڻ جو حڪم ڏنو هو.

مرزا بديع الزمان جي طرفان مرزا سلطان حسين سان جنگ

جڏهن مرزا بديع الزمان پنهنجي پٽ جي دردناڪ قضيي جي خبر ٻڌي، تڏهن هو امير ذوالنون ارغون کي پاڻ سان همراهه ڪري وير وٺڻ لاءِ تيار ٿيو. انهيءَ تياريءَ جي خبر ٻڌي سلطان حسين پاڻ وڏو لشڪر وٺي قنڌار تي ڪاهي آيو. سلطان حسين جي پهچڻ کان اڳ امير ذوالنون پشنگ جو قلعو وڃي مضبوط جهليو پنهنجي پٽ مرزا شاهه بيگ کي قنڌار جي قلعي کي قابو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ ٻئي پٽ محمد مقيم کي داور جي قلعي سنڀالڻ لاءِ موڪليائين، باقي رهيل چوٿون لنگهه مرزا بديع الزمان پاڻ وڃي جهلي بيٺو. اهو به ٺهراءُ  پاڻ ۾ ڪري ڇڏيو هو، ته چئن ئي همراهن مان جنهن همراهه کي مدد جو ضرور ٿيندو، تنهن کي باقي رهيل ٽي همراهه مدد پهچائيندا.

جڏهن سلطان حسين قنڌار ۾ پهتو، تڏهن ات اڳ ۾ ئي اهڙو بندوبست ٿي ويو هو، جو سلطان حسين جي لشڪر ۽ گهوڙن کي ڪو به کاڌي پيتي جو سامان ۽ گاهه پنو ملي نه سگهيو، تنهن ڪري هو ڪنهن به ڪارروائي ڪرڻ ڌاران هرات ڏي موٽي ويو.

ٿوري وقت کان پوءِ  مرزا بديع الزمان ۽ شاهه بيگ ٽي چار هزار سپاهي ساڻ ڪري لنڪ نشين شهر ۾ سلطان حسين تي ڪاهي ويا، پر شڪست کاڌائون ۽ پٺ تي هٽيا. شاهه بيگ ڌاور ڏانهن ڀڳو ۽ بديع الزمان غور کان وڃي نڪتو. سلطان حسين وري اچي هرات ۾ سهڙيو. اهو واقعو ماه شعبان هجري سنه 900 برابر عيسوي سنه 1494ع ۾ ٿيو.

هجري سنه 904 مطابق 1498ع ۾ سلطان حسين ۽ بديع الزمان (پيءُ ۽ پٽ) جي وچ ۾ ڪن درويش بزرگن ۽ ساداتن جي هٿ وجهڻ ڪري صلح ٿيو. صلح جي شرطن موجب سيستان ملڪ بديع الزمان کي مليو، جنهن ڪري هو غور مان نڪري پنهنجي نئين رياست ۾ اچي گذارڻ لڳو. جڏهن سلطان حسين استرآباد ڏي ويو، تڏهن ان جي پرپٺ مرزا بديع الزمان ۽ امير ذوالنون هرات تي ڪاهه ڪئي ۽ اتي جيڪي سردار ۽ لشڪر موجود هئا تن کي ماري مڃايائون ۽ شهر ۾ ڏاڍي ڦرلٽ ڪرايائون. اها خبر ٻڌي سلطان حسين هڪڙو لشڪر وٺي ڪاهيندو آيو ۽ مرغاب ندي اڪري پار ٿيو.

اتي هن کي قنڌار کان آيل شاهه بيگ مليو، جيڪو سلطان حسين جي طرفان مرو تي ڪاهي ويو هو ۽ اتي جي گورنر پرنده بيگ کي قيد ڪريو پئي آيو. سلطان حسين استر آباد مان موٽڻ وقت پنهنجي پٽ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار نه سمجهيو، تنهن ڪري پٽ ڏي هڪڙو ايلچي موڪليائين، جنهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ صلح ڪرايو. انهيءَ صلح موجب بلخ جو علائقو مرزا بديع الزمان کي مليو، جيڪو وري اوڏاهين وڃي رهيو. امير ذوالنون ۽ ان جو پٽ شاهه بيگ ٻئي ڄڻا مرزا سلطان علي کي سيستان حوالي ڪري پاڻ قنڌار ۾ موٽي آيا.

هجري سنه 908 مطابق سنه 1502ع ۾ سيستان جي باغين جي طرفان هڪڙي ڳجهي پيغام اچڻ تي مرزا سلطان حسين پنهنجي ٻئي پٽ کي وڏو لشڪر ڏيئي سيستان روانو ڪيو. هي شهزادو جڏهن اڪ وٽ پهتو، تڏهن هڪڙي طرف کان امير ذوالنون شاهه بيگ ترڪمانن، ارغونن، تڪدرين ۽ هزارين جا لشڪر وٺي ڦري آيس ۽ ٻئي طرف کان سلطان علي (امير ذوالنون جو ڀاءُ، سيستان جو حاڪم) ڦري آيس. شهزادي کي اهڙو اچي سوڙهو گهٽيائون، جو هو جنگ جو ميدان ڇڏي ڀڄي ويو ۽ وڃي هرات کان نڪتو، امير ذوالنون سوڀارو ٿي سيستان ۾ آيو ۽ پوءِ وري قنڌار روانو ٿيو.

محمد مقيم ۽ مرزا بابر جي جنگ

انهيءَ وقت ڌارا مرزا ابو سعيد جو پٽ مرزا الغ بيگ جيڪو ڪابل جو حاڪم هو، تنهن وفات ڪئي ۽ ان جو ننڍو پٽ مرزا عبدالرؤف تخت نشين ٿيو، جيڪو جلد ئي ڪن باغي سردارن جي هٿان مارجي ويو. انهيءَ موقعي کي چڱو وجهه سمجهي امير ذوالنون جو ننڍو پٽ محمد مقيم هڪڙو لشڪر وٺي ڪابل تي ڪاهي ويو ۽ اهو شهر وڃي هٿ ڪيائين ۽ الغ بيگ جي ڌيءَ کي به پنهنجي نڪاح ۾ آندائين. هن ڪابل جا جهونا امير ۽ سردار موقوف ڪري ڇڏيا ۽ آرام سان اتي گذارڻ لڳو.

هجري سنه 910 (سنه 1504ع) جي شروع ۾ مرزا بابر (نمبر 17)  سمرقنڌ کان ڪاهي آيو ڪابل تي. محمد مقيم کلئي ميدان ۾ ان سان جنگ ڪرڻ جي پهچ نه ساري پاڻ کي قلعي ۾ لڪايو، جيڪو بابر جي گهيري ۾ اچي ويو. محمد مقيم هن شرط تي مرزا بابر جي پيش پيو، ته کيس معافي ڏني ويندي. مرزا بابر ان کي معافي ڏني ۽ هو ڪابل جي دعوى ڇڏي باعزت وڃي ڳوٺ پهتو.

امير ذوالنون جي وفات

ٻئي سال جي شروع ۾ محمد خان شيباني ازبڪ (چنگيز خان جي اولاد جي پنجين شاخ وارو) مڪڙن ۽ ماڪوڙين کان به گهڻو لشڪر ساڻ ڪري خراسان تي ڪاهي آيو. مرزا بديع الزمان دشمن جي اچڻ جي خبر ٻڌي امير ذوالنون ۽ ٻين دوستن کي صلاح مصلحت ۽ مدد لاءِ پاڻ وٽ گهرايو، امير ذوالنون پنهنجي پٽ شاهه بيگ کي قنڌار سنڀالڻ لاءِ، ٻئي پٽ مرزا محمد مقيم کي داور تي قابو رهڻ لاءِ ۽ پنهنجي ڀاءُ مرزا سلطان علي کي سيستان کي سوگهي جهلڻ لاءِ تاڪيد ڪري پاڻ مرزا بديع الزمان جي ڇانوڻيءَ ۾ وڃي حاضر ٿيو. انهيءَ وقت ازبڪن جو لشڪر آمويه ندي لنگهي کليل ميدان ۾ امير ذوالنون ۽ خراسان جي ٻين سردارن سان اچي سامهون ٿيون. سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن جا ڪيترائي جنگي بهادر مرد قتل ٿي ويا. خراسانين جي لشڪر کان ازبڪن جو لشڪر چئوڻو هو، تنهن ڪري خراسانين ڀاڄ کاڌي، مگر امير ذوالنون خراسانين جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ به تلوار هڻندو رهيو، تان جو شهيد ٿيڻ بعد به تلوار سندس هٿ ۾ ئي هئي.

مرزا شاهه بيگ جي حڪومت سنڌ کان ٻاهر

مرزا شاهه بيگ جي تخت نشيني

امير ذوالنون جي وفات کان پوءِ سندس پٽ مرزا شاهه بيگ ۽ مرزا محمد مقيم قنڌار ۾ ويا، ۽ ڪجهه وقت پيءُ جي عزاداريءَ ۾ گزارڻ بعد ارغونن ۽ ترڪمان سردارن جي پسند موجب مرزا شاهه بيگ پنهنجي پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو. هن پنهنجي لشڪر کي اڳي وانگر چست رهڻ لاءِ همٿائيندي وجهه پئي ڳوليا، ته ڪنهن طرح دشمن سان ٺاهه ٿي پوي. محمد خان شيباني خراسان فتح ڪرڻ کان پوءِ سڌو قنڌار تي رخ رکيو. ان جي پهچڻ جي خبر ٻڌي مرزا شاهه بيگ ۽ مرزا محمد مقيم هڪڙي ايلچي جي هٿان محمد خان شيباني ڏي صلح جو پيغام ۽ زيردست ٿي رهڻ جو انجام ڏياري موڪليو. محمد خان اهو پيغام ۽ انجام ٻڌي نهايت خوش ٿيو. ٽي گهوڙا، هڪڙو تنبو ۽ شاهي خلعتون ٻنهي ڀائرن ڏي موڪلي پاڻ خراسان ڏي روانو ٿيو.

بابر سان لڙائي

هجري سنه 923 (سنه 1517ع) ۾ مرزا محمد بابر ڪابل ۽ غزني فتح ڪرڻ کان پوءِ وڏو لشڪر وٺي قنڌار ۽ داور هٿ ڪرڻ لاءِ چڙهي ڪري آيو. مرزا شاهه بيگ ۽ ڀاڻس مرزا محمد مقيم قنڌار کان نڪري اڳڀرو وڃي مرزا بابر سان سامهون ٿيا. هڪڙي سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ ٻنهي ڀائرن کي شڪست پهتي ۽ انهن ڀاڄ کاڌي. قنڌار ۽ داور جي قلعن ۾ جيڪي خزانا امير ذوالنون جا گڏ ڪيل هئا، سي انهن پرڳڻن سميت مرزا بابر جي هٿ آيا ۽ مرزا بابر وري اهي سڀ خزانا پنهنجن اميرن وزيرن کي ورهائي ڏنا ۽ پنهنجي ڀاءُ مرزا ناصر الدين کي قنڌار جو حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پاڻ ڪابل ڏي موٽي ويو ۽ مرزا محمد مقيم جي ڌيءَ ماه بيگم کي کڻي ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مرزا شاه بيگ ۽ مرزا محمد مقيم وري زبردست لشڪر گڏ ڪري قنڌار تي ڪاهيو ۽ مرزا ناصر الدين کي هڪلي قنڌار هٿ ڪيائون. پوءِ جلد ئي مرزا محمد مقيم رحلت ڪئي. (هسٽري آف سنڌ جلد 2 ڀاڱو مرزا صاحب)

سوي فتح ڪرڻ

 جڏهن مرزا شاهه بيگ قنڌار کان شال ۾ آيو، تڏهن انهيءَ پرڳڻي جون ڪيتريون ئي قومون سندس جهنڊي هيٺ اچي گڏ ٿيون. هن سڌو سوي شهر جي قلعي تي ڪاهه ڪئي ۽ اهو فتح ڪيائين. سوي جي قلعي مان جيڪي ماڻهو اٿي ڀڳا، سي سنڌ ملڪ جي فتح پور شهر ۾ اچي رهيا، جو سوي کان هڪ سؤ ميل هيٺ تي هو. مرزا شاهه بيگ فتح پور تي ڪاهه ڪئي، جتي سوي جو حاڪم پير ولي برلاس مليس، جنهن جي هٿ ۾ بلوچن ۽ ٻين قومن مان ٻه ٽي هزار جنگي جوڌا اچي گڏ ٿيا هئا، اتي به هڪڙي جنگ ٿي جنهن ۾ مرزا شاهه بيگ فتحياب ٿيو. پير ولي برلاس جا ڪي ماڻهو قتل ٿيا ۽ ڪي فتح پور کان هيٺ سنڌ ڏي ڀڄي ويا. مرزا شاهه بيگ پوءِ فتح پور کان وري سوي ڏي موٽي ويو ۽ اتي ڪيتريون ئي نيون عمارتون ٺهرايائين ۽ ڳچ نوان باغ رکايائين ۽ هڪڙي نئين قلعي جو بنياد وجهارايائين. سوي واري سوڀ مرزا شاهه بيگ هجري سنه 925 (سنه 1519ع) ۾ حاصل ڪئي. (هسٽري آف سنڌ جلد 2 ڀاڱو مرزا صاحب)

ماه بيگم جي آزادگي

مٿي چيو ويو آهي، ته مرزا محمد بابر قنڌار فتح ڪرڻ وقت مرزا محمد مقيم جي ڌيءَ ماه بيگم کي کڻي وڃي ڪابل ۾ قيد رکيو. مرزا محمد بابر ڪجهه وقت کان پوءِ ماهه بيگم جي شادي پنهنجي هڪڙي امير محمد قاسم ڪوڪہ سان ڪرائي ڇڏي، جنهن مان ماه بيگم کي ناهيد بيگم نالي هڪڙي ڌيءَ به ڄائي.

مرزا شاهه بيگ جڏهن سوي فتح ڪرڻ بعد موٽي قنڌار آيو، تڏهن ماه بيگم جي والده بيبي ظريف خاتون ڪارو تل ڳچيءَ ۾ وجهي دروازي جي اندر سندس اڳيان پيش آئي ۽ ان جي چوغي جو پلاند جهلي روئڻ رڙڻ ۽ ٻاڏائڻ ۽ چوڻ لڳي ”توهان جي ڀاءُ جي نشاني ماه بيگم ڪابل ۾ قيد آهي، سا ڪيئن به مون کي آڻائي ڏيو”. مرزا شاهه بيگ پنهنجي ڀاڄائيءَ جو پريشان حال ڏسي ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ ڀاءُ جي جدائيءَ جو زخم به وري تازو ٿي پيس. ڀاڄائي کي دلداريون ڏنائين ۽ ماه بيگم جي آزاديءَ لاءِ پنهنجن خير خواه صلاحڪارن سان صلاحون مصلحتون ڪرڻ لڳو.

آخر مرزا شاهه بيگ کي سندس ٻن حرمن هر هڪ فاطمه سلطان بيگم ۽ خانزاده بيگم هيءَ صلاح ڏني، ته ” مرزا محمد مقيم مرحوم جي حرمسراءِ جي گولي دولت ڪتہ کي پهريائين ڪابل روانو ڪجي، جا ويس بدلائي ڪنهن نه ڪنهن حيلي سان ماه بيگم جي محلات ۾ وڃي پهچي ۽ اتي نوڪرياڻي رهي ماه بيگم کي حقيقتون ڏيئي پڪو ڪري. تنهن کان پوءِ اوهان کي اطلاع موڪلي، جنهن تي اوهين پنهنجا ڪي خاص حال محرم ماڻهو روانا ڪريو، جيڪي لڪ ڇپ ۾ ماه بيگم کي ڪابل مان ڪڍي هزارا جي رستي کان آڻي هت قنڌار ۾ پهچائين.“

مرزا شاهه بيگ کي به اها صلاح پسند آئي، تنهن دولت ڪتہ کي دولت خان نالي خقاص نوڪر سان شادي ڪرائي انهن ٻنهي زال مڙسن کي ڪابل ڏي روانو ڪيو. هي ٻئي زال مڙس ڪابل ۾ وڃي پهتا. دولت خان ڪنهن مخفي هنڌ تي رهيو ۽ دولت ڪتہ پنهنجي صورت ڏتڙيل ۽ قياس جهڙي بڻائي ڪنهن به حيلي سان ماه بيگم جي محلات ۾ وڃي سهڙي. هاڻي ماڻي ٿيڻ کان پوءِ ان ماهه بيگم سان خلاصيءَ طرح پنهنجي ساري حقيقت پيش ڪئي. ماه بيگم صغير سنيءَ ۾ بابر بادشاهه وٽ قيدخاني جو ذائقو چکيو هو، سا ڊڄڻ لڳي ۽ دولت ڪتہ کي منع ڪيائين، ته ”منهنجي آزادگيءَ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏي. مبادا منهنجي قنڌار پهچڻ کان پوءِ منهنجن مائٽن تي پنهنجي عزت بچائڻ خاطر مون کي وري به کڻي اوڙاهه ۾ اڇلائن!“ دولت ڪتہ پڪا سنهن ويساهه ڏيئي ماه بيگم جي دل تان سڀ ڊپ لاهي ڇڏيو. جنهن ڪري هوءَ مخفي طرح موٽي قنڌار هلي پنهنجي جيجل ماءُ سان ملڻ لاءِ تيار ٿي.

دولت ڪتہ پنهنجي مڙس کي هوشيار ڪري وري وڃي ماه بيگم وٽ رهڻ لڳي. دولت خان ساري حقيقت اچي قنڌار ۾ پهچائي جنهن تي مرزا شاه بيگ ڏاڍو خوش ٿيو. مرزا شاهه بيگ پنهنجا خاص حال محرم ماڻهو جهڙوڪ بابا ميرڪي شتربان، مير عاقل اتڪہ، ابو مسلم ڪوڪلتاش ۽ عبدالصمد ترخان کي ڳچ جيترا همراهه ڏيئي ڪابل ڏي روانو ڪيو. انهن وري رستي تان هزارهه قوم جا به ڳچ همراهه پاڻ سان کنيا ۽ منزلون ڪندي ڪابل شهر کان ٻاهر اچي ڪنهن مخفي هنڌ ٿاڻيڪا ٿيا. دولت ڪتہ پنهنجن ساٿين جي اچي پهچڻ جو اطلاع ماه بيگم کي پهچايو. قنڌار کان آيل ساٿين ٽي ڏينهن آرام ڪيو ۽ گهوڙن کي تازو توانو ڪيائون. چوٿين ڏينهن اڳينءَ نماز مهل ماه بيگم حمال خاني مان ويس بدلائي نڪتي ۽ ماڻهن جي گوڙ وچان ٻاهر نڪري هڪڙي گهوڙي تي پاڻ ۽ ٻئي گهوڙي تي دولت ڪتہ سوار ٿي ۽ اک ڇنڀ ۾ اچي پنهنجن ساٿين وٽ پهتيون. اوڏيءَ جو اوڏي مهل سڄو ساٿ واچوڙو بنجي هليو ويو.

ماه بيگم جي ڌيءَ ناهيد بيگم جيڪا ان وقت ڏيڍ سال جي هئي، تنهن کي ماه بيگم پاڻ سان کڻي نه سگهي ۽ نڪا ان جي کڻڻ جي پرواهه ڪيائين. سارو ساٿ رات ڏينهن گهوڙن کي سراڙو ڏياريندو ڪابل جي حد کان ٻاهر هزاره قوم جي حد ۾ اچي پهتو ۽ اتي ٻه ٽي ڏينهن بنا خوف آرام ڪري پوءِ منزلون ڪندي اچي قنڌار ۾ سلامت پهتو.

مرزا شاهه بيگ پنهنجي ڀائٽيءَ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيو ۽ نهايت قرب ۽ دلداريءَ سان ان کي محلات ۾ آندائين. ماءُ به پنهنجي ٽن چئن ورهين جي وڇڙيل ڌيءَ سان ملي اندر جي آڳ اجهائي جيڪي به همراهه ماهه بيگم کي وٺي آيا هئا، تن مان هر هڪ کي مرزا شاهه بيگ طرحين طرحين جا انعام ۽ بخششون ڏنيون ۽ مير عاقل اتڪہ کي ماهه بيگم جو مربي مقرر ڪيائين. هڪ سال کان پوءِ جڏهن خبر پيئي ته ماهه بيگم جو ڪابل وارو مڙس محمد قاسم ڪوڪہ ازبڪن جي جنگ ۾ قتل ٿي ويو، تڏهن ماهه بيگم جو نڪاح پنهنجي فرزند مرزا شاهه حسن سان ڪيائين. (تاريخ معصومي جزءِ سيوم)

مرزا شاهه بيگ جو قيد ٿيڻ ۽ ڇڏڻ

جڏهن ايران جي بادشاهه شاهه اسماعيل صفوي(1) هجري سنه 917 (1511ع) ۾ خراسان فتح ڪيو ۽ محمد خان شيباني شڪست کاڌي ۽ قتل ٿيو، تڏهن ساري ملڪ ۾ ٿرٿلو پئجي ويو. مرزا شاهه بيگ ڏٺو ته هڪڙي پاسي شاهه اسماعيل جهڙو جبرو بادشاهه وڌندو اچي ۽ ٻئي پاسي بابر بادشاهه جي گجگوڙ پيئي سجهي. هيڏانهن پاڻي هوڏانهن باهه، وڃجي سو وڃجي ڪيڏانهن؟ سمجهيائين ته ٻنهي ڌرين سان صلح ڪرڻ ڌاران ٻي ڪا به بچاءَ جي واٽ نه آهي، پهريائين ڪي ماڻهو قيمتي سوکڙين ۽ تابعداري مڃڻ جي پيغام سان بابر بادشاهه ڏانهن موڪليائين، جنهن اهي سڀ سوکڙيون ۽ پيغام قبول ڪري کيس گذريل قصور معاف ڪيا ۽ روبرو ملاقات ڪرڻ وقت کيس تمام گهڻي عزت ۽ سرفرازي بخشيائين. جڏهن شاهه بيگ ڪجهه وقت بابر بادشاهه وٽ گذاري قنڌار ڏي ٿي موٽيو، تڏهن بابر بادشاهه جي اشاري موجب هو رستي تي قيد ڪيو ويو ۽ ظفر جي قلعي ۾ قابو رکيو ويو.

مهتر سنبل نالي شاهه بيگ جي هڪڙي غلام کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن ان پنهنجي رئيس کي قيد کان آجو ڪرائڻ جو پڪو ارادو ڪيو. هو ظفر شهر ۾ آيو ۽ قلعي جي دروازي تي حلوائڪو دوڪان اچي کوليائين ۽ مٺائي وڪڻڻ جي بهاني تي قلعي ۾ رهندڙ ماڻهن سان ملڻ ۽ گهرو ٿيڻ شروع ڪيائين. انهيءَ ريت هن کي مرزا شاهه بيگ سان ملڻ جو موقعو ملي ويو، جنهن سان ڇوٽڪاري جون رٿون ڪري ڇڏيائين. هڪڙيءَ رات مهتر سنبل ڇا ڪيو، جو ڪي ماڻهو پنهنجي دڪان ۾ لڪائي وهاريائين ۽ پاڻ دستور موجب قلعي ۾ مٺائي ورهائڻ ويو، جيڪا مٺائي سخت نشي واري پاڻيءَ ۾ ٺهيل هئي. نتيجو اهو ٿيو، جو قلعي جا سڀ چوڪيدار ۽ سنڀاليندڙ نشي ۾ وٺجي ويا. ڪي سمهي رهيا، ته ڪي بيهوش رهيا. انهيءَ وچ ۾ مهتر سنبل ٻه ماڻهو پاڻ سان ڪري ڀت ٽپي قلعي ۾ مرزا شاهه بيگ وٽ ويو ۽ ان کي اتان ڪڍي گهوڙن تي چڙهي يڪي ساهي سلامت اچي قنڌار پهتا. قلعي جي ڀت ٽپڻ وقت مرزا شاهه بيگ جو هڪڙو ڏند به ڀڄي پيو هو. (هسٽري آف سنڌ جلد 2 ڀ 1)

بابر بادشاهه جا قنڌار تي حملا ۽ قبضو

مرزا شاهه بيگ جي قيد ٿيڻ واري وقت کان وٺي بابر بادشاهه کي قنڌار هٿ ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو، ماوراءِ النصر ۽ بدخشان ۾ ڪي اهڙا واقعا ٿي پيا، جن جي ڪري هو قنڌار تي ڪاهي نه سگهيو. اخر اهي خطرا ۽ رنڊڪون دفع ڪري بابر بادشاهه وڏو لشڪر پاڻ سان کڻي قنڌار تي ڪاهي ويو. شاهه بيگ ڇا ڪيو، جو جيڪو جنگي سامان ۽ کاڌي خوراڪ جو اسباب قنڌار ۽ ان جي آسپاس هو، سو سڀ گڏ ڪرائي پنهنجي هٿ وس ڪيائين ۽ قلعي جي برجن تي باخبر جنگي جوڌا مقرر ڪري ڇڏيائين ۽ ڪي جاسوس بابر بادشاهه جي لشڪر جي انداز معلوم ڪرڻ لاءِ روانا ڪيائين. جاسوسن اچي خبر ڏني، ته بابر بادشاهه سان ايترو لشڪر آهي، جنهن جو ڪاٿو ئي ڪونهي. تنهن هوندي به مرزا شاهه بيگ همت نه هاري ۽ جنگ لاءِ تيار ٿيو. بابر بادشاهه جڏهن پنهنجي لشڪر سميت قنڌار کان ٻاهر اچي منزل ڪئي، تڏهن اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ بلڪل ضعيف ٿي ويو، جنهن ڪري سندس امير وزير ۽ سپاهي بلڪل مايوس ٿي پيا. مرزا شاهه بيگ صلح جو وجهه ڏسي پنهنجن اميرن جي هٿان سوکڙيون پاکڙيون ۽ صلح جو پيغام بابر بادشاهه ڏي ڏياري موڪليو. بادشاهه به خوشيءَ سان صلح جي آڇ ۽ سوکڙيون قبول ڪيون ۽ خواجه جلال الدين جي هٿان گهوڙو ۽ سروپاءَ مرزا شاهه بيگ کي موڪليائين ۽ پاڻ ڪابل ڏي موٽي ويو. (تاريخ معصومي جزءِ سيوم)

شاهه بيگ جي طرفان اپر سنڌ ۾ ڦرلٽ

 بابر بادشاهه ڪابل ڏي موٽي ويو، تنهن کان پوءِ مرزا شاهه بيگ وري سوي ۾ اچي رهيو. هن کي پڪ هئي، ته ايندڙ سال بابر بادشاهه ضرور قنڌار تي وري حملو ڪندو ۽ قنڌار هٿ ڪرڻ ڌاران آرام نه ايندس. انهيءَ حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ ان کي چڱيءَ طرح ثمر گڏ ڪرڻو هو، تنهن ڪري سياري جي شروع ۾ ذوالقعد مهيني هجري سنه 920 ۾ سوي مان هڪ هزار سوار اپر سنڌ ڏي روانا ڪيائين، جن ڪاهان ۽ باغبان ڳوٺن ۾ ۽ انهن جي آسپاس اچي ڦرلٽ ڪئي. مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جيڪو ان وقت سنڌ ۾ هڪڙو زبردست عالم ۽ بزرگ هو، سو مرزا عيسى ترخان جي زبان مان ٻڌل ڳالهه ٿو ڪري، ته مرزا شاهه بيگ جي لشڪر هڪ هفتي اندر ايترو سامان ڦرلٽ ۾ هٿ ڪيو هو، جو هڪ هزار اٺ سامان سان لڏي سوي ڏي کڻي ويا هئا. اهي هڪ هزار اٺ به باغائن جي نارن ۽ هرلن مان ڇوڙيا هئائون انهيءَ مان تخمينو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪاهان ۽ باغبان ڳوٺن وارو پرڳڻو (دادو تعلقو ۽ ان جو آسپاس) انهن ڏينهن ۾ ڪهڙو نه وسندڙ ۽ سائو هو! (تاريخ معصومي)

بابر بادشاهه جي قنڌار تي ٻي ڪاهه

جيئن مرزا شاهه بيگ جو گمان هو، تيئن ٻئي سال بابر بادشاهه وري به قنڌار تي ڪاهي آيو. واٽ تي هزارهه قوم ۽ تڪدري قوم کي ماري مات ڪندو هو هجري سنه 921 ۾ قنڌار تي اچي ڪڙيڪو. انهن ڏينهن ۾ قنڌار ۾ سخت ڏڪار هو ۽ شهر جا سڀ ماڻهو وڃي قلعي ۾ پناهگير ٿيا. بابر بادشاهه جي فوج قلعي تي سخت گهيرو ڪيو ۽ سرنگ هڻڻ ۾ مشغول هئي، ته خدائي قدرت سان ساري فوج ۾ تپ جي بيماري پکڙجي ويئي، تنهن ڪري بابر بادشاهه انهيءَ ڀيري به صلح ڪري ڪابل ڏي موٽي ويو. (تاريخ معصومي)

بابر بادشاهه جو قنڌار تي ٽيون حملو ۽ مرزا شاهه بيگ

جي قنڌار تي حڪومت تان دستبرداري

هجري سنه 922 (1516ع) ۾ بابر بادشاهه وري به قنڌار تي ڪاهي آيو ۽ قلعي تي اچي گهيرو ڪيائين. سخت جنگ کان پوءِ مرزا شاهه بيگ ڏاڍو تنگ ٿي پيو، جنهن ڪري شيخ ابو سعيد پوراني کي صلح لاءِ بابر بادشاهه ڏي ڏياري موڪليائين. بابر بادشاهه پنهنجي پاران خواجه خداوند محمود ۽ خواجه عبدالعظيم کي موڪليو. انهن ايلچين ويهي عهدنامو لکيو، جنهن موجب هڪ سال کان پوءِ مرزا شاهه بيگ کي قنڌار جي حڪومت تان دستبردار ٿي ڪنهن به پاسي هليو وڃڻو هو. ٻنهي طرفن اهو عهدنامو بحال ڪيو، جنهن ڪري بابر بادشاهه موٽي قابل ڏي هليو ويو. مرزا شاهه بيگ وري شال ۽ سوي ۾ رهڻ جو ٺهراءُ ڪيو ۽ اتي رهڻ جا بندوبست ڪيائين. هجري سنه 923 (1517ع) ۾ مرزا شاهه بيگ قنڌار جي قلعي جون ڪنجيون مير غياث الدين جي هٿان بابر بادشاهه ڏي ڏياري موڪليون ۽ پاڻ هميشه لاءِ قنڌار جي حڪومت تان دستبردار رهيو. (تاريخ معصومي جزءِ سيوم)

مرزا شاهه بيگ جون سنڌ تي ڪاهون

شال ۽ سوي ۾ ٻه سال مرزا شاهه بيگ ڏاڍو ڏکيو وقت گذاريو، ڪيترو وقت ته سندس سپاهي گوگڙوءَ ۽ گجرن تي پيا گذاريندا هئا. آخر شاهه بيگ سنڌ تي ڪاهڻ ۽ ان جي هٿ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. مرزا شاهه بيگ پاڻ زرهي ۽ سيستان ڏي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ لشڪر وٺي ويو ۽ سندس باقي لشڪر سنڌ جي چانڊڪي پرڳڻي ۽ ماڇين جي ڳوٺن ۾ اچي ڦرلٽ ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو حاڪم ڄام نندو سمو هو. ڄام نندي جو پٽيلو ۽ سپهه سالار دريا خان ٺٽي مان وڏو لشڪر وٺي چانڊڪي پرڳڻي ۾ وڃي پهتو ۽ شاهه بيگ جي لشڪر کي سخت شڪست ڏنائين. مرزا شاهه بيگ جو مکيه فوجي عملدار مرزا ابو المحمد به انهيءَ جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. مرزا روزي ببگه ۽ ٻيا جيڪي ٿورڙا هزارهه قوم جا سپاهي ۽ ارغون وڃي رهيا هئا، سي به مارجي ويا، تنهن کان پوءِ درياءَ خان موٽي ٺٽي ۾ آيو.

مرزا شاهه بيگ جي ڪاهه ٺٽي تي

 انهيءَ سال جي پڇاڙيءَ ۾ ڄام نندي وفات ڪئي ۽ پٽس ڄام فيروز ٺٽي جي تخت تي ويٺو، جو اڃان الڙ نوجوان هو ۽ عيش عشرت ۾ گهڻو وقت صرف ڪندو هو، تنهن ڪري سنڌ ۾ گهڻي بي انتظامي پيدا ٿي پيئي.

دولت شاهي ۽ نور گاهي قبيلن جا ڪيترائي مغل قنڌار ۽ هرات کان ڀڄي ٺٽي ۾ ڄام فيروز وٽ اچي نوڪر بيٺا هئا. مرزا ڪيبڪ ارغون به خون جو ڏوهه ڪري ڪيترن ئي همراهن سميت ٺٽي ۾ اچي رهيو هو. انهن سڀني مغلن کي ڄام فيروز ٺٽي ۾ خلاصو محلو رهڻ لاءِ ڏنو جو اڄ تائين مغل واڙو سڏبو آهي. مير قاسم ڪيبڪي به ڳچ وقت ٺٽي ۾ اچي رهيو هو، تنهن سنڌ جي حڪومت جي بي انتظامي جو احوال مرزا شاهه بيگ کي وڃي ٻڌايو ۽ کيس ٺٽي جي تخت هٿ ڪرڻ لاءِ ترغيب ڏنائين. انهيءَ ڪري مرزا شاهه بيگ هجري سنه 924 (1518ع) ۾ وڏو لشڪر وٺي ٺٽي ڏانهن رخ رکيو.

مرزا شاهه بيگ جڏهن اپر سنڌ جي فتحپور، گنجابهه ڳوٺن ۾ پنهنجي لشڪر کي ٺاهڻ جوڙڻ لڳو، تڏهن ڪيترائي ماڻهو سندس لشڪر ۾ اچي شامل ٿيا. مرزا شاهه بيگ پنهنجن عملدارن مان مرزا بيگ علي مرزا سلطان علي ارغون مرزا زنيڪہ ترخان کي شال واري قلعي ۽ پنهنجي عيال جي سنڀال لاءِ شال ۾ رهايو. سلطان محمود، شاهه محمود جي ڀاءُ کي سوي واري قلعي جي حفاظت لاءِ ڇڏيائين ۽ ڪي عملدار فتحپور ۽ گنجابهه ۾ ڇڏيائين. مير فاضل ڪوڪلتاش کي ٻه سؤ چاليهه بهادر سپاهي همراهه ڏيئي اڳواٽ ٺٽي ڏانهن روانو ڪيائين ۽ مرزا شاهه بيگ پاڻ باغبان ڳوٺ ۾ اچي منزل ڪئي.

انهيءَ وچ ۾ دريا خان جي ٻن پٽن محمود خان ۽ مٺن خان سمن جو وڏو لشڪر ساڻ ڪري سيوهڻ کان ٽي چار ڪوهه پري ٽلٽي ۾ اچي ڇانوڻي لڳائي ۽ جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا.

مرزا شاهه بيگ جڏهن باغبان شهر ۾ اچي منزل ڪئي، تڏهن باغبان جا وڏيرا ان جا تابعدار اچي ٿيا ۽ سنديس رسائي ڪرڻ ۾ سعي ڪار رهيا. مرزا شاهه بيگ جي مرضي هئي، ته باغبان شهر جا ٻيا ماڻهو به بنان جنگ جهيڙي اچي تابعداري مڃين، پر انهن ماڻهن تابعداري نه مڃي، بلڪ جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.

آخر مرزا شاهه بيگ پاسو ڪري لڪي جي جبلن مان لنگهي ٺٽي ڏي ڪاهيندو ويو ۽ ٺٽي کان ٽي ڪوهه ڏکڻ طرف خانواه جي ڪناري تي اچي ڇانوڻي ڪيائين. تن ڏينهن  ۾ سنڌوندي ٺٽي شهر جي ڏکڻ طرف کان وهندي هئي. تنهن ڪري مرزا شاهه بيگ ڳچ ڏينهن اتي ترسي پيو، ڇاڪاڻ جو ويچار ۾ پئجي ويو، ته درياءَ ڪيئن لنگهجي؟ اوچتو هڪڙو پيادو واٽهڙو ڪنهن تانگهي گهيڙ تان درياءُ اُڪري مغلن جي ڇانوڻي کان اچي لنگهيو، جنهن کي چوڪيدارن پڪڙيو ۽ ان کان ڌمڪين سان تانگهي گهيڙ جو ڏس پتو ورتائون. تنهن کان پوءِ عبدالرحمان دولت شاهي، گهوڙي تي چڙهي ان گهيڙ وٽان درياءُ اڪري ويو ۽ وري اچي مرزا شاهه بيگ کي خبر ڏنائين. تنهن تي مرزا شاهه بيگ ڳچ ماڻهو ڇانوڻي جي حفاظت لاءِ ڇڏي پاڻ گهوڙي تي چڙهي درياءُ اُڪري آيو ۽ پٺيانئس لشڪر به ڇلنگيون ٿي درياءُ اڪري اچي ساڻس همراهه ٿيو. تاريخ 10 محرم الحرام هجري سنه 926 (سنه 1520ع) تي مرزا شاهه بيگ اچي ٺٽي شهر جي ٻاهران ڇانوڻي ڪئي. دريا خان سپهه سالار وڏو لشڪر ساڻ ڪري مرزا شاهه بيگ سان وڃي جنگ جوٽي ۽ ڄام فيروز پنهنجي محلات ۾ ويٺو رهيو. تمام سخت جنگ ٿي جنهن ۾ مرزا شاهه بيگ فتحياب ٿيو. ڄام فيروز پنهنجي لشڪر جي شڪست جي خبر سڻي محلات مان نڪري درياءَ جي ٻئي ڀر ڀڄي ويو. دريا خان ڪيترن ئي سمن سردارن سميت قتل ٿي ويو.

مرزا شاهه بيگ پوءِ محرم جي ويهين تاريخ تائين ٺٽي شهر ۾ اهڙي ڦرلٽ ڪرائي جو شهر ۾ قيامت مچي ويئي. ۽ شهر جي وڏن وڏن ماڻهن جا ٻار ٻچا به قيد ٿي ويا. قاضي قاضن، جو ان وقت ٺٽي ۾ رهندڙ وڏو عالم ۽ درويش هو، ان جا ٻار ٻچا به قيد ٿيا هئا. قاضي قاضن پنهنجن ٻارن ٻچن ڳولڻ لاءِ ٺٽي شهر جي گهٽين ۾ حيران ۽ پريشان ٿيو پي ڊوڙيو. آخر ان هڪڙو نهايت چڀندڙ لفظن وارو خط لکي مرزا شاهه بيگ ڏي موڪليو جو حافظ محمد شريف وڃي مرزا شاهه بيگ کي پهچايو. خط پڙهڻ شرط مرزا شاهه بيگ جي دل پاڻي ٿي پيئي. هڪدم شهر ۾ پڙهو گهمارايائين ته ٺٽي شهر جي ڪنهن به ماڻهوءَ جي ٻار ٻچي ۽ مال متاع کي هٿ نه لاتو وڃي تنهن کان سواءِ مرزا شاهه بيگ پنهنجو خاص تير قاضي قاضن کي نشانيءَ طرح ڏنو ۽ پنهنجو هڪڙو خاص ماڻهو به همراهه ڪري ڏنائينس ۽ پنهنجن عملدارن ۽ سپاهين کي تنبيهه چوائي موڪليائين، جن جن ماڻهن يا جنهن مال متاع تي قاضي قاضن هٿ رکي، سي ماڻهو يا مال متاع هڪدم ان جي حوالي ڪيو وڃي. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته ”جڏهن بادشاهه ڪنهن شهر ۾ داخل ٿيندا آهن تڏهن شهر کي گهڻي خرابي پهچائيندا آهن ۽ شهر جي باعزت ماڻهن کي بي عزت بنائيندا آهن.“ سو مضمون مرزا شاهه بيگ جي ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيڻ وقت هو به هو ٺهڪي ڦهڪي آيو هو. ٺٽي شهر تان اها آفت قاضي قاضن جي محابي ٽري ويئي. (تاريخ معصومي)

مرزا شاهه بيگ جي حڪومت سنڌ ۾

سنڌ جو اڌ شاهه بيگ جي قبضي ۾

 ڄام فيروز، جيڪو پنهنجي لشڪر جي شڪست معلوم ڪرڻ شرط ٺٽي شهر ۾ ٻار ٻچا ڇڏي پير آر ڳوٺ ۾ وڃي رهيو هو، تنهن جڏهن شهر جي ڦرلٽ ۽ ماڻهن جي ٻارن ٻچن جي گرفتاريءَ جون خبرون ٻڌيون، تڏهن سک ڦٽي پيس، ڇاڪاڻ جو سندس خواهه پڻس جا ٻار ٻچا به شهر ۾ ئي هئا. ڄام فيروز ڏٺو، ته مرزا شاهه بيگ جي پيش پوڻ ڌاران ٻيو ڪو به رستو ڪونهي، تنهن ڪري هڪڙي قابل ڳالهائڻي ماڻهوءَ جي هٿان هي پيغام مرزا شاهه بيگ ڏي ڏياري موڪليائين.

”هن غلام کي ايتري طاقت ئي ڪانهي، جو حضور جن سان مقابلو ۽ جنگ جهيڙو ڪري سگهي، هن وقت تائين جيڪي ڪم ٿي چڪا آهن، سي رڳو پنهنجي ساهه جي خوف ۽ ٻين جي ڀڙڪائڻ ڪري ٿيا آهن. جيڪڏهن بخشش جي پاڻيءَ سان مون نماڻي جا گناهه ڌوتا ويندا، ته هر حال زر خريد غلام ٿي گذاريندس ۽ جيستائين حياتي هونديم تيستائين حضور جن جي حڪم جي ليڪي کان ٻاهر قدم نه رکندس. جڏهن حضور جن پنهنجي لشڪر سميت ٺٽي شهر کان ٻاهر منزل انداز ٿيندا، تڏهن آئون حضور جن جي قدمبوسي اچي ڪندس.“

مرزا شاهه بيگ کي انهيءَ پيغام پهچڻ شرط رحم پئجي ويو، تنهن پيغام آڻيندڙ کي سروپا پهرائي ۽ ان کي انعام ڏيئي نهايت تسلي بخش لفظن ۾ ڄام فيروز ڏانهن ورندو پيغام موڪليو. انهيءَ پيغام پهچڻ تي ڄام فيروز تلوار پنهنجي ڳچيءَ ۾ لٽڪائي نهايت عاجزيءَ سان پير آر واهه جي ڪپ اچي بيٺو. مرزا شاهه بيگ علاءُ الدين ولد مبارڪ خان کي حڪم ڏنو ته ”ڄام فيروز جا ٻار ٻچا ۽ ٻيا سڀ سندس لاڳاپي وارا ماڻهو پاڻ سان وٺي وڃي ڄام فيروز کي پهچاءِ“ صفر مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ مرزا شاهه بيگ ٺٽي شهر کان نڪري ٻاهر اچي منزل ڪئي. اتي ڄام فيروز روبرو وٽس ويو ۽ وڃي آزيون نيازيون ڪيائين ۽ معافي گهريائين. مرزا شاهه بيگ ان کي اها سونهري ڪم ٿيل سروپا پهرائي، جا مرزا سلطان حسين (هرات جي بادشاهه) سندس والد امير ذوالنون مرحوم کي بخشي هئي.  پوءِ ڄام فيروز کي اٽالي سميت ٺٽي شهر ۾ وڃي رهڻ جي اجازت ڏنائين ۽ اميرن وزيرن سان صلاح ڪرڻ بعد آخري فيصلو اهو ڪيائين، ته ”سنڌ جو ملڪ قيام ڪشادو آهي، تنهن ڪري سارو ملڪ پنهنجن عملدارن جي سنڀال هيٺ ڇڏي نه سگهو. بهتر آهي، ته سنڌ جو ڏاکڻيو اڌ لڪي جي جبلن کان وٺي عربي سمنڊ تائين ڄام فيروز جي حوالي ڪريون ۽ سنڌجو مٿيون اڌ لڪي جي جبلن کان مٿي سوي تائين پنهنجن عملدارن جي حوالي ڪجي. اهو ٺهراءُ بحال ٿيو ۽ ڄام فيروز به انهيءَ ٺهراءَ ۾ ٻڌل رهيو. (تاريخ معصومي)

مرزا شاهه بيگ ٽلٽيءَ ۾

 سنڌ جي ورهاڱي فيصل ڪرڻ بعد مرزا شاهه بيگ ٺٽي کان روانو ٿيو ۽ منزلون ڪندي ڪندي جڏهن سيوهڻ ۾ پهتو، تڏهن معلوم ٿيس ته سيوهڻ ۾ به جيڪي مقابلي ڪرڻ جهڙا ماڻهو هئا، سي سڀ ٽلٽيءَ ۾ وڃي گڏ ٿيا آهن، سهتا ۽ سوڍا به گهڻي انداز ۾ اتي اچي حاضر ٿيا آهن ۽ جنگ جي باهه ڀڙڪائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيون ويٺا آهن. مرزا شاهه بيگ سيوهڻ جو قلعو پنهنجي قبضي ۾ ڪري اتي مير عليڪہ ارغون، سلطان مقيم بيگ لار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد خان ترخان کي ڇڏيائين. سلطان محمود خان ڪوڪلتاش بن مير فاضل ڪوڪلتاش کي بکر جي قلعي تي حاڪم ڪري موڪليائين ۽ جناب قاضي قاضن کي محمود خان بن دريا خان (جو ٽلٽيءَ واري مخالف فوج جو اڳواڻ هو) ڏي موڪليائين، ته ان کي وعظ ۽ نصيحت ڪري جنگ جي ارادي تان لاهي. قاضي قاضن رحه جي نصيحتن مخالف فوج تي ڪو به اثر نه ڪيو، تنهن ڪري مرزا شاهه بيگ ٽلٽي شهر کان ٻاهر اچي ڇانوڻي ڪئي.

اتي ڪنهن جاسوس مرزا شاهه بيگ کي اچي خبر ڏني، ته محمود خان ۽ مٺن خان (دريا خان جا پٽ) ۽ راڻو رڻيل سوڍو حضور جن جي اچي پيش پوڻ لاءِ تيار هئا، پر مخدوم بلال (1) (عليہ الرحمة) جو انهيءَ ملڪ ۾ هڪڙو وڏو بزرگ عالم آهي، سو انهن کي پيش پوڻ کان روڪي ٿو ۽ انهن کي جنگ ڪرڻ لاءِ همٿائي رهيو آهي. اهو ئي سبب هو، جو مرزا شاهه بيگ فتح حاصل ڪرڻ بعد مخدوم بلال (عليہ الرحمة) تي سختيون ڪيون ۽ مٿس ڏنڊ ۽ چٽيون وڌائين. آخر مرزا شاهه بيگ ڪجهه ٻيڙيون هٿ ڪري رات وچ ۾ پنهنجو لشڪر درياءَ جي هن ڀر ڪيو ۽ پاڻ به ٻپهرن جو درياءُ اڪري آيو. ٽلٽي جي ماڻهن رڻمل سوڍي ۽ ان جي ڀاءُ جو ڌاسنگ سوڍي کي مهڙ واري فوج جو اڳواڻ ڪري روانو ڪيو ۽ هوڏانهن وري مرزا شاهه بيگ پنهنجي مهڙ واري فوج جو اڳواڻ مير فاضل ڪوڪلتاش کي ڪري موڪليو. انهيءَ ٻنهي مهڙ وارين فوجن جي وچ ۾ سخت لڙائي ٿي، جنهن ۾ مير فاضل فتحياب ٿيو. پوءِ مرزا شاهه بيگ پنهنجي فوج سان ٽلٽي شهر ۾ گهڙيو ۽ سندس لشڪر کي ٽلٽيءَ جي قلعي وٺڻ ۾ ڪا به ويرم ڪانه لڳي. سمن جي فوج جا ڪي سردار ۽ سپاهي قتل ٿيا، ڪي درياءَ ۾ ٻڏا ۽ ڪن ڀڄي پنهنجي جند ڇڏائي. مرزا شاهه بيگ ٽي ڏينهن ٽلٽيءَ ۾ رهي مخالفن جي پاڙئي پٽي ڇڏي. سوڍن ماڻهن هن جنگ ۾ نهايت گهڻي بهادري ڏيکاري هئي، پر آخر رڻمل ۽ جوڌاسنگ سميت سڀ سوڍا مارجي ويا. تنهن کان پوءِ مرزا شاهه بيگ شال ۽ سوي ڏانهن هليو ويو. جيڪو اڌ سنڌ ملڪ پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هئائين، سو سندس مقرر ڪيل حاڪم چڱيءَ طرح سنڀاليو ويٺا هئا. (تاريخ معصو مي)

ڄام فيروز جي مدد ڪرڻ لاءِ مرزا شاهه حسن جو پيءُ

جي طرفان لشڪر وٺي سنڌ ۾ اچڻ

ڄام صلاح الدين سمو، جنهن ٺٽي جي تختگاهه وٺڻ لاءِ ڄام فيروز سان اڳيئي چڪريون کاڌيون هيون، پر دريا خان جي دهشت ان کي پي هٽايو، سو دريا خان جي مرڻ جي خبر ٻڌي گجرات کان جاڙيجن، سوڍن سمن ۽ کنگهارن جو وڏو ڪٽڪ وٺي ٺٽي تي ڪاهيندو آيو. ڄام فيروز انهيءَ ڪاهه جي خبر ٻڌڻ شرط پهريائين سيوهڻ ۾ آيو ۽ اتي اچي مرزا شاهه بيگ جي عملدارن سان احوال ڪيائين، جن وري اتان سارو احوال مرزا شاهه بيگ ڏي موڪليو ۽ ڄام فيروز به پنهنجي پاران پنهنجو خاص وزير علاءُ الدين بن مبارڪ خان اوڏهين روانو ڪيو، جنهن ترت مدد ملڻ لاءِ مرزا شاهه بيگ کي روبرو وڃي عرض احوال ڪيو. مرزا شاهه بيگ پنهنجن اميرن سان صلاح مصلحت ڪرڻ بعد پنهنجي نوجوان فرزند مرزا شاهه حسن کي وڏو لشڪر ڏيئي ڄام فيروز جي مدد لاءِ روانو ڪيو.

مرزا شاهه حسن تاريخ 14 محرم الحرام هجري سنه 927 (سنه 1520ع) شال مان روانو ٿيو ۽ ويهن ڏينهن بعد لشڪر سميت سيوهڻ ۾ اچي پهتو. مرزا شاهه بيگ هڪ ٻئي پٺيان مددي لشڪر جون ڇلنگيون سامان رسد سميت مرزا شاهه حسن جي پٺڀرائيءَ لاءِ موڪليندو رهيو ۽ پاڻ به لشڪر ساڻ ڪري آهستي آهستي منزلون ڪندو پٺيان پي آيو، تان جو سيوهڻ جي آسپاس اچي پهتو.

مرزا شاهه حسن سيوهڻ ۾ ساهي کڻي ساجو ٿيو ۽ اتان زبردست لشڪر وٺي اچي ٺٽي شهر کان ٻاهر منزل ڪيائين. ڄام فيروز قيمتي سوکڙيون ساڻ ڪري مرزا شاهه حسن جو استقبال وڃي ڪيو، جنهن پنهنجي پيءُ جي هدايت موجب ڄام فيروز کي تمام گهڻي عزت ڏني. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ مرزا شاهه حسن ۽ ڄام فيروز گڏجي پنهنجن لشڪرن سميت ڄام صلاح الدين کي رستي ۾ ئي وڃي سامهون ٿيڻ لاءِ روانا ٿيا. ڄام صلاح الدين مرزا شاهه حسين ۽ ڄام فيروز جي اچڻ جي خبر ٻڌي ريڻ واهه اڪري پنهنجي ڇانوڻي ڪئي ۽ پنهنجي لشڪر کي جنگ لاءِ تيار رکيو.

ڄام صلاح الدين جي منڍ واري لشڪر جو سپهه سالار سندس نوجوان پٽ هيبت خان هو، جو گجرات جي بادشاهه سلطان مظفر جو ناٺي هو. مرزا شاهه حسن جي منڍ واري لشڪر جو سپهه سالار مرزا عيسى ترخان هو. جنهن سان سلطان قلي بيگ ۽ مير عليڪہ جهڙا وڏا فوجي عملدار به همراهه هئا. انهن ٻنهي منڍ واري لشڪرن جي وچ ۾ سخت خونريز جنگ لڳي ويئي. انهيءَ وچ ۾ مرزا شاهه حسن پٺئين پاسي کان ڄام صلاح الدين جي لشڪر تي اچي ڪڙيو، جنهن ڪري قيامت خيز جنگ لڳي ويئي. ڄام صلاح الدين ۽ سندس نوجوان پٽ انهيءَ جنگ ۾ قتل ٿي ويا، جنهن ڪري ان جي باقي رهيل فوج ۾ اچي ڀاڄ پيئي ۽ گجرات ڏي اٿي ڀڳا. مرزا شاهه حسن ۽ ڄام فيروز فتحيابي حاصل ڪري موٽي ٺٽي ۾ آيا. (تاريخ معصومي)

مرزا شاهه بيگ جو سيوهڻ ۾ اچڻ

 مرزا شاهه حسن ڄام فيروز کي بي ڊپو ڪري پنهنجي پيءُ سان باغبان ڳوٺ ۾ اچي مليو. جتي مرزا شاهه بيگ ڳچ ڏينهن کان وٺي منزل ڪريو ويٺو هو. پٽ جي سوڀاري ٿي اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان کي انعام اڪرام سان نوازيائين. مرزا شاهه حسن کي پنهنجي باغبان واريءَ ڇانوڻيءَ جي سنڀال لاءِ ڇڏي مرزا شاهه بيگ ڪن سردارن سان گڏجي سيوهڻ ۾ آيو.

اچڻ شرط سيوهڻ جي قلعي کي اندران خواهه ٻاهران اچي مرمت ڪرايائين ۽ جيڪي عملدار اتي مقرر ڪيا هئائين، تن کي حڪم ڏنائين، ته پنهنجا گهر ۽ جايون قلعي ۾ ٺهرائين. هر هڪ عملدار کي جاين ٺهرائڻ لاءِ قلعي ۾ زمين به مقرر ڪري ڏنائين ۽ پڻ حڪم ڪيائين. ته جيڪو اناج ڍل طور ملي، سو قلعي ۾ حفاظت سان گڏ ڪيو وڃي.

قلعي جي خاطر خواهه انتظام رکڻ بعد مرزا شاهه بيگ بکر ڏانهن روانو ٿيو. جناب قاضي قاضن(1)  (رحمة الله عليہ) بکر کان ٽي منزلون اوريان مرزا شاهه بيگ جو استقبال اچي ڪيو، جنهن کي شاهه بيگ انعامن اڪرامن سان نوازيو. ساڳئي وقت ڄام فيروز جي طرفان قيمتي سوکڙيون جن ۾ ڪي عمدا گهوڙا به هئا ملڪ جي حال احوال ڀريل خط سميت مرزا شاهه بيگ کي اچي پهتيون. مرزا شاهه بيگ ڄام فيروز جي قاصدن کي انعام اڪرام ڏنا ۽ ڄام فيروز ڏي خط به لکي موڪليائين، جنهن ۾ لکيائينس، ”ته مون کي گجرات فتح ڪرڻ جو ارادو آهي. جڏهن گجرات فتح ڪندس، تڏهن سنڌ جو سارو مالڪ توکي بڻائيندس“.تنهن کان پوءِ مرزا شاهه بيگ بکر ڏي وڌيو. (تاريخ معصومي)

بکر ۾ ڌاريچن جي گرفتاري ۽ سندن ڪوس

بکر ڏانهن ايندي جڏهن مرزا شاهه بيگ بکر کان ڇهه ميل الهندي طرف چانڊڪي ڳوٺ ۾ اچي منزل ڪئي، تڏهن بکر جي حاڪم سلطان محمود خان بکر جو سارو حال احوال پنهنجي دايي بابا ڪوچڪ جي هٿان پنهنجي والد مير فاضل ڏانهن لکي موڪليو، جنهن وري اهو خط مرزا شاهه بيگ کي پيش ڪيو ۽ ان کان اجازت وٺي چانڊڪي ڳوٺ جي سامهين تڙ کان درياءُ اُڪتو ۽ ڪن وڏيرن ۽ اڳواڻن کي به دلداري پيئي پاڻ سان وٺي ويو. جڏهن الور جي ويجهو پهتو، تڏهن سلطان محمود خان پنهنجي پيءُ جي استقبال لاءِ وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، انهيءَ ارادي جي خبر ٻڌي مير فاضل پنهنجي پٽ سلطان محمود خان کي چوائي موڪليو ته ”بکر جي قلعي کان ٻاهر پير به نه ڪڍج. مڙس ماڻهو ٿيو ويٺو رهج. جيڪي ماڻهو تنهنجا مخالف ۽ بدخواه آهن، تن سڀني کي بکر جي قلعي ۾ قيد ڪيو.“

ڌاريچا ماڻهو به مرزا شاهه بيگ جي حڪم موجب بکر جي قلعي ۾ رهندا هئا. پر ڪجهه وقت کان پوءِ اهي سلطان محمود خان سان مخالفت ڪرڻ لڳا ۽ ان کي تڪليفون پهچائيندا رهيا. نه رڳو ايترو بلڪ سلطان محمود خان کي بکر مان تڙي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ڍلن ڏيڻ کان روڪڻ ۾ ڪمر ڪشي بيٺا. سلطان محمود خان جا جيڪي عملدار وٽن ويندا هئا، تن کي بي عزتو ڪريو روانو ڪندا هئا. آخر انهن ڌاريچن  روهڙيءَ جي ميدان ۾ لشڪر گڏ ڪيو ۽ سلطان محمود خان کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو ڪيائون. سلطان محمود خان به بکر جي قلعي مان نڪري انهن سان جنگ ڪرڻ لاءِ سنڀريو، پر قلعي ۾ رهندڙن ڪوٽائي ساداتن جي صلاح موجب ترسي پيو. هوڏانهن وري ڌاريچن ٻه ڀيرا درياءَ اڪري بکر جي قلعي تي حملي ڪرڻ جو ارادو ڪيو، پر ڪوٽائي ساداتن کي سلطان محمود خان جي طرفان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڏسي دل شڪستا ٿيا ۽ هٽي ويا.

جڏهن مير فاضل بکر جي نزديڪ اچي منزل ڪئي، تڏهن لالي مهر جيڪو وڏو زميندار هو، سو پنهنجن ڀائرن سميت سندس خدمت ۾ اچي حاضر ٿيو ۽ ڌاريچا زميندار به جدا جدا ڳوٺن مان گڏ ٿي مير فاضل جي سلام تي آيا. مير فاضل ستيتاليهن ڌاريچن وڏيرن کي پاڻ سان بکر ۾ وٺي آيو. سلطان محمود خان پنهنجي پيءُ جي قدم بوسي اچي ڪئي ۽ دل جو سارو درد ان سان اوريائين. مير فاضل ستاويهن ڌاريچن وڏيرن کي بروقت قتل ڪرائي ڇڏيو.

جڏهن مرزا شاهه بيگ کي خبر پيئي، ته مير فاضل خير سان بکر پهچي ويو، تڏهن پاڻ به تڪڙيون تڪڙيون منزلون ڪري سکر جي ميدان ۾ اچي منزل ڪيائين.

سلطان محمود خان اتي وڃي مرزا شاهه بيگ جو سلام ڪيو، جنهن ان کي نهايت مهرباني ۽ نوازشن سان نوازيو. قاضي قاضن (عليہ الرحمة) به پنهنجن ڀائرن سميت مرزا شاهه بيگ جي سلام تي آيو. سلطان محمود خان ڌاريچن جي ساري حقيقت مرزا شاهه بيگ جي اڳيان پيش ڪئي. مرزا شاهه بيگ وري قاضي قاضن ڏي منهن ڪري ان کان صلاح پڇي. قاضي قاضن رحه عرض ڪيو، ته ”هن ملڪ جي زمين پوسل واري آهي، جنهن ۾ ڪنڊا گهڻي قدر اڀرندا آهن. زمين کي ڪنڊن کان صاف ڪرڻ واسطي ڪوڏر هميشه ڪلهي تي رکڻ گهرجي.“

مرزا شاهه بيگ انهيءَ گفتي ٻڌڻ شرط سلطان محمود خان کي حڪم ڏنو، ته ”جيڪي ڌاريچا بکر ۾ موجود هجن، تن سڀني کي هڪدم وڃي قتل ڪريو”. تنهن تي سلطان محمود خان بروقت بکر ۾ آيو ۽ جيڪي به ڌاريچا قلعي ۾ هئا، تن مان هڪڙو هڪڙو ڪري قتل ڪرائيندو قلعي جي برج تان درياءَ ۾ ڦٽو ڪرائيندو ويو. جيستائين بکر جو قلعو موجود هو، تيستائين ان برج کي خوني برج سڏيندا هئا.(تاريخ معصومي)

ڪوٽائي ساداتن جو بکر جي قلعي مان نڪري وڃڻ

جيڪي ڪوٽائي سادات هينئر روهڙي ۽ سکر ۾ رهن ٿا، تن جا وڏا گهڻي زماني لاڪو بکر جي ڪوٽ ۾ حويليون ڪريو ويٺا هوندا هئا. سلطان محمود خان کي جڏهن مرزا شاهه بيگ بکر جو حاڪم ڪري موڪليو هو، تڏهن هو پندرهن ورهين جي عمر جو هو. بکر جي قلعي ۾ رهندڙن ڪوٽائي ساداتن نهايت ايمانداريءَ ۽ وفاداريءَ سان سلطان محمود خان جي پٺڀرائي ڪئي. ڌاريچن جي فساد ۽ ناسازيءَ جي وقت ۾ به انهن ساداتن جا هٿ سلطان محمود خان جو بچاءُ ڪندا آيا.

مرزا شاهه بيگ جي حڪم موجب بکر جي ڌاريچن کي جڏهن سلطان محمود خان قتل ڪرڻ خاطر جمع ڪيو، تڏهين ٻئي ڏينهن صبح جو ڪوٽائي ساداتن کي ساڻ ڪري مرزا شاهه بيگ جي سلام تي آيو ۽ ساداتن جي نيڪ خدمتن ۽ خير خواهيءَ جي گهڻي تعريف ڪيائين، جنهن ڪري مرزا شاهه بيگ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ساداتن کي انعام اڪرام ڏيئي نوازيائين. جڏهن مجلس برخاست ٿي ۽ سادات به موٽي  بکر ۾ آيا تڏهن سلطان محمود خان کان خلاصائيءَ ۾ مرزا شاهه بيگ ساداتن جو حال احوال پي ورتو. سلطان محمود خان وري به ساداتن جي گهڻگهرائي ۽ نيڪين جي تعريف ڪئي، مگر پڇاڙيءَ ۾ عرض ڪيائين، ته ”سادات حضور جن جي حڪومت جا بيشڪ خيرخواهه آهن، مگر سڀ هڪڙيئي ڪٽنب جا ۽ ڏاڍا جوان آهن تنهن ڪري انهن جي جماعت جو قلعي جي اندر رهڻ خطري کان خالي نه آهي“. اها ڳالهه ٻڌي مرزا شاهه بيگ مرڪيو ۽ چيائين ته ”ساداتن جي سفارش تو ڏاڍي چڱي ڪئي آهي“، پوءِ مرزا حمزه بيگ جي هٿان ساداتن ڏي پيغام موڪليائين، ته ”ڪي مغل آيا آهن، جيڪي قلعي ۾ ئي رهندا، تنهن ڪري جيڪي به سادات جدا جدا حويلين ۾ رهن ٿا، سي ٻن ٽن وڏين حويلين ۾ گڏجي وڃي رهن، ته باقي حويلين ۾ اهي مغل اچي پنهنجا آستان ڪن.“ انهيءَ نموني سان قلعي ۾ رهڻ ساداتن صلاح ڀري ڳالهه نه سمجهي تنهن ڪري مرزا شاهه بيگ کي چورائي موڪليائون ته ”مغل قلعي ۾ اچي رهن تنهن کان اڳ اسان کي اجازت ملي، ته ڪوٽ کان ٻاهر وڃي رهون“. تنهن تي مرزا شاهه بيگ انهن ساداتن کي روهڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ زمينون ڏنيون، جتي هو پنهنجون حويليون اڏائي اچي رهيا ۽ اڄ تائين سندن اولاد روهڙيءَ ۽ سکر پراڻي ۾ رهندو اچي ٿو.


(1)  تاريخ معصومي ۾ مير حسن بصري لکيل آهي، پر تحفة الڪرام ۾ مير حسن مصري لکيل آهي. تحفة الڪرام جو لکڻ درست پيو ڏسجي. (نوٽ: از مرزا قليچ بيگ مرحوم)

(1)  هي صفوي خاندان جي 9 بادشاهن مان پهريون بادشاهه هو شيخ صفي الله موسوي جي اولاد مان هو. اثنا عشري شيعه مذهب جو بنياد هن وڌو هو. (فٽ نوٽ مرزا صاحب)

(1)  مخدوم بلال عليہ الرحمة هڪڙو سمو سردار وڏو عالم ۽ بزرگ درويش هو، جنهن جو قبو ڳوٺ باغبان (باغ واهڻ) تعلقه دادو ۾ مشهور آهي. (مؤلف)

(1) قاضي قاضن (عليہ الرحمة) ان وقت مرزا شاهه بيگ جي طرفان بکر جو وڏو قاضي مقرر ٿيل هو. (مؤلف)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org