سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :17

 

(12) سڀ ڪنهن وڏي شهر ۾ قاضي مقرر ٿيل هوندو هو، جو رعيت جا فوجداري خواه ديواني معاملات  ۾ شريعت جي ٺهرايل قانونن موجب فيصلا ڪندو هو، انهي فيصلي تي ڪا به اپيل ٿيو نه سگهندي هئي. جيڪڏهن ٻن هنڌن جي وچ ۾ ڪو فوجداري يا ديواني معاملو هوندو هو، ته ان جي فيصلي ڪرڻ جو پورو پورو اختيار شهر جي هندو پئنچات کي هوندو هو.

(13) سنڌ جي قديم هندن جو قانون هوندو هو، ته فلاڻي قوم جا ماڻهو فلاڻي نموني جو لباس ڍڪين، فلاڻا ماڻهو گهوڙي تي سواري نه ڪن ۽ فلاڻا ماڻهو قافلن ۽ واٽهڙن کي رستو ڏيکاريندا رهن. اهي قانون عربن بحال رکيا. انهن ۾ هي واڌارو ڪيائون ته سڀ ڪو رهاڪو ماڻهو هر هڪ واٽهڙوءَ کي هڪ ڏينهن ماني کارائي ۽ ڪو واٽهڙو بيمار هجي ته ان کي ٽي ڏينهن ترسائي سندس خدمت ڪري.

(14) سنڌ جي هندن جو قديم دستور هوندو هو، ته سرڪار ۾ جيڪا ڍل ڏيندا هئا، تنهن جو ٽي في سيڪڙو وڌيڪ رقم به ڏيندا هئا، جا رقم سرڪار خاص طرح برهمڻن جي پوئواري ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندي هئي. عربن به هندن جو اهو دستور قائم رکيو.

(15) سنڌ فتح ڪرڻ تي درٻار خلافت جو ڪل خرچ سٺ لک درهم(1) يعني تيرهن لک پنجهتر هزار روپيا ٿيو هو ۽ سنڌ مان غنيمت جو مال ڪل سٺ ڪروڙ درهم يعني تيرهن ڪروڙ پنجهتر لک روپيا هٿ آيو، جنهن مان چار حصا فوجي سپاهين ۾ ورهايا ويا ۽ باقي پنجون حصو يعني ٻه ڪروڙ پنجهتر لک روپيا درهم خلافت ۾ پهچايا ويا.

سنڌ ۾ رهجي ويل عربي نسل قومون

سنڌ تي غزنوي گهراڻي جي حڪومت قائم ٿيڻ تائين وڏا وڏا عرب سردار ۽ جاگيردار سنڌ ۾ رهند اهئا. مگر غزنوي گهراڻي جي حڪمرانن انهن کي  سنڌ مان لڏائي ڇڏيو. فقط اهي عرب قومون سنڌ ۾ رهڻ ڏنائون جن مان مقابلي جو خطرو ڪونه هو، جهڙوڪ قاضي، مڪتبن جا آخوند، هنرمند، ڪاريگر ۽ هاري جي گهر ٻار ڪري ويهي رهيا هئا.

اهڙين سنڌ ۾ رهجي ويل عربي نسل قومن جو تفصيل تحفة الڪرام ۾ هن طرح لکيل آهي:

ثقفي - هي پشت به پشت الور ۽ بکر جا قاضي هئا. موسى بن يعقوبي ثقفي کي محمد بن قاسم پاڻ سان آندو هو ۽ الور فتح ڪرڻ بعد ان کي اتي جو قاضي مقرر ڪيو هئائين. سنڌ فتح ڪرڻ جو احوال جنهن شخص سڀ کان اڳ عربي زبان ۾ لکيو هو، سو قاضي موسى بن يعقوب جو پڙپوٽو قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن قاضي موسى هو.

بني تميم، يعني تميم جو اولاد، جي هن وقت ٿهيم سڏبا آهن.

بني مغيره، يعني مغيره جو اولاد، جي هن وقت موريا سڏبا آهن.

عباسي يعني حضرت عباس رضه (حضرت نبي ڪريم ﷺ جن جو چاچو) جو اولاد، عباسي خليفن جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڪيترائي عباسي سنڌ ۾ رهجي ويا، جيڪي گهڻو ڪري قضا جو ڪم يا مڪتبن ۾ تعليم ڏيڻ جو ڪم ڪندا هئا. ڪلهوڙا به عباسي قوم مان آهن.

صديقي يعني حضرت ابابڪر صديق رضه جو اولاد.

فاروقي يعني حضرت عمر فاروق رضه جو اولاد

بني حارث يعني حارث جو اولاد، جي هن وقت پنوهر سڏبا آهن.

منگي- هي بني تميم جي شاخ آهي.

جبريه - جن مان شيخ طائي درويش هالاڻي وارو هو.

بني اسد يعني اسد جو اولاد، جي اسدي سڏبا آهن.

بني عتبہ يعني عتبہ جو اولاد، قاضي برهان فتح پور وارو انهن مان هو.

بنوالي – هي صوفي فقير هئا، جن مان ڪيترائي درويش ريل پرڳڻي  ۾ آهن.

بني حاڪم يعني حاڪم جو اولاد، جن مان باجار ۽ جهانگار قومون آهن.

بني جريمہ يعني جريمہ انصاري جو اولاد، جي سيوهڻ وارا سپيا قوم جا ماڻهو آهن.

انصاري يعني مدينه منوره وارن انصارن جو اولاد.

جت ۽ (17) بلوچ هي ٻئي قومون هارون مڪراني جو اولاد آهن. (تحفة جلد 3 ۽ چچنامه جلد 2)

جڏهن بني تميم قبيلي جا ڪي ماڻهو بغداد جي خليفي مامون رشيد جي پاران سنڌ ۾ گورنر ٿي آيا هئا، تڏهن سامره شهر مان هڪڙي عرب قوم به سنڌ ۾ لڏي آئي هئي، جنهن جا پويان سومرا ٿا سڏجن.

(چچنامه جلد 2)

سنڌ جون سماٽ قومون

عربن ۽ بلوچن کان سواءِ ٻيون جيڪي ديسي قومون سنڌ ۾ رهنديون هيون، جي درجي بدرجي اسلام ۾ داخل ٿينديون آيون، تن کي سماٽ يعني سماٽن جون شاخون سڏبو آهي. انهن قومن جو بنياد ۽ تفصيل تحفة الڪرام جلد 3 ۽چچنامه جلد 2 ۾ هن طرح ڏيکاريل آهي.

سما قوم سام جو اولاد آهي. سام بابت هڪڙي روايت آهي، ته سام بن عمر بن هاشم بن ابو لهب هو. ٻي روايت ۾ آهي ته سام بن عمر بن عڪرمه بن ابوجهل هو. ٽين روايت ۾ آهي ته سما قوم ايران جي بادشاهه جمشيد جو اولاد آهي، پر سڀني معتبر تاريخن جو اتفاق هن ڳالهه تي آهي ته سام حضرت نوح نبي جي هڪڙي پٽ جو نالو آهي، جنهن جو اولاد وچ ايشيا کان آريه قوم جي نالي هندستان ۾ اچي رهيو هو. انهيءَ سام کي چار پٽا هئا:

(1) بڌا (2) سنگها (3) ڀاڳرت (همهر)

بڌا کي سورهن پٽ هئا؛ بده، سورهه، سهته، اکيل، اوتار، امرهه، بزير ۽ ٻيا. انهن ۽ سندن اولاد کي راٺوڙ سڏيندا آهن. سنگها ۽ همهر جي اولاد کي تودر سڏيندا آهن.

ڀاڳرت جو پٽ ڏير، ڏيري جو پٽ اجيپار، اجيپار جو پٽ دسرت.

دسرت کي ٽن راڻين مان چار پٽ ٿيا: (1) رام (2) لڪشمڻ (3) ڀرت (4) چتر گهن.

ڀرت کي چار پٽ هئا: پرهار، جنسپا، ڪوريجا ۽ ناهيه، چترگهن جو اولاد چارڻ سڏجن ٿا.

لڪشمڻ کي ڪو اولاد ڪونه هو. رام کي هڪڙو پٽ هو نواڪس، نواڪس جو پٽ هو اتت، اتت جو پٽ هو نرگنت، نرگنت جو پٽ هو ڪن، جنهن جي نالي ڪن شهر سڏبو هو. ڪن جو پٽ هو راجا سنبوت

راجا سنبوت کي چار پٽ هئا: (1) سام (2) بارڪرهه جنهن کي شاهه به چوندا هئا (3) هنرت جنهن کي دکن به سڏيندا هئا (4) ماوه. انهن مان سام کي هڪڙو پٽ هو جادم، جنهن کي وري چار پٽ هئا: (1) هسپت، جنهن جو اولاد آهن سنڌ جا سما (2) ڪجپت، جنهن جو اولاد آهن چندا. (3) ڀوپٽ، جنهن جو اولاد آهن سنڌ جا ڀٽي (4) جوراسمه، جنهن جي اولاد مان مشهور سخي شهزادو راءِ ڏياچ هو. جنهن ٻيجل چارڻ کي پنهنجو سر وڍي ڏنو.

جادم جي چئن پٽن مان هسپت کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو زبدري هو. زبدري نيٿ هو، جنهن جو پٽ نوتيار هو، نوتيار پٽ اوڍر هو، اوڍر جو پٽ ائوڌ هو. ائوڌ جو پٽ لاکيار هو، لاکيار جو پٽ لاکو هو.

لاکو بادشاهه ٿيو هو. ان جا چار پٽ هئا: (1) ائوڌ جنهن کي اولاد ڪونه هو، مگر سندس رهڻ جو هنڌ سندس نالي پٺيان ائوڌ ملڪ سڏجي ٿو. (2) مهر جنهن کي وري چار پٽ هئا: (1) ساڌيا (2) وديتر پاٺاري (3) ورها ۽ (4) ساند.

لاکو راجا پيريءَ ۾ وري پرڻيو هو. ان گهر مان به چار پٽ ٿيس: (1) انڙ (2) ڇٽو (3) ڦل لاکو ۽ (4) مناهيو. ڇٽي کي ٽي پٽ ٿيا: (1) بابڙو (2) دنڪنا ۽ (3) ڪلہ. ڦل لاکي جو پٽ هو ڪلاني. لاکي جي وڏي پٽ انڙ کي هڪڙو پٽ هو لاکو، انهيءَ لاکي جو پٽ هو سمو. سمي جا وري ٻه پٽ هئا: (1) ڪاڪو (2) جکريو.  ڪاڪي پوٽا مسلمان انهيءَ ڪاڪا جو اولاد آهن ۽ جکري مسلمان جکريي جو اولاد. ڪاڪا پنهنجي رياست ڪاڪ جو حاڪم هو. ان جا ٻه پٽ هئا: (1) پلي ۽ (2) رائدن. پلي جي اولاد مان مسرق سمو پنهنجي قوم جو سردار هو.

رائدن کي نَوَ پٽ هئا: (1) سمو، جنهن جو اولاد سميجا آهن. (2) نوتيار، جنهن جو اولاد نوت آهن. (3) لاکو، جنهن جو اولاد لنجار آهن. سنڌ جو مشهور درويش ساهڙ لنجار انهيءَ قوم مان آهي. (4) ابڙو، جنهن جو اولاد ڦل، ناهيا، ۽ ڏاهر ناهيا آهن. (5) ناهيو، (6) چنيسر، جيڪو پنهنجي وقت جو مشهور ماڻهو هو. (7) مناهيو، (8) ڪوريو، جنهن جو اولاد ڪوريجا آهن. (9) پلي، جيڪو پنهنجي قوم جو سردار ٿيو هو.

پلي بن رائدن جا وري ٻه پٽ هئا: (1) اڍو جنهن جو اولاد اڍيجا، بهريا ۽ ڪدريه پوٽا آهن. (2) ساند، جيڪو پنهنجي قوم جو سردار ٿيو هو.

ساند بن پليءَ جا ست پٽ هئا: (1) ڪاڪا، جنهن جو اولاد ڪاڪيجا پوٽا آهن. (2) جاڙهه، جنهن جو اولاد جاڙيجا ۽ جاڙا آهن. (3) وراهه، (4) چنيجا، (5) هنڱوره، جنهن جو اولاد هنڱورجا، اڍيجا،جڳسي ۽ ڌونرا آهن. (6) ديراهه، جنهن جو اولاد ڪڇ ملڪ وارا سما آهن. (7) ڄام هوٿي.

ڄام هوٿيءَ کي وري پنج پٽ هئا: (1) هالو، جنهن جو اولاد هالا آهن. (2) هنڱورو، جنهن جو اولاد ڌونرا هنڱورا، چارهه هنڱورا ۽ رامديهه آهن. (3) ساهڙ، جنهن جو اولاد ساهڙا سما آهن. (4) چيلاريا، جنهن جو اولاد نهڙيا آهن ۽ (5) ڄام هاپر.

ڄام هاپر جا ٻه پٽ هئا: (1) راهو ڄام، (2) ڄام جوناهه. ڄام جوناهه جو پٽ ڪر راهو ڄام، جنهن کي ٽي پٽ هئا: (1) ساند، جنهن جو اولاد رهوما، لاکاٽيا ۽ جکريا آه. (2) سومرو، (3) لاکا ڄام. لاکا ڄام جو پٽ هو ڪاها، جنهن جو پٽ هو لاکو. ڪاها جي وفات بعد کيس پٽ ڄائو هو، ان جو نالو به ڪاها رکيو هئائون.

لاکا بن ڪاهو کي ٻارهن پٽ هئا: (1) ڄام جوناهه، جنهن جو اولاد سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ سما هئا. جيڪي ساموئي(1) شهر ۾ رهندا هئا. (2) انڙ، جيڪو پهرين ماڻهن تي راڄ ڪندو هو ۽ بنان اولاد مري ويو. (3) پلي، جنهن جو اولاد ڦل سما آهن. (4) ڪاها، جيڪو سودياري سمن جو وڏو بزرگ هو. (5) اوٺا، جنهن جو اولاد ساها سما، اوٺا سما ۽ سيکاٽ سما آهن. (6) جيسر، جنهن جو اولاد ڀپريا آهن. (7) هنگر، (8) ابڙو، جنهن جو اولاد ابڙيجا آهن. (9) هنڱورو ڪنور، جيڪو سهيجا قوم جو سردار هو. (10) سلطان، جنهن جو اولاد سلطان اوٺا آهن. (11) رائدن ۽ (12) لاکو.

هنڱورهه ڪنور کي ٽي پٽ هئا: (1) ڏيسر، (2) منهيا ۽ (3) مريديو. ڏيسر کي پنج پٽ هئا: ڪاها، هالا، رڪن، هڱورو ۽ جوناهه.

نوٽ: مٿي انهن ديسي قومن جو تفصيل ڏنو ويو آهي، جيڪي عربن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ واري وقت ۾ سنڌ ۾ موجود هيون.

سنڌ ۾ عربن جي حڪومت وقت هندو رياستون

(1) رياست ڀنڀور

جتي هن وقت ميرپور ساڪرو ۽ گهوڙا ٻاري تعلقا آهن، اتي هڪڙي قديم هندو رياست هئي، جيڪا محمد بن قاسم کي جزيه ڀري ڏيڻ سان قائم رهندي آئي. انهيءَ رياست جو مشهور حاڪم راجا ڀنڀو راءِ هو، جنهن ڀنڀور جو شهر پنهنجي نالي پٺيان ٻڌايو هو. ڀنڀور شهر خليفي هارون رشيد عباسيءَ جي خلافت وارن ڏينهن ۾، سنه 171 هه (سنه 787ع) ۾ زمين ڌٻڻ ڪري ناس ٿي ويو. (چچنامه جلد 2)

ڀنڀور شهر اتي جي راجا جي پاين ڪري، خدائي قهر سبب، هڪڙيءَ رات اندر تباهه ٿي ويو. ڀنڀور جو ڦٽل شهر سمنڊ جي پاتل کان سڏ کن پنڌ تي، گهاري شهر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي انهيءَ شاهي رستي جي ساڄي پاسي آهي، جيڪو رستو ڪراچيءَ کان گهاري ڏي وڃي ٿو.

ڦٽل شهر جي حالت ڏسڻ مان ثابت ٿئي ٿو، ته ڀنڀور تمام وڏو ۽ وسندڙ شهر، سنڌو نديءَ جي هڪڙيءَ شاخ تي بندر هو. (ايليٽ صاحب جي تاريخ هندستان، جلد 1)

 ڀنڀور اهو شهر هو، جتي سسئي نپني ۽ ساماڻي هئي. سسئي ۽ پنهونءَ جي آکاڻي سنڌ ۾ مشهور آهي. سنڌ جي وڏن وڏن بزرگ شاعرن سسئيءَ جي سچي عشق کي ساراهيو آهي ۽ پاڻ کي سسئيءَ جي عاشقانه لباس ۾ ڍڪي، پنهنجي حقيقي عشق ۾ ڳايو آهي. جيئن سنڌي ڪتابن ۾ سسئي ۽ پنهونءَ جي آکاڻي لکيل آهي، تنهن کان ڪي قدر ٻيءَ طرح ايليٽ صاحب اها آکاڻي پنهنجيءَ تاريخ ۾ لکي آهي. ايليٽ صاحب جي لکيل آکاڻيءَ جو ترجمو پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ هت ڏجي ٿو:

سسئي ۽ پنهونءَ جي آکاڻي

راجا دلوراءِ جي رياست ۾ ڀامبرا واهه نالي ڳوٺ هو، جنهن ۾ نانيو نالي برهمڻ پنهنجيءَ زال نالي منڌر سميت رهندو هو، جن کي اولاد جي تمام گهڻي سڪ هئي. هنن کي ڪنهن الله لوڪ دعا ڪئي، ته اوهان کي چنڊ جهڙي ڌيءَ ٿيندي، پر ان جي شاديءَ جو الڳ هڪڙي مسلمان ساڻ لکيل آهي. اها ڳالهه ٻڌي ٻئي زال مڙس ڏاڍي جهوريءَ ۾ پئجي ويا، پر ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي.“

نانئي کي ڌيءَ ڄائي. اها سندن اکين ڏسندي ڪنهن مسلمان سان پرڻجي، سا ڳالهه ٻنهي زال مڙس کي اگري لڳي. تنهن ڪري دل جو سور دل ۾ رکي پنهنجي پياري سڪيلڌي ڌيءَ کي هڪڙيءَ پيتيءَ ۾ بند ڪري کڻي سنڌو درياءَ جي سرن وڌائون. اها پيتي لڙهندي لڙهندي اچي ڀنڀور بندر کان نڪتي.

ڀنڀور شهر ۾ ناهيو(1) يا لعل نالي هڪڙو وڏو مالدار ڌوٻي رهندو هو، جنهن وٽ پنج سؤ ڪمي ۽ سيکڙاٽ ڪم ڪندڙ هئا، مگر اولاد ڪونه هوس. ان جي هڪڙي ڪميءَ کي اها پيتي درياءَ ۾ لڙهندي نظر آئي، جنهن اها ڪڍي آڻي پنهنجي اُستي ناهيئي جي اڳيان رکي. ناهيو جان کڻي پيتي کولي، ته منجهس چنڊ کي شرمائيندڙ جيئري جاڳندي معصوم نياڻي پيئي آهي. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڇوڪريءَ جو نالو ”سسئي“ (چنڊ) رکي پنهنجي ڌيءَ ڪري وڃي نپايائينس.

جيئن سسئي وڏي ٿيندي ويئي. تيئن سندس سونهن چنڊ وانگر  روزبروز ويئي وڌيڪ تجلا ڪڍندي ۽ سندس حسن جي هاڪ ويئي ملڪن ۾ پکڙندي. انهن ڏينهن ۾ ڪيچ ۽ مڪران کان واپاري قافلا ڀنڀور ۾ ايندا ويندا هئا. ڪيچ جي والي آري ڄام جو نوجوان پٽ پنهون پنهنجي ڳوٺ جي سوداگرن کان سسئيءَ جي سونهن جي هاڪ ٻڌي، سوداگر جي ويس ۾ ڀنڀور کان اچي نڪتو.

قدرت جو نياءُ ائين ئي بڻجڻو هو. هيڏانهن سسئيءَ کي ڏسڻ شرط پنهون دل ڦرائي ويهي رهيو، ته هوڏانهن سڪ جي سينڱ سسئي جي اندر ۾ گهاءُ ڪري وڌو. آخر ٻنهي کي وصال جي واٽ هي نظر آئي جو پنهون ناهئي ڌوٻي وٽ نوڪر ٿي بيٺو ۽ ٻين نوڪرن سان گڏ ڪپڙا ڌوئڻ لڳو. ڇا لڳي ڪيچ جوڳ شهزادو، ته ڇا لڳي ڦرهو سٽڻ! پر، ”عشق آهي نانگ، خبر کاڌن کان پڇو.“

سهجان نالي هڪڙي سوناريءَ جي مرضي ٿي ته پنهونءَ جي دل سسئي کان هٽائي پڇاڻ ڏي مائل ڪري سا هڪڙي پاسي سسئيءَ جي برخلاف پنهونءَ جي دل تي ڪٽر وجهڻ لڳي، ته ٻئي پاسي سسئيءَ جي دل ڀڃڻ لاءِ دلبا ڪرڻ لڳي. پر سسئي پنهنجي اندر جي سچائيءَ ڪري انهيءَ آزمائش جي باهه مان سون وانگر  چمڪي نروار ٿي. آخر پنهون ۽ سسئيءَ جي شادي ٿي وئي.

پنهونءَ جو پيءُ پنهنجي پياري پٽ جون خبرون ٻڌي ڏاڍو ڏکارو ٿيو ۽ پنهنجن ٻين ٻن پٽن کي چيائين ته ”ڀنڀور ۾ وڃو ۽ ڪنهن به تجويز سان پنهونءَ کي وٺي اچو“ پنهونءَ جا ڀائر ڀنڀور ۾ آيا ۽ سسئيءَ جا مهمان ٿي اچي رهيا. هڪڙيءَ رات پنهونءَ کي ننڊ جي حالت ۾ اٺ تي ٻڌي کڻي اٿي هليا. سسئي صبح جو اٿي، ته نه پنهون ٺهي ۽ نه مهمان. پوءِ ويهڻ وهه ٿي آيس، هار سينگار ڦٽا ڪري اڪيلي ئي اڪيلي پنهونءَ جا پير کڻي ڪاهي پيئي رڻ ۾.

چاليهن ڪوهن ڪرڻ ۽ جبل جاهڳڻ بعد پير ڇلجي پيس. اڃ اهڙو هلاڪ ڪيس، جو ماندي ٿي ڪري پيئي ۽ کڙيون زمين تي گهرڙڻ لڳي، جيئن ڪو ڪٺل جانور گهرڙيندو آهي. مالڪ جي مهر سان اتي پاڻيءَ جو چشمو پيدا ٿي پيو، جنهن مان پاڻي پي سسئي تازي تواني ٿي ۽ وري پنڌ ڪرڻ لڳي. ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن، ته اهو چشمو اڃا تائين پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي ۽ سارو سال برسات نه پوي، ته به چشمو اهڙو ئي ڀرپور ٿو رهي. ڳالهه ٿا ڪن، ته ڀنڀور ۾ نئين ڪنوار هئڻ ڪري ان وقت جي رسم موجب سسئي مينديءَ جي ٽاري هٿ ۾ ڪريو ستي پيئي هئي. سا ٽاري به هٿ ۾ ئي ڪري پنهونءَ جي ڳولا ۾ نڪتي هئي. سسئي جبل ۾ پيدا ٿيل چشمي جي ڪپ تي اها ٽاري کوڙي ڇڏي هئي. سا وڻ ٿي پيئي ۽ اڄ تائين اهو مينديءَ جو وڻ بيٺل آهي.

چشمي تان اٿي هلڻ بعد ٻيا به ڇهه ست ڪوه جبل جهاڳڻ کان پوءِ سسئيءَ کي وري به اچي اڃ هلاک ڪيو. ايتري ۾ هڪڙو ريڍار اچي مليس، جنهن هن کي کڻي وڃڻ جا خيال ڏيکاريا. سسئي ان کي چيو ته ”آئون ٿڪل ۽ اڃاتل آهيان، مون کي کارائي پياري ڍؤ ڪرائڻ کان سواءِ تون مون ۾ طمع رکين، سا ڪهڙي نه بي انصافي چئبو“. ريڍار اها ڳالهه ٻڌي پنهنجي ڌڻ ڏي ڀڳو ۽ کير ڏهي وٽو ڀري موٽي، ريڍار پٺ ڏني ۽ سسئي پنهنجي سائينءَ کان لڄ ۽ پناهه رکڻ جو سوال ڪيو. خدا تعالى جو هيڻن جو همراهه ۽ بي پناهن لاءِ سچي پناهه آهي، تنهن سسئيءَ جو سوال قبول ڪيو. زمين ڦاٽي پيئي ۽ سسئي اندر گهڙي ويئي. فقط سسئيءَ جي چنيءَ جو پلاند ٻاهر رهجي ويو. ريڍار موٽي اچي، ته ٻيو ڪجهه به نه آهي، فقط چنيءَ جو پلاند زمين کان ٻاهر نڪتل نظر پيو اچي. ريڍار ڏاڍو ڦڪو ٿيو، ۽ آسپاس جا پٿر ميڙي اتي قبر جي نشاني ٺاهي ڇڏيائين.

پنهونءَ کي جو ڀائر فريب سان ڪيچ کڻي ويا هئا، تنهن کي اتي نه ستي سک نه ويٺي آرام هو، رات ڏينهن سسئيءَ جي ساروڻيءَ ۾ ان لاءِ واويلا ۽ ماتم ۾ هو. آريءَ ڄام کي پٽ جي اهڙي حال ڏسڻ سان اُن جي مرڻ جو انديشو نظر آيو، تنهن ڪري پٽن کي چيائين ته ”هن کي ڀنڀور وٺي وڃو ۽ ڪنهن به طرح سسئيءَ کي به ساڻس گڏي وٺي اچو.“

پنهونءَ کي سندس ڀائر اُٺ تي چاڙهيو وٺيو پئي آيا، ته واٽ تي جبلن ۾ نئين تربت ڏسي پنهونءَ جي اندر ۾ قدرتي تانگهه پيدا ٿي پيئي ۽ بيهي قبر کي جاچي ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ ساڳيو ريڍار اتي اچي سهڙيو. جنهن سارو قصو ذري پرزي بيان ڪري ٻڌايس. تنهن تي پنهون اُٺ تان لهي پيو ۽ ڀائرن کي چيائين، ته ”توهين ٿورو ترسو ته آئون قبر جي زيارت ڪري اچان.“ پنهونءَ قبر تي پاڻ کي اچي اڇليو، ۽ سچيءَ سڪ سان پنهنجي مطلب سان وصال حاصل ڪرڻ بابت حق جي درگاهه ۾ ٻاڏائڻ لڳو. نااميدن کي اميدن بخشڻ واري ڪريم ڪارساز جي قدرت سان ساڳي زمين ڦاٽي پيئي ۽ هي ٻئي طالب مطلوب ائين وڃي مليا، جيئن بادامي جا ٻه گورا هڪ کل ۾.

مير معصوم شاهه بکر واري اهو قصو ”حسن و ناز“ جي نالي سان پارسي مثنويءَ ۾ لکيو آهي. قاضي مرتضى سورٺي ساڪن ڳوٺ کٽياڻ ساڳيو قصو نرالي طرز جي نظم ۾ تيار ڪري محمد شاهه دهليءَ جي بادشاهه جي دربار ۾ پيش ڪيو هو. اهو پنهنجي ڪتاب ۾ هيءَ ڳالهه ٿو لکي:

”اسماعيل نالي هڪڙو ملتان جو صوفي درويش ملتان کان هنن جبلن ۾ آيو ۽ پڪو ارادو ڪيائين ته جيستائين سسئي ۽ پنهونءَ جو ديدار نه ڪندس، تيستائين نه کائيندس نه پيئندس. اهو ارادو ڪري هنن سچن عاشقن جي تربت جي سيرانديءَ ويهي رهيو، تان جو انهيءَ بک ۽ اُڃ ۾ ٽي ڏينهن گذري ويس. ٽن ڏينهن بعد هڪڙي پيرسن زال ماني ۽ پاڻي کڻي اچي ان درويش وٽ حاضر ٿي ۽ کائڻ پيئڻ لاءِ آڇ ڪيائينس. درويش چيو ته ”مون انجام ڪيو آهي، ته جيستائين سسئي ۽ پنهونءَ جو ديدار نه ڪندس، تيستائين ڪڏهن به نه کائيندس نه پيئندس: ڀل ته مري وڃان“. تنهن تي ان ٻڍڙيءَ زال چيس ته ”سسئي آئون آهيان، باقي پنهونءَ جي ديدار جو آسرو ئي نه ڪر، ڇاڪاڻ جو زماني تي اعتبار ڪونهي. آئون اڳيئي ڀائرن مان سبق سکي چڪي آهيان“. درويش چيس ته ”سسئي جي حسن ۽ جوانيءَ جي هاڪ ملڪن ۾ مشهور آهي، تون ٻڍڙي زال آهين، تنهن ڪري مون کي ڪيئن اعتبار ٿئي، ته ساڳي ئي سسئي آهين. سسئي امالڪ پنهنجي اصلي حسن ۽ جوانيءَ جي حالت ۾ مٽجي پيئي ۽ درويش کي چيائين، ته ”هاڻ ماني کاءُ ۽ پاڻي پيءُ“ درويش چوڻ لڳو ته“ ”جيستائين پنهونءَ جو ديدار نه ڪندس، تيستائين ڪجهه به نه کائيندس“ تنهن تي سسئي قبر ۾ گهڙي ويئي ۽ پنهون چيلهه جيترو ٻاهر ظاهر ٿيو، جنهن کي سسئي ڀاڪرن ۾ مضبوط جهليو بيٺي هئي، انهيءَ انديشي جي ڪري ته متان ساڻس وري به اڳئين وانگر ڪو ترڪٽ نه ٿئي.“

ڪيترن ئي ٻين صاف دل درويشن سسئي ۽ پنهونءَ جو ديدار ڪيو آهي، اڄ تائين به جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ رات انهن سچن عاشقن جي تربت وٽ وڃيو گذاري ٿو، ته ان کي ازغيبي طعام ملي ٿو.

(ايليٽ بحواله تحفة الڪرام)

 

(2)  رياست الور

فاتح سنڌ محمد بن قاسم جڏهن سنڌ فتح ڪئي هئي، تڏهن الور کي سنڌ جو تختگاهه بنايو هئائين ۽ دمشق جي بني اميه خليفن جا گورنر الور ۾ رهندا هئا. پر خليفه هشام بن عبدالملڪ (سنه 105 هه کان سنه 127 هه تائين)  جي وقت ۾ جيئن درٻار خلافت جي سڀني پرڳڻن ۾ بغاوتون ۽ بدامني پيدا ٿي پئي ئي، تيئن سنڌ پرڳڻي ۾ به بي انتظامي ۽ بدامني کڙي ٿي وئي هئي. سنڌ ۾ جيڪي عرب سردار ۽ جاگيردار هئا، تن ۾ اهڙي گهرو ويڙهه پيدا ٿي پئي هئي، جو سنڌ جو گورنر تميم گورنريءَ تان هٿ کڻي، الور مان نڪري ويو ۽ ٻيا به ڪيترائي عرب عملدار ۽ سردار سنڌ ڇڏي هلي ويا. انهن عرب سردارن ۾ جيئن ڪي ديسي قومن جا مسلمان سردار به پنهنجون پنهنجون رياستون بڻائي انهن جا مالڪ بڻجي ويٺا، تيئن ڪي هندو راجڪمار به پنهنجون پنهنجون رياستون بڻائي ويهي رهيا. انهن هندو رياستن ۾ مکيه رياست هئي الور.

وري به خليفي هشام، جڏهن حڪم کي سنڌ جو گورنر ۽ عمرو بن محمد بن قاسم کي ان جو سپهه سالار ڪري سنڌ ۾ موڪليو، تڏهن انهن اچي سنڌ جي بدانتظامي دفع ڪئي ۽ پنهنجي تختگاهه لاءِ اول محفوظ ۽ پوءِ منصوره  جا نوان ٻڌايل شهر مقرر ڪيائون. انهن عملدارن ڪي رياستون خراج ۽ جزيه ڏيڻ ڪري قائم رکيون، جن مان الور جي هندو رياست به جزيه ڏيڻ سان قائم رهجي وئي، جيڪا سومرن جي حڪومت واري زماني تائين قائم هئي.

الور جي رياست تي جڏهن هڪڙو ظالم راجا دلوراءِ نالي حڪمران هو، تڏهن الور جو شهر ناس ٿيو هو، جنهن جو احوال تاريخن ۾ هن طرح لکيل آهي.

الور شهر جو برباد ٿيڻ

الور ۽ محمد طور جي ڳوٺ جي وچ ۾ جيڪو پرڳڻو هوندو هو، تنهن جو حاڪم راجا دلوراءِ هوندو هو، جيڪو ڏاڍو ظالم ۽ زاني هو. هر رات هو ڪنهن نه ڪنهن ڪنواري ڇوڪريءَ سان هم بستر ٿيندو هو. تنهن کان سواءِ ڪا به سهڻي زال ڏسندو يا ٻڌندو هو، ته زبردستيءَ سان ان کي پنهنجي بستري تي آڻائيندو هو. جيڪي سوداگر هندستان کان سامان جا غوراب ڀرايو ديول بندر ڏانهن ويندا هئا، تن کي ضرور الور بند وٽان لنگهڻو پوندو هو. دلوراءِ انهن سوداگرن کان اڌ مال محصول جي عيوض وٺي پوءِ ڇڏيندو هو.

قضا سان هڪڙو خدا رسيدو بزرگ سوداگرن جي لباس ۾ مڪه شريف ۾ حج ڪرڻ لاءِ ٿي ويو، جنهن جو نالو هو سيف الملوڪ، سيف الملوڪ جي غوراب جڏهن الور بندر تي اچي لنگر هنيو، تڏهن راجا جي ڪامورن غوراب ۾ قيمتي مال ڏسي ان تي محصول به ڳاٽي ڀڳو ٻڌو، ۽ ان سان بديع الجمال نالي سدا سهڻي زال هئي، سا به کسي راجا وٽ پهچائڻ لاءِ حيلا هلائڻ لڳا. سيف الملوڪ داناءُ ۽ خدا پرست شخص هو، تنهن ڏٺو ته هن ظالم راجا جي چنبي کان ڇٽڻ سولي ڳالهه نه آهي، تنهن ڪري ڪا تدبير ڪجي، پوءِ جي الله تعالى جي پاران ڪا سٺائي ٿيڻي هوندي، ته ٻيڙائي پار ٿي پوندا ۽ اهو واقعو به صفحهءِ هستي تي قيامت تائين ياد رهندو.

اها سٽ سٽي هن سرڪاري ڪامورن کي عرض ڪيو، ته مهرباني ڪري ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيوم ته پوءِ محصول جي رقم ۽ بديع الجمال اوهان جي حوالي ڪريو ويندس. ان کي ٽي ڏينهن مهلت ملي. سيف الملوڪ انهن ڏينهن ۾ هڪڙي پاسي خالق اڪبر کي ستائڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پاسي وڏا وڏا ڪاريگر، جي سرنگ  هڻڻ ۽ جبل ٽاڪڻ ۾ فرهاد جا به استاد هئا ۽ سد سڪندري جهڙيءَ ٻنڌ ٻڌڻ ۾ اڻ گس هئا، تن کي ڪوٺائي دل گهرايا انعام اڪرام ڏنائين. سوداگر جو مطلب هو ته الور کان هڪڙو مضبوط بند ٻڌايان، جنهن ڪري درياءَ پنهنجو رخ ڦيرائي بکر ڏانهن وهڪرو ڪري.

اهي ڪمي ۽ ڪاريگر راتين جون راتيون جاڳي نديءَ جو پيٽ ۽ بند ٻڌي چڪا. هڪ رات ۾ درياءَ پنهنجو اڳوڻو وهڪرو ڦيرائي سيوهڻ ۽ لڪيءَ ڏانهن اهڙي زور شور سان وهڻ لڳو، جو خدا جي قدرت سان سوداگر سيف الملوڪ جا غوراب ظالم دلوراءِ جي پرڳڻي کان نڪري ويا. صبح جو ظالم راجا ۽ سندس رعيت ننڊ مان اٿي ڏسن، ته مار! جتي پاڻي پئي وهيو اتي رڳي گپ لڳي پيئي آهي، رعيت ۽ راجا حيران ٿي ويا. درياءُ پرڳڻي کي ڇڏي ويو، ٻنيون ۽ گاهه سڪي ويا، شهر جا ماڻهو لڏي ويا ۽ الور جو وسندڙ شهر ڦٽي ڀڙڀانگ ٿي ويو. (ايليٽ بحواله تاريخ طاهري)

برهمڻ آباد جو ناس ٿيڻ

الور ڦٽڻ کان پوءِ دلوراءِ برهمڻ آباد ۾ اچي رهيو، جنهن کي ٻانڀڻان به سڏيندا آهن. (تحفة الڪرام)

راجا دلوراءِ کي هڪڙو ڀاءُ ڇٽو امراڻي هو. هو ننڍي هوندي کان وٺي چڱين عادتن جي ڪري مشهور هو. امراڻي پنهنجي ڀاءُ دلوراءِ کي گهڻيون ئي نصيحتون ڏيندو هو، پر ان تي ڪو اثر ڪونه ٿيندو هو، تنهن ڪري هو ڀاءُ کان ڪاوڙجي ملڪ ڇڏي وڃي قرآن شريف پڙهڻ لڳو ۽ سڄو پر زبان ڪيائين. سندس عزيز ۽ دوست کيس شادي ڪرڻ لاءِ صلاح ڏيندا هئا، پر هو نه مڃيندو هو، تنهن تي هو مٿس چٿرون ڪندا هئا ۽ طعنا هڻي چوندا هئس، ته ”تون هاڻي ترڪ ٿيو آهين ۽ شايد مرضي اٿئي، ته وڃين حاجي بڻجين ۽ اتي ڪنهن شاهوڪار عرب جي ڌيءَ سان شادي ڪرين.“

امراڻي جي بخت جو ستارو بلند هو ۽ جيئن سندس دل خدائي محبت سان ٽمٽار هئي، تيئن عزيزن ۽ دوستن جي طعنن جي اثر کان بي پرواهه هئي.  هو توڪل جو ترهو ٻڌي مڪي شريف روانو ٿيو ۽ اتي وڃي حج ڪيائين.  هن کي باقاعده قرآن شريف پڙهڻ جي تعليم وٺڻ جو شوق هو،  تنهن ڪري ڪنهن استاد جو ڳولائو ٿيو، ڪنهن عورت کان ڏس مليس، ته ”فلاڻي شيخ جي نياڻي ڇوڪرين ۽ زالن کي قرآن شريف جي تعليم پيئي ڏئي، جا نهايت نيڪ بخت ۽ قابل آهي. تون جيڪڏهن زنانون ويس ڍڪي ان وٽ وڃي تعليم وٺندين ته اعلى درجي جو قاري (قرآن پڙهندڙ) ٿي پوندين.“

امراڻي ائين ڪيو ۽ ڳوٺ وقت انهيءَ مڪتب ۾ رهي باقاعده قران پڙهڻ سکيو. هڪڙي ڀيري ڪنهن عرب عورت مڪتب ۾ اچي بيبي استاد کي عرض ڪيو، ته ”مون پنهنجي نياڻي فلاڻي شخص سان مڱائي آهي، ڏسي ڏي ته ان شخص جي گهر ۾ هوءَ سکي گذاريندي يا ڏکي؟“ بيبي استاد نجوم ۽ رمل جي قابل هئي، تنهن حساب ڪري ٻڌايس، ته ”تنهنجي ڌيءَ ان گهر ۾ سکن ۾ گذاريندي ۽ ڏک کانئس ڏور رهندو.“

 اها ڳالهه ٻڌي ڇٽو امراڻي به بيبي استاد کي عرض ڪرڻ لڳو، ته ”استاد! مهرباني ڪري ٻڌايو، ته اوهان جو انگ ڪنهن سان لکيل آهي“!  بيبي استاد چيو ته ”هن کان اڳ ته مون ڪڏهن به پنهنجي قسمت نه جاچي آهي، پر اڄ تنهنجي چوڻ تي جاچ ڪريان ٿي!“ هوءَ حساب ڪري چوڻ لڳي، ته ”هڪڙو شخص ڇٽو امراڻي نالي سنڌ ولايت کان هت ايندو، ان سان منهنجو نڪاح ٿيڻو آهي“. تنهن تي ڇٽي امراڻي عرض ڪيس ته ”مهرباني ڪري ٻڌايو، ته اهو امراڻي هينئر سنڌ ڇڏي عربستان ۾ آيو آهي، يا نه؟“ بيبي استاد وري به حساب ڪري ٻڌايس، ته ”اهو عربستان ۾ اچي ويو آهي، پر آهي به منهنجي گهر ۾: شايد تون ئي ڇٽو امراڻي آهين”، پوءِ ته ڇٽي امراڻي به پاڻ کي ظاهر ڪيو ۽ بيبي استاد پنهنجن مائٽن سان احوال ڪري انهن جي اجازت سان ڇٽي امراڻي سان شادي ڪئي.

ڇٽو امراڻي  ڳچ وقت مڪي شريف ۾ گذاري پوءِ پنهنجي زال سميت برهمڻ آباد ۾ آيو. ڇٽو امراڻي ۽ سندس زال مائي فاطمه نهايت محبت سان گذاريندا ۽ خدا تعالى جي عبادت ڪندا رهندا هئا. هڪڙي ڏينهن ڇٽو امراڻي ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويو، پٺيان دلوراءِ کي اچي دل ۾ چور جاڳيو، ته هيڪر ڪنهن به طرح فاطمه کي ڏسان، مائي فاطمه پنهنجي گهر ۾ غسل پئي ڪيو، ته دلوراءِ اوچتو اچي ڏسي ورتس. مائيءَ پنهنجي مڙس سان اهو حال اوريو، تنهن تي ٻئي زال مڙس برهمڻ آباد ڇڏي ويا ۽ وڃڻ وقت ماڻهن کي چتاءُ ڪيائون، ته هيءَ شهر خدائي قهر ڪري جلد ئي ناس ٿيڻو آهي.

ڇٽي امراڻي ۽ مائي فاطمه شهر ڇڏيو، تنهن کان پوءِ ٽئين ڏينهن اوچتو ڌرتيءَ جو سخت زلزلو آيو ۽ سارو شهر ماڻهن ۽ جانورن سميت زمين دوز ٿي ويو. ڇٽو امراڻي ۽ مائي فاطمه پوءِ سيوهڻ ۾ وڃي رهيا. اتي ڇٽي امراڻيءَ جو مقبرو اڃا تائين موجود آهي، جنهن تي جمع ڏينهن خلق وڃيو ختما ڏيندي آهي. (ايليٽ بحوالهءِ تاريخ طاهري)

ڇٽي امراڻيءَ کي سيوهڻ ۾ ”ڇٽو همراڻي“ سڏيندا آهن. ان جي مقبري جو گنبذ چڱيءَ حالت ۾ آهي. اڱڻ ۾ ڪاشيءَ جون سايون سرون لڳل آهن ۽ ڀتين تي به ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي. الهندي واريءَ ڀت تي هي فارسي بيت لکيل آهن:

”به دور شهنشاه شاه جهان

خديو خرد مند صاحب قرآن،

چون خلد برين روضہ شہ ڇٽہ

بنا کرد نواب ديندار خان.

ز سال بنايش طلب داشتند

بهشتي بروءِ زمين شد عيان“.

(معنى: ڏاهي حاڪم، صاحب قرآن، شهنشاهه شاهجهان جي زماني ۾ نواب ديندار خان، ڇٽي درويش جو بهشت جهڙو مقبرو تيار ڪرايو آهي. ان جي تيار ٿيڻ جي سال بابت گهر ڪيائون: زمين جي سطح تي هڪڙو بهشت پڌرو ٿيو آهي)

پوئين مصرع مان ابجد جي رستي انهيءَ مقبري ٺهڻ جو سال 1042 هه ثابت ٿئي ٿو.

چچنامه جي جلد ٻئي ۾ لکيل آهي، ته عربن جي زماني واريون هيٺيون ست هندو رياستون، ناصر الدين قباچه جي حڪومت وقت به سنڌ ۾ موجود هيون، جن جي حاڪمن کي ”راڻو“ سڏيندا هئا:

رياست درٻيلو، جنهن جو حاڪم راڻو ڀنر سهتو راٺوڙ هو. سندس گاديءَ جو هنڌ ديرو هو.

رياست روپاهه، جنهن جو حاڪم راڻو سينهڙو ولد ڌماچ، ڪوريجو سموهو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ٽانگ هو.

رياست ماڻڪ تازه، جنهن جو حاڪم جيسر ولد ججہ ماڇي سولنگي هو.

رياست سوي(سيوهڻ)، جنهن جو حاڪم وخيہ ولد پنهون چنو هو.

نوٽ: محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ وقت جڏهن سيوهڻ تي ڪاهه ڪئي هئي، تڏهن به اتي چنن جي حڪومت هئي، جن جنگ ڪرڻ کان سواءِ جزيه قبولي آڻ مڃي هئي. چنا ايتري قدر دولتمند هئا، جو عربي تاريخن ۾ انهن  کي ”مرزوق“ يعني ”سکيو ستابو“ سڏيو ويو آهي. محمود غزنوي جڏهن سنڌ مان لنگهي سومناٿ ڏي ٿي ويو، تڏهن ٻه علائقا چنن جي هٿ ۾ هئا، (1) سيوهڻ (2) ڀاڳناڙي.

عربن جي وقت کان وٺي چنا عشره (پيدائش جي ڏهين پتي)  وقت جي حاڪمن کي ڏيندا ايندا هئا. جيستائين چنا مسلمان نه ٿيا هئا، تيستائين اها ڏهين پتي جزيو ليکبي هئي. سندن مسلمان ٿيڻ کان پوءِ خراج (ڍل) ليکبي هئي. چنا اصل بياس راجپوت نسل جا آهن ۽ سندن قديم وطن ايوڌيا هو.

رياست ڀاڳناڙي، جنهن جو حاڪم چنو ولد ڏيٿو هو.

رياست همہ ڪوٽ، جنهن جو حاڪم جيو ولد درياه هو. سندس گاديءَ جو هنڌ جهم هو.

رياست برهمڻ آباد، جنهن جو حاڪم جسوڌن آگرهه هو.


(1)  درهم – ٽي آر ۽ اٺ پايون (44 پايون).

(1) ساموئي لفظ جي معنى سمن جو شهر. انهيءَ شهر جي ڦٽڻ بعد سندس جاءِ تي ”ڪلان ڪوٽ“ يا”تغلق آباد“ شهر اڏيو ويو هو.

(1)  تحفة الڪرام ۾ ڌوٻيءَ جو نالو مناهيه يا لار لکيل آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org