باب ٽيون
عباسي خلافت جي
ابتدا
ابوالعباس سفاح جي خلافت
سنه 132 کان 136 هجري تائين
مسند خلافت سنه 132 هجري ۾ اُن بهادر ۽ نامور شخص
جي ذات سان رونق حاصل ڪئي جو حضرت رسالت پناه ﷺ جي
چاچي حضرت عباس بن عبدالمطلب جي يادگار ۽ هڪ ڇهن
ستن سؤ ورهين تائين حڪومت ڪرڻ واري خاندان جو باني
هو، جنهن جو نالو ابو العباس سفاح هو.
مفلس سنڌ جو والي
سفاح جي خليفي ٿيڻ شرط حڪومت عباسيه جي ابتدائي
زماني ۾ ابو مسلم خراساني جو هن حڪومت جو باني
مباني ۽ نائب خلافت هو تنهن پنهنجي طرفان مفلس
عبدي نالي هڪ سيستاني شخص کي سنڌ ڏي روانو ڪيو ته
وڃي منصور کي گرفتار ڪري اُتي جي حڪومت پنهنجي هٿ
۾ وٺي. (بلاذري)
مفلس اگرچه حقيقت ۾ هڪ وڏو بهادر شخص هو. مگر اُن
زماني جي اعلى جرنيلن جي سامهون هو بلڪل هڪ معمولي
شخص خيال ڪيو ٿي ويو ڇو ته هن کان اڳ هو ڪڏهن به
جنگ جي ڪنهن تاريخي ميدان ۾ نه ڏٺو ويو هو. ڀانئجي
ٿو ته ابو مسلم منصور جي چالاڪين ۽ بهادرين جو
بلڪل اندازو نه ڪري هن جي مقابلي ۾ اهڙي هڪ معمولي
شخص کي روانو ڪيو. مطلب ته مفلس ابو مسلم جي حڪم
موجب هڪ فوج وٺي طخارستان جي رستي سنڌ ۾ وارد ٿيو.
مفلس ۽ منظور
مفلس عبدي کي جيڪو پهريون پهريون ميدان گرم ڪرڻو
پيو سو منصور جي ڀاءُ منظور جي مقابلي ۾ هو جو
پنهنجي ڀاءُ جي طرفان ديول جو حاڪم هو. منظور هن
پهرين ئي لڙائي ۾ مارجي ويو ۽ مفلس عبدي ڪاميابي ۽
فتح مندي جو جهنڊو ڦڙڪائيندو اڳتي وڌيو. (يعقوبي)
منصور کي جڏهن پنهنجي ڀاءُ جي مارجي وڃڻ جي خبر
ملي تڏهن دنيا سندس اکين ۾ اوندهه ٿي وئي ۽ هي
اڃان انهيءَ غم ۽ اندوه ۾ هو ته مفلس اچي منصوره
کي ويجهو پهتو. منصور اها خبر ٻڌي دل ۾ پڪو ارادو
ڪيو ته جيئن به ٿي سگهندو تيئن پنهنجي ڀاءُ جي خون
جو بدلو ضرور وٺندس، چاهي انهي ڪوشش ۾ جان هلي وڃي
ته پرواهه نه آهي. غرض ته هو وڏي جوش و خروش سان
نڪري مفلس جي سامهون مقابلي لاءِ ميدان ۾ آيو.
مفلس جي شڪست ۽ ان جو مارجي وڃڻ
مفلس جيتوڻيڪ منصور جي مقابلي ۾ فوجون سينگاري وڏي
بهادري سان سامهون ٿيو مگر هو هڪ تجربيڪار ۽ بهادر
سپهه سالار هو، جو زماني جون ڪيئي ٺوڪرون کائي
کائي وڏو تجربيڪار ٿي ويو هو. اهڙي تجربيڪار شخص
سان مفلس جهڙو اڻ آزمودگار ڀلا ڪهڙو مقابلو ڪري ٿي
سگهيو. لڙائي شروع ٿي، منصور پنهنجي ڀاءُ جي بدلي
وٺڻ لاءِ اهڙي جوش ۾ ڀريو بيٺو هو جو دير ئي ڪا
نه ڪيائين. هڪدم پنهنجي سر ميدان ۾ ڪاهي پيو ۽
ڪيترن پهلوانن کي خاص پنهنجي هٿن سان رت ۾ وهنجاري
ڇڏيائين، آخر منصور جي حملن شاهي فوج جي سپاهين جا
پير اُکيڙي ڇڏيا. ساري فوج ڀڄي ويئي ۽ مفلس عبدي
کي منصور جي سپاهين قيد ڪري منصور جي اڳيان آندو.
هو اڳيئي ڀاءُ جي بدلي وٺڻ لاءِ مٿس سڙيو ويٺو هو،
تنهن هڪدم کڻي کيس جلاد جي حوالي ڪيو ۽ ساڻس گڏ
ٻيا جيڪي ماڻهو منظور جي قتل ۾ شريڪ هئا تن سڀني
کي مارائي ڇڏيائين. (يعقوبي)
منصور اگرچه خلفاءَ بني اُميه جو مقرر ڪيل والي
نه هو مگر اُن زماني جي يادگار ضرور هو ۽ ڀلا هي
سنڌ جو هڪ ننڍڙو والي هڪ عظيم الشان سلطنت جو
مقابلو ڪيترو ڪري ٿي سگهيو مگر تڏهن به هن جيڪي
ڪيو سو سندس بهادري جو شاندار مثال هو.
موسى بن ڪعب تميمي جو حملو
خلافت جي فوجن جي شڪست ۽ مفلس عبدي جي مارجي وڃڻ
جي خبر جڏهن ابو مسلم کي پهتي تڏهن سخت غصي ۾ ڀرجي
هن ابو العباس سفاح جي اجازت سان هڪ ٻي بهادر ۽
هوشيار آفيسر کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جنهن جو
نالو موسى بن ڪعب تميمي هو ۽ جو سفاح جي طرفان
قلعي جو اعلى محافظ هو. هي عهدو اُنهي زماني ۾
بلڪل معزز ۽ ممتاز هو ۽ ڪڏهن به ملڪ جي والين کان
گهٽ درجي جو نه سمجهيو ويندو هو.
موسى جي حڪمت عملي
موسى بن ڪعب خلافت جي حڪم ملڻ شرط بقول يعقوبي(1)
ويهه هزار فوج وٺي روانو ٿيو ۽ شهر قندابيل ۾ پهچي
اُتي رهيو پيو. هي اڳئي منصور جي حالات ۽ اُن جي
ڪارنامن کان چڱي طرح واقف هو ۽ سمجهيو ويٺو هو ته
منصور جهڙي چالاڪ ماڻهو تي غالب اچڻ ڪو آسان ڪم نه
آهي تنهن ڪري قندابيل ۾ ئي رهي هن جي برخلاف ڳجهي
سازش سان ڪم ڪرڻ لڳو. هن پاڻ ۽ سندس رفيقن ڇا ڪيو
جو منصوره ۾ رهندڙ پنهنجي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن
سان خط و ڪتاب جو رستو جاري ڪيو جنهن جو نتيجو هي
ٿيو جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڀني قبيلن جي گهڻن ماڻهن
کي هن منصور کان ڇني پنهنجو ڪري ورتو. مطلب ته
اهڙي طرح سازش ۾ ڪامياب ٿي ۽ منصور جي فوج جي گهڻن
ماڻهن سان ڳجها عهدناما ڪري جڏهن کيس پوري خاطري
ٿي تڏهن لشڪر کي اڳتي وڌائي ويو.
ميدان جنگ
منصور وڏي غلطي ڪئي جو جڏهن موسى قندابيل ۾ رهي
سندس برخلاف کڏون کوٽي رهيو هو تڏهن هن ڪنهن به
قسم جي پرواهه نه ڪئي ۽ اُن وقت مقابلي لاءِ نڪتو
جڏهن موسى منصوره کي ويجهو اچي پهتو. پوءِ ٻئي
فوجون اچي پنهنجي پنهنجي پاسي درياءَ جي ڪناري تي
پهتيون ۽ ٻئي هڪٻئي کي اُميد ۽ خوف جي نگاهن سان
ڏسي رهيون هيون. آخر موسى پنهنجي فوج کي پار
اُڪاري وڌو ۽ ٻنهين طرفان حملو شروع ٿي ويو. ڏاڍي
سخت لڙائي ٿي ڇو ته منصور هينئر به اڳي وانگي وڏي
بهادري ۽ جانبازي سان لڙيو، مگر موسى جي سازش سبب
ٿوريئي دير بعد سندس فوج هڪدم شڪست کائي اُٿي ڀڳي
۽ منصور جڏهن هي حالت ڏٺي تڏهن کيس به سواءِ ڀڄڻ
جي ٻي ڪا واه نه رهي. (يعقوبي ۽ بلاذري)
منصور جي پڇاڙي
منصور لڙائي جي رنگ مان پنهنجي فوج جي ارادي کي
سمجهي ويو ۽ شهر وارن تي پڻ سندس ڪو اعتبار نه
رهيو هو، تنهن ڪري شهر ۾ پناهه گزين ٿيڻ جو به
ارادو نه ڪيائين، بلڪ هن کي پنهنجي رفيقن مان به
ايترو خوف پيدا ٿي چڪو هو جو ڪنهن هڪڙي کي به پاڻ
سان نه کنيائين ۽ اڪيلي سر اُٿي ڀڳو. ناواقفيت ۽
اڻ سونهائي جي ڪري بدقسمتي سان وڃي راجپوتانا جي
ريگستان ۾ پيو، جتي ڦري ڦري اهڙي هنڌ وڃي ڦاٿو جو
ڪو به ماڻهو ڏسڻ ۾ نه آيس ۽ اُڃ ۽ بک وگهي الاجي
ڪٿي مري ويو.(1)
(بلاذري)
منصور جو خاندان
منصور جي شڪست جي خبر جڏهن انهي شخص کي پهتي جنهن
کي هو منصوره ۾ پنهنجو جانشين ڪري ڇڏي آيو هو تڏهن
اُن پنهنجي آقا جو حق نعمت ادا ڪرڻ ۾ پوري سچائي ۽
مردانگي کان ڪم ورتو. اها ته هن کي اُميد ئي نه
رهي هئي ته منصور جي غير حاضري ۾ موسى سان ڪو
مقابلو ڪري سگهبو. جيسين موسى شهر ۾ اچي داخل ٿئي
تنهن کان اڳ هن ڦڙتي ڪري هڪدم منصور جي اهل و عيال
کي جهازن تي سوار ڪري سڌو وڃي سر زمين گجرات ۾
لنگر انداز ٿيو.
ان طرح سان هو پنهنجي ۽ منصور جي ٻارن ٻچن جي جان
بچائي گجرات ۾ وڃي پهتو ۽ اُتي ويهي پنهنجي حياتي
جا ڏينهن پورا ڪيا.
موسى سنڌ جو والي
منصور کي شڪست ڏيئي سنه 134 هجري ۾ موسى حڪومت جي
واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي ۽ ساري سنڌ تي قابض ٿي ويو.
هن شهر منصوره جي مرمت ڪرائي ۽ ان کي پنهنجي گادي
جو هنڌ مقرر ڪيو. اُتي جي مسجد ۾ ڪجهه اضافو ڪري
هر طرح سان هن جي رونق وڌائي ۽ دشمنن تي خوب فتحون
حاصل ڪري پنهنجي حڪومت جو سارو وقت بلڪل ڪاميابي
سان گذاريو. آخر وطن جي حب ۾ سنڌ جي حڪومت ڇڏي
عراق ڏي واپس هليو ۽ اُتي وڃي حياتي جا باقي ڏينهن
ڪامل آزادي ۽ بي پرواهي سان پورا ڪري سنه 141 هجري
۾ وفات ڪئي. (يعقوبي ۽ ابن اثير)
ابو جعفر منصور جي خلافت
سنه 136 هه کان 158 هه تائين
عينيه بن موسى والي سنڌ
موسى جڏهن هندوستان کي ڇڏي وطن وڃڻ جو ارادو ڪيو
تڏهن سنڌ جي حڪومت جي واڳ پنهنجي پٽ عينيه جي هٿ ۾
ڏيئي روانو ٿيو، جو کانئس پوءِ خليفي منصور جي
اجازت سان سنڌ جو والي ٿيو. هي هڪ ناتجربيڪار جوان
هو. جواني جي بي روڪ حوصلي هن کي پاڻ سنڀالڻ جي
دائري کان ڪڍي ڇڏيو. تنهن ڪري يمني ۽ ربيعه قبيلن
جي انهن ئي ماڻهن سندس مخالفت شروع ڪئي، جي ساڻس
گڏ آيا هئا. جڏهن سندن مخالفت جو حال عينيه کي
معلوم ٿيو، تڏهن ايتري قدر اچي ڏمريو جو هڪدم انهن
سڀني مخالفن کي، جن سراسر نيڪ نيتي سان مٿس نڪته
چيني ڪئي هئي. پڪڙائي پاڻ وٽ آندو ۽ بنا پڇا ڳاڇا
۽ سواءِ ڪنهن سوچ ويچار جي سڀني کي قتل ڪرائي
ڇڏيو.
ان ظالمانه ڪارروائي جو نتيجو هي ٿيو جو هيستائين
ته فقط ڪي ٿورا نڪته چين هئا، مگر هاڻي ته سڀني
ماڻهن ۾ نهايت ئي ناراضپو پيدا ٿي ويو. آزاد طبع
عربي سپاهي مان هر هڪ جي چهري ۾ رنجيدگي جا آثار
پڌرا ٿيڻ لڳا. هر طرح کان رڙ مچي ويئي، ۽ ايتري
قدر مخالفت زور وٺي ويئي، جو اها ڪنهن به دٻاءَ
سان دٻجڻ واري نه هئي. (يعقوبي)
وري هيڪاري وڏي خرابي ته هيءَ ٿي، جو موسى بن ڪعب
هندوستان اچڻ وقت پنهنجي پراڻي خدمت يعني شاهي
قلعي جي حفاظت جو عهدو مسيب بن زبير نالي هڪ شخص
کي ڏياري آيو هو، موسى جي مرڻ بعد انهي مسيب جي دل
۾ اچي اهو خيال پيدا ٿيو ته ڪنهن طرح ائين نه ٿئي
جو عينيه سنڌ ڇڏي هيڏي هليو اچي، ۽ سندس پيءُ جي
موروثي حق ۾ هي عهدو مون کان کسي هن کي ڏنو وڃي،
تنهن ڇا ڪيو جو هڪ گمنام خط سنڌ ۾ عينيه کي موڪلي
ڏنو، جنهن ۾ فقط هڪ شعر هن مطلب وارو لکيل هو ته
”خبردار جنهن سر زمين تي تون هينئر آهين اتي ئي
رهج. جيڪڏهن اسان ڏي اچڻ جو ارادو ڪيئي، ته توکي
اهڙي ننڊ ۾ سمهاريو ويندو، جنهن مان ڪو به سجاڳ
نٿو ٿئي.“
عينيه جي خلافت سان بغاوت
جڏهن هيءُ خط عينيه کي پهتو تڏهن سندس دل ۾ بغاوت
جو خيال پيدا ٿي ويو، ۽ هڪدم خلافت جي حڪمن کان
منهن موڙي خود مختياري جي دعوى ڪيائين.
عمر بن حفص والي سنڌ
مسلمان جيڪي اڳيئي مٿس ازحد ناراض هئا، تن کي
شڪايت جو پاڻان وڌيڪ موقعو ملي ويو، ۽ هر طرف کان
ناراضپي جا آواز کڙا ٿي ويا. خليفو حج بيت الله جي
ارادي سان مڪه معظمه ٿي ويو، جو اڃان بصري مس پهتو
ته اهي آواز هن جي ڪنن تائين به پهچي ويا. خليفو
منصور هڪ بيدار مغز شخص هو، سو انهي ئي وقت عينيه
جي هٺ ڀڃڻ جو ڪافي علاج ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، ۽
اتي منزل ڪري رهي پيو ۽ حج تي وڃن جو ارادو به ڇڏي
ڏنائين. عمر بن حفص بن ابي صغراءِ کي سنڌ جو والي
مقرر ڪري عينيه جي مقابلي تي روانو ڪيو. هي عمر
اُن وقت جي وڏن بهادرن مان هو، ۽ پنهنجي شجاعت ۽
بهادري جي سببان سڀني اسلامي ملڪن ۾ ”هزار مرد“ جي
لقب سان مشهور هو. جيتوڻيڪ عمر بن حفص هن ڪم لاءِ
هڪ ئي ڪافي هو، مگر منصور وڌيڪ مضبوطي لاءِ هڪ ٻئي
نامور بهادر کي به ساڻس همراه ڪري ڏنو، جنهن جو
نالو عقبه بن مسلم هو. هي ٻئي سنه 141 هه ۾ سنڌ ۾
اچي پهتا.
عينيه جي پڇاڙي
عينيه کي جڏهن معلوم ٿيو ته عمر بن حفص خلافت جي
طرفان مقابلي لاءِ اچي پهتو آهي، تڏهن عمر کي شهر
منصوره کان ٻاهر روڪڻ جو انتظام ڪرڻ لڳو. عمر هڪ
سنجيدو بردبار ۽ مضبوط ارادي وارو شخص هو، ۽ هر ڪم
نهايت خوبي ۽ ڌيرج سان ڪندو هو. جڏهن هن کي عينيه
جي ان تياري جي خبر پهتي، تڏهن هو به اڳتي وڌڻ
ڇڏي، پنهنجي فوج سميت شهر ديول ۾ تنبو لڳائي ويهي
رهيو. (يعقوبي)
عمر هتي ترسي پوڻ مان وڏو فائدو پرايو. هڪڙي طرف
هي جو سندس همراه جيڪي مهينن جي مسافري ۽ منزلن جا
ماريل هئا، سي ٿڪ ڀڃي تازه دم ٿيا، ۽ ٻئي طرف شهر
منصوره جا ڪيترائي معزز ۽ اثر وارا ماڻهو ۽ بهادر
آفيسر جن ۾ عينيه جي ظلمن جي هاءِ هوءِ مچي ويل
هئي، هڪ ٻئي پٺيان اچي عمر سان ملڻ لڳا. عينيه کي
فوج ۽ رعيت جي رضامندي کان بي پرواهي جا نتيجا هن
نموني ۾ پيش اچڻ لڳا، جو جيڪي ماڻهو سندس سچا پچا
ٻانهن ٻيلي هئا، تن ۽ گهڻو ڪري فوج جي سڀني سرويچ
سپاهي هن کي سندس قسمت جي حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻ
اچي عمر بن حفص جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. عمر اڃان ديول
۾ ئي هو، ۽ منصوره جي طرف ڪوچ ڪرڻ جو ارادو به نه
ڪيو هئائين ته عينيه کي پنهنجي بدحالي اکين آڏو
نظر اچڻ لڳي. آخر وٽانئس ٻيو ڪجهه به ٿي نه سگهيو
۽ تنگ ٿي نهايت عاجزي سان عمر کي صلح جي درخواست
موڪلي ۽ ان جي ئي دامن ۾ لڪي پناه وٺڻ جو خواهش
مند ٿيو.
عمر يڪدم هيءَ درخواست منظور ڪري کيس پناهه ڏني، ۽
وڌي اچي شهر منصوره تي قبضو ڪيو، ۽ عينيه کي جيڪو
خلافت جو ڏوهي هو، پنهنجي فوجي گارڊ جي حفاظت هيٺ
فتح جي خوش خبري سان گڏ خليفي منصور جي درٻار ۾
روانو ڪيو. عينيه کي منصور جي اڳيان پهچي جان
سلامت رهڻ جي اُميد بلڪل نه هئي، سو رستي ۾ هڪ
منزل تي سپاهين کي غافل ڏسي اُٿي ڀڳو، ۽ ايتري قدر
ڊنل هو جو ڪٿي ساهي به نه کنيائين، ۽ ڀڄندو ڀڄندو
اچي سيستان ۾ پهتو. مگر الله تعالى حق فرمايو آهي
ته ”اين ما کنتم يدر ککم الموت“ (جتي به هجو اُتي
موت اوهان کي نه ڇڏيندو) هي شهر رخج جي ويجهو
پهتو، ته يماني عربن جي هڪ جماعت، جنهن کي هن جي
سياسي ڏوهي هجڻ جي خبر هئي، کيس پڪڙي ورتو ۽ خليفي
کي خوش ڪرڻ لاءِ هن کي ماري وڌو، ۽ سندس سر وڍي
دار الخلافت بغداد ۾ آڻي. خليفي منصور جي اڳيان
حاضر ڪيو. (يعقوبي ۽ ابن اثير)
عمر بن حِفص جو زمانو
عينيه کان پوءِ عمر بن حفص پوري مضبوطي سان سنڌ جو
حڪمران ٿي ويو. ۽ گهڻو ڪري پنهنجي حڪومت جو سارو
وقت سرحدي راجائن سان وڙهندي گذاريو. مگر تڏهن به
سندس زماني ۾ حڪومت جي معمولي حالت رهي، ۽ ڪو به
ناموري جو ڪم سندس هٿان نه ٿيو.
تعجب آهي جو هو هڪ وڏو بهادر شخص هو، ۽ جيسين عراق
وغيره ۾ هو، تيسين سندس بهادري ۽ مردانگي جي هاڪ
هئي، مگر هندوستان جي آبهوا مٿس ڪو اهڙو اثر ڪيو،
جو هتي هن جو زمانو فتح مندي ۽ ڪاميابي جو زمانو
نٿو ليکيو وڃي. غالباً ان جو سبب هي هجي جو هن
پنهنجو گهڻو وقت علوين جي همدردي ۾ گذاريو، جي
عباسي حڪومت جا دشمن هئا، ۽ جن جي دوستي کان پوءِ
ڪو به شخص احڪام خلافت کي چڱي طرح بجاءِ آڻي نه
سگهندو هو.
عبدالله اشتر سنڌ ۾
ان جو سبب هي ٿيو، جو منصور جي زماني ۾ علوين مان
عبدالله بن حسن جي ٻن پٽن محمد ۽ ابراهيم مخالفت
جو جهنڊو کڙو ڪيو. محمد پنهنجي قوت وڌائڻ ۽ پنهنجو
اثر دور و دراز شهرن تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي پٽ
عبدالله(1)
کي جو اشتر جي نالي سان مشهور هو، ڪيترن سرويچ
سپاهين سان بصري روانو ڪيو، ته اتان سمنڊ جي رستي
سنڌ جي والي عمر بن حفص وٽ هليا وڃن، ۽ اتي جي
ماڻهن کي بني فاطمه جي اطاعت ڏي مائل ڪن. ڇو ته
عمر بن حفص بني عباس جي انهن فوجي سردارن مان هو،
جيڪي (محمد ۽ ابراهيم) جي هٿن تي بيعت ڪري چڪا
هئا. عبدالله اشتر بصري ۾ پهچي، ڪيترا عمدا عدا
گهوڙا عمر بن حفص جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي غرض تي
خريد ڪري ورتا، ۽ اهي گهوڙا ساڻ وٺي جهاز تي سوار
ٿيو، ۽ سر زمين هند جي واٽ ورتي.
هي اُهو وقت هو جو عمر بن حفص، اڃان ٿورا ڏينهن
ٿيا ته عينيه کي گرفتار ڪري، حڪومت جي واڳ پنهنجي
قبضي ۾ ڪئي هئي. عبدالله اشتر خاص ان جي ڀروسي تي
هن طرف آيو هو، ڇو ته هي شخص علي جي شيعن ۽ اهل
بيت جي محبن مان هو. عبدالله کي يقين هو ته هن جي
مدد سان سنڌ ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي، ۽ هو به انهي
طبيعت جو ماڻهو فاطمي غيرت سبب سواءِ ڪاميابي جي
پيءُ وٽ موٽي وڃڻ وارو نه هو. غرض ته عبدالله اشتر
سمنڊ جو سفر جون هزار سختيون سهي اچي منصوره ۾
پهتو.
عبدالله اشتر کي جيتوڻيڪ عمر بن حفص تي پورو ڀروسو
هو، مگر تڏهن به هڪدم پنهنجو ارادو هن جي اڳيان
ظاهر ڪرڻ مناسب نه ڄاتائين، ۽ پڌرو ڪيائين ته آئون
هتي گهوڙا خريد ڪرڻ آيو آهيان.عمر بن حفص اهو شخص
هو، جيڪو خاندان رسالت جي باقي رهيل يادگارن
(سادات) جي خدمت گذاري ثواب سمجهندو هو. تنهن يڪدم
پنهنجي ساري حڪومت جي اندر سڀني سوداگرن کي حڪم
ڏنو ته عمدا عمدا گهوڙا گڏ ڪري مون وٽ حاضر ڪريو.
جڏهن عمر بن حفص جي اهڙي صداقت ڏٺائين، تڏهن به
اڃان عبدالله هن جي اڳيان پنهنجي راز پڌري ڪرڻ جو
ارادو نه ڪيو. پر سندس رفيقن مان ڪن ماڻهن عمر کي
چئي ڏنو ته گهوڙن بابت جيڪا توهان ڪوشش ڪئي آهي،
تنهن لاءِ اسان توهان جا شڪر گذار آهيون، مگر
داراصل اسان توهان کان گهوڙا وٺڻ نه آيا آهيون،
بلڪ توهان کان اها شيءَ گهرون ٿا، جا دنيا ۽ آخرت
۾ توهان لاءِ گهوڙن ۽ ٻين سڀني فياضين کان چڱي
آهي. اسان کي ملڪ ۾ امن ڏيئي هي موقعو ڏيو ته
خلافت کي بني فاطمه جي گهراڻي ۾ پهچايون.
سنڌ ۾ دعوت بني فاطمه:
عمر هيءَ درخواست چمي اکين تي رکي، ۽ هڪدم وڏي
خوشي سان قبول ڪري، عبدالله جي هٿ تي بيعت ڪئي، ۽
هن کي پنهنجي محلات ۾ رهائي، ماڻهن تي ان جو اثر
وجهڻ لڳو. جڏهن ڏٺائين ته گهڻا ماڻهو هم خيال ۽
همزبان ٿي ويا آهن، تڏهن هڪڙو ڏينهن مقرر ڪري،
ماڻهن کي اُن ڏينهن تي گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽
عبدالله اشتر کي انهي مجمعي ۾ اچي حاضر ڪيو.
عبدالله هڪ پرجوش خطبو پڙهيو، جنهن کان پوءِ سڀني
حاضرين مجلس سندس هٿ تي بيعت ڪئي. جيتوڻيڪ هيءَ
ڪارروائي ڪجهه قدر کليءَ طرح ڪئي ويئي، مگر تڏهن
به اهو خيال ضرور رکيو ويو ته خلافت تائين ان جي
خبر نه پهچي. هاڻي انهيءَ کان پوءِ عبدالله اشتر ۽
اُن سان گڏ عمر بن حفص عام طرح ماڻهن کي عباسين جي
مخالفت تي کڙو ڪرڻ شروع ڪيو.
هتي هي ڪوششون ٿي رهيون هيون، ته اتفاقاً انهي
زماني ۾ هڪ جهاز بغداد کان اچي منصوره وٽ لنگر
انداز ٿيو. هن جهاز وارن جي ذريعي عمر بن حفص جي
زال جا وطن ۾ ئي هئي، هي پيغام ڏياري موڪليو، ته
محمد ۽ ابراهيم خلافت جي فوجن هٿان ميدان جنگ ۾
مارجي ويا. ان خبر عبدالله اشتر جي دل تي وڏو
خوفناڪ اثر وڌو، جيئن ئي جڏهن عمر بن حفص وٽس
فاتحه خواني لاءِ ويو، تڏهن هن نهايت ئي ارمان ۽
نااميدي جي لهجي ۾ چيو ته ”هاڻي منهنجي جان بچڻ
مشڪل آهي.“
عبدالله اشتر هڪ هندو راجا جي پناه ۾:
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عمر بن حفص هن خاندان جو وڏو
دوست ۽ دلي خير خواه هو. هن چيس ته توهان پريشان
نه ٿيو، آئون توهان جي بچاءَ جو بندوبست ڪري
سگهندس. هتي هڪ هندو راجا آهي، جو آهي به هڪ وڏي
قوت وارو، ۽ هو ڪنهن به ڳالهه ۾ احڪام خلافت جي
تعميل تي مجبور ٿيڻ وارو نه آهي. خير ٻين ڳالهين
کي ڇڏي، هو منهنجي آزمودي موجب اڄ تائين پنهنجي
قول جو پابند به ثابت ٿيو آهي. هر امتحان ۾ هن کي
وعدي جو پڪو ڏٺو اٿم. تنهنڪري ان مان ڪڏهن به
انجام ڀڃڻ جو انديشو ٿي نٿو سگهي. مون سان هن جا
نهايت دوستانه تعلقات آهن. آئون هن کان انجام
اقرار وٺي، اوهان کي اُن وٽ موڪلي ڏيندس. اوهين هن
جي ملڪ ۾ وڃي رهجو. خلافت جي طرفان جيڪا پڇا ڳاڇا
ٿيندي. تنهن کي آئون پاڻهين منهن ڏيندس. عبدالله
کي اها ڳالهه ٻڌي بدن ۾ ڪجهه ساهه پيو، ۽ اوڏانهين
وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. پوءِ اُن هندو راجا کان ٻولون
ساکون وٺي، هن کي ڏانهس روانو ڪري ڇڏيو، راجا کيس
آزادي ڏنائينس ته تون ۽ تنهنجا رفيق بلڪ اهي ماڻهو
جي هن کان پوءِ توهان وٽ اچن، تن سڀني کي اختيار
آهي، ته منهنجي حڪومت جي اندر جتي وڻي اتي بلڪل بي
پرواهي ۽ پوري آزادي سان وڃي رهو. عبدالله هن جي
ملڪ ۾ خوب خوشي ۽ بي فڪري سان رهڻ لڳو، ۽ زيديه
فرقي جا ماڻهو جيڪي هن جا مطيع هئا، سي به آهستي
آهستي وڃي وٽس ويٺا. تان جو هن عقيدي جا چار سؤ
ماڻهو ڪٺا ٿي ويا، عبدالله اشتر کي هتي نه ڪنهن
سان وڙهڻو جهڙڻو هو، ۽ نه ئي هيءَ زمين عراق عرب
وانگي ڪا خوفائتي هئي. ات هو شهانه ٺاٺ سان سر سبز
باغن ۽ شاداب جهنگن ۾ گهمندو شڪار ڪندو وتندو هو.
مطلب ته هر طرح خوب راحت ۽ مزي سان گذاريندو رهيو.
خليفي منصور جو ڏمرجڻ:
عبدالله اشتر جڏهن هن هندو راجا جي ملڪ ۾ پهچي
ويو، تڏهن اتفاقاً اها خبر وڃي خليفي منصور کي
پهتي. خاص هڪ پنهنجي مقرر ڪيل والي جي هٿان ههڙو
ڪم ٿيڻ، ڪو ٿوري رنجيدگي جو سبب نه هو، مگر تڏهن
به هن دل جي مضبوطي ۽ سنجيدگي کي هٿان نه ڇڏيو، ۽
نهايت ئي تحمل ۽ بردباري ڀريل الفاظ ۾ کيس هن
مضمون جو خط لکيو ته ”تنهنجي نسبت ههڙا خلاف اُميد
واقعات ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ۽ خاص ڪري هي عبدالله اشتر
کي هندو راجا جي پناه ۾ موڪلڻ جو واقعو ٿيو ته
ضرور آهي جنهن کان انڪار تون به ڪري نه سگهندين
مگر جواب ڏي ته اهڙي ڏوهه جي سزا کان تون پاڻ کي
ڪيئن بچائي ٿو سگهين؟ ۽ ڇو نه توکي جوڳي سزا ڏني
وڃي؟“ عمر بن حفص عبدالله کي ته بچايو، پر هاڻي
اچي پنهنجي سر جي لڳيس. خط پڙهڻ شرط ايتري قدر
پريشان ٿيو جو پنهنجي حياتي جو به آسرو لاهي ويٺو.
عمر بن حفص جي پريشاني ۽ هڪ وفادار دوست جي قرباني
عمر بن حفص کي جڏهن ٻي ڪا تدبير نه سجهي آئي، تڏهن
پنهنجي عزيزن ۽ وفادار دوستن کي هڪ جاءِ گڏ ڪري،
خليفي جو حڪم نامون سڀني جي اڳيان پيش ڪيو، ۽ صلاح
پڇي ته مون کي هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جيڪڏهن ڏوهه
قبول ٿو ڪريان، ته نه فقط معزول ڪيو ويندس، مگر
مون کي خليفي وٽ حاضر ڪري ماريو ويندو. ۽ جنهن
صورت ۾ واقعو به ضرور ٿيل آهي، ته پوءِ انڪار به
ڪري نٿو سگهجي. مگر بالغرض کڻي انڪار به ڪجي، مگر
ان کي ڪهڙي طرح سچو ثابت ڪري سگهبو؟ پوءِ انهي
صورت ۾ ضرور مون تي چڙهائي ڪئي ويندي. تنهنڪري
انڪار جي جرئت ته مون کان بلڪل ٿي نٿي سگهي. هيءَ
ڳالهه ٻڌي سڀ ماڻهو ماٺ ۾ پئجي ويا ۽ غور ڪرڻ لڳا،
مگر ڪو علاج هجي به، جو ڪا تدبير ڪنهن جي ذهن ۾
پيدا ٿي سگهي. انهن ئي خيالن ۾ ويٺا هئا، ته عمر
جي سرويچ سپاهين مان هڪ شخص ڀري مجلس ۾ نهايت جوش
سان اٿي کڙو ٿيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”اي امير توهان
ڪجهه پرواهه نه ڪريو. سارو الزام مون تي مڙهي، ۽
مون کي پڪڙي کڻي قيد ۾ رکو، ۽ منهنجي نالي امير
المؤمنين جي خدمت ۾ لکي موڪليو، ته هن ساري معاملي
جو جوابدار ۽ ڏوهاري هي آهي. پوءِ جڏهن مون کي
اوڏاهين رواني ڪرڻ جو فرمان اچي، تڏهن توهان بي
ڌڙڪ مون کي بغداد موڪلي ڏجو، ۽ جنهن صورت ۾ امير
المؤمنين کي خبر آهي، ته توهان منهنجا مربي آهيو،
۽ توهان جي هٿ ۾ سنڌ جهڙي حڪومت ۽ هڪ زبردست قوت
آهي، تڏهن مون کي اُميد آهي، ته هو توهان جي محابي
منهنجي خون کان درگذر ڪري ڇڏيندو. ”عمر چيو ته هي
اهڙو معاملو آهي ئي ڪونه جنهن کان هو درگذر ڪندو،
۽ تون بي گناه مارجي ويندين.“ اهو جواب ٻڌي هن
وفادار بهادر نهايت ئي بي پرواهي ۽ جرئت سان چيو
ته ”اي منهنجا سردار! جيڪڏهن ائين ٿيو ته به ڪا
پرواهه نه آهي. آئون توهان تان قربان ٿيڻ لاءِ وڏي
خوشي سان تيار آهيان. ڀلي ته منهنجي جان توهان کي
ڪم اچي وڃي.“ عمر کي ڪنهن به طرح اها ڳالهه پسند
نٿي آئي ته هڪ اهڙي وفادار سرويچ کي بي خطا بي
قصور موت جي منهن ۾ ڏنو وڃي. مگر هن شخص بلڪل زور
رکي عمر کي اهڙو مجبور ڪيو، جو نيٺ پنهنجو نالو
لکرائي دارالخلافت ۾ موڪلي ڏنو. ليڪن افسوس! آخر
نتيجو اهو ئي ٿيو، جو عمر جي زبان مان اول ئي نڪري
چڪو هو، يعني خليفي منصور هن کي گهرائي پنهنجي
روبرو مارائي ڇڏيو.
عمر بن حفص جي بدلي سنڌ کان آفريقا ۾:
خليفي منصور هيءَ ڪارروائي ته ڪئي، پر سندس دل ۾
عمر بن حفص جي طرف اهڙو گمان پيدا ٿي ويو، جو هاڻي
ان کان پوءِ هن جو سنڌ ۾ رهڻ مناسب نه ڄاتائين، ۽
سنه 151 هه ۾ کيس سنڌ مان گهرائي، آفريقا جي
گورنري تي موڪلي ڏنو. جا سنڌ جي حڪومت کان گهڻو
زياده عزت واري هئي، ۽ اُتي هيڪل بلڪل وڏي ملڪ ۽
وسيع سر زمين جا ڪي اختيارات سندس هٿ ۾ رهيا.
سنڌ ۾ شيعا مذهب جو اچڻ:
سنڌ ۾ شيعيت جو رواج عمر بن حفص جي زماني کان ئي
شروع ٿيو. ڇاڪاڻ جو اول ته هو پاڻ انهي خيال جو
ماڻهو هو، جنهن عبدالله اشتر جي هٿ تي بيعت ڪري،
سنڌ جي گهڻن ئي مسلمانن کي شيعو بڻائي ڇڏيو، ۽ ٻيو
خاص طرح اهي زيديه ماڻهو، جي عبدالله سان گڏ هئا،
تن جي ذريعي ته هندوستان ۾ شيعت جو اهڙو عمدو ٻج
پوکجي ويو، جو اڳتي هلي هڪ وڏو ڦردار ۽ ٽڙندڙ
پکڙجندڙ وڻ پيدا ٿي پيو. پوئين زماني ۾ جو سنڌ جو
وڏو حصو خاص شيعن جي هٿ ۾ هو، تنهنجي ابتدا هن ئي
وقت کان ٿي هئي. يا هيئن چوڻ گهرجي ته ملتان جي
شيعا رياست، جنهن جو حال اڳتي بيان ٿيندو، تنهن جي
بنياد جو پهريون پٿر عمر بن حفص جي هٿ سان رکيو
ويو.
سنڌ ۾ خارجين جو اچڻ:
هن زماني ۾ شيعن ۽ محبان اهل بيت جي مقابل، صحيح ۽
اصلي حريف خارجين به سنڌ تي پنهنجو اثر وجهڻ
گهريو، مگر جنهن صورت ۾ سنڌ جو والي عمر بن حفص
خود شيعن جو طرفدار هو، تنهن صورت ۾ ڪهڙي اُميد ٿي
سگهي ٿي، جو انهن جي ڪوشش ڪجهه اثر پيدا ڪري. عمان
جا رهاڪو جيڪي گهڻو ڪري خارجي هئا. سي عباسي حڪومت
جي ابتدا کان ئي سنڌ ۾ اچي، هتي جي ماڻهن کي حڪومت
جي مخالفت تي ڀڙڪائيندا هئا، جيئن ته سنه 142 هه ۾
حسان بن مجالد همداني، جو خارجي المذهب هو، ۽ سڀني
طرفن گهمي ڦري، ماڻهن کي پنهنجي هم خيال بنائڻ جي
سخت ڪوشش ڪئي. سندس ارادو هو، ته ڪنهن به طرح
پنهنجي عقيدي جي ماڻهن جي هڪ وڏي فوج تيار ڪري،
خلافت جي برخلاف بغاوت جو جهندو بلند ڪريان. مگر
عمر بن حفص ۽ عبدالله اشتر ماڻهن تي اهڙو اثر وجهي
ويا هئا، جو ڪنهن هڪڙي شخص به هن ڏي توجه نه ڪئي،
۽ نڪي سندس ڪا ڳالهه ٻڌائون ئي سهي. حسان جي جڏهن
هتي ڪجهه به نه چلي سگهي، تڏهن آخر نا اُميد ٿي
موصل هليو ويو. (ابن اثير)
هشام بن عمرو تغلبي:
منصور جڏهن عمر بن حفص کي آفريقا موڪلڻ جو ارادو
ڪيو تڏهن ان ويچار ۾ پيو ته ان جي جاءِ تي ڪنهن کي
رکجي. انهي ئي خيال ۾ هو گهوڙي تي سوار ٿي شهر کي
ڏسڻ لاءِ نڪتو، رستي ۾ اتفاقاً هن جي نظر هشام بن
عمرو تغلبي تي پيئي جو هڪ معمولي شخص هو، ۽ ائين
ئي ڪنهن واٽهڙو وانگي هلندي هلندي خليفي جي اچڻ جي
خبر ٻڌي هڪ پاسي بيهي رهيو هو. منصور جي نظر جڏهن
هن تي پيئي تڏهن مٿي کان پيرن تائين خوب غور سان
کيس ڏسندو اڳتي هليو ويو.
|