سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :16

 

تاريخ سنڌ

 

 

ڀاڱو ٽيون

 

سومرا ۽ سما

 

 

عبدالغني عبدالله

 

باب پهريون

 

سنڌ تي عربن جي حڪومت جي پڇاڙي

عربن دمشق ۽ بغداد جي خليفن جي هٿ هيٺ سنڌ تي ڪل هڪ سؤ ويهه ورهيه حڪومت ڪئي. چاليهه ورهيه بني اُميه خاندان جي خليفن جا گورنر سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا ۽ اسي ورهيه عباسي خاندان جي خليفن جا گورنر ٿيا، تنهن کان پوءِ به ٻه سؤ کن ورهيه عرب ئي سنڌ جا حاڪم هئا. عباس خاندان مان ڪل ستٽيهه  خليفا بغداد جي تخت تي ويٺا. گهرو تڪرارن ۽ ملڪي بغاوتن جي ڪري عباسي خاندان جي طاقت  منڍ وارن چئن پنجن خليفن جي حڪومت کان پوءِ روز بروز ويئي گهٽ ٿيندي. مرڪزي طاقت جي پوئتي پوڻ ڪري پري پري وارا ملڪ خودمختيار ٿيندا ويا ۽ مقرر ڪيل گورنر به پنهنجيون پنهنجيون خودمختيار حڪومتون بڻائيندا ويا.

سنڌ به بغداد جي خليفن جو ڏوراهين ۾ ڏورانهون پرڳڻو هو، تنهن ڪري خليفن جي مرڪزي طاقت گهٽجڻ ڪري سنڌ ۾ عرب گورنرن ۽ جاگيردارن ڪيتريون ئي ننڍڙيون ننڍڙيون رياستون بڻائي وڌيون، جيڪي ملڪي ڳالهين ۾ پنهنجي پنهنجي حد اندر خودمختيار حاڪم بنجي ويا ۽ بغداد جي خليفن کي ڪا به مقرر ٿيل ڍل نه پهچائيندا هئا. ڪي ڪي حاڪم ڪڏهن ڪڏهن سوکڙيون يا تحفا بغداد جي خليفي ڏانهن موڪليندا هئا، ته اهي ئي دربار خلافت ۾ غنيمت ليکيون وينديون هيون. انهيءَ هوندي به سڀ خودمختيار حاڪم خليفي جي روحاني بزرگيءَ کي تسليم ڪندا هئا ۽ ان جي تعظيم رکندا هئا. (تاريخ اسلام جلد1. مولوي ذڪاءُ الله)

سنڌ تي بغداد جي خليفن جو آخري گورنر عمر بن عبدالعزيز هباري (سنه 240 هه)

جن ڏينهن ۾ سنڌ ننڍڙيون خودمختيار رياستن ۾ ورهائجي چڪي هئي، تن ڏينهن ۾ عرب قوم جا جاگيردار، جيڪي پنهنجين جاگيرن کي رياستون بڻايون ويٺا هئا، سي پاڻ ۾ جهيڙا جهڳڙا ڪرڻ لڳا. هباري خاندان جو هڪڙو بهادر عرب جاگيردار، جنهن جو نالو عمر بن عبدالعزيز هو، جنهن سان سنڌ ۾ رهندڙ عرب قبيلا گهڻي انداز ۾ ٻڌل هئا، تنهن هارون بن خالد نالي هڪڙي زبردست عرب حاڪم کي، جو درٻار خلافت جي طرفان نالي جو گورنر مقرر ٿيل هو، مات ڪري ماري سنڌ جي ٻين ننڍن ننڍن خودمختيار حاڪمن کي پنهنجي آڻ مڃائي. تنهن کان پوءِ بغداد جي خليفي متوڪل بالله (232 هه کان 247 هه تائين) کي درخواست لکي موڪليائين، جنهن ۾ لکيائين، ته ”سنڌ ملڪ ۾ سخت بي انتظامي ٿي پيئي آهي ۽ هتي جي انتظام لاءِ مون کان وڌيڪ ڪارائتو ماڻهو ڪو مشڪل ملي سگهندو، ڇو ته آئون هتي جي ساري حال احوال کان چڱي طرح واقف آهيان. ۽ گهڻي زماني کان هتي ئي رهندو آيو آهيان. جيڪڏهن درٻار خلافت پاران هن ملڪ جي گورنري مون کي عطا ٿيندي، ته آئون انجام ٿو ڪريان، ته هتي جي بدانتظامي جي شڪايت ڪڏهن به توهان تائين نه پهچندي.“

خليفو متوڪل ٻين ملڪن جي بغاوتن ۽ فسادن جي ڪري اهڙو پريشان حال هو، جو هن عمر بن عبدالعزيز جي تابعداري جي درخواست غنيمت ڪري سمجهي ۽ هڪدم ان جي نالي سنڌ جي گورنري جي سند ڏياري موڪليائين. (تاريخ يعقوبي)

اهو عمر بن عبدالعزيز هباري، بغداد جي خليفن جي طرفان آخري گورنر مقرر ٿيو هو. ان کان پوءِ ڪڏهن به ڪو گورنر بغداد جي خليفن جي طرفان سنڌ تي مقرر ٿي نه آيو. تنهنڪري سنڌ جو ڳچ حصو عمر بن عبدالعزيز جي اولاد لاءِ موروثي خودمختيار رياست طور رهندو آيو.

سنڌ جون خودمختيار رياستون

بغداد جي عباس خليفن جا ناتا سنڌ کان ڇڄي چڪا، تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ مکيه ۽ وڏيون رياستون ٻه هيون:

(1) منصوره، جنهن جي حد ديول بندر کان وٺي الور تائين هئي. اها رياست هباري خاندان جي قريشين (عمر بن عبدالعزيز ۽ ان جي اولاد) جي هٿ ۾ هئي. ديول بندر ۽ الور جي وچ ۾ جيڪي به عرب توڙي ديسي سردار پنهنجيون پنهنجيون ننڍڙيون رياستون بنايون ويٺا هئا. سي منصوره جا تابعدار هئا.

(2) ٻي وڏي رياست ملتان واري هئي، جنهن جي حد الور کان وٺي قنوج تائين هئي. اها رياست ابو اللباب الهنبہ نالي هڪڙي شريف يعني عرب سادات ۽ ان جي اولاد جي هٿ ۾ هئي. انهيءَ رياست جي زبردستيءَ ۾ به ٻيون ڪيتريون ئي ننڍڙيون رياستون هيون.

انهن مکيه ٻن رياستن کان سواءِ هاڻوڪي سنڌ جي اتر ۽ اولهندي طرف به ڪي خودمختيار رياستون هيون، جيڪي اڳ بغداد جي خليفن جي پاران مقرر ٿي آيل، سنڌ جي گورنر جي هٿ ۾ هونديون هيون ۽ پوءِ خودمختيار ٿي ويون هيون:

توران رياست،جنهن تي هڪڙو بصره جو رهندڙ ابوالقاسم حاڪم هو.

قصدار رياست، جنهن جو حاڪم هڪڙو عرب معين بن احمد هو.

مڪران رياست، جنهن جو حاڪم عيسى بن معدان هو.

مشڪي رياست، جيڪا مڪران جي سرحد سان لاڳو هئي، جنهن جو حاڪم ظاهر بن رجا هو.

مٿين خودمختيار رياستن مان منصوره ۽ ملتان رياستن ۾ عام طرح سنڌي ۽ عربي ٻولي ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، ۽ باقي رياستن ۾ اتي جي ديسي ٻوليءَ سان گڏ پارسي ٻولي ڳالهائبي هئي.

(تاريخ اسلام، جلد 1، مولوي ذڪاءُ الله)

سنڌ تي صفاريه خاندان جي حڪومت

(سنه 256 هه کان سنه 290 هه تائين، سنه 867ع کان سنه 903ع تائين)

يعقوب بن ليث صفار

 

سيستان (نيمبروز) ملڪ جي بست شهر ۾، ليث نالي هڪڙو صفار يعني ٺاٺارو رهندو هو، جنهن جا ٽي پٽ هئا: (1) يعقوب (2) عمرو ۽ (3) علي. پويان ٻئي ڀائر پنهنجي پيءُ سان گڏ ٺاٺارڪو ڏنڌو ڪندا هئا، پر يعقوب ننڍي هوندي کان وٺي حرڪتي ڇوڪرن جي ٽوليءَ جو سردار بڻجي، جهٽيون هڻندو ۽ چوريون ڪندو هو. هڪڙي ڀيري يعقوب پنهنجن همراهن سان گڏجي سيستان جي حاڪم درهم بن نضر جي خزاني کي وڃي کاٽ هنيو. يعقوب خزانو چورائيندي جيڪي ڳوٿريون جواهرن سان ڀريون هيون، تن مان ڪن ڳوٿرين ۾ تڙ تڪڙ سبب جواهرن جي ڀولي ۾ لوڻ جا ڳنڍا به پئجي ويا هئا، اُتي جو اُتي يعقوب کي سماءُ پئجي ويو ته ڳوٿرين ۾ لوڻ به پئجي ويو آهي. انهيءَ سماءَ پوڻ شرط اهي سڀ چورايل ڳوٿريون اتيئي ڦٽيون ڪري، هٿين خالي هليو ويو.

صبح جو درهم بن نضر کي کاٽ جي رپورٽ ملي، پر خزانو سلامت نظر آيو، تنهنڪري شهر ۾ ڍنڍورو ڏياريائين، ته ”رات جو جنهن چور اسان جي خزاني ۾ کاٽ هنيو هو، سو جيڪڏهن اسان وٽ اچي حاضر ٿيندو ته ان کي انعام ڏينداسون.“  تنهن تي يعقوب اچي حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”جيڪڏهن لوڻ نه چکان ها، ته خزانو ڪڏهن به ڪين ڇڏي وڃان ها، پر نمڪ – چور ٿيڻ مون کي پسند نه آيو.“ درهم اها حقيقت ٻڌي اهڙو ته خوش ٿيو، جو يعقوب کي پنهنجو خاص مقرب ڪري رکيائين. (تذڪرة الڪرام، تاريخ خلفاءِ عرب و اسلام)

درهم جي ڀاءُ صالح بن نضر، هڪدم يعقوب بن ليث کي فوج جو سپہ سالار مقرر ڪيو. سپہ سالاريءَ جي وقت ۾ هن نهايت بهادريءَ وارا ڪم ڪيا ۽ سوڀون ماڻيون. فوج جي سپاهين توڙي عام رعايا جي دلين ۾ يعقوب جاءِ ڪري ويو.

صالح بن نضر کان پوءِ سيستان ۾ بغاوت پيدا ٿي پئي، جنهن ڪري فوج ۽ رعايا جي خواهش ۽ مرضيءَ موجب، يعقوب بن ليث سيستان جو حاڪم مقرر ٿيو. سيستان جي گاديءَ تي ويهڻ شرط يعقوب آسپاس وارن ملڪن تي چڙهايون ڪري، اهي هڪٻئي پٺيان پنهنجي هٿ ۾ ڪندو ويو. خراسان، غزنين ۽ مڪران فتح ڪري پوءِ هرات، طبرستان ۽ ايران جو وڏو حصو فتح ڪيائين. انهن ملڪن جي فتح ڪرڻ کان پوءِ بغداد جي خليفي معتمد بالله (256 هه کان 209هه تائين) سان بغاوت شروع ڪيائين. شيراز ۽ اهواز کان لنگهي بغداد ۾ وڃي پهتو. خليفه معتمد، يعقوب جي دل وٺڻ لاءِ ان کي، اُن جي هٿ ڪيل ملڪن جو ته بادشاهه ڪري مڃيو، پر سنڌ جو علائقو، جيڪو نالي خاطر بغداد جي هٿ ۾ هو، سو به نذراني طور ان کي بخش ڪيائين. ان وقت کان وٺي سنڌ ملڪ صفاريه خاندان جي هٿ هيٺ رهيو.

يعقوب بن ليث صفار جو ڏهڪار ملڪان ملڪ پکڙيل هو، تنهن ڪري سنڌ جي خودمختيار رياستن به ماٺ ميٺ ۾ ان جي تابعداري قبول ڪئي. يعقوب بن ليث پاڻ پنهنجي سر ڪڏهن به سنڌ ۾ نه آيو هو، نڪي کانئس پوءِ سندس ڀاءُ عمرو بن ليث سنڌ ۾ آيو، مگر انهن جا موڪليل ايلچي سنڌ جي رياستن کان سالياني مقرر ڪيل خراج اچي صول ڪري ويندا هئا.

يعقوب ۽ سندس ڀاءُ عمرو کان پوءِ صفاريه خاندان ۾ ڪو به اهڙو جبرو ماڻهو ڪونه رهيو، تنهن ڪري عمرو بن ليث جي وفات (سنه 290 هه) کان پوءِ جيئن يعقوب بن ليث جا ٻيا فتح ڪيل ملڪ خودمختيار ٿي ويا،تيئن سنڌ جون رياستون به وري خودمختيار ٿي ويون.(ابن اثير ۽ ابن خلدون)

سنڌ ۾ خارجيه مذهب وارن جو داخلو

جڏهن هجري سنه 39 هه ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهہ ۽ امير معاويه جي وچ ۾ صفين جي جنگ بعد صلح ٿيو، تڏهن مسلمانن جي هڪڙي جماعت انهيءَ صلح جي ڪري ناراض ٿي پئي. انهيءَ جماعت جو مطلب هو، ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تلوار فيصلو ڪري، جنهن ڪري هڪڙو ئي طرف هميشه لاءِ خلافت تي قائم ٿي وڃي، ۽ آئينده خلافت لاءِ ڪو به جهڳڙو پيدا نه ٿئي. اها جماعت ٻنهي طرفن (حضرت علي ۽ امير معاويه) جي برخلاف ٿي وئي ۽ مٿن نالو پيو ”خارجيه“ (ٻاهر نڪتل)

خارجيه فرقي وارن مان ٽي شخص مقرر ٿيا، هڪڙو حضرت علي رضه کي مارڻ لاءِ، ٻيو معاويه رضه کي مارڻ لاءِ ۽ ٽيون مصر جي واليءَ کي مارڻ لاءِ. حضرت علي رضه لاءِ مقرر ٿيل ماڻهو ڪامياب ٿيو ۽ حضرت علي نماز پڙهندي مسجد ۾ شهيد ڪيو ويو. امير معاويه جو قاتل پنهنجي ڪاميابيءَ کان اڳ پڪڙجي پيو ۽ مصر ڏي ويل ماڻهوءَ ڀل ۾ ٻئي هڪڙي امير کي وڃي ماريو.

ان وقت کان وٺي خارجيه فرقي وارا جيئن ته حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي اولاد جا دشمن رهندا آيا، تيئن ”اموي خاندان“ توڙي ”عباسيه خاندان“ جي خلافت جا پڻ مخالف رهندا آيا.

خلافت جي دٻاءَ سبب ڪو وقت اهي خارجيه فرقي وارا دٻجي ويا هئا، پر عمان ملڪ ۾ وڃي پنهنجو مرڪز بنايو هئائون، جيڪو اڄ تائين قائم آهي. عمان جي حڪومت خارجيه مذهب رکندڙ آهي. هجري سنه 263 هه (خليفي منصور عباسي جي وقت) ۾ حسان بن مجالد همداني نالي هڪڙو جوشيلو خارجي عمان ۾ کڙو ٿيو، جيڪو ملڪ ۾ گهمندو وتندو هو. ان جو ڪم هو بغداد جي خلافت ۽ ساداتن جي برخلاف تبليغ ڪرڻ. اهو حسان بن مجالد، سنڌ ۾ به انهيءَ وقت اچي وارد ٿيو هو، جنهن وقت عمر بن حفص سنڌ جو گورنر هو. عمر بن حفص لڪل شيعو هو ۽ تنهن ڪري سنڌ ۾ حسان جا پير ئي ڪين کتا ۽ هو موصل ڏي هليو ويو. (ابن اثير)

سنڌ ۾ قرمطي ماڻهن جو زور

ايران جا آتش پرست، جيڪي ظاهر مسلمان ٿيل هئا، تن هڪ نوجوانن جي سياسي جماعت مذهبي فرقي جي رنگ ۾ کڙي ڪئي، اهو فرقو بغداد جي خلافت لاءِ خاص طرح ۽ اسلام لاءِ عام طرح نهايت خطرناڪ هو.

عبدالله بن ميمون ايراني، جيڪو اسماعيليه شيعو هو، تنهن بغداد جي خلافت ڊاهڻ ۽ اسلام کي بي وقار ڪرڻ جي ارادي سان هجري سنه 268 (خليفه معتمد عباسيءَ جي وقت) ۾، ڪوفه شهر ۾ هن نئين فرقي جو بنياد وڌو. هو تقريرون به ڪندو هو ۽ ڳجهيءَ طرح ماڻهن کي تلقين به ڪندو هو. ان جي تعليم اها هئي، ته ”سڀ مذهب اجايا آهن، ڏوهه ۽ ثواب، حرام ۽ حلال ڪجهه به نه آهي.“

انهيءَ عبدالله جو هڪڙو مريد احمد نالي پيدا ٿيو.  هجري سنه 287 (خليفه معتمد عباسي جي وقت) ۾، جنهن پاڻ کي ”قرمط“ سڏايو. ”قرمط“ لفظ جي معنى آهي ”اڻ لکو ليڪو يعني ڳجهو سٽاءُ“ احمد ماڻهن کي لڪ ڇپ ۾ گمراهه ڪندو وتندو هو، تنهن ڪري انهيءَ فرقي جو نالو ئي رکيائون ”قرمطي فرقو“.قرمطي مذهب جو سچو پچو باني ۽ ڦهلائيندڙ احمد هو.

احمد هڪڙي خط جا نقل ڳجهيءَ طرح ملڪ ۾ پکيڙيا، ان خط جو مضمون هيءُ هو:

”بسم الله الرحمان الرحيم.“: فرج بن عثمان (احمد جو اصلي نالو)، نصرانيه ڳوٺ جو رهندڙ لکي ٿو ته آئون سچ جي طرف، جو سچ آهي ڪلمو، دعوت ٿو ڏيان. اهو ئي مهدي هو، اهو ئي احمد بن محمد بن حنيفہ هو، اهو ئي جبريل (عليه السلام) هو. اهو ئي سچ هينئر انساني صورت بنيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس، ته تون داعي (دعوت ڏيندڙ) آهين ۽ حجت آهين، صالح (نبي    ) واري ڪرامتي ڏاچي آهين، عيسى (نبي     ) وارو گڏهه آهين، يحيى بن ذڪريا  (نبي     ) ۽ روح القدس آهين. مون کي ٻڌايو اٿس، ته نماز ڪنهن نماز جي بانگ هيءَ آهي: ته بانگ ڏيندڙ ٽي ڀيرا چوي ”الله اڪبر“ (خدا سڀ کان وڏو ۽ اعلى آهي)، ۽ ٻه ٻه ڀيرا چوي ”اشهد ان لا الہ الا الله“ (ساک ٿو ڏيان ته الله تعالى کان ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي)، اشد ان آدم رسول الله (ساک ٿو ڏيان، ته حضرت آدم عليہ السلام خدا جو پيغمبر آهي) اشهد ان نوحا رسول الله ( ساک ٿو ڏيان، ته حضرت نوح عليه السلام خدا تعالى جو پيغمبر آهي)، اشهد ان عيسى رسول الله (ساک ٿو ڏيان ته حضرت عيسى عليه اسلام خدا تعالى جو پيغمبر آهي)، اشهد ان محمد رسول الله (ساک ٿو ڏيان، ته حضرت محمد ڪريم عليه الصلواة والسلام الله تعالى جو پيغمبر آهي)  اشهد ان احمد بن محمد بن حنيفه رسول الله (ساک ٿو ڏيان، ته احمد بن محمد بن حنيفه بن الله تعالى جو پيغمبر آهي.)

بيت المقدس  ڏي منهن ڪري نماز پڙهو. آرتوار کي موڪل جو ڏينهن مقرر ڪريو. ان ڏينهن هر نماز ۾ اها ”سورة فتح“ پڙهو، جا احمد بن محمد بن حنيفه تي نازل ٿي آهي. سڄي سال ۾ فقط ٻه روزا رکو. هڪڙو ”مهر جان“ جي ڏينهن ۽ ٻيو ”نيمروز“  جي ڏينهن. نشيدار پاڻي حلال آهي. نڪاح جو ڪو به ضرور ڪونهي (جتي ڪو به جوڙو پاڻ ۾ راضي ٿئي،اتي انهن لاءِ شادي ٿي چڪي، پوءِ ڀل کڻي طرفين ڏينهن ۾ اهڙيون ڏهه شاديون ڪن.)جنابت جي غسل ڪرڻ جو ڪو به ضرور ڪونهي، فقط نماز پڙهڻ مهل غسل ڪجي.“(تاريخ اسلام جلد 1 مولوي ذڪاءُ الله).

جيئن ته هن دعوت ۾ اسلامي حڪمن کان آزاد رهڻ ۽ عيش عشرت ۾ شتر بي مهار گذارڻ جو رستو ڏسيل هو، تنهن ڪري ڪيترائي لامذهب، مورک ۽ جهنگلي ماڻهو توڙي عياش نوجوان هن فرقي ۾ داخل ٿيندا ويا، تان جو ميمبرن جو انداز جلد ئي هزارن سان اچي لڳو. (تاريخ اسلام جلد 1 مولوي ذڪاءُ الله).

هن فرقي جو خاص مطلب هو بغداد جي خلافت ڊاهڻ ۽ سني مسلمانن کي جتي ڏسجي  اتي قتل ڪرڻ ۽ اسلام ۾ دل گهريون ڳاليهون داخل ڪري ان کي بدنما بنائڻ. شيعن جي همدردي هٿ ڪرڻ لاءِهنن اهل بيت جي مڃتا به پنهنجي مذهب ۾ فرض ڪري رکي.

زيديه، سبيه، اسماعيليه وغيره فرقن جي عقيدن ۽ قرمطين جي عقيدن ۾ توڙي وڏو تفاوت هو، پر سياسي مقصد  ۾ هو سڀ متفق هئا، تنهن ڪري شيعه مذهب جا سڀ فرقا جتي ڪٿي قرمطين سان حال سارو همدردي ڪندا رهيا.

مطلب ته قرمطي ماڻهو پنهنجون فوجون ٺاهي هٿيار کڻي ملڪ ۾ پکڙجي پيا. سنه 290 هه (خليفه مقتدار عباسي جي وقت)  ۾ قرمطين جي فوج شام ملڪ تي حملو ڪيو ۽ مسلمانن کي بيدرديءَ سان قتل ڪندا، ڦريندا لٽيندا، باهيون ڏيندا اڳتي وڌندا ويا. سنه 311 هه ۾ بصره ۽ ڪوفہ شهر ۾ ڦرلٽ ۽ مسلمانن جو عام ڪوس ڪيائون. سنه 317 هه ۾ مڪي پاڪ تي ڪاهي پيا ۽ ڪعبت الله شريف جي نهايت گهڻي بيعزتي ڪيائون ۽ ڪعبي ۾ مسلمانن جو عام ڪوس ڪيائون. حجر اسود اکوڙي کڻي ويا. جو ويهن ورهين کان پوءِ کانئن واپس مليو. حج تي اچڻ وارن مسلمانن جا رستا چوطرف بند ڪري ڇڏيائون. سنه 319 هه ۾ خليفه مقتدار عباسي کي بغداد ۾ وڃي قيد ڪيائون ۽ بغداد جي شهر ۾ ٿرٿلو وجهي ڏنائون. خليفه مقتدار جي جاءِ نشين پٽ خليفه راضي بالله ڳچ خزانو قرمطين کي بروقت ڏنو ۽ ساليانه لوازمو انهن کي مقرر ڪري ڏنائين، تڏهن قرمطين بغداد جي پٺي ڇڏي ۽ انهيءَ طرف وارو حج جو رستو کليل ڇڏيائون. (تذڪرة الڪرام)

سنه 384 ۾ قرمطين جي فوج بلوچستان ۽ نوشڪي ۾ آئي، اتان به چڱو ٽولو ساڻن شامل ٿيو، پوءِ سنڌ جي مرڪز منصوره تي ڪاهه ڪيائون  (384 هه ۾). نه رڳو منصوره جي خودمختيار رياست جو خاتمو ڪري ڇڏيائون، پر اهو شهر ئي زبون ڪري ڇڏيائون.  انهيءَ واقعي کان پوءِ ملتان ڏي رخ رکيائون. اتي جيڪو شيعه مذهب جو حڪمران هو، تنهن به قرمطي مذهب اختيار ڪيو، جنهن ڪري منصوره رياست جو وڏو حصو ملتان رياست سان شامل ٿي ويو ۽ باقي حصو ننڍڙين ننڍڙين رياستن وارن ٽڪر ٽڪر ڪري پنهجين رياستن سان ملائي ڇڏيو.

سنه 384 هه کان وٺي سنه 396 هه تائين يعني سنڌ تي غزنوي گهراڻي جي حڪومت قائم ٿيڻ تائين سارو سنڌ ملڪ قرمطين جي ظلم ۽ بي دينيءَ جو شڪار هو. سنڌ جون ان وقت واريون ننڍڙيون ننڍڙيون رياستون قرمطين جي پاڇي ڀر پيون ڊڄنديون هيون ۽ قرمطي جيڪي انهن رياستن کان گهرندا هئا، سو اڌ ڳالهه سان انهن کي پهچائينديون هيون.

سنڌ ۽ ملتان مان قرمطين جي پاڙ پٽڻ جو ثواب وري به محمود غزنوي اچي کٽيو.

نوٽ: سنڌ تي غزنوي گهراڻي جي حڪومت قائم ٿيڻ جي بيان شروع ڪرڻ کان اڳ بغداد جي خلافت جي نابودي، عربن جي چال چلت ۽ انتظام بابت مختصر بيان لکڻ مناسب آهي، ڇاڪاڻ جو انهن حقيقتن بيان ڪرڻ ڌاران عربن جي حڪومت جي بيان جي تڪميل ٿي نه سگهندي.

بغداد جي خلافت جي نابودي

اسلام جي  اوائلي سوڀن ۾ جيڪي يهودي ۽ آتش پرست جنگي قيدي ٿي پوءِ مسلمان ٿيا هئا. تن مان ڪن تمام ٿورڙن شخصن اسلام سان سچائي ۽ وفاداريءَ جو ناتو نڀايو هيو، باقي گهڻن تڻن اهڙن نو مسلمن ۽ سندن اولاد جي دلين ۾ مسلمانن ۽ اسلام بنسبت انتقام جي باهه ڀڙڪي رهي هئي. حضرت عمر فاروق  رضه جي ڪمهلي شهادت، حضرت علي المرتضى رضه جي ناحق شهادت ۽ بعداد جي خلارت جي بربادي انهيءَ انتقامي باهه جي شعله زني جا مکيه مثال آهن. مسلمانن ۽ اسلام جي عالمگير ترقي ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ عروج انهن بناوٽي مسلمانن لاءِ ڪُک جو ڪان هو. هو مختلف نمونن سان مسلمانن ۽ اسلام جي سياسي ۽ مرڪزي طاقت کي ڊاهڻ، مسلمانن جي اتفاق ۽ ايڪي کي ٽوڙڻ، سياسي ۽ معاشرتي ارادن کي مذهبي رنگ ڏيئي اسلام کي غير جي نظر  ۾ بدنماءِ بنائڻ جون طرحين طرحين ڪوششون ڪندا رهيا.

هڪڙا يهودي ۽ آتش پرست مسلماني لباس اختيار ڪري چاپلوسي ۽ چالاڪيءَ سان دربار خلافت ۾ وڃي وزير ۽ سپهه سالار ٿيا، ۽ اتي ڳجها منصوبا رٿي گهرو فساد ۽ فتنا جاڳائڻ لڳا. ٻيا وري مذهبي رنگ ۾ نيون نيون سياسي جماعتون ٺاهي خلافت جي برخلاف کڏن کوٽڻ، اسلام جي اتحاد جي تسبيح جي ڌاڳي ڇنڻ ۽ ملڪ ۾ بغاوتون کڙيون ڪرڻ لڳا، ته ڪي وري قرآن شريف جي آيتن جون من گهڙت تاويلن ڪرڻ ۽ اسلام جي اصولن ۾ ڦير گهير ڪرڻ سان مسلمانن ۾ مذهبي جهڳڙا ۽ نفاق پيدا ڪرائڻ لڳا.

انهن خطرناڪ حالتن سان بغداد جا خليفا خلفاءِ راشدين واري پاڪبازي، سادگي، جفاڪشي ۽ قربانيءَ جو رستو ڇڏي نفس پرستي، بيروني ٺٺ، عياشي ۽ خودغرضيءَ جي واٽ وٺڻ لڳا، جنهن سندن خلافت کي نهوڙي ڇڏيو.

اول آهستي آهستي ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو جدا جدا پرڳڻا بغداد جي خليفن جي هٿن مان نڪرندا ويا، سنڌ ملڪ به هجري سنه 256 (سنه 870ع) ۾ بغداد جي خليفن کان صفا ڇڄي ويو، پر ان کان پوءِ به چار سؤ ورهيه بغداد جي خلافت جو ڏيئو ٽمڪندو رهيو، جو نيٺ سنه 656 هجريءَ (1253ع) ۾، هڪڙي منافق وزيراعظم هڪڙيءَ ڦوڪ سان گل ڪري ڇڏيو.

هجري سنه 640 (سنه 242ع) ۾ عباسي خاندان جو ستٽيهون ۽ آخرين خليفو بغداد جي تخت خلافت تي ويٺو، جنهن جو نالو مستعصم بالله هو. (ان وقت سنڌ ۾ دهليءَ واري غلام گهراڻي جي گورنرن جي حڪومت هئي.).

انهيءَ زماني ۾ خلافت بغداد جي سچي پچي حڪمراني فقط بغداد ۽ ان جي آسپاس هئي، ٻيو سارو ملڪ خودمختيار ٿي چڪو هو ۽ اهي خودمختيار حڪومتون وري پاڻ ۾ وڙهڻ جهڙڻ ۾ مشغول هيون. انهن ڏينهن ۾ لامذهب تاتارين ڏاڍو زور ورتو هو ۽ سندن فوجون مڪڙن وانگر ملڪ ۾ پکڙجي پيون.

چنگيز خان جو پوٽو هلاڪو خان، هجري سنه 651 ۾ قراقرم شهر مان سوا لک سپاهين جي فوج وٺي ايران، عراق ۽ شام تي چڙهائي ڪئي. پهرين پهرين اسماعيليه شيعن جي زبردست اڳواڻ حسن بن صباح وارو برپا ڪيل مشهور قلعو الموت اچي زبون ڪيائين، ۽ علوين جي حڪومت طبرستان زبون ڪري ڇڏيائين ۽ شيعن توڙي قرمطين ۾ قتل عام ڪيائين. پوءِ ملڪ پٺيان ملڪ زير ڪندو سنه 656 هجري ۾ اچي بغداد کي گهيرو ڪيائين.

بغداد جي خليفي جو وزيراعظم مؤيدالدين ابن علقمي، جيڪو ”تقيه“ ۾ ڍڪيل شيعو هو، تنهن پنهنجا وڪيل موڪلي، ڳجهيءَ طرح هلاڪو خان سان سازش قائم رکي. خليفي جو ڳچ لشڪر ته ابن علقمي اڳيئي ڇاڻي ڪري گهٽائي ڇڏيو هو ۽ باقي لشڪر جو ڪارائتو حصو بغاوتن بند ڪرڻ جي بهاني سان بغداد مان ڪڍي ڇڏيو هئائين. رهيل کهيل ٿورو لشڪر، هلاڪو خان جي اچي ڪڙڪڻ تي ڪو به مقابلو ڪري نه سگهيو.  هڪ مهينو خليفو مستعصم گهيري ۾ هو، تنهن کان پوءِ ابن علقمي خليفي کي چيو ته، ”مون کي اجازت ڏيو، ته هلاڪو خان وٽ وڃي صلح ۽ ٺاهه جي ڪوشش ڪريان.“ جڏهن هلاڪو خان وٽ ويو تڏهن ان کي چيائين ته ”آئون خليفي ۽ سندس نوجوان پٽ ابوبڪر ۽ ٻين خاص درٻارين کي اٽڪل سان اوهان جي تنبوءِ ۾ اچي حاضر ٿو ڪريان“ اتان ٿي وري خليفي وٽ آيو ۽ چيائين،“ آئون هلاڪو خان سان خاطريءَ جهڙو ٺاهه ڪري آيو آهيان ۽ هو ايتري قدر راضي ٿيو آهي، جو پنهنجي ڌيءَ جو سڱ به شهزادي ابوبڪر کي ڏيڻو ڪيو اٿس. هاڻي اوهين بي ڌڙڪ هلي هلاڪو خان سان ملاقات ڪريو.“ خليفه ابن علقمي جي چرب زبانيءَ تي ويساهه ڪري پنهنجي نوجوان پٽ ابوبڪر خان جي تنبوءَ ۾ اچي حاضر ٿيو. اتي اک ڇنڀ ۾ خليفو ۽ ساڻس گڏجي آيل همراهه قتل ٿي ويا. پوءِ هلاڪو خان جي فوج خليفي جي محلات ۽ بغداد جي شهر ۾ ڪاهي پيئي ۽ ٻارن، زالن ۽ مردن جو ايترو ته ڪوس ڪيائون، جو شهر جي گهٽين ۾ رت جون نديون وهڻ لڳيون، عباسي خاندان مان اهڙي پهر بغداد ۾ ڪا نه رهي، جا کڻي آکاڻي ڪري.

شيخ سعدي شيرازي (عليہ الرحمة) جو ان وقت بغداد شهر ۾ حاضر هو، تنهن انهيءَ ڪوس بابت لڱ ڪانڊاريندڙ عربي ۽ پارسي مرثيا ۽ قصيدا لکيا آهن. انهن مان هڪڙي پارسي قصدي جي منڍ وارا ٽي بيت هي آهن:

”آسما را حق بود گر خون بگريد بر زمين،

بر زوال ملڪ مستعصم امير المؤمنين،“

”اي محمد گر قيامت مي بر آري سر زخود،

سر بر آور وين قيامت را ميان خلق بين.“

”خون فرزندان عم مصطفى شد ريختہ،

هم بر آن خاکيکه سلطانان نهاد ندي جبين.“

معنى: ”امير المؤمنين خليفي مستعصم جي حڪومت جي بربادي ڏسي آسمان جيڪڏهن رت جا لڙڪ وهائي، ته ان کي جڳائي ٿو.“

”اي حضرت رسول ڪريم ﷺ! حضور جن کي جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن پاڻمرادو کڙو ٿيڻو آهي، ته (هينئر ئي) کڙا ٿيؤ ۽ هيءَ جا قيامت خلق تي اچي متي آهي، سا ته ڏسو!“

”حضرت پيغمبر ڪريم ﷺ جي چاچي جي اولاد جو خون انهيءَ زمين تي هاريو ويو آهي، جنهن زمين تي دنيا جا بادشاهه مٿو اچي ٽيڪيندا هئا“. (تذڪرة الڪرام تاريخ خلفاءِ عرب و اسلام)

سنڌ ۾ عرب قوم جو ملڪي انتظام ۽ سندن چال چلت

عرب سوا ٽي سؤ ورهيه سنڌ ۾ حڪمران قوم جي حيثيت ۾ رهيا هئا، تنهن ڪري انهن جي ملڪي انتظام ۽ چال چلت جو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي.

(1) شروع ۾ جيڪي عرب سپاهيانه حيثيت ۾ سنڌ ۾ آيا هئا، تن پاڻ سان اهڙا ماڻهو ڪين آندا هئا، جيڪي ملڪي انتظام جي رمزن جا ماهر ۽ شهريت (Citizenship) جي علم جا عالم هجن، تنهن ڪري جيڪو پرڳڻو هٿ ڪيائون ٿي، سو اتي جي رئيسن ۽ اميرن جي حوالي ڪندا ٿي ويا. خبر نه آهي عربن جا دماغ بلند هئا، يا سندن وجود ۾ ڪا سخاوت ۽ فياضي هئي. يا حسابي علم ڄاڻندا هئا، جو ملڪ جي آمدني ۽ خزاني جي چاٻي ۽ اڇي ڪاري جي واڳ ديسي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي هئائون، جيتوڻيڪ قتل ۽ طهر جو دڙڪو انهن محررن کي خيانت کان روڪڻ لاءِ ڪافي هو، ته به حساب ڪتاب ۾ بي انداز گهوٻيون لڳي وينديون هيون.

(2) عرب ڪوهستان ۽ بيابان جا رهاڪو هئا، جن کي زرخيز زمينن جو قدر ۽ قيمت معلوم نه هئي، تنهن ڪري فتح ڪيل ملڪ جي زمين جي ملهه جي جاچ جوچ ڪانه ڪندا هئا: جيڪي به رپيا زمين جي عيوض رعايا ڏيندي هئي، سي غنيمت ڪريو ڄاڻندا هئا، ۽ زمين جي لياقت تي نظر رکي محصول مقرر نه ڪندا هئا. ملڪ فتح ڪرڻ عربن لاءِ آسان هو، پر ملڪ جو اندروني انتظام ۽ حساب ڪتاب سندن حوالي نه هو. انهيءَ ڪري ملڪ جو اندروني انتظام ۽ حساب ڪتاب برهمڻن جي حوالي هوندو هو.

(3) سنڌ فتح ڪرڻ جي وقت تائين عربن وٽ ڪو پنهنجو سڪو ڪونه هو. خود دمشق ۾ به يونان ۽ ايران جي سڪن سان واپار ۽ ڏيتي ليتي ٿيندي هئي. پهريائين خليفي عبدالملڪ (سنه 64 هه کان 86 هه تائين)  پنهنجو سونو سڪو ”دينار“ جاري ڪيو، جيڪو گهڻو وقت پوءِ سنڌ ۾ به رائج ٿيو ۽ سنڌ جو واپار ۽ ڏيتي ليتي به ان سڪي ۾ ٿيڻ لڳي.

(4) جن پهلوان عربن سنڌ ۾ بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريا هئا، تن کي بنان ڍل زمين جا ٽڪرا مليا هئا، پر خليفه عمر بن عبدالعزيز (سنه 98 هه کان سنه 101 هه تائين) حڪم ڪيو ته ڪو به سپاهي، ڪنهن به ٻئي ڌنڌي يا هارپي ۾ مشغول نه ٿئي. انهيءَ حڪم کان پوءِ سپاهين کي مليل زمينون وري به اصلوڪن مالڪن جي هٿن ۾ رهيون. پگهاردار سپاهين کي فقط پگهار ملندي هئي: نه انهن کي غنيمت جي مال مان حصو ملندو هو ۽ نه معافي زمين ملندي هئي. مگر جيڪي بنان پگهار فوجي سپاهي ٿيندا هئا، تن کي غيمت (جنگ کٽڻ مهل هٿ آيل ملڪيت) جو 5/4 حصو ورڇجي ملندو هو، باقي 5/1 حصو حڪومت جي بيت المال ۾ امانت طور رهندو هو، جيڪو قومي ۽ خيراتي ڪمن ۾ ڪتب ايندو هو.

(5) سنڌ ملڪ جي زمين جو ڳچ حصو وقف هوندو هو، جنهن جي پيدائش مسجدن ۽ مقبرن جي ٺهرائڻ ۽ انهن جي سنڀاليندڙن جي گذران لاءِ ڪم ايندي هئي.

(6) اوائل وقت وارا سوڀارا عرب، شهرن ۾ اصلوڪن رهاڪن سان گڏ ڪين رهندا هئا، پر پنهنجا جدا نوان ڳوٺ ٺاهي تن ۾ رهندا هئا. انهيءَ ڪري مسلمانن ۽ هندن جي پاڻ ۾ گهرائي ۽ دوستاڻو ميل ميلاپ نه هوندو هو.

(7) سنڌ فتح ڪندڙ عربن پاڻ سان زالون ۽ ٻار ڪين آندا هئا. هونءَ عربن جو دستور هوندو هو، ته جنگ تي نڪرڻ وقت پنهنجون زالون پاڻ سان کڻندا هئا، ڇاڪاڻ ته ڪيترين ئي جنگين ۾ عرب زالن جي فصاحت ۽ بلاغت ڀريل شعرن ۽ تقريرن جي اثر ڪري ئي مردن ۾ ٻيڻي جرئت پيدا ٿيو پوندي هئي ۽ هارايل جنگيون ٻيهر کٽيو وٺندا هئا.

مگر سنڌ تي حملي ڪرڻ وقت، پنهنجون زالون ۽ ٻار ان ڪري پاڻ سان نه آندائون، جو سوارين جو بندوبست ڪونه هئن: جيئن ته چئن چئن سپاهين جي سواريءَ لاءِ فقط هڪڙو اُٺ مليل هئن، جنهن تي رانئٽيون ۽ کاڌي پيتي جو سامان به کڻندا هئا ۽ واري وٽيءَ سان چڙهندا  به هئا. خليفي سليمان (سنه 96 هه کان 99 هه تائين)  حڪم ڪيو هو، ته ”سنڌ ۾ ويل عربن لاءِ شام ۾ جاءِ ڪانهي، تنهن ڪري اهي سنڌ ۾ پنهنجو گذران قائم ڪن“. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ آيل عربن جو موٽي وطن وڃڻ ڏهن ورهين تائين بند هو انهيءَ وچ ۾ انهن سنڌ جي زالن سان شاديون ڪيون ۽ اولادي ٿي سنڌ ۾ رهجي ويا.

(8) عرب قوم جو هي انتظام تعريف جوڳو هو، جو اهي سنڌ جي ماڻهن کي لشڪر ۾ ڀرتي ڪندا هئا ۽ ضرورت پوري ٿيڻ بعد ڪن کي رخصت ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ڪن کي وري ٻين ملڪن ڏي موڪليندا هئا. ائين ڪرڻ مان وڏو فائدو هي هوندو هو، جو جنگ ۽ جهيڙي ڪرڻ جهڙا ماڻهو حڪومت جي قبضي ۾ هوندا هئا ۽ ملڪ خطري کان آجو رهندو هو. تنهن کان سواءِ هيءُ به فائدو هوندو هو، جو بعضي حڪمران قوم جا ذات ڀائي سپاهي جيڪڏهن ڪا بغاوت ڪندا هئا، ته ڌاريا سپاهي حڪومت جا ڪارائتا مددگار ثابت ٿيندا هئا.

(9) عرب لڙاين ڪرڻ سان گڏ، واپار کي به چڱي رونق وٺائيندا رهندا هئا. سيستان، خراسان، باميان، زابلستان ۽ ڪابل کان سامان سان ڀريل قافلا سنڌ ۾ ايندا هئا ۽ سنڌ جو مال اوڏانهن نيندا هئا. سمنڊ جي رستي عربي گهوڙا سنڌ ۾ ايندا هئا، ۽ سنڌ مان ڪاٺ ۽ چين ملڪ کان آيل شيون روانيون ٿينديون هيون.

(10) عربن جو دستور هوندو هو، ته جنهن پرڳڻي تي ڪاهيو ويندا هئا، تنهن ڳوٺ جي ماڻهن ۽ حاڪم کي چوندا هئا، ته ”يا اسلام قبول ڪريو يا جزيو ڏيو“. جيڪي انهن ٻنهي ڳالهين مان ڪا به هڪ ڳالهه قبول ڪندا هئا، تن سان ڪا به جنگ نه ڪندا هئا. جزيه قبولڻ وارن جي مذهبي رسمن ۽ عبادت خانن ۾ ڪا به دست اندازي نه ڪندا هئا. انهن کي پنهنجو تابعدار سمجهي، مقرر ٿيل خراج (ڍل)  کانئن وٺندا هئا ۽ سندن پرڳڻو جيئن جو تيئن سندن حوالي ڪري، اڳتي هليا ويندا هئا. پر جيڪي ماڻهو اسلام قبولڻ يا جزه ڏيڻ کان انڪاري ٿي سامهون ٿيندا هئا، تن سان جنگيون ڪندا هئا ۽ مٿن ڪا به مهرباني ڪا نه ڪندا هئا.

(11) عربن وٽ زمين جي ڍل وٺڻ جو قاعدو هي هوندو هو: اول ته زمين جي ماپ نه ڪندا هئا، پر اٽڪل روءِ زمين جو انداز ٻڌندا هئا. ڍل جو اگهه مقرر ڪونه هوندو هو، پر ڍل پيدائش جي مدنظر تي وصول ڪندا هئا.  جيڪڏهن زمين کي درياءَ يا ڪنهن ڍوري مان پاڻي ملندو هو، ته ان جي اُپت جو 5/2 حصو ڍل طور وٺندا هئا. جيڪڏهن چرخي پوک هوندي هئي ته اُپت جو 10/1 حصو ڍل طور وٺندا هئا ۽ باراني پوک تي 4/1 حصو ڍل طور وٺندا هئا. باغن جي اُپت تي 2/1 حصو، انگور ۽ مڇيءَ جي اُپت تي 5/1 حصو محصول وٺندا هئا.

اها ڍل يا محصول جنس جي صورت ۾ ڏئي يا ان عيوض روڪڙا روپيا ڏئي، سو ڍل يا محصول ڏيندڙ جي مرضيءَ تي ڇڏيل هوندو هو. سڀني جنسن جي سالياني پيدائش ستاويهه لک روپيا ٿيندي هئي جا درٻار خلافت ۾ پهچائي ويندي هئي. ابن خلدون هي فيلسوفانه راءِ لکي آهي، ته جيئن جيئن عربن ۾ عيش عشرت وڌندو ويو، تيئن تيئن سندن بهادري ۽ گرم جوشي گهٽبي ويئي. هو وڌيڪ نوڪر رکڻ ۽ وڌيڪ خرچ ڪرڻ لڳا، تنهن ڪري رفته رفته ڍلون ۽ محصول وڌندا رهيا، ايتري قدر جو هنرمند ماڻهو ۽ هاري اهي ڍلون ۽ محصول سهيو نه سگهندا هئا، انهيءَ ڪري عملدارن جون بدليون جلد جلد ٿيڻ لڳيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org