سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :34

 

(5) نواب شريف الملڪ عرف شريف خان

مرزا بايزيد کان پوءِ نواب شريف الملڪ عرف شريف خان، ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو. هيءُ اک کان ڪاڻو هوندو هو. هن جي نوابيءَ جي وقت ۾ اهو واقعو ٿيو، جو شهزادو شاهه جهان پنهنجي پيءُ جهانگير بادشاهه سان تڪرار ڪري هجري سنه 1035 (سنه 1632ع) ۾ ٿورڙن ماڻهن سان ٺٽي ۾ آيو هو ۽ عراق عجم ڏي وڃڻ جو ارادو هوس.

شريف الملڪ، شهزادي شاهه جهان کي ٺٽي ۾ ترسڻ کان روڪيو بلڪ ان کي هڪالي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين. انهيءَ ڪري ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ لڙائي لڳي. شهزادي شاهه جهان ٻه ٽي ڀيرا شهر جي جدا جدا طرفن کان شهر تي حملو ڪيو، پر شڪست کاڌائين. مڪليءَ ٽڪريءَ واري پل جي نزديڪ پير بدررم وٽ سخت جنگ لڳي. ان جنگ ۾ ماريل ماڻهن جا هڏا، جيڪي ات پکڙيل پيا هوندا هئا، سي تحفة الڪرام  جي مصنف پنهنجن اکين سان ڏٺا هئا.

شهزادي شاهه جهان جي راڻي جا ان وقت حامله هئي، تنهن ڏاڙهن ملڻ جي خواهش ڪئي. شهزادي شاهه جهان هڪڙو خط نواب شريف الملڪ کي ڏاڙهن موڪلڻ لاءِ لکي موڪليو. شريف الملڪ لکي موڪليو ته ”ڏاڙهون اجهو ٿو موڪليان“ پوءِ ڏاڙهن موڪلڻ جي بدران هڪڙي فرنگي گولي انداز کي راڻي جي تنبوءَ ۾ توپ جي گولي هڻڻ جو حڪم ڏنائين. توپ جي گولي ڇٽڻ جي ٺڪاءَ تي بادشاهه بيگم جو ٻار ضايع ٿي پيو. تنهن کان پوءِ شهزادي شاه جهان ڏي چوائي موڪليائين ته ”هتي اهي ڏاڙهون موجود آهن جيڪي تنهنجي راڻي جي تنبوءَ ۾ موڪليا اٿئون“

شهزادي شاهه جهان کي ان وقت سواءِ هتان وڃڻ ڌاران ٻيو ڪو به رستو ڪونه هو. جڏهن شاهه جهان بادشاهه تخت تي ويٺو. تڏهن پهريائين پهريائين شريف الملڪ ۽ ان جي دوستن کي قتل ڪرڻ جو حڪم موڪليائين.

(6) نواب مرزا عيسى ترخان

هيءُ مرزا عيسى ترخان وڏي مرزا عيسى ترخان (سنڌ جي حاڪم) جو ڏوهٽو هو. مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ هيءُ ابوالقاسم سلطان سان شريڪ هو ۽ ان جي برپا ڪيل بغاوت ۽ فساد ۾ گهڻو حصو وٺندو هو. جڏهن ابوالقاسم سلطان جون اکيون نڪتيون ۽ گرفتار ٿيو، تڏهن مرزا عيسى پنهنجو ساه بچائي شهنشاهه اڪبر اعظم وٽ وڃي پناه ورتي. اتي نوڪريءَ ۾ داخل ٿي وڏا وڏا چالاڪيءَ جهڙا ڪم ڪيائين، جهانگير بادشاهه جي حڪومت جي پوئين سال يعني هجري سنه 1037 (سنه 1627ع) ۾ ”چار هزاري“ (چئن هزارن سپاهين جي سپهه سالاري) جي عهدي تان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو. ٺٽي ۾ ٿورو ئي وقت رهيو ته وري ڪرنال قلعي جي سنڀال لاءِ اوڏهين وڃڻ جو حڪم مليس، شاهه جهان بادشاهه جي تخت نشين ٿيڻ تائين هو ڪرنال ۾ ئي هو.

هن پنهنجي جيئري ئي پنهنجي مقبري تيار ڪرڻ لاءِ ڪرنال مان عمدا پٿر روانا ڪيا هئا جن مان مڪلي ٽڪريءَ تي سندس مقبرو ٺهڻ شروع ٿيو. ارڙهن ورهيه انهيءَ مقبري ٺهڻ ۾ لڳا ته به سندس سٽاءُ موجب اڃا ڪم راس نه ٿيو هو ته پاڻ وفات ڪيائين تنهن ڪري انهيءَ اڻ راس ٿيل مقبري ۾ ئي آڻي دفن ڪيائونس. اهو مقبرو اڄ تائين مڪلي ٽڪريءَ تي ”مرزا عيسى جي رانڪ“ سڏبو آهي ۽ نهايت عمدو ۽ حيرت جهڙو ڪم مٿس ٿيل آهي. انهيءَ مقبري تيار ٿيڻ جو سمورو خرچ نورائي جاگير جي اپت مان ٿيل هو، جيڪا جاگير دهليءَ جي مغل شهنشاهن خاص طرح ترخان گهراڻي جي حاڪمن جي مقبرن ۽ مقامن جي خرچ واسطي ڏني هئي. (تحفة الڪرام)

(7) نواب امير خان

نواب امير خان جو اصل نالو مير ابوالبقا هو. هي نواب قاسم خان نمڪين هراتي ولد ملا سبز واري جو فرزند هو. جڏهن شاهه جهان بادشاهه دهليءَ جي تخت تي ويٺو. تڏهن هجري سنه 1037 جي پڇاڙيءَ ۾ نواب امير خان کي ٺٽي جو گورنر ڪري موڪليائين ۽ ان کي ئي فرمان لکي ڏنائين جنهن موجب ان ٺٽي ۾ اچڻ شرط اڳئين نواب شريف الملڪ ۽ ان جي دوست ڪڪراله جي ڄام ۽ ڪن اميرن کي اچي قتل ڪيو، جن شاهه جهان کي ٺٽي ۾ اچڻ وقت تڪليفون رسايون هيون. راڻو اُدهيراج ۽ جتن جو سردار حمل خان جن ٻنهي شهزادي شاهه جهان سان سنڌ ۾ اچڻ وقت چڱيون مددون ڪيون هيون، تن کي شاهه جهان بادشاهه دهليءَ ۾ گهرائي ساڻن طرحين طرحين نوازشون ڪيون.

نواب امير خان رعيت پروريءَ جا چڱا چڱا ڪم اچي ڪيا. اميرپور ڳوٺ ۾ به هن ئي پنهنجي نالي تي دٻايو هو. انهيءَ ڳوٺ ٺهرائڻ جو سبب هيءُ هو، جو هڪڙي ڏينهن امير خان ڪنهن بيابان مان اچي سوار ٿي لنگهيو، ته اتي جيڪي ڌنار ماڻهو رهندا هئا، تن پنهنجي حال سارو نواب امير خان  جون دلپسند خدمتون ڪيون. نواب تمام خوش ٿيو ۽ انهن ڌنارن کان حال احوال پڇندي معلوم ٿيس ته انهيءَ بيابان ۾ مال جي گاهه خاطر هو رهن ٿا ۽ ڏکيو وقت گذارين ٿا. انهيءَ ڪري نواب امير خان انهيءَ بيابان ۾ اميرپور نالي شهر ٻڌارائي، انهن ڌنارن کي اتي جايون جوڙائي ڏنيون ۽ بٺوره، بهرامپور، درڪ ۽ پليجار پرڳڻن جو هيڊ ڪوارٽر اميرپور کي مقرر ڪيائون.

نواب امير خان جهڙو هو عالم ۽ فاضل تهڙو ئي هو خوش خلق ۽ همدرد حاڪم. ان جو اولاد به تمام گهڻو ٿيو جي ”امير خاني“ سڏبا آهن ۽ سنڌ توڙي هندستان ۾ امير خانين تمام عزت ڀريا عهدا حاصل ڪيا هئا ۽ علم ۽ فضيلت ۾ پنهنجو نالو ڪڍيو هئائون. جيئن ته ضياءُ الدين خان امير خاني سيوهڻ جو فوجدار هو. مير ابوالمڪارم جنهن جو تخلص هو ”مشهود“ سو پنهنجي وقت جو نامور شاعر ۽ درويش هو. مير عبدالرزاق زبردست ۽ عالم آشڪار هو.

هڪڙي ڀيري نواب امير خان آرسيءَ ۾ منهن ڏسندي پنهنجي آرسيءَ واري عڪس کي چيو ”السلام عليڪم“. اتي ويٺلن ماڻهن هن جي ائين ڪرڻ کي ”چريائي“ ڪري سمجهيو ۽ اها رپورٽ شاهه جهان بادشاهه کي وڃي پهچايائون، نواب امير خان کي جڏهن انهيءَ چغليءَ جي خبر پئجي ويئي، تڏهن بادشاهه سلامت ڏانهن لکي موڪليائين ته ”حضور اعلى! آرسي ڏسندي پنهنجي سونهاي ۾ اڇا وار ڏٺم، تڏهن هن ڳالهه ڪري پنهنجي سونهاريءَ کي مبارڪباد چئي مٿس تعظيم جو سلام واريم، جو حضور بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ گذاريندي عزت آبروءَ سان سفيد ريش اچي ٿيو آهيان“ بادشاهه سلامت کي اهو خيال ڏاڍو پسند آيو. ڀائي خان جي محلي ۾ نواب امير خان جي ٺهرايل مسجد اڃا قائم آهي.

ڳالهه ٿا ڪن ته نواب امير خان ڪن لفظن جو صحيح تلفظ زبان مان ڪڍي ڪين سگهندو هو. هن کي سنڌي، پارسي ۽ عربي ٻولين ۾ ايتري ماهيت هوندي هئي، جو گفتگو ڪندي جيڪڏهن ڪو اٽڪاءُ جهڙي حرف وارو لفظ ڳالهائڻو هوندو هوس ته ترت انهيءَ لفظ جي بدران ٻيءَ ٻوليءَ جو اهڙو هم معنى لفظ ڪم آڻيو ويندو هو، جو تقرير جو مطلب به قائم رهندو هو ۽ حاضرين کي پتو پئجي نه سگهندو ته سندس زبان ۾ ڪا اٽڪ آهي.

(9) نواب مظفر خان

نواب امير خان کان پوءِ نواب مظفر خان ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو. نواب مظفر خان جو اصل نالو مير عبدالرزاق هو. ٺٽي شهر جي گودڙيه بازار ۾ جيڪا جامع مسجد آهي، سا نواب مظفر خان جي ٺهرايل آهي.

(10) سيد ابراهيم ولد مير بايزيد بخاري

 نواب مظفر خان کان پوءِ سيد ابراهيم بخاري ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو ۽ ٻه ورهيه چڱي نموني سان وقت گذاريائين.

(11) نواب مغل خان

شاهه جهان بادشاهه جي ايڪيهين جلوسي سال يعني هجري سنه 1057 (سنه 1647ع) ۾ نواب مغل خان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو ۽ ڇهه ورهيه تمام ڪاميابي سان حڪومت جو ڪاروبار هلايائين. هجري سنه 1059 (سنه 1649ع) ۾ شاهه جهان بادشاهه پنهنجي فرزند شهزاده اورنگزيب کي ٺٽي، بکر ۽ سيوهڻ علائقن جي اپت پگهار طور قائم ڪري ڏني. اڳي شهزادي اورنگزيب کي فقط ملتان علائقو جاگير طور مليل هو. انهيءَ وقت کان وٺي ٺٽي تي گورنر مقرر ڪرڻ شهزادي اورنگزيب جي اختيار ۾ آهي.

(12) نواب ظفر خان

هجري سنه 1063 (سنه 1652ع) ۾ يعني شاهه جهان بادشاهه جي ستٽيهين جلوسي سال ۾ نواب ظفر خان ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو. شاهه جهان بادشاهه جي طرفان هيءُ پويون نواب هو. هن ٺٽي ۾ هڪڙو عاليشان باغ ٺهرايو هو، جنهن کي ”مشڪين باغ“ سڏيندا هئا.

هجري سنه 1065 (سنه 1654ع) ۾ شهزادي دارا شڪوه جو فرزند شهزادو سپهر شڪوه ”هفت هزاي“ (ستن هزارن سپاهين جي سپهه سالاري) جي عهدي سان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو ۽ ٺٽي جو جيڪو نواب هو سو سندس نائب مقرر ٿيو. انهيءَ وچ ۾ هجري سنه 1069 (سنه 1658ع) ۾ شهنشاهه اورنگزيب دهليءَ جي تخت تي ويٺو. نواب ظفر خان فقط ڇهه ورهيه ٺٽي جو گورنر ٿي رهيو هو.

(13) نواب قباد خان

نواب قباد خان هجري سنه 1069 (سنه 1658ع) ۾ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو. قضا جي ڳالهه چئبي جو هن نواب جي وقت ۾ ساري ملڪ ۾ سخت ڏڪار ۽ وبا پکڙجي ويئي هئي. شهزادو محمد دارا شڪوه به هن نواب جي وقت ۾ ٺٽي ۾ آيو هو. ان جي لشڪر اچڻ ڪري ماڻهن کي گهڻي تڪليف ٿي، ڇو جو رعيت لاءِ اڳيئي ڏڪار ۽ وبا جي ڪري نفسا نفسي لڳي پيئي هئي. شهزادي دارا شڪوه جو خيال هو ته ٺٽي جو قلعو سندس رهڻ جي لائق هوندو، تنهن ڪري ڳچ وقت اتي آرام سان گذاريو، پر جڏهن دارالحڪومت يعني قلاوه ارڪ اچي ڏٺائين، تڏهن ڪاوڙجي پيو ۽ هڪدم ٻاهر نڪري چيائين ته ”ههڙي قلعي کي ته باه ڏيئي ساڙي ڇڏيو“  بروقت سندس حڪم جي تعميل خاطر قلعي جي بدران ”گهاٽ“ کي جلايو ويو. (تحفة الڪرام)

(14) نواب لشڪر خان

هجري سنه 1071 (سنه 1664ع) ۾ نواب لشڪر خان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو ۽ چار سال چڱي نموني سان حڪومت جو چرخو هلايائين.

(15) نواب غضنفر خان

هجري سنه 1075 (سنه 1669ع) ۾ نواب غضنفر خان ٺٽي جو نواب ٿي آيو ۽ ٽي سال ٺٽي ۾ عدالت ۽ انتظام چڱو رکيائين.

(16) نواب سيد عزت خان

نواب سيد عزت خان کي عام طرح عزت پير ڏيندا هئا. هي پهريائين بکر جو نواب هو ۽ پوءِ هجري سنه 1078 (سنه 1667ع) ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ ٻه سال چڱيءَ نيڪيءَ سان نوابي هلائي بدلي ٿي ويو. (تحفة الڪرام)

(17) نواب ابو نصرت خان

هيءُ شهنشاهه اورنگزيب جو مامو هو. هيءُ نهايت ديندار، تقوا جو صاحب ۽ اعلى درجي جو شاعر هو. هجري سنه 1082 (سنه 1671ع) ۾ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو ۽ ٻه سال جس جهڙي سان نوابي هلايائين.

(18) نواب سيد عزت خان (ٻيو ڀيرو)

شهنشاهه اورنگزيب جي سورهين جلوسي سال يعني هجري سنه 1084 (سنه 1673ع) ۾ ٻيو ڀيرو ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو ۽ ڇهه سال گذاري ويو.

(19) نواب خانزاد خان

هجري سنه 1090 (سنه 1679ع) ۾، جيڪو ٻاويهون جلوسي سال هو، نواب خانزاد خان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو ۽ پنج سال ٺٽي ۾ رهيو. هيءُ وڏو شاعر هو.

(20) نواب سردار خان

هجري سنه 1095 (سنه 1683ع) ۾ نواب سردار خان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو، هن جي نوابيءَ وقت سنڌ ۾ وري به سخت ڏڪار ۽ وبا جو مرض اچي پيو هو. موت، لڏپلاڻ ۽ ٻين حالتن جي ڪري ان وقت جيڪي ڳوٺ غير آباد ٿي ويا، سي اڄ تائين وري آباد نه ٿيا آهن. (تحفة الڪرام)

(21) نواب مريد خان

هيءُ اصل راجپوت راجڪمار هو، پوءِ مسلمان ٿيو هو. ٽيهين جلوسي سال يعني هجري 1099 (سنه 1687ع) ۾ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو. هن هزارين راجپوت پاڻ سان آندا هئا. جيئن ته هن کي انهن راجپوتن سميت شهر جي گهاٽ کان قلعه ارڪ تائين پهچندي وڏي گوشت جي مارڪيٽ منجهان لنگهڻو هو، تنهن ڪري راجپوتن جي پاسداري لاءِ يا پنهنجي اصل واري اثر ڪري ٺٽي شهر جي قاضيءَ قاضي حسين کي پيغام ڏياري موڪليو، ته آءٌ راجپوتن ۽ ٻين هندن سان گڏ وڃڻو آهيان. اوهين رستي تان وڏي گوشت جا قاصائن وارا دڪان هڪدم کڻايو، متان اهي راجپوت ۽ هندو دل ۾ ڪن، جيئن ته شريعت پرور بادشاهه شهنشاهه اورنگزيب  جا مقرر ڪيل دستور ڪنهن دڙڪي تاب يا ڏاڍ مڙسيءَ سان دٻجڻ ناممڪن هئا، تنهن ڪري قاضي حسين رات جو ئي قاصائن کي حڪم ڏنو، ته ”سڀاڻي صبح جو گوشت مارڪيٽ ۾ اڳئين کان ٻيڻان وڏي گوشت جا دڪان کولي ويٺا رهجو“ اها خبر نواب مريد خان کي به پئي. هو زبردستيءَ سان دڪان کڻائڻ جي جرات ساري نه سگهيو، تنهن ڪري اصلوڪن نوابن وانگر راجپوتن سميت انهيءَ گوشت مان لنگهي قلعي تائين وڃڻو پيس.

هيءَ ٻه سال ٺٽي ۾ رهيو. اهي ٻئي سال سندس لشڪري سپاهين مسلمانن کي گهڻو آزاريو، اهي پڪارون شهنشاهه اورنگزيب تائين پهتيون جنهن ڪري سندس موقوفيءَ جو فرمان اچي نڪتو. موقوف ٿيڻ کان پوءِ به هي تغلق آباد ۾ ڳچ وقت رهيو ۽ ان قلعي جي ڪجهه حرمت به ڪرايائين. آخر شهنشاهي حڪم موجب ان کي سنڌ جا وڻ ڇڏڻا پيا.

(22) نواب زبردست خان

هيءُ هجري سنه 1101 (سنه 1689ع) ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ۽ ساڳئي سال ۾ وفات ڪيائين.

(23) نواب ابو نصرت خان (ٻيو ڀيرو)

 هيءُ هجري سنه 1101 ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو ۽ ٻه سال ۽ ڪي مهينا رهيو.

(24) نواب حفظ الله خان

هيءُ شاهه جهان بادشاهه جي وزير سعد الله خان جو فرزند هو. هجري سنه 1103 (سنه 1691ع) ۾ ٺٽي ۽ سيوهڻ جو گورنر مقرر ٿي آيو هيءُ خير خيرات ڪندڙ ۽ توفيق وارو نواب هو ۽ حضرت رسول ڪريم ﷺ جن جو عرس ڏاڍيءَ ڌام ڌوم سان ڪندو هو ۽ دعوت تي آيل ماڻهن کي هٿ به پاڻ ڌئاريندو هو. هن جي ڏينهن ۾ شهزادو محمد مغرالدين، سنڌ ۾ ميان دين محمد سرائيءَ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آيو هو. شهزادو درٻيلي کان درياءَ اڪري سيوهڻ اچڻو هو تنهن ڪري سيوهڻ وٽ درياءَ تي پل ٻڌڻ جو ڪم نواب پنهنجي سر ڪرائي رهيو هو. اتي گرمي هئڻ ڪري جهولو لڳي ويس جنهن ڪري هجري سنه 1112 (سنه 1700ع) ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪيائين. نواب حفظ الله خان ٺٽي ۾ هڪڙو نئون قلعو اڏائڻ شروع ڪيو هو. پر ان جو خرچ شهنشاهي درٻار مان منظور نه ٿيو، تنهن ڪري قلعو اڻ تيار ٿيل ئي رهجي ويو.

(25) نواب سعيد خان چنگيزي

هجري سنه 1113 (سنه 1701ع) ۾ نواب سعيد خان ٺٽي ۽ سيوهڻ جو نواب مقرر ٿي آيو، جنهن کي عام طرح خانزاد خان سڏيندا هئا. نواب سعيد خان پاڻ سيوهڻ ۾ رهندو هو ۽ پنهنجي پٽ ارشد خان کي ٺٽي ۾ رکيو هئائين.

(26) نواب مير امين الدين خان حسين

نواب مير امين الدين ولد سيد ابوالمڪارم تخلص ”مشهود“ بن مير ابوالبقا امير خان (جو هجري سنه 1037 ۾ ٺٽي جو نواب هو)  هجري سنه 1114 (سنه 1702ع) ۾ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو. اهو سال شهنشاهه اورنگزيب جو ڇائيتاليهون جلوسي سال هو. هي هڪڙو شاندار امير هو ۽ گهڻو وقت ڪتابن مطالعي ڪرڻ ۽ عالمن جي صحبت ۾ گذاريندو هو. ”رشحات الفنون“ ۽ ”معلومة الافاق“ اهي ٻه ڪتاب سندس تاليف ڪيل آهن.

(27) نواب يوسف خان تري

هجري سنه 1115 ۾ نواب يوسف خان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو هڪ سال بعد بدلي ٿي ويو.

(28) نواب احمد يار خان

نواب احمد يار خان برلاسر قوم مان هو. سندس اصل وطن خوشاب (لاهور جو آسپاس) هو، سندس والد الهه يار خان چاليهه ورهيه غزنين شهر جو فوجدار ٿي رهيو هو ۽ ڪيترا ورهيه ملتان ۽ لاهور علائقن جو گورنر هو. هيءُ هجري سنه 1116 (سنه 1704ع) ۾ ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو. هن جي نوابي جي وقت ۾ هجري سنه 1118 (سنه 1706ع) ذوالقعد مهيني جي 26 تاريخ شهنشاهه اورنگزيب رحلت ڪئي ۽ ان جو پٽ شهزادو بهادر شاهه ظفر تاريخ پهرين ماه محرم هجري سنه 1119 (سنه 1707ع) ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺو. قلعه ارڪ جي اڀرندي دروازي جي آمهون سامهون عاليشان پل نواب احمد يار خان ٺهرائي هئي.

(29) نواب سعيد خان بهادر (عرف) عطر خان

نواب سعيد خان بهادر عرف عطر خان هجري 1119 ۾ بهادر شاهه بادشاهه جي حڪم سان ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو. هڪ سال ۽ ڪي مهينا ٺٽي ۾ رهيو.

(30) نواب مهين خان

نواب مهين خان هجري سنه 1121 ۾ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو هو ۽ ٻه سال ٺٽي ۾ رهيو هو.

(31) نواب شاڪر خان

هجري سنه 1123 (سنه 1711ع) ۾ ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو ۽ ساڳئي سال وري دهلي ڏانهن گهرايو ويو.

(32) نواب مهين خان (ٻيو ڀيرو)

هجري سنه 1123 (سنه 1711ع) ۾ هي ٻيو ڀيرو ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. ٻئي سال يعني هجري سنه 1124  (سنه 1712ع) ۾ بهادر شاهه بادشاهه وفات ڪئي ۽ ان جو پٽ مغرالدين جهاندار شاهه دهليءَ جي تخت تي ويٺو.

(33) نواب خواجه محمد خليل

هجري سنه 1124 (سنه 1712ع) ۾ خواجه محمد خليل، ٺٽي جو گورنر مقرر ٿي آيو. هن جي وقت ۾ جهاندار شاهه نون مهينن جي تخت نشينيءَ کان پوءِ تخت تان لاٿو ويو ۽ ساداتن جي مدد سان شهزادو فرخ سير دهليءَ جي تخت تي ويٺو.

(34) نواب عطر خان

هيءُ نواب سعيد خان (ٺٽي جي نواب نمبر 29) جو فرزند هو. هي اڻ آزمودگار جوان هو، سندس سڀ ڪم ڪارين جو مدار محمد يعقوب ڪشميري تي هو. انهيءَ ڪري انتظام بگڙڻ لڳو. مير لطف علي خان سان هن نواب جنگ شروع ڪئي. جيئن ته مير لطف علي خان جي پهچ دهلي درٻار ۾ گهڻي هئي.  تنهن ڪري نواب عطر خان جيتوڻيڪ پيڙهائتو نواب هو ته به سندس ڪا پوئواري ڪانه ٿي، هڪ سال جنگ پئي هلي جنهن ۾ آخر نواب عطر خان مارجي ويو ۽ سندس جاءِ تي مير لطف علي خان ٺٽي جو نواب مقرر ٿيو.

(35) نواب مير لطف علي خان

 نواب مير لطف علي خان جنهن جو نالو مير محمد شفيع به هو، سو سيد مير محمد يوسف مهدي رضوي بکري جو پوٽو هو. هن جي نوابي هجري سنه 1125 (سنه 1713ع) کان هجري سنه 1127 (سنه 1715ع) تائين هئي. هن کي پوءِ شاعت علي خان جو لقب مليو. هي هڪڙو طاقتمند حڪمران ۽ نظم خواه نثر ۾ قابل اهل قلم هو. سندس تخلص هو ”همت“. نوابيءَ کان پوءِ به شان مان سان ٺٽي ۾ رهندو هو. هجري سنه 1144 (سنه 1731ع) ۾ وفات ڪيائين.

(36) نواب اعظم خان

نواب اعظم خان ولد صالح خان بن فدائي خان (برادر ڪوڪ تماش خان جهان بهادر جنهن کي مير بابا چوندا هئا) هجري سنه 1128 (سنه 1715ع) ۾ ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو. پهريائين خواجه محمد خليل خان کي پنهنجو نائب ڪري موڪليائين. پوءِ پاڻ آيو ۽ 4 سال نوابي هلايائين. هن نواب جي وقت ۾ سنڌ ۾ ڏڪار پيو ۽ سنڌ جو مشهور بزرگ صوفي شاهه عنايت (عليہ رحمت) به هن جي ڏينهن ۾ شهيد ٿيو هو.

شاهه عنايت صوفي عليہ الرحمة جي شهادت

حضرت شاهه عنايت صوفي (عليہ الرحمة) ڳوٺ جهوڪ عرف ميران پور (جو غاريا يا گاجيا واه جي ڪناري تي ميرپور بٺورو علائقي ۾ آهي) خدا پرست صوفين جي جماعت سان گڏ رهندو هو ۽ صوفي جماعت جو سردار هو. بلڙي وارن ساداتن جي ناسازي اچي صوفي بزرگ سان ٿي، ڇاڪاڻ جو انهن ساداتن جا سوين مريد کانئن فري صوفي بزرگ جي مريدن ۾ اچي داخل ٿيا هئا ۽ روزانو صوفي بزرگ جي مريدن جو عدد وڌندو ٿي ويو. تنهن کان سواءِ نور محمد پليجو ۽ حمل خان جت جن جي زمينداريءَ ۾ صوفي بزرگ جا فقير تصوف جي تبليغ ڪري رهيا هئا، تن به فقيرن سان عداوت کڻي وڌي. بلڙي وارن ساداتن ۽ مٿين زميندارن وڃي نواب اعظم خان جا ڪن ڀريا ۽ نواب اعظم خان، فرخ سير بادشاهه ڏانهن عريضو روانو ڪيو. جنهن تي فرخ سير بادشاهه وري خدايار خان عباسي (يار محمد ڪلهوڙو)  جي نالي فرمان موڪليو، جنهن ۾ لکيائينس ته ”لشڪر گڏ ڪري جهوڪ تي ڪاهي وڃ“ انهيءَ فرمان موجب خدا يار خان تمام گهڻو لشڪر گڏ ڪري جهوڪ تي اچي گهيرو ڪيو. سانده چار مهينا گهيرو هليو. فقيرن خدا يار خان جي لشڪر تي ”شب خون“ (رات جي وڳڙي ۾ حملو) ڪيو، جنهن جي ڪري خدا يار خان جو تمام گهڻو لشڪر چٽ ٿي ويو. هڪڙو فقير ”اسم ذاتي“ جو ذڪر ڪندو رهيو، جنهن سان ٻيا فقير به ذڪر ۾ شامل هئا. انهيءَ روحاني اثر خدا يار خان کي بي دل بڻائي وڌو ۽ فقيرن سان پڄڻ جي جاءِ نه ڄاڻي، دغا دل ۾ رکي، صلح ڪيائين. خدا يار خان به لباس رکيو فقيرن سان ٺاهه جي نموني ۾ پي گذاريو ۽ فقير به بي اونا رهڻ لڳا، تڏهن هڪڙي ڀيري خدا يار خان کي وجهه لڳي ويو ۽ تاريخ 9 صفر هجري سنه 1130 (سنه 1717ع) ۾ صوفي بزرگ حضرت شاهه عنايت (عليہ الرحمة) کي تلوار سان شهيد ڪرائي ڇڏيائين ۽ پوءِ ٺٽي ۾ آيو. (تحفة الڪرام)

نواب اعظم خان جو خدا يار خان سان همراه هو سو صوفي بزرگ جي شهادت کان پوءِ ٺٽي ۾ آيو. فقير سان جنگ ڪرڻ تي جيڪو خرچ ڪيو هئائين، سو ٺٽي جي سوداگرن مان زبردستيءَ سان وصول ڪرڻ لڳو. مخدوم رحمت الله طالبعلم (عليہ الرحمة) جو ان وقت ٺٽي شهر ۾ برک محقق ۽ هر دل عزيز درويش هو،  تنهن نواب کي اهڙي ظلم ڪرڻ کان کلئي کلائي منع ڪئي، پر نواب خيال ئي ڪونه ڪيو. تنهن تي مخدوم رحمت الله اعتراض ظاهر ڪرڻ خاطر شهر ڇڏي ٻاهر پوٺي تي وڃي ويهي رهيو. نواب اعظم خان انهيءَ بزرگ درويش کي زنجير وجهائي اتان بي عزتيءَ سان گهرائي قيد ۾ رکايو. انهيءَ ڪري ٺٽي شهر جا سڀ اهل الله توڙي علماءَ ۽ عام رعايا مٿئين نواب مان نهايت ناراض ٿي پيئي. ساڳئي سال جي پڇاڙيءَ ۾ فرخ سير بادشاهه تخت تان لاٿو ويو ۽ ان جي پٺيان ٻه شهزادا، شهزادو رفيع الدرجات ۽ شهزادو رفيع الدوله هڪ ٻئي پٺيان دهليءَ جي تخت تي ويٺا ۽ ٿورڙن مهينن جي اندر تخت تان لاٿا ويا. تنهن کان پوءِ محمود شاهه بادشاهه غازي دهليءَ جي تخت تي ويٺو، جنهن نواب اعظم خان کي موقوف ڪيو. (تحفة الڪرام)

(37) نواب مهابت خان

نواب مهابت خان جو پيءُ محمد منعم خان شاهه عالم بهادر شاهه جو پيارو وزير هو ۽ ”خان خانان“ لقب هوس. نواب مهابت خان هجري سنه 1132 (سنه 1719ع) ۾ ٺٽي ۾ آيو. هي نهايت شاندار، ڪم آزار ۽ رلڻو ملڻو حاڪم هو. هميشه فقيرن جي صحبت ۾ رهندو هو ۽ اعلى درجي جو شاعر به هو. سندس تخلص هو ”ڪاظم“ (چڙ ماريندڙ)  رضاءِ رباني، جو هن رعيت پرور نواب، هجري سنه 1135 (سنه 1722ع) ۾ وفات ڪئي. سندس لاشو لاهور جي رستي کان دهليءَ ڏي موڪليو ويو. (تحفة الڪرام)

(38) نواب سلطان محمد خان

نواب مهابت خان جي وفات ڪرڻ تي محمد شاهه بادشاهه غازي ان جي صغير پٽ سلطان محمود خان کي ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو. جيئن ته هن جي صغير سنيءَ ۽ ناتجربيڪاريءَ مان فائدو وٺي زبردست عملدار خزاني خواه وصوليءَ ۾ خيانتون ڪرڻ لڳا، تنهن ڪري سنديس والده پنهنجي هڪڙي عزيز رضي محمد خان کي دهليءَ مان روانو ڪيو، جو اچي محمود خان جو چرخو سنڀالڻ ۽ هلائڻ لڳو. هجري سنه 1136 کان وٺي هڪ سال رضي محمد خان نهايت چڱي نموني سان محمد خان جي نوابيءَ جو چرخو هلايو. تنهن کان پوءِ نواب سيف الله خان ٺٽي جو گورنر ٿيو، هن پهريائين آخوند عبدالغفور سانوڻي هالائي جي ڀاءُ آخوند عبدالسميع کي پنهنجو نائب ڪري ٺٽي ۾ موڪليو. آخوند عبدالسميع  جي اچڻ شرط سلطان محمود خان هليو ويو دهليءَ، باقي رضي محمد خان اڃا به نوابي هلائڻ لاءِ هٿ پير پي هنيا پر نواب سيف الله اچي نڪتو تنهن کان پوءِ سڌ لهي ويس ۽ دهليءَ ڏي هليو ويو. (تحفة الڪرام)

(39) نواب سيف الله خان

نواب سيف الله خان ماه ذوالحج هجري سنه 1137 (سنه 1724ع) ۾ ٺٽي ۾ آيو. هيءُ هڪڙو معزز ۽ شاندار نواب هو. هن جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي رونق گهڻي قدر وڌي. هن جا همراه ۽ صلاحڪار وڏا واڏ بزرگ هئا. سوداگرن سان اهڙيون سهوليتون ڪيائين، جو واپار جي بازار تمام گرم ٿي ويئي. نواب سيف الله خان شيعه مذهب کي ٺٽي ۾ گهڻي هٿي ڏني، شريعت جي حڪمن جي تعميل تي هن گهڻو زور رکيو. سڀ نشي واريون شيون بند ڪرائي ڇڏيائين. هن هجري سنه 1143 (سنه 1730ع) ۾ ”فتق“ جي بيماريءَ سببان وفات ڪئي.

(40) نواب دلير دل خان

هيءُ هجري سنه 1143 جي پڇاڙيءَ ۾ ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. ٻه سال نهايت شانداريءَ ۽ ڪمال انسانيت  سان نوابي هلايائين. هن وقت ٺٽي جو صوبو امير خان کي بخشش طور مليو، تنهن ڪري نواب دلير خان ٺٽي جو صوبو امير خان کان مقاطعي طور ورتو.

(41) نواب همت دلير خان

نواب همت دلير خان ولد نواب دلير دل خان هجري سنه 1145 (سنه 1732ع) ۾ امير خان کان ٺٽي جو صوبو مقاطعي  طور کنيو، سو رڳو هن ڪري ته، پڻس دلير دل خان جي مقاطعي وقت هليل حساب ڪتاب تي ٻئي ڪنهن نواب اچڻ ڪري ڪا گرفت نه ٿئي، جيتوڻيڪ جاگير ۽ مقاطعي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ته به هن خوش نصيب نواب سانده چار سال نهايت ڪاميابيءَ سان مقاطعيداري هلائي، پوءِ نواب صادق علي خان کي ٺٽي صوبي تي مقاطعيدار نواب مقرر ڪيو ويو.

(42) نواب صادق علي خان

هجري 1149 سنه (1736ع) ۾ محمد شاهه بادشاهه غازي جي اوڻيهين جلوسي سال ۾ نواب صادق علي خان ولد نواب سيف الله خان (نبمر 38) ٺٽي جو مقاطعدار نواب امير خان جي طرفان مقرر ٿيو. هڪ سال جيئن تيئن ڪم هلايائين، ته ٻئي سال وڏو نقصان پيس تنهن ڪري مقاطعو ڇڏي ڏنائين.

(43) نواب خدا يار خان

نواب خدا يار خان جنهن کي عام طرح ميان نور محمد ڪلهوڙو عباسي سڏجي ٿو، تنهن کي دهليءَ جي شهنشاهه وٽ وڏي عزت هئي ۽ دهليءَ جي شهنشاهن جو منجهس تمام گهڻو اعتبار هو. نواب صادق علي خان جڏهن مقاطعي  ۾ نقصان پائڻ ڪري کٽو ٿي پيو، تڏهن اهو مقاطعو ميان خدا يار خان جي وڪيل شيخ غلام محمد ولد شيخ عزيز الله کي انتقال ڪري ڏنائين. نواب خدا يار خان  دهليءَ جي شهنشاهه محمد شاهه جي طرفان بکر ۽ سيوهڻ جو نواب اڳيئي هو. هاڻي ٺٽو به ان جي هٿ ۾ آيو.

انهيءَ وقت کان وٺي سنڌ ڪلهوڙن جي هٿ ۾ ئي پشت به پشت پنجاه کن ورهيه رهندي آئي. وري ڪو به نواب دهليءَ کان مقرر ٿي نه آيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org