سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :32

 

تاريخ سنڌ

 

 

 

ڀاڱو پنجون

 

سنڌ ۾ مغلن جا نواب

 

محمد صديق ”مسافر“



 

 

سنڌ تي دهليءَ جي مغل شهنشاهن جا نواب

اڳي اسين پڙهي آيا اهيون ته ارغون گهراڻي جي حڪومت پوري ٿيڻ جي وقت کان وٺي سنڌ جي حڪومت ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويئي. اپر سنڌ جي حڪومت سلطان محمود خان جي هٿ ۾ رهي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ بکر هو. لوئر سنڌ جي حڪومت ترخان گهراڻي جي هٿ ۾ رهي جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ٺٽو هو.

سلطان محمود خان پنهنجي نياڻيءَ جي شادي شهنشاهه اڪبر اعظم سان ڪئي هئي ۽ وفات کان اڳ پنهنجي حڪومت به اڪبر اعظم کي سونپي ڇڏي هئائين، ڇاڪاڻ جو ٻيو ڪو به اولاد ڪونه هوس. تنهن ڪري سلطان محمود خان جي وفات کان وٺي يعني هجري سنه 982 (سنه 1572ع) کان وٺي اپر سنڌ تي شهنشاهه اڪبر اعظم جي طرفان نواب يعني گورنر مقرر ٿيندا رهيا.

مرزا جاني بيگ ترخان جي نظربند ٿي لاهور وڃي رهڻ بعد هجري سنه 1000 (سنه 1591ع) کان وٺي لوئر سنڌ تي به شهنشاهه اڪبر اعظم جي طرفان نواب (گورنر) مقرر ٿيندا آيا. اهڙيءَ طرح ميان يار محمد عرف خدا يار خان ڪلهوڙي جي وقت تائين بکر لاءِ ڌار ۽ ٺٽي لاءِ ڌار نواب مقرر ٿيندا آيا.

بکر جا نواب (گورنر)

1.

نواب ڪسو خان

هجري سنه

982 ۾

2.

نواب ترسو خان

=

983 ۾

3.

نواب مير محمد امير

=

983 ۾

4.

نواب سيد ابوالفضل

=

984 ۾

5.

نواب اعتماد خان

=

985 ۾

6.

نواب فتح خان

=

987 ۾

7.

نواب محمد صادق خان

=

994 ۾

8.

نواب اسماعيل قلي خان

=

996 ۾

9.

نواب شيرويه سلطان

=

997 ۾

10.

نواب محمد صادق خان (ٻيو دفعو)

=

998 ۾

11.

نواب مير ابو القاسم نمڪين

=

1004 ۾

12.

نواب مرزا خان

=

1005 ۾

13.

نواب سعد خان

=

1009 ۾

14.

نواب بقرا بيگ

=

1014 ۾

15.

نواب سردار خان

=

1015 ۾

16.

نواب قاضي خان

=

1016 ۾

17.

نواب سيد تاج خان

=

1020 ۾

18.

نواب بايزيد خان

=

1025 ۾

19.

نواب هوشيار خان

=

1028 ۾

20.

نواب مرزا محمد علي بيگ

=

1031 ۾

21.

نواب محمد علي فوجدار

=

1038 ۾

22.

نواب مرزا حسيني

=

1039 ۾

23.

نواب عزت خان

=

1041 ۾

24.

نواب سيد محمد

=

1043 ۾

25.

نواب اسد خان

=

1045 ۾

26.

نواب محمد يوسف خان

=

1046 ۾

27.

نواب محمد خان

=

1048 ۾

28.

نواب شاهه قلي خان

=

1049 ۾

29.

نواب سيد جادن

=

1050 ۾

30.

نواب التفات بيگ

=

1051 ۾

31.

نواب محمد زمان خان

=

1052 ۾

32.

نواب لطف علي خواجه

=

1058 ۾

33.

نواب خود جگي

=

1061 ۾

34.

نواب شيخ احمد

=

1062 ۾

35.

نواب مرزا لعل بيگ

=

1065 ۾

36.

نواب خواجه عبدالواحد

=

1066 ۾

37.

نواب خواجه محمد شريف

=

1068 ۾

38.

نواب باقر خان

=

1069 ۾

39.

نواب عبدالله خان

=

1070 ۾

40.

نواب خنجر خان

=

1070 ۾

41.

نواب شيخ ابراهيم

=

1071 ۾

42.

نواب سيد عزت خان

=

1074 ۾

43.

نواب سيد غلام مصطفى خان

=

1078 ۾

44.

نواب سيد مير يعقوب خان

=

1081 ۾

45.

نواب سيد مير صادق علي خان

=

1085 ۾

46.

نواب خدا يار خان

=

1087 ۾

47.

نواب مير محمد اڪرم

=

1090 ۾

بکر جي نوابن جي مٿين ياداشت ”الوحيد سپيشل ايڊيشن“ (سنڌ آزاد نمبر) تان نقل ڪئي ويئي آهي. جتي فقط اها ياداشت ڏنل آهي. باقي انهن نوابن جي وقت جو تاريخي ڪاروبار ڏنل نه آهي. منڍ وارن ٿورن نوابن جو مختصر تاريخي حال احوال ”تاريخ معصومي“ ۽ ”هسٽري آف سنڌ“ (جلد 2 مرزا صاحب) واري تان هن کان اڳ سلطان محمود خان ۽ مرزا جاني بيگ جي حڪومتن جي بيان سان گڏ ڏنو ويو آهي. باقي فقط ٻن ٽن نوابن جي احوال جو ”تاريخ معصومي“ (جزو چوٿون) ۾ ڏنل آهي سو هيٺ ڏجي ٿو.

نواب اسماعيل قلي خان

نواب محمد صادق خان، جنهن کي هجري سنه 994 ۾ شهنشاهه اڪبر اعظم بکر جو گورنر ڪري موڪليو هو ۽ ٺٽي فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو هئائينس، تنهن کي جڏهن مرزا جاني بيگ ترخان لوئر سنڌ مان شڪست ڏيئي ڀڄايو، تڏهن هو بکر کان ٿيندو موٽي شهنشاهه اڪبر اعظم ڏانهن ويو ۽ ان جي جاءِ تي نواب اسماعيل قلي خان بکر جو گورنر مقرر ٿي آيو، جيڪو ربيع الثاني هجري سنه 996 ۾ بکر اچي پهتو.

جيڪي ٻه سال نواب محمد صادق خان سنڌ ۾ رهيو هو، سي ٻئي سال اپر سنڌ ۾ سخت ڏڪار پئجي ويو هو، ڇاڪاڻ جو ٻنهي سالن ۾ ماڪڙ اچي نازل ٿيا هئا، جن خريف جو فصل برباد ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري اپر سنڌ جا ڪيترائي ماڻهو پنهنجو وطن ڇڏي جدا جدا طرفن ڏي لڏي ويا هئا. بلوچن ۽ سميجن وري سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ڦرلٽ لڳائي ڏني.

نواب اسماعيل قلي خان سان سندس فرزند رحمان قلي بيگ به گڏجي بکر آيو هو، جنهن وٽ ملڪيت تمام گهڻي هئي. ان بکر ۾ اچڻ شرط ماڻهن تي طرحين طرحين نوازشون ڪرڻ ۽ انهن کي جدا جدا ڌنڌن ۾ لڳائڻ لاءِ مالي مددون ڪرڻ شروع ڪيون، جنهن ڪري بکر ۽ آسپاس جا ماڻهو نهايت خوشحال ٿيا ۽ بکر جو قلعو، جيڪو سلطان محمود خان جي وفات کان پوءِ ڏينهون ڏينهن غير آباد ٿيندو ٿي ويو، سو وري نئين سر آباد ۽ وسندڙ ٿي پيو.

نواب اسماعيل قلي خان هڪ سال سنڌ ۾ گذاري پوءِ اڪبري درٻار ڏي روانو ٿيو ۽ سندس جاءِ تي نواب شيرويہ سلطان بکر جو گورنر مقرر ٿي آيو. (تاريخ معصومي جزو چوٿون)

نواب شيرويه سلطان

ماه محرم الحرام هجري سنه 997 ۾ نواب شيرويه سلطان بکر ۾ آيو. هو شراب پيئڻ جو عادي هو ۽ حڪومت جا سڀ ڪم ڪار پنهنجن زرخريد غلامن جي حوالي ڪري ڇڏيا هئائين. هو رات ڏينهن عيش عشرت ۽ رنگ تماشن ۾ گذاريندو هو ۽ ورلي عام درٻار ۾ اچي ويهندو هو. سنديس ملاقات به اتفاقاً ڪنهن کي نصيب ٿيندي هئي. ڪيترن فقيرن ۽ خانقاهن جي متولين جا ورهين کان وٺي جاري ٿيل وظيفا ۽ لوازما به هن جي ايامڪاريءَ ۾ صفا بند ٿي ويا هئا.

هو هڪڙو ڀيرو پنهنجي عشرت خاني مان نڪري ڪنهن دوڪان تي ويهي مال خزانو وصول ڪندو هو ۽ ڇيڙي نبيري ڪريو هليو ويندو هو. پنهنجي پٽ محمد حسين بيگ کي سوي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو هئائين، جنهن سان پٺاڻن چڱي چوٽ کاڌي. محمد حسين بيگ جو مهڙ وارو لشڪر بلدٻي بلوچ هئا. جيڪي پهرئين ئي حملي سان ڪڻو ڪڻو ٿي ويا. محمد حسين بيگ جي لشڪر تي پٺاڻن بي ڌڙڪ حملو ڪيو. سندس گهڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ لشڪر جو وڏو تعداد قيد ٿي پيو. باقي جيڪي ماڻهو پاڻ بچائي اٿي ڀڳا. تن مان به گهڻا ماڻهو بيابان جي رڃ ۾ اُڃ وگهي مري ويا ۽ جيڪي ٿورا ماڻهو بکر ۾ سلامت اچي پهتا، سي به ڪن ڏينهن کان پوءِ ڪنهن حال ۾ آيا.

شيرويه سلطان جي وقت ۾ ظلم ۽ انڌير نگري لڳي ويئي هئي. اوچتو ئي ڪا آگهي ويئي ۽ شيرويه سلطان کي شهنشاهه اڪبر اعظم واپس گهرائي ورتو ۽ ان جي جاءِ تي نواب محمد صادق خان کي ٻيو ڀيرو بکر جو گورنر ڪري موڪليائين. شيرويه جي وڃڻ ڪري بکر جي ماڻهن ڏاڍا شادمانا ڪيا. (تاريخ معصومي)

نواب محمد صادق خان (ٻيو ڀيرو)

تاريخ 12 ربيع الاول هجري سنه 998 تي نواب محمد صادق پنهنجي فرزند مرزا محمد زاهد کي پنهنجي پاران اڳواڻ ڪري بکر روانو ڪيو. هن اچڻ شرط بکر ۽ آسپاس جي معزز ماڻهن ۽ عام رعيت کي اچي راضي ڪيو ۽ ڦٽيل دلين تي اچي ملم رکيائين. هي نوجوان جهڙو هو خوش خلق، تهڙو ئي هو کلمکو ۽ گهڻي قدر عالمن ۽ فاضلن سان صحبت ۾ رهندو هو ۽ جن جن فقيرن ۽ خانقاهن جون پگهارون ۽ لوازما شيرويه سلطان جي نوابيءَ وقت بند ٿي ويا هئا، تن سڀني کي جيئن پڻس نواب صادق خان اختياري ڏني هيس، تيئن ڏنائين ۽ آئينده لاءِ به جاري رکيائين. جيڪي جيڪي خلق آزاريندڙ ڪنڊا هٿ آيس، تن کي پاڙئون پٽي ڦٽو ڪيائين.

نواب محمد صادق خان جو وڪيل خواجه محمد معصوم، جيڪو نهايت داناءُ ۽ فضيلت وارو هو، تنهن مرزا محمد زاهد سان ملڪ سڌارڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي، ماڻهو خاطر جمعيءَ وارا ٿيا ۽ پوک جي ڪم ۽ عمارتن ٺاهڻ ۾ لڳي ويا. انهيءَ سال اوچتو ئي اوچتو وري به ربيع جي فصل تي آسماني آفت اچي پيئي، جيتوڻيڪ مرزا محمد زاهد ۽ خواجه محمد معصوم نهايت همدرديءَ سان رعيت جي پوئواري ڪئي، تنهن هوندي به سخت ڏڪار پئجي ويو ۽ سرڪاري ڍلون به وصول ٿي نه سگهيون.

ساڳئي سال يعني هجري سنه 999 جي شوال مهيني ۾ شهنشاهه اڪبر اعظم نواب خان خانان کي ٺٽي وٺڻ لاءِ مرزا جاني بيگ تي چاڙهي موڪليو. نواب محمد صادق خان، جيڪو پڻ بکر ۾ اچي سهڙيو هو، سو نواب خان خانان جي رسائي ۽ مددگاريءَ ۾ مشغول رهيو. (تاريخ معصومي)

نوٽ:- تاريخ معصومي ۾ بکر جي نوابن جو بيان وڌيڪ نه ڏنو آهي ۽ نه ٻي ڪا اهڙي تاريخ هٿ اچي سگهي آهي، جنهن ۾ ٻين نوابن جو تاريخي ڪاروبار ڏنل هجي. (مؤلف)

ٺٽي جا نواب

(1) مرزا غازي بيگ ترخان

شهنشاهه اڪبر اعظم جي مرضي هئي، ته مرزا جاني بيگ سندس تابعدار نواب جي حيثيت ۾ وري وڃي ٺٽي ۾ حڪومت جو ڪاروبار سنڀالي، پر ان نواب ٿي رهڻ کان معافي ورتي ۽ اڪبر اعظم جي دربار ۾ حياتي جا باقي ڏينهن گذارڻ منظور ڪيائين، تنهن کان پوءِ اڪبر بادشاهه مرزا جاني بيگ جي راءِ موجب ان جي ننڍي پٽ مرزا غازي بيگ جي نالي ٺٽي جي نوابيءَ جو فرمان هجري سنه 1001 (سنه 1592ع) ۾ ڏياري موڪليو.

جيئن ته ان وقت مرزا جاني بيگ سغيرسن هو، تنهن ڪري ان جي تربيت ۽ مددگاريءَ لاءِ مرزا جاني بيگ جي هيٺين اميرن کي، جيڪي ساڻس گڏ اڪبري دربار ۾ هئا، مرزا غازي بيگ جو صلاحڪار  ڪري موڪليو: (1) شاهه قاسم بيگ لار (2) خسرو خان چرڪس (3) ڀائي خان (4) عرب ڪوڪہ ۽ (5) جمال الدين ديوان.

مٿيان پنج ئي امير مرزا غازي بيگ کي صغيرسن ڏسي کيس ڪا گهڻي عزت ڪانه ڏيندا هئا. مرزا غازي بيگ جي وڏي ڀاءُ مرزا ابو الفضل جي حياتيءَ ۾ هڪڙي ڀيري اهي پنج ئي امير ظاهر ظهور مرزا غازي بيگ جي سواريءَ ۾ شامل ٿيا. پر مرزا ابوالفضل کي هر طرح تعظيم ڏيندا هليا ۽ مرزا غازي بيگ کي پٺ تي کڻي ڇڏيائون. ننڍپڻ جي حالت هوندي به ان کي انهيءَ ڳالهه جو ڏاڍو خيال دل تي بيهي رهيو ۽ چيائين اهو ڏينهن الائي ڪڏهن ٿيندو، جو آءُ پنهنجي قوت وارو ٿي حڪومت جو والي ٿيندس ۽ هنن دل جي انڌن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري سگهندس. خدا تعالى جي قدرت چئبي، جو مرزا ابو الفضل پيءُ جي جيئري ئي گذاري ويو. جيئن مرزا جاني بيگ جي بيان ڪرڻ وقت ڏيکاريو ويو آهي ۽ مرزا غازي بيگ ٺٽي جو گورنر ٿيو.

جڏهن مرزا غازي بيگ پنهنجي سر ڪم ڪار هلائڻ جهڙو ٿيو، تڏهن اهي امير مٿينءَ دل سان ان کي عزت ڏيندا رهيا ۽ هي نوجوان به ”بزرگيءَ جو مدار سمجهه ۽ عقل تي آهي، پر نه عمر تي“ موجب ظاهر طرح انهن اميرن جي دلجوئي ڪندو رهيو ۽ وجهه ڳوليندو رهيو. يعقوب علي ڪوڪہ جو مرزا غازي بيگ کي ننڍي هوندي تعليم ڏيڻ وقت آزاريندو هو ۽ اهڙو مرچوٺ ٿي پيو، جو ڪنهن به ماڻهوءَ کي جيڪڏهن مرزا غازي بيگ سروپاءَ بخشيندو هو، ته اها سروپاءَ ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ ان ماڻهوءَ کان کسيو وٺندو هو. ۽ جيڪڏهن مرزا عازي بيگ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو انعام ڏيندو هو، ته ان مان يعقوب علي نَوَ حصا کسيو وٺندو هو ۽ باقي ڏهون حصو انعام ان ماڻهوءَ کي نصيب ٿيندو هو. انهن عادتن جي ڪري مرزا غازي بيگ، يعقوب علي کان جاگير کسي، ملا يعقوب کي ڏني، جيڪو سندس ننڍي هوندي واري مڪتب جو هيڊ معلم هوندو هو.

شهبازي نالي هڪڙو شخص، جيڪو مرزا غازي بيگ جي ڪبوترن ۽ شڪاري ڪتن جو سنڀاليندڙ هو، تنهن کي نوازي، ”شهباز خان“ جو لقب ڏنائين ۽ پنهنجن ڪمن جو مدار المهام ڪري رکيائين، پر اها مدار المهامي ان کان پڄي نه سگهي، تنهن ڪري احمد بيگ کي مدار المهام مقرر ڪيائين. مولو هندو، جيڪو سندس نوڪر هوندو هو، تنهن کي ”دولت راءِ“ لقب ڏيئي، پنهنجو ”ديوان“ مقرر ڪيائين. احمد بيگ اڳين اميرن (جي اڪبر اعظم مرزا غازي بيگ کي مقرر ڪري ڏنا هئا) جي نموني کي ريٽي نهايت دانائيءَ سان ملڪ جي ساري اُپت، جا اڳي جهونا امير پنهنجي قبضي ۾ رکيو ايندا هئا ۽ مرزا غازي بيگ کي ذري ذري لاءِ انهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻو پوندو هو، سا وڌائي ۽ سڌيءَ طرح مرزا غازي بيگ جي قبضي ۾ رکائي.

مرزا غازي بيگ کي احمد بيگ جهڙو دل گهريو حساب دان ۽ گهڻگهرو همراهه ملي ويو. تنهن ڪري رعيت ۽ سپاهين کي وڌيڪ خوش رکڻ شروع ڪيائين ۽ سڀني جون پگهارون به وڌايائين ۽ خود پرست بزرگن کي ليکيندو به ڪين هو.

آهستي آهستي انهن کان جاگيرون کسيندو کين نقد پگهار ڏيندو رهيو ۽ ٿورڙيئي وقت ۾ پوري استقلال سان حڪومت جو چرخو هلائڻ لڳو. احمد بيگ کي احمد سلطان جو لقب ڏنائين. (تحفة الڪرام جلد 3)

ابو القاسم سلطان جي بغاوت

جڏهن مرزا غازي بيگ حڪمرانيءَ ۾ پنهنجا پير پختا ڪري چڪو، تڏهن پهريائين محمد علي سلطان ڪابلي جي بغاوت جو احوال مليس. محمد علي سلطان جو پٽ محمد معين هڪڙي ڏينهن مرزا غازي بيگ جي روبرو شطرنج راند ڪندي اچي بگڙيو ۽ عرب ڪوڪہ ۽ قاسم علي ڪوڪہ کي هڻي ڦٽي وڌائين. اهو محمد معين جيئن دربار کان نڪري پنهنجي حويلي ڏي پئي ويو، تيئن اتي ئي قتل ٿي ويو. انهيءَ قتل جي واقعي ٿيڻ بعد مرزا غازي بيگ پنهنجي حاضريءَ  جي نوڪر سيد چنگل شاهه کي محمد علي سلطان جي آڻڻ لاءِ موڪليو، پر محمد علي سلطان فيل مستي ڪري نه آيو ۽ بغاوت ڀريا گفتا مرزا غازي بيگ ڏي چوائي موڪليائين. اهي گفتا ٻڌي، مرزا غازي بيگ چيو ته ”اها سڀ حرڪت خسرو خان چوڪس جي آهي، تنهن ڪري پهريائين ان جي ريارام وٺڻ گهرجي“. مرزا عيسى ترخان (ٻيو). جو خسرو خان جو جاني دوست هو، تنهن کي به مرزا غازي بيگ تنبيهه ڀريو پيغام ڏياري موڪليو. جيڪو پيغام پهچڻ شرط ڀڄي وڃي سميجن ماڻهن وٽ پناهه گزين ٿيو، جيڪي سندس ناناڻا هئا. ان اتان وڃي اعلان ڪيو ته ”ٺٽي ۾ جلد بغاوت ٿيڻي آهي تنهن ڪري اسان کي به ملڪ جو ڪو ٽڪر هٿَ ڪرڻو آهي” مرزا غازي بيگ جا نصيب زور هئا، نه ته هڪڙي پاسي مرزا مظفر ولد مرزا محمد باقي جنهن کي مرزا جاني بيگ ماري مڃائي ڪڇ ڏي ڀڄايو هو، سو ٺٽي ۾ اکيون وجهيو ويٺو هو. ۽ ٻئي پاسي مرزا عيسى ترخان سميجن جي طاقت هٿ ۾ رکيو، وجهه ڳوليندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ ابو القاسم سلطان ولد شاهه قاسم خان ارغون نصرپور ۾ کلي کلائي بغاوت شروع ڪري ڏني.

ابو القاسم سلطان جو وڌيڪ بيان اڳتي ڏينداسون. جتي مرزا غازي بيگ جي درٻاري اميرن جو احوال ڏيڻو آهي. مختصر احوال هي آهي ته ابو القاسم ڳچ ورهين کان وٺي نصرپور علائقي تي قبضو ڄمايو ويٺو هو ۽ بهادريءَ ۾ برک ليکبو هو. مرزا جاني بيگ جي وقت ۾ هن سوڍن کي کڙو ڪري عمرڪوٽ به ڳچ وقت پنهنجي قبضي ۾ رکيو هو. وري به پڻس شاهه قاسم نصيحتون ڪري عمرڪوٽ ڇڏايس. جنهن کان پوءِ فقط نصرپور جي علائقي تي قبضو هوس، جيتوڻيڪ ابو القاسم جي ڀيڻ مرزا جاني بيگ جي وڏي پٽ مرزا ابو الفتح سان مڱيل هئي، جيڪا مرزا ابو الفتح جي وفات کان پوءِ وري مرزا غازي بيگ سان پرڻي هئي، تنهن هوندي به هو چوندو وتيو ته ”مرزا غازي بيگ ڪير آهي، جو مون سان برميچي سگهندو؟“ ابو القاسم پهريائين ته انهن سوداگرن جا قافلا ڦريا، جيڪي ٺٽي کان نصرپور ڏي ٿي ويا. انهيءَ بابت مرزا غازي بيگ خط لکي موڪليس، تنهن کي جواب ۾ لکيائين ته ”تنهنجي ۽ منهنجي ملڪ جي وچ واري حد درياءُ آهي. منهنجي ملڪ ۾ ٿيل ڪاروبار سان تنهنجو ڪو به واسطو ڪونهي. ۽ جي نه. ته پوءِ آءُ پنهنجي ملڪ جي حد اڃا اڳڀري ڪندس“. پوءِ ته ابو القاسم اهڙي روش کڻي ورتي، جو اچ وڃ جا عام رستا سڀ بند ٿي ويا. جهونا امير، ترخان توڙي ارغون انهيءَ شورش جي ڪري ڏاڍا خوش ٿيا ۽ سمجهيائون ته مرزا غازي بيگ اجهو ويو ڪي ويو. دانشمند غازي بيگ ظاهر طرح انهن مخالفتن جي دل به مهٽيندو آيو ۽ اندروني طرح پنهنجن نون نوازيلن کي همٿائيندو ۽ هوشيار رکندو آيو. انهيءَ لاءِ ته منافقن کي پڌري ٿيڻ جو موقعو نه ملي ۽ دشمنن کي دفع ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. (تحفة الڪرام ص 3)

مرزا غازي بيگ جي ابو القاسم سان جنگ

جڏهن مرزا غازي بيگ ڏٺو ته دشمنن جي پاڙ پٽڻ سواءِ حڪومت هلي نه سگهندي، تڏهن وڏو لشڪر وٺي نصرپور ڏي روانو ٿيو. متان ”شب خون“ نه (رات جي وڳڙي ۾ حملو) ٿئي، تنهن ڊپ کان جتي رات ٿي پين. اُتي چوڌاري کاهي کوٽائي پوءِ رات گذاريندا ٿي ويا. ڪاتيارن جي ڳوٺ وٽ وڏي کاهي کڻائي پنهنجي ڇانوڻي ڪيائون. هوڏانهن وري ابوالقاسم ڳًچ جيترن چالاڪ نوجوانن کي ساڻ ڪري پيرين پيادو کاهيءَ جي ٻاهران اچي بيٺو ۽ آواز ڏنائين ته، ”فلاڻو اوهان کي دعائون سلام ٿو چوي، ۽ چوي ٿو ته اوهان جي اچڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ابو القاسم اهڙو گيدي نه آهي، جو اوهان جي جنگ ڀر ڊڄي ”شب خون“ جي ڪوشش ڪري. هو خاطر جمعي سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار آهي.“ هتان وري کاهيءَ جي اندران جواب مليس ته ”ابو القاسم پاڻيهي پنهنجي سر ۽ ساه جو دشمن بڻيو آهي. جيستائين پاڻ کي برباد نه ڪندو تيستائين سک نه ايندس.“

تنهن کان پوءِ مرزا غازي بيگ اتان منزل کڻي شاهه گهر ئي قلعي جي آمهون سامهون اچي ڇانوڻي ڪئي. ابو القاسم قلعي جي برج تي چڙهي پنهنجن سپاهين کي چوڻ لڳو، ته ”مرزا جاني بيگ جي ماءُ، آءُ پنهنجي پيءُ سان پرڻائيندس ۽ ترخانن جون سڀيئي ڇوڪريون اوهان کي ورهائي ڏيندس ۽ انهن جون جاگيرون اوهان کي بخش ڪندس“. غافل کي اها ته خبر ئي ڪانه هئي، ته تقدير ڪهڙا رنگ ڏيکارڻ واري آهي ۽ نمڪ حرام ٿيڻ ۾ ڪيڏو ڏوهه آهي!

ابو القاسم سلطان جو پيءُ شاهه قاسم خان ڏاهپ ۽ دورانديشيءَ جي ڪري دل ۾ چوڻ لڳو، ته ”منهنجي پٽ کان اهو ڪم تمام بڇڙو ٿيو آهي، پنهنجي ولي نعمت سان دشمني ڪرڻ هميشه جي بدنامي آهي، خاص ڪري شهنشاهه اڪبر اعظم جي مقرر ڪيل حاڪم سان مخالفت ڪرڻ پنهنجن هٿن سان پنهنجي پاڙ پٽڻي آهي. بهتر ائين آهي ته انهيءَ ڳالهه جو تدارڪ ڪجي ۽ پنهنجي پٽ جي گناه جي معافي مرزا غازي بيگ کان وٺجي.“ ڀائي خان کي جڏهن خبر پيئي ته شاهه قاسم صلح ڪرڻ جو خواهشمند ٿيو آهي، تڏهن صلح ۾ رنڊڪون وجهڻ لڳو، ڇاڪاڻ جو سمجهيائين ٿي ته جيڪڏهن شورش ۽ بغاوت دفع ٿي ويندي ته پوءِ جهونن اميرن جي رهي کهي عزت به برباد ٿي ويندي. مرزا غازي بيگ جي وفادار نوڪرن پنهنجي رئيس کي ڀائي خان جي ارادن مان واقف ڪيو ۽ ڪاره نالي هڪڙي نوڪر جي هٿان ڀائي خان کي زهر ڏنائون. ڀائي خان زهر جي اثر ڪري بيمار ٿي پيو ۽ موڪل وٺي ٺٽي روانو ٿيو. گهر پهچڻ شرط دم ڏنائين.

صلح ۾ اٽڪاءُ ڪندڙ شخص دفع ٿي ويو، تنهن کان پوءِ ابو القاسم سلطان پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ مقيم سلطان کي ساڻ ڪري مرزا غازي بيگ وٽ اچي حاضر ٿيندو هو ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪري هليو ويندو هو، آخر مرزا غازي بيگ سڀ قصور معاف ڪيس. (تحفة الڪرام)

ابو القاسم جون اکيون ڪڍرائڻ

ابو القاسم سلطان سخي به ڏاڍو هو ۽ خير خيرات به گهڻي ڪندو هو. مگر ريل جي درويشن جون چوپايو مال زبردستيءَ سان کسيو هئائين، تنهن ڪري انهن هڪڙي ڏينهن گڏ ٿي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ”خدا تعالى کي سوال ڪري ڪو پاڙي جهاڙي جو تير ابوالقاسم کي هڻڻ گهرجي“. انهن مان هڪڙي درويش چيو ته ”ابوالقاسم جا ٻيا سڀ عضوا سخا ۽ ڪرم جي ڪري حفاظت جي زره سان ڍڪيا پيا آهن، باقي اکيون اگهاڙيون اٿس، جيڪڏهن اوهان مان ڪو به سندس اکين ۾ نشان چٽي سگهي ته ممڪن آهي“.

قضا جا ڪم چئجن، جو درويشن جي گفتگو کان پوءِ ٿورڙن ئي ڏينهن بعد مرزا غازي بيگ پنهنجن خاص صلاحڪارن کي چيو ته ”ابوالقاسم تي منهنجو ڪو به ويساه نٿو ڄمي. ان کي جيئدان ڏيڻ جو ٻول ڏيئي چڪو آهيان، تنهن ڪري ان جون اکيون ڪڍرائي ڇڏجن ته پوءِ منجهانئس ڪو به خوف خطرو نه رهندو“. انهيءَ بناءَ تي هڪڙي ڏينهن مرزا غازي بيگ ٻيڙيءَ جو سير ڪندي درياءَ جي ڪپ واريءَ ساوڪ تي غلم غاليچا وڇارائي ويهي مجلس ڪئي ۽ حڪم ڏيئي ڇڏيائين، ته جيڪو امير اڄوڪي مجلس ۾ اچي، سو اڪيلي سر ۽ بنا هٿيار اچي، انهيءَ مجلس ۾ ويهي مرزا غازي بيگ پنهنجي ماڻهوءَ هٿان ابوالقاسم کي چورائي موڪليو ته تون پنهنجو ٺهرايل ”چنيسر نامو“ ڪتاب کڻي اچ ته هن مجلس ۾ دل وندرايون. ابو القاسم پنهنجي دستوري ٺٺ سان مجلس ڏي روانو ٿيو. واٽ تي محمد علي ڪابلي جو خط به نه وڃڻ بابت پهتس، پر ان جي پرواه نه ڪري خط چيلهه ۾ ٻڌي، اڳتي هليو. جڏهن مرزا غازي بيگ جي رهڻ واريءَ جاءِ تي پهتو، جيڪا واه جي ڪپ تي هئي، جتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي دريايءَ جي پرتين ڪپ واري مجلس ۾ وڃڻو هوس، تڏهن دربانن چيس ته ”مجلس ۾ اڪيلي وڃڻ جو حڪم آهي، تنهن ڪري پنهنجا سڀ ماڻهو اتي ئي ترسايو“. ابو القاسم پنهنجا سڀ ماڻهو اتي ڇڏي فقط هڪڙو نوڪر ساڻ ڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو، جنهن ۾ مرزا غازي بيگ جا ٽي چار ماڻهو اڳي ئي چڙهيا ويٺا هئا.

جڏهن ٻيڙي واه جي وچ ۾ آئي، تڏهن مرزا غازي بيگ جي ماڻهو بابا علي جو ابو القاسم کان گهڻي قدر پهلوان ۽ قداور مڙس هو، تنهن ابو القاسم جون ٻئي ٻانهون کڻي قابو جهليون. ايتري ۾ ٻئي ماڻهوءَ مٿي تان پٽڪو لاهي تنهن سان ٻانهن کڻي پٺيان قابو ٻڌيس. ٽئين ماڻهوءَ گز کسي ورتس. پوءِ مرزا غازي بيگ کي خبر ڏنائون. جنهن حڪم موڪليو ته ”لوهه جون شيخون تپائي اکين ۾ ڏيوس، ۽ زنجيرن ۾ قابو ٻڌي ڇڏيوس“ هڪدم حڪم جي پيروي ٿي ويئي ۽ ابو القاسم جون ٻئي اکيون چلهه بڻايون وييون. ابو القاسم کي زنجيرن ۾ مضبوط ٻڌي پوءِ سندس حويليءَ ۾ ڦرلٽ ڪئي ويئي. ابو القاسم جي ماڻهن انڌو منڊو مقابلو ڪيو، پر پڄي نه سگهيا. جعفر علي ارغون جو ابو القاسم جو عزيز هو، سو به گهڻي مقابلي کان پوءِ قيد ٿي پيو. پوءِ ابوالقاسم ۽ جعفر علي کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي ٺٽي ڏانهن روانو ڪيو ويو. محمد علي سلطان ڪابلي جا ڪلها بندوق جي قنداق سان ڪٽي چور ڪيا ويا ۽ پوءِ ان کي به نظربند ڪيو ويو. مرزا عيسى ترخان ڀڄي جند ڇڏائي. تنهن کان پوءِ مرزا غازي بيگ بي اونو ٿي ٺٽي ۾ اچي حڪومت هلائڻ لڳو. (تحفة الڪرام)

مرزا غازي بيگ کي شهنشاهه اڪبر جو سڏ

شهنشاهه اڪبر اعظم پنهنجي ايلچي بابا طالب کي ٺٽي موڪليو هو، انهيءَ لاءِ ته مرزا غازي بيگ کي پاڻ سان اڪبر درٻار ۾ وٺي اچي. بابا طالب اچڻ شرط مرزا غازي بيگ جي برخلاف اميرن جي بغاوت جو نظارو اچي ڏٺو. سو مرزا غازي بيگ تي جلد هلڻ لاءِ گهڻو زور رکي نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو ڏٺائين ٿي ته مرزا غازي بيگ نهايت دانشمندي ۽ سرجوشيءَ سان بغاوت دفع ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هو. انهيءَ ڪري بابا طالب ترسي پيو. ٻن ورهين جي عرصي ۾ مرزا غازي بيگ چڱيءَ طرح بغاوت کي دفع ڪيو ۽ ملڪ ۾ امن امان ٿي ويو. رعيت خواه سپاهي سندس ٿورائتا ۽ هڏ ڏوکي  بڻجي پيا. هو رات جو چمڙا پوش ۾ شهر جون گهٽيون گهمندو هو ۽ عام خاص ماڻهن جو احوال معلوم ڪندو هو.

مرزا غازي بيگ هاڻي اڪبري درٻار ڏي وڃڻ جي خيال ۾ هو ته ايتري ۾ ڪڪراله جي ڄام هالا بن ڄام ڏيسر فساد شروع ڪيو. ڇا ڪيائين، جو مرزا غازي بيگ جي حد جا ڪي جاگيردار مارائي ڇڏيائين، جنهن ڪري انهي حد ۾ شور ۽ بي آرامي پيدا ٿي پيئي. ڄام هالا کي سيکت ڏيڻ لاءِ مرزا غازي بيگ وري لشڪر پاڻ سان ڪري ڪڪراله تي ڪاهي ويو. ڄام هالا جو هڪڙو عزيز ڄام دائود به مرزا غازي بيگ سان اچي شريڪ ٿيو. جنهن ڪري ڄام هالا جنگ جي سٽ جهلي نه سگهيو ۽ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. انهيءَ ڪري ڪڪراله واري ساري علائقي مان ٻه حصا مرزا غازي بيگ، ٺٽي جي حد ۾ ملائي ڇڏيا ۽ ٽيون حصو ڄام دائود کي جاگير طور ڏنائين. ڄام دائود پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ مرزا غازي بيگ کي ڏنو. هن کان اڳ ارغون ۽ ترخان گهراڻي جي حاڪمن به ڄامن کان سڱ وٺڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي هئي، پر ڄامن ڪنهن کي به سڱ نٿي ڏنو، فقط مرزا غازي بيگ ئي هو، جنهن کي ڄامن سان عزازت ڳنڍجڻ جو شرف مليو.

ايتري ۾ مرزا غازي بيگ کي اطلاع مليو ته شهنشاهه اڪبر اعظم، نواب سعد خان کي روانو ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته مرزا غازي بيگ کي اڪبري درٻار ۾ وٺي اچي. نواب سعد خان جي اچڻ جي خبر ٻڌي، مرزا غازي بيگ پنهنجا سڀ امير وزير گڏ ڪيا ۽ انهن کي چيائين ته ”جيڪڏهن زر ۽ خزاني جو زور هجيم ها، ته جيڪر هڪ ڀيرو پنهنجي والد مرحوم وانگر قسمت آزمائي ڪري، پنهنجي مردانگيءَ جو داد حاصل ڪريان ها، پر خزاني جو زور ڪونهي. تنهن کان سواءِ نواب سعد خان وٽ نواب خان خانان کان به وڌيڪ لشڪر آهي تنهن ڪري بهتر آهي ته نواب سعد خان جي اچڻ کان اڳ اڪبري درٻار ڏي روانو ٿجي“ (تحفة الڪرام)

مرزا ابو القاسم معذور جو قيد مان ڀڄي وڃڻ ۽ وري پڪڙجڻ

مرزا غازي بيگ اڪبري درٻار ڏي رواني ٿيڻ جو ٺهراءُ ڪيو. خسرو خان چرڪس، عرب ڪوڪه ۽ الهه قلي ديوان کي ويساهه جوڳو لشڪر حوالي ڪري ٺٽي ۾ ڇڏيائين ۽ پاڻ احمد بيگ سلطان، لطف الله سلطان ۽ خواجه امير بيگ بخشي ۽ ڀائي خان بن خسرو خان چرڪس کي ساڻ ڪري، فتح باغ ۾ پهچي، اڪبري درٻار ڏي وڃڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو. اتي اطلاع مليس ته ابو القاسم سلطان قيد مان ڀڄي ويو.

ابو القاسم هڪڙيءَ ٽه ماڙ تي قيد ٿيل هو. اتي ان سان ايتري قدر سولايون هيون، جو جيڪو به کاڌو پيتو، زال زنب، ڇوڪر ڇهي، وغيره عيش عشرت جو سامان گهرندو هو، سو ملندو هوس. جڏهن مرزا غازي بيگ ٺٽي مان روانو ٿي فتح باغ پهتو، تڏهن ابوالقاسم پنهنجي ڀيڻ (مرزا غازي بيگ جي ماٽيجي ماءُ) سان سازباز ٿي، مانيءَ جي خومچي سان گڏ هڪڙي مضبوط رسي گهرائي ورتي. ماڙيءَ جي هيٺان وهندڙ واهه تي هڪڙي ٻيڙي ۽ واهه جي پرئين ڪپ، به مهري اٺ به تيار ٿيا بيٺا هئا. ابو القاسم ڇا ڪيو، جو توڙي اکين کان انڌو هو، ته به آڌيءَ رات جو جڏهن سڀ پهريدار بي اونا ٿيو ستا پيا هئا، تڏهن هانءَ جي سوجهري تي پلنگ اُڀو ڪري ماڙيءَ جي منگهه مان ٻاهر نڪتو. اتان هڪڙيءَ ننڍڙيءَ دريءَ جي شيخن ۾ رسي کي مضبوط ٻڌي، ان تي لڙڪي لڙڪي ماڙيءَ جي ٽئين طبقي کان زمين تي اچي پهتو. ايتري قدر تڪليف ٿيس جو سندس بت به ڪيترن ئي هنڌان رهڙجي ڇلجي پيو. ماڙيءَ جي ٻئي طبقي ۾ سندس عزيز جعفر علي ارغون قيد ٿيل هو، تنهن کي به سجاڳ ڪري ساڳئي رسي جي وسيلي زمين تي لاٿائين. پوءِ ٻئي ڄڻا پتڻ اُڪري، اٺن تي چڙهي ڪوهستان ڏي ڀڄي ويا.

صبح جو هل پئجي ويو، ته ابو القاسم ۽ جعفر علي قيد مان ڀڄي ويا، بروقت سوار ۽ پيادا انهن جي پڪڙڻ لاءِ چؤطرف پکڙجي پيا. دريا خان، جيڪو قيدخاني جو آفيسر هو، تنهن کي اچي پنهنجي خانه خرابيءَ جو خوف ٿيو، سو ان پاڻي، پاڻتي حرام ڪري، نيڻن جي ننڊ ڦٽائي، انهن جي ڳولا ۾ نڪتو. ساموئي ڳوٺ مان پتو پيو، ته ٻه سفيد پوش شخص پتڻ اُڪري ويا. اڳتي ڏس پين، ته چار ماڻهو ٻن اٺن تي سوار ڪوهستان ڏي پي ويا. دريا خان جا ماڻهو ڪوهستان ۾ ٽڙي پکڙي ويا. هڪڙي ماڻهوءَ کي ڪوهستان جي جهنگ ۾ جعفر علي هٿ آيو. مرزا جعفر علي ان ماڻهوءَ سان سخت مقابلو ڪندي مارجي ويو. ان بهادر ماڻهوءَ اها خبر دريا خان کي ڏني، سو به سرزمين تي آيو ۽ انهيءَ جهنگ ۾ ڳولها ڦولها ڪندي ابوالقاسم به انهن کي هٿ اچي ويو. ابوالقاسم وٽ پهڻن جو ڍڳ رکيو هو، تنهن مان پٿر کڻيو پنهنجن پڪڙيندڙن ڏي پي اڇليائين پر پڪڙجي پيو. دريا خان ابوالقاسم کي ٻڌي قابو ڪيو ۽ جعفر علي جو سر وڍي نيزي ۾ اٽڪايائين ۽ پنهنجا ٽڙيل پکڙيل ماڻهو گڏ ڪري ٺٽي کان اچي نڪتو. زنجيرن ۾ ٻڌل ابوالقاسم ۽ جعفر علي جو نيزي ۾ ٽنگيل سر، ساري شهر جي گهٽين ۽ بازارن ۾ گهمايو ويو. تنهن کان پوءِ جعفر علي جو سر ٺٽي شهر جي هڪڙي چوڪ ۾ ٽنگائي ڇڏيائين ۽ ابوالقاسم کي سخت قيد ۾ رکيائين.

مرزا غازي بيگ، جيڪو ابوالقاسم ۽ جعفر علي جي ڀڄي وڃڻ جو اطلاع ٻڌي، فتح باغ ۾ نهايت منتظر ٿيو ويٺو هو، انهيءَ خوف ڪري ته اهي ٻئي چالاڪ ماڻهو متان ڪو ”شب خون“ (رات جي وڳڙي وارو اوچتو حملو) ڪري وجهن، تنهن کي جڏهن ابوالقاسم جي پڪڙجڻ ۽ جعفر علي جي قتل ٿيڻ جي رپورٽ پهتي، تڏهن نهايت خوش ٿيو ۽ دريا خان ڏانهن عمدن سنجن سان سينگاريل گهوڙو ۽ سروپاءِ موڪليائين، ۽ سندس پگهار به وڌايائين. (تحفة الڪرام)

مرزا غازي بيگ جو اڪبري درٻار ۾ وڃڻ

مرزا غازي بيگ کي هاڻي خاطر جمعي ٿي، سو فتح باغ کان سڌو آيو بکر ۾، ۽ اتي اچي نواب سعيد خان سان مليو ۽ اڪبري درٻار ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ هيتري ساري دير پئجي وڃڻ بابت جيڪي حقيقي ۽ واجب سبب هئا، سي پيش ڪيائين. نواب سعيد خان، مرزا غازي بيگ جي شخصيت ۽ فضيلت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي نوجوان فرزند مرزا سعيد الله کي گهرائي چيائين، ته ”هن نوجوان غازي بيگ جي پيشانيءَ ۾ مون کي اقبال ۽ سعادتمنديءَ جون نشانيون پييون نظر اچن، تنهن ڪري آءٌ توکي هن سان ڀائپيءَ جهڙي ناتي ڳنڍڻ لاءِ تاڪيد ٿو ڪريان. اوهين ٻئي ڄڻا ظاهري طرح توڙي اندروني طرح سڳن ڀائرن وانگر پيار ۽ همدرديءَ  سان گذارجو“ ان کان پوءِ مرزا سعيد الله ۽ مرزا غازي بيگ گڏ کائيندا پيئندا هئا ۽ شڪار توڙي ٻي هر طرح جي وندر گڏجي ڪندا هئا.

مرزا غازي بيگ هجري سنه 1013 (سنه 1604) ۾ آگري ۾ وڃي شهنشاهه اڪبر اعظم جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. نواب سعيد خان، مرزا غازي بيگ جي حق ۾ تمام چڱيون سفارشون لکيون هيون، تنهن ڪري شهنشاهه اڪبر مرزا غازي بيگ کي نهايت چڱيءَ طرح عزت ڏني ۽ ان کي ساري سنڌ لاءِ پنهنجي پاران گورنر مقرر ڪيائين. هجري سنه 1014 (سنه 1605ع) جي شروع ۾ شهنشاهه اڪبر اعظم وفات ڪئي ۽ پٽس جهانگير بادشاهه تخت نشين ٿيو. ان وقت ڪن بدخواه صلاحڪارن جي صلاح تي لڳي، مرزا غازي بيگ مخفي طرح آگره مان نڪري ٺٽي اچي پهتو.

جهانگير بادشاهه کي مرزا غازي بيگ جي حاسدن ڪي اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون جو غازي بيگ اڃا ٺٽي ۾ پهتو ئي مس ته جهانگير بادشاهه جو فرمان اچي پهتس ته هڪدم آگره ۾ موٽي اچ ۽ مير عبدالرزاق کي حڪم مليو ته سيوهڻ، لاهري ۽ ٺٽي جي گورنري وڃي سنڀال مرزا غازي بيگ حڪم پهچڻ شرط بنا ڪنهن دير مدار جي آگري ڏانهن روانو ٿيو. حاسدن جهانگير جا ڪن گهڻو ئي ڀريا، پر مرزا غازي بيگ جي منهن ۾ خدا تعالى ڪا اهڙي مڻيا رکي هئي، جو جڏهن ان آگره ۾ جهانگير بادشاهه وٽ حاضر ٿي ادب سان ٻه چار گفتا ڳالهايا، تڏهن جهانگير نهايت خوش ٿيو ۽ ان کي اڳي کان به وڌيڪ عزت ڏنائين ۽ چيائينيس ته ”ڪجهه وقت خاص درٻاري صلاحڪار ٿي مون وٽ رهه“

انهن ڏينهن ۾ جهانگير بادشاهه جي پٽ شهزادي خسرو پيءُ جي برخلاف فساد ڪيو هو، تنهن بابت هڪڙي ڏينهن جهانگير بادشاهه پنهنجن درٻاري اميرن سان صلاح ڪري رهيو هو، اميرن پنهنجي پنهنجي خيال موجب صلاحون ڏنيون، مگر جهانگير چيو ته ”مرزا غازي بيگ کان صلاح وٺڻ گهرجي، ڏسجي ته هو انهي باب ۾ ڪهڙي صلاح ٿو ڏئي“. اميرن چيس ته ”حضور! مرزا غازي بيگ هڪڙو ناآزموديگار جوان آهي، ان کي حڪمرانيءَ جي اصولن جي ڪهڙي خبر؟“ بادشاهه چيو، ”تڏهن به هو حڪمرانن جو اولاد آهي، ان جي صلاح گٿل نه ٿيندي“. جهانگير پوءِ مرزا غازي بيگ کي گهرائي کانئس پڇي، جنهن عرض ڪيو ته ”حضور جن جڏهن هن ناچيز غلام کان صلاح ٿا پڇن، تڏهن هي غلام پنهنجي صلاح ان وقت عرض رکندو. جنهن وقت حضور جن گهوڙي تي سوار ٿيڻ وارا هوندا ۽ هڪڙو پير رڪيب ۾ رکي چڪندا. هيءَ ڳالهه ظاهر هئي ته بادشاهه کي پنهنجي پٽ تي چڙاهي ڪرڻ جو پڪو ارادو هو، تنهن مرزا غازي بيگ جو مقصد سمجهي ورتو ۽ اميرن کي چيائين ”ڏٺؤ! حاڪمزادو آخر حاڪمزادو ٿي ثابت ٿيو. هن جيڪي لفظ ڳالهايا آهن، سي اسان جي راءِ سان موافق آهن“ نيٺ جهانگير بادشاهه پنهنجي پٽ شهزادي خسرو تي ڪاهي ويو ۽ سارو فساد سوڀ سان دفع ڪري آيو. (تحفة الڪرام)

خسرو خان چرڪس جي بغاوت

جڏهن مرزا غازي بيگ، جهانگير بادشاهه جي حڪم موجب وري ٺٽو ڇڏي آگره ڏانهن ٿي ويو، تڏهن سندس خيال هو ته خسرو خان چرڪس کي پاڻ سان وٺي وڃي ۽ احمد بيگ سلطان کي ٺٽي ۾ رهائي وڃي، ڇاڪاڻ جو خسرو خان چرڪس ۾ بدگماني ٿي پيس، ٺٽي جي ماڻهن مرزا عازي بيگ کي اچي منٿون ڪيون ته خسرو خان چرڪس کي ٺٽي ۾ ڇڏي وڃو، احمد بيگ سلطان به مرزا غازي بيگ کي چيو ته جنهن صورت ۾ مقامي ماڻهو خسرو خان چرڪس جا طرفدار ٿيا بيٺا آهن، تنهن صورت ۾ منهنجو ٺٽي ۾ رهڻ وزنائتو نه ٿيندو، تنهن ڪري هن ڀيري ڇڏيوس، جڏهن مرزا غازي بيگ، جهانگير بادشاهه وٽ پهتو ۽ ان جو راضپو هٿ ڪيائين، تڏهن خود بادشاهه کان فرمان وٺي احمد بيگ سلطان کي ٺٽي جي سنڀال لاءِ موڪليائين ۽ خسرو خان چرڪس ڏانهن لکيائين ته ”فوجداري ڪمن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به مالي خواه انتظامي ڪم ۾ دست اندازي نه ڪج“.

احمد بيگ سلطان ٺٽي ۾ پهتو، تڏهن خسرو خان چرڪس پنهنجي ناٺيءَ شيخ ڪالا (جو حضرت شيخ بهاءُ الدين ملتاني جو اولاد هو) ۽ قاسم چرڪس سان صلاح ڪئي ته احمد بيگ سلطان کي هيڪر بي عزتو ڪري واپس مرزا غازي بيگ ڏي موڪلجي ته وري هن طرف منهن ئي نه ڪري. انهيءَ سازش موجب ارغون سردارن کي به گهرائي چيائين ته ”سڀاڻي مرزا احمد بيگ، مرزا غازي بيگ جي والده جي قدمبوسي ڪرڻ ويندو ۽ اتان ٿي پوءِ عام درٻار ۾ ايندو. اتي ان جي بي حرمتي ڪجو“ احمد بيگ سلطان کي ساري سازش معلوم ٿي ويئي، تنهن ڪري هو پنهنجن همراهن سميت پنهنجي حويلي ۾ ئي رهيو ۽ پرڀات وقت شاهه قاسم ارغون سان گڏجي عمرڪوٽ جي رستي کان آگره روانو ٿيو. خسرو خان چرڪس جي چوڻ موجب ڪي ارغون گهڻوئي پٺيان پيس، پر احمد بيگ سلطان صحيح سلامت آگري پهچي ويو. (تحفة الڪرام)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org