مرزا غازي بيگ جو پهريون ڀيرو قنڌار ڏي وڃڻ
هجري سنه 1015 (سنه 1606ع) ۾ قنڌار جي گورنر شاهه بيگ خان تي
حيدر نالي سندس هڪڙي نمڪحرام نوڪر خراساني لشڪر
سان چڙهائي ڪئي ۽ قنڌار تي اچي گهيرو ڪيائين. شاهه
بيگ خان، جهانگير بادشاهه جي پاران مقرر ٿيل گورنر
هو، تنهن ڪري جهانگير بادشاهه انهيءَ خبر ملڻ تي
قره خان کي قنڌار جو گورنر ڪري وڏو لشڪر ڏيئي
قنڌار ڏي روانو ڪيو ۽ مرزا غازي بيگ کي ان جو
صلاحڪار ۽ مددگار ڪري ساڻس گڏ اوڏانهن موڪليائين.
قره خان واٽ تي ئي وفات ڪئي. ان جي ماڻهن جي مرضي
هئي ته قره خان جي سڀ ملڪيت ان جي پٽ ڪرور خان ڏي
موڪلجي، جو بکر ۾ هو. مرزا غازي بيگ راءِ ڏني ته
جنهن صورت ۾ منهنجو خزانو منهنجي ڳوٺان اڄ تائين
نه آيو آهي، تنهن صورت ۾ قره خان وارو خزانو مون
کي اڌار طور ڏيو ته جنهن ڪم لاءِ بادشاهه سلامت
اسان کي موڪليو آهي سو پورو ڪري اچون، قره خان جا
ماڻهو اڃا شش پنج ۾ ئي هئا ته مرزا غازي بيگ ڪوچ
ڪرڻ جو نغارو وڄارايو، جنهن ڪري سڀني همراهن کي
ماٺ ميٺ ۾ ان جي پٺيان قنڌار ڏي وڃڻو پيو. خوش
نصيبيءَ جي ڳالهه چئبي جو مرزا غازي بيگ جي فوج
اڃا قنڌار کان ٻه ٽي منزلون اوريان هئي ته خراساني
لشڪر شهنشاهي فوج جي اچڻ جون خبرون ٻڌي، قنڌار جي
دعوا ڦٽي ڪري هليو ويو ۽ سوڀ جا سهرا مرزا غازي
بيگ کي نصيب ٿيا.
جيئن ته انهن ڏينهن ۾ قنڌار ۽ ان جي آسپاس اناج ۽ گاهه جي گهڻي
اڻاٺ هئي، تنهن ڪري مرزا غازي بيگ جا گهڻا سپاهي ۽
گهوڙا بک وگهي مري ويا. تنهن کان سواءِ مرزا غازي
بيگ کي سنڌ جا خط به اتي وڃي پهتا، جن مان معلوم
ٿيس ته خسرو خان چرڪس سنڌ ۾ گهڻي بغاوت پکيڙي ڇڏي
آهي. اهي سڀ حيقتون مرزا غازي بيگ، جهانگير
بادشاهه ڏي لکي موڪليون، جنهن تي جهانگير بادشاهه
فرمان لکيس ته ”هيڪر اتان پرٻهرو بکر ۾ وڃي سنڌ جي
بغاوت بند ڪرڻ جو بندوبست رکو.“
مرزا غازي بيگ اڃا بکر ۾ پهتو ئي مس ته ڪن حاسدن جهانگير
بادشاهه جي ڌيان تي آندو ته ”مرزا غازي بيگ موٽي
حضور جن وٽ اچڻ کان انڪاري آهي ۽ سنڌ جو خودمختيار
حاڪم ٿي رهڻ جو خواهان آهي“ انهيءَ ڪري جهانگير
بادشاهه، مرزا غازي بيگ ڏي هڪدم اچي حاضر ٿيڻ جو
فرمان موڪليو، جنهن موجب مرزا غازي بيگ هڪدم بکر
ڇڏي هليو آيو ۽ جهانگير بادشاهه ڪابل کان لاهور
اچي رهيو هو. تنهن کي وچ رستي تي وڃي گڏيو.
جهانگير بادشاهه غازي جي فرمان برداري ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ حاسدن جا هنيان سڙي ويا. جهانگير
بادشاهه مرزا غازي بيگ کي سيوهڻ، ٺٽي ۽ ملتان جي
گورنريءَ سان گڏ قنڌار جي گورنري به ڏني ۽ گهڻي
عزت افزائي ڪيائينس.
مرزا غازي بيگ سنڌ ۽ قنڌار جو گورنر
جهانگير بادشاهه کان جڏهن مرزا غازي بيگ کي سنڌ، ملتان ۽ قنڌار
جي گورنريءَ جو فرمان مليو، تڏهن لاهور کان ملتان
۾ آيو. هن جي مرضي هئي ته پهريائين پنهنجي پاران
ڪو نائب قنڌار ڏي موڪليان، انهيءَ ڪري مرزا محمد
امان ترخان کي هاٿي، جهنڊا ۽ ٻيا سامان ڏيئي،
پنهنجو نائب ڪري قنڌار ڏي ٿي موڪليائين، پر ان چيو
ته ”پهريائين مون کي موڪل ڏيو ته ٺٽي ۾ وڃي پنهنجن
ٻارن ٻچن سان ملان ۽ پوءِ قنڌار وڃان“ تنهن تي ان
کي موقوف ڪيائين ۽ احمد بيگ، سلطان کي پنهنجو نائب
ڪري، گهڻي ٺاهه ٺوهه سان قنڌار روانو ڪيائين ۽ ان
کي اعتماد خان جو لقب ڏنائين. جنهن قنڌار وڃي
رعايا جي دل ورتي ۽ خراساني لشڪر جي حملي ڪري جيڪو
پرڳڻو غير آباد ٿي ويو هو، سو وڃي آباد ڪيائين.
مرزا غازي بيگ پاڻ ملتان کان بکر ۾ آيو، جتي ڪيترين ئي بي
انتظامين کي سڌارڻ لاءِ سندس اچڻ ۽ دست اندازي ڪرڻ
جو ضرور هو. اتي ضروري ڳالهيون فيصل ڪري پوءِ هو
سوي ۽ گنجابه جي رستي قنڌار ڏي روانو ٿيو. پنهنجن
اصلوڪن همراهن مان ڪن کي پاڻ سان کنيائين ۽ ڪن کي
واپس پوئتي موڪليائين.
قنڌار ۾ پهچڻ بعد مرزا غازي بيگ پنهنجن ٻن همراهن ڀائي خان ولد
خسرو خان چرڪس ۽ لطف الله سلطان کي لشڪر ڏيئي انهن
افغانن سان وڙهڻ لاءِ موڪليو جن جي مخالفت جون
رپورٽون پهتيون هيس ۽ راءِ ماڻڪچند پت راءِ کهريه
کي لشڪر ڏيئي حيدر تي چاڙهي موڪليائين. جو حيدر،
قنڌار جي اڳئين حاڪم شاهه بيگ خان جو نوڪر هو ۽
نمڪ حرام ٿي خراسان کان لشڪر وٺي شاهه بيگ خان تي
ڪاهي آيو هو. مرزا غازي بيگ جا اهي ٻئي لشڪر سوڀ ۽
فتحيابي حاصل ڪري موٽي قنڌار ۾ آيا.
مرزا غازي بيگ، مير عبدالله سلطان کي ”مير خان“ جو لقب ڏيئي
گهڻين قيمتي سوکڙين ۽ سوغاتن سان ايران جي بادشاهه
شاهه عباس ڏي موڪليو، جنهن ڪري ايران ۽ قنڌار جي
وچ ۾ جيڪا پراڻي اڻبڻت هئي سا دفع ٿي ويئي. تنهن
کان پوءِ هو بي اونو ۽ بي فڪر ٿي حڪومت جا ڪم ڪار
سنڀالڻ لڳو.
خسرو خان چرڪس جا ڪم ۽ سندس گرفتاري
لاءِ موڪليو، جن جي مخالفت جون رپورٽون پهتيون قنڌار ۾ مرزا
غازي بيگ کي اطلاع مليو ته خسرو خان چرڪس، ٺٽي ۾
سرڪاري خزانو پنهنجي خانگي ڪمن ۾ برباد ڪري رهيو
آهي. انهيءَ رپورٽ ملڻ ٿي مرزا غازي بيگ پنهنجن
اميرن وزيرن سان صلاح ڪئي ۽ انهيءَ صلاح موجب راءِ
کهڙيه جي ناٺيءَ سائينڏني کي ”هندو خان“ جو لقب
ڏيئي، ٺٽي روانو ڪيائين. هندو خان ٺٽي ۾ اچي حساب
ڪتاب چڪاسيو ۽ معلوم ٿيس ته خسرو خان چرڪس پئسي
ڏوڪڙ ۾ گهڻي بي ايماني ڪئي هئي. هندو خان قنڌار ۾
وڃي مرزا غازي بيگ سان سڀ حال حقيقت ڪئي، جنهن تي
خسرو خان چرڪس جي پٽ ڀائي خان کي قنڌار ۾ سختيون
ڏنيون وييون.
خسرو خان چرڪس جڏهن ٺٽي ۾ ميدان خالي ڏٺو ۽ پاڻ کي پختو
ڄاتائين، تڏهن پنهنجن پوٽن ۽ ڏوهٽن کي لوئر سنڌ تي
غالب ڪيائين ۽ پاڻ کي لوئر سنڌ جو حاڪم سمجهيائين
۽ غازي بيگ تي اک ئي نٿي ٻوڙيائين. سندس پوٽو محمد
بيگ ولد رستم بيگ جيڪو نيرون ڪوٽ جو گورنر هو، سو
اتي ارغوُنن ۽ ترخانن سان ظلم ۽ تعديون ڪرڻ لڳو.
سندس پوٽو فتح الله ولد ڀائي خان وري مرزا غازي
بيگ جي معزز دوست مرشد خان کي ان جي جاگير مان
لهرائي، پاڻ وٽ نظربند رکيو هو. شيخ عبدالباقي ولد
ڪالا خان وري هندن جي ڪنهن ميلي مان هڪڙي زال
کڻائي هئي، جيڪا گهڻي جهيڙي فساد کان پوءِ هندن
وري هٿ ڪئي. اهي پڪارون ۽ خسرو خان چرڪس جي مالي
خيانت جڏهن مرزا غازي بيگ جي ڌيان تي آئي. تڏهن هو
ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سائينڏني يعني هندو خان کي ٺٽي جو
گورنر مقرر ڪري موڪليائين، جنهن سان ان جو سالو
راءِ ماڻڪچند ۽ شهباز خان به همراه ڪري ٺٽي ڏي
روانا ڪائين.
هندو خان پهريائين نصرپور ۾ آيو ۽ ارادو هوس ته اتي ٿورو ترسي
ملڪ جو ٻاهريون واءُ سواءَ لهي پوءِ ٺٽي مقيم
سلطان ۽ ان جي ڀائرن کي نصرپور جي قلعي ۾ گهيري
هيٺ کڻي رکيو. ابو القاسم سلطان معذور جنهن کي
خسرو خان چرڪس جي سفارش تي مرزا غازي بيگ آزادي
ڏني هئي، تنهن پنهنجن ڀائرن ۽ يارن کي همٿائي قلعي
۾ گهيريل ماڻهن ڏي کاڌي پيتي جي سامان وڃڻ تي روڪ
وجهائي.
اتفاق سان راءِ ماڻڪچند قلعي کان نڪري، مقيم سلطان وٽ روبرو
گفتگو ڪرڻ لاءِ ٿي ويو ته ان کي هڪڙي ارغون شخص
قتل ڪري وڌو. تنهن تي راءِ ماڻڪچند جو پٽ راءِ
سنگ، جنگ جو نغارو وڄائي قلعي مان نڪتو ۽ چيائين
ته ”تيستائين پنهنجي پيءُ جو لاشو مسارڻ ۾ نه
پهچائيندس جيستائين ان جو وير نه وٺندس“، راءِ سنگ
۽ ان جي همراهن قلعي کان ٻاهر نڪري ارغونن ۽ ٻين
مخالفن ۾ گهڻو ٻاڪر ڪٺو وجهي ڏٺو. شاهه قاسم ارغون
جو ناٺي شير بيگ ۽ ٻيا ڪيترائي ارغون سردار مارجي
ويا. انهن جا هاٿي ۽ ٻيو گهڻو اسباب راءِ سنگ هٿ
ڪيو، تنهن کان پوءِ پنهنجي پيءُ جو لاشو وڃي چکيا
تي چاڙهيائين ۽ پوءِ ان هٿ ڪيل مال متاع سميت سڌو
قنڌار ويو ۽ مرزا غازي بيگ سان وڃي سارو حال احوال
ڪيائين. مرزا غازي بيگ، راءِ سنگ جي بهادريءَ تي
آفرين چئي ۽ ان کي پڻس راءِ ماڻڪچند جي عهدي کان
به وڏو عهدو ڏنائين.
راءِ سنگ جي بهادري ڏيکارڻ تي نصرپور جي قلعي وارو گهيرو ڊهي
پيو ۽ هندو خان پنهنجن همراهن سميت سڌو ٺٽي ۾ آيو
۽ اچي خسرو خان چرڪس کي بي دخل ڪيائين ۽ ان کي
سندس مٽن مائٽن سميت گرفتار ڪري، مرزا غازي بيگ
ڏي قنڌار وٺيو ٿي ويو. جڏهن هالن ۾ پهتا، تڏهن
مرزا غازي بيگ جي وفات جي خبر ملين (تحفة الڪرام)
مرزا غازي بيگ جي وفات
معتبر ماڻهن جو چوڻ آهي ته جڏهن مرزا غازي بيگ، قنڌار ۾ شان
شوڪت ۽ اقبالمنديءَ سان حڪومت جا ڪم ڪار سنڀاليندو
رهيو. تڏهن سندس ڪن عزيز حاسدن جا هنيان سڙڻ لڳا ۽
هو ان جي برباديءَ جون سٽائون سٽيندا رهيا. آخر
هجري سنه 1021 (سنه1616ع) ۾ سندس گهرو نوڪر
عبداللطيف جي هٿان مارايائونس. ڪي چون ٿا ته زهر
ڏياريائونس. سندس لاشو قنڌار کان کڻي ٺٽي ۾ پڻس جي
ڀرسان آڻي دفن ڪيائونس. (تحفة الڪرام)
مرزا غازي بيگ جي سيرت
مرزا غازي بيگ هڪڙو بهادر سپاهي ۽ دريا دل ۽ شاندار حاڪم هو. هو
پنهنجي ملڪ جي ڏک سک ۽ رعايا جي خبر گيريءَ خاطر
رات جو چمڙا پوش ڪري گهمندو هو. هو اهڙو هٿ جو ڇوٽ
هوندو هو، جو جيتوڻيڪ قنڌار، ٺٽي، سيوهڻ ۽ ملتان
جهڙن پرڳڻن جو گورنر هو ته به گهڻي قدر خالي هٿ
رهندو هو ۽ پئسي جي گهرج رهندي هيس، هڪڙي ڀيري
سندس مالي منشين اچي عرض ڪيس ته ”اُپت کان خرچ
زياده ٿئي ٿو، تنهن ڪري حساب ڪتاب نظر مان ڪڍڻ
فرمايو“ تنهن تي جواب ڏنائين ته ”منهنجي مرحوم
والد جي هٿ ۾ جيڪي هو، سو هُو خرچ ڪري ويو هو ۽
منهنجي لاءِ ڪجهه به ڪين ڇڏي ويو هو ته به ڪريم
ڪارساز جلشانہ مون کي قوت وارو ڪيو ۽ سڀ ڪجهه عطا
فرمايائين. آءٌ الله تعالى جا شڪرانا بجاءِ ٿو
آڻيان جو ان مون کي کاڌي پيتي جي ڪا به بک نه ڏني
آهي. جيئن منهنجي هيتري ساري حياتي گذري ويئي آهي
تيئن باقي رهيل ڏينهن به خير سان گذري ويندا.
ههڙين ڳالهين جي مون کي تڪليف نه ڏيو“. ائين چئي
اهي حساب ڪتاب وارا ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيائين.
مرزا غازي بيگ چڱي علميت وارو ماڻهو ۽ هوشيار شاعر هوندو هو،
سندس تخلص هو ”قاري“ (مٺو پڙهندڙ) قنڌار ۾ به
ساڳئي تخلص وارو هڪڙو ماڻهو هو تنهن کي گهوڙو
سروپاءَ ۽ ٻيا انعام ڏيئي، اهو تخلص ڇڏايائين.
مرزا غازي بيگ توڙي پڻس مرزا جاني بيگ ٻئي ڄڻا راڳ
ڳائڻ جا ڄاڻو ۽ هوشيار هئا ۽ ”ٽوڙي“ راڳڻي ڳائڻ جو
گهڻو شوق هوندو هون. راڳ سان سندس روح جي دلچسپي
هن ڳالهه مان ئي ظاهر آهي ته اڄ ڏينهن تائين ڪو به
اولاد جو سوال ماڻهو سندن مقبري ۾ وڃي ڪنهن به ساز
تي ڳائي ٿو ته ان کي خدا تعالى جي مهربانيءَ سان
اولاد ٿيو پوي ٿو. (تحفة الڪرام ۽ هسٽري آف سنڌ
جلد 2 مرزا صاحب)
پڇاڙي
جيئن ته مرزا غازي بيگ کي ڪو به اولاد ڪونه هو ۽ خسرو خان به
هندو خان کي هڪالي پاڻ کي بي ڌڙڪ ٺٽي جو قبضيدار
بڻايو ويٺو هو. تنهن ڪري شهنشاهه جهانگير حاڪماڻي
دستور موجب سنڌ تي پنهنجي طرفان نون نون گورنر کي
مقرر ڪرڻ جو سرشتو جاري رکڻ بهتر ڄاتو. (تحفة
الڪرام)
مرزا غازي بيگ جي وقت جا امير
(1) امير شاهه قاسم بيگ بيگ لار
امير شاهه قاسم بيگ بيگ لار بن ابوڪ بيگ بن جوجڪ بيگ (فريد بيگ
لار جو ڀائٽيو) سمرقند شهر جو ويٺل بيگ لار جي
قبيلي مان هو. اهو بيگ لار حضرت علي المرتضى (عليہ
السلام) جي اولاد مان ليکجي ٿو. بيگ لار جو ڏاڏو
سيد علاءُ الدين علي خواجه بن سيد نظام الدين ملڪ
بن سيد بهاءُ الدين بن سيد علي بن سيد احمد بن سيد
عبدالله بن سيد جعفر بن سيد عبدالله بن سيد نظام
الدين علي، (جو ڌرمذ شهر مان لڏي سمرقند ۾ اچي
رهيو هو.) بن سيد ابوالقاسم بن سيد زين العابدين
بن سيد شمس الدين محمد بن شرف الدين حسين بن سيد
عبدالله الاعرج بن سيد حسين الاصغر بن امام زين
العابدين (عليہ السلام) سيد حسين الاصغر زماني جي
حادثن ڪري عربستان ڇڏي ترڪستان ۾ اچي رهيو. اتي
سندس اولاد ترڪن مان شاديون ڪيون، جنهن ڪري امير
شاهه قاسم بيگ بيگ لار جو مائٽاڻو لاڳاپو ارغونن
سان ٿي پيو. هو مرزا شاهه حسن ارغونن جي زماني ۾
سمرقند کان لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ مرزا شاهه حسن مٿس
نوازشون ڪري جهيجن جو پرڳڻو جاگير طور ڏنس، هن
عمرڪوٽ جي حاڪم راڻي ڏهرسين جي ڀاڻيجيءَ سان شادي
ڪئي، جنهن مان هجري سنه 947 (سنه 1540ع) ۾
ابوالقاسم پٽ ٿيس. هجري سنه 952 (سنه 1545ع) ۾
جيڪا جنگ مرزا شاهه حسن ۽ همايون بادشاهه جي وچ ۾
ٿي، تنهن ۾ شاهه قاسم بيگ شهيد ٿيو. (تحفة الڪرام)
(2) ابوالقاسم خان زمان
هي شاهه قاسم بيگ بيگ لار جو فرزند هو. پيءُ جي وفات کان پوءِ
ٽي سال پنهنجي والده وٽ بٺي ڳوٺ ۾ رهيو. پوءِ جڏهن
جوڻيجن ماڻهن بٺي ڳوٺ ۾ ڦرلٽ ڪئي، تڏهن ابوالقاسم
کي منهن تي زخم رسيا هئا. انهن زخمن جي حالت ۾
ابوالقاسم کي مرزا شاهه حسن وٽ وٺي آيا، جنهن ان
جي تربيت ۽ تعليم لاءِ خاطر خواه بندوبست ڪيو ۽
هڪڙي جاگير به سندس نالي ڪيائين. پوءِ جيئن وڏو
ٿيندو ويو، تيئن سندس اقبال وڌندو ويو. مرزا شاهه
حسن کان پوءِ مرزا عيسى ترخان به هن تي نوازش جي
نظر رکندو آيو. مرزا عيسى کان پوءِ جڏهن مرزا محمد
باقي، ارغون قتل پي ڪرايا، تڏهن هو وڃي خان بابا
سان گڏيو. پوءِ جيڪي مردانگيءَ جا ڪم ڪيائين، تن
جو تفصيلوار احوال ”بيگ لار نامه“
(1)
۾ لکيل آهي. ابوالقاسم خان زمان پوءِ وري به مرزا
محمد باقي وٽ موٽي آيو هو ۽ ان کان پوءِ مرزا جاني
بيگ جو درباري امير ٿي رهيو هو. جڏهن نواب خان
خانان مرزا جاني بيگ کي شهنشاهه اڪبر اعظم وٽ وٺي
ويو هو. تڏهن ابو القاسم خان زمان به مرزا جاني
بيگ سان گڏ هو.
شهنشاهه اڪبر اعظم جيڪا پهرين مجلس مرزا جاني بيگ سان ڪئي هئي،
تنهن ۾ اڪبر اعظم ابوالقاسم کان پڇيو، ته ”عمر
ڪيتري اٿيئي؟“ جواب ڏنائين ”ٻاونجاه ورهيه“ وري
شهنشاهه پڇيس ته ”ڄمڻ جو هنڌ ڪهڙو اٿيئي؟“ جواب
ڏنائين ”عمرڪوٽ“ تنهن تي شهنشاهه چيس، ته ”تڏهن
پاڻ ٻئي هڪ هنڌ ڄاوا آهيون“. جڏهن شهنشاهه اڪبر
اعظم مرزا غازي بيگ کي نوازيو، سروپاءَ ڏنائينس،
تڏهن خسرو خان چرڪس ۽ ابوالقاسم پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته
”شهنشاهه اسان کي به سروپاءَ سان نوازي ته ڪهڙو نه
چڱو! هونءَ نه ته ڪهڙو منهن کڻي سنڌ ڏي هلنداسون.“
اڃا انهن پاڻ ۾ اها گفتگو ويٺي ڪئي، ته ٻنهي کي شهنشاهه گهرايو،
ٻئي ڄڻا ويا ته درٻار جي ٻاهران ٻه سنجيل ٺهيل
گهوڙا بيٺل ڏٺائون. ابوالقاسم چرچو ڪندي چيو ته
”هي ٻئي گهوڙا جيڪر اسان ٻنهي کي ملن ته ڪهڙو نه
چڱو؟“ تنهن تي خسرو خان چيس ته ”دلجاءِ رک توکي
انهن مان هڪڙي گهوڙي سان گڏ هاٿي به ملندو“. انهن
جو چرچو به ساڀيان ٿي پيو، جيئن ته شهنشاهه اهي
ٻيئي گهوڙا ۽ سروپائون عطا ڪيون ۽ خان زمان گهر
پهتو، ته شهنشاهه جي طرفان هاٿي به اتي اچي مليس ۽
حڪم ملين ته ”ٺٽي ۾ مرزا غازي بيگ صغير سان مددگار
رهي اُتي جو چرخو وڃي هلايو.“
ابوالقاسم خان زمان کي جيڪو گهوڙو شهنشاهه اڪبر اعظم ڏنو هو،
سو عجيب قسم جو گهوڙو هو. ان گهوڙي کي ”مرگهه“
(هرڻ) ڪري سڏيندا هئا، هڪڙي جنگ جي ميدان ۾
ابوالقاسم خان زمان جا ٻه جاني دوست ڪري پيا. هڪڙو
مري ويو ۽ ٻيو زخميل هو. ابوالقاسم پنهنجي مئل
دوست کي گهوڙي جي ڀيٽ سان کڻي ٻڌو ۽ زخميل دوست کي
پنهنجيءَ پٺيءَ تي کڻي ٻڌائين. پوءِ گهوڙي تي چڙهي
ٽي ڏينهن جنگ ڪندو رهيو، تنهن کان پوءِ ڀاڄ
کاڌائين. گهوڙي ٽي ڏينهن نه پاڻي پيتو هو ۽ نه گاه
چريو هو. تنهن هوندي به ڀاڄ وقت اهي ٽيئي بار کڻي
تيستائين ڊڪندو رهيو جيستائين ڪه پنهنجي ڌڻيءَ کي
سلامتيءَ واري هنڌ وڃي پهچايائين. اُتي پهچڻ شرط
گهوڙي دم ڏنو. ابوالقاسم اتي جو اتي گهوڙي جي قبر
ٺهرائي، تنهن تي عمدو منارو ٺهرايائين، جو اڄ
تائين ”مرگهه منارو“ سڏبو آهي. سانڱره واه جي ڪپ
تي شاهه گهريو نالي قلعو ٺهرايو هئائين، جو هينئر
زبون ٿي ويو آهي. (تحفة الڪرام)
(3) مير ابوالقاسم سلطان بن ابوالقاسم خان زمان
مير ابوالقاسم سلطان هجري سنه 969 (سنه ع) ۾ ڄائو هو. هيءُ
بهادر، سخي ۽ هوشيار شاعر هو، سندس تخلص هو
”بيگلر“ ادراڪي بيگ لار نالي هڪڙي شاعر ”چنيسر
نامه“ نظم ۾ ٺاهيو هو، سو مير ابوالقاسم جي نالي
ظاهر ڪيو هئائين. ابوالقاسم سلطان جا مختصر تاريخي
ڪارناما
(1)
مرزا غازي بيگ جي بيان ۾ ڏنا ويا آهن. (تحفة
الڪرام)
(4) خسرو خان چرڪس
هيءُ امير چرڪس خان جي اولاد مان هو، جيڪو چرڪس خان چنگيز خان
جي بنياد مان هو. چرڪس خان جي حڪومت قبچاق جي
بيابان ۾ هئي، خسرو خان پنهنجي وطن مان لڏي مرزا
عيسى ترخان جي زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو هو. مرزا عيسى
هن جي فضيلت ۽ چالاڪي ڏسي کيس عملداري ڏني. مرزا
محمد باقي جي وقت ۾ وڌيڪ عزت حاصل ڪيائين. مرزا
جاني بيگ جي وقت ۾ خاص درٻاري امر ٿيو، خير خيرات
به هن جيتري ٻيو ڪو به امير نه ڪندو هو. ٺٽي شهر،
مڪلي ٽڪريءَ ۽ ان جي آسپاس ٽي سؤ سٺ جامع مسجدون،
مقبرا، پليون، کوهه ۽ تلاءَ ٺهرايا هئائين. هڪڙي
ڀيري پنهنجي ماڙيءَ تي بيٺو هو ته ڪنهن پاڙيسريءَ
زال تي نظر پئجي ويس جيڪا گهر ۾ پئي وهنتي، تنهن
تي عالمن کي گهرائي پڇيائين ته ”مون کان هيءَ چوڪ
ٿي ويئي آهي، انهيءَ گناهه لهڻ جو جيڪڏهن ڪو شرعي
رستو نه هجي ته آءٌ پنهنجو اکيون ڪڍائڻ لاءِ تيار
آهيان“ انهيءَ تي عالمن چيس ته ”مسڪين کي في سبيل
الله کاراءِ ۽ خيرات ڏي ته اهو گناهه توتان لهي
وڃي“ آخر عالمن جي چوڻ موجب ڪيائين خسرو خان چرڪس
جا تاريخي ڪارناما مرزا غازي بيگ جي بيان ۾ ڏنا
ويا آهن. (تحفة الڪرام)
(5) مير احمد بيگ
مير احمد بيگ پهريائين جاني بيگ جو خاص نوڪر هو. پوءِ مرزا غازي
بيگ جي وقت ۾ سندس عزت زياده ٿي. مرزا غازي بيگ هن
کي ”سلطان“ جو لقب ڏنو هو ۽ ٺٽي ۾ سڀني سرڪاري ڪمن
جي نظرداري سندس حوالي ڪئي هئائين. جڏهن مرزا غازي
بيگ قنڌار جو گورنر ٿيو، تڏهن به مير احمد بيگ ان
سان نهايت وفادار ۽ ڪارائتو همراه ٿي رهيو هو.
(تحفة الڪرام)
(2) ٺٽي جو نواب مرزا رستم
مرزا غازي بيگ جي وفات ڪرڻ ۽ خسرو خان چرڪس جي بي دخل ٿيڻ کان
پوءِ مير عبدالرزاق ڪچيءَ طرح ٺٽي جو نواب ٿي رهيو
هو، جيستائين شهنشاهه جهانگير جي طرفان نواب مرزا
رستم پڪيءَ طرح ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو.
مرزا رستم بن سلطان حسين مرزا بن مرزا بهرام بن شاهه اسماعيل
صنعوي شهنشاهه ايران، پهريائين قنڌار طرف داور
علائقي جو گورنر هو. پوءِ جڏهن ازبڪن خراسان تي
غلبو ڪيو، تڏهن انهن سان پڄي نه سگهڻ ڪري هو هجري
سنه 1002 (سنه 1593ع) ۾ داور ڇڏي سڌو اڪبر بادشاهه
وٽ آيو، جنهن کي پنهنجي درٻاري ڪمن ۾ لڳائي ڇڏيو.
جهانگير بادشاهه وري مرزا رستم کي ”پنج هزاري“ (5
هزارن سپاهين جي سپهه سالاري جو عهدو) لقب ڏيئي
ٺٽي جو گورنر ڪري موڪليو. جهانگير بادشاهه جي
فرمان موجب مير عبدالرزاق ائڪٽنگ گورنر ٻه لک رپيا
روڪڙا انعام ۽ راهه خرچ بابت ۽ ٺٽي جي سموري وصول
ٿيل ڍل پگهار جي عيوض مرزا رستم کي اچڻ شرط ڏني،
جيتوڻيڪ ٺٽو مرزا رستم کي جاگير طور مليو هو ته به
جهانگير بادشاهه جي پاران تاڪيدي فرمان مليو هوس
ته ”ساري علائقي ۾ سڌارا ڪج. رعيت کي آسودو رکج
جيئن ترخان حڪومت جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن جا ڏک ۽
تڪليفون رعيت کي وسري وڃن.“ جهانگير بادشاهه کي
اميد هئي ته مرزا رستم عدل ۽ انصاف سان وڃي لوئر
سنڌ سنڀاليندو. پر نتيجو برخلاف نڪتو. هن ٺٽي ۾
اچڻ شرط اهڙو مردم آزاريءَ جو رستو ورتو، جو سوين
پڪارون جهانگير بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي پهتيون،
تنهن تي جهانگير بادشاهه ان کي موقوف ڪري راجا
سڪدلان کي ٺٽي جو گورنر ڪري موڪليو ۽ حڪم ڪيائين
ته جيستائين ٺٽي جي ماڻهن جي پڪارن جو پورو پورو
انصاف ٿي رهي تيستائين مرزا رستم کي ٻئي ڪنهن به
پاسي وڃڻ جي اجازت نه آهي.
ٻن ورهين کان پوءِ جهانگير بادشاهه اها بندش مرزا رستم تان لاٿي
۽ کيس وري پهريائين الهه آباد جو ۽ پوءِ پاٽنا ۽
بهار جو گورنر مقرر ڪيائين. اتي شاهه جهان بادشاهه
جي حڪومت جي پڇاڙيءَ تائين رهيو. تنهن کان پوءِ
پينشن وٺي آگره ۾ حياتيءَ جا باقي ڏينهن اچي
گذاريائين.
مرزا رستم قابل شاعر هو ۽ سندس تخلص هو ”فدا“، مرزا رستم جو
ڀاءُ مرزا مظفر حسين به پهريائين قنڌار علائقي جو
حاڪم هو، پر پوءِ ازبڪن جي غلبي ڪري اتان ڀڄي هجري
سنه 1003 (سنه 1594ع) ۾ اڪبر بادشاهه وٽ آيو، جنهن
سنبل علائقي جو گورنر مقرر ڪيس، مير مظفر حسين به
برجستو شاعر هو. مرزا رستم جو پٽ مرزا مراد وري
شاهه جهان بادشاهه جو درٻاري امير ۽ هوشيار شاعر
هو، جنهن کي شاهه جهان بادشاهه ”التفات خان“ لقب
ڏنو هو. (تحفة الڪرام)
(3) نواب مرزا مصطفى خان
مرزا رستم کان پوءِ جلد ئي مرزا مصطفى خان کي جهانگير بادشاهه
ٺٽي جو نواب ڪري موڪليو، جيڪو ٿورڙن ئي ڏينهن ۾
موقوف ٿي ويو. (تحفة الڪرام)
(4) نواب مرزا بايزيد بخاري
جهانگير بادشاهه جي پندرهين جلوسي سال ۾ يعني هجري سنه 1028
(سنه 1625ع) ۾ مرزا بايزيد بخاري ٺٽي جو گورنر ٿي
آيو. جهانگير بادشاهه هن کي ”دو هزاري“ (ٻن هزارن
سپاهين جي سپهه سالاري) جو عهدو ڏنو، پر في الحال
هو ڏيڍ هزار سپاهين سان ٺٽي ۾ رهيو. هو پهريائين
بکر ۾ ”فوجدار“ هو (تحفة الڪرام)
|