29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

پنهنجي پاران

ڀاڱو پهريون

ديباچو

باب ٻيو

سنڌ جي قديم تاريخ

باب ٽيون

هندوستان تي قديم زماني ۾ غير قومن جا حملا

باب چوٿون

راءِگهراڻو ۽ راجا چچ جو عروج

باب پنجون

سنڌ جي هندو سلطنت جي پڄاڻي

ڀاڱو ٻيو

باب پهريون

سنڌ جي تاريخ

باب ٻيو

خلافت بني اميه جو باقي زمانو

باب ٽيون

عباسي خلافت جي ابتدا

باب چوٿون

هارون رشيد کان مامون جي آخري زماني تائين

باب پنجون

سنڌ ۾ عباسين جو آخري اثر

باب ڇهون

سنڌ جا خودمختيار عربي نسل حاڪم

ڀاڱو ٽيون

باب پهريون

سنڌ تي عربي جي حڪومت جي پڇاڙي

باب ٻيو

سنڌ جي غزنوي گهراڻي ۽ دهليءَ جي ٻين بادشاهن جي حڪومت

باب ٽيون

سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت

باب چوٿون

سما

باب پنجون

سومرن ۽ سمن جي وقت جا بزرگ ۽ درويش

ڀاڱو چوٿون

ارغون خاندان جو بنيادي احوال

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب: --

صفحو :1

 تاريخ سنڌ

مولوي نور محمد نظاماڻي

 

پنهنجي پاران

سڀ ساراهون الله واحد وحده کي جڳائين، جيڪو جهانن جي جوڙ جوڙيندڙ، مالڪ مٺو مهربان آهي. لکين درود ۽ سلام ڪائنات جي ڪارڻي مٺڙي محمد ڪريم صلي الله عليه وآلہٖ وسلم تي پڙهجن، جن جي ڪري هي جهان جوڙيا ويا ۽ جيڪي شافع محشر آهن.

سونهاري سنڌ جي تاريخ تمام قديم آهي. ابن حوقل جي تحقيق مطابق سنڌ ملڪ جون حدون هاڻوڪي آزاد ڪشمير تائين هيون. پهرئين صدي هجريءَ/ اٺين عيسوي صديءَ م سنڌ ملڪ ۾ موجوده بلوچستان کان سواءِ مڪران جا ڪجهه اڀرندا ضلعا شامل هئا. اتر ۾ هن جون حدون جهلم تائين، ڏکڻ ۾ جيسلمير ۽ مارواڙ جا ڪجهه علائقا پڻ شامل هئا.

محمد بن قاسم جي سنڌ اچڻ وقت 93 هجري /712ع ۾ هن جون حدون ملتان تائين هيون. تاريخ قومن جي سماجي، ثقافتي، مذهبي، سياسي، معاشي، تهذيبي ۽ تمدني حالتن جو رڪارڊ آهي. سنڌ ملڪ جي قدامت جي لحاظ سان، هن جي تاريخ تي ڪم ٿي نه سگهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه سٺا ڪتاب پڻ لکيا ويا آهن. جن جا مصنف سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر هندوستان جا مؤرخ رهيا آهن.

مهراڻ اڪيڊمي پنهنجي قيام وقت، پنهنجي اشاعتي رٿا ۾ تاريخ سنڌ کي اوليت ڏني. هن کان اڳ ” سنڌ جي تاريخ“، از عبدالحليم شرر ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب شايع ڪري چڪا آهيون.

اوڻويهه سؤ ٽيهن چاليهن واري دؤر ۾ جنهن اداري سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪندي، ڪيترائي ملهائتا ڪتاب شايع ڪيا، تن ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ“ جو نالو جرڪندڙ نظر اچي ٿو.

هي ڪتاب ”تاريخ سنڌ“، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ پنجن جلدن ۾ شايع ڪرايو هئو، جنهن جو وچور هن ريت آهي:

ڀاڱو پهريون: ”قديم سنڌ“ مؤلف: مولوي نور محمد نظاماڻي، ڇپائي جو سال 1931ع

ڀاڱو ٻيو: عرب گورنرن جي حڪومت جو احوال مؤلف: مولوي نور محمد نظاماڻي، ڇپائي جو سال 1931ع.

ڀاڱو ٽيون: سومرا ۽ سمان مؤلف: عبدالغني عبدالله، ڇپائي جو سال 1932ع

ڀاڱو چوٿون: ارغون ۽ ترخان مؤلف: محمد صديق مسافر ڇپائي جو سال 1941ع

ڀاڱو پنجون: سنڌ ۾ مغلن جا نواب مؤلف: محمد صديق مسافر ڇپائي جو سال 1942ع

(بحواله: ڪتاب سنڌ جي تاريخ ڀاڱو چوٿون جو نوٽ – بقلم محمد صديق ميمڻ، سيڪريٽري مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون 1941ع، مسلم ادبي اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس حيدرآباد سنڌ)

ازانسواءِ سوسائٽيءَ غازي محمد بن قاسم رحمة الله عليہ جي فتوحات، ملڪي انتظام ۽ اصلاحات جو احوال ”فاتح سنڌ“ نالي ڪتاب ۾ جدا شايع ڪيو هو. اڪيڊميءَ کي اهو اعزاز ملي رهيو آهي ته سوسائٽيءَ جي شايع ڪيل پنجن ئي جلدن کي يڪجا ڪري هڪ جلد ۾ شايع ڪري رهي آهي. اهڙيءَ ريت هڪ اڻ لڀ ۽ ناياب ڪتاب جا سمورا جلد هڪ هنڌ گڏ پڙهندڙن تائين پهچي رهيا آهن.

هن ڪم ۾ اڪيڊميءَ جي اشاعتي ڪاميٽي جي روح روان، سائين انجنيئر عبدالملڪ ميمڻ صاحب جون ڪوششون ۽ منهنجي بزرگ ۽ علم پرور دوست ڊاڪٽر محمد يوسف ميمڻ يوسفيه لائبريري ميرپورخاص جو اڻ لڀ ڪتاب ڳولهي ڏيڻ ۾ سهڪار، واکاڻ جوڳو آهي، ڊاڪٽر صاحب وڏي ڪوشش وٺي سوسائٽيءَ وارا سمورا جلد هٿ ڪري فراخدليءَ سان اسان کي ڏنا.

مون کي اميد آهي ته سنڌي پڙهندڙ هن ڪتاب جو قدر ڪندا ۽ ٻين ڪتابن وانگر هٿئون هٿ وٺندا.

 

قمر ميمڻ

سيڪريٽري

مهراڻ اڪيڊمي

 

 

تاريخ سنڌ

 

ڀاڱو پهريون

 

قديم سنڌ

مولوي نور محمد نظاماڻي


 

 

بسم الله الرحمٰن الرحمان

ديباچو

تاريخ نويسن زماني کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. هڪ تاريخي زمانو جنهن ۾ خود اڄوڪو زمانو به داخل آهي. ان جو مطلب هي آهي ته جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ڪو وڏو واقعو يا ڪا خاص ڳالهه ٿي ۽ ماڻهن ان کي پوري طرح لکي ڇڏيو، ته اهي تحريرون تاريخي زماني ۾ شمار ڪيون وينديون.

ٻيو زمانو روايتي تاريخ جو زمانو ڪوٺيو وڃي ٿو. يعني ان وقت جا پورا پورا حالات ته نه لکيا ويا، پر قصا، ڪهاڻيون، روايتون، مذهبي گيت، پراڻا سڪا ۽ ڪتبا موجود آهن، جن مان ان وقت جي ڪن احوالن جو پتو ملي ٿو.

مگر ٽيون زمانو اهو آهي، جنهن جا قصا ڪهاڻيون به باقي نه رهيون آهن، البت زمين مان ڪنجهي، پتل ۽ پٿر جا ٿانوَ ۽ اوزار پوريل نڪرن ٿا، جهڙا هينئر تازو موهن جي دڙي مان نڪتا آهن. انهن مان پتو پوي ٿو ته هتي به ڪي ماڻهو رهندا هئا، هن زماني کي تاريخ جو مقابل (اڳيون) زمانو ڪوٺيو وڃي ٿو. جنهن جو نشان آهي. ق – م.

هنن ٽنهين زمانن مان تاريخي لحاظ سان ڪهڙو زمانو وڌيڪ اعتبار جي لائق آهي، سو سڀڪو سمجهي سگهي ٿو، يعني اهو زمانو جنهن ۾ قلم کان ڪم ورتو ويو آهي.

هاڻي اچو هن ملڪ جي تاريخ تي، جنهن سان نسورو ظلم ٿي گذريو آهي، ڇو ته عربن جي اچڻ کان اڳ هتي جي باشندن مان ڪنهن به هن ملڪ جي ڪا تاريخ قلم بند نه ڪئي.

مسلمانن جي نزديڪ هي ملڪ باب الاسلام يعني اسلام جو دروازو ليکيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو انهن سڀ کان اول هندستان جي هن ئي ڀاڱي کي فتح ڪيو.

في الحقيقت مسلمانن جو اهل هند تي هي پهريون احسان آهي، جو هنن فاتحانه حيثيت سان ايندي شرط هن ملڪ جي مڪمل تاريخ لکي. هنن 712ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ ان کان اڳ هڪ سؤ ورهيه جا حالات کين ملي سگهيا، جتان کان وٺي هنن سنڌ جي تاريخ لکڻ شروع ڪئي، جا تيسين پوري تفصيل سان لکندا آيا، جيسين هن ملڪ سان سندن حاڪمانه تعلق قائم رهيو.

هتي مون کي فقط هي ڏيکارڻو آهي ته هن تاريخ لکڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. مخفي نه رهي ته اسڪولي زندگي ختم ڪرڻ بعد جڏهن مون کي ٻين علمن ۾ درڪ حاصل ٿيو، مطالعي جي شوق مون کي تاريخ جي روشني بخشي، تڏهن ڏٺم ته اسڪولن جي اندر جيڪي تاريخون پڙهايون وڃن ٿيون سي هڪ ته اصليت جي سراسر خلاف آهن ۽ ٻيو وري بلڪل نامڪمل. خصوصاً هندوستان ۾ سنڌ ئي اهو ملڪ آهي، جنهن جي تاريخ ڏي توجه ڪرڻ جي مون کي سخت ضرورت نظر آئي. ڇو ته انگريزي ۽ فارسي ناواقف مصنفن جي هٿان جيترو ظلم هن ملڪ جي تاريخ تي ٿيو آهي، اوترو ڪنهن به ملڪ تي نه ٿيو هوندو. بيشڪ زماني جي مختلف حوادث ۽ انقلابات مان هميشه هر قوم ۽ هر ملڪ کي نقصان پهچندا ٿا رهن، مگر جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪو نقصان پهچي ٿو، ته ڪڏهن فائدي جي صورت به نظر اچي ٿي وڃي، پر هي ملڪ سنڌ جو اڄ زمين جي هڪ بلڪل ٿورڙي حصي جو نالو آهي، سو شايد زماني جي هٿان ڪو ڪڏهن نصيبن سان بهره ور ٿيو هجي ته خدا ڄاڻي. ليڪن حاصل شده حالات مان ائين معلوم ٿو ٿئي، ته هي غريب هميشه کان زماني جي دست برد جو شڪار رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ترقيءَ جي دنيا ۾ هر هنڌ جي ماڻهن جو ڪجهه نه ڪجهه ذڪر ضرورت ٻڌڻ ۾ پيو اچي. مگر نٿو ٻڌجي ته افسوس هن ئي ملڪ جي ماڻهن جو. سو رڳو ان ڪري جو هتي علم جي روشني بلڪل گهٽ آهي ۽ بيشڪ علم کان سواءِ انسان کي ڪا عزت حاصل ٿي نٿي سگهي.

مطلب ته هيءَ حالت ڏسي، مون ان وقت کان وٺي دل ۾ پڪو ارادو ڪيو، ته جڏهن به خدا ڪا توفيق بخشي ته هندوستان جي هن ڀاڱي جي سچي ۽ مڪمل تاريخ ضرور سنڌي زبان ۾ رکندس. مگر انهيءَ ارادي کي پايه تڪميل تي پهچائڻ لاءِ وڏي ضرورت هئي سرمائي جي، سو ڪٿان اچي؟ مگر بفحواءِ ڪل امر مرهون باوقار تها آخر جو ڪم خداوند تعالى کي منظور ٿئي ٿو، تنهنجي سر انجامي جا اسباب ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور پيدا ٿي پون ٿا. چنانچه ٿيو به ائين جو بحسن اتفاق حيدرآباد ۾ مارچ 1931ع ۾ ”مسلم ادبي سوسائٽي“ قائم ٿي، جنهن اسلامي ڪتابن جي اشاعت جو ڪم هٿ ۾ کنيو، ۽ خاڪسار کي به هن خدمت لاءِ منتخب ڪري، سنڌ جي تاريخ لکڻ جو ارشاد فرمايو، جا مختلف ڀاڱن ۾ لکي ويئي آهي. هيستائين جيڪي حصا منهنجي قلم مان نڪتا آهن.، سي عربن جي حڪومت تي هلي ختم ٿين ٿا.

آءٌ دعوى سان چوان ٿو، ته هن کان اڳ سنڌ ملڪ ۾ ههڙي مفصل تاريخ، سنڌي ته سنڌي پر فارسي زبان ۾ به (جا عربن کان پوءِ اوڻيهين صدي تائين هن ملڪ جي دفتري زبان رهي) ڪڏهن نه ڏٺي هوندي. ان جو سبب فقط هي آهي، جو ڪنهن به فارسي مؤرخ، تاريخ سنڌ جي انهيءَ حصي تي جو عربن سان تعلق رکي ٿو، ڪا توجه نه ڏني. جنهن لاءِ ضرورت هئي عربي تاريخن ڏسڻ جي. سي هنن مطلق نه ڏٺيون، ۽ ائين ئي الله توآهر ڪري، جيڪي ٻڌائون سڌائون سو لکي وڃي پار چڙهيا. انهيءَ ڪري سنڌ جي ڪا به مڪمل تاريخ تيار نه ٿي. جيڪي ٿيون تن جو هجڻ نه هجڻ جي برابر هو، جنهن جي ثبوت ۾ هن تاريخ جو وجود ڪافي شهادت رکي ٿو.

وري به آفرين آهي، رياست حيدرآباد دکن جي وزير وقار الامراءَ بهادر کي، جنهن مولانا عبدالحليم شرر صاحب کي پنج هزار روپيا بطور انعام ڏيئي، سنڌ جي تاريخ لکڻ لاءِ سندس پوري پوري حوصلا افزائي ڪئي. انهيءَ صاحب اردو زبان ۾ تاريخ سنڌ جا ٻه حصا نهايت اعلى پيماني تي تيار ڪري 1907ع ۽ 1909ع ۾ شايع ڪيا. مگر افسوس! اڄ اُهي حصا به ناياب ٿي ويا آهن.

اگرچه ان مولانا صاحب جي ڪن مضمونن سان منهنجو اختلاف به آهي، مگر اهڙو ماڻهو ٿي ڪري جو (سندس قول موجب) نه ڪڏهن سنڌ ۾ آيو، تنهن هن تاريخ لکڻ ۾ جنهن محققانه دماغ ريزي ۽ وسيع النظري کان ڪم ورتو آهي، سا ڏسي حيرت وٺي ٿي وڃي. بيشڪ آءٌ سندس مؤرخانه ڪمالات جو داد ڏيندي اقرار ٿو ڪريان، ته جيڪڏهن مون کي مولانا صاحب جي تصنيف هٿ نه اچي ها ته منهنجو هي ڪتاب موجوده صورت کان گهڻو گهٽ درجي تي رهجي وڃي ها.

منهنجي هن تاريخ جي تيار ٿيل پهرين ٻن حصن جو وڏو ڀاڱو عربن جي بار احسان جو گرويده آهي جنهن جي ثابتي لاءِ عربي تاريخن جا ڏنل حوالا ڪافي دليل آهن. سچ پچ  جيڪڏهن عرب اها خدمت سر انجام نه ڏين ها ته سنڌ کي هي تاريخي سوجهرو ڪڏهن به نصيب نه ٿئي ها. بلڪ جهڙي طرح هوءَ اڳي لاعلمي جي تاريڪي ۾ گم هئي، تيئن ئي رهندي اچي ها.

عربن هن ملڪ جي شهرن جا جيڪي نالا لکيا آهن تن جو اڄ پورو پتو پئجي نٿو سگهي. ان ڪري جو هڪ ته انهيءَ وقت جي شهرن مان ڪي شهر هن وقت موجود ئي ڪونهن. جي آهن ته شايد سندن اهي اڳوڻا نالا بدلجي ويا آهن. ٻيو سنڌي زبان جي ڪن حرفن جا اُچار اهڙا آهن، جي ڪنهن به غير زبان وارو ماڻهو صحيح طور هرگز ادا ڪري نٿو سگهي. اها ساڳي مجبوري عربن کي به پيش آئي، جنهن ڪري عربن جا لکيل ڪي نالا سمجهه ۾ اچي نٿا سگهن. مثلاً هڪ شهر جو نالو ”بودابور“ لکيو ويو آهي جو ”ٻڍاپور“ ٿو ڀانئجي. ”راور“ مان ”روهڙي“ سمجهڻ ۾ ٿو اچي. هڪڙي ”الور“ شهر جا نالا عرب سياحن ۽ مؤرخن جي قلم مان نڪتل ڪيترن ئي مختلف صورتن ۾ نظر اچن ٿا. جيئن ته مسعودي ”الرور“ لکي ٿو، ابن خردار ”الدور“ ٻڌائي ٿو. اصطخري هڪ هنڌ ”الروز“ لکي ٿو، ۽ ٻيءَ جاءِ تي ”الزور“، اشڪال البلاد جو مصنف هڪ جاءِ تي ”الدور“ ۽ ٻيءَ جاءِ تي ”الرور“ لکي ٿو. ابن حوقل ”روز“ ۽ ”الروز“ لکيو آهي. مرا صدا  لا طلاع ۾ ”الرور“ لکيل آهي. على هذا القياس ٻين شهرن جي به اها حالت آهي.

هن ملڪ ۾ ڦٽل شهرن جا کنڊر گهڻائي موجود آهن، مگر يقيني طرح سڀ ڪنهن کنڊر لاءِ چئي نٿو سگهجي ته هي فلاڻو ڪه فلاڻو شهر هو. يا عربن جي زماني ۾ ان جو نالو ڇا هو؟ مثلاً ”منصوره“ نالي ان وقت جو هڪ شهر هو، جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي ئي حصي ۾ آيل آهي. ان جي متعلق مصنف ”فاتح سنڌ“ جي راءِ آهي ته اهو بکر جو شهر آهي. مرزا قليچ بيگ صاحب لکي ٿو، ته هي شهر برهمڻ آباد جي ڀر ۾ هو مگر عرب جي آخري سياح علامه مقدسي (جو سنه 375 هه ڌاري هن شهر مان گهمي ويو آهي)  پنهنجي بيان ۾ جيڪي نشان پتا ڏنا آهن تن مان ائين ٿو ڀانئجي ته هي شهر ڪو سيوهڻ جي ويجهڙائي ۾ هو ۽ ڦٽي ويو آهي. انهي ڪري منهنجو خيال چوي ٿو ته ”منصوره جو اکر سنڌي زبان جي چرخي ۾ اچي، آخر سيوهڻ جي ڀر واري ڍنڍ،“ منڇر جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. والله اعلم بالصواب اهڙي طرح ديول بندر جي متعلق به مختلف رايا آهن.

منهنجو خيال هو ته هن ڪتاب ۾ ڪن مشهور مشهور کنڊرن جي متعلق معلوم ٿيل حقيقتون کولي لکندس مگر عجلت نگاري سبب هي ارادو پورو نه ٿي سگهيو آهي، سي اهڙيون نه آهن، جي واقعات تي ڪو غلط اثر وجهي سگهن. تنهنڪري پڙهندڙن کي اهڙن اختلافن تي ڪنهن به مؤرخ جي غلط بياني تصور ڪرڻ نه گهرجي، ڇو ته هن قسم جون ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جو اڄ ڪو صحيح فيصلو ڪري نٿو سگهجي.

بهرحال پنهنجي علم ۽ واقفيت موجب جيڪي مون کان پڄي سگهيو، سو اهل ملڪ جي خدمت ۾ عرض رکيو اٿم. اميد ته ارباب علم و فضل منهنجي هن حقير محنت کي هن ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي سپاهيانه جرات بخشيندا، ته پاڻ کي هن خدمت جو اهل سمجهي، جيترو ٿي سگهي اوترو هن ڪتاب جي باقي رهيل حصن کي سينگارڻ جي زوردار ڪوشش ڪريان.

نيز مخفي نه رهي، ته مون جنهن قليل عرصي جي اندر هي ڪتاب لکي تيار ڪيو آهي، ان جي پوري خبر هن سوسائٽي جي اعلى ڪارپرداز کي آهي. ڪتاب اهڙي عجلت سان لکيو ويو آهي، جو نظرثاني جي فرصت به نه ملي سگهي، ۽ نه پروف ڏسڻ جو موقعو ملي سگهيو. بلڪ جيئن لکي صاحب موصوف جي حوالي ڪيو ويو تيئن وري تڏهن ڏٺو ويو جڏهن ڇاپجي عام طرح دنيا جي هٿن ۾ پهتو. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن به صاحب کي هن ۾ ڪا غلطي نظر اچي، ته مهرباني ڪري مون کي معذور سمجهي، نه فقط معافي عطا فرمائي، بلڪ ان سان گڏ مون کي انهي غلطي تي آگاهي بخشي، ته ٻئي ڇاپي ۾ سڌارو ڪيو وڃي. والسلام مع الڪرام

 

 

تاريخ 2 جنوري 1932ع               خاڪسار

                                نور محمد نظاماڻي ”انور“

 

 

اللهم مالک الملک توتي الملک من تشاءُ وتنزع الملک ممن تشاءُ و تعز من تشاءُ و تذل من تشاءُ بيدک الخير انک على کل شيءِ قدير. (قرآن)

تاريخ سنڌ جي ابتدا

سخت افسوس جي ڳالهه آهي جو هن ملڪ تي سنڌ نالي پوڻ جو ڪو صحيح ۽ يقيني سبب ڪنهن به تاريخ مان ملي نٿو سگهي. تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته هند ۽ سنڌ ٻه ڀائر حام بن نوح عليہ السلام جا پٽ هئا. جن جي حڪومت سندن اولاد سميت هن ملڪ تي گهڻو وقت رهي تنهن ڪري انهن جي ئي اثر کان هن سر زمين جي هڪ ڀاڱي تي هند ۽ ٻئي ڀاڱي تي سنڌ نالو پيو آهي. مولانا شرر صاحب پڻ باوجود ڪامل تحقيقات جي ان امر تي سخت افسوس جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته آريا ماڻهن جي اچڻ کان اڳ هتي جي اصلي ۽ غير آريا رهاڪن ۾ هي ملڪ ڪهڙي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو سو پتو ملي نٿو سگهي. مگر آريا ماڻهو جڏهن هندوستان ۾ آيا تڏهن انهن پهريائين ملڪ جي انهي ساري حصي تي قبضو ڪيو جو درياءُ اٽڪ تي آباد آهي ۽ پنهنجي طاقت کي پختو ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ فتح ڪيل ملڪ تي پورو غلبو حاصل ڪري پنهنجي ڪاهن جي رفتار کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ هتي ئي ساڪن ٿي ويا. انهي سببان تن ڏينهن ۾ هي درياءَ آريا ماڻهن جو درياءَ ڪوٺيو ويندو هو.

(تاريخ پنجاب – سيد محمد لطيف)

ڪجهه ڏينهن بعد آرين هن درياءَ جو نالو سنڌو رکيو. ان ڪري جو سندن زبان سنسڪرت ۾ سنڌو جي معنى هئي دريا، ۽ سندن اعتقاد ۾ سمنڊ جو ديوتا هن نالي سان ياد ڪيو ويندو هو. (تاريخ هنٽر)  پوءِ جڏهن اهي هن ملڪ ۾ پکڙيا ۽ درياءَ اٽڪ سان موجوده پنج نديون ۽ سرسوتي ندي گڏيل نظر آين تڏهن هن سر زمين کي سپتا سنڌو (ست نديون)  ڪوٺڻ لڳا. هنن مان سرسوتي جا سڀني ندين جي اڀرندي ۽ سڀني کان ننڍي آهي، ۽ هن وقت گهڻو ڪري خشڪ رهي ٿي مگر حضرت عيسى کان ڇهه ست سؤ ورهيه اڳي بلڪل وڏي ندي بيان ڪئي وڃي ٿي تنهن بابت هندن جو اعتقاد آهي ته اها اتان غائب ٿي وڃي گنگا ۽ جمنا سان ملي آهي.

ڪن انگريزي محققن جي حساب سان حضرت عيسى عليہ السلام کان تقريباً پندرنهن سؤ ورهيه اڳي آريا قوم اڀرندي طرف پنهنجو قدم وڌايو ۽ وڃي گنگا تائين پهتا، مگر ٻين دليلن مان معلوم ٿو ٿئي ته هي انهي زماني کان گهڻو اڳي جو واقعو آهي. خير هي واقعو ڪهڙي به زماني جو هجي مگر اهي ماڻهو پنهنجي هن فتحمندي جي رفتار ۾ جيئن جيئن اڳتي وڌندا ويا تيئن تيئن هي ملڪ سنڌو به وڏو ٿيندو ويو. هنن بهادر فاتحن جي جهنڊي سان گڏ هي نالو اڀرندي طرف وڌندو هليو ويو، ۽ انهن سڀني ملڪن تي پنهنجو پنهنجو قبضو ڪندو ويو جن کي آريا قوم فتح ڪري پنهنجو ڪندي ويئي. بلڪل قريب هو ته ساري هندوستان جو هي ئي نالو ٿي وڃي پر گنگا وادي تائين پهچي آرين پنهنجي قبضي  ڪيل حڪومت کي ”آريا ورت“ جو خطاب ڏيئي ڇڏيو. هيءُ هڪ اهڙو انقلاب هو جو لفظ سنڌو جي دنيا مان ميٽجي وڃڻ جو گهڻو انديشو پيدا ٿي ويو هو، مگر آرين جا پراڻا سؤٽ مغربي زبردست ويڙهاڪ ۽ حريف ايراني اهڙا نه هئا جو آرين جي مقرر ڪيل هن نئين خطاب کي تسليم ڪري وٺن. انهن هندوستان کي ڪڏهن به آريا ورت نه ڪوٺي بلڪل سنڌو ئي چوندا رهيا.

اڳتي هلي ايرانين جي زبان پنهنجي محاوري سان سنڌو کي مٽائي سنڌ بنائي ڇڏيو ۽ وري ڪو اهڙو ڦير ڦار ٿيو جو انهن ۾ لفظ سنڌ بدلجي هند ٿي ويو. ايرانين جي هن ڦير گهير کان هيڪاري زياده يقين ٿي سگهيو ٿي ته هاڻي لفظ سنڌو جو ڪو به اثر باقي نه رهندو، مگر خود هند جي اولهندي ضلعن جا ماڻهو هن کي پنهنجي زبان ۾ هلڪو ڪري سنڌ چوندا رهيا ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو هن لفظ تي زماني جي روش پنهنجو اثر نه وجهي سگهي.

ايران ۾ هي لفظ سنڌو مان هند ٿيندي ئي غير قومن جي زبان تي چڙهي اولهه جي دور دراز ملڪن جي طرف هليو ويو. عرب تائين هند ئي هو مگر يونان تائين پهچندي پهچندي اند بڻجي انڊيا ٿيو، ۽ جيئن ته انگلستان ۾ حرف دال آهي ئي ڪونه، تنهن ڪري هاڻي تقريباً  ساڍن ٽن هزار ورهين کان پوءِ ڪيتريون قلابازيون کائي هي نالو جو اصل ۾ سنڌو هو سو انڊيا بڻجي هڪ اهڙي ڦريل صورت ۾ اسان تائين پهتو جو بلڪل گهڻي غور ۽ فڪر کان پوءِ کيس سڃاڻي سگهياسين.

 

ايرانين جي غلطي ۽ ان جو اثر

معلوم ٿو ٿئي ته ايرانين سنڌو کي هند بڻائڻ کان پوءِ گهڻن ڏينهن بعد جڏهن ڏٺو ته هند جي اولهندي حصي جا ماڻهو پنهنجي وطن کي سنڌ چون ٿا تڏهن غلطي کان هنن سمجهيو ته هند انهي ملڪ جو نالو آهي جنهن کي ماڻهو آريا ورت چون ٿا. هنن جي پيروي ۾ اها غلطي عربن کان به ٿي جنهن جو نتيجو هي ٿيو جو فقط هندوستان جا مغربي ضلعا سنڌ جي نالي سان رهجي ويا ۽ باقي سڄو ملڪ هند ڪوٺجڻ لڳو ۽ ٻيو مزو وري هي ٿيو جو آريا ورت جي رهندڙن به هن بگڙيل نالي هند کي قبول ڪري ورتو ۽ انهي ئي جي طرف نسبت ڪري پاڻ کي هندو ڪوٺائڻ لڳا.

هڪ چيني سياح جو بيان

چيني سياح  هوئن ٽسانگ جو سرور ڪائنات حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي وفات کان چار ورهيه اڳي سنه 7 هجري کان 26 هجري مطابق 629ع کان 645ع تائين يعني خلافت عثماني جي ٽئين سال تائين هندوستان جي ملڪن جو سفر ڪندو رهيو، سو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته هندسوتان قديم زماني ۾ شنتو ۽ هينتو جي نالي سان مشهور هو مگر هاڻي ان جي نالي جو صحيح تلفظ (اچار) انٽو آهي. (تاريخ هنٽر)

ان مان پتو پوي ٿو ته هوئن ٽسانگ جي زماني ۾ ايرانين جو جوڙيل نالو هند به هيستائين اچي چڪو هو، ۽ انٽو ته يقيناً يونانين آندو جڏهين هو سڪندر سان گڏ هتي آيا هئا ۽ غالباً انهن جو ٺاهيل نالو هن چيني سياح جي وقت ۾ موجود هو.

 

سنڌ عربن جي زماني ۾

مسلمان فاتحن جي اچڻ وقت هند جا اوڀر وارا ضلعا سنڌ جي قبضي کان نڪري چڪا هئا. تنهن هوندي به ڪي اُهي ملڪ جي هينئر هندوستان جي حد کان نڪري ويا آهن سي به هن ۾ شامل هئا. انهي وقت تائين نه پنجاب هو نه بلوچستان، پنجاب تن ڏينهن ۾ ڪوهستان، ڪشمير جي ڏکڻ ۾ هڪ ننڍڙي وادي جو نالو هو جتي جبلن مان ننڍا ننڍا پنج چشمان نڪري هڪ ٻئي ۾ اچي مليا آهن ۽ اتان ٿي درياءَ جهلم سڏجي ٿو ۽ جتي سنڌ جي پوئين هندو شاهي خاندان جي باني راجا چچ پنهنجي ۽ ڪشمير جي راجا جي حد جون سرحدي نشانيون قائم ڪيون هيون. (چچ نامه)

بلوچ (1) جن کي عرب ماڻهو پنهنجي زبان ۾ بلوص چون ٿا، موجوده بلوچستان جي ڏکڻ وارن ڪنارن تي پيا ڦرلٽ ڪندا هئا ۽ اڃان انهن ملڪ جي ڪنهن به حصي کي پنهنجو نه ڪيو هو.

 

سنڌ جون آڳاٽيون حدون

 اُن زماني جي سنڌ جي پکيڙ جو اندازو ڪرڻو آهي ته ڏسو راجا چچ جي وقت ۾ هن ملڪ جون حدون ڪيستائين پکڙيل هيون. اتر ۾ درياءُ جهلم کان شروع ٿيندو هو ۽ ڪشمير جا هيٺيان ضلعا به ان ۾ شامل هئا. اتان ڪوهستان ڪابل ان جي سرحد کي مضبوط ڪندو افغانستان جي ڏاکڻي ۽ اڀرندي ڪنڊ تائين وٺي آيو هو. موجوده بلوچستان جي زمين شروع ٿيندي ئي سنڌ جي حد الهندي پاسي ايتري قدر پري هلي ويئي هئي جو اتر ۽ الهندي ۾ درياءُ هلمند هن جي حدبندي ڪندو هو. ڏکڻ ۽ الهندي ۾ ايران ۽ سنڌ جي سرحد انهيءَ جاءِ تي وڃي ملي هئي جتي ڪناري جي سامهون مڪران جو جزيرو نور منشور (1) آهي. ڏکڻ طرف عربي سمنڊ لهرون هڻي رهيو هو. وري ان جي ڏکڻ اڀرندي ۾ ڪڇ جو نار هو. بلڪ ڪن بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪڇ به سنڌ جي حڪومت ۾ ئي شامل هو. هتان وٺي اڀرندي سرحد شروع ٿيندي هئي. جا هڪ منجهيل صورت ۾ راجپوتانا ۽ جيسلمير جي ريگستان ۾ هڪ گمنامي جي حالت وٺي اتر واري ڪوهستان جي هيٺين ڀاڱي تائين هلي ويئي هئي. قديم جاگرافي (2) لکندڙن مان ڪي چون ٿا ته ڪشمير به سنڌ ۾ ئي داخل هو. مطلب ته انهن ڏينهن ۾ اتر واري هنڌ جو الهندو حصو سنڌ خيال ڪيو ويندو هو.

قديم زماني جي طرف جيتري قدر اڳتي نظر وڌائبي اوتري قدر ملڪ سنڌ وسيع ٿيندو ويندو ۽ ان جون حدون برابر پکڙيل نظر اينديون. مٿي ذڪر ڪيل حدون عرب فاتحن جي زماني تائين قائم هيون. مگر انهي زماني کان پوءِ اهڙا ڦير ڦار ٿيا جو سنڌ روز بروز ميٽبي ويئي، ۽ آخر وڃي اهو زمين جو هڪ ننڍڙو ٽڪرو رهيو جو اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون.

زماني جي ڦير ڦار هن جي دامن ۾ نوان نوان ملڪ پيدا ڪيا جن ان جي زمين کسي کسي نون نون نالن سان شهرت حاصل ڪئي. گويا هڪ لاوارث زمين تي نون نون ماڻهن پنهنجا گهر بڻائي ورتا. اُڀرندي وارا ضلعا ۽ شهر ته سڀ کان اڳ آريا قوم جي ئي زماني ۾ سندن جوڙيل پياري نالي آريا ورت جي نذر ٿي ويا. اُتر طرف اها ننڍي وادي (جا پنجاب جي نالي سان سڏبي هئي) وڌي وڌي هن ملڪ جي انهن سڀني زرخيز ۽ آباد ضلعن کي گهيرو ڪري ويئي جيڪي اُتر پاسي هئا. الهندي طرف قوم بلوص (بلوچ) باوجود زماني جي هٿان گهڻيون مارون کاڌيون مگر آهستي آهستي ٻين ماڻهن جي ويٺي ويٺي پنهنجو قدم وڌايو ۽ آخر سنڌ جا سڀيئي الهندي ۽ ڏکڻ وارا ضلعا پنهنجا ڪري ورتا جنهن کي اڄ بلوچستان جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو.

 

موجوده حدون

 هن وقت هي ملڪ بمبئي پريزيڊينسي جي اتر الهندي ۾ سڀني کان پويون صوبو آهي. جو درياءَ اٽڪ جي هيٺاهين وادي ۽ ان جي ڇوڙ تي گهيرو ڪري ٿو. ان جون حدون هي آهن: اتر طرف افغانستان، پنجاب ۽ رياست بهاولپور، اڀرندي طرف جيسلمير ۽ جوڌپور جون رياستون، ڏکڻ ۾ ڪڇ جو نار ۽ عربي سمنڊ، ۽ الهندي ۾ خان قلات جي حڪومت، اتر کان ڏکڻ تائين طول ۾ وڌ کان وڌ 360 ميل ڊگهو آهي. پي پوسٽن، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ هو سو ان جو طول زياده کان زياده 500 ميل ٻڌائي ٿو. ان اختلاف جو سبب غالباً هي آهي جو ان کان پوءِ ڪي اتر وارا علائقا سنڌ کان کسي پنجاب کي ڏنا ويا.

 

سنڌ جي موجوده حڪومت ۽ ايراضي

موجوده زماني ۾ هي ملڪ برٽش گورنمينٽ جي هٿ هيٺ آهي. فقط اتر اڀرندي ۾ ٿورو حصو هڪ جداگانه حيثيت سان هڪ مسلمان ملڪي سردر جي زير حڪومت آهي جنهن کي رياست خيرپور جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. ان جو مفصل احوال هن ڪتاب جي آخري حصي ۾ ايندو.

اها افسوس جي ڳالهه آهي تي گذريل زماني جون گهڻيون ڳالهيون لاعلمي جي اهڙي ڪن ۾ پيل آهن جو ڪنهن به حيثيت سان اڳين ۽ پوئين سنڌ جو مقابلو ڪري نٿو سگهجي نه ته جيڪر آبادي، ايراضي ۽ ٻيءَ هر ڳالهه ۾ مقابلو ڪري ٻڌايو وڃي ها ته موجوده سنڌ کي قديم سنڌ سان ڪهڙي نسبت آهي. بهرحال موجوده سنڌ اڳوڻي سنڌ جو چوٿون حصو به باقي نه رهي آهي.

سنڌ جو اهو حصو جيڪو انگريزي حڪومت جي تابع آهي، تنهن ۾ سال 1881ع (48014) چورس ميل ۽ رياست خيرپور جي قبضي ۾ (6109) چورس ميل زمين هئي. انهي حساب سان سنڌ جي سموري ايراضي (54123) چورس ميل آهي، جنهن تي (3417) شهر ۽ ڳوٺ آباد آهن. سڀني شهرن ۾ نالي وارو ڪراچي آهي جو عربي سمنڊ جو هڪ مشهور بندرگاه آهي. پنجاب، بلوچستان ۽ ڪابل وغيره وڃڻ لاءِ سمورو مال اتي لهي ٿو، انهي ڪري هي شهر واپار جي هڪ وڏي مارڪيٽ بڻجي ويو آهي. انگريزي حڪومت پنهنجو تختگاه به هن شهر کي مقرر ڪيو آهي، جنهن ڪري هيڪاري هن شهر جي رونق وڌي ويئي آهي. ڪراچي کي جيتوڻيڪ روزبروز ترقي ٿيندي وڃي ٿي مگر سنڌ جو پراڻو تختگاه حيدرآباد اڄ تائين هتي جي وڏن شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ زماني جا لوڏا کائيندي به ڪراچي جو مقابلو ڪري رهيو آهي.

هي ملڪ قدرتي حالات جي لحاظ کان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي جن ٻنهين حصن کي سنڌ جا ماڻهو لاڙ ۽ سري جي نالن سان سڏين ٿا. شهر سيوهڻ کان مٿي اترين سنڌ يعني سرو ۽ ان کان هيٺ ويندي سمنڊ تائين ڏاکڻي سنڌ يعني لاڙ آهي.

 

سنڌو درياءُ

هن سر زمين جي ساري رونق سنڌو درياءَ سان آهي، جو قديم زماني کان وٺي اڄ تائين هليو ٿو اچي ۽ هن ئي درياءَ جي ڪري سڀيئي قديم جغرافيه نويس يونانين کان وٺي عربن تائين ملڪ سنڌ کي ملڪ مصر سان مشابهت ڏيندا رهيا آهن. ان ڪري جو جيئن مصر جي ساري رونق ۽ آبادي بلڪ اتي جي ماڻهن جي زندگي ۽ زمين جي سر سبزي دريا نيل تي منحصر آهي، تهڙي طرح سنڌ جي رونق ۽ شادابي جو دارومدار سنڌ دريا تي آهي. هي عظيم الشان درياءَ ملڪ تبت جي انهي جبل جي پاسي کان نڪتو آهي جنهن کي ڪيلاس ڪوٺيو وڃي ٿو، ۽ جو سنسڪرت جي ديوباني ۾ ”جنت“ جي خطاب سان ياد ڪيو ويو آهي. درياءَ سنڌ جو چشمون پاڻي جي سوڙهن لڪن مان وهندو اهڙين جاين کان اچي لنگهيو آهي، جتان انسان جو گذر بلڪل ڏکيو بلڪ ناممڪن آهي. انهي کان پوءِ زمين جي سطح ۽ برٽش گورنمينٽ جي حڪومت ۾ اچي داخل ٿيو آهي، جتان هڪ هزار ميل وهي وڃي عربي سمنڊ ۾ پوي ٿو. هي درياءُ سياري جي موسم ۾ بلڪل گهٽجي وڃي ٿو. شهر اٽڪ تائين پهچڻ کان اڳي ئي درياءَ ڪابل اچي هن سان مليو آهي. ملڻ واري جاءِ تي هي ٻئي درياءَ هڪ جهڙا معلوم ٿين ٿا. اتان اڳتي وڌي يعني درياءَ ڪابل کي بغل ۾ وٺڻ بعد هي درياءُ گهڻو پکڙجي ويو آهي، جتي ان جي ويڪر تقريباً اڌ ميل جي پکيڙ ۾ آهي، اونهاري جي موسم ۾ ته انهيءَ کان به زياده ٿي وڃي ٿو. سمنڊ جي ويجهو پهچي هن جون مختلف شاخون ٿي ويون آهن، جن گهڻو ڪري انهيءَ ساري زمين کي گهيرو ڪري ورتو آهي جا عربي سمنڊ جي ڪناري تي آهي. هن عظيم الشان درياءَ جا ڪيترا ڇوڙ آهن جن جو سلسلو ستر ميلن تائين پکڙيل آهي، جتي جا بجا ٻٻر ۽ لئي جا وڏا وڏا وڻ بيٺل آهن.

 

ڏکڻ سنڌ تي سنڌو درياءَ جو دخل ۽ ان جا ڦيرا گهيرا

سنڌ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ جنهن کي لاڙ چون ٿا اتي هن درياءَ گهڻيون ڦيريون کاڌيون آهن، جن جا نشان اڃان تائين ڪيترين جاين تي موجود آهن. هي درياءَ ڪنهن زمين کي پائڻ تي ايندو آهي ته اڌ اڌ ميل تائين ڳجهي طرح اهڙو کاٽ هڻندو آهي جو خبر تڏهن پوندي جڏهن اها زمين جاين ۽ وڻن وغيره سوڌي ڌو ڌڙاڪ ڪري وڃي پاڻي ۾ پوندي ۽ پوءِ فقط ٿوري دير تائين وڏن وڏن وڻن جون ڪي چوٽيون نظر اينديون ته هائو نه ته اڪثر ڪنهن به شيءِ جو پتو پئجي نه سگهندو. جنهن پاسي کي پائي ٿو تنهن پاسي جي مٽي وري ٻئي سامهين واري پاسي اڇلي ڦٽي ڪندو آهي. ان جي هيءَ حالت ايتري حد تائين ٿئي ٿي جو ڪناري وارن زميندارن جون زمينون اڄ هن پاسي ته سڀاڻي ڦري هن پاسي ٿي وڃن ٿيون. جنهن ڪري وقت بوقت درياءَ جي ڀر وارن زميندارن ۾ تڪرار ٿيندا ٿا رهن. وري عجب هت هي جو درياءَ جو هي عمل (پائڻ) آبڪلاني جي موسم ۾ نه ٿيندو آهي بلڪ سياري جي موسم ۾ جڏهن پاڻي گهٽجي وڃي ٿو. هن درياءَ جي ڪناري واري زمين کي ڪچو ڪري سڏبو آهي، ڇو ته پاڻيءَ جي اُٿل ڪري هي ڪناري واريون زمينون هميشه سرسبز رهن ٿيون ۽ ان جي ٻنهي پاسن ٻٻر جي وڻن جا وڏا وڏا ٻيلا آهن.

لاڙ جي ڀاڱي ۾ جتي هي درياءُ گهڻيون شاخون وڃي ٿيو آهي، اتي جي زمين جو ڪو به حصو آباديءَ جي لاءِ تسلي جهڙو نه آهي، ڇو ته ان جاءِ تي درياءَ  مان روزانو نيون نيون شاخون ڦٽي زمين کي چيري پنهنجي لاءِ خاص ۽ جدا رستو پيدا ڪنديون رهن ٿيون. جيئن ته ڪڏهن ڏسبو ته جنهن جاءِ تي نشان به نه هو اتان هڪ نئين نهر جاري ٿي ويئي آهي ۽ ڪڏهن وري ان جي برخلاف وهندڙ پاڻي جي جاءِ تي ڏسبو ته واري پئي اڏامي. هن وقت برٽس سرڪار سکر وٽ درياءَ تي دروازن واري پل ٻڌائي نوان واهه کوٽايا آهن، جنهن جو مفصل احوال هن ڪتاب جي آخري حصي ۾ ايندو. هتي فقط اهو چوڻو آهي ته جيڪڏهن برٽش حڪومت کي هن ۾ ڪاميابي ٿي (جنهن جو ڀروسو ته يقين جهڙو آهي) ته پوءِ هن پل کان هيٺ نه پاڻي جو ايترو زور باقي رهندو نه درياءَ جون اهي حالتون قائم رهنديون.

 

قديم آثار (پراڻا نشان)

هن ملڪ ۾ قديم آثار بلڪل گهڻا آهن. انهيءَ ڪري ڌارين ملڪن جا سياح ائين چئي ويا آهن ته هتي ڪا دلچسپي جهڙي شيءِ آهي ته اهي نشان موجود آهن جن جا کنڊر گذريل شوڪت ۽ حشمت جي تصوير نظر جي سامهون پيش ڪن ٿا. مسلمانن جي لاءِ بالخصوص هيءَ ڳالهه زياده دلچسپيءَ جهڙي آهي جو هن ملڪ ۾ بزرگن جون درگاهون ايتريون گهڻيون آهن جو شايد ٻي هنڌ ڪٿي به نه هونديون جنهن جو مفصل احوال جيڪڏهن ضرورت ٿي ته اڳتي هلي پنهنجي پنهنجي محل ۽ موقعي تي آندو ويندو. سکر، روهڙي، سيوهڻ، مٽياري، ٺٽو، هالا، نصرپور ۽ ٻيا ڪيترا اهڙا مشهور شهر آهن جتي اڳئين زماني ۾ وڏا وڏا اسلامي مدرسا ۽ خانقاهون هيون ۽ شايد انهيءَ ئي ڪري ايرانين جو قول آهي ته ”سنڌ چئن شين سان سڃاتي وڃي ٿي. ”گرمي، خاڪ، فقير ۽ مقبرا“ غالباً اهو ئي رنگ ڏسي ڪن يورپين مصنفن هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي ته ڪابلي سيدن ۽ بيڪار مذهبي پيشوائن جي جيتري قدر پرداخت ۽ خاطر تواضع سنڌ ۾ ٿئي ٿي اهڙو ڪٿي به نه ٿيندو هوندو. هڪ قديم انگريزي مصنف لکي ٿو ته ”سنڌي ماڻهو ڪنهن به ڳالهه ۾ ايتري فياضي نٿا ڏيکارين جيتري سيدن کي کارائڻ ۾. ڪنهن به ڪم تي ايتري تياري نٿا ڪن جيتري مذهبي معاملات ۾، ۽ ڪنهن به ڪم ۾ ايترو جوش نٿا ڏيکارين جيتريقدر عيد جي خوشيءَ ۾. انهن جو ذوق ٻئي ڪنهن به شيءِ ۾ ايترو نظر نٿو اچي جيترو مقبرن کي سينگارڻ ۾.“

ماڻهن جي حالت ۽ ذاتيون

تحفة الڪرام وارو لکي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ سنڌ جي اندر جهالت جون رسمون تمام گهڻي قدر هيون جن مان ڪي اکين ڏٺيون هيٺ لکجن ٿيون:

(1) جيڪڏهن ڪنهن شخص تي ڪنهن وڏي گناهه جي تهمت رکي ويندي هئي ته هن کي انهيءَ الزام کان آزاد ٿيڻ لاءِ هي شرط هوندو هو جو هڪ وڏو مچ ٻاري کيس انهيءَ باهه مان پار لنگهڻ جو حڪم ڏيندا هئا. پوءِ جيڪڏهن هو ان مان صحيح سلامت بچي نڪرندو هو ته هن کي سچو ۽ بي ڏوهي سمجهيو ويندو هو.

(2) هيئن ڪندا هئا جو ڪنهن سائي وڻ جو پن ريشم جي ڪچي ڌاڳي سان ٻڌي ڏوهاريءَ جي تريءَ تي رکندا هئا ۽ ٻئي پاسي هڪڙي ڪوڏر باهه ۾ وجهي تپائيندا هئا. جڏهن اها تپي ڳاڙهي ٿي ويندي هئي تڏهن اها تتل ڪوڏر ڏوهاريءَ کي انهيءَ تريءَ تي رکائيندا هئا جنهن تي سائو پن رکيل هوندو هو ۽ جڏهن مقرر وقت کان پوءِ هو اها ڪوڏر زمين تي اڇلائيندو هو ته انهي هنڌ جي مٽي اهڙو جوش کائيندي هئي جهڙو ڀڳڙن واري کوري ۾ واري جوش کائيندي آهي. انهي هوندي به جيڪڏهن هو بي ڏوهي هوندو هو ته جن ماڻهن هي واقعا اکين سان ڏٺا آهن سي بيان ڪن ٿا ته ڪنهن وقت انهي ماڻهو جي تري ته بجاءِ خود پر انهي ڌاڳي ۽ سائي پن کي به باهه جو ڪو اثر نه ٿيندو هو.

(3) هڪڙي وڏي ڪاٺي انهيءِ پاڻي ۾ کوڙي ڏوهاري کي چوندا هئا ته انهيءَ ڪاٺي سان لڳ پاڻي جي تري ۾ هيٺ هليو وڃ جڏهن هو پاڻي ۾ ٽٻي هڻندو هو تڏهن هڪڙو تير کڻي ايندو هو پوءِ ٽٻي هنيل ماڻهو کي ٻاهر نڪري اچڻ لاءِ اطلاع طور پاڻي واري کتل ڪاٺي کي لوڏيندا هئا ۽ هو نڪري ايندو هو. جيڪڏهن هو ايترو وقت ساهه جهلي هيٺ پاڻي جي تري ۾ ترسي سگهندو هو ته هن کي سچو ۽ بي ڏوهي سمجهيو ويندو هو نه ته سزا جو لائق.

اڄوڪي وقت ۾ قانوني حڪومت هجڻ ڪري جيتوڻيڪ اهڙيون رسمون نه آهن مگر ان جي بجاءِ مذهبي خواه اخلاقي رنگ ۾ ٻيون اهڙيون بريون رسمون آهن جو خدا جي پناهه. اهي ڪهڙيون آهن تن جو ذڪر اڳتي ايندو.

هن ملڪ ۾ هينئر مسلمانن جي آدم شماري ٻين سڀني قومن کان چار حصا زياده آهي جن جي نسبت انگريزي مؤرخن جي راءِ آهي ته خلفاءِ بني اميه ۽ بني عباس جي زماني ۾ هنن دين اسلام قبول ڪيو آهي. هتي ذاتيون تمام گهڻيون آهن. چيو وڃي ٿو ته هن ملڪ جي مسلمانن جون (300) ٽي سؤ ذاتيون آهن جن مان مکيه هي آهن: سادات، بلوچ، سماٽ، ميمڻ، بوري ۽ خواجا باقي ٻيون جيڪي به ذاتيون آهن سي گهڻو ڪري بلوچ ۽ سماٽ جون شاخون آهن. شيدي ۽ خاصخيلي به گهڻا آهن جي ميرن جي زماني ۾ بلوچ قومن جا غلام ۽ خدمتگار هئا. هينئر به ڏسجي ٿو ته انهن مان گهڻا پنهنجي قديم آقائن جي دروازن تي خدمتگار آهن.

مولانا عبدالحليم شرر صاحب مسٽر پوسٽن جي ڪتاب ”پرنسپل آبزرويشن آن سنڌ“ ۽ ڪتاب ”پرنسپل نيشن آف انڊيا“  جي حوالي سان اڄوڪي وقت کان (70)  ستر ورهيه اڳ هتي جي قومن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”سنڌ جا ماڻهو سڀني اولهندي ضلعن جي رهندڙن کان گهڻا زبردست ۽ سگهارا آهن. جيڪڏهن اوهان ڪو سنڌي ماڻهو نه ڏٺو آهي ۽ هڪ شريف سنڌي کي ڏسڻ گهرو ٿا ته فرض ڪريو ته هڪ ڊگهي قد طاقتور ۽ قوي بدن شخص اوهان جي سامهون بيٺو آهي. هن جو نقشو هندستان جي سڀني ماڻهن کان مرداڻو آهي. مٿي جي بناوٽ ۾ مجموعي طور سان هڪ خوبصورتي آهي ۽ ڏاڙهي به بلڪل خوبصورت، ڊگها ڊگها وار سندن ڪلهن تائين لٽڪي رهيا آهن ۽ انهن ۾ نڪ جي سامهون سڌي سينڌ نڪتل آهي ۽ مٿي کان پيرن تائين هٿيارن سان لٽيل آهي. ڪي ماڻهو ڊگهن وارن کي پٺيان ٻه اڌ ڪري ڳنڍ ڏيئي ٽوپي يا پڳ جي اندر لڪائي ڇڏين ٿا. مذهبي ماڻهن (مولوين) جي مٿي تي عمامه (پٽڪو) رهي ٿو. مگر رئيس قومن ۾ هڪ خاص قسم جي ٽوپي جو رواج آهي. غريب غربا پنهنجا ڪپڙا اڪثر نير ۽ رڱي ڪم آڻين ٿا. ڪي ماڻهو خصوصاً فقرا سائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪين ٿا. عورتن کي سڀ کان زياده پيارو زيور عاج جو چوڙ آهي. جنهن جو رواج عام خاص ماڻهن ۾ آهي. عام ماڻهو جن ۾ پوک جو ڪم ڪندڙ ۽ ٻين قسمن جي محنت ۽ مزوري ڪرڻ وارا شامل آهن سي جاٽ آهن، جن عام طرح مذهب اسلام قبول ڪيو آهي. هنن جون عورتون نهايت ئي حسين آهن ۽ ان سان گڏ پاڪدامني ۽ پرهيزگاري ۾ به مشهور آهن ۽ ماڻهو حيرت سان ڏسندا ته هنن ۾ پردي جو رواج بلڪل ڪونهي، ڇو ته هي ماڻهو خانا بدوش (ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي) رهن ٿا، هو پنهنجن اُٺن کي چارڻ لاءِ هميشه سٺيون چراگاهون ڳوليندا رهن ٿا. جهڙي طرح عرب پنهنجي گهوڙي کان جدا ٿي نٿو سگهي تهڙي طرح هي ماڻهو پنهنجي اُٺن کان ڪڏهن به جدا نه ٿا ٿين.

جاٽن کان پوءِ گهڻو تعداد بلوچن جو آهي جو ڳچ مدت کان وٺي هتي جا رئيس بنجي ويا آهن. هنن ۾ اهو هڪ عربيت جو نشان موجود آهي جو سڀ ڪنهن قبيلي جو سردار يا شيخ مقرر آهي، جنهن جي ٻيا سڀ اطاعت ڪن ٿا. ان جي هڪ ادنى اشاري تي سارو قبيلو جوش ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ٿوريئي وقت ۾ ويهه ٽيهه هزار ماڻهو هٿيارن سميت گڏ ٿي وڃن ٿا.

ان کان اڳ جڏهن هتي جي حڪومت خود ملڪ وارن جي هٿ ۾ هئي تڏهن هٿيارن جو هند جي ٻين ضلعن کان زياده رواج هو. بلوچ قوم جو يا ڪو ٻيو معزز ماڻهو ڪنهن به وقت بنا هٿيار نظر نه ايندو هو.

انگريز مؤرخ جو احوال پورو ٿيو. جاٽ خبر نه آهي ته هن ڪهڙي قوم جو نالو مقرر ڪيو آهي؟ ڀانئجي ٿو ته ڄٽ جو اکر جيڪو سنڌ ۾ ڪم ايندو آهي سو انهيءَ جاٽ مان ئي ٺهيو آهي. انهي ۽ هن وقت جي حالت ۾ گهڻو فرق نظر ٿو اچي. نه اڄ اهو لباس ۽ وضع قطع نه هٿيارن جي ڪثرت آهي.


(1)  ”مرا صدالاطلاع على اسماءِ الامڪنه والبقاع“ ۾ لکيل آهي ته ”بلوص هڪ جهنگلي قوم جو نالو آهي جيڪا سنڌ جي ڪنارن تي رهي ٿي. هنن ماڻهن جو ڪو دين نه آهي ۽ بدويانه زندگي گذارين ٿا. بي رحمي ۽ فتنه انگيزي ۾ مشهور آهن. جيڪڏهن ڪو مسافر هٿ اچي وڃين ٿو ته فقط هن جي مال ڦرڻ تي ڪفايت نٿا ڪن بلڪ پٿرن سان ان جو مٿو به چٿي ڇڏين ٿا. عضد الدوله بن بويه انهن تي حملو ڪري سندن زور ڀڃي ڇڏيو ۽ گهڻن کي قتل ڪري ڇڏيائين.“

(1)  ابن خرداز به جو بيان آهي ته نور منشور کان شهر ديبل تائين اٺن ڏينهن جو پنڌ هو ۽ ديبل کان درياءَ سنڌ جي ڇوڙ تائين ٻن ڏينهن جو، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته درياءَ سنڌ جي ڇوڙ کان الهندي طرف ڏهن ڏينهن جي پنڌ تائين سنڌ جي حڪومت هئي.

(2)  چچ نامي جي پڙهڻ سان اهي حدون معلوم ٿي سگهن ٿيون

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org