(ب) عمر سومرو ۽ گنگا
ٿهيم قوم جي هڪڙي سهڻي ڇوڪري نالي ”گنگا“ جو مڱڻو ننڍي هوندي ئي
عمر سومري سان ٿيل هو، پر گنگا اڃا صغير هئي، جنهن
جي حسن جي مکڙي اڃا ٽڙي گل نه بڻي هئي، تنهن ڪري
عمر وڃي ٻي شادي ڪئي ۽ گنگا جي مائٽن کي اجازت
ڏنائين، ته ان کي ٻئي هنڌ جتي وڻين پرڻائي ڇڏين.
عمر ٿهيم، جيڪو عمر سومري جو پڳ مٽ دوست هو، تنهن
سان گنگا جي شادي ٿي.
ڪن سالن کان پوءِ بلوغت جي هير گنگا جي حسن واري غنچي کي گلاب
جي گل جهڙي صورت ۾ برسائي نروار ڪيو، جنهن جي
خوشبوءِ خلق جي دلين کي مجنون ۽ مفتون بڻائي ڇڏيو.
هڪڙي ڏينهن عمر سومرو اهڙي هنڌان اچي لنگهيو، جتي
ڌوٻيءَ گنگا جا ڪپڙا ڌوئي سڪائڻا وِڌا هئا. ڪپڙن
مان خوشبوءِ ۽ هٻڪار پئي نڪتي، تنهن عمر سومري جي
دماغ کي چڪر ۾ وجهي ڇڏيو. هو ڌوٻيءَ کان پڇڻ لڳو،
ته هي ڪپڙا ڪنهن جا آهن؟ ڌوٻي پهريائين ته نالي
ٻڌائڻ کان ڪيٻائڻ لڳو، پر عمر جي زور رکڻ تي آخر
چئي ڏنائين، ته ”هي ڪپڙا عمر ٿهيم جي زال گنگا جا
آهن، جنهن کي تو ٿو کٽا ڪري ڇڏي ڏنو هو“.
اها ڳالهه ٻڌي عمر تي نفساني سَڌ غالب پئجي ويئي ۽ گنگا جي عشق
جو تير دل ۾ گهاءُ ڪري ويس، سو اڳتي وڃڻ ڦٽو ڪري
پوئتي موٽيو ۽ ارادو ڪيائين، ته جيڪڏهن عمر ٿهيم
گهر نه هوندو ته ڪنهن به بهاني سان گنگا جو ديدار
وڃي ڪندس. عمر سومرو سڌو عمر ٿهيم جي ديري تي ويو.
عمر ٿهيم گهر ۾ ڪونه هو، تنهن ڪري عمر سومري بهانو
ڪيو ته مون ڪبوتر کي تير هنيو هو، جو وڃي عمر ٿهيم
جي گهر ۾ پيو آهي، اهو تير کڻڻو اٿم. ائين چئي هو
عمر ٿهيم جي گهر ۾ گهڙي ويو. جيتوڻيڪ گنگا ڌاريو
مڙس ايندو ڏسي پاڻ کي لڪايو، پر عمر سومري ديدار
ڪري ورتو.
گنگا جي حسن جي تجلي ڏسي ٻاهر نڪرڻ بعد عمر سومري جا هوش حواس
گم ٿي ويا. عشق جو چنبو هنئين ۾ کپي ويس. پنهنجي
آستان تي آيو، ته جهڙو پنڊ پهڻ: نه کلڻ اڄهيس نه
ڳالهائڻ اڪليس. نه ڪچهري ڪري نه درٻار! وزير امير
سڀ حيران ٿي ويا. آخر جڏهن انهن کي ڀڻڪ پئجي ويئي،
تڏهن گڏجي عمر سومري وٽ ويا ۽ وڃي چيائونس، ته
”اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي، جنهن جي ڪري اوهين پاڻ
سڪائي رهيا آهيو. اوهين خاطري ڪريو، حيلو حوالو
ڪريون ٿا، اميد ته هوءَ جلد ئي اوهان کي ملندي.“
عمر سومري کي دڙ دلاسن سان دلجاءِ ڪرائي انهن نامراد اميرن رٿ
ڪئي، ته ڪنهن به طرح گنگا کي عمر ٿهيم کان طلاق
ڏيارجي ۽ پوءِ ان جي شادي عمر سومري سان ڪرائجي.
اهو منصوبو سٽي عمر سومري کي صلاح ڏنائون، ته ”اڄ
ڏينهن کان وٺي عمر ٿهيم تي خاص مهربانيون ڪرڻ شروع
ڪر ۽ ان کي اڳ کان زياده نواز ۽ پيار ڪر“ عمر
سومري ائين ڪرڻ شروع ڪيو.
عمر ٿهيم دل جو صاف ماڻهو هو، سو بادشاهه کي اڳ کان وڌيڪ پاڻ تي
مهربان ڏسي اميرن وزيرن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو.
امير امراءَ ته اڳيئي چورن جا ڀاءُ ڳنڍي ڇوڙ بنجي
چڪا هئا، تن چيس، ته ”عمر سومري جو ارادو آهي، ته
سنديس ڀيڻ جي شادي تو سان ڪرائي، ڇاڪاڻ جو ان جو
ويساهه جيترو تو ۾ آهي، اوترو ٻئي ڪنهن ۾ به نه
آهي”. عمر ٿهيم انهيءَ ڳالهه کي سچ سمجهي ڪپڙن ۾
ئي نه ماپي.
آخر هڪڙي ڏينهن عمر سومري هڪڙي وڏي مجلس ڪئي. ان مجلس ۾ عمر
ٿهيم کي شراب خانه خراب سان ايتري قدر سرشار
ڪيائون، جو ان کي آڳي پيڇي جو ڪو به هوش نه رهيو.
انهيءَ نشي جي حالت ۾ عمر ٿهيم کي، عمر سومري جي
ڀيڻ سان شادي ڪرڻ جو دلاسو ڏنائون. انهيءَ شرط سان
ته هو گنگا کي طلاق ڏئي، ڇو ته، ٻه شينهن هڪ ٻيلي
۾ نه سمائبا. عمر ٿهيم بروقت گنگا کي طلاق ڏني.
دغاباز اميرن، ان وقت ئي گنگا کي سندس گهر مان کڻي
وڃي عمر سومري جي ڪوٽ ۾ داخل ڪيو.
صبح جو جڏهن عمر ٿهيم جا نشا لٿا ۽ گهر ۾ وڃي ڀينگ ڏٺائين، تڏهن
پڇا ڳاڇا ڪرڻ لڳو. جڏهن عمر سومري جي دغابازيءَ جي
پڪ ٿيس، تڏهن هو سڌو دهليءَ جي بادشاهه علاءُ
الدين خلجي وٽ دانهن کڻي ويو. سلطان علاءُ الدين،
عمر ٿهيم جي حقيقت ٻڌي عمر سومري ڏانهن خط لکي
موڪليو، ته ”تون مون وٽ دهليءَ ۾ اچ ۽ مون سان
روبرو اچي حال حقيقت ڪر. جيڪڏهن نه ايندين ته آئون
پنهنجو زبردست لشڪر موڪلي، توکي ۽ تنهنجي عيال کي
خون ڪندس.“
علاءُ الدين بادشاهه جي خط پهچڻ تي عمر سومرو دهليءَ ويو. اتي
فريادي ۽ جوابدارن کان حقيقتن ظاهر ٿيڻ تي عمر
سومرو ڏوهي ثابت ٿيو، جنهن ڪري علاءُ الدين
بادشاهه عمر سومري کي جنم قيد جي سزا ڏني ۽ گنگا
جي ٻانهن عمر ٿهيم کي ڏياريائين.
ڪجهه وقت کان پوءِ، ڪن اميرن مشيرن جي سفارش تي علاءُ الدين عمر
سومري کي قيد کان آزاد ڪيو ۽ سالياني ڍل دهليءَ
پهچائڻ لاءِ کانئس قبوليت ورتائين. تنهن کان پوءِ
عمر سومرو وري سنڌ ۾ اچي حڪومت هلائڻ لڳو. ان وقت
کان وٺي سڀ سومرا حاڪم سالياني ڍل دهليءَ جي
بادشاهه کي پهچائيندا رهندا آهن. (ايليٽ صاحب جي
تاريخ هندستان، جلد 1 بحواله تاريخ طاهري)
(2) چنيسر ۽ ليلان
چنيسر سومرو، جيڪو سنه 1259ع کان سنه 1283ع تائين چوويهه ورهيه
سنڌ جو حاڪم هو، تنهن جي پنهنجي راڻيءَ ليلان سان
نهايت گهڻي محبت هوندي هئي. ڪونرو نالي هڪڙي ٻيءَ،
شهزادي چنيسر ۽ ليلان جي محبت ۾ اچي رولو وڌو هو.
اها آکاڻي ”تحفة الڪرام“ ۾ هن طرح لکيل آهي:
”راڻي کنگهار“ جي ڌيءَ ڪونرو پنهنجي سؤٽ سان مڱيل هئي. هوءَ
تمام حسين هئي، تنهن ڪري پنهنجين جيڏين سرتين ۾ به
پنهنجو شان مان رکندي هئي. ان وقت چنيسر سومرو به
پنهنجي حسن ۽ حشمت جي ڪري ملڪن ۾ مشهور هو. هڪڙي
ڏينهن هڪ جيڏين سرتين سان راند روند ڪندي ڪونرو ڪا
وڏي ماڻهپي جهڙي ڳالهه ڪئي، تنهن تي سنديس
ساهيڙيءَ چمني ٻائي طعنو هڻي چيس، ته ”ڪونرو! تون
چنيسر بادشاهه سان ته ڪا نه پرڻبينءَ، جو ايتري
وڏائي ٿي ڪرين؟“ ڪونرو کي اهو طعنو دل ۾ گهاءَ
ڪري ويو ۽ ان وقت کان پوءِ وٺي پرپٺ چنيسر سان
نينهن کڻي رکيائين ۽ پڪو ارادو ڪيائين ته پرڻبيس،
ته چنيسر سومري سان پرڻبيس، نه ته مون کي پرڻو ئي
ڪونه گهرجي.“
ڪونرو جي پريشان حالي ۽ ان جو چنيسر ڏانهن چاهه ڏسي ماڻس مرکئين
کي ڏاڍي جهوري ٿي پيئي، تنهن پنهنجي ڀتار راڻي
کنگهار سان حال ڪيو، جيئن ته چنيسر سان سڱيڻو ٿيڻ
انهن لاءِ فخر جهڙي ڳالهه هئي، تنهنڪري پاڻ ۾ صلاح
اها ڪيائون، ته ڪونرو ۽ ماڻس مرکئين سوداگرياڻيون
بنجي چنيسر جي شهر ۾ وڃن ۽ وڃي ڪو حيلو هلائن. مان
سندن ڪو ٻاڻ لڳي. انهيءَ رٿ موجب ڪونرو ۽ ماڻس
مرکئين سوداگري لباس ڍڪي عمدا عمدا سامان ۽ نوڪر
نوڪرياڻيون پاڻ سان ڪري پنهنجي وطن ڍٽ کان نڪري
منزلون طي ڪري وڃي چنيسر جي شهر ديول ۾ پهتيون.
هتي هڪڙيءَ باغائڻ جي معرفت چنيسر جي وزير جکري
سان واقفيت پيدا ڪيائون ۽ آخر جکري جي معرفت چنيسر
ڏانهن ڪونرو جي شاديءَ جو پيغام موڪليائون. ڪونرو
سونهن سوڀيا ۾ ليلان کان به ڪي رتيون ڪثر هئي، پر
چنيسر جي دل ليلان جي لٽڪي ۾ سُڪ هئي، تنهن ڪري ان
ڪونروءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ وزير کي
تاڪيد ڪيائين، ته ”انهيءَ ڳالهه جيئن ٻڙڪ به ٻاهر
نه نڪري، متان ليلان اهڙي ڳالهه ٻڌي رنج ٿي پوي.“
مرکئين اهو نااميديءَ جهڙو جواب ٻڌي وڌيڪ ارمان ۾ ٻڏي ويئي. آخر
ٻنهي ماءُ ڌيئرن آندل سامان تڙ تڪڙ ۾ نيڪال ڪيو،
نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي رخصت ڪيائون ۽ پاڻ غريباڻا
ڪپڙا ڪري چنيسر جي پياري راڻي ليلان وٽ ويون ۽ ان
کي وڃي ليلائي چيائون، ته ”اسين ٻئي ماءُ ڌيءُ وطن
کان وڇڙيل بي پشت و پناهه آهيون، رلي پني هتان اچي
نڪتيون آهيون، ڪتڻ جي ڪم مان چڱيءَ طرح واقف
آهيون، تون جيڪڏهن رحم ڪري اسان کي پنهنجون
نوڪرياڻيون ڪري رکنديئن، ته اميد آهي ته اسين
پنهنجي خدمت چاڪريءَ سان توکي خوش رکنديون سون.“
ليلان وٽ نوڪرياڻين جي کوٽ ڪا نه هئي، پر انهن جي ليلائڻ ۽
ٻاڏائڻ تي قياس اچي ويس، سو ٻنهي کي کڻي
نوڪرياڻيون ڪري رکيائين. انهن ٻنهي ماءُ ڌيئرن
ليلان جي خدمت چاڪري ڪرڻ ۾ اهڙو کڻي پاڻ پتوڙيو،
جو ليلان جي جيءَ ۾ جاءِ ڪري ويون ۽ ان جو پورو
پورو پيار ۽ ويساهه مٿن ٿي ويو، ايتري قدر جو
چنيسر جي رهڻ واري خاص ڪمري جي صفائي ۽ هنڌ بستري
ڇنڊڻ وڇائڻ جوڪم به ڪونروءَ جي حوالي ٿي ويو.
گهڻي وقت گذرڻ بعد ڪنهن رات ڪونروءَ کي پنهنجي اڳوڻي بادشاهي ۽
ناز نعمت ياد اچي ويئي ۽ ليلان جي اڳيان اکين مان
لڙڪ ڪري ويس. ليلان اهو حال ڏسي ڪونروءَ کان رئڻ
جو سبب پڇيو. ڪونرو گهڻي گوٿناٿ ڪرڻ کان پوءِ
ٻڌايس ته ”آئون به ڪنهن زماني ۾ سَون نوڪرياڻين جي
سائڻ هيس، پر اڄ منهنجي قسمت اها اچي بيٺي آهي، جو
پاڻ نوڪرياڻي ٿيو پئي گذاريان”. تنهن تي ليلان
چيس، ته تون پنهنجيءَ ڳالهه جي ثابتي ڪهڙن اهڃاڻن
سان ڏئي سگهندين؟“ ڪونرو امالڪ پنهنجي بجڪي مان
هڪڙي بي بها شاهاڻي پوشاڪ ۽ هڪڙو نو لکو هار ڪڍي
ليلان جي اڳيان آڻي رکيو. ليلان اها پوشاڪ ۽ هار
ڏسي حيران ٿي وئي، زنانو ترڪڻو روح، سو ليلان جو
هنيون هار تي هرکي ويو ۽ ڪونروءَ کي چيائين ته
”اهو هار ڏينم“. ڪونرو ۽ مرکئين چيس ته ”جيڪڏهن
هڪڙي رات چنيسر اسان جي حوالي ڪرين ته پوءِ اهو
هار آيو توکي.“
ليلان سمجهيو، ته مڙئي خير آهي، سو ڪونروءَ جو شرط قبول ڪيائين.
هڪڙيءَ رات چنيسر کي چڱيءَ طرح کارائي، پيالي
پاڻيءَ سان پر ڪري، ڪونروءَ جي بلي کڻي ڇڏيائينس،
چنيسر کي رات جو ته نشن ۾ ڪا به سمڪ ڪانه رهي. صبح
جو اک کولي ڏسي، ته ڪونروءَ سان سلهڙيو پيو آهي.
حيران ٿي ويو ۽ ڪونروءَ تي اکيون ڪڍي ان کي ڌمڪائڻ
لڳو.
ايتري ۾ مرکئين اچي منهن ڪڍيو ۽ عرض ڪرڻ لڳي، ته ”جيئندا قبلا!
حيف هجي ليلان کي، جنهن چنيسر جهڙي مڙس کي هار تي
وڪڻي ڪونروءَ جي حوالي کڻي ڪيو آهي. تون جيڪڏهن
مرد آهين، ته ليلان کي لائق زال ڪري نه سمجهه.“
چنيسر کي غوطي ۾ غوطو اچي ويو، سندس غيرت ۽ چڙ جو ٿرماميٽر سؤ
ڊگرين کان مٿي چڙهي ويو، سو هڪدم ليلان کي ڏهاڳ جو
ڏنءُ ڏئي ڦٽو ڪري ڇڏيائين ۽ ڪونروءَ کي کڻي پنهنجي
پٽ راڻي بنايائين.
ليلان گهڻي ئي آزيون نيازيون ڪيون ۽ پڇتاءُ سان معافيون گهريون،
پر چنيسر ڳالهه ئي ڪانه ٻڌيس. آخر ليلان درد ۽
فراق جا دونهان دل ۾ سانڍي پنهنجن مائٽن ۾ وڃي
گذارڻ لڳي.
چنيسر جي وزير جکري کي پنهنجي شادي ليلان جي وطن جي ڪنهن امير
جي گهران ڪرڻي هئي. ليلان جي صلاح پٺيان ڪنوار-
پيءَ جکره وزير ڏي چوائي موڪليو، ته ”جيستائين
چنيسر کي پاڻ سان ڄاڃي ڪري نه آڻيندين، تيسين آئون
شادي ڪري نه ڏيندوسانءِ.“
جکري وزير، ميڙون منٿون ڪري چنيسر کي ڄڃ سان وٺي ويو. دستور
موجب ڪنواريتي طرف جون زالون ڪنوار جي سوڻ ساٺن جا
گيت ڳائڻ آيون، تن ۾ ليلان به ويس مٽائي منهن ڍڪي
اچي ڳائڻ بيٺي. چنيسر، جو گهوٽ جي ڀرسان ويٺو هو،
تنهن جي روبرو ليلان دل جي درد مان چنيسر جي ليلان
سان بي رحمي، بي قدري ۽ حق ناشناسي جا اهڙا گيت
ڳايا، جو چنيسر جو پتو پاڻي ٿي پيو. چنيسر جيتوڻيڪ
غيرت ۽ غصي جي جوش ۾ ليلان کي ڏهاڳ ڏيئي ڇڏيو هو،
ته به ان جي قرب جو ڪنڍو اڃا سندس قلب مان صفا
نڪري نه چڪو هو، سو پنهنجي بي وفائيءَ ۾ ليلان جي
اتفاقي غلطيءَ جا تازا سُر ٻڌي ائين بي قرار ٿي
پيو، جيئن مڇي پاڻيءَ کان ٻاهر. هن کي اهو گمان به
ڪونه هو، ته خود ليلان پنهنجو وڪيل پاڻ بڻجي آئي
آهي، سو بي اختيار ٿي چوڻ لڳو، ته ”اي ڳائڻ واري
ڇوڪري! تنهنجي بي بها جادو فگن گفتار ٻڌڻ جي مون ۾
وڌيڪ سڪت ڪانهي. ڀلائي ڪري منهن تان پردو ته
لاهه!“ پردي واري چوڻ لڳي، ته ”تو جهڙي بيوفا ۽
سنگدل مرد کي ڪير منهن ڏيکارڻ گهرندي؟ انسان ڀليل
۽ خطا جو گهر آهي، جيڪو انسان ڪنهن ٻئي انسان جي
خطا نٿو بخشي، سو پنهنجين خطائن بخشڻ لاءِ سچي
ڌڻيءَ ۾ ڪهڙي اميد رکي سگهي ٿو؟“
انهيءَ گفتار چنيسر کي هيڪاري بي صبر ڪري وڌو. هو پنهنجي هٿ سان
پردي واريءَ جي منهن تان پردو کڻڻ لاءِ اٿڻ ۾ هو،
ته ايتري ۾ پردي واريءَ پنهنجي منهن تان کڻي پردو
کنيو. چنيسر ڏٺو، ته هيءَ ته خود ليلان آهي! سو
جيئن اندر مان آهه ڪڍيائين، تيئن دم نڪري ويس.
ليلان به آهه ڪري جيئن چنيسر جي لاشي تي اچي ڪري
تيئن ساهه نڪري ويس. پوءِ ان وقت جي دستور موجب
ٻنهي جا لاشا هڪڙيءَ چکيا تي ساڙيائون. (تحفة
الڪرام جلد3)
چنيسر ۽ ليلان جي قصي کي سنڌ جي گهڻن شاعرن ڳايو آهي. شاهه
ڀٽائي عليہ الرحمة جهڙي بزرگ شاعر به پاڻ کي ليلان
جي لباس ۾ آڻي حقيقي چنيسر اڳيان پنهنجن ڀُلن چوڪن
تي پڇتاءُ ڪيو ۽ بخشش پني آهي.
(3) دودو ۽ علاءُ الدين
دودو نمبر 3 جنهن چچنامي جي لکڻ موجب سنه 1331ع کان 1356ع تائين
(1)
حڪومت ڪئي هئي، تنهن پنهنجي برادري وارن ماڻهن سان
ڪي ظلم ڪيا هئا، تنهن ڪري اهي دهليءَ جي بادشاهه
علاءُ الدين وٽ دانهن کڻي ويا. علاءُ الدين انهن
جي دادرسيءَ خاطر هڪڙو وڏو لشڪر پنهنجي سپہ
سالار،سالار خان جي هٿ هيٺ دودي تي چاڙهي موڪليو
هو.
مشهور آکاڻي هيئن آهي، ته دودو ۽ چنيسر ٻه ڀائر هئا. دودو ننڍو
هو پر پيءُ کي ڏاڏي پوٽيءَ زال مان هو ۽ چنيسر وڏو
هو، پر گهٽ سمجهه وارو ۽ ڌارينءَ زال مان هو. تنهن
ڪري سومرن چنيسر کي ڇڏي دودي کي سرداريءَ جي پڳ
ٻَڌائي. تنهن تان چنيسر ڪاهي ويو دهليءَ جي
بادشاهه علاءُ الدين وٽ ته ”مون کي ننڍي ڀاءُ کان
پڳ جو حق وٺي ڏي”. انهيءَ ڪري علاءُ الدين پنهنجو
لشڪر سنڌ تي چاڙهي موڪليو.
مطلب ته ڪنهن به سبب علاءُ الدين جي فوج سنڌ تي چڙهي آئي. سومرن
کي جڏهن خبر پيئي، ته علاءُ الدين جو وڏو ڪٽڪ سنڌ
تي ڪاهيندو اچي ٿو، تڏهن ڇا ڪيائون، جو پنهنجون
زالون ۽ ٻار ٻچا ڪڇ ملڪ ڏانهن هڪڙي سمي سردار نالي
ابره ايراني جي سام ۾ روانا ڪري، مرد ماڻهو علاءُ
الدين جي لشڪر سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار رهيا.
سومرن جو سپہ سالار ساهڙ سلطان(1)
نهايت بهادريءَ سان جنگ ڪندي
شهيد ٿيو، تنهن کان پوءِ باقي رهيل سومرا به اٿي
ڪڇ ڏي ڀڳا. علاءُ الدين جو لشڪر به انهن جي پٺيان
ڪاهي ڪڇ ويو. اهو لشڪر رات جو جتي ڊاٻو ڪندو هو.
اتي پنهنجي چوڌاري کاهي کوٽي پوءِ ٽڪندو هو. انهن
کاهين جا نشان اڄ تائين قائم آهن. جڏهن اهو دهليءَ
جو لشڪر ڪڇ پهتو، تڏهن ابره سمہ به سومرن جي پاران
ان لشڪر سان سخت مقابلو ڪيو پر نيٺ شهيد ٿي ويو.
(ايليٽ صاحب بحوالہ تاريخ طاهري)
”چچنامه“ ۾ لکيل آهي، ته ابره سمه وٽ جڏهن سومرن جا ٻار ٻچا
پهتا، تڏهن ان اهي قتل ڪرائي ڇڏيا ۽ سما به دهليءَ
واري لشڪر سان شامل ٿي سومرن کي مارڻ لڳا. (چچنامه
جلد 2، صفحه 40)
(4) ستين سومرين جي زمين ۾ ٽٻي
علاءُ الدين جي لشڪر سان جنگ ڪندي گهڻا سومرا پهلوانيءَ جو داد
حاصل ڪري شهيد ٿيا ۽ ڪن ڀڄي به جان بچائي. تنهن
کان پوءِ علاءُ الدين جو لشڪر سومرن جي زالن هٿ
ڪرڻ لاءِ ڌوڪيندو ويو. ڪي سومريون ڇوڪريون، جيڪي
ستيون جتيون هيون، سي انهيءَ ٿرٿلي جي وقت پنهنجي
لڄ بچائڻ لاءِ گڏجي ڪنهن پاسي اٿي ڀڳيون. انهن
ڇوڪرين به جڏهن پنهنجي پٺيان سپاهي ايندا ڏٺا،
تڏهن پنهنجن ڳچين ۾ ڳرهه وجهي خدا تعالى جي درگاهه
۾ سوال ڪرڻ لڳيون ته ”اي سچار ستار، پرده پوش
سائين! اسان بي وسيلين جو وسيلو ٿيءُ، ۽ اسان جون
لڄون دشمنن کان بچاءِ. اي سگهارا سٻاجها سائين!
جيئن سسئيءَ سان ڀال ڀلايو هوءِ، تيئن اسان نڌر
نماڻين تي به ڪرم جي نظر ڪر ۽ پناهه جو پاند ڏيئي
اسان جو ست سلامت رک”. ڪريم ڪارساز جل شانہ انهن
نياڻين جو سوال اگهايو: جبل ڦاٽي پيو، زمين ۾ غار
ٿي پيا. جن ۾ اهي ستيون سومريون گهڙي ويون ۽ غارن
جا منهن وري بند ٿي ويا. اڄ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪڇ
ڏانهن ويندو، ته انهن ستين جو آستان (ٿان) ڏسڻ ۾
ايندس.
اها حقيقت جيئن ايليٽ صاحب تاريخ طاهريءَ جي حوالي سان لکي آهي،
تيئن تحفة الڪرام ۽ چچنامه به لکي آهي. تحفة
الڪرام ايترو وڌيڪ لکي ٿو، ته انهيءَ ستين جي ٿان
تي اڄ تائين سوين ماڻهو زيارت لاءِ ويندا آهن.
(5) مينڌرو ۽ مومل
علاءُ الدين جي لشڪر جيتوڻيڪ سومرن جو زور ۽ هلندي ناس ڪري ڇڏي
هئي، تنهن هوندي به سندن پاڙون اڃا ڏکڻ سنڌ ۾
موجود هيون. علاءُ الدين جي ڪاهه ٿي رهڻ بعد به ٻه
ٽي سومرا حاڪم سنڌ ۾ ٿي گذريا، جن مان پڇاڙيءَ
وارو حاڪم همير سومرو هو.
همير سومرو ۽ سندس وزير راڻو مينڌرو ٻئي ڄڻا مومل نالي هڪڙي
شهزاديءَ جا طالبو بڻيا، نيٺ مينڌرو ماڻڻ ۾ ڪامياب
ٿيو ۽ همير رهجي ويو، انهيءَ ڪري همير ۽ مينڌري جي
وچ ۾ سخت ناسازي ٿي پيئي.
مومل ۽ مينڌري جو قصو سنڌ ۾ مشهور آهي. اسين هيٺ اهو مختصر قصو
هنن لفظن ۾ لکون ٿا، جيڪي ”تحفة الڪرام“ لکيا آهن.
”مومل گجر خاندان جي هڪڙي(1)
راجا جي ڌيءَ هئي. پيءُ جي وفات کان پوءِ هوءَ
پنهنجي اباڻي حڪومت جي خودمختيار وارثياڻي هئي. هن
شهر جي(2)
پاسي تي هڪڙي عاليشان ماڙي ٺهرائي، ان جي هيٺان
هڪڙو جادوءَ جو درياءُ وهائي ڇڏيو، ۽ ماڙيءَ جي
دروازي تي جادوءَ جا شينهن بيهاري ڇڏيائين.
ماڙيءَ جي صفحي ۾ ست پلنگ نفيس ۽ عمدن بسترن سان وڇارائي
ڇڏيائين، جن مان ڇهه پلنگ ڪچي سُٽ سان مڙهيل هئا ۽
انهن ڇهن ئي پلنگن جي هيٺان اونها کوهه کوٽائي
ڇڏيائين. باقي هڪڙو پلنگ سلامتيءَ وارو ۽ بنان
کوهه رکيائين. تنهن کان پوءِ ملڪن ۾ هوڪو
ڏياريائين، ته ”جيڪو شهزادو يا امير منهنجي ماڙيءَ
تي چڙهي پلنگ تي اچي ويهندو، تنهن کي آئون بهادر
ڄاڻي ساڻس شادي ڪنديس. جيڪو منهنجي شاديءَ جي سڌ
ڪري ايندو ۽ پلنگ تي ويهڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندو، سو
پاڻ سان آندل مال ملڪيت اتي ئي ڦٽي ڪري هليو
ويندو.“
ڪيترائي شهزادا ۽ امير مومل سان شادي ڪرڻ جي سڌ رکي ڪاڪ تي آيا:
ڪي جادوءَ جو درياءُ ڏسي هٽي ويا، ڪي جادوءَ جي
شينهن ڀر ڊڄي ڀڄي ويا ۽ ڪي ڪچين تندن وارن پلنگن
تي وڃي ويهڻ ڪري کوهن جي تري ۾ وڃي پيا. اهڙيءَ
طرح ڪئين اتان ڦرجي فقير ٿي ويا ۽ ڪئين اتي
فقيرانيون دونهيون دکائي مري کپي ويا.
هڪڙي ڀيري همير سومرو پنهجن ٽن وزيرن سان، جن ۾ سندس سالو راڻو
مينڌرو وزير به هو، شڪار تي نڪتو. جهنگ ۾ هڪڙو
جوڳي فقير گڏين، جو پڻ اصل هڪڙو اميرزادو هو، پر
مومل جي در تان فقير بنجي موٽيو هو. تنهن مومل جي
حسن ۽ حشمت جي جا تعريف ڪئي، سا ٻڌي همير سومري کي
اچي مومل سان شادي ڪرڻ جو هوس جاڳيو، سو پنهنجن
همراهن سميت کڻي ڪاڪ ڏانهن رخ رکيائين.
جڏهن مومل جي ماڙيءَ کي وڃي پهتا، تڏهن مومل پنهنجي خاص(1)
نوڪرياڻي کي انهن ڏي موڪليو، ۽ چيائينس، ته ”انهن
۾ جيڪو اڳواڻ هجي، تنهن کي پهريائين وٺي آءٌ“.
انهيءَ ڪري نوڪرياڻي پهريائين همير کي دعوت ڏيئي
پاڻ سان وٺي ويئي.
همير نوڪرياڻيءَ سان گڏجي روانو ٿيو. ٿورن قدمن ڀرڻ کان پوءِ
نوڪرياڻي گم ٿي ويئي ۽ همير سومرو درياءَ جي دهشت
جهلي نه سگهيو، سو ساريءَ رات جادوءَ جي جهنگ ۾
اجهي اجهي صبح جو مايوس ٿي اچي سنگتين کي پهتو،
مگر شرم ۽ ڦڪائيءَ وچان پنهنجن دوستن سان ڪو به
احوال نه اوريائين.
ٻيءَ رات نوڪرياڻي وري پهرئين نمبر وزير کي دعوت ڏيئي وٺي ويئي،
سو ساري رات منجهي منجهي صبح جو نااميد ٿي اچي
دوستن وٽ ڪنڌ ڍاري ويهي رهيو. اهڙيءَ طرح ٻئي وزير
جي نراس ٿي موٽڻ بعد پڇاڙيءَ جو اها نوڪرياڻي راڻي
مينڌري کي اچي وٺي ويئي.
مينڌري نوڪرياڻيءَ کي گم ٿيڻ جو موقعو ئي نه ڏنو. نوڪرياڻي
مينڌري کي درياءَ تي آندو مينڌري پاڻيءَ جي ماپ
وٺڻ لاءِ نيزو پاڻيءَ ۾ وڌو، ته ڪوڙو درياءُ معلوم
ٿيس، تنهن ڪري بي ڌڙڪ درياءَ اڪري ويو. اهڙيءَ طرح
شينهن کي ڪوڙو ڏيک معلوم ڪري وڃي ماڙيءَ ۾ پهتو.
ماڙيءَ ۾ هڪجهڙا ست پلنگ وڇايل ڏسي هر هڪ پلنگ ۾
زور سان نيزو کوڙيندو ويو. ڪچي تند سان اڻيل پلنگن
۾ نيزي لڳڻ سان ٻرگهل ٿي پيا ۽ سالم پلنگ ۾ نيزو
پار وڃي نه سگهيو، تنهن ڪري انهيءَ پلنگ تي بالم
ٿي ويهي رهيو.
نوڪرياڻي مومل کي اندر وڃي ڄاڻ ڪيو، ته هيءُ مهمان بازي کٽي
ويو، تنهن تي مومل مينڌري سان اچي ملي ۽ ان کي
پنهنجو مڙس ڪري مڃيائين ۽ ان سان شادي ڪيائين.
مينڌرو ساري رات سکيو سهنجو گذاري، صبح جو پنهنجن
سنگتين سان اچي مليو.
همير کي جڏهن خبر پئي، ته مينڌرو مومل ماڻي آيو آهي، تڏهن ان کي
چيائين، ته ”مهرباني ڪري مومل جو منهن ته ڏيکار.“
مينڌرو همير کي اميراڻي لباس ۾ مومل وٽ نيئي نٿي سگهيو، تنهن
ڪري ان کي ڌراڙڪو ويس ڍڪائي مومل جي ماڙيءَ تي وٺي
ويو. همير مومل جو ديدار ته ڪيو، پر مينڌري ان کي
پنهنجو ڌراڙ بنايو هو، سا ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳيس،
تنهن ڪري مينڌري کي ڳوٺ اچڻ بعد کڻي نظربند
رکيائين.
مينڌري جون ٻٽيهه دليون مومل سان ڦاٿيون پيون هيون، تنهن ڪري هو
روزانو رات جو تمام تيز رفتار اُٺ تي چڙهي مومل وٽ
ايندو هو ۽ فجر جو وريو وڃيو نظربنديءَ واريءَ
جاءِ ۾ حاضر ٿيندو هو.
هڪڙيءَ رات مومل پنهنجيءَ ڀيڻ سان ملڻ وئي هئي. مٿان جو مينڌرو
آيو. سو مومل کي غير حاضر ڏسي شڪ جو شڪار بڻيو ۽
ڪاوڙجي هليو ويو. قصه نويس لکن ٿا ته، ”ان رات
مومل سان سنديس ڀيڻ سومل مرداڻو ويس ڍڪيو ستي پئي
هئي، تنهن ڪري مينڌرو مرداڻي غيرت سبب ڪاوڙجي هليو
ويو ۽ وري مومل وٽ اچڻ جي واٽ ئي ڇڏي ڏنائين.
مينڌري جي رُسي وڃڻ ڪري مومل کي نهايت گهڻو ڏک ٿيو، آخر هوءَ
ڪاڪ کي ڦٽو ڪري مينڌري جي ڳوٺ ڍٽ ۾ آئي ۽ اتي به
مينڌري کي پرچائڻ لاءِ ڏاڍا حيلا هلايائين، پر
مينڌرو ڪنهن به طرح راضي نه ٿيو.
مومل جڏهن سڀ ڪنهن طرح مينڌري جي پرچڻ کان نااميد ٿي، تڏهن
ڪاٺين جو وڏو مچ ٻارائي، تنهن ۾ پاڻ کي جيئرو ئي
جلائي ڇڏيائين. مومل جي بي انت سڪ ۽ عشق مينڌري کي
به ميڻ ڪري وڌو، سو به جيئڻ جاڙ سمجهي ٽپي پيو
ساڳئي مچ ۾، ۽ ٻئي عاشق معشوق هميشه لاءِ هيڪاند
حاصل ڪري چڪا. (تحفة الڪرام جلد 3)
مومل ۽ مينڌري جي قصي کي به شاعرن حقيقي عشق جي رنگ ۾ گهڻو ڳايو
آهي.
سومرن ۽ سندن حڪومت تي سرسري نظر
(1) سومرن جي اصليت بابت مختلف تاريخن جا الڳ الڳ رايا مٿي ڏنا
ويا آهن. ڪي لکن ٿيون ته سومرا اصل سامره شهر مان
آيل عربي نسل قوم جا هئا، ۽ ڪي چون ٿيون، ته سومرا
اصل راجپوت قوم جا هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا. انهن
ٻنهي راين مان پويون رايو هيٺين دليلن ڪري وڌيڪ
وزنائتو معلوم ٿئي ٿو:
(الف) جيڪي عربي نسل قومون عربن جي حڪومت وقت سنڌ ۾ آيون ۽ پوءِ
سنڌ ۾ رهجي ويون، تن مان ڪا به قوم سنڌ کان ٻاهر
ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ڏي نه ويئي ۽ نڪي اوڏهين وڃي
واڌ ويجهه ڪيائين پر سومرن جي قوم جيئن قديم وقت ۾
گجرات ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ طرف حڪمران قوم جي حيثيت
رکندڙ هئي (جهڙيءَ طرح ايبٽ صاحب گجراتي تاريخن
مان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي) جيئن هن وقت به سنڌ
بنسبت زياده تعداد ۾ انهن ملڪن منجهه پکڙيل آهي.
(ب) جن سومرن سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي، تن مان به ڪي سردار هندو
ڌرم تي ئي قائم هئا، جيئن ته چنيسر سومرو، جنهن
(چچنامي جي لکڻ موجب سنه 1282ع کان 1300ع تائين)
ارڙهن ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي، سو هندو ڌرم
رکندڙ هو، ڇاڪاڻ جو ان جو لاشو سندس معشوقه ليلان
جي لاشي سان گڏ هندو ڪريا ڪرم موجب ساڳيءَ چکيا تي
گڏ ساڙيو ويو هو.(تحفة الڪرام جلد 3 صفحه 43) ڪنهن
مسلمان حاڪم جو لاشو هندو ڪريا ڪرم موجب ساڙيو وڃي
ها، سا ڳالهه بلڪل ناممڪن هئي.
(ت) سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ سومرن سردارن جون جيڪي خاص رسمون سڀني
تاريخن متفق راءِ سان بيان ڪيون آهن، جهڙوڪ هٿن
پيرن جا ننهن پاڙئون ڪڍرائي ڇڏڻ، زال هيڪر ٻار
ڄڻيو، ته وري ان سان همبستر ٿيڻ کان نفرت ڪرڻ، هڪ
ڀيرو ڍڪيل ڪپڙو ميرو ٿيو، ته وري ڌئاري نه پائڻ،
پنهنجن غريب عزيزن ۽ زيردستن جي ڪلهي تي غلاميءَ
جي نشانيءَ لاءِ داغ هڻڻ وغيره، سي رسمون عربي نسل
قوم جي تهذيب بلڪ اسلام جي اصول جي بلڪل برخلاف
هيون.
(ج) سڀ ڪنهن عربي نسل قوم عربي نالا ۽ عربي لقب پنهنجي لاءِ
ضروري ۽ فخر جهڙي ڳالهه پئي سمجهي آهي، پر سومرن
۾ اهڙن نالن ۽ لقبن ڏي ڌيان ئي ڪونه هو. سندن
ڪيترن حڪمرانن جا نالا اهڙا هئا، جن ۾ عربيت جي
بوءِ به ڪانهي جهڙوڪ: سومار، ڀونگر، دودو، تاري
ٻائي، همون ٻائي، چنيسر، ارميل يا همير وغيره.
(2) سومرن ۾ اسلام ۽ اسلامي تهذيب ڪن خدا پرست درويش بزرگن ئي
پکيڙي هئي، جن ۾ شيخ بهاءُ الدين زڪريا (عليہ
الرحمة) ملتان وارو خاص طرح ممتاز هو. انهن بزرگ
درويشن جا مختصر احوال ۽ سندن ڪار گذاريون هن ڪتاب
جي پڇاڙيءَ ۾ بيان ڪيون وينديون. اهو انهن بزرگ
درويشن جي روحاني فيض جو ئي اثر هو، جو سومرن جي
قوم ۾ به ڪيترائي خدا رسيده بزرگ ۽ عالم پيدا
ٿيندا آيا، جهڙوڪ، مخدوم اسماعيل، مخدوم نور الله
عرف نورنگ، شيخ رهاڻ (ريحان)، درس علاءُ الدين،
صباو درويش وغيره نامور درويش سومره قوم مان هئا،
جن جا مختصر احوال به هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنا
ويندا.
(3) سومرا شروع ۾ لاڙ ملڪ ۾ زمينداريءَ جو ڌنڌو ڪندا هئا. جڏهن
سمن جي قوم به ساڻن اچي شامل ٿي، تڏهن لاڙ ۾ ٻي
اهڙي ڪا به قوم ڪا نه هئي، جيڪا زور ۽ هلنديءَ ۾
هنن سان مٽ پئجي سگهي. جڏهن عرب قومن جي حڪومت
ڪمزور ٿي وئي، تڏهن سومرن پنهنجو حاڪم مقرر ڪري
حڪومت شروع ڪئي. پر توڙ تائين سومرن جي حڪومت جو
زور فقط لاڙ ۽ ڪجهه ٿر جي ڀاڱي ۾ هو. دودو سومرو
نصرپور ۽ هالن تائين به ڪاهون ڪري سوڀارو ٿيو هو،
ته به مٿي سندن حڪومت جو زور ڪونه هليو، ڇاڪاڻ جو
مٿي سيوهڻ ۽ بکر جا قلعا دهليءَ جي بادشاهن جا
گورنر مضبوطيءَ سان سنڀاليو ويٺا هئا.
(4) سومرن جو ملڪي انتظام فقط سندن قوم ۽ آسپاس وارين ٻين غريبن
قومن تائين منحصر هو. انهن جو عربن وانگر واپار ڏي
رخ ڪونه هو، نڪي ڪو ملڪي سڌارن ڏي ڌيان هون.
(5) سومرن جي حڪومت جي حدن اندر عربي تعليم جا مدرسا اهڙا زور
ڀريا ۽ پشت وارا ڪو نه هئا.جهڙا سيوهڻ ۽ بکر جي
حدن ۾ هئا.
(6) حڪومت وڃڻ کان پوءِ به سومرن جو گهڻو انداز سنڌ ۾ رهجي ويو،
جيڪي سمن جي رعيت طور پيا گذاريندا هئا ۽ جدا جدا
ڌنڌن ۾ لڳي ويا. ڪي ته ننڍن زميندارن جي حيثيت ۾
ئي رهيا. اڄ تائين به سومرن زميندارن جو خاص
موچارو انداز سنڌ ۾ لاڙ خواهه اتر ۾ موجود آهي.
ڪي سومرا پنهنجن درويشن مائٽن جي مقبرن جا مجاور ۽ وقت جا مرشد
پيا ليکجن. جيئن ته مخدوم اسماعيل رحه جا اولاد
لاڙ ۾ مخدوم پيا سڏبا آهن ۽ مريدن خادمن وارا آهن،
مخدوم نور الله رحه جو اولاد نورنگزادا سڏبا آهن ۽
اڄ ائين لاڙ ۾ علم ۽ فضيلت جو گهر آهن، شيخ رهاڻ
پوٽا به زماني ۾ مريدن خادمن وارا ۽ معزز زميندار
آهن، درويش صادق صوفي رحه جو اولاد به مريدن ۽
خادمن وارا ۽ سکيا ستابا زميندار آهن، وغيره
وغيره.
ڪي سومرا پنهنجن ڌنڌن جي لحاظ تي مٽيل ذات وارا پيا سڏجن، جهڙوڪ
ڪوري، رنگريز، نيروٽي، ڌوٻي، واڍا، چاڪي وغيره
وغيره
|