سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :18

باب ٻيو

 

سنڌ تي غزنوي گهراڻي ۽ دهليءَ جي ٻين

بادشاهن جي حڪومت

سلطان محمود غزنويءَ جي سنڌ تي ڪاهه

 

(1) بغداد ۾ جنهن وقت عباسي خليفو قادر بالله ابو العباس تخت نشين هو، تڏهن تاريخ 15، مهيني رمضان 416 هه (1025ع) ۾ سلطان محمود غزنوي ملتان تي ڪاهه ڪئي. ملتان ۽ اُچ فتح ڪري اتان قادر بالله جي عملدارن کي ڪڍي ڇڏيائين. پوءِ عبدالرزاق وزير کي ملتان کان سنڌ وٺڻ لاءِ موڪليائين، جنهن سنه 417 هه ۾ سڀني فسادن ۽ بغاوتن کي دفع ڪري سيوهڻ ۽ ٺٽي ۾ پهتو. اتان به گهڻن عربن کي ڪڍي ڇڏيائين، فقط اهي ماڻهو ڇڏيائين، جيڪي سنڌ ۾ گهرٻار ڪري ڌنڌي ڌاڙي ۾ مشغول هئا، يا شرعي ڪمن تي رکيل هئا، جهڙوڪ قاضي ۽ مڪتبن جا معلم. شريعت جي ڪمن تي رهيل ماڻهن جا وظيفا (الائونس) به مقرر ڪيائين. هجري سنه 421 (سنه 1030ع) ۾ محمود غزنوي وفات ڪئي. (تاريخ معصومي)

(2) هجري سنه 381 (سنه 991ع) ۾ قادر باالله بغداد جو خليفو ٿيو. هو سلطان محمود غزنويءَ جو همعصر هو، جو هندستان تي ٻارهن ڀيرا ڪاهون ڪري چڪو هو. انهن ٻنهي همعصر شهزادن جي وچ ۾ هڪڙي علمي ڳالهه تان اڻبڻت ٿي، جنهن جي پڇاڙي وڏي سياسي معاملي تي وڃي پهتي. ”شاهنامه“ جي مصنف فردوسي شاعر، سلطان محمود جي چوڻ تي اهو ڪتاب تيار ڪيو هو، ۽ ان کي اهڙي شاهاڻي انعام ملڻ جي اميد هئي، جهڙي انعام جو سلطان محمود ساڻس انجام ڪيو هو. فردوسي شاعر جڏهن پنهنجي حياتيءَ جا ٽيهه ورهيه صرف ڪري اهو ڪتاب پورو ڪيو، تڏهن ان کي انجام جي برخلاف تمام ٿورو اجورو مليو، جنهن تي فردوسي رنج ٿي سلطان محمود تي هڪڙي ٺٺول ”هجو“ لکي، پوءِ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. جڏهن اها ”هجو“ محمود جي هٿن ۾ پهتي، تڏهن هو ننهن کان چوٽيءَ تائين باهه ٿي ويو. هن پنهنجا ماڻهو فردوسيءَ جي پڪڙڻ لاءِ موڪليا، پر فردوسي هٿ نه آين.

 فردوسي گهڻن شهرن مان گهمندو ڦرندو اچي بغداد ۾ پهتو، جتي خليفي قادر بالله جي سنڀال هيٺ بي خوف گذارڻ لڳو. سلطان محمود کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن ان پنهنجي هڪڙي ايلچي جي هٿان خليفي ڏانهن خط لکيو. جنهن ۾ لکيائين ته ”جيڪڏهن مون کي فردوسيءَ جي ٻانهن نه موڪليندين ته هاٿين جي پيرن هيٺان لتاڙائيندوسانءِ“ خليفي فردوسيءَ جي ٻانهن ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ سلطان محمود جي خط جي جواب ۾ قرآن شريف جا اهي لفظ لکي موڪليائين، جن جي معنى آهي ته ”تو نه ڏٺو هو ڇا، ته هاٿين جي ڌڻين سان تنهنجي پالڻهار ڇا ڇا ڪيو“؟ (سورة الفيل جا شروعات وارا لفظ) انهن لفظن ۾ قرآن شريف ۾ بيان ٿيل انهيءَ واقعي ڏانهن اشارو ڪيل آهي، جنهن بابت چيل آهي ته ”ڪعبہ ڊاهڻ لاءِ آيل ماڻهن ۽ سندن هاٿين کي خدا تعالى ابابيل پکين جي اڇلايل پهڻين سان ناس ڪيو هو.“

خليفي قادر بالله جي انهيءَ جواب سلطان محمود کي سخت چڙ ڏياري تنهن ڪري ان خليفي جي ملڪ تي ڪاهيو ۽ ان جا ڪيترائي علائقا هٿ ڪيائين. رمضان شريف جي پنڌرهين تاريخ، سنه 416 هه (سنه 1025ع) سلطان محمود پنهنجي ملڪ مان نڪتو، سو پنجاب ۾ آيو ۽ اتان ڪاهي ملتان ۽ اُچ جا شهر اچي فتح ڪيائين ۽ خليفي قادر بالله جي عملدارن کي اتان تڙي ڪڍيائين. ملتان مان هن پنهنجي وزير عبدالرزاق کي لشڪر ڏئي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، جنهن سنه 1026ع جي اندر سيوهڻ ۽ ٺٽو اچي هٿ ڪيا. جيڪي سنڌ جون قومون ساڻس سامهون ٿيون، تن کي ماري مڃايائين ۽ عرب قوم جي ماڻهن کي سنڌ مان ڪڍي ڇڏيائين. عربن مان جيڪي گهرٻار ڪري هميشه لاءِ سنڌ ۾ رهي پوڻا هئا ۽ جن مان حڪومت کي ڪو به خطرو ڪونه هو، تن کي نه لڏايائين. اهڙن ماڻهن مان جيڪي پرگهور جا لائق هئا، تن کي سلطان محمود جي طرفان خاص مواجب به مقرر ڪري ڏنائين ۽ پوءِ سنڌ مان هليو ويو. انهيءَ وقت کان وٺي عربن جي حڪومت سنڌ ۾ پوري ٿي ۽ عباسي خليفن جا گورنر، جيڪي 283 ورهين کان مقرر ٿيندا ٿي آيا، تن جو اچڻ اڳتي لاءِ بند ٿي ويو. (چچنامنه جلد 2)

تنقيد (از مؤلف: مٿي سلطان محمود غزنويءَ جي سنڌ فتح ڪرڻ بابت تاريخ معصومي ۽ چچنامه مان جيڪو احوال لکيو ويو آهي، سو جيڪڏهن تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکجي ٿو، ته غلط ثابت ٿئي ٿو. هيٺيون تاريخي حقيقتون ان جي غلط هئڻ بابت ڪافي دليل آهن:

(1) سلطان محمود غزنويءَ وٽ عبدالرزاق وزير هو ئي ڪونه، اول عبدالرزاق جو ڏاڏو حسن ميمندي وزير هو، ۽ پوءِ پڻس احمد بن حسن ميمندي وزير هو. عبدالرزاق کي سلطان محمود جي پوٽي سلطان مودود، غزنين جي تخت تي ويهڻ وقت نئين سر پنهنجو وزير مقرر ڪيو هو، جيئن تاريخ فرشته ۾ لکيل آهي:”در سنه ست و ثلثين واربعمانه (436 هه) خواجه طاهر وزير وفات يافت و خواجه ابو الفتح عبدالرزاق بن حسن ميمندي بوزارت نشست“. (تاريخ فرشته مقاله اول صفحه 46)

سنہ 441 هه مين تمام ملوڪ ماوراء الفهر اور باميان نـﻶ سلطان مودودو سـﻶ عهد کيا تها کہ وه اس کـﻶ ساتهه خراسان سـﻶ ترکمانون کـﻶ نکالنـﻶ مين مال اور لشکر سـﻶ مدد کرين گـﻶ- اس سال رجب مهينـﻶ مين وه (سلطان مودود) غزنين سـﻶ لشکر فراوان کـﻶلئـﻶ روانہ هوا کہ اول هي منزل مين درد قولنج مين مبتلا هوا اور غزنين مراجعت کي- اپنـﻶ وزير عبدالرزاق بن احمد ميمندي کو سيستان کـﻶ جانب روانہ کيا کہ وه ترکمانون کـﻶ قبضہ سـﻶ اس ملک کو نکالـﻶ.

مٿين ٻن حوالن مان معلوم ٿيو، ته عبدالرزاق سلطان محمود جو وزير نه هو، پر ان جي وفات کان پندرهن ورهيه پوءِ پوٽس سلطان مودود جو وزير مقرر ٿيو هو.

(2) تاريخ معصومي ۽ چچنامه ۾ جو لکيل آهي ته سلطان محمود جي وزير عبدالرزاق سيوهڻ ۽ ٺٽو اچي هٿ ڪيو، سا حقيقت به درست نه آهي، ڇاڪاڻ جو سلطان محمود غزنويءَ جي وقت ۾ ٺٽو ڪنهن به عرب سردار يا ديسي سردار جي گاديءَ جو هنڌ نه هو. بلڪه ٺٽو شهر ته آباد ئي سلطان محمود کان چار سؤ ورهيه کن پوءِ سمن جي حڪومت وقت ٿيو هو، جيئن تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي:

جام نظام الدين المعروف بہ جام ننده در شهور آ و اخر سنہ نهصد هجري منجمان را فرمود تا زمينـﻶ طرب خيز کہ اهلش بکم و بيش فراغت دوست باشند و همواره تبعنن و تعيش زيست کنند و در سرشت کمال خيز باشد براءِ آبادي شهر جديد اختيار فرمانيد بہ آن تعين و صفت زمين تقہ کہ مشرق رويہ اش برخي باغات داشت و در عين زمين شهر ماهيگيران متوطن بودند اختيار افتاد اکنون تتہ عبارت از آن آبادي است ”ڻهن“ بہ اصطلاح قوم جاءِ انبوهي مردم ست- (تحفة الکلرام جلد 3 صفحہ 185)

معنى: ڄام نظام الدين(1) (سمو) جو ڄام نندو جي نالي سان مشهور آهي، تنهن سنه 900 هه جي پڇاڙيءَ وارن مهينن ۾ نجومين کي حڪم ڏنو، ته ”اهڙي ڪا وڻندڙ زمين نئين شهر بنائڻ لاءِ چونڊيو، جنهن جا رهاڪو فراغت پسند ٿين ۽ سدائين خوش گذران رهن.“ . اهڙيءَ رٿ ۽ وصف سان ٺٽي جي زمين چونڊي ويئي، جنهن جي اڀرندي طرف باغ هئا ۽ شهر لاءِ پسند ڪيل زمين جي وچ ۾ مهاڻا رهندا هئا. هينئر جنهن کي ٺٽو سڏيو وڃي ٿو، سو اهو شهر آهي. ”ٺٽ“ لفظ جي معنى سنڌي قوم جي اصطلاح ۾ آهي گهڻن ماڻهن جي آبادي يا وسئن.“

(3) چچنامي ۾ تاريخ معصومي واري بيان نقل ڪرڻ سان گڏ ٻه قدم ٻيا به اڳتي کنيل آهن: (1) فردوسي شاعر جي بغداد جي خليفي وٽ پناهه وٺڻ ۽ (2) سلطان محمود کي خليفي کان فردوسي جي ٻانهن نه ملڻ ڪري خليفي جي قبضي واري ملڪ سنڌ تي ان جو حملو ڪرڻ.

جن اسلامي تاريخن فردوسيءَ جي حياتيءَ جو مڪمل بيان لکيو آهي، تن ان جي بغداد وڃڻ واري ڳالهه قبول ئي نه ڪئي آهي. انهن تاريخن مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته خليفي قادر باالله ۽ سلطان محمود غزنويءَ جي وچ ۾ توڙ تائين دوستاڻو سلوڪ رهندو آيو. تاريخ فرشته ۾ لکيل آهي ته ”جڏهن (هجري سنه 417 برابر عيسوي نه 1026ع ۾) سلطان محمود سومنات فتح ڪري غزنين ۾ پهتو ۽ اتان وري بلخ ۾ آيو، تڏهن خليفي قادر بالله بغداد مان ان کي هڪڙو خط لکيو جنهن ۾ ان کي ”سلطان“ ۽ ”ڪهف الدولہ والاسلام“ جو لقب، ان جي پٽ امير مسعود کي ”شهاب الدولہ و جمال الملة“  جو لقب ۽ امير يوسف کي عضدالدولہ و مؤيدالملة“ جو لقب ڏنائين. هندستان، خراسان، نيمروز ۽ خوارزم ملڪ جي اختيار جا جهنڊا به موڪليائينس.

مولوي ذڪاءُ الله پنهنجي تاريخ اسلام جلد پهرئين ۾ لکي ٿو ته ”سلطان محمود غزنوي کي سندس وزير احمد بن حسن ميمندي برغلايو هو، جنهن ڪري فردوسيءَ  کي سلطان جي ڪيل انجام جي برخلاف گهٽ رقم ملي، جا فردوسي اتي جو اتي ماڻهن کي ورهائي ڏيئي ڇڏي ۽ سلطان محمود جي ”هجو“ لکيائين، تنهن تي احمد بن حسن ميمندي کي، جو فردوسيءَ جو ڪچيءَ کان دشمن هو، وڌيڪ وجهه لڳو ۽ سلطان محمود کي فردوسيءَ جي برخلاف تمام گرم ڪري وڌائين ۽ چيائينس ته فردوسي لڪل شيعو ۽ قرمطي آهي. سلطان محمود ترت فردوسي پڪڙائي ورتو ۽ حڪم ڏنائين، ته هن کي هاٿين جي پيرن ۾ لتاڙايو وڃي. فردوسي بچاءَ جو ٻيو ڪو به رستو نه ڏسي هي ٽي بيت عاجزيءَ سان سلطان محمود اڳيان چيا:

”چون در ملڪ سلطان که چرخش ستود

بسي هست ترساءِ و گبر و يهود“

”گر فتند در ظل عدلش قرار

شد ايمن از گردش روزگار“

”چه باشد که سلطان گردون شکوه

رهي را شمارد يکي زان گروه“

يعني:” جنهن سلطان کي آسمان پيو ساراهي، تنهن جي حڪومت ۾ جڏهن گهڻا ئي عيسائي، آتش پرست ۽ يهودي موجود آهن ۽ ان جي عدالت جي پاڇي ۾ آرام حاصل ڪري رهيا آهن ۽ زماني جي گردش کان پناهه ۾ آهن، تڏهن مون واٽهڙوءَ کي به اهو اعلى درجي وارو سلطان انهن (غير مسلمن) مان هڪڙو ڪري ليکي ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي.“

سلطان محمود کي فردوسيءَ جي انهن بيتن نرم ڪري وڌو، جنهن جيئدان ڏيئي ڇڏي ڏنس.

فردوسي اتان جند ڇڏائي سڌو پنهنجي ڳوٺ طوس ۾ آيو، جتي اچي جلد ئي وفات ڪيائين (هجري سنه 416- 1025ع ۾) غزنين مان نڪرڻ وقت فردوسي، جامع مسجد، جنهن ۾ سلطان محمود نماز پڙهڻ ايندو هو، تنهن جي ڀت تي هي شعر لکي ويو:

”خجسته درگئه محمود زابلي دريا است

چگو نه دريا که آن را کرانه پيدا نيست“.

چه غوطا جا زدم و اندر آن نديدم در

گناهه بخت من است اين گناه دريا نيست“

معنى: سلطان محود جي سڳوري درٻار زابلستان وارو درياءُ آهي: درياءُ به ڪهڙو؟ اهو درياءُ، جنهن جو انت ئي ڪونهي. مون انهيءَ درياءَ ۾ گهڻيون ئي ٽٻيون ڏنيون، پر مون کي ڪو به موتي هٿ ڪونه آيو: انهيءَ ۾ درياءَ جو ڪو به ڏوه ڪونهي، پر منهنجي بخت جي برائي چئبي.“

سلطان محمود جامع مسجد ۾ نماز پڙهڻ آيو، ته مسجد جي ڀت تي لکيل مٿئين شعر تي وڃي نظر پيس. فردوسيءَ جا جيڪي خير خواه اتي موجود هئا، تن به فردوسيءَ جي حق ۾ اتي جو اتي سفارش ڪئي، ۽ سلطان کي ذهن نشين ڪرايائون، ته فردوسي جي جيڪا بي قدري ٿي آهي، سا فردوسي جي دشمنن لائي چائي ڪري حضور جن کان ڪرائي آهي. سلطان محمود پنهنجي اڳئين ڪئي تي پشيمان ٿيو ۽ سٺ هزار سونا دينار شاهاڻي خلعت سميت فردوسي ڏي سندس ڳوٺ ڏياري موڪليائين.  هي عجيب اتفاق چئبو، جو طوس جي هڪڙي دروازي کان سلطان جو موڪليل خزانو شهر ۾ داخل ٿيو، ته ٻئي دروازي کان فردوسيءَ جو لاش دفن ڪرڻ لاءِ کڻي نڪتا. سلطان محمود جي حڪم موجب انهيءَ مان طوس جي نديءَ کي بند ٻڌايو ويو، جنهن جي ٻڌائڻ جو فردوسي غزنين ۾ هئڻ وقت ئي ارادو ڪيو هو ۽ هڪڙو ”رباط“ (سداورت) به فردوسي جي نالي قائم ڪرايائين، جنهن سداورت جو بيان امير ناصر خسرو دهلوي به پنهنجي سفرنامي ۾ ڪيو آهي. (تاريخ اسلام مولوي ذڪاءُ الله جلد 1 صفحو 295)

مٿين حقيقتن مان به فردوسيءَ جو بغداد ڀڄي وڃڻ باطل ثابت ٿئي ٿو.

ازان سواءِ اسين هن کان اڳ پهرئين باب ۾ عربي تاريخن جي حوالي سان بيان ڪري آيا آهيون، ته خليفي معتمد بالله هجري سنه 295 کان اڳ سنڌ ملڪ يعقوب بن ليث صفاري کي بخش ڪري ڇڏيو هو، تنهن کان پوءِ وري بغداد جي خليفن جو سنڌ جي ملڪ سان ڪو به واسطو ڪونه رهيو هو. انهيءَ صورت ۾ سلطان محمود غزنوي خليفي کي نقصان رسائڻ لاءِ سنڌ ملڪ تي حملو ڪري، سا ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ وسهڻ جهڙي نه آهي.

چچنامي ۾ جنهن خط جو ذڪر ٿيل آهي، سو جنسي خط تاريخ فرشته توڙي تاريخ اسلام (مولوي ذڪاءُ الله) ۾ لکيل آهي، پر انهن تاريخن ۾ انهيءَ خط جي سربستي حقيقت سمجهائيندي لکيل آهي ته اهو سلطان محمود وارو خط ۽ خليفي قادر بالله جو جواب ”سمرقند“ شهر بابت هو، پر نه فردوسيءَ بابت. (ڏسو تاريخ فرشته مقاله اول صفحه 28 ۽ تاريخ اسلام جلد 1 صفحه 299)

خليفه قادر بالله جي طرفان قرآن شريف جي آيت واري خط اچڻ بعد سلطان محمود سمرقند جي پچر ڇڏي ۽ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ٺهي ويئون.

سلطان محمود غزنوي ۽ سنڌ

تاريخ معصومي ۽ چچنامي ۾ سلطان محمود غزنوي جي حڪومت بابت جيڪو بيان لکيل آهي، سو ترديد ۽ تنقيد سميت مٿي لکيو ويو آهي. هاڻي سلطان محمود جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ بابت آهي اختيار لائق حقيقتون ڏجن ٿيون، جيڪي تاريخ اسلام ۽ تاريخ فرشته ۾ ڏنل آهن.

سلطان محمود غزنويءَ جي وقت ۾ سنڌ جي حالت

عربن جي حڪومت وقت عربي سمنڊ کان وٺي ملتان تائين سنڌ ملڪ ليکبو هو. بني اميه خليفن جي گورنر جي وقت ۾ انهيءَ ساري علائقي جو پايه تخت الور هوندو هو ۽ بني عباس خليفن جي گورنرن جي وقت ۾ ساري علائقي جو تختگاهه منصوره هوندو هو. بغداد جا خليفا سنڌ تان دستبردار ٿيا، تنهن کان پوءِ انهيءَ ساري علائقي جا مکيه ٻه حصا ٿيا:  هڪڙو اپر سنڌ ٻيو لوئر سنڌ. اپر سنڌ جو پايه تخت ملتان ٿيو ۽ لوئر سنڌ جو پايه تخت منصوره. قرمطي ماڻهن منصوره واري حڪومت کي ڊانوان ڊول ڪري ملتان ۾ وڃي پاٿاري ڪئي، تنهن کان پوءِ ساري سنڌ پرڳڻي جو تختگاه ملتان ليکبو هو. سيوهڻ، درٻيلو، الور ۽ ان کان مٿي ملتان تائين جيڪي به عرب سردارن يا ديسي قومن جي سردارن جي هٿ ۾ ننڍيون ننڍيون رياستون هونديون هيون، سي سڌيءَ طرح ملتان جي حاڪم کي جزيه يا خراج ڀرينديون هيون. باقي سنڌ جي ڏاکڻئين ڀاڱي وارين ديسي سردارن يا عرب سردارن جي ننڍڙين رياستن تي ملتان جي حاڪم جو پورو ڌيان ڪونه هوندو هو، پر انهن مان ڪن تي جيڪڏهن ملتان جي حاڪم جو حڪم ايندو هو ته ادب سان ان جي تعميل ڪنديون هيون.

سلطان محمود غزنويءَ جي سنڌ تي جيڪا سوڀ ليکيي وڃي ٿي، سا فقط اپر سنڌ تي سوڀ هئي، جنهن جو پايه تخت ملتان هو.

ملتان تي ڪاهه ڪرڻ جو سبب

سلطان محمود غزنويءَ کي خبر پيئي، ته قرمطي ماڻهو، جيڪي بغداد ۽ خراسان جي وچ ۾ ظلم ۽ بي ديني سان ملڪ کي تپائي رهيا آهن ۽ مسلمانن کي حج تي وڃڻ کان روڪي رهيا آهن ۽ حج جا رستا بند ڪريو ويٺا آهن، تن جو هڪڙو زبردست مرڪز ملتان آهي. هندستان ۽ سنڌ ۾ قرمطي مذهب جي تبليغ پکڙجي رهي آهي، تنهن جو مرڪز به ملتان آهي. سلطان محمود خاص طرح قرمطي ماڻهن کي ناس ڪرڻ ۽ شيعه مذهب جي بند ڪرڻ لاءِ ملتان تي ڪاهه ڪئي.

ڪاهه ۽ فتح

سلطان محمود غزنوي سنه 396 هه ۾ غزنين مان زبردست لشڪر وٺي ملتان تي ڪاهه ڪئي ۽ رستي تي سندس لشڪر برسات وسندي به بي ڌڙڪ ڌوڪيندو آيو. ملتان جو حاڪم ابو الفتح دائود، جو پهريائين شيعو ۽ پوءِ قرمطي بڻيو هو، تنهن لاهور جي راجا انندپال بن جئپال کان مدد گهري، جنهن خوشيءَ سان ان کي مدد ڏني ۽ وڏو لشڪر وٺي سلطان محمود غزنويءَ جي لشڪر سان واٽ تي اچي مقابلو ڪيائين. سخت جنگ کان پوءِ انندپال هارائي ڪشمير جي جبلن ۾ ڀڄي ويو. تنهن کان پوءِ سلطان محمود اچي ملتان تي ڪڙڪيو. ملتان جو حاڪم ابو الفتح دائود قلعي ۾ لڪي ويٺو ۽ سلطان محمود ست ڏينهن گهيرو ڪيو ويٺو هو. اخر ابو الفتح دائود آڻ مڃي ۽ هيٺين شرطن تي صلح ٿيو:

ابو الفتح دائود سال بسال ويهه هزار درهم خراج ڏيندو رهندو.

جيڪي قرمطي اڳواڻ وٽس آهن،سي سلطان محمود جي حوالي ڪندو.

آئنده لاءِ ابو الفتح دائود پنهنجي مذهب (سني مذهب) تي قائم رهندو ۽ پنهنجي حڪومت جي حد ۾ ڪو به قرمطي ماڻهو نه رهائيندو.

ابو الفتح دائود اهي شرط قبول ڪيا، ملتان شهر ۾ جيڪي قرمطي موجود هئا، تن مان گهڻا سلطان محمود قتل ڪرايا ۽ ڪي شهر ڇڏي ڀڄي ويا.

سلطان محمود غزنوي اڃا ملتان ۾ ئي هو، ته هرات ۾ بغاوت ٿيڻ جو اطلاع پهتس، تنهن ڪري پاڻ واپس غزني ڏانهن روانو ٿيو.

ملتان جو حاڪم ابو الفتح دائود صلح جي شرطن جي پوري بجاوري ڪري ٿو يا نه، تنهنجي نظرداري لاءِ سلطان محمود پنهنجي هڪڙي هندو فوجي عملدار سکپال کي ڪجهه لشڪر ڏيئي ملتان ۾ ڇڏي ويو. (تاريخ اسلام جلد 1 مولوي ذڪاءُ الله)

ان وقت کان وٺي اپر سنڌ ۾ سلطان محمود غزنويءَ جو سڪو جاري ٿيو ۽ سندس نالو خطبن ۾ پڙهجڻ لڳو.

ابو الفتح دائود ڳوٺ وقت عهدنامي جي شرطن جي بجاوري ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي ڪانه ڪئي. جيترو به ملڪ سندس زيردستيءَ ۾ هو (سيوهڻ تائين)، تنهن مان قرمطي ماڻهو تڙائي ڪڍيائين. نه رڳو ايترو، بلڪ سلطان محمود غزنويءَ جي حڪم موجب، جيڪي به زور ڀريا عرب سردار سندس حد ۾ هئا، تن کي لڏائي ڪڍيائين.

ملتان تي ٻيو حملو

چئن پنجن ورهين کان پوءِ هجري سنه 401 ۾، جڏهن سلطان محمود غور ملڪ فتح ڪرڻ ۾ مشغول هو، تڏهن ٽڙي پکڙي ويل قرمطي ماڻهو وري ملتان ۾ گڏ ٿيڻ لڳا. انهيءَ رپورٽ ملڻ تي سلطان محمود غور ملڪ فتح ڪري وري ملتان تي فوج وٺي آيو. ملتان جي حاڪم ابو الفتح دائود کي قيد ڪري غزنين ڏي وٺي ويو ۽ قرمطين جو عام ڪوس ڪرايائين.

نوٽ: ابو الفتح دائود کي قيد ڪري، غزنين ڏي وٺي وڃڻ بعد ملتان تي ڪهڙو حاڪم مقرر ٿيو، تنهن بابت ڪنهن به تاريخ ۾ چٽائي ڪانهي.

سلطان محمود غزنوي سنڌ جي ٿر ۾

سومناٿ تي حملي ڪرڻ وقت، سلطان محمود غزنويءَ هجري سنه 415 ۾ ملتان شهر مان سيڌو سامان کڻي اجمير، انهلواڙي ۽ ٻين راجپوت رياستن منجهان لنگهي وڃي سومناٿ پهتو. سومناٿ فتح ڪري، موٽڻ بعد وري ساڳئي رستي تان موٽڻ مناسب نه ڄاڻي، ٻئي ڪنهن رستي کان ملتان پهچڻ جو ارادو ڪيائين. هڪڙو هندو پاڻ سان سونهون ڪري کنيو هئائين، تنهن ڄاڻي ٻجهي سلطان محمود جي لشڪر کي هلاڪ ڪرڻ جي ارادي سان، اهڙن بيابانن مان رلائي آڻي ٿر جي ڀٽن ۾ وڌو، جو ساري رستي تي پاڻيءَ جو ڦڙو ملي نٿي سگهيو. سلطان محمود جي لشڪر ۾ نهايت گهڻي بي آرامي پيدا ٿي ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري ڪيترائي سپاهي ۽ گهوڙا زيان ٿيا. آخر ان هندو سونهي کان پڇا ڳاڇا ٿي، تنهن تي هو چوڻ لڳو، ته ”آئون سومناٿ جو پوڄاري آهيان ۽ منهنجو ارادو اوهان کي ڀلائڻ ۽ هلاڪ ڪرڻ ڌاران ٻيو ڪو نه هو، تنهن ڪري اوهان کي هن اوجهڙ ۾ آڻي وڌو اٿم.“ اها حقيقت ٻڌي ان سونهي کي اتي ئي قيد ڪري ڇڏيائون. پوءِ سلطان محمود ۽ سندس لشڪر ڪنهن ترائي تي اچي پهتا ۽ پاڻي هٿ ڪيائون. تنهن کان پوءِ سلامت وڃي ملتان ۾ پهتا.

سلطان محمود غزنويءَ سنه 421 هجري (1030ع) ۾، وفات ڪئي. ان کان پوءِ به 177 ورهين تائين، سندس اولاد مان تيرهن ڄڻا هڪٻئي پٺيان غزنين جي تخت تي ويٺا، پر اهي پنهنجن گهرو جهيڙن ۽ آسپاس وارين بغاوتن ۾ اهڙا محو هئا، جو ملتان ۽ اپر سنڌ انهن کي ياد به ڪونه هو.

سنڌ تي غوري، غلام، خلجي ۽ تغلق گهراڻي جا گورنر

(1) علي ڪرماج (سنه 571 هجري -1175ع)

جڏهن غزنين جو تخت غوري گهراڻي جي هٿ آيو ۽ غوري گهراڻي جو ٽيون حاڪم غياث الدين غزنين جي تخت تي ويٺو، تڏهن ان پنهنجي ڀاءُ شهاب الدين غوريءَ کي وڏو لشڪر ڏئي هندستان فتح ڪرڻ جي لاءِ روانو ڪيو. شهاب الدين محمد غوري، سنه 571 هجري (1175ع) ۾، اول ملتان تي ڪاهي آيو ۽ جتي غزنوي خاندان جي ضعيفائيءَ سبب قرمطي ماڻهو وري زور وٺي ويا هئا. ملتان ۾ اچڻ سان شهاب الدين غوريءَ، قرمطين جي پاڙ پٽي ڇڏي، جيڪي قرمطي اتان ڀڄي دهليءَ ويا هئا، تن کي وري دهليءَ ۾ وڃڻ وقت وڃي ناس ڪيائين.

ٻئي سال نه 572 هه ۾ شهاب الدين محمد غوريءَ وري اُچ تي ڪاهه ڪئي، جيڪو هڪڙي هندو راجا جي رياست جو تختگاهه هو. اچ جو قلعو تمام مضبوط هو. محمد غوري گهڻو ئي وقت قلعي کي گهيرو ڪيون ويٺو هو، پر ڏٺائين ته قلعو فتح ٿي ڪين سگهندو، تنهن ڪري ان راجا جي راڻيءَ ڏانهن نياپن ۽ پيغامن موڪلڻ جو سلسلو جاري رکيائين، جنهن بابت معلوم ٿيس، ته هوءَ راجا تي پوريءَ طرح غالب آهي. آخر راڻيءَ ڪن شرطن سان محمد غوريءَ سان ٺاهه ۾ اچي وئي ۽ ان اندر ئي اندر راجا کي پورو ڪري ڇڏيو. تنهن کان پوءِ اُچ جو قلعو محمد غوريءَ فتح ڪيو. محمد غوريءَ ملتان اُچ تي علي ڪرماج کي گورنر مقرر ڪري، پاڻ غزنين ڏي موٽي ويو. (تاريخ فرشته ۽ تاريخ اسلام، مولوي ذڪاءُ الله).

(2) قطب الدين ايبڪ (سنه 582هجري -1186ع)

سنه 528 هه (1186ع) ۾، شهاب الدين لاهور فتح ڪيو ۽ اتي غزنوي گهراڻي جو پويون نالي جو حاڪم خسرو ملڪ قلعي ۾ پناهگير هو، تنهن کي قيد ڪري، غزنين ڏي روانو ڪيائين ۽ لاهور جو پرڳڻو پنهنجي هٿ ۾ ڪيائين. علي ڪرماج کي لاهور جو گورنر مقرر ڪيائين ۽ پنهنجي ترڪيءَ واري غلام قطب الدين کي ملتان، اُچ ۽ سنڌ لاءِ گورنر مقرر ڪيائين.

قطب الدين ٽن مهينن جي اندر اُچ کان گهڻو هيٺ سنڌ ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. (چچنامه)

(3) سيف الملوڪ (هجري سنه 582-1186ع)

جيئن قطب الدين کي ترت دهليءَ تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم مليو، تنهن ڪري هو سيف الملوڪ کي ملتان ۽ سنڌ جو گورنر مقرر ڪري پاڻ دهليءَ ڏي روانو ٿيو.  دهلي فتح ٿيڻ ڪري سلطان شهاب الدين محمود غوري قطب الدين کي دهليءَ جو گورنر مقرر ڪيو ۽ لاهور، ملتان خواهه سنڌ جا پرڳڻا به سڌيءَ طرح سندس زيردستيءَ ۾ ٿيا. قطب الدين جيئن هندستان ۾ پنهنجي ملڪ جي حد وڌائيندو رهيو، تيئن سنڌ ۾ به هجري سنه 603 (1206ع) ۾، شهاب الدين محمد غوري کوکرن جي هٿان شهيد ٿيو، تنهن ڪري قطب الدين پاڻ کي دهليءَ جو خودمختيار بادشاهه سڏايو ۽ غلام گهراڻي جو مضبوط پايو ٻڌائين.

(4) ناصر الدين قباچه

قطب الدين هجري سنه 667 (1210ع) ۾ گهوڙي تان ڪرڻ ڪري وفات ڪئي. ان کان پوءِ سندس پٽ آرام شاهه تخت تي ويٺو، پر ان ۾ هيڏي ساري ملڪ جي حڪومت سنڀالڻ جي طاقت ڪا نه هئي، تنهن ڪري سڀني اميرن وزيرن قطب الدين جي ناٺي شمس الدين التمش کي دهليءَ جي تخت تي ويهاريو.

التمش سمورن فتح ڪيل ملڪ کي چئن وڏن پرڳڻن ۾ ورهايو:

(1) وچ وارو ملڪ، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ دهلي هو. سو شمس الدين التمش سڌيءَ طرح پنهنجي هٿ ۾ رکيو.

(2) اچ، ملتان ۽ سنڌ، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو، سو ناصر الدين قباچه جي گورنريءَ ۾ ڏنائين، جيڪو التمش جو سنڍو ۽ قطب الدين جو ٻيو نمبر ناٺي هو ۽ آرام شاهه جي وقت ۾ اتي جو گورنر مقرر ٿيل هو.

(3) لکنؤ علاقي خلجي خاندان جي شهزادن جي سنڀال هيٺ ڇڏيائين.

(4) لاهور پرڳڻو تاج الدين يلدوز جي گورنريءَ ۾ ڏنائين. (چچنامه)

ناصر الدين قباچه هڪڙو بي پرواهه ۽ بهادر شخص هو. هو التمش جي ايتري پرواهه نه ڪندو هو، جيتري ٻيا گورنر ڪندا هئا. هن بکر ۽ بکر کان گهڻو هيٺ سنڌ ملڪ پنهنجيءَ نظر مان ڪڍيو ۽ پنهنجي تابع ڪيو هو.

غزنين جي آسپاس خلجي قوم جا ماڻهو رهندا هئا، جي وقت به وقت پنهنجي سردار جي هٿ هيٺ سنڌ جي ڪن ڀاڱن تي ڪاهيو ايندا هئا ۽ ڦرلٽ ڪريو هليا ويندا هئا. هجري سنه 614 ۾ انهن خلجين جي فوج سنڌ ۾ آئي، جنهن کي ناصر الدين قباچه نه فقط سخت شڪست ڏني، پر جيڪي منجهانئن بچيا، تن سان ڏاڍيون جٺيون ڪيائين. انهن خلجين التمش کي وڃي دانهن ڏني، جنهن تي ساڳئي سال التمش ۽ ناصر الدين قباچه جي وچ ۾ لاهور جي سرحد وٽ چناب نديءَ جي ڪپ تي لڙائي لڳي. التمش سوڀارو ٿيو. ناصر الدين ڪنهن پاسي لڪي ويو، جڏهن التمش دهليءَ ۾ وڃي پهتو تڏهن وري اچي ملتان ۾ پهتو ۽ پنهنجي اصلوڪي حد وارن ملڪن تي پورو پورو قبضو ڄمايائين. (تاريخ اسلام جلد 1 مولوي ذڪاءُ الله).

وري سنه 623 هه ۾ جن خلجي قوم جي ماڻهن ناصر الدين قباچه جي حد تي ڪاهه ڪئي هئي تن جو سردار ملڪ خان خلجي هو. ملڪ خان سيوهڻ ۽ ٻيا به ڪي سنڌ جا شهر هٿ ڪري چڪو هو. ناصر الدين ملتان کان پنهنجي فوج وٺي اچي ملڪ خان سان سنڌ ۾ لڙائي ڪئي،  جنهن ۾ ملڪ خان مارجي ويو ۽ خلجي ڪي ماريا ۽ ڪن ڀڄي پنهنجي حياتي بچائي. (چچنامه)

چنگيز خان تاتاري خوارزم جي بادشاهه جلال الدين کي اتان تڙي ڪڍيو هو، سو به اول پنهنجي لشڪر سميت التمش جي حد ۾ سنڌونديءَ جي ڪپ تائين پهتو، پر التمش پير کوڙڻ نه ڏنس، تنهن ڪري هو پنهنجي لشڪر سميت سنڌ ۾ آيو ۽ سيوهڻ ڏانهن رخ رکيائين. ناصر الدين قباچه پنهنجو لشڪر وٺي جلال الدين جي پٺيان پيو ۽ ان کي ڪيچ ۽ مڪران ڏانهن روانو ڪري پوءِ پٺتي موٽيو. (تاج اسلام مولوي ذڪاءُ الله).

ملتان تي چنگيز خان جي فوج جو گهيرو

چنگيز خان جي هڪڙيءَ فوج ناصر الدين قباچه تي ڪاهه ڪري ملتان تي اچي گهيرو ڪيو، ناصر الدين ان فوج سان مقابلي ڪرڻ جي پهچ نه ساري سگهيو، تنهن ڪري ملتان جي قلعي ۾ مضبوط ٿي ويهي رهيو. مغل (چنگيز خان جا ماڻهو) چاليهه ڏينهن ملتان جي قلعي تي گهيرو ڪريو ويٺا هئا، پر جڏهن ڏٺائون ته قلعي ۾ داخل ٿيڻ آسان ڪم نه آهي، تڏهن گهيرو ڦٽو ڪري موٽي هليا ويا. (چچنامه)

تاريخ فرشته وارو لکي ٿو، ته ناصر الدين تي جيڪا مغلن جي فوج ملتان ۾ ڪاهي آئي هئي، تنهن جو سپہ سالار چغتائي خان بن چنگيز خان هو. چنگيز خان پنهنجي پٽ کي خاص طرح سلطان جلال جي گرفتار ڪرڻ لاءِ لشڪر ڏيئي روانو ڪيو هو، جو چنگيز خان جي چنبي مان خوارزم جي جنگ وقت ڀڄي ويو هو. سلطان جلال الدين کي ته ناصر الدين قباچه اڳئي سنڌ مان ڀڄائي ڪيچ مڪران ڏي روانو ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري چغتائي خان چاليهه ڏينهن ملتان کي گهيرو ڪري ڪنهن فائدي حاصل ڪرڻ ڌاران وري سلطان جلال الدين جي پٺيان ڪيڇ ۽ مڪران ڏي ويو. چغتائي خان سلطان جلال الدين جي پٺيان پوندي به هندستان ۽ سنڌ مان ڪل چاليهه هزار ماڻهو (مرد ۽ زالون) گرفتار ڪري پاڻ سان وٺيو پئي ويو. واٽ تي جڏهن ڏٺائين ته ايترن سارن قيدين کي کاڌ خوراڪ به پورو ملي نٿو سگهي ۽ ڳاهٽ ۽ گندگيءَ جي ڪري سندس لشڪر ۾ به اچي مرض پيدا ٿيو آهي، تڏهن انهن سڀني قيدين کي مارائي پوءِ پنهنجي ملڪ توران ڏي هليو ويو. (تاريخ فرشته مقاله 8)

ناصر الدين قباچه سان التمش بادشاهه جي آخري جنگ

ناصر الدين قباچه پهريائين غلام گهراڻي جي طرفان گورنر هو، پر پوءِ هو اهڙو زور وٺي ويو، جو ملتان، اُچ ۽ ساري سنڌ (عربي سمنڊ تائين)  جو خودمختيار بادشاهه بڻجي ويو.انهيءَ ڪري التمش بادشاهه وقت بوقت ان کي مات ڪرڻ جا گهاٽ پيو گهڙيندو هو.آخر هجري 622 (1225ع)(1)۾ التمش بادشاهه پنهنجي وزيراعظم نظام الملڪ بن ابي سعيد جنيدي کي وڏو لشڪر ناصر الدين قباچه تي حملي ڪرڻ لاءِ ڏيئي اچ جي قلعي تي موڪليو، جتي ان وقت ناصر الدين رهندو هو. ناصر الدين اُچ جي قلعي کي تمام مضبوط ڪري پاڻ وڃي بکر جي قلعي ۾ پناهگير ٿيو. نظام الملڪ ٻه مهينا ۽ ويهه ڏينهن گهيري ڪرڻ بعد اُچ جو قلعو فتح ڪيو ۽ فتح جي خبر التمش بادشاهه ڏي موڪليائين. التمش بادشاهه حڪم موڪليس، ته ناصر الدين کي هٿ ڪرڻ لاءِ بکر جي قلعي تي ڪاهي وڃ. انهيءَ وچ ۾ ناصر الدين قباچه پنهنجي پٽ علاءُ الدين کي التمش بادشاهه سان صلح ڪرڻ لاءِ دهلي روانو ڪيو. صلح بابت اڃا ڪو به فيصلو نه ٿيو هو ته وزير نظام الملڪ بکر جي قلعي تي اچي گهيرو ڪيو. ناصر الدين قباچه بکر جي قلعي بچائڻ جي پاڻ ۾ توفيق نه ساري ٻيڙيءَ رستي ڀڄي وڃڻ جو ٺهراءُ ڪيو. چار پنج ٻيڙيون گهرائي تن ۾ پنهنجا ٻار ٻچا ۽ خاص ماڻهو چاڙهيائين ۽ خزاني جون پيتيون به ٻيڙين ۾ کڻايائين. ناصر الدين قباچه جي قسمت پلٽو کايو بيٺي هئي، تنهن ڪري جنهن ٻيڙيءَ ۾ پاڻ چڙهيل هو، سا اوچتو لهرن لڳڻ ڪري، ٻڏي ويئي ۽ وري سندس مڙهه به هٿ ڪونه آيو. (تاريخ فرشتا مقالا 8)

(5) نظام الملڪ (هجري سنه 622 هه کان 630هه تائين)

التمش بادشاهه، ناصر الدين قباچه کان پوءِ نظام الملڪ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، جنهن ساري سنڌ جو گشت ڪري ماڻهن جون دليون کٽيون ۽ ڳوٺ وسايا. هجري سنه 630 ۾ التمش بادشاهه، نظام الملڪ کي گهرائي پاڻ وٽ دهليءَ ۾ رهايو ۽ نور الدين محمود کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيائين. (تاريخ معصومي)

(6) نور الدين محمود (سنه 630 هه کان سنه 642 هه تائين))

نظام الملڪ گورنر جي وقت ۾، التمش بادشاهه سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ملتان کان ڦيرائي بکر ۾ ڪيو هو. نور الدين محمود بکر ۾ رهي، لوئر سنڌ جي ديسي سردارن کي چڱيءَ طرح پنهنجي مڃتا ۾ رکيو، پر اپر سنڌ يعني اُچ ۽ ملتان جي انتظام ڏي پورو ڌيان ڪونه ڏنائين.

سنه 637 هه (سنه 1239ع) ۾، التمش جي پوٽي رڪن الدين جي پٽ مسعود شاهه کي دهليءَ جي تخت تي ويهاريو هئائون. ان جي وقت ۾ سنه 643 هه ۾، چنگيز خاني مغلن جي فوج اوچتو اچي اُچ جي قلعي کي گهيرو ڪيو. نور الدين محمود، مغلن سان مقابلي جي جرئت نه ساري، تنهن ڪري مسعود شاهه پاڻ دهليءَ مان وڏو ڪٽڪ وٺي اُچ تي اچي ڪڙڪيو. ان جي اچڻ تي مغل قلعي جو گهيرو ڦٽو ڪري ڀڄي ويا. مسعود شاهه اتان وري بکر ۾ آيو ۽ نور الدين محمود کي موقوف ڪري، ان جي جاءِ تي جلال الدين کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيائين ۽ پوءِ پاڻ دهليءَ ڏي موٽيو.

بکر کان موٽندي، مسعود شاهه ملتان ۾ گهڻو وقت رهي پيو ۽ اتي پنهنجن دوستن سان مجلسون  ڪري شراب نوشيءَ ۾ محو ٿي ويو، تنهن ڪري دهليءَ وارن اميرن ان کي قيد ڪري، سندس چاچي ناصر الدين محمود کي دهليءَ جي تخت تي ويهاريو.

(7) جلال الدين (سنه 643 هه کان سنه 649 هه تائين)

جلال الدين ڇهه سال اپر سنڌ توڙي لوئر سنڌ جو پڪو گورنر ٿي رهيو، تنهن کان پوءِ سنه 649 هه ۾ ناصر الدين محمود، جيڪو خدا پرست درويش بادشاهه هو، سو وڏو لشڪر پاڻ سان کڻي سنڌ جي گشت تي نڪتو. هو سيوهڻ تائين آيو هو. هن سنڌ تي ٻه گورنر مقرر ڪيا. هڪڙي کي سيوهڻ ۾ رهايائين ۽ ٻئي کي اُچ ۾. بکر کان مٿي ملتان تائين سنجر کي گورنر ڪيائين، ۽ بکر کان وٺي عربي سمنڊ تائين قليچ خان(1) کي گورنر مقرر ڪيائين، جيڪو سيوهڻ ۾ رهندو هو.

سنه 656 هه (سنه 1258ع) ۾، چنگيز خاني مغلن جي لشڪر وري اُچ ۽ ملتان تي ڪاهه ڪئي، جنهن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ناصر الدين بادشاهه پاڻ دهليءَ کان لشڪر وٺي ملتان ۾ آيو. مغل شهنشاهي ڪٽڪ جي اچڻ جي خبر ٻڌي ڀڄي ويا.

ناصر الدين بادشاهه هجري سنه 664 (1265ع) ۾ وفات ڪئي ۽ ان کان پوءِ غياث الدين (بلبن) دهليءَ جي تخت تي ويٺو. (تاريخ معصومي)

(8) سلطان محمد(هجري سنه 664 کان 683 هه تائين)

التمش جي وفات کان پوءِ هندستان جا ڪيترائي پرڳڻا خودمختيار ٿي ويا هئا. غياث الدين بلبن ڪشمير کان عربي سمنڊ ۽ پشاور کان بينگال تائين سڄو ملڪ وري پنهنجي مڃتا ۾ رکيو، ۽ سڀني هنڌن هڪ جهڙا سڌارا ڪيائين: جيئن ته ڪيترا ڦٽل شهر وري آباد ڪرايائين، رستا ٺهرايائين، فوجي سپاهين کي باقاعدي پگهار ڏياريائين عدل ۽ انصاف جو پورو بندوبست رکيائين. هن پنهنجي پٽ سلطان محمد کي لاهور، ملتان، اُچ ۽ سنڌ لاءِ گورنر جنرل مقرر ڪيو ۽ ان جي رهڻ جو هنڌ ملتان مقرر ڪيائين.

سلطان محمد درويشن جي صحبت جو شائق هوندو هو. شيخ بهاءُ الدين ذڪريا (عليہ الرحمة)  ملتان وارو ۽ شيخ فريد الدين شڪر گنج اجوڌن وارو، جي مشهور خدا رسيده بزرگ هئا، تن جي صحبت ۾ سلطان محمد گهڻو گذاريندو هو. علم جو اهڙو شوقين ۽ قدردان هو، جو ان وقت جو نامور شاعر امير خسرو دهلوي ۽ امير حسن دهلوي وٽس تنخواه دار هئا. اوري پري جي درويشن ۽ عالمن کي پاڻ وٽ گهرايو انهن جي تعظيم ڪندو هو. شعر جو چاه ۽ پرک ايتري قدر وٽس هوندي هئي، جو هڪڙو خاص بياض پاڻ وٽ رکيو هئائين جنهن ۾ جدا جدا شاعرن جا ٻه هزار بيت نقل ڪيا هئائين. سنڌ جو مشهور خدا دوست درويش عثمان مروندي، جنهن کي قلندر لعل شهباز (عليہ الرحمة) به سڏبو آهي، سو به ملتان ۾ سلطان محمد سان ملاقاتي ٿيو هو. ان کي اتي رهي پوڻ لاءِ سلطان محمد گهڻيون منٿون ڪيون، پر هو نه رهيا ۽ واٽهڙو وانگر اتي گذاري هليا ويا.

سلطان محمد ٻه ڀيرا ملتان کان پنهنجا خاص ماڻهو شيخ سعدي جي آڻڻ لاءِ شيراز موڪليا هئا، پر شيخ سعدي پيريءَ جي سبب اچي نه سگهيو ۽ سلطان محمد ڏانهن پنهنجو هٿ لکيل نظم جو ڪتاب ڏياري موڪليائين ۽ امير خسرو جي گهڻي پارت لکيائينس.

هجري سنه 682 (عيسوي سنه 1282) ۾ چنگيز خان، مغلن جو هڪڙو زبردست لشڪر قتلغ خان جي هٿ هيٺ هندستان تي چاڙهي موڪليو. هي لشڪر جڏهن لاهور جي نزديڪ آيو، تڏهن سلطان محمد ٽيهه هزار سپاهي ساڻ ڪري وڃي انهن جي فوج کي سامهون ٿيو. انهيءَ جنگ ۾ مغل هارائي ڀڳا، پر سلطان محمد شهيد ٿي ويو. (چچنامه ۽ تاريخ معصومي)

(9) ڪيخسرو (سنه 683 هه کان 693 هه تائين))

سلطان محمد جي وفات کان پوءِ غياث الدين بلبن پنهنجي پوٽي (سلطان محمد جي پٽ) ڪيخسرو کي ملتان ۽ سنڌ جي حڪومت حوالي ڪئي.

غياث الدين بلبن سنه 685 هه (1282ع) ۾ وفات ڪئي. تيرهن ورهيه ته غلام خاندان جا اڀرا سڀرا شهزادا دهليءَ جي تخت تي ويٺا، پر ٻوٽو ڪونه ٻاريائون، تنهن ڪري بلبن جي نوڪر جلال الدين خلجي دهليءَ جو تخت هٿ ڪيو.

(10) نصرت خان (سنه 693 هه کان 720 هه تائين)

سنه 693 هه ۾ جلال الدين بادشاهه لاهور طرف گشت تي نڪتو ۽ پنهنجي وچئين پٽ ارڪلي خان کي اُچ ۽ ملتان جو گورنر مقرر ڪيائين. نصرت خان کي سنڌ جي گورنر ارڪلي خان جي زيردستيءَ ۾ رکيائين. ارڪلي خان چڱي چال وارو ۽ بهادر مڙس هو. هو ٻه ڀيرا سنڌ ۾ گشت ڪرڻ آيو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ نظر مان ڪڍيائين ۽ سنڌ جي سڀني خودمختيار سردارن کي پنهنجي مڃتا ۾ رکيائين.

سنه 695 هه ۾ علاءُ الدين خلجي پنهنجي چاچي ۽ سهري جلال الدين کي قتل ڪري دهليءَ جي تخت تي ويٺو. هن تخت تي ويهڻ شرط سنڌ ملڪ ڏانهن ڌيان ڏنو. هن پنهنجي ڀاءُ الخ خان کي چاليهه هزار فوج سان ملتان تي چاڙهي موڪليو، جنهن ارڪلي خان کي مات ڏئي، ان کي ملتان کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ علاءُ الدين ملتان، اُچ، بکر، سيوهڻ (بلڪه عربي سمنڊ تائين)  پرڳڻن تي نصرت خان کي گورنر طرح قائم رکيو ۽ ان کي ڏهه هزار فوج هر وقت پاڻ وٽ موجود رکڻ جي اختياري ڏنائين. نصرت خان، سنڌ جي سڀني قومن جي سردارن کي علاءُ الدين بادشاهه جي مڃتا ۾ رکيو ۽ پنهنجا ننڍا صوبا، جدا جدا پرڳڻن جي قومي سردارن تي نظر رکڻ لاءِ مقرر ڪري پاڻ ملتان ۾ رهڻ لڳو.

سنه 697 هه (سنه 1267ع) ۾، چنگيز خاني مغلن جي لشڪر سيتا کان لنگهي، سنڌ جي سيوهڻ واري قلعي تي اچي حملو ڪيو ۽ ماڻهن کي گهڻو پريشان ڪيائون. نصرت خان، انهيءَ اطلاع ملڻ تي ملتان کان درياءَ جي رستي فوج ۽ جنگي سامان کڻي اچي سيوهڻ ۾ پهتو، ۽ سخت جنگ کان پوءِ مغلن کي اتان ڀڄائي ڪڍيائين.

نصرت خان جي وقت ۾ سنڌ جي شهر شهر ۾ سرڪاري آفيسر، امين ۽ قاضي رکيل هوندا هئا ۽ ٽپال جو به اهڙو بندوبست رکيل هو، جو هر هڪ شهر ۽ پرڳڻي جو احوال هفتي به هفتي دهليءَ پهچندو هو. (تاريخ معصومي)

(11) خواجه خطير ۽ (12) ملڪ علي شير

(سنه 720هه کان سنه 727هه تائين)

سنه 700 هه (سنه 1300ع)  ۾ علاءُ الدين بادشاهه وفات ڪئي. ان جي وفات ڪرڻ بعد سڄي ملڪ ۾ بدامني ۽ بي انتظامي پکڙجي وئي. آقي باقي خلجي خاندان جو پويون حاڪم خسرو خان دهلي. جي تخت تي ويٺو، تنهن وري بي دين ماڻهن جي هٿان مسلمانن کي طرح طرح جون تڪليفون رسائڻ شروع ڪيون، تنهن ڪري سڀ امير ۽ وزير به بگڙي پيا. علاءُ الدين جو فوجي عملدار ملڪ غازي خان ۽ ان جو پٽ فخر ملڪ، ملتان ۽ سنڌ مان لشڪر وٺي دهليءَ تي ڪاهي ويا. خسرو خان کي سخت جنگين کان پوءِ شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيائون. تنهن کان پوءِ سڀني اميرن، وزيرن ۽ عالمن ملڪ غازي خان کي سنه 720 هه ۾ دهليءَ جي تخت تي ويهاريو، جيڪو غياث الدين تغلق جي لقب سان دهليءَ جو بادشاهه مقرر ٿيو.

غياث الدين تغلق ملڪ تاج الدين کي ملتان جو گورنر، خواجه خطير کي بکر جو گورنر ۽ ملڪ علي شير کي سيوهڻ جو گورنر مقرر ڪيو.

انهيءَ وقت ۾ سومرا قوم سنڌ جي لاڙ ڀاڱي ۽ ٺٽي جي آسپاس گهڻو زور ڄمائي چڪي هئي. سنه 725 هه (1324ع) ۾ غياث الدين بادشاهه وفات ڪئي.

(13) ڪشور خان (سنه 727 کان 738 هه تائين)

غياث الدين تغلق کان پوءِ سندس پٽ فخر ملڪ ”محمد شاهه“ جي لقب سان دهليءَ جي تخت تي ويٺو. ان سنه 727 هه ۾ ڪشور خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو، جو بکر ۾ رهندو هو. ٻئي سال جڏهن محمد شاهه تغلق پنهجو تختگاهه دهليءَ مان ڦيرائي دولت آباد ۾ ڪيو، تڏهن ڪشور خان بکر کان ملتان ۾ آيو، ۽ اتي بلوچن ۽ ملتانين جو وڏو لشڪر گڏ ڪري، خودمختيار هجڻ جي دعوى ڪيائين. تنهن تي محمد شاهه وڏي فوج وٺي، تڪڙيون تڪڙيون منزلون ڪندو اچي ملتان ۾ پهتو ۽ ڪشور خان سان جنگ جوٽيائين. محمد شاهه جي سپاهين مان ڪنهن هڪ سپاهيءَ، ڪشور خان جي سسي لاهي آڻي محمد شاهه اڳيان رکي ۽ ڪشمور خان جا سپاهي ٽڙي پکڙي ويا. محمد شاهه پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏنو ته اگهاڙيون تراريون هٿن ۾ کڻي ملتان جي ماڻهن ۾ اهڙو ڪوس ڪريو، جو ملتان جي گهٽين مان رت جون نهرون وهي هلن، ان وقت ملتان شهر ۾ شيخ بهاءُ الدين ذڪريا (عليہ الرحمة)  جو پوٽو شيخ رڪن الدين (عليہ الرحمة)  خدا رسيد ۽ روحاني پيشوا موجود هو، سو مٿو اگهاڙو ڪري محمد شاهه جي دربار ۾ اچي بيٺو ۽ ماڻهن جي پاران معافي گهريائين. محمد شاهه کي ان درويش جو حيا پئجي ويو ۽ پنهنجن سپاهين کي ڪوس ڪرڻ کان روڪي ڇڏيائين.

محمد شاهه پنهنجا دل گهريا ۽ ويساهه وارا ماڻهو جدا جدا ملتان، بکر ۽ سيوهڻ ۾ گورنر(1) مقرر ڪري پنهنجي تختگاهه ڏي موٽي ويو. (تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

تاريخ فرشته وارو ”ڪشور خان“ جي بدران ”بهرام شاهه ابيه“ جو نالو لکي ٿو ۽ لکي ٿو ته جڏهن بهرام شاهه ابيه جي سسي سپاهين لاهي سندس اڳيان آڻي رکي ۽ شاهه رڪن الدين (عليہ الرحمة) اولياءَ جي سفارش تي محمد شاهه بادشاهه ملتان جو ڪوس مهمل ڪرايو، تڏهن بهرام شاهه جي جاءِ تي قوام الملڪ کي ملتان ۽ سنڌ جو گورنر ڪري پاڻ دهليءَ ڏي روانو ٿيو. (تاريخ فرشته مقاله 2)

محمد شاهه تغلق جي سنڌ ۾ وفات

 سنه 751 هه (1350ع) ۾ محمد شاهه تغلق گجرات ڏي لشڪر وٺي روانو ٿيو، ڇاڪاڻ جو ڪرنال ۾ سندس هڪڙي غلام طغي نالي بغاوت ڦهلائي هئي. محمد شاهه جي لشڪر جي خبر ٻڌي طغي کنڀات جي بندر ڏي ڀڄي ويو ۽ اتان وري سنڌ جي لاڙ ۾ ٺٽي طرف اٿي ڀڳو. محمد شاهه به لشڪر سميت کنڀات کان ٿيندو سنڌ جي لاڙ ۾ آيو ۽ ٺٽي کان چوڏهن ڪوهن جي مفاصلي تي درياءَ جي ڪپ تي اچي منزل ڪيائين. لاڙ ۾ محمد شاهه تغلق بيمار ٿي پيو هو. ڪندل ڳوٺ ۾ سنديس بادشاهه بيگم به اچي ساڻس ملي، جنهن ڪري هو ڏاڍو خوش ٿيو، پر حياتيءَ جا ڏينهن کٽي چڪا هئس، تنهن ڪري تپ وگهي درياءَ جي ڪپ واري منزل تي سنه 752 هه (1351ع) ۾ وفات ڪيائين. (تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

(14) قوام الملڪ (سنه 728 هه کان 752 هه تائين)

محمد شاهه تغلق، ڪشور خان (يا تاريخ فرشتي جي لکڻ موجب بهرام شاهه ابيه) جي قتل کان پوءِ قوام الملڪ کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو هو. ان جي ڏينهن ۾ مکيه ڳالهه اها ٿي، جو محمد شاهه سنڌ ۾ وفات ڪائي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.

(15) ملڪ رڪن الدين (سنه 752 هه کان .........)

فيروز شاهه تغلق جي سنڌ ۾ تاجپوشي

محمد شاهه تغلق پهريائين سندس سؤٽ فيروز شاهه تغلق کان ترش دل هو، پر مسافري واري بيماريءَ ۾ فيروز شاهه سندس چڱيءَ طرح خدمتون ڪيون هيون، تنهن ڪري محمد شاهه وفات کان اڳ اميرن وزيرن جي روبرو فيروز شاهه کي پنهنجو وارث مقرر ڪيو ۽ هيٺيون بيت چئي ٻڌايائينس:

”تو سر سبز باشي به شاهنشهي،

که من کرده ام سرز بالين تهي“.

معنى: ”تون شال شهنشاهي ماڻيندو رهين، ڇاڪاڻ جو آئون هاڻ وڃڻ وارو آهيان.“

محمد شاهه تغلق جي وفات کان پوءِ پهريائين ته فيروز شاهه تاج پهرڻ جي نه پيو ڪري ۽ حج ڪرڻ لاءِ وڃڻ جا عذر ڪرڻ لڳو، پر آخر سڀني اميرن مشيرن ۽ درويشن جي زور رکڻ تي تاريخ 24 محرم سنه 752 هه ۾ محمد شاهه جي وفات کان پوءِ تيرهن ڏينهن ٺٽي شهر کان چوڏهن ڪوهن جي مفاصلي تي ساڳئي درياءَ جي ڪناري واري منزل تي فيروز شاهه تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي ۽ اميرن امرائن ۽ عالمن فاضلن کي انعام ۽ خلعتون بخشيائين. (تاريخ فرشته)

ملڪ رڪن الدين کي فيروز شاهه پنهنجو نائب ڪري بکر ۾ رکيو ۽ ان جي هٿ هيٺ ملڪ علي شير ۽ ملڪ تاج الدين ڪافوري کي سيوهڻ ۾ حڪمران ڪري رکيائين.

 

فيروز شاهه تغلق سان جاڙيجن ۽ سومرن جي جنگ

طغي نالي باغي، جنهن جي پٺيان پوندي محمد شاهه تغلق سنڌ ۾ اچي پساه ڏنا، سو جاڙيجن، سومرن ۽ سمن سان ميلاپ ڪري فيروز شاهه جي منزل تي ڪاهي آيو. فيروز شاهه وٽ ٻه هزار فوج موجود هئي، جنهن درياءُ اڪري جاڙيجن ۽ سومرن سان وڃي مقابلو ڪيو. ٻه سخت جنگيون ٿيون. آخر جاڙيجا ۽ سومرا ڪي ماريا، ڪي اٿي ڀڳا، تنهن کان پوءِ فيروز شاهه تاريخ پهرين صفر اتان ڪوچ ڪيو ۽ حڪم ڏنائين ته روزمره پنجن ڪوهن کان وڌيڪ مسافري نه ڪئي وڃي. واٽ تي ساڱره ڍنڍ جي ڪپ تي هڪڙو ڪوٽ اڏايائين. نصر نالي هڪڙي عملدار کي هڪ هزار ماڻهو ڏيئي انهيءَ ڪوٽ تي ڇڏيائين ۽ ملڪ بهرام کي پوليس عملدار ڪري اتي ڇڏيائين. (چچنامه)

فيروز شاهه جو سنڌ ۾ گشت

اتان منزل بمنزل هلندي فيروز شاهه سيوهڻ ۾ آيو. واٽ تي جيڪي جيڪي ديسي قومون ۽ انهن جا سردار سلاميءَ تي ايندا هئا، تن کي انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيندو رهندو هو.

سيوهڻ ۾ حضرت قلندر لعل شهباز عليہ الرحمة  جي مقبري جي اچي زيارت ڪيائين ۽ اتي جي متولين، قاضين، عالمن ۽ فقيرن کي چڱيءَ طرح نوازيائين. سيوهڻ کان منزل بمنزل هلندي بکر ۾ آيو ۽ اتي ويهه ڏينهن رهي پيو. پنهنجا خاص ماڻهو اتي ڇڏيائين، جيڪي بکر جي قلعي جي حفاظت ڪندا رهيا. بکر کان اُچ ۽ ملتان مان ٿيندو رجب مهيني ۾ دهليءَ پهتو.

ويهن ورهين کان پوءِ يعني سنه 772 هه جي رجب مهيني ۾ فيروز شاهه تغلق وري به سنڌ جو گشت ڪرڻ آيو. بکر اچي مصريءَ جا سؤ اٺ گهرايائين ۽ انهيءَ مصريءَ ۾ برف جو شربت ٺاهي، محمد شاهه تغلق جي روح کي ختمو ڏياريائين. بکر کان گهمندو ڦرندو جڏهن ٺٽي ۾ آيو، تڏهن اتي سما قوم جي سردار ڄام خير الدين پاڻ کي وڃي ڪوٽ ۾ لڪايو، ۽ فيروز شاهه جي لشڪر کي پاڻي ۽ گاهه جي رسد نه پهچايائين. فيروز شاهه ان وقت ته ڪن ٽار ڪري گجرات ڏي هليو ويو، پر اتان موٽندي ڄام خير الدين کي فهمائش ڪرڻ جو ارادو ڪيائين. خير الدين، فيروز شاهه کان معافي وٺي سندس پناهه ۾ وڃي پيو. فيروز شاهه ان کي پاڻ سان وٺي ڪوشش ڪئي، پر پڪڙجي پيو، تنهن ڪري فيروز شاهه ان کي زنجيرن ۾ بند ڪرائي دهليءَ وٺي ويو. ڳچ ڏينهن  کان پوءِ، فيروز شاهه تغلق ڄام خير الدين جي پٽ ڄام جوناهه کي ٺٽي جي آسپاس جي حڪومت جو پروانو ڏئي سنڌ ڏي روانو ڪيو.

فيروز شاهه تغلق، اٺٽيهه ورهيه ۽ ڪي مهينا حڪومت ڪري، تاريخ 18 رمضان سنه 790 هه (سنه 1388ع) ۾ وفات ڪئي. (چچنامه ۽ تاريخ معصومي)

سنڌ ۾ دهليءَ جي گورنر جي پڄاڻي

فيروز شاهه تغلق جي وفات کان پوءِ سندس پويان پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ گهرو جهيڙن ۾ مشغول رهيا، جنهن ڪري جيئن هندستان جا ٻيا پرڳڻا سندن هٿن مان نڪري ويا، تيئن سنڌ ملڪ به سندن زيردستيءَ کان نڪري ويو. سنڌ جي جدا جدا ٽڪرن تي، جدا جدا قومن جا سردار پنهنجو پنهنجو حڪم هلائڻ لڳا، پر انهن سڀني قومن ۾ سومرن جي قوم وڌيڪ طاقتور هئي، سومرن پنهنجي حڪومت سنڌ جي ڏاکڻئين ڀاڱي کان فتح ڪرڻ شروع ڪئي.


(1)  ڄام نندو سنه 896هه (1490ع) کان وٺي اٺيتاليهه ورهيه سنڌ جو حاڪم هو.

(1)  چچنامي ۾ هجري سنه 624 برابر عيسوي سنه 1227ع ۾ لکيل آهي.

(1)  تاريخ معصومي ۾ قليچ خان لکيل آهي.

(1)  تاريخ معصومي ۽ چچنامه ۾ انهن گورنرن جا نالا نروار نه ڪيا ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org