سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :22

 

ننگر ٺٽي شهر جو بنياد

ڄام نندي تخت نشين ٿيڻ کانپوءِ ارادو ڪيو، ته ڪو نئون شهر ٻڌايان، جنهن ۾ ماڻهن کي هر طرح جو آرام ۽ آسائش ملي. وڏا وڏا نجومي گهرائي، تن کان سڳوري ساعت پڇي پوءِ نئين شهر جي اڏاوت  شروع ڪرايائين. پنهنجي تخت گاهه ساموئي يا سما نگر کان فقط ٽي ميل پري هڪڙي ڪشادي ميدان ۾ نئين شهر جو بنياد پيو ۽ بنگلا ۽ محلاتون ٺهي ويون. شهر تيار ٿي وڃڻ بعد ڄام نندو پنهنجي سموري اٽالي سميت سما نگر ڇڏي، ٺٽي ۾ اچي پنهنجو تخت گاهه ڪيو.

بيشڪ شڪر جو بنياد اهڙي ڪنهن سڀاڳي وقت ۾ پيو آهي، جو اتي جي ماڻهن ڪڏهن به ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏٺو آهي. ماڻهو پنهنجن ڪمن ڪارين ۾ سکيا ستابا گذارين ٿا ۽ غمن کان آزاد آهن. جهڙا هتي جا ماڻهو سکيا آهن، تهڙا دنيا ۾ ٻئي ڪنهن به هنڌ نه هوندا. سڀ ڪنهن مهيني ۾ شادمانا ٿين ٿا ۽ سڀ ڪنهن مهيني ۾، ماهه جي پهرئين جمعي ۽ چوڏيهن تاريخ تي مڪليءَ جي رونق ڏسڻ وٽان آهي. ماڻهن جي مجمعي ڪري پير رکڻ جي جاءِ ڪانه ملندي آهي. سڀ ڪنهن ماهه جي پهرئين سومر تي به گهڻي خلق مڪلي تي وڃي گڏ ٿيندي آهي. ازانسواءِ رجب، حج وغيره خاص خاص مهينن ۾ مڪلي وارن خاص مقبرن تي ميلا لڳندا اهن. برسات جي موسم ۾ مڪليءَ جو نظارو ڏسڻ وٽان آهي. (ايليٽ صاحب بحواله تاريخ طاهري)

ڄام نندي ننگر ٺٽو شهر سنه 900 هه جي پڇاڙيءَ ۾ ٻڌايو هو (يعني سندس تخت نشين ٿيڻ کان چار سال پوءِ.). (تحفة الڪرام جلد3)

دريا خان جو احوال

هڪڙي ڀيري ڄام نندو پنهنجي وزير لڪديز سان گڏجي شڪار تي ويو. لڪديز وٽ هڪڙو ڇوڪراٽ غلام هو، جنهن کي هو قبوليو ڪري سڏيندو هو. قبوليو حقيقت ڪري هڪڙي سادات جو ٻار هو، جو جنگ ۾ قيد ٿي لڪديز وٽ ٻانهو ٿي وڪاڻو هو. لڪديز ان کي پنهنجي آبدار يعني پاڻي پيارڻ وارو ڪري رکيو هو.

ڄام صاحب کي واٽ تي اچي اڃ لڳي، ڄام صاحب وٽ ان وقت سندس آبدار حاضر ڪونه هو، تنهن ڪري قبولئي کي لڪديز حڪم ڏنو، ته ”حضور کي پاڻي آڻي پيار“ قبوليو جيتوڻيڪ عمر ۾ ننڍو هو، پر عقل جي ڏات ڌڻي تعالى  وڏي بخشي هيس، سو پاڻيءَ جو پيالو ڀري ان ۾ ٻه چار سڪل ڪک به وجهي ڄام صاحب کي آڻي ڏنائين. ڄام نندي پيالو وٺي قبولئي کان پڇيو، ته ”پاڻيءَ ۾ ڪکن هئڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟“ قبولئي هٿ ٻڌي عرض ڪيو، ته ”جيئندا قبلا! مون صحيح ڪيو، ته حضور جن کي ڏاڍي اڃ لڳي آهي، سو سمجهيم ته متان حضور جن يڪ ساهي سڄو پيالو پي ڇڏين ۽ سواريءَ ۾ انهيءَ ڪري ڪا تڪليف پهچين، تنهن ڪري ٿورا ڪک پاڻيءَ ۾ وجهي ڇڏيا اٿم ته حضور جن آهستي آهستي ڪک ٽاريندا ڍڪ ڍڪ ڪري پاڻي پين“.

ڄام نندي کي قبولئي جي اها سمجهه نهايت پسند آئي، سو لڪديز کان انهيءَ جي ٻانهن وٺي کڻي پاڻ وٽ رکيائينس. انهيءَ ڏينهن کان وٺي قبولئي جو بخت کلڻ لڳو. قبوليو جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن سندس عقل ۽ سمجهه جا ڪم ڄام نندي کي موهيندا ويا، ڄام نندي هن کي مبارڪ خان جو لقب ڏيئي پنهنجو پٽيلو کڻي بنايو.

ڄام نندي جي دربار ۾ دلشاد ۽ ٻيا ڏاها ڏاها امير وزير هئا، پر مبارڪ جو مٽ ئي ڪونه هو. پوءِ ته مبارڪ خان مان مٽجي ٿيو دريا خان، دريا خان جي سمجهه، ايمانداري ۽ وفاداريءَ تي ڄام نندي کي ايترو ڀروسو هو، جو حڪومت جي وڏن وڏن مسئلن ۾ به دريا خان سان صلاح مصلحت ڪندو هو ۽ وفات وقت به پنهنجي فرزند فيروز ۽ ٻئي عيال جي پارت دريا خان کي ڪري ويو ۽ وصيت ڪيائينس ته: ”سڄيءَ حڪومت جو بار تون پنهنجن ڪلهن تي سمجهجانءِ، ڄام فيروز جي پارت هجيئي، وفاداري ۽ ايمانداريءَ جا فرض چڱيءَ طرح بجاءِ آڻج.“

سنڌ تي شاهه بيگ مغل جي ڪاهه

ڄام نندي جي حڪومت وارن پوين ڏينهن ۾، شاهه بيگ جي هٿ هيٺ مغلن جو لشڪر قنڌار کان سنڌ ۾ ڪاهي آيو ۽ آگري، چانڊوڪا، سنديجا ۽ ماڇين جو ڪوٽ، اهي شهر اچي لٽيائين. ڄام نندي هڪڙو وڏو لشڪر دريا خان جي هٿ هيٺ روانو ڪيو، جنهن هلوڪر ڳوٺ وٽ هڪڙيائي جنگ ۾ مغلن کي شڪست ڏني. انهيءَ جنگ ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ مرزا ابو محمد مارجي ويو ۽ مغلن قنڌار ڏانهن ڀاڄ کاڌي. وري ڄام نندي جي حياتيءَ ۾ مغل سنڌ ۾ نه آيا.(تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

 انهيءَ ڪاهه بابت ”تاريخ فرشته“ ۾ هن طرح احوال لکيل آهي:

سنه 890 هجريءَ ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان مغلن جو لشڪر وٺي سولي جو قلعو اچي ورتو، جيڪو ڄام نظام الدين جي هڪڙي امير بهادر خان جي سنڀال هيٺ هو. شاهه بيگ زور ظلم سان اهو قلعو فتح ڪري، پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ هليو ويو قنڌار.

شاهه بيگ جي غير حاضريءَ ۾، ڄام نظام الدين هڪڙو وڏو لشڪر پنهنجي سپهه سالار مبارڪ خان جي هٿ هيٺ سولي جي قلعي آزاد ڪرائڻ لاءِ روانو ڪيو. مبارڪ خان ۽ سلطان محمد جي وچ ۾ ٻه ٽي سخت جنگيون ٿيون. آخر سلطان محمد جنگ ۾ مارجي ويو ۽ سولي جو قلعو وري به ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي قبضي ۾ آيو.

شاهه بيگ اها خبر ٻڌي، مرزا عيسى کي پاڙي جهاڙي وٺڻ لاءِ لشڪر ڏئي سنڌ تي موڪليو، ڄام نظام الدين به زبردست لشڪر مبارڪ خان جي هٿ هيٺ مقابلي لاءِ روانو ڪيو. مرزا عيسى ترخان ۽ مبارڪ خان جي وچ ۾ سرحد وٽ نهايت سخت ۽ خونريز جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام جي طرف جا ڪيترائي جهونا ۽ ڪارائتا امير مارجي ويا ۽ مبارڪ خان به سخت زخمي ٿي بکر جي قلعي ۾ اچي پناهه ورتي. شاهه بيگ جڏهن مرزا عيسى جي فتحيابيءَ جي خبر ٻڌي، تڏهن ان کي ساريءَ سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو شوق جاڳيو، ۽ هڪڙو زبردست لشڪر وٺي بکر تي ڪاهي آيو.

قاضي قادن، جيڪو ڄام نظام الدين جي طرفان بکر جي قلعي جو حاڪم هو، تنهن چڱيءَ طرح مقابلو ڪيو، پر ان کي ڪا وڌيڪ فوجي مدد ڄام نظام الدين جي طرفان ڪا نه پهتي، تنهن ڪري هن آڻ مڃي قلعو کڻي شاهه بيگ جي حوالي ڪيو. شاهه بيگ بکر جي قلعي تي فاضل بيگ ڪوڪلتاش کي حاڪم مقرر ڪري پاڻ وري سيوهڻ جي قلعي تي ڪاهي ويو. اهو قلعو به فتح ڪيائين ۽ خواجه بيگ کي اتي جو حاڪم مقرر ڪيائين. انهيءَ سال ايتري سوڀ حاصل ڪري شاهه بيگ موٽي قنڌار هليو ويو.

ڄام نظام الدين گهڻو ناڻو خرچ ڪري تازو لشڪر گڏ ڪيو ۽ اهو سولي جي قلعي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليائين، پر ڪجهه به ڪين وريو. ڇاڪاڻ جو مرزا عيسى ترخان جي لشڪر اڳينءَ جنگ ۾ سنڌي سپاهين کي اهڙيون اکيون ڏيکاريون هيون، جو سنڌي سپاهي مغل سپاهين کان ونئن پيا ويندا هئا. هڪڙي ڀيري ڪنهن ترڪمان (مغل سپاهي) جي گهوڙي جو تنگ ڍرو ٿي پيو هو، سو گهوڙي تان لهي تنگ ٺاهڻ لڳو، ايتري ۾ چاليهه سنڌي سپاهي ان تي ڪاهي آيا. ترڪمان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ گهوڙي تي لانگ ورائي ته سنڌي سپاهي پنهنجي منهن اٿي ڀڳا. (تاريخ فرشته مقاله 8)

ڄام نندو اٺيتاليهه ورهيه حڪومت ڪري هن دنيا مان لڏي ويو. (تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

ڄام نندو ٻاهٽ ورهيه حڪومت ڪري پوءِ گذريو. (تاريخ فرشته)

ڄام نندي ٽيهتر ورهيه حڪومت ڪئي. (سر ايليٽ صاحب بحواله تاريخ طاهري)

ڄام نندي جي حڪومت جو عرصو ٽيتاليهن ۽ پنجاهه  ورهين جي وچ ۾ هو.هن سنه 614 هه (1508ع) ۾ وفات ڪئي.(تحفة الڪرام جلد 3)

ڄام نندي بابت متفرقه ڳالهيون

ڄام نندي جي دينداري ۽ پاڪبازي

قاضي عبدالله نالي هڪڙو خدا پرست انسان، جنهن جي تربت مڪلي ٽڪريءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي قبي جي پٺيان آهي، تنهن جڏهن وفات ڪئي هئي. تڏهن ان وقت جي ڪنهن ٻئي بزرگ کي خواب ۾ ڏيکاري چيو هئائين، ته ”منهنجي جنازي تي اهو شخص نماز پڙهڻ لاءِ پيش امام ٿي بيهي، جنهن ڪڏهن به بنان وضو آسمان ڏي نه نهاريو هجي، يا جنهن ڪڏهن به ڪنهن انسان جي اگهاڙ تي نظر نه ڪئي هجي، پر پنهنجي اگهاڙ تي به ڪڏهن نظر نه ڪئي هجي”. ننگر ٺٽي شهر ۾ اهڙي ماڻهو هٿ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي پڇا هلي. آخر ڄام نندي کان سواءِ ٻيو ڪو به اهڙو پاڪباز ماڻهو هٿ ڪونه آيو، تنهن ڪري ڄام نندي پاڻ پيش امام ٿي قاضي عبدالله جي جنازي نماز پاڙهي.(چچنامه بحواله تحفة الڪرام)

ڄام نندي جي عدل پروري

”رساله قطبيه“ ۾ سيد مراد شاهه شيرازي (رحمة عليہ) جي احوال ۾ لکيل آهي، ته سيد صاحب هڪڙي ڏينهن رڻ پٽ مان پئي آيو، ته هڪڙيءَ قبر مان ڪو شخص نڪري اچي ساڻس عرض احوال ڪرڻ لڳو. چيائينس ته ”مون کي چورن ڦري لٽي هت شهيد ڪيو آهي. منهنجا يتيم ٻارڙا گجرات  ۾ پيا ٻاڪاريندا هوندا. وقت جي حاڪم کي چتاءُ ڪريو، ته چورن کان منهنجو مال اسباب وٺي، منهنجن يتيم ٻارن کي گجرات ۾ پهچائي ۽ چورن کي سيکت ڏئي.“

شاهه صاحب اهو اطلاع وقت جي حاڪم ڄام نندي کي پهچايو. تنهن تي ڄام نندي خاص بندوبست رکي، اهي چور هٿ ڪيا ۽ ڦر وارو سمورو مال انهن چورن کان وٺي، فوتيءَ جي ٻارن کي گجرات ۾ پهچايائين ۽ چورن کي مناسب سزا ڏنائين. اهو نقل اهڙو ئي آهي، جهڙو ڄام خير الدين بابت بيان ڪيل آهي. والله اعلم بالصواب (تحفة الڪرام جلد 3)

ڄام فيروز

ڄام نندي جي وفات کانپوءِ سندس ننڍو پٽ ڄام فيروز تخت نشين ٿيو. جيئن ته ڄام فيروز اڃا الڙ هو، تنهنڪري دريا خان ان جو سنڀاليندڙ ۽ حڪومت جو ڪم ڪار هلائيندڙ ٿيو، جنهن کي ڄام نندو پنهنجو دين جو پٽ ڪئي ويو هو. ڄام سنجر جي پوٽي صلاح الدين تخت نشينيءَ لاءِ دواداري ظاهر ڪئي هئي. پر دريا خان ۽ جام نندي جي ٻين درٻارين جي سرجوشيءَ سان صلاح الدين نااُميد رهجي ويو ۽ ڄام فيروز سنڌ جو حاڪم ٿيو.

صلاح الدين تخت نشينيءَ کان نااُميد ٿيڻ بعد ماڻهن کي بغاوت ڪرڻ لاءِ اڪسائڻ لڳو ۽ ڪيتريون ئي ناشائستيون هلتون ڪيائين، پر جڏهن ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو، تڏهن گجرات ڏي ڀڄي ويو ۽ پنهنجي ناٺي سلطان مظفر وٽ وڃي رهڻ لڳو.

ڄام فيروز نوجوان هو ۽ حڪومت جو سڀ ڪاروبار سندس پاران دريا خان نهايت ايمانداريءَ ۽ سڄڻائيءَ سان هلائي رهيو هو. تنهنڪري هو پنهنجو سمورو وقت حرمخانه ۾ گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ورلي ٻاهر نڪرندو هو. جڏهن هو ٻاهر نڪرندو هو، تڏهن راڳ روپ ٻڌڻ، ڇوڪرين جي ناچ ۽ مسخرن جي چرچي بازي ڏسڻ ۾ وقت صرف ڪندو هو.

ڄام فيروز جي زماني ۾ سما ماڻهو پنهنجن خاصخيلين (خاص نوڪرن يا غلامن) کي توڙي عام ماڻهن کي گهڻي تڪليف ڏيڻ لڳا. جيڪڏهن دريا خان انهن کي ڪا هدايت ڪندو هو ته ان کي به برو ڀلو ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ڪري دريا خان حڪومت جي واڳن سنڀالڻ کان استعيفا ڏني ۽ پنهنجي جاگير ڪاهان ۾ وڃي رهڻ لڳو. انهيءَ ڳوٺ ۾ ڪيترائي عالم ۽ درويش به رهندا هئا. جهڙوڪ مخدوم عبدالعزيز ابهري، مولانا اثير الدين ابهري ۽ ان جو پٽ مولانا محمد، اهي سن 928هه (1521ع) ۾ هرات کان آيا هئا، جتان انهن کي اسماعيل بادشاهه لڏائي ڪڍيو هو. اهي عالم سڳورا عام خاص ماڻهن کي تهذيب ۽ اخلاق جا سبق ڏيندا هئا ۽ اڻ پڙهيلن کي پاڙهيندا هئا. مولانا اثير الدين شرعي علمن ۾ تمام اڪابر هو. هن تاريخ ۽ ٻين شرعي اصولن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن ۽ ڪيترن ڏکين ڏکين ڪتابن تي شرحون لکيون اٿس. هو گذريو به ڪاهان ۾، جتي سندس قبو اڄ تائين ماڻهن جي زيارت لاءِموجود آهي. (چچنامه ۽ تاريخ معصومي)

 ڄام فيروز ۽ ڄام صلاح الدين جي جنگ

ڄام فيروز جي عياشيءَ ۽ حڪومت جي ڪمن ڏانهن الغرضائي جو وجهه وٺي ڪيترن ئي ماڻهن ڄام صلاح الدين ڏي، جو گجرات ۾ هو، خط لکي موڪليا، ته ”ڄام فيروز پنهنجي عيش عشرت ۾ غلطان آهي، دريا خان، جو نهايت ڪارائو ڪاروباري هو، سو ڪاروبار هلائڻ تان دستبردار ٿي وڃي پنهنجي جاگير ۾ رهيو آهي، تنهن ڪري تون هڪدم اچ ۽ ههڙو وجهه هٿان نه وڃاءِ.“

جڏهن ڄام صلاح الدين کي هي خط پهتو، تڏهن هن اهو خط پنهنجي ناٺي مظفر شاهه گجرات جي بادشاهه کي ڏيکاريو، جنهن وڏو لشڪر کيس ڏئي ٺٽي ڏانهن روانو ڪيو. ڄام صلاح الدين تڪڙيون تڪڙيون منزلون ڪندو ٺٽي ۾ اچي پهتو، شهر جي هڪڙي طرف ڄام صلاح الدين لشڪر وٺي اچي لٿو، ته شهر جي ٻئي پاسي کان ماڻهو ڄام فيروز کي شهر مان ڪڍي ويا. ڄام صلاح الدين ڪنهن به جنگ جهيڙي کان سواءِ ٺٽي جو  تخت اچي هٿ ڪيو. ڄام فيروز کي سندس خاصخيلين کڻي قيد ڪيو ۽ گهڻو ناڻو وٺي پوءِ ڇڏي ڏنائونس.

ڄام فيروز کي سندس والده لڪائي ڇپائي ڪاهان ۾ دريا خان وٽ وٺي ويئي ۽ ان کي وڃي مدد لاءِ آزيون نيزاريون ڪيائين ۽ ڄام فيروز جيڪا دريا خان جي بي قدري ڪئي هئي، تنهن لاءِ معافي ورتائين، دريا خان کي ٻڍڙيءَ  ۽ ان جي مڙس جون گذريل مهربانيون وسري ڪين ويون هيون، تنهن ڪري ان کي ٻڍڙيءَ جو گهڻو حياءُ پئجي ويو ۽ هو ان کي مناسب تعظيم ۽ عزت ڏيئي ڏڍ ۽ دلاسا ڏيڻ لڳو ۽ ڪنهن به وقت وڃائڻ کان سواءِ لشڪر گڏ ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪيائين. بکر ۽ سيوهڻ جي طرف جا ماڻهو دريا خان جي سڏ تي اچي گڏ ٿيا ۽ بلوچن جون ڪيتريون قومون به ڄام فيروز جي جهنڊي هيٺ اچي حاضر ٿيون.

لشڪر کي انتطام ۾ رکڻ کان پوءِ دريا خان ڄام صلاح الدين سان روبرو وڃي ملاقات ڪئي. دريا خان جي ڳالهين ٻڌڻ بعد ڄام صلاح الدين  صلح جو خواهان ٿيو، پر سندس وزير حاجي ائين ڪرڻ کان روڪيس ۽ جنگ لاءِ صلاح ڏنائينس، تنهن تي جنگ لڳي. انهيءَ جنگ ۾ حاجي وزير پاڻ لشڪر جو اڳواڻ ٿيو ۽ ڄام صلاح الدين کي ٺٽي ۾ ئي رهڻ ڏنائين. جنگ ۾ ٻنهي طرفن جا ڪيترائي بهادر مڙس  مارجي ويا. آخر دريا خان کي شڪست رسي ۽ ان جا سپاهي اٿي ڀڳا.

حاجي وزير انهيءَ فتح جي خبر خط جي رستي ڄام صلاح الدين کي ڏني، جيئن ته رات جو وڳڙو هو ۽ حاجي وزير دشمن جي لشڪر جو پيڇو ڪري نه سگهيو، دريا خان کي حاجي وزير جي خط وارو قاصد جهنگ ۾ هٿ لڳي ويو، تنهن حاجي وزير وارو لکيل خط لڪائي ٻيو خط حاجي وزير جي پاران ڄام صلاح الدين ڏي لکي موڪليو، جنهن ۾ لکيائينس، ته ”دريا خان جي لشڪر پنهنجي لشڪر کي سخت شڪست ڏني آهي، صلاح ڀري ڳالهه اها آهي، ته تون پنهنجي عيال ۽ ٻارن ٻچن سميت هڪدم ٺٽو ڇڏي وڃ. آئون توکي چاچڪان(1) ڳوٺ ۾ اچي گڏبس.“

انهيءَ پوئين خط پهچڻ شرط ڄام صلاح الدين پنهنجا ٻار ٻچا وٺي رمضان مهيني جي نائين تاريخ روزي ڇوڙڻ کان اڳ ٺٽو شهر ڇڏي ويو. انهيءَ طرح ڄام صلاح الدين پنهنجي بادشاهي وڃائي. هن فقط اٺ مهينا ٺٽي ۾ بادشاهت ڪئي.

حاجي وزير کي ڄام صلاح الدين جي ڀڄي وڃڻ جي خبر ٻڌي گهڻو ارمان ٿيو ۽ هو آخر رستي تي ڄام صلاح الدين سان وڃي مليو ۽ کيس ارمان ڀريل ڏوراپا ڏيڻ لڳو. ڄام صلاح الدين خط کڻي اڳيانئس رکيو، سو ڏسي حاجي وزير کي حيرت لڳي ويئي ۽ سمجهيائون، ته دريا خان حرفت بازي ڪري ويو. گهڻو ئي ارمان ٿين، پر وقت هٿان ويو هليو، تنهن ڪري پيشيمانيءَ جا هٿ ملي هليا ويا گجرات.

دريا خان حاجي وزير جي رهيل سهيل ماڻهن جي پٺيان پيو ۽ انهن کي ڪڇ جو رڻ اماڻي پوئتي موٽيو ۽ عيد رمضان جي ڏينهن ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ آندائين. ڄام فيروز عيدگاهه تي سڀني مسلمانن سان گڏجي عيد نماز پڙهي، ۽ پوءِ اچي پنهنجو اباڻو تختگاهه وسايائين. (چچنامه ۽ تاريخ معصومي)

ڄام فيروز جي حڪومت ۾ مغلن جو دخل

ڄام فيروز هاڻي بي ڌڙڪ حڪومت ڪرڻ لڳو، پر هن کي اچي ڊپ جاڳيو، ته دريا خان ڪنهن وقت کيس تخت تان لاهي نه ڇڏي، تنهن ڪري ان جي زور ڀڃڻ جي خيال سان هن ڪيبڪ ارغون ۽ ٻيا ڳچ مغل پنهنجي نوڪريءَ ۾ داخل ڪيا، جيڪي شاههس بيگ ارغون کي ڇڏي ٺٽي م اچي رهيا هئا. ڄام فيروز شهر جو هڪڙو خاص محلو انهن مغلن جي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو، جيڪو محلو هينئر ”مغل واڙو“ سڏجي ٿو.

ڄام فيروز پنهنجي انهيءَ تجويز تي فخر ڪرڻ لڳو، پر اها سندس وڏي غلطي هئي. هن ڪي مغل دريا خان جي ڪمن ڪارين تي چوڪسي ڪرڻ لاءِ ڇڏيا، پر اها خبر ئي ڪانه رکيائين ته هي مغل ئي سندس حڪومت برباد ڪرڻ لاءِ هٿيار بڻجي پوندا، انهن مغلن مان ڪن ڳجهيءَ طرح مرزا شاهه بيگ سان سلام سنيهي جو رستو جاري رکيو. آخر انهن مغلن جي ترغيب ڏيڻ تي ئي مرزا شاهه بيگ سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ اچي سمن جي حڪومت جو خاتمو ڪيائين.

مرزا شاهه بيگ جي ٺٽي تي ڪاهه

جيڪي مغل ڄام فيروز پنهنجي نوڪريءَ ۾ رکيا هئا، تن مان مير قاسم ڪيبڪي، مرزا شاهه بيگ کي ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ پيغام موڪليو، ڇاڪاڻ جو ان کي ڄام فيروز جي حڪومت ۽ انتظام جو حال ڍرو نظر آيو.

شاهه بيگ سومري جي قلعي تي پنهنجي ڀاءُ کي مقرر ڪيو، ۽ مير فاضل ڪوڪلتاش کي 250 گهوڙن سان اڳواٽ ٺٽي ڏي روانو ڪائين. جڏهن مير فاضل جو لشڪر باغبان ضلعي ۾ آيو، تڏهن سمن جو لشڪر به سيوهڻ کان ڇهن ستن ڪوهن جي مفاصلي تي ٽلٽي شهر وٽ اچي ان سان دوبدو ٿيو. سمن جي لشڪر جا سپهه سالار دريا خان جا ٻه پهلوان پٽ محمود خان ۽ موٽڻ خان(1) هئا. مغلن جي گهوڙن تي ڪپڙي جون جهلون پيل هيون، تنهن ڪري جيئن سمن جا گهوڙا ڊنا، تيئن خود سما به جرئت نه ساري ٽڙي پکڙي ويا ۽ ڪو به جنگ جهيڙو ڪونه ٿيو. جڏهن مرزا شاهه بيگ به باغبان ڳوٺ ۾ آيو، تڏهن انهيءِ ڳوٺ جي مکيه ماڻهن شاهه بيگ جي اڳيان تحفا ۽ سوکڙيون آڻي حاضر ڪيون ۽ ان کي ٺٽي تي ڪاهڻ لاءِ همٿايائون. شاهه بيگ لڪيءَ جي ٽڪرين مان لنگهي ٺٽي کان ڇهه ميل کن پري ڏکڻ طرف خانواهه جي ڪپ تي اچي ڇانوڻي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سنڌو درياءُ ٺٽي جي ڏکڻ طرف تار پئي ويو، تنهن ڪري شاهه بيگ ان جي اُڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. شاهه بيگ جي سپاهين کي هڪڙو ديسي ماڻهو هٿ اچي ويو، جنهن گهڻي دڙڪي داٻ کان پوءِ سپاهين کي سنڌو درياءَ جو تانگهو گهيڙ ڏيکاريو، جتان شاهه بيگ پنهنجي فوج سميت درياءُ اُڪري، تاريخ 15 محرم سنه 926 هجري برابر 1519ع ٺٽي شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪئي ۽ ٿورا سپاهي درياءَ جي هن ڀر پنهنجي ڇانوڻيءَ جي حفاطت لاءِ ڇڏيائين. دريا خان ڄام فيروز کي ٺٽي شهر ۾ رهڻ ڏنو ۽ پاڻ لشڪر وٺي شاهه بيگ کي وڃي سامهون ٿيو.

سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ دريا خان مارجي ويو ۽ شاهه بيگ جي فتح ٿي. ڄام فيروز پنهنجي لشڪر جي هار ٻڌي درياءُ اڪري ڀڄي ويو. مغلن جي فوج محرم جي ويهين تاريخ تائين ٺٽي شهر ۾ ڦرلٽ لائي ڏني. ڄام فيروز توڙي ٻين آبرو وارن ماڻهن جون زالون ۽ ٻار ٻچا به مغلن کڻي قيد ڪيا.

قاضي قاضن هڪڙو بزرگ عالم ٺٽي ۾ رهندو هو، تنهن جا ٻار ٻچا به قيد ٿيا هئا، سو ٺٽي جي گهٽين ۾ پريشان حال ٿيو پنهنجا ٻار ڳوليندو رهيو. پوءِ ان هڪڙو دل ڀڄائيندڙ خط مرزا شاهه بيگ ڏي لکيو، جو حافظ محمد شريف نالي هڪڙي ٻئي ٺٽوي بزرگ وڃي شاهه بيگ کي پهچايو. مرزا شاهه بيگ تي اهڙو اثر ٿيو، جو شهر ۾ پڙهو گهمارايائين، ته زالون ۽ ٻار هڪدم آجا ڪيا وڃن. شاهه بيگ پنهنجي بٿيءَ مان هڪڙو تير ڪڍي قاضي قاضن کي نشان طور ڏنو ۽ چيائينس ته ”منهنجي ڪنهن به عملدار يا سپاهيءَ کي اها نشاني ڏيکاريندين، ته تنهنجي وار جو به نالو ڪونه وٺندو ۽ تنهنجو جيڪو به اسباب يا ماڻهو ڇيڻو ان وٽ هوندو ته توکي سلامت موٽائي ڏيندا”. قاضي قاضن اهو تير هٿ ۾ کڻي شهر ۾ گهمندو وتيو تان جو سڀ ڦرلٽ بند ٿي ويئي ۽ شهر ۾ امن امان ٿي ويو.

ڄام فيروز جي معافي وٺڻ ۽ صلح جا شرط

ڄام فيروز جو پنهنجن ٿورڙن ماڻهن سان ٺٽي جي آسپاس پيرار ڳوٺ ۾ وڃي لڪو هو، تنهن کي پنهنجي ۽ پنهنجي پيءُ جي ٻارن ٻچن ۽ عيال جي سڌ سماءَ لهڻ جي نهايت گهڻي ڳڻتي ٿي بيٺي: اها ئي بي آرامي هيس ته انهن سان مغلن خبر نه آهي ڇا ڇا ڪيو هوندو؟ هوڏانهن مرزا شاهه بيگ، ڄام فيروز جي محلات تي خاص معتبر پهريدار بيهاري ڇڏيا هئا ۽ انهن کي ڄام جي عيال جي عزت ۽ تعظيم بجا آڻڻ لاءِ سخت تاڪيدي حڪم ڏيئي ڇڏيا هئائين.

آخر ڄام فيروز هڪڙي رحم جي درخواست مرزا شاهه بيگ ڏي ڏياري موڪلي، جنهن ۾ لکيائين، ته ”آئون اوهان کي پنهنجو حاڪم ۽ پاڻ کي اوهان جو غلام سمجهان ٿو. اوهان سان مقابلي ڪرڻ جي مون کي ڪا به پهچ ڪانهي. جيڪي هن وقت تائين مون کان ٿيو آهي، سو اوهان جي ڊپ ۽ ماڻهن جي برغلائڻ کان ٿيو آهي. جيڪڏهن منهنجي قصور جا داغ شفقت جي پاڻيءَ سان ڌوتا وڃن، ته آئنده لاءِ اوهان جي غلاميءَ جو طوق ڪڏهن به پنهنجي ڳچيءَ  مان نه ڪڍندس. اوهين جڏهن جڏهن ٺٽي شهر کان ٻاهر درٻار ڪندا، تڏهن آئون ٻانهون ٻڌي اچي درٻار ۾ حاضر ٿيندس.“

 مرزا شاهه بيگ نهايت شريف طبع وارو حاڪم هو، تنهن ڄام فيروز جي قاصدن کي خلعتون ۽ انعام اڪرام ڏئي ڄام ڏي روانو ڪيو ۽ ڄام کي دربار ۾ اچڻ لاءِ چوائي موڪليائين. ڄام فيروز پنهنجن ڀائرن ۽ خاص ماڻهن سان شاهه بيگ جي درياءَ جي ڪناري واري ڇانوڻيءَ ۾، ڀريل دربار ۾ اچي حاضر ٿيو، ان وقت ڄام فيروز کي ڳچيءَ ۾ تلوار لٽڪيل هئي، جيئن آڻ مڃڻ ۽ قصور بخشائڻ جو بادشاهي دستور هو. مرزا شاهه بيگ ان کي گهڻي حب سان معافي ڏني ۽ هڪڙي سونهري سروپاءِ، جيڪا سلطان مظفر حسين کان شاهه بيگ جي والد امير ذوالنون کي ملي هئي، سا به ڄام فيروز کي ڍڪايائين ۽ ان کي شهر ۾ پنهنجن ٻارن ٻچن وٽ وڃي رهڻ جي اجازت ڏنائين. نه رڳو ايترو، بلڪ صلحنامو لکيائين، جنهن ۾ لڪيءَ جي ٽڪرين کان هيٺ جيڪو سنڌ ملڪ جو اڌ آهي، سو ڄام فيروز کي بخشي ان جي بادشاهيءَ جي سند به ان کي ڏنائين ۽ لڪيءَ کان مٿي سمورو سنڌ ملڪ پنهنجي هٿ ۾ رکيائين. اهو فيصلو ڪري شاهه بيگ پنهنجي فوج وٺي سيوهڻ ڏانهن روانو ٿيو.

مرزا شاهه بيگ سان ٽلٽيءَ ۾ جنگ

 مرزا شاهه بيگ ٺٽي کان سڌو سيوهڻ ۾ آيو. اتي مير عليڪا ارغون، سلطان مقيم بيگ لار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد خان ترخان کي قلعي جي سنڀال لاءِ ڇڏيائين ۽ سلطان محمود خان بن مير فاضل، ڪوڪلتاش کي بکر جي قلعي جو سنڀاليندڙ مقرر ڪائين ۽ پاڻ شال پرڳڻي مان پنهنجو عيال وٺڻ ويو.

دريا خان جا پٽ محمود ۽ موٽڻ خان سيوهڻ ۽ ٽلٽي (دريا خان جي جاگير) جي آسپاس ماڻهو پئي گڏ ڪيا. مرزا شاهه بيگ کي سيوهڻ ۾ ئي اها سڻس پئجي وئي ئي، تنهن ڪري ان ڪي قاضي ۽ عالم، محمود ۽ موٽڻ ڏي نصيحتن ڪرڻ لاءِ روانا ڪيا ويا هئا، پر انهن تي قاضين ۽ عالمن جي نصيحتن جو ڪو به اثر ڪونه ٿيو.

مرزا شاهه بيگ پنهنجو عيال وٺي ٽلٽيءَ جي ويجهو آيو، ته خبر مليس ته ميان محمود، موٽڻ خان، ڄام سارنگ، راڻو وڻمل سوڍو ۽ ان جو ڀاءُ جوڌا سنگ سوڍو ٽلٽيءَ جي قلعي تي قبضو ڪيو ويٺا آهن. جن سان سهتن ۽ سوڍن جو زبردست لشڪر موجود آهي، انهيءَ طرف جو هڪڙو درويش ۽ عالم سمو جنهن جو نالو مخدوم بلاول هو، سو به سمن جي لشڪر جو وڏو مددگار هو.

پهريائين مير فاضل ڪوڪلتاش سمن جي لشڪر سان جنگ جوٽي ۽ انهن کي گهڻو هلاڪ ڪيو، پوءِ مرزا شاهه بيگ پاڻ لشڪر وٺي اچي جنگ ۾ گهڙيو. مغلن زور ۽ زبردستيءَ سان ٽلٽيءَ جي ڪوٽ جا دروازا ڀڳا. سوڍن نهايت جان فشانيءَ سان جنگ ڪئي، پر نيٺ مرزا شاهه بيگ سوڀارو ٿيو، سهتن ۽ سوچن جي لشڪر ڀاڄ کاڌي. ڪي قتل ٿيا ۽ ڪي درياءَ ۾ ٻڏا ۽ باقي رهيل ڀڄي ويا. جوڌو سنگ سوڍو، جنهن هن جنگ ۾ نهايت گهڻي دليري ڏيکاري هئي، سو به مارجي ويو.

ٽلٽيءَ جي جنگ فتح ڪرڻ کان پوءِ مرزا شاهه بيگ، مخدوم بلال تي ڏنڊ ۽ چٽيون رکيون، جيڪي ان ڀري ڏنيون. مخدوم بلال درويش اهو ساڳيو آهي، جنهن جو عاليشان قبو ڳوٺ باغبان تعلقي دادو ۾ اڄ تائين موجود آهي. ۽ مٿس سڀ ڪنهن ماهه جي پهرينءَ جمع جي رات ميلو لڳندو آهي. (تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

ٺٽي تي ڄام صلاح الدين جي ڪاهه

ڄام صلاح الدين، جيڪو اڳي دريا خان جي چالبازيءَ ڪري پنهنجي کٽيل جنگ هارائي گجرات ڏانهن ڀڄي ويو هو، تنهن کي وري ٺٽي تي ڪاهه ڪرڻ جي گهڻي اڻ تڻ هئي. جڏهن مرزا شاهه بيگ ٺٽي جي حڪومت جي واڳ ڄام فيروز کي ڏئي پاڻ شال ۽ سوي ڏانهن ويو. تڏهن ڄام صلاح الدين جاڙيجن ۽ سوڍن کنگهارن جي ڏهه هزار فوج وٺي گجرات کان ٺٽي تي ڪاهيو.

ڄام فيروز امالڪ سيوهڻ ۾ مرزا شاهه بيگ جي اميرن مير قاسم، عليڪا ارغون، سلطان مقيم، بيگ لارا، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد ترخان وٽ حاضر ٿيو ۽ اتان انهن جي معرفت مرزا شاهه بيگ ڏي مدد ڪرڻ لاءِ، علاءُ الدين بن مبارڪ خان کي قاصد ڪري موڪليائين، مرزا شاهه بيگ پنهنجي نوجوان پٽ مرزا شاهه حسن کي وڏو لشڪر ڏئي ڄام فيروز جي مدد لاءِ موڪليو.

مرزا شاهه حسن، تاريخ 10 محرم سنه 927 هه (1520ع) ۾، شال مان سنڌ ڏي روانو ٿيو ۽ ويهه ڏينهن پنڌ ڪري اچي ٺٽي ۾ پهتو. مرزا شاهه بيگ لشڪر جون ٽوليون ٽوليون ڪري مرزا شاهه حسن جي مدد لاءِ هڪٻئي پٺيان پئي موڪليون. ڄام صلاح الدين درياءَ کان ڦري وري جوڻ(1) شهر  ۾ اچي ڇانوڻي هئي.

ڄام فيروز، مرزا شاهه حسن ۽ ان جي لشڪر جي رسائي چڱيءَ طرح بجاءِ آندي. مرزا شاهه حسن به پنهنجي فوج وڃي جوڻ ۾ ڪڙڪائي، ڄام صلاح الدين جي لشڪر جو سپہ سالار سندس پٽ هيبت علي خان هو ۽ مرزا شاهه حسن جي لشڪر جا سپہ سالار مرزا عيسى ترخان، سلطان قلي بيگ ۽ مرزا عليڪا هئا. ٻنهي ڌين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ هيبت علي خان مارجي ويو. پٽ مارجڻ جو اطلاع سڻي ڄام صلاح الدين پاڻ مغلن جي ڪٽڪ تي ڪاهي پيو. گهڻي خونريزيءَ کان پوءِ ڄام صلاح الدين به جنگ ۾ مارجي ويو. تنهن کان پوءِ جيڪي گجراتي بچيا سي ڀڄي ويا ۽ مرزا شاهه حسن جي سوڀ ٿي.

ڄام فيروز جو مرزا شاهه حسن سان گڏ هو، تنهن کي مرزا شاهه حسن ٺٽي روانو ڪيو ۽ پاڻ ٽي ڏينهن جوڻ ۾ رهي پوءِ مٿي موٽيو. مرزا شاهه حسن وري ربيع الثاني مهيني ۾ باغبان ۾ وڃي مرزا شاهه بيگ کي مليو.

ڄام فيروز به ٺٽي ۾ پهچي هڪڙو شڪر گذاريءَ جو عريضو ۽ قيمتي سوکڙيون قاضي قاضن جي هٿان مرزا شاهه بيگ ڏي موڪليون. قاضي قاضن اهو عريضو ۽ سوکڙيون سيوهڻ جي قلعي ۾ مرزا شاهه بيگ کي وڃي پهچايائون. مرزا شاهه بيگ قاضي قاضن ۽ ان جي همراهن کي بخششون ۽ سروپائون ڏيئي پوئتي روانو ڪيو ۽ ڄام فيروز ڏانهن هڪڙو خط به لکيائين، جنهن ۾ لکيو هئائين، ته ”اسان کي گجرات فتح ڪرڻ جو ارادو آهي. ٺٽي جو پرڳڻو جو اوهان کي ڏنو اٿئون سو اوهان جي ئي حوالي رهندو.“. (تاريخ معصومي)

ڄام فيروز ۽ مرزا شاهه حسن جي جنگ ۽ ڄام فيروز جي ڀاڄ

مرزا شاهه بيگ هڪ سال کن سنڌ ۾ رهيو. انهيءِ وچ ۾ ڄام فيروز ان سان پورو وفادار رهيو. مرزا شاهه بيگ گجرات تي چڙهائي جي تياري ڪندي ئي اگهم ڳوٺ ۾ تاريخ 12 شعبان سنه 928 هه (1521ع) ۾ وفات ڪئي.

مرزا شاهه بيگ جي وفات ڪرڻ تي ڄام فيروز ۽ ان جا دوست ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هاڻي وري ساري سنڌ جي حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ خيالي پلاءَ پچائڻ لڳا. مرزا شاهه حسن کي ڄام فيروز جي خوش ٿيڻ جون خبرون پئجي ويون، تنهن ڪري هو گجرات ڏي ڪاهڻ جو ارادو ڦٽو ڪري ٺٽي ڏي موٽيو، جو ڄام فيروز کي سيکت ڏيڻ جو ارادو هوس. نصرپور شهر ۾ مرزا شاهه حسن پنهنجي پيءُ جي تخت تي ويٺو ۽ اتي ئي تاجپوشي جون رسمون ادا ڪيائين. سڀ سيد، قاضي، وڏيرا ۽ زميندار فاتح خواني ڪرڻ ۽ تاجپوشيءَ جي مبارڪباد ڏيڻ لاءِ اتي اچي حاضر ٿيا، جن کي مرزا شاهه حسن انعام اڪرام دستور موجب پئي ڏنا. هو رمضان شريف جو مهينو هو. عيد جي ڏينهن سڀني قاضين ۽ عالمن مرزا شاهه حسن کي عرض ڪيو ته ”اوهين پنهنجي نالي خطبو پاڙهيو“. پر مرزا شاهه حسن چيو ته ”جيستائين امير تيمور صاحب قرآن جي اولاد مان ڪو به شخص هوندو، تيستائين خطبو ان جي نالي پڙهڻ جڳائي. ڇاڪاڻ جو اهو اسان جي لاءِ سردار گهر آهي.“ نيٺ خطبو بابر شاهه جي نالي پڙهيو ويو.

عيد نصرپور ۾ گذاري مرزا شاهه حسين ٺٽي ڏانهن سنڀريو، ته ايتري ۾ ڪاتب حافظ رشيد ۽ قاضي قاضن ڄام فيروز جي طرفان تحفا ۽ سوکڙيون کڻي اچي حاضر ٿيا ۽ ڄام فيروز بابت جيڪي مخالف جون خبرون مرزا شاهه حسين کي پهتيون هيون، تن بابت گهڻي عاجزيءَ ۽ نماڻائي سان ان کان معافي گهريائون. مرزا شاهه حسين کي سندس مصاحبن چتاءُ ڪيو ته ”ڄام فيروز فقط ظاهري طرح عاجزي ۽ نماڻائي ڏيکاري آهي پر حقيقت ڪري هو،  ڳجهيءَ طرح هٿيار ۽ لشڪر گڏ ڪري رهيو آهي.“ تنهن تي مرزا شاهه حسين ڄام فيروز جي حق ۾ ايلچين سان پنهنجو ناراضپو ظاهر ڪري، انهن کي ٺٽي وڃڻ جي موڪل ڏنائين ۽ پاڻ به لشڪر سنڀرائي ٺٽي ڌانهن رخ رکيائين.

ڄام فيروز مرزا شاهه حسين جي نزديڪ اچڻ جي خبر ٻڌي ٺٽو شهر خالي ڪري ڀڄي ويو، پر سندس ناٺي شيخ ابراهيم ۽ سندس وزير مانڪا ڳچ فوج ٻيڙين ۾ چاڙهي، اتي وڃي مرزا شاهه حسين جي فوج سان مقابلو ڪرڻ لڳا. جتي مرزا شاهه حسين جو لشڪر درياءُ اڪري رهيو هو، اتي سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ مغلن جو لشڪر سوڀارو ٿيو، ڄام فيروز سنڌ ڇڏي ڪڇ ڏي ويو ۽ اتي وڃي لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو.

ڄام فيروز جي ٻي جنگ ۾ سمن جي حڪومت جو خاتمو

ڄام فيروز ڪڇ مان پنجاهه هزار گهوڙي سوار ۽ پيادا گڏ ڪري ٺٽي ڏانهن رخ ڪيو، ٺٽي شهر ۾ ڄام فيروز جي اچڻ جو هل پکڙجي ويو. تنهن تي مرزا شاهه حسين پنهنجو لشڪر وٺي ڄام فيروز کي واٽ تي ئي روڪڻ لاءِ روانو ٿيو.

مرزا شاهه حسن چاچڪن جي ڳوٺ ۽ راهمون جي ڳوٺ (راهمڪي بازار) جي وچ ۾، ڄام فيروز جي لشڪر کي وڃي سامهون ٿيو. ڄام فيروز جي سپاهين پٽڪا لاهي، هڪٻئي سان چادرن ۾ ڳنڍيون ڏئي مغلن سان وڙهڻ شروع ڪيو. اڳي اهو دستور هوندو هو، ته جڏهن سپاهي هڪٻئي سان قسم ۽ ويساهه ڏئي، سر تريءَ تي کڻي وڙهڻ جو ارادو ڪندا هئا، تڏهن مٿا اگهاڙا ڪري، پاڻ کي هڪٻئي سان چادرن يا پٽڪن سان ٻڌي پوءِ جنگ ڪندا هئا، ته جيئن ڪو به جنگ جي ميدان مان ڀڄي نه وڃي.

هڪڙي پاسي ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ تير ۽ تلوارون شروع ٿيو، ته ٻئي پاسي مرزا شاهه حسن مصلو وڇائي خدا تعالى جي درگاهه مان فتح جي دعا گهرڻ ۾ مشغول رهيو.. سندس دعا جو تير قبوليت جي نشان تي لڳو. مغلن جي سوڀ ٿي. ڄام فيروز هزارين ماڻهو قتل ڪرائڻ بعد جيئن ڪڇ ڏانهن اٿي ڀڳو، تيئن وري سندس ڪو به پتو يا نشان ڪونه پيو. ڪيترائي گهوڙا ۽ ٻيو جنگي سامان مرزا شاهه حسن کي هٿ آيو.

مرزا شاهه حسن ٽي ڏينهن انهيءَ ميدان ۾ رهي پوءِ ٺٽي ۾ آيو. اتي پورو بندوبست رکي پوءِ هالڪنڊي ۽ سيوهڻ کان ٿيندو بکر ۾ آيو.

ان وقت کان وٺي ساري سنڌ تي ارغون گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي وئي ۽ سمن جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو.

سمن ۽ سندن حڪومت تي سرسري نظر

(1) سما قوم جون تمام گهڻيون شاخون سنڌ ۾ موجود هيون ۽ اڃا به آهن، جهڙوڪ سهتا، هنڱورجا، اڍيجا، اوٺا، جاڙيجا، سميجا، نوتيا، لنجار، لاکا، جکريا، راهما، پلي، جوڻيجا وغيره وغيره. انهن قومن مان به ڪيترين ئي قومن جا سردار سنڌ جي لاڙ خواه اتر ۾ پنهنجي زمينداري حد جا خودمختيار حاڪم هئا، پر جنهن قوم سڀني شاخن کان وڌيڪ زور ورتو ۽ آخر سڄي سنڌ جي حڪومت هٿ ڪئي، سا پاڻ نج سما سڏائڻ لڳي.

(2) سما اوائل ۾ لاڙ منجهه سومرن سان گڏ انهن جا ڪارائتا همراهه ٿيو پيا گذاريندا هئا. پر جڏهن سومرن حڪومت هٿ ڪئي، تڏهن سمن سان گهڻيون تڪليفون ڪرڻ لڳا. جڏهن وري سمن جو وارو وريو ۽ سنڌ جي حڪومت سندن هٿ ۾ آئي، تڏهن انهن باقي رهيل سومرن سان ڪا به تڪليف ڪا نه ڪئي.

(3) سمن جو ٽيون حاڪم ڄام تماچي پهريون، عيال سميت ورهين جا ورهيه دهليءَ ۾ تغلق گهراڻي جي بادشاهن وٽ نظربند هو. سندس پٽ ڄام خير الدين، ڄام بابينہ ۽ ڄام صلاح الدين، جي هڪٻئي پٺيان سنڌ جا حاڪم ٿيا، سي ننڍي هوندي کان وٺي جوانيءَ جي وقت تائين دهليءَ ۾ شهزادن وانگر تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري چڪا هئا، تنهن ڪري سمن ۾ علميت ۽ حڪومت جي انتظام جو ڍنگ سومرن کان وڌيڪ چڱو ۽ اثرائتو ٿي پيو هو.

(4) سما، سومرن وانگر فقط لاڙ ۽ ٿر جا حاڪم ڪين هئا، پر هو ساري سنڌ جا حاڪم ٿي رهيا هئا. بکر ۽ سيوهڻ جا قلعا به سندن حڪومت هيٺ اچي چڪا هئا.

(5) سمن جي حڪومت وقت سنڌ ۾ عربيءَ سان گڏ پارسي علم جو چاهه ۽ چرچو به سرس ٿيو هو. ڄام خير الدين ۽ ڄام نندو پارسي علم ۾ اڪابر هئا.

(6) سمن حاڪمن جو گهرو لاڳاپو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين دهلي، ملتان ۽ گجرات جي بادشاهن سان رهندو آيو، تنهن ڪري سمن جي حڪومت وقت سنڌ ۾ تعليم جو انتظام، ملڪ جي ڀاڱن تي عملدارن مقرر ڪرڻ جو انتطام، ڍل جي وصوليءَ جو انتظام ۽ عدالت جو انتطام باقاعدي رهندو آيو.

(7) سمن جي حڪومت وقت سنڌ ۾ روحانيت، دينداري ۽ علميت سومرن جي حڪومت واري وقت به نسبت زياده هئي. پهريائين پهريائين سنڌ جي تاريخ پارسي زبان ۾ جنهن بزرگ لکي هئي، سو ايبٽ صاحب جي تحقيقات موجب سمو بزرگ هو. اها آهي ”تاريخ طاهري“، جنهن جو اختصار ۽ ان جي مصنف، جو احوال اسر ايليٽ صاحب به پنهنجي هندستان جي تاريخ جلد 1 ۾ ترجمو ڪيو آهي.

(8) حڪومت وڃڻ کان پوءِ به سمن ۽ سما قوم جي شاخن جي ماڻهن جو انداز ساري سنڌ ۾ سومرن به نسبت گهڻي انداز ۾ پکڙيل آهي. انهن مان ڪي زميندار آهن، ڪي پنهنجن بزرگن جي خانقاهن جا مجاور ۽ مريدي خادمي وارا آهن ۽ گهڻا تڻا ڪاشتڪار (هاري) آهن.


(1)  هيءُ ڦتل ڳوٺ بدين تعلقي ۾ ڪڇ رڻ کي نزديڪ آهي. (تحفة الڪرام)

(1)  تحفة الڪرام ۾ موٽڻ خان جي بدران مٺن خان لکيل آهي.

(1)  جوڻ شهر تمام وڏو هو، جيڪو ڦٽي ويو. ڦٽل شهر جون نشانيون ٽنڊو غلام حيدر تعلقه گوني جي نزديڪ اڃا تائين موجود آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org