سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :31

 

مرزا جاني بيگ اڪبر بادشاهه جي دربار ۾

نواب خان خانان ٺٽي جي حڪومت جون واڳون دولت خان لوڌي جي حوالي ڪيون ۽ پاڻ مرزا جاني بيگ ۽ ان جي ڪن خاص اميرن سميت اڪبر بادشاهه جي دربار ۾ وڃي سهڙيو. مرزا جاني بيگ جيتوڻيڪ نواب خان خانان سان تمام چڱي طرح ٺهي ويو هو، ته به دل ۾ کٽڪو هوس، اڪبري دربار ۾ الائي ڪهڙو حال ٿيندو. جڏهن شهنشاهه اڪبر بادشاهه جي طرفان جيڪا عزت ۽ تعظيم مليس، سا ڏٺائين، تڏهن دل قرار واري ٿيس. اڪبر بادشاهه مرزا جاني بيگ کي چيو ته، ”سيوهڻ، ٺٽو ۽ لاهري بندر   وارن پرڳڻن تي اسين توهان کي پنهنجي پاران نواب مقرر ڪريون ٿا، اوهين وڃي اهي ملڪ سنڀاليو“، مرزا جاني بيگ سنڌ ۾ موٽي اچڻ پسند نه ڪيو. تنهن تي اڪبر بادشاهه ٺٽي جي نواب دولت خان لوڌهي کي حڪم موڪليو، ته مرزا جاني بيگ جا ٻار ٻچا عزت ۽ تعظيم سان ڏياري موڪل ته مرزا جاني بيگ سان اچي گڏ رهن. مرزا جاني بيگ کي جڏهن خبر پيئي، ته سندس ٻار ٻچا دهليءَ ۾ اچڻا آهن. تڏهن نواب خان خانان جي سفارش سان اڪبر بادشاهه کي اهو حڪم به واپس وٺارايائين، ڇاڪاڻ جو ٻارن ٻچن جو دهليءَ ۾ اچڻ مرزا جاني بيگ کي خانداني دستور جي خلاف ۽ توحين جهڙي ڳالهه نظر آئي. تنهن کان پوءِ اڪبر بادشاهه مرزا جاني بيگ کي چيو، ته ”تڏهن توهين بيشڪ اسخان وٽ رهيو ۽ پنهنجن همراهن مان جيڪي به همراهه اوهان کي پسند هجن، تن کي ٺٽي موڪليو، ته اهي توهان جي صغير فرزند مرزا غازي بيگ جا وڃي مددگار ٿين، ته مرزا غازي بيگ توهان جي بدران سيوهڻ، ٺٽي ۽ لاهري بندر جو اسان جي پاران نواب ٿي رهي” مرزا جاني بيگ اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ شاهه قاسم ارغون، خسرو خان چرڪس، علي ڀائي خان، عرب ڪوڪ ۽ جمال الدين ديوان کي ٺٽي ڏي روانو ڪيائين، جيڪي مرزا غازي بيگ جي نوابي جو فرمان پاڻ سان کڻي آيا ۽ مرزا غازي بيگ کي ٺٽي جو نواب ٿاڦي پاڻ حڪومت جو ڪم ڪار سنڀالڻ لڳا، جيستائين ڪه مرزا غازي بيگ پنهنجي منٿ محتاج وارو جوان ٿئي.

مرزا جاني بيگ جا ٻار ٻچا جيڪي پهرئين شهنشاهي حڪم موجب دهليءَ ڏي اچي رهيا هئا، سي بکر کان موٽي ٺٽي ويا.

مرزا جاني بيگ جي وفات

مرزا جاني بيگ اٺ ورهيه اڪبر بادشاهه جي صحبت ۾ دهليءَ ۾ رهيو ۽ هجري سنه 1008 (عيسوي سنه 1599) ۾ دهليءَ ۾ وفات ڪيائين. اڪبر بادشاهه سندس لاشو نهايت عزت سان ٺٽي موڪليو، جيڪو مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. (هسٽري آف سنڌ- مرزا صاحب ۽ تحفة الڪرام)

اپر سنڌ جي حاڪم سلطان محمود خان جي حڪومت (سنه1554ع کان سنه    تائين)

اسين مٿي پڙهي آيا آهيون، ته مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ سنڌ جا ٻه ڀاڱا ٿيا هئا. لوئر سنڌ يعني لڪي جي جبلن کان هيٺ سمورو ملڪ مرزا عيسى جي هٿ ۾ رهيو جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ٺٽو. ۽ اپر سنڌ يعني لڪي جي جبلن کان وٺي اچ ۽ سوي تائين سمورو ملڪ سلطان محمود خان جي هٿ ۾ رهيو. جنهن جي گادي بکر ۾ هئي. ترخان گهراڻي جي حڪومت جو جيڪو بيان مٿي لکيو ويو آهي، سو ڄڻڪ فقط لوئر سنڌ جي تاريخ بيان ڪئي ويئي آهي. ساڳئي عرصي ۾ اپر سنڌ ۾ ڇاڇا وهيو واپريو تنهن بيان ڪرڻ بدران سنڌ جي تاريخ نامڪمل ليکبي. تنهن ڪري اپر سنڌ جي حاڪم سلطان محمود خان جي حڪومت جو تفصيلوار بيان ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو هيٺ لکجي ٿو. (مؤلف)

سلطان محمود خان جو اوائلي احوال

پڙهندڙن کي معلوم آهي، ته سلطان محمود خان مير فاضل ڪوڪلتاش جو فرزند هو، جيڪو وري مير عادل خواجه اصفهاني جو فرزند هو. ان جو ڏاڏو اصفهان کان جو ايران جي گاديءَ جو هنڌ هو، لڏي خراسان ۾ آيو هو. جڏهن مير تيمور هرات فتح ڪيو، تڏهن مير عادل خواجه جو پيءُ احمد خواجه مير حسن مصري (مرزا شاهه حسن جو ڏاڏو) جي هٿ ۾ هو، جنهن ان کي پنهنجو پٽ ڪري سانڍيو هو، احمد خواجه کي به پٽ هئا: هڪ مير عادل خواجه ٻيو مير عاقل خواجه، مير عادل خواجه کي هڪڙو پٽ مير فاصل ڪوڪلتاش ۽ هڪ ڌيءَ هئي. مير فاضل ڪوڪلتاش کي پنجن زالن مان پنج پٽ هئا. جن مان هڪڙو هو سلطان محمود خان، سلطان محمود خان جي والده شال ۽ مستونگه جي هڪڙي افغان سردار جي ڌيءَ هئي.

سلطان محمود خان جوانيءَ جي شروعات کان وٺي مرزا شاهه بيگ جي هٿ هيٺ هڪڙو بهادر سپاهي ٿي رهيو هو ۽ مير فاضل مرزا شاهه بيگ جو خاص وزير هو. مرزا شاهه بيگ جي هٿ هيٺ سلطان محمود خان ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريا هئا، تن جي وري بيان ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ جو شاهه بيگ ۽ شاهه حسن جي ذڪر ۾ اهي ڪارناما بيان ٿي چڪا آهن.

سلطان محمود خان هجري سنه 950 (عيسوي سنه 1543) ۾ امير شاهه بردي بيگ جو اڪبر بادشاهه جي مربي استاد بيرم خان يا بهرام خان جو عزيز هو، تنهنجي ڌيءَ گوهر تاج خانم سان شادي ڪئي هئي. ساڳئي سال ۾ ايران جي شهنشاهه شاهه طهماسپ سلطان محمود کي ”خان“ جو خطاب ڏنو هو. هجري سنه  956 (عيسوي سنه 1554) ۾ سلطان محمود خان اچ، امين ۽ ٻيا آسپاس وارا پرڳڻا جاگير طور حاصل ڪيا هئا.

هجري سنه 962 (عيسوي سنه 1554) ۾ مرزا شاهه حسن جي وفات بعد سلطان محمود خان سنڌ جي اڌ ملڪ يعني اپر سنڌ جو خودمختيار حاڪم ٿيو هو. انهيءَ ملڪ مان سيوهڻ جو علائقو مرزا عيسى ترخان کانئس کسي ورتو هو، باقي ملڪ سندس حڪومت ۾ ئي رهيو. هجري سنه 979 (عيسوي سنه 1571) ۾ ايران جي شهنشاهه شاهه طهماسپ سلطان محمود خان کي ”خان خانان“ جو لقب ڏنو هو ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي قيمتي (1) سوکڙيون موڪليون هئائينس.

اپر سنڌ جي خودمختيار حاڪم هئڻ وقت هن پهريائين مرزا محمد باقي ترخان سان جنگيون ڪرڻ شروع ڪيون، پر جڏهن کان هندستان جي شهنشاهه اڪبر بادشاهه جا ڪي سپهه سالار سنڌ ۾ اچڻ لڳا، تڏهن کان وٺي سلطان محمود خان لوئر سنڌ جي ڪاروبار ۾ دست اندازي ڦٽي ڪري پنهنجن ڪمن جي تدارڪ ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. (هسٽري آف سنڌ ج 2 ڀ 1 مرزا صاحب)

سلطان محمود خان ۽ مجاهد خان جي جنگ

جڏهن شهنشاهه اڪبر بادشاهه هندستان جو گهڻو حصو وٺي چڪو هو. تڏهن ناهيد  بيگم، جيڪا اڪبر بادشاهه جي ڪنهن امير جي زال هئي، سا پنهنجي ماءُ ماه بيگم سان ملڻ لاءِ ٺٽي ۾ آئي هئي. اتي سنديس ڌيءَ رائحه بيگم جي شادي ڪرڻ، رائحه بيگم جي مارجي وڃڻ، ماڻس ماه بيگم جي قيد ٿيڻ ۽ مرزا محمد باقي جي هٿان بيقياسي سان مارجي وڃڻ (جيئن اسان اڳيئي بيان ڪري آيا آهيون) بعد ۾ هوءَ بکر ۾ سلطان محمود خان وٽ آئي. سلطان محمود خان ناهيد بيگم سان انجام ڪيو، ته ”تون جيڪڏهن شهنشاهه اڪبر بادشاهه کان منهنجي پڪيءَ طرح حاڪم رهڻ بابت فرمان وٺي ايندينءَ ته آءُ توکي مرزا محمد باقي کان تنهنجي ماءُ ماهه بيگم جي موت جو وير به وٺي ڏيندس ۽ ٻي به جيڪا فرمائش مون تي رکندينءَ سان بجاءِ آڻيندس“، انهيءَ انجام موجب ناهيد بيگم شهنشاهه اڪبر بادشاهه سان وڃي عرض ڪيو جنهن تي اڪبر بادشاهه سلطان محمود خان جي نالي پڪيءَ طرح اپر سنڌ جي حاڪم رهڻ جو فرمان ناهيد بيگم کي لکي ڏنو ۽ پنهنجا ٻه امير هڪ محب علي خان ۽ ٻيو مجاهد خان به ساڻس گڏ ڏنائين.

محب علي خان ۽ مجاهد خان کي انهيءَ خدمت جي عيوض فتحپور ۽ ڪيروڙ (نزديڪ ملتان) جون جاگيرون به اڪبر بادشاهه عطا ڪيون.

محب علي خان ۽ مجاهد خان کي رستي تي ڪي ارغون سردار به مليا، جيڪي مرزا محمد باقي جي ظلمن جون دانهون کڻي سلطان محمود خان وٽ آيا هئا، پر سلطان محمود خان انهن جي ڪا به دادرسي ڪانه ڪئي هئي.

بکر کان اسي ميل پري اُٻاوڙي وٽ پهچڻ وقت محب علي خان ۽ مجاهد خان پنهنجي اچڻ جو اطلاع سلطان محمود خان ڏي ڏياري موڪليو، پر محمود خان کي چڙ لڳي، جو کانئس ناراض ٿي ويل ارغون انهن سان وڃي مليا هئا ۽ ڊپ به ٿيس ته محب علي خان ۽ مجاهد خان جي اچڻ جو نتيجو الائي ڪهڙو نڪري تنهن ڪري ناپسنديءَ جهڙن لفظن ۾ انهن ڏي خط لکي موڪليائين. اها ڳالهه ناهيد بيگم ۽ سندس همراهن کي ڏاڍي ڏکي لڳي، تن پنهنجي فوج سان ماٿيلي جي قلعي کي وڃي گهيرو ڪيو، جيڪو سلطان محمود خان جي عملدار مبارڪ خان جي سنڀال هيٺ هو. اتي جنگ لڳي، جنهن ۾ مبارڪ خان هارايو ۽ قلعي ۾ لڪي ويهڻ لاءِ مجبور ٿيو.

اها خبر جڏهن سلطان محمود خان کي پهتي، تڏهن ان ٽي هزار سپاهي مبارڪ خان جي مدد لاءِ موڪليا. تنهن هوندي به مبارڪ خان پنهنجو پاڻ مجاهد خان جي حوالي ڪيو ۽ سڄو قلعو مجاهد خان جي قبضي ۾ اچي ويو. اهو واقعو هجري سنه 980 (عيسوي سنه 1572) ۾ ٿيو. (هسٽري آف سنڌ- مرزا صاحب)

شهنشاهه اڪبر اعظم جي شادي بکر ۾

مجاهد خان ماٿيلي جو قلعو ۽ پرڳڻو تاريخ 1 ماهه صفر هجري سنه 970 ۾ فتح ڪيو. اهو ڄڻڪ دهلي جي مغل شهنشاهن جي حڪومت جو سنڌ ۾ پايو پيو. ساڳي مهيني صفر جي ويهين تاريخ  شهنشاهه اڪبر اعظم پنهنجي خاص امير اعتماد خان کي سلطان محمود خان ڏي بکر ۾ موڪليو. انهيءَ لاءِ ته سلطان محمود خان پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ اڪبر بادشاهه کي ڏئي. شهنشاهه اعظم هڪڙي شاهاڻي عمدي سروپا، هڪڙي جڙاءَ دار تلوار، هڪڙو عمدن سنجن سان سينگاريل گهوڙو ۽ چار هاٿي به سلطان محمود خان ڏي سوکڙيءَ طور موڪليا.

سلطان محمود خان اها مائٽي خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ پنهنجي نياڻيءَ جي ڏاج لاءِ جواهرات، قيمتي اسباب ۽ شاهاڻا سامان تيار ڪيائين، تمام وڏو شادمانو ڪيائين عام خاص ماڻهن کي جام کاڌا پيتا ڏنائين. پندرهن ڏينهن عام شادمانو هو، جنهن ۾ روزانو پنج سؤ ماڻهو ڪم ايندا هئا، جنهن ڏينهن نڪاح ٿيڻو هو، انهن ڏينهن سڀ سادات، مشائخ، علماءَ ۽ امير امراءَ  اچي گڏ ٿيا، جن مان هر هڪ کي لياقت آهر بخششون مليون. اعتماد خان، جيڪو اڪبر بادشاهه جي طرفان سڱ گهرڻ آيو هو، تنهن کي ٽيهه هزار رپيا روڪڙا ۽ ٻيون قيمتي شيون انعام طور مليون.

تاريخ 15 رجب هجري سنه 980 تي سلطان محمود خان پنهنجي نياڻي کي زين العابدين سلطان، نوروز خان ۽ ٻين معتمدن ۽ بيبين توڙي نوڪرياڻين سميت جيسلمير جي رستي کان اڪبر بادشاهه ڏانهن روانو ڪيو. جڏهن اها ڄڃ جيسلمير ۾ پهتي. تڏهن شهنشاهه اڪبر اعظم شڪار ڪرڻ لاءِ ناگور شهر ۾ آيل هو. اتان مير محمد خان اتڪه کي ڄڃ جي استقبال لاءِ موڪليائين، پر ان کي هڪڙي راجپوت خنجر هڻي شهيد ڪري وڌو تنهن ڪري اڪبر بادشاهه کي مٺيان لڳي، تنهن ان راجپوت جي وطن يعني گجرات تي ڪاهه ڪئي. (تاريخ معصومي – جزءِ سيوم)

سلطان محمود خان جي وفات

سلطان محمود خان هينئر پيرسن اچي ٿيو هو، تنهن پنهنجي حڪومت جون سڀ واڳون مبارڪ خان ۽ ان جي پٽ اوغي بيگ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيون. بيگ اوغي هڪڙو عياش ۽ شرابي ماڻهو هو، تنهن نمڪ حرامي ڪري ڪن نوڪرن ۽ اميرن کي پاڻ سان ملائي سلطان محمود خان جي مارڻ جو منصوبو ڪيو. سلطان محمود خان کي انهيءَ منصوبي جي خبر پئجي ويئي، تنهن ڪري بيگ اوغي پنهنجن صلاحڪار ماڻهن سميت مجاهد خان ۽ محب علي خان ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتي سلطان محمود خان جون گلائون وڃي ڪيائين. اتان اهي سمورا وري الور ۾ مبارڪ خان وٽ آيا، جيڪو سلطان محمود خان جي طرفان الور جو گورنر هو ۽ چيائونس ته سلطان محمود خان توکي ۽ تنهنجي پٽ بيگ اوغي کي قتل ڪرائڻ جي رٿ ۾ آهي. تنهن ڪري مبارڪ خان به انهن سان شامل ٿي سلطان محمود خان سان جنگ ڪرڻ لاءِ لشڪر وٺي آيو. منصوبه بازن مبارڪ خان کي اها لالچ ڏيکاري هئي، ته توکي سلطان محمود خان جو جاءِ نشين ڪنداسون.

سلطان محمود خان ۽ باغين جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ سلطان محمود خان کي شڪست رسي ۽ هن بکر جي قلعي ۾ وڃي پناه ورتي، جيڪو دشمنن جي گهيري ۾ هو. جڏهن قلعي ۾ کاڌ خوراڪ جي تڪليف ٿي ۽ مبارڪ خان ۽ پٽس بيگ اوغي ٻئي ڄڻا مجاهد خان جي ماڻهن جي هٿان مارجي ويا، تڏهن سلطان محمود خان کي وجهه مليو. جيڪو شهنشاهه اڪبر اعظم ڏي اجمير ۾ سمورو حال احوال ڏياري موڪليائين. اڪبر بادشاهه هڪڙو فرمان سلطان محمود خان جي نالي ڏياري موڪليو.  جنهن ۾ لکيائين ته ”سلطان محمود خان کي اسان پنهنجي پاران بکر جو گورنر پڪيءَ طرح مقرر ڪريون ٿا“. انهيءَ فرمان اچڻ تي مجاهد خان ۽ ان جي سنگتين جا ڍڍر ڍرا ٿي پيا.

جيئن ته سلطان محمود خان ڳچ وقت کان جلندر جي مرض ۾ بيمار گذاريندو هو تنهن ڪري ان شهنشاهه اڪبر بادشاهه کي لکيو“، ته آءٌ بيمار ٿو گذاريان ۽ مون ۾ ڪم ڪرڻ جي پهچ ڪانهي، تنهن ڪري حضور جن ڪنهن ٻئي عملدار کي بکر لاءِ گورنر مقرر ڪن“.  انهيءَ ساڳئي سال تاريخ 8 صفر هجري سنه 982 (عيسوي 1563) ۾ سلطان محمود خان وفات ڪئي. مجاهد خان ۽ محب علي خان سلطان محمود خان جي وفات ڪرڻ تي بکر جي قلعي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر قلعي ۾ رهندڙن انهن کي نهايت بهادريءَ سان منهن پئي ڏنو.

بکر تي اڪبر اعظم جي بدران ڪيسو خان جو نواب مقرر ٿيڻ

سلطان محمود خان جي درخواست موجب ۽ سندس وفات ڪرڻ ڪري شهنشاهه اڪبر اعظم پنهنجي پاران ڪيسو خان کي بکر جو نواب مقرر ڪري موڪليو، جيڪو تاريخ 12 ربيع الاول سنه 982 (عيسوي سنه 1582) تي بکر ۾ اچي پهتو. بکر جي ماڻهن ان جي تمام چڱيءَ طرح آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هو مان شان سان قلعي ۾ اچي داخل ٿيو. اڪبر اعظم جو عيوضي ميدان ۾ ڏسي مجاهد خان ۽ محب علي خان گنجابہ ۾ وڃي لڪا. پر جلد ئي ڪيسو خان کي شهنشاهي فرمان پهتو، ته بکر جي پرڳڻي (اپر سنڌ) جو اڌ مجاهد خان ۽ محب علي خان جي سنڀال هيٺ ڇڏي ۽ باقي اڌ جو انتظام پاڻ رکي ۽ هڪدم ٺٽي تي ڪاهي وڃي مرزا محمد باقي کي تابعداري مڃائي.

مجاهد خان ۽ محب علي خان انهيءَ اطلاع ملڻ تي بکر ۾ آيا، جن کي نواب ڪيسو خان درياءَ جي کاٻي ڪناري وارو ملڪ (بکر، روهڙي ۽ درٻيلو) حوالي ڪيو ۽ پاڻ درياءَ جي ساڄي پاسي وارو ملڪ سيوهڻ تائين پنهنجي سنڀال هيٺ رکيو ۽ سکر ۾ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيائين.

ٿورڙن ئي ڏينهن بعد مجاهد خان ۽ نواب ڪيسو خان جي وچ ۾ گهرو تڪرار ۽ جهيڙا لڳي پيا ۽ نواب ڪيسو خان جي برخلاف ڪي شڪايتون سلطان محمود خان جي بيوه بيبيءَ ۽ ٻين جي طرفان اڪبر اعظم کي پهتيون. اڪبر اعظم پهريائين ترسو محمد خان کي آگره ڏي موڪليائين ۽ سيد عادل کي بکر جي معاملات فيصل ڪرڻ لاءِ نواب ڪري سنڌ ڏي موڪليائين. (هسٽري آف سنڌ مرزا صاحب)

نواب سيد عادل

 نواب سيد مير عادل هجري سنه 983 (عيسوي سنه 1525) ۾ اچي بکر ۾ پهتو ۽ سکر ۾ پنهنجي سڪونت ڪيائين. نواب سيد مير عادل جي وقت منگچا قوم جي ماڻهن بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو. سيد مير عادل لشڪر وٺي انهن ماڻهن تي ڪاهي ويو ۽ گهڻي نقصان سهڻ کان پوءِ اها بغاوت دفع ڪيائين.

هجري سنه 984 (عيسوي سنه 1576) ۾ نواب سيد مير عادل وفات ڪئي. تنهن ڪري اڪبر اعظم ان جي پٽ سيد ابوالفضل کي ان جي جاءِ تي نواب مقرر ڪري سنڌ ڏي موڪليو.

سيد ابوالفضل جي نوابيءَ وقت ڪاڪڙ قوم جي سردارن بغاوت ڪئي، جن کي سيد ابوالفضل قيد ڪري هاٿين جي پيرن هيٺان چيڀاٽي مارائي ڇڏيو. (هسٽري آف سنڌ – مرزا صاحب)

نواب اعتماد خان

هجري سنه 985 (عيسوي سنه 1577) ۾ اڪبر اعظم خواجه اعتماد خان کي بکر جو گورنر ڪري موڪليو. هي هڪڙو تمام بدمزاج ماڻهو هو. هيءَ چڱن مڙسن کي بدلفظ ڳالهائڻ ۽ بي عزت ڪرڻ لڳو، تنهنڪري عام خاص ماڻهو هن کان ناراض ٿي پيا ۽ اڪبر اعظم جي دربار ۾ پنهنجي فرياد پهچايائون. اڪبر اعظم فريادين کي حڪم ڏنو، ته آئنده جيڪڏهن هو (اعتماد خان) اهڙي هلت هلي، ته ان کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏجو. آخر ائين ئي ٿيو اعتماد خان ڪن گهوڙي سوارن جي هٿان هجري سنه 986 (عيسوي سنه 1578) ۾ مارجي ويو. (هسٽري آف سنڌ- مرزا صاحب)

فتح خان ۽ راجا پرمانند بکر جا نواب

اعتماد خان جي مارجڻ بعد اڪبر اعظم مسند علي فتح خان بهادر ۽ راجا پرمانند کي، جيڪو راجا توڏر مل جو عزيز هو، گڏي بکر جو نواب مقرر ڪيو. ٻن ورهين کان پوءِ راجا پرمانند پنهنجي ڀاءُ راجا ماڌئونداس کي پنهنجي عيوض بکر ۾ ڇڏي پاڻ اڪبر اعظم جي ملاقات لاءِ روانو ٿيو. راجا ماڌئون داس جي پرڳڻي ۾ بغاوت پيدا ٿي پيئي جيڪا فتح خان دفع ڪئي. جلد ئي فتح خان به اڪبر اعظم جي ملاقات لاءِ ويو. اڪبر اعظم ان جي انتظام مان اهڙو خوش ٿيو، جو ساري اپر سنڌ لاءِ فتح خان کي نواب مقرر ڪري موڪليائين. ٿورن ئي ڏينهن بعد ناهر قوم جي سردار سان فتح خان کي جنگ ڪرڻي پيئي، جنهن ۾ فتح خان جا گهڻا ماڻهو زيان ٿيا. انهيءَ ڪري شهنشاهه اڪبر نواب صادق محمد خان کي بکر جو پرڳڻو جاگير طور ڏيئي ان کي مرزا جاني بيگ کان ٺٽي جي (لوئر سنڌ جي) حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنائين.(هسٽري آف سنڌ مرزا صاحب)

ساري سنڌ شهنشاهه اڪبر اعظم جي هٿ اچڻ

اپر سنڌ يعني سلطان محمود جي زير حڪم جيڪو ملڪ هو، سو ته شهنشاهه اڪبر اعظم کي سلطان محمود خان پاڻ هجري سنه 982 (عيسوي سنه 1572) ۾ ڏيئي ويو، جنهن جو بيان مٿي ڏنو ويو آهي، باقي لوئر سنڌ يعني ترخان گهراڻي جي زير حڪم جيڪو ملڪ هو، تنهنجي هٿ ڪرڻ لاءِ پهريائين نواب صادق محمد خان کي موڪليائين، جنهن کي مرزا جاني بيگ شڪست ڏيئي ڀڄايو ۽ نواب خان خانان کي موڪليائين، جنهن اچي مرزا جاني بيگ کان هجري سنه 1000 (عيسوي سنه 1591) ۾ لوئر سنڌ فتح ڪيو، جنهن جو مفصل احوال به مٿي ڏنو ويو آهي. انهيءَ مذڪور مان پڙهندڙن کي چڱيءَ طرح معلوم ٿي رهيو، ته اوڻيهه ورهيه (سنه 1572ع کان سنه 1591ع تائين) شهنشاهه اڪبر اعظم فقط اپر سنڌ جو ڌڻي هو ۽ سنه 1591ع کان وٺي ساري سنڌ سندس قبضي ۾ اچي ويئي، جنهن تي پاڻ يا سندس پوين جدا جدا وقتن تي پنهنجا پنهنجا نواب پي موڪليا. انهن نوابن جي عرصي جي مفصل تاريخ ايندڙ جلد ۾ ڏني ويندي. (انشاءَ الله العزيز)

ترخان گهراڻي جي وقت جا بزرگ، مشائخ ۽ علماءَ

(1) ميان سيد علي انجوي شيرازي رحه

هن بزرگ سادات جا وڏا شيراز مان لڏي سنڌ ۾ (ٺٽي ۾) اچي رهيا هئا. سيد علي رحه عالم، زاهد ۽ سخي هوندو هو. هر سال ربيع الاول مهيني ۾ تمام وڏي پئماني تي جناب حضرت رسول اڪرم عليہ الصلواة والسلام جن جو عرس ڪندو هو ۽ مڪلي ٽڪريءَ وارن اوليائن جي مقبرن تي ”سماع“ ڪندو هو. ظاهر پرست قاضي ۽ مفتي توڙي محتسب (فوجدار) هن کي ”سماع“ کان گهڻو ئي روڪيندا هئا، پر ڪنهن جي ڳالهه ئي نه ٻڌندو هو.

سنڌ ۾ ”سماع“ ڪرڻ جي ريت هي آهي: ڳچ ماڻهو گڏ ٿين ٿا. انهن مان ڪي ماڻهو سريلي ۽ دردناڪ آواز سان شعر پڙهن ٿا ۽ انهيءَ شعر جي سوز تي سڀ حاضرين ”سماع“ ڪن ٿا. ڪن کي ”وجد“ ۽ ”حال“ اچيو وڃي جنهن ”حال“ ۾ هو بي وس ٿي ڊوڙن ٿا. نچن ٿا ۽ مست ٿيو وڃن ٿا. انهن کي سندرن مان ڇڪيو جهلجي ٿو. تڏهن مس هو جهليا ٿين ٿا. نچڻ مهل تمام بلند آواز سان شعر ڳائن ٿا، ٻن ٽن سون ماڻهن جو يڪو آواز تماشبين کي عجب ۽ حيرت ۾ وجهيو ڇڏي ٿو. اهڙو آواز هڪ ٻه ميل پري ٻڌڻ ۾ پيو ايندو آهي.

سيد علي رحه هجري سنه 971 (مرزا عيسى ترخان جي حڪومت وقت) وفات ڪئي. سندس فرزند سيد جلال الدين رحه روحاني منزل ۾ پيءُ جهڙو ئي بزرگ خدا شناس هو زبردست عالم به هو، پر شريعت جي پابندي پنهنجي والد مرحوم کان زياده رکندو هو ۽ خدا شناسيءَ جا تمام گهڻا فيض ڀريا سبق ڏنا هئائين. (تاريخ معصومي جزءِ سيوم)

(2) مولانا عبدالرحمان رحه

هي بزرگ مرزا عيسى ترخان جي حڪومت ۾ وڏو عالم هو ۽ ٺٽي شهر ۾ سندس مڪتب هوندو هو، جنهن مان هزارين شاگرد ديني ۽ دنيوي علمن جو فائدو وٺي ويا. (تاريخ معصومي)

(3) مولانا عبدالخالق گيلاني رحه

هيءُ بزرگ مولانا عبدالله يزدي رحه جي شاگردن مان هڪڙو هو. هجري سنه 962 ۾ قنڌار کان بکر ۾ آيو ۽ اتي اچي مدرسو کوليائين.

ڪجهه وقت بکر ۾ تعليم ڏيڻ بعد وري ٺٽي ۾ آيو، جتي شيخ ميرڪ پوراني رحه پنهنجي محلي ۾ مڪتب کولي ڏنس، جتي ڳچ ورهيه تعليم جو ڪم ڪيائين ۽ هزارن کي فيض بخشيائين. ٺٽي شهر جا گهڻا بزرگ عالم ان فياض بزرگ جا ئي شاگرد آهن، جن مان قاضي محمود ٺٽوي رحه ملڪن ۾ مشهور هو.

مولانا عبدالخالق رحه پوءِ ٺٽي مان دکن هندستان ڏي ويو، جتي به گهڻو علمي فيض پکيڙيائين ۽ رحلت به اتي ئي ڪيائين. (تاريخ معصومي)

(4) مولانا يوسف رحه

هيءُ بزرگ تمام ديندار ۽ پرهيزگار هو. شرعي علمن ۾ جهڙس ماهر ڪونه هو. (تاريخ معصومي)

(5) مخدوم فضل الله رحه

هيءُ بزرگ جدا جدا علمن ۽ هنرن ۾ ڪامل، عالم باعمل ۽ تقوى جو صاحب هو، پنهنجي ساري مبارڪ حياتي تعليم ڏيڻ ۾ صرف ڪيائين. (تاريخ معصومي)

(6) شيخ مير عوماني رحه

هيءُ بزرگ شيخ رڪن الدين علاءُ الدولہ سمناني رحه جي اولاد مان هو. شيخ عبدالوهاب پوراني رحه جي ڀيڻ سندس گهر ۾ هئي. تمام خوش طبع، لطيفه گو ۽ علم موسيقيءَ ۾ ماهر هوندو هو. سلطان محمود خان جي حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾ ٺٽي مان لڏي بکر ۾ اچي رهيو هو. ٻه سال اتي رهي پوءِ هندستان جي سير تي ويو ۽ انهيءَ سفر منجهه هجري سنه 980 ۾ وفات ڪيائين.

(7) مولانا عبدالله مفتي رحه

هيءُ بزرگ اصل ملتان جو ويٺل هو، بکر ۾ اچي رهيو. وڏو مڪتب کوليو هئائين، جنهن ۾ ديني خواه دنيوي تعليم ڏيڻ ۾ مشغول هوندو هو. تمام جيد عالم ۽ اعلى درجي جو ذهين شخص هوندو هو. حسين صورت ڏانهن هميشه شوق ڇڪيل هوندو هوس ۽ اندر درد ۽ سوز سان ڀريو پيو هوندو هوس. هميشه عزيزن جي تربتن جي زيارت ڪندو رهندو هو. هجري سنه 970 ۾ رضا ڪيائين. (تاريخ معصومي)

(8) قاضي دائود رحه

هيءُ بزرگ اصل فتحپور (نزديڪ سوي) جو ويٺل هو. سلطان محمود خان جي حڪومت جي شروعات ۾ بکر جو قاضي مقرر ٿيو هو. هيءُ پنهنجي وقت جي علمائن ۾ برک ليکبو هو. نهايت ديندار، امانت جو صاحب، پرهيزگار درويش هوندو هو. شرعي فيصلي ۾ ڪڏهن به ڪنهن جو رياءُ يا طرفداري نه ڪندو هو. ماه شوال هجري سنه 981 ۾ بکر ۾ وصال ڪيائين. (تاريخ معصومي)

(9) سيد مير محمود پوراني رحه

هيءُ بزرگ ساداتن مان هو. پهريائين هرمز جي رستي ٺٽي ۾ آيو ۽ شيخ بايزيد بوراني رحه جي نياڻيءَ سان اچي شادي ڪيائين. پوءِ بکر کي پنهنجو وطن ڪري اچي ويٺو. هيءُ بزرگ زاهد ۽ تقوى جو صاحب هوندو هو ۽ گهڻو ڪري گوشه نشين ٿي گذاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وڏي ڏينهن جي موقعي تي سلطان محمود خان جي مجلس ۾ ايندو هو. هجري سنه 977 ۾ پيالو پيتائين. (تاريخ معصومي)

(10) سيد مير ابوالمڪارم رحه

هيءُ بزرگ مير غياث الدين محمد سبز واري رحه جو فرزند پهريائين مرزا شاهه حسن جي دربار جو امير هو ۽ پوءِ سلطان محمود خان جي خاص اميرن مان هڪ هو، سلطان محمود خان ان کي ايلچي ڪري ايران جي شهنشاهه شاهه طهماسپ ڏانهن موڪليو هو. جنهن ”خان“ جي لقب مير مذڪور جي هٿان سلطان محمود خان ڏي موڪليو هو.

مير ابوالمڪارم رحه تمام خوش طبع، ڪماليت جو صاحب ۽ بليغ شاعر هو.

(11) مير يونس محمد ارغون رحه

هيءُ امير پهريائين همايون بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ هو، پوءِ مرزا محمد زمان جي نوڪريءَ ۾، تنهن کان پوءِ مرزا شاهه حسن ۽ سلطان محمود خان جو درباري امير هو. ترڪي ۽ پارسي زبانن ۾ اعلى درجي جو شاعر هو. حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ دنيا جا لاڳاپا ڦٽا ڪري گوشه نشيني اختيار ڪيائين. سنه 985 هه ۾ لاڏاڻو ڪيائين. پنهنجي وفات کان ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي وفات جو تاريخي مادو هيءُ ٺاهيو هئائين.

”رستم از قيد اين و آن اي دل“ (تاريخ معصومي)

يعني: ”اي دل! هتي جي قيد توڙي هتي جي قيد کان آزاد ٿيس“

(12) مولانا يار محمد (مولانا ياري) رحه

هيءُ بزرگ هرات کان اچي بکر ۾ رهيو هو. نهايت خوش طبع، انشا پرداز ۽ قابل شاعر هو. سلطان محمود خان ان کي ايلچي ڪري شهنشاهه اڪبر اعظم جي دربار ۾ موڪليو هو. اتي جڏهن ڪاميابي ڪانه ٿيس، تڏهن سيتپور ۾ رهي پيو ۽ اتيئي وفات ڪيائين، هن بزرگ گجرات ملڪ بابت هيءُ شعر چيو هو:

”گجرات خوش دياري اما بشرط ياري

بي يار چون توان بود در اين چنين دياري”؟

(تاريخ معصومي)

يعني: گجرات ڏاڍو سٺو ملڪ آهي، پر سو تڏهن جڏهن ڪو يار منجهس هجي. يار کان سواءِ ههڙي ملڪ ۾ ڪيئن گذاري سگهبو؟

(13) مخدوم محمد عثمان رحه

 هيءُ بزرگ درٻيله شهر (تعلقه نوشهروفيروز) جو ويٺل هو. پنهنجي ڳوٺ ۾ وڏو مدرسو هوس، جنهن ۾ سوين ديسي خواه پرديسي شاگرد پڙهندا هئا. پاڻ نهايت جبرو عالم، پرهيزگار ۽ ڪرامت جو صاحب هوندو هو. ٻيو ڪو به سندس اهڙو همعصر تارڪ الدنيا نه هو. ڪڏهن به ڪنهن شخص کان خيرات يا چندو نه گهريائين بنا گهرڻ جي ايترو پيو ملندو هوس، جو سندس سوين کٿابي به سنجهه صبح پيا کائيندا هئا. پر ٻيا ئي مسافر ۽ واٽهڙو اتان کايو پيا ويندا هئا. هن بزرگ مخدوم هجري سنه 1002 ۾ وفات ڪئي. (تاريخ معصومي)

(14) مخدوم عباس هنڱورجو رحه

 هيءُ بزرگ پاٽ (تعلقه دادو) جو ويٺل هو. هجري سنه 947 ۾ هنڱورجن جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو هو. تفسير، حديث ۽ فقہ ۾ ڪامل ۽ عالم باعمل هو. عابد، زاهد ۽ تقوى جو صاحب هو. ڪنهن به مسئلي جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ بي نظير هو. اعلى درجي جو واعظ هو. جنهن وقت واعظ ڪندو هو، تنهن وقت ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ”وجد“ ۽ ”گريو“ ٿيندو هوس، جو بڌندڙن کي واعظ ٻڌڻ جي طاقت نه رهندي هئي. هجري سنه 998 ۾ ڇهانوي ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيائين. (تاريخ معصومي)

(15) مولانا ابراهيم مفتي رحه

هيءُ بزرگ مولانا جمال الدين مفتي رحه جو فرزند هو. زاهد، عابد ۽ گوشه نشين هو. علم فقہ ۾ هن جهڙو ڪو ورلي هو. ساري ملڪ ۾ سندس فتوائون هلنديون هيون ۽ سنڌجا ٻيا قاضي ۽ علماءَ به هن بزرگ جي فتوى تي عمل ڪندا هئا. هن بزرگ اوڻانوي ورهين جي عمر ۾ آخرت جو سفر اختيار ڪيو.

(16) مولانا قاسم ديوان رحه

هيءُ بزرگ پهريائين مخدوم ميران رحه وٽ تعليم وٺندو هو، پوءِ پنهنجي وطن وڃي مولانا محمود سرخ رحه جي مدرسي ۾ علم معقول ۽ علم منقول جي تحصيل ڪيائين تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ آيو. گهڻو وقت بکر ۾ پنهنجو مدرسو هلايائين ۽ خدا جي خلق کي علم جو فيض پهچايائين، جڏهن سلطان محمود خان سوي جو گورنر مقرر ٿيو هو، تڏهن هن بزرگ کي به پاڻ سان سويءَ ڏي وٺي ويو هو ۽ اتي کانئس قرآن شريف جي تعليم ۽ ڪن ٻين ڪتابن جا سبق وٺندو هو. هن بزرگ ساري ڄمار تعليم ڏيڻ ۾ صرف ڪئي. هجري سنه 977 ۾ ڪوڙيءَ دنيا مان لڏي ويو. (تاريخ معصومي)


 


(1)  شاهه طهاسپ ”خان“ جي لقب سان جهنڊو، نغارو، طمن طوغ ۽ جامہ واقو موڪليو هوس ۽ ”خان خانان“ جي لقب سان گڏ لعلن جو هار، جڙاءَ دار تاج ۽ ڪمر پٽو، عمدي سروپاءُ، قيمتي ڇٽڙي  ۽ ٻيون به عمديون شيون سوکڙيءَ طرح شاهه طهماسپ جي طرفان سلطان محمود خان وٽ آيون هيون. (تاريخ معصومي جزءِ سيوم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org