باب چوٿون
هارون رشيد کان مامون
جي آخري زماني تائين
سنه 170 هجري ۾ موسى هادي دنيا کان موڪلائي دارالبقا ڏي روانو
ٿيو ۽ تخت خلافت هارون جي مبارڪ قدم سان رونق حاصل
ڪئي جو هارون رشيد اعظم جي لقب سان دنيا ۾ مشهور
ٿيو ۽ جنهن اهڙي خوبي ۽ سهڻي نموني سان حڪومت ڪئي
جو ان جو زمانو وڏي قدر ۽ عزت جي نگاه سان ڏٺو ويو
۽ هميشه ڏٺو ويندو. هارون خلافت جو تاج مٿي تي رکڻ
شرط جڏهن انتطام ملڪيت جي طرف ڌيان ڪيو تڏهن ليث
کي سنڌ جي حڪومت تان موقوف ڪري اسماعيل بن علي جي
غلام سالم يونسي کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو.
سالم يونسي والي سنڌ:
سالم يونسي جي زماني جو حال بلڪل ٿورو معلوم ٿي سگهيو آهي مگر
سڀ مؤرخ ايترو قبول ڪن ٿا ته هن وڏي شائستگي سان
حڪومت ڪئي ۽ سر زمين هند تي قدم رکي چڱيون چڱيون
ڪارگزاريون ڏيکاروين. (يعقوبي)
اسحاق هاشمي والي سنڌ ۽ مڪران:
سالم پنهنجي مقرري کان پوءِ چوٿين سال معزول ڪيو ويو ۽ هارون
رشيد ان جي جاءِ تي 174 هه ۾ اسحاق بن سليمان
هاشمي کي والي سنڌ مقرر ڪيو، ۽ مڪران به هن جي ئي
تصرف ۾ ڏنو.(يعقوبي- ابن اثير)
اسحاق سنڌ ۾ داخل ٿي ٿورائي ڏينهن حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾
رکي، ته اهڙي مرض اچي کيس ورايو جو سگهو ئي دنيوي
حڪومت کان موڪلائي هميشگي واري وطن ڏي هلڻ جون
تياريون ڪرڻ لڳو. اسحاق جي نسبت چيو وڃي ٿو ته هو
نهايت ئي پاڪباز ۽ ديندار شخص هو. آخر هن پنهنجي
پٽ يوسف کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري عالم آخرت ڏي
روانو ٿي ويو. (ابن خلدون ۽ يعقوبي)
يوسف بن اسحاق:
يوسف بن اسحاق پيءُ جي انتقال بعد ڪن ڏينهن تائين سنڌ جي حڪومت
ڪندو رهيو، مگر هن جي انتظام جو ڍنگ هارون رشيد کي
پسند نه آيو تنهنڪري کيس معزول ڪري ڇڏيائين.
طيفور حاڪم سنڌ:
هارون رشيد، يوسف کي معزول ڪري طيفور بن عبدالله بن منصور حميري
جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت ڏني. طيفور جي انتظام ۾ هي
نقص پيدا ٿيو، جو هندوستان جي رهندڙ عربن ۾ پنهنجي
قومي تعصب جي باهه يڪا يڪ ڀڙڪي اٿي. هي جهڳڙو
يمانيه ۽ نزاريه عربي قبيلن جو پاڻ ۾ هو. عربن ۾
هي هڪ اهڙو عالمگير جهڳڙو پيدا ٿي ويو هو، جنهن
جي باهه دکندي دکندي هندوستان کان اسپين تائين جتي
به ڪي عربي رهاڪو هئا، هر شهر هر ڳوٺ ۾ پکڙجي
ويئي. هندوستان ۾ هي تعصب طيفور جي زماني ۾ سخت
زور وٺي ويو. زور به اهڙو جو ماڻهو خلافت جي حڪمن
جي ڪا به پرواه نه ڪري کلم کلا وڙهڻ لڳا.(يعقوبي)
يماني ۽ نزاري تعصب جي حقيقت:
هي هڪ عجيب و غريب تعصب هو جنهن جو بنياد عام مؤرخن جي بيان
موجب هي آهي ته عرب جا سڀ قبيلا ٻن قسمن جا هئا،
هڪڙا ته اهي ماڻهو جي قحطان جي نسل مان هئا ۽ غير
معلوم زماني کان يمن ۾ رهندا آيا يعني عرب جي
ساري ملڪ ۾ هي هڪڙو ئي نسل موجود هو. حضرت اسماعيل
عليه السلام مڪي ۾ پيدا ٿي اتي ئي ساڪن ٿيو ۽ انهي
ئي قحطان جي نسل مان شادي ڪئي ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾
سندن نسل ايتري قدر پکڙجي ويو جو گهڻو ڪري سڀ
ماڻهن انهن جي ئي نسل جا وڃي رهيا. فقط يمن ۾ سو
البته قحطان جو نسل باقي هو جن ۾ زياده ۽ غالب حصو
قبيلي حمير جو هو ۽ ڪي ٻيا قبائل به هئا جي پڻ
قحطان جي اولاد مان هئا ۽ يماني ڪوٺبا هئا باقي
ساري عرب ۾ ٻيا جيڪي به قبيلا هئا سي سڀ جناب حضر
اسماعيل جي اولاد مان ئي هئا جن مان گهڻو ۽ غالب
حصو انهن ماڻهن جو هو جي نزار جي خاندان مان هئا.
نزار نسب جي سلسلي ۾ آنحضرت ﷺ جي وڏن مان هڪ شخص
آهي. بس اهي ئي ٻه قبيلا يماني (قحطاني) ۽ نزاري
(اسماعيلي) پاڻ ۾ لڙي پيا. هن تعصب جي بناءِ
مسعودي جي بيان مطابق هيءَ هئي جو اهل بيت جون
ساراهيون، ڪندڙ عرب جي هڪ مشهور شاعر ڪميت ابن
زياد اسدي، جيڪو نزار الاصل هو بني هاشم جي تعريف
۾ ڪيترا قصيدا چيا پر شعر گوئي ۾ اڃان هن جي
ابتدائي مشق هئي تنهن ڪري اهي قصيدا ان زماني جي
نامي گرامي شاعر فرزوق وٽ کڻي ويو ۽ چيائين ته اي
ابو فراس (اها فرزوق جي ڪنيت هئي)آءٌ تنهنجي ئي
قوم جو ڇوڪرو آهيان“
فرزوق: ڪهڙي خاندان مان آهين؟ ڪميت پنهنجي خاندان ۽ نسب جو پورو
پتو ڏنو تڏهن فرزوق چيس ته خير پنهنجو مطلب ٻڌاءِ.
ڪميت: سائين آءُ اوهان کي پنهنجي قوم جو بزرگ سمجهان ٿو تنهنڪري
اُميدوار آهيان ته توهان منهنجي زبان تي ڦيڻو وجهو
ته من اوهان جي دعا سان آئون ڪي چڱا شعر چئي
سگهان. تنهن کان سواءِ منهنجي اها مراد آهي ته
پنهنجو ڪلام اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان. ان مان
جيڪو اوهان کي پسند اچي ۽ جنهن جي نسبت اوهان
اجازت ڏيو سو عام طرح مشهور ڪريان ۽ جيڪو نه پسند
هجي تنهن لاءِ مون کي خبردار ڪريو ته ڪنهن جي به
اڳيان پڌرو نه ڪريان ۽ اوهان ۾ اُميد اٿم ته
منهنجو عيب ڪنهن تي به ظاهر نه ڪندا.
فرزوق: ميان صاحبزادا ٻڌ هيءَ ڳالهه! توکي ذهن نشين رهي ته
جيترو تنهنجو عقل هوندو انهي سارو تنهنجو شعر به
ٿيندو. هي ڪم اهڙو نه آهي جو ڪنهن سکڻ سيکارڻ سان
ٿي سگهي تنهن هوندي به آءٌ ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان
جيڪي چيو هجيئي سو ٻڌاءِ.
ڪميت: طربت و مشوقا الى لبيض اطرب،
والا لعبا مني و ذوالشيب يلعب.
(آئون خوش آهيان مگر حسينن جي شوق ۾ نه، ۽ نه دلچسپي ۽ راند جي
لاءِ. پوڙهن کي اُن سان ڪهڙو غرض)
فرزوق: چڱو تون خوش ٿي اڳتي هل.
ڪميت: ولم يلهني دار ولا رسم منزل،
ولم يتطر بني بنان مخصب.
(مون کي ته نه ڪنهن مڪان پنهنجي دلفريبي ۾ مبتلا ڪيو ۽ نه ڪنهن
مڪان جي نشانن ۽ نه ميندي لڳل آڱرين مون کي فريفته
ڪيو.)
فرزوق: پوءِ ڪهڙي شيءِ توکي خوش ڪري ٿي؟
ڪميت: وما انا ممن يزجرا الطيرهم،
اصاح غراب او تعرض ثعلب.
(۽ نه آئون انهن ماڻهن مان آهيان جن جي ارادي کي بدشگوني (بڇڙو
سون) ڦيرائي ٿي ڇڏي. هن طرح جو ڪانگ پنهنجي نڀاڳي
ٻولي ٻولي يا گداڙي رستو ڪپي وڃي.)
فرزوق: ته ڪم بخت آخر تون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهين ۽ ڪهڙي دين ۾
آهين.
ڪميت: وما السانحات البارحات عشية،
امر سليم القرآن ام مراعضب.
(۽ نه اُهي واقعا مون کي پنهنجي ارادي کان روڪي سگهيا جي ڪالهه
رات گذري ويا. مون کي خبر به نه پيئي ته اهي آساني
سان گذري ويا يا سختي سان.)
فرزوق: واهه ڀائي! هي ته ڏاڍو سٺو چيئي.
ڪميت: ولڪن الي اهل الفضائل والنهى،
وخير بني حواءِ والخير يطلب.
(مگر فضيلت ۽ عاقل وارن جي يادگيري ۾ خوش ٿيان ٿو جي حوا جي
ساري اولاد مان چڱا آهن، ۽ انسان چڱن جو ئي طالب
ٿئي ٿو.)
فرزوق: اڙي نڀاڳا تڏهن اهي ڪير آهن؟
ڪميت: الى لنفر البيض الذين بحبهم،
الي الله فيمانا بني اتقرب.
(انهن حسين شخصن جي ياد ۾ جن جي محبت سان آئون پنهنجي مصيبتن ۾
خدا جي طرف رجوع ڪريان ٿو.)
فرزوق: خدا جي واسطي مون کي فڪرات کان ڇڏاءِ آخر اُهي آهن ڪير؟
ڪميت: بني هاشم رهط النبي فانني،
بهم ولهم ارضي مرارا و اطيب.
(بني هاشم خاندان نبوت جا ماڻهو جن کان آئون اڪثر راضي ٿيان ٿو
۽ جن جي لاءِ آئون بارها ماڻهن کان ناراض ٿي پوان
ٿو.)
فرزوق: سبحان الله! صاحبزادا! واه جو شعر چيو اٿيئي. انهن لچن
۽ نالائقن (بني اُميه) کان جيڪڏهن تون جدا ٿئين ته
تنهنجو نشان ڪڏهن به نه خطا ٿيندو ۽ تنهنجي ڳالهه
ڪڏهن به ڪوڙي نه ٿيندي.
ڪميت: ڀلا ڪا غلطي هجي ته مهرباني ڪري ٻڌايوم.
فرزوق: تون پنهنجي نظم کي شوق سان شايع ڪر ۽ ڪنهن جي پرواهه نه
ڪر. خدا جو قسم تون گذريل ۽ موجوده سڀني شاعرن کان
چڱون آهين.
اهڙي طرح فرزوق جي واتان تسلى جهڙا لفظ ٻڌي ڪميت امام باقر ابو
جعفر محمد بن علي بن حسين بن علي بن ابي طالب جي
خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ اهل بيت جي ساراهه ۾ پنهنجا
ٺاهيل قصيدا ٻڌائڻ لڳو. جڏهن هن شعر تي پهتو.
وقتيل با لطف غودر منهم،
بين غوغاءِ امت و طغام.
(۽ اهي ڪربلا جا شهيد، جن سان ڪمينن ماڻهن عام گهيري جي هجوم ۾
فريب ڪيو.)
تڏهن امام محمد باقر جي اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويا ۽ دلي جوش سان
فرمايو ”اي ڪميت! جيڪڏهن اسان وٽ خزانو هجي ها ته
توکي ڏيون ها مگر اسان وٽ تنهنجي لاءِ اهو ئي آهي
جو رسول الله ﷺ حسان بن ثابت کي چيو هو ته جيسين
تون اسان تان تهمتون لاهيندو رهندين تيسين هميشه
روح القدس توسان مددگار رهندو.
ڪميت ان کان پوءِ هتان موڪلائي عبدالله بن حسن بن علي وٽ ويو ۽
کيس به پنهنجا قصيدا ٻڌايا جنهن اهي ٻڌي چيس ته
”مون وٽ هڪ ٽڪر زمين جو آهي جنهن جي خريد ڪرڻ ۾
منهنجا چار هزار روپيا خرچ ٿيا آهن. وٺ هي ان جو
دستاويز آهي ۽ ڏس ته هن تي مضبوط شاهديون به لکيل
آهن.“
ڪميت عرض ڪيو ته ”قبلا! ائين نه ٿيندو. اوهان کان سواءِ ٻئي
ڪنهن جي تعريف ۾ آئون جيڪي چوان ٿو ان ۾ البت
منهنجي اها مراد رهي ٿي ته ڪجهه مليم مگر خدا جو
قسم آهي ته اوهان جي شان ۾ مون جيڪي به چيو آهي سو
ڪنهن دنيوي طمع تي اصلي نه، ۽ جا شيءِ خاص خدا لڳ
آهي تنهن جو عيوضو ڪڏهن نه وٺندس.“
ڪميت گهڻو ئي انڪار ڪيو پر عبدالله ڪنهن به طرح نه مڃيس ۽ کيس
دستاويز ڏيئي ڇڏيائين. ڳچ ڏينهن بعد ڪميت وري
عبدالله بن حسن جي خدمت ۾ آيو ۽ اچي چيائين ”اي
ابن رسول الله ﷺ منهنجو هڪ عرض آهي. ”عبدالله يڪدم
وڏي خوشي سان چئي ڏنو ته ”تنهنجو جيڪو عرض هوندو
سو پورو ڪيو ويندو. ٻڌاءِ ڇا آهي. ”ڪميت چيو ”جيڪي
به آهي سو تڏهن ظاهر ڪندس جڏهن توهان واعدو ڪندا.“
عبدالله واعدو ڪيو تڏهن ڪميت اهو دستاويز سندس
اڳيان رکي چيو ته ”هي واپس وٺو“ عبدالله مجبوراً
دستاويز کڻي ورتو ۽ ماٺ ڪري ويو. اتفاقاً انهي
وقت عبدالله بن معاويه بن عبدالله بن جعفر طيار
اتي موجود هو، تنهن هي رنگ ڏسي هڪ چادر کڻي ورتي ۽
ان جا چارئي پلؤ چئن غلامن جي هٿ ۾ ڏنا ۽ جهولي
ٺاهي، بني هاشم جي دروازن تي ويو ۽ وڃي چيائين ته
”اي بني هاشم ڏسو هي ڪميت آيو آهي جنهن اُن وقت
توهان جون تعريفون ڪيون آهن جڏهن هڪ وڏو زمانو
توهان جي فضيلتن بيان ڪرڻ کان ماٺ ۾ اچي ويو آهي.
هن اهي قصيدا نه چيا آهن بلڪ پنهنجو خون بني اُميه
جي اڳيان حاضر ڪيو آهي. جيڪي پڄي سگهيو سو انهن
جهولي ۾ درهم ۽ دينار وجهڻ شروع ڪيا، تان جو عورتن
کي جڏهن خبر پيئي تڏهن اُهي به موڪلڻ لڳيون، جن
عورتن وٽ ڪا روڪڙ موجود نه هئي تن پنهنجا زيور گڏ
لاهي ڏياري موڪليا. هن طريقي سان هڪ لک درهم گڏ ٿي
ويا. اهي کڻي ڪميت وٽ آيا ۽ چيائونس ته ”وٺ هي بني
هاشم توکي ڏنو آهي، ان کي وڃي پنهنجي ڪم ۾ آڻ، في
الحال اسان دشمنن جي حڪم هيٺ آهيون ۽ اسان کي وڌيڪ
پهچ ڪانهي. ڏس هن ۾ زيور پيا آهن. جيڪي اسان جي
گهرن ۾ روڪڙ هجي ها ته هنن جي بجاءِ اها ڏيون ها.“
ڪميت چيو: ”اوهان وڏي فياضي کان ڪم ورتو آهي مگر آئون نه وٺندس.
جنهن جنهن کان اوهان جيڪي آندو هجي سو ان کي وڃي
واپس ڏيو. منهنجو غرض خدا ۽ رسول جي رضامندي کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.“
جڏهن ڪميت ڪنهن به طرح وٺڻ قبول نه ڪيو تڏهن عبدالله اها رقم ته
واپس کڻي ويو پر کيس چيائين ته ”چڱو تڏهن منهنجي
هڪ خواهش آهي تون اها پوري ڪر ته وڏو ڪم نڪري پوي،
يعني ڪو اهڙو نظم چئو جنهن کان ماڻهن ۾ رنجش پيدا
ٿي هڪ فتنو کڙو ٿي پوي، من انهي مان اسان جي خاطر
خواه ڪو نتيجو نڪري اچي.“ ڪميت اها ڳالهه قبول ڪري
چيو ته چڱو اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟
بس هن ئي اشاري موجب ڪميت اهو مشهور قصيدو چيو جنهن ۾ پنهنجي
قبيلي مفر بن نزار ۽ نزار جي سڀني قبيلن جي تعريف
ڪئي ۽ انهن جي افضليت تي اهڙو زور ڏنو صاف الفاظ ۾
چئي ڏنائين ته هو يمانين جي ڏاڏي قحطان کان افضل ۽
اعلى آهن. انهي قصيدي جا ڪي شعر هي آهن.
لنا قمر السماءِ وکل نجم - تشير اليہ ايدي المهتدينا.
(اسان جي لاءِ آسمان جو چنڊ ۽ سڀ تارا آهن، جن جي طرف هدايت
حاصل ڪرڻ وارن جا هٿ اشارو ڪن ٿا.)
وجدت الله اذ سمي نزارا – واسڪنهم بمکته قاطنينا،
لنا جعل المکارم خالصات – وللناس القفا ولنا لجبينا.
(الله جڏهن ته نزار نالو رکيو ۽ ان کي وڏي مضبوطي سان مڪي ۾
رهايو تڏهن مون کي ان مان معلوم ٿئي ٿو ته خدا
سائين سڀ خوبيون اسان جي لاءِ مخصوص ڪيون ۽ ٻين
سڀني لاءِ پٺ ۽ اسان لاءِ پيشاني مقرر ڪئي.
وما ضربت هجائن من نزار - فوالح من فحول الا عجمينا.
(نزار جي پاڪيزه ڏاڍاين تي عجمي ساڻن جو ڪڏهن به حملو نه ٿيو
آهي.)
وما حملو الحمير على عتاق – مطهرة فيلغوا مبلغينا.
(۽ نه ڪڏهن گڏهه، ڀلين ۽ جواني ڀريل گهوڙين تي اهڙي طرح چڙهيا
آهن جو ڪامياب ٿي ويا هجن.)
وما وجدت بنات بني نزار – حلات اسودين واحمرينا
(۽ بني نزار جي ڇوڪرين ڪڏهن ڪارن ۽ ڳاڙهن يارن جي صورت نه ڏٺي
آهي.)
رڪارن مان مراد حبشي آهن جي ابرهي جي زماني ۾ يمن تي قابض ٿي
ويا هئا ۽ ڳاڙهن مان مراد ايراني آهن جن سيف بن ذي
يزن جي فرياد تي يمن کي پامال ڪيو هو.)
بس هن قصيدي جو شايع ٿيڻ ۽ ساري عرب ۾ اهڙي باهه لڳي ويئي جو هر
طرف ماڻهو بگڙي کڙا ٿي ويا. يمان قبيلا جيڪي جتي
رهندا هئا سي اتي جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. دعبه
بن علي خزاعي جيڪو ان زماني جو نامور شاعر هو تنهن
هن قصيدي کي خود ڪميت تي الٽائي وڌو ۽ پنهنجي قوم
جون فضيلتون بيان ڪيون ۽ نزارين تي طعنا وسايا. هو
چوي ٿو.
فان يک آل اسرائيل من کم – وکنتم بالا عاجم فاخرينا
(جيڪڏهن بني اسرائيل اوهان مان آهن ۽ اوهان عجمين تي فخر ڪريو
ٿا.)
فلا تنس الخنازير اللوائي – مسخن مع القرود انحا سينا.
(تڏهن انهن سوئرن کي نه وساريو، جي مسخ ٿيل (شڪل ڦري ويل) زيان
ڪار باندرن سان گڏ مسخ ٿي خنزير بڻجي ويا آهن.
بايلة والخليح لهم رسوم – و آثار قدمن وما محينا.
(ايلا ۽ خليج ۾ انهن جا نشان اڄ تائين موجود آهن. جيتوڻيڪ پراڻا
ٿي ويا آهن مگر اڃان ميٽيا نه آهن.)
جابر حاڪم سنڌ ۽ مڪران:
هارون الرشيد سنڌ ۾ هي رنگ ڏسي طيفور کي معزول ڪري جابر بن اشعث
طائي کي روانو ڪيو جنهن جي هٿ ۾ سنڌ سان گڏ مڪران
جي حڪومت به ڏني ويئي.
سعيد حاڪم سنڌ ۽ مڪران:
ٿوري وقت کان پوءِ جابر معزول ٿيو ۽ هن جي بجاءِ سنڌ جي حڪومت
جي واڳ سعيد بن مسلم بن قتيبه جي هٿ ۾ آئي سعيد به
انهن ماڻهن مان هو جن کي خانداني دولت آرام طلب
ڪري وطني صحبتن جو شيدائي بڻائي ڇڏيو هو، سو ڀلا
هيتري ڏوراهين مسافري تي ڪيئن وڃي ٿي سگهيو، ۽ نڪي
ائين مناسب ڄاتائين جو شاهي قدرداني جي عيوض ۾“
ناشڪري ڪري، تنهن ڪري پاڻ ته وطن کي نه ڇڏيائين
مگر پنهنجي ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي پنهنجي پاران
والي بڻائي سنڌ روانو ڪيو. (يعقوبي)
ڪثير نائب والي سنڌ:
ڪثر کان هتي اچي اهڙيون بداخلاقيون ۽ بريون خصلتون ظاهر ٿيون جو
هو پنهنجي بدچالي سببان ٿورن ئي ڏينهن جي اندر هر
هڪ جي نظر ۾ ذليل ٿي ويو.
عيسى بن جعفر حاڪم سنڌ:
ڪثير جي بداخلاقين جون دانهون هارون الرشيد جي ڪنن تي پهتيون
تڏهن سعيد جي هن غفلت ۽ لاپرواهي تي رنج ٿي سنڌ جي
حڪومت هن جي هٿ مان ڪڍي پنهنجي سؤٽ عيسى بن جعفر
بن منصور جي حوالي ڪئي، ۽ ڪل اختيارات سندس هٿ ۾
ڏيئي ڇڏيا. جڏهن سعيد کي فقط دولت عشرت پسند بنائي
سنڌ جي حڪومت کان خارج ڪيو تڏهن سمجهو ٿا ته عيسى
جو ڪهڙو حال هوندو جو خود شاهي خاندان مان هو، سو
به نه فقط معمولي بلڪ هڪ نهايت ئي معزز ۽ محترم
شهزادو هو تنهن پنهنجي طرفان محمد بن عدي کي مقرر
ڪري روانو ڪيو. (يعقوبي)
محمد بن عدي نائب حاڪم سنڌ:
محمد بن عدي هڪ عجيب فتنه انگيز شخص هو، جنهن منصوره ۾ قدم رکڻ
شرط اهڙيون ڪارروائيون شروع ڪيون جو يڪا يڪ هڪ ٻئي
جي تعصبي لڙاين جي باهه وڏي زور سان ڀڙڪي اٿي. هن
يار وري انهي باهه ۾ تيل وجهي وجهي اهڙآ شعلا بلند
ڪيا جو سڀ قبيلا پاڻ ۾ وڍجي ڪٽجي مرڻ لڳا. جڏهن
انهن جي لڙائين جو خوب ڍؤ ڪري تماشو ڏسي رهيو هو،
تڏهن منصوره کان نڪري ملتان ڏي روانو ٿيو. ملتان
وارا هن جي فتنه پردازين جو حال ٻڌي ايتري قدر
بگڙيا ويٺا هئا جو دل ۾ پڪو ارادو ڪري ڇڏيائون ته
چاهي ڇا به ٿي پوي مگر ان جي اطاعت ڪڏهن به نه
ڪنداسين.
محمد بن عدي جڏهن ملتان جي ويجهو پهتو تڏهن ڏٺائين ته ملتان جا
رهاڪو وڏي ساز و سامان ۽ جوش خروش سان سندس مقابلي
لاءِ موجود آهن. هن يڪدم لڙائي شروع ڪئي تڏهن
ملتان وارا اهڙي مردانگي سان لڙيا جو کيس شڪست
آئي. اها ئي سندس خوش نصيبي هئي جو خير سان پنهنجي
ڪن همراهن سميت ڀڄي جان بچائي سگهيو. ملتان وارن
ڪامياب ٿي سندس سمورو مال ۽ اسباب لٽي ورتو ۽
پنهنجي ڪاميابي تي خوشي جا ترانا ڳائيندا وڃي
ملتان ۾ داخل ٿيا. (يعقوبي)
عبدالرحمان ۽ ايوب سنڌ جا ناڪام والي:
هارون رشيد کي جڏهن هي حال معلوم ٿيو تڏهن جيتوڻيڪ خانداني لحاظ
جي ڪري ڪو ڪلمون زبان تي نه آڻي سگهيو مگر دل ۾
عيسى بن جعفر جي غفلت تي نهايت ئي رنجيده ٿيو ۽
مجبوراً سنڌ جو انتظام خاص پنهنجي هٿ ۾ رکيو. محمد
بن عدي جو هاڻي ڪنهن به طرح سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي
لائق نه رهيو هو تنهن کي معزول ڪري عبدالرحمان
نالي هڪ شخص کي پنهنجي طرفان مقرر ڪري سنڌ ڏي
روانو ڪيو. عبدالرحمان هتي پهتو مگر محمد بن عدي
ڪا اهڙي بدانتظامي ڪري ڇڏي هئي جو عبدالرحمان کان
ڪنهن به طرح انتظام نه سنڀالجي سگهيو. تڏهن هارون
رشيد ايوب بن جعفر بن سليمان کي مقرر ڪري موڪليو،
مگر افسوس جو هو به سنڌ جي بدانتظامين جي اصلاح نه
ڪري سگهيو ۽ بلڪل ناڪام رهيو. (يعقوبي)
دائود مهلبي والي سنڌ:
جڏهن رشيد کي معلوم ٿيو ته ايوب کان به ڪو سوجهرو نه ٿيو تڏهن
آخر هن سنه 184 هجري ۾ دائود بن يزيد بن حاتم
مهلبي کي سنڌ جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. دائود
سان گڏ هڪ شخص ابو الصمد نالي به هندوستان ۾ وارد
ٿيو هو جنهن ڪنهن وقت کان پوءِ بغاوت ڪئي، جنهن جي
نسبت بلاذري لکي ٿو ته منهنجي وقت ۾ هن جي بغاوت
جو جهنڊو کڙو ڪيل هو.
دائود به ذرا آرام طلب هو مگر ان سان گڏ هو هڪ اهڙي سخت گير
طبيعت جو آفيسر هو جو جيڪڏهن ڇيڙيو وڃي ته پوءِ
شايد هن کان وڌيڪ ڦڙتي وارو ۽ جفاڪش به ڪوئي ثابت
نه ٿئي. سندس زماني ۾ به ڪو وقت سنڌ جو ساڳيو حال
رهيو ڇو ته ابتدا ۾ جڏهن رشيد سنڌ جي حڪومت هن جي
هٿ ۾ ڏني تڏهن هن دل ۾ چيو ته ياران وطن کي ڇڏي
ڪير ٿو هيڏي پراهين مسافري تي وڃي. سو پاڻ اتي ٿي
ويهي رهيو ۽ پنهنجي ڀاءُ مغيره کي پنهنجو نائب ڪري
هندوستان موڪلي ڏنو.(يعقوبي)
مغيرو ۽ سنڌ ۾ فساد:
مغيره رستي ۾ ئي هو ۽ اڃان هند ۾ داخل ئي نه ٿيو هو ته يڪا يڪ
نزاري ماڻهو اٿي کڙا ٿيا ۽ ايتري قدر جوش و خروش
سان بگڙيا جو حڪومت دٻجي ويئي، ۽ جڏهن انهن خود
حڪومت کي دٻائي ورتو تڏهن پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته
ساري سنڌ کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو وڃي. هڪ حصي ۾
قريشي رهن، هڪ ۾ قبيلي قيس وارا ۽ هڪ ۾ ربيعه وارا
ماڻهو رهن ۽ چوٿين حصي ۾ به ڪو نزاري قبيلو ئي
رهايو وڃي. يماني ماڻهن لاءِ ڪا به زمين باقي نه
ڇڏجي ۽ جيئن به ٿي سگهي تيئن انهن کي هتان اصلي
ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪجي. اها هڪ اهڙي تجويز هئي جنهن کي
خلافت ڪنهن به طرح منظور ڪري نٿي سگهي، مگر نزاري
پنهنجي هن ارادي تان لهن ئي نه، ۽ چون ته اسان
يمانين کي پنهنجي ملڪ ۾ اصلي رهڻ نه ڏينداسين.
(يعقوبي)
مغيره جڏهن شهر منصوره جي ويجهو پهتو تڏهن شهر وارن دروازا بند
ڪري ڇڏيا ۽ چيائون ته ڪنهن به اهڙي حاڪم کي جو
اسان جي مرضي جي خلاف هلندو، اسان اچڻ نه
ڏينداسين. مغيره شهر جي لڳ منزل ڪري ويهي رهيو ۽
صلح جي ڪوشش ۾ مشغول ٿيو. آخر گهڻين ڳالهين بعد
مغيره کي چيائون ته جيسين هي اقرار نه ڪيو ويندو
ته اسان تي متعصبانه حڪومت نه ڪئي ويندي ۽ ڪڏهن
تعصب جو نالو به نه ورتو ويندو تيسين اسان ڪنهن کي
به شهر ۾ اچڻ نه ڏينداسين، پر جيڪڏهن ائين ڪري نٿا
سگهو ته اسان کي هينئر ئي اطلاع ڏيو ته اسان هي
انتظام ڪريون جو شهر جا ٻئي دروازا گڏي کوليون.
هڪ دروازي کان اوهين داخل ٿيو ۽ ٻئي کان اسين
نڪري هليا وڃون. (يعقوبي)
اها ڳالهه پڌري آهي ته ائين ڪئين پسند ڪري سگهبو ته شهر جا سڀ
ماڻهو نڪري وڃن، باقي رهيو تعصب تنهن ۾ به يمانين
سان ظلم ٿي رهيو هو ۽ نزاري هنن کي ستائي رهيا
هئا. پوءِ ڀلا ائين به ڪو ٿي سگهيو ٿي ته مظلومن
جي مدد نه ڪئي وڃي. هاڻي مغيره ڪري سو ڇا ڪري، نيٺ
انهن سان ڪنهن به ڳالهه جو صاف واعدو ته نه ڪيائين
مگر حڪمت عملي سان شهر وارن جي دلجوئي ڪري آخر
دروازا کولرائي ورتا ۽ حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾
ڪئي. پر وري اها ئي نزارين جي هٿان يمانين تي
زيادتي ٿيڻ لڳي. مغيره ازروءِ انصاف نزارين کي
دٻائڻ ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيڻ گهريو تڏهن هو پنهنجي
طاقت جي گمان تي بگڙي کڙا ٿي ويا. (يعقوبي)
آخر لڙائي جو رنگ ڄمي ويو، هڪ طرف مغيره جي فوج مظلوم يمانين
سميت هئي ۽ ٻئي طرف انهن جي مقابلي ۾ نزاري قبيلا
هئا. نزارين جي قوت دراصل بلڪل گهڻي هئي ۽ وري اُن
سان گڏ قومي تعصب کين لڙايو به وڏي جوش و خروش
سان. تنهنڪري هنن خوب مضبوطي ۽ جانبازي سان مقابلو
ڪري يمانين ۽ شاهي طرفدارن کي سخت شڪست ڏني. مغيره
شڪست کائي منصوره کان نڪري هليو ويو ۽ وڃي سنڌ جي
ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهيو. (يعقوبي)
نزارين جي پاڙ پٽجڻ:
دائود کي جڏهن هي خبرون پهتيون تڏهن هن جي غيرت واري رڳ جوش ۾
اچي ويئي ۽ ڀاءُ جي شڪست تي کيس وڏو صدمو پهتو، سو
يڪدم عيش و آرام کي ڇڏي نڪري پيو ۽ هڪ وڏي فوج
تيار ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو. نزارين تي هو ايتري قدر
غضبناڪ ٿي آيو هو جو جيسين منصوره ۾ پهچي تنهن کان
اڳ واٽ تي جيڪي شهر ايندا ويا تن ۾ جيڪي به نزاري
رهندا هئا تن جي خوب مرمت شروع ڪري ڏني. برابر
انهن کي ماريندو ۽ سزائون ڏيندو اچي منصوره جي
ڀتين هيٺان تنبو کوڙايا. شهر وارن شهر جا دروازا
ته بند ڪري ڇڏيا مگر دائود بلڪل آزاديءَ سان تلوار
بلند ڪري اهڙو زوردار حملو ڪيو جو منصوره کان ٻاهر
جيڪي لڙائيون ٿيون تن ۾ نزارين جو وڏو تعداد قتل
ٿي ويو. (يعقوبي)
منصوره کان ٻاهر جڏهن لڳاتار ويهن ڏينهن تائين قتل جي بازار گرم
رهي تڏهن زبردستي شهر جا دروازا کوليا ويا ۽
نزارين کي سندن فتنه پردازين جي عيوض ۾ خوب سزائون
ڏيئي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي، مگر ايتري
وڏي قتل عام ۽ اهڙي خونريزي کان پوءِ به نزارين جا
حوصلا پست نه ٿيا، انهن فساد جي باهه کي وسامڻ نه
ڏنو ۽ ڪيترن مهينن تائين برابر جنگ ۽ هنگامو برپا
رهيو. هي رنگ ڏسي دائود کي هيڪاري سخت غصو آيو ۽
هن پڪو ارادو ڪيو ته جيئن به ٿي سگهندو تيئن
نزارين جي قوت کي هميشه لاءِ ٽوڙي ڇڏجي. هن
پهريائين منصوره جي اندر نزارين جا محلا ۽ جايون
بلڪل خاڪ ۾ ملائي ڇڏيون ۽ عام طرح کين ماري ۽
جلاوطن ڪيو تڏهن وڃي منصوره ۾ امن امان قائم ٿيو.
(يعقوبي)
شهر منصوره جو انتظام ڪري هن سنڌ جي ٻين شهرن ڏي رخ رکيو، ڇو ته
نزارين جي ڀڙڪايل باهه سڀني طرفن پکڙيل هئي
تنهنڪري هن عام طرح سنڌ جا اهي سڀ شهر، ڳوٺ ۽ محلا
جتي نزاري رهندا هئا تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيا. گهرن
جا گهر ويران ٿي ويا تڏهن مس وڃي ملڪ کي سندن
فسادن کان ڇوٽڪارو مليو ۽ حڪومت کي پنهنجي قوت
وڌائڻ ۽ امن و امان سان حڪمراني ڪرڻ جو موقعو
مليو. (يعقوبي)
دائود اهڙي همت ۽ مردانگيءَ سان هندوستان جي فتنن ۽ فسادن کي
ميٽي ڇڏيو جو هارون رشيد کي هن جي بيدار مغزي تي
ڀروسو ٿي ويو ۽ وري هن کي ڪنهن ٻئي نئين والي مقرر
ڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه آئي، تان جو سندس آخري وقت
تائين هي ئي سنڌ جو حڪمران رهيو. انهن فسادن جي
بند ڪرڻ بعد دائود نهايت ئي انصاف ۽ عمدگيءَ سان
حڪومت ڪئي. ٻاهرين راجائن تي هن ڪو به حملو نه
ڪيو. سندس زماني جي حالات ۾ چيو وڃي ٿو ته پنهنجي
فتح ڪيل شهرن جي حفاظت خوب مضبوطي سان ڪئي ٿي
ويئي. نه هن تي ڪنهن هندو راجا حملو ٿي ڪيو ۽ نه
هو ڪڏهن ڪنهن ٻئي جي ملڪ تي ڪاهي ٿي ويو.
فارسي مؤرخن جي غلط بياني
هي جيڪي به والي بيان ڪيا ويا سي اهي آهن جن جو سلسليوار احوال
عربي تاريخن يعقوبي، ابن اثير ۽ ابو الفداءِ کان
ورتو ويو آهي ۽ بيشڪ هي سلسلو بلڪل ٺيڪ آهي ڇو ته
سن وار هڪ ٻئي جي جانشيني ثابت ٿي ويئي آهي. مگر
تعجب آهي ته فارسي مؤرخ هارون رشيد واري زماني جي
ڪيترن ٻين والين جا نالا به ٻڌائين ٿا، جن مان
هڪڙو ته شيخ ابو تراب آهي جو حاجي ترابي جي نالي
سان مشهور آهي جنهن جي نسبت لکن ٿا ته هو مغربي
سنڌ ۾ ضلعي ساڪوره (ساڪره) جي مضبوط قلعي تي قابض
هو. هن جو مقبرو اڄ تائين ٺٽي کان اٺن ميلن جي پنڌ
تي وڏي زيارت گاه آهي جنهن تي سنه 171هه تاريخ وقت
لڳل آهي.
هن نالي واري ڪنهن بزرگ جي هجڻ کان انڪار نه آهي ۽ هي به ممڪن
آهي ته ملڪ جي ڪنهن خاص قلعي تي هن کي حڪومت حاصل
هجي مگر ائين هرگز مڃي نٿو سگهجي ته خلافت جي
طرفان سنڌ جي ساري حڪومت ان جي هٿ ۾ هئي. (تحفة
الڪرام)
هارون الرشيد جي خلافت ۾ ابو القاسم نالي سنڌ جو هڪ ٻيو والي
ٻڌايو وڃي ٿو مگر ان جو به ڪو پورو پتو نٿو
ملي.(تاريخ سنڌ ۽ تحفة الڪرام)
سنڌ ۾ عربن جو دٻدٻو
هن زماني ۾ اسلامي حڪومت جيتري قدر هيبت ۽ دٻدٻي واري هئي، ان
جو اندازو هن مان ٿي سگهي ٿو جو سڀني ديسي راجائن
تي عربن جو بي انتها دٻاءُ پيل هو، ۽ سنڌ جي اتر
وارين حدن تائين هر جڳهه انهن جو ڌاڪو ويٺل هو.
ڀلا ان کان زياده ٻيو ڇا هوندو جو تبت(1)
جو خاقان به هن سلطنت جي
روزانه ترقي ڏسي دل ئي دل ۾ پيو ڊڄندو هو. (ايليٽ)
|