باب چوٿون
سما
سمن جو بنياد ۽ سندن اسرڻ
هن کان اڳ بيان ڪيو ويو آهي، ته سما اصل هندو راجپوت هئا. سما
قوم جون تمام گهڻيون شاخون آهن، مگر حڪومت هٿ ڪندڙ
سما پاڻ کي ”ڄام“ جي لقب سان سڏائيندا هئا.
فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي وقت ۾ سما دين اسلام ۾ داخل ٿيا هئا.
ڪچيءَ ۾ سمن جو سومرن سان چڱو سلوڪ هوندو هو: هو
ٻئي قومون پاڻ ۾ گڏجي زمينداريءَ ۽ آبادگاريءَ جو
ڪم ڪنديون هيون. سومرن جو انداز ۽ طاقت زبردست
هئي، تنهن ڪري سما انهن جا زبردست ٻانهن ٻيلي ٿي
يڪو راڄ ڪري گذاريندا هئا. سومرن جيڪي اوائلي
سوڀون ڪيون، تن ۾ سما سومرن جا نهايت جبرا ۽
ڪارائتا همراهه ٿي رهيا.
جڏهن سومرن جي حڪومت مضبوط ٿي ويئي، تڏهن هو سمن سان ڏاڍ ۽ ارهه
زوريءَ سان هلڻ لڳا. هڪڙي ڀيري سومرن ۽ سمن جي وچ
۾ فقط هڪڙي پاڏي تان لڙائي لڳي، جنهن ۾ سما هار
کائي ڪڇ ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا.
سمن جو بنياد اڏيل شهر ساموئي يا سمي آباد هو، جو هاڻي ٺٽي شهر
کان ٽن ميلن جي پنڌ تي مڪلي ٽڪريءَ جي دامن ۾ آهي.
ان کي سماننگر (سمن جو شهر) به سڏيندا هئا.
سومرن کان هار کائي جيڪي سما ڪڇ ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا هئا، تن
پهريائين وڃي ڪڇ ملڪ ۾ پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي،
جنهن جو مفصل بيان اڳتي ڏبو.
ڪڇ جي بادشاهيءَ وارن سمن پنهنجو ناتو انهن سمن سان رکيو، جيڪي
سنڌ ۾ سومرن جي هٿ هيٺ رهجي ويا هئا. جيئن پوءِ
تيئن سومرن حاڪمن سنڌ ۾ رهيل سمن کي تڪليفون
ڏنيون، جڏهن هڪڙي پاسي علاءُ الدين بادشاهه جي
لشڪر سومرن جو زور ڀڳو ۽ ٻئي پاسي سومرن جا پويان
حاڪم عياش ۽ ظالم بڻجي پيا، تڏهن ڏکڻ سنڌ ۾ ٻي ڪا
به قوم سمن جي قوم کان وڌيڪ طاقت واري ڪا نه هئي،
تنهن ڪري سومرن جي پوئين حاڪم ارميل يا همير کي
سمن سندس گهر ۾ وڃي قتل ڪيو ۽ ان جي سسي ڪوٽ جي
دروازي تي ٽنگي ڇڏيائون ۽ ڄام انڙ کي سنه 752 هه
(1351ع)(1)
۾ پنهنجو حاڪم مقرر ڪيائون. انهيءَ وقت کان وٺي
سنڌ ۾ سمن جي حڪومت قائم ٿي. (چچنامه)
ڪڇ ۾ سمن جي حڪومت
سومرن جڏهن سمن کي شڪست ڏئي ڪڇ ڏانهن ڀڄايو هو، تڏهن سما اتي
پهريائين چاوڙا قوم سان وڃي پاڙيسري ٿي رهيا.
چاوڙن جي سردار انهن کي آباديءَ جي ڪم لاءِ ٻنيون
ڏنيون، ان شرط سان ته ٻنين جو ان سما کڻن، گاهه
سرڪاري قلعي ۾ پهچائن. ڳچ وقت سما ائين ڪندا رهيا،
جڏهن سمن پنهنجا پير مضبوط سمجهيا، تڏهن پاڻ ۾
صلاح ڪيائون ته ڪڇ جو قلعو هٿ ڪجي.
هڪڙي ڏينهن سمن ڇا ڪيو، جو گاهه جون پنج سؤ گاڏيون قلعي ۾
موڪليائون. هر هڪ گاڏيءَ ۾ ٻه ٻه پهلوان مڙس
هٿيارن سميت گاهه ۾ لڪايائون ۽ هڪڙو هڪڙو پهلوان
گاڏيوان ويهاريائون، ارادو ڪيائون ته اهي پندرهن
سؤ ماڻهو قلعي ۾ داخل ٿي وڃن، ته پوءِ ٻيا به سما
هٿيار کڻي قلعي ۾ ڪاهي پوندا.
قلعي جي دروازي تي سرڪار جي پاران هڪڙو جوتشي رهندو هو، جنهن جو
ڪم هوندو هو ته قلعي ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن جي ارادن
بابت جوتش جي وسيلي خبر لهي سرڪار کي چتاءُ ڪندو
هو. جڏهن گاهه جون گاڏيون قلعي جي دروازي تي
پهتيون، تڏهن قلعي جي دروازي واري جوتشيءَ هڪل ڪري
چيو ته گاهه ۾ ڪچو ماس آهي”. نجوميءَ جي چتاءَ تي
چوڪيدارن پنهنجا ڀالا گاهه ۾ ٽنبڻ شروع ڪيا. گاهه
۾ لڪل پهلوان سمن کي ڀالن جون چهنبون لڳيون ٿي، ته
انهن اهي وري پنهنجن ڪپڙن سان اگهي ٿي ڇڏيون. جنهن
ڪري چوڪيدارن کي پڪ ٿي، ته گاهه ۾ ماس باس ڪجهه به
نه آهي، نجومي ڀليو آهي. نيٺ گاهه جون گاڏيون اندر
ويون. رات جو اهي گاهه ۾ لڪل جوان ۽ گاڏيوان هٿيار
کڻي قلعي جي عملدارن تي ڪاهي پيا. هوڏانهن وري
ٻاهريان سما به هٿيار کڻي قلعي ۾ اچي گهڙيا. سخت
خونريزيءَ کان پوءِ سما قلعي تي قابض ٿي ويا ۽ ڪڇ
جي ملڪ جي حڪومت سندن هٿ آئي. راءِ ڀاراءِ، ڄام
سهتا، ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪڇ جا نامور حاڪم سما قوم
مان هئا. (ايليٽ صاحب حوالهءِ تاريخ طاهري)
اهي ڪڇ ۾ حڪومت هلائڻ وارا سما سنڌ ۾ رهيل سمن جا وڏا پشت پناهه
رهيا.
سنڌ جا سما حاڪم
ڄام اُنڙ (1351ع کان 1354ع تائين)
سنه 752هه (1351ع) ۾ ڄام انڙ(1)
بن بابينہ سنڌ ۾ سمن جو پهريون حاڪم مقرر ٿيو.
ٿورڙي ئي وقت ۾ هن اهڙو زور ورتو، جو پنهنجي تخت
گاهه ساموئي (سما نگر) مان وڏو لشڪر وٺي سيوهڻ تي
ڪاهي ويو. اتي ان وقت دهليءَ جي بادشاهه جي طرفان
مقرر ٿيل گورنر ملڪ رتن هو، جنهن پهرين جنگ ۾ ڄام
اُنڙ کي هارايو، مگر ٻي جنگ ۾ ڄام انڙ اڳئين کان
ٻيڻي لشڪر سان ملڪ رتن کي سامهون ٿيو، جنهن ۾ ملڪ
رتن گهوڙي تان اوچتو ڪري پيو ۽ سمن هڪدم ان کي
پڪڙي سندس سسي لاهي ڇڏي. ڄام اُنڙ اها جنگ کٽي ۽
سيوهڻ جو قلعو پنهنجي قبضي ۾ رکيائين.
سيوهڻ فتح ڪري جڏهن ڄام انڙ پنهنجي تخت گاهه ساموئيءَ ۾ موٽي
آيو، تڏهن کان وٺي عيش عشرت سان گذارڻ شروع
ڪيائين. هڪڙي ڀيري ڄام انڙ نشي جي هوءَ هوا ۾ هو،
ته اطلاع پهتس، ته ويجهيءَ ڇڪ ۾ ڪن ماڻهن بغاوت
شروع ڪئي آهي، تنهن تي ڄام انڙ پنهنجي فوجي عملدار
ڪاهہ بن تماچي کي بروقت بغاوت بند ڪرڻ لاءِ رواني
ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ڪاهہ به ان وقت نشن ۾ پُر هو، سو
باغين وٽ وڃڻ شرط قيد ٿي پيو. ڄام انڙ پنهنجن عيشن
۾ اهڙو غلطان هو، جو پنهنجي عملدار ڪاهہ کي (جو
سڳو ڀائٽيو به هوس) قيد مان آزاد ڪرائڻ جو خيال
ئي دل تان لهي ويس. ڪاهہ سان ڄام انڙ اهڙي حال ۾
ڪا به همدردي نه ڪئي، تنهن ڳالهه تي ان کي ڏاڍي چڙ
لڳي. هن ڇا ڪيو، جو ڪنهن چالبازيءَ سان پاڻ کي قيد
مان آزاد ڪري سڌو بکر ويو، اتي علي شاهه ۽ ملڪ
فيروز ترڪ سان وڃي شامل ٿيو ۽ انهن کي اتان وٺي
بهرام پور ۾ ڄام انڙ کي اچي قتل ڪرايائين. ڪي لکن
ٿا، ته علي شاهه ۽ ملڪ فيروز جي ڄام انڙ کي قتل
ڪرڻ لاءِ بهرام پور ۾ آيا هئا، سي خاص طرح ملڪ رتن
جي وير وٺڻ لاءِ، جنهن کان ڄام انڙ سيوهڻ جو قلعو
ورتو هو. ڄام انڙ جي مارجڻ کان ٽي ڏينهن پوءِ سمن
ڪاهہ ۽ ملڪ فيروز کي ماري ڇڏيو ۽ علي شاهه بکر ڏي
ڀڄي ويا. ڄام انڙ ڪل ٽي ورهيه ۽ ڇهه مهينا حڪومت
ڪئي. (چچنامه جلد 2)
”تاريخ معصومي“ ۾ لکيل آهي، ته سيوهڻ جي ٻيءَ جنگ وقت جڏهن ملڪ
رتن گهوڙي تان ڪري پيو ۽ سمن ان کي پڪڙي سندس سسي
لاٿي، تڏهن بکر واري علي شاهه ترڪ ڄام انڙ ڏي هڪڙو
خط لکي موڪليو، ته ”ڪريل کي ڪهڻ مردن جو شان نه
آهي. هاڻي تون مون سان جنگ لاءِ تيار ٿيءُ“ تنهن
کان پوءِ علي شاهه ترڪ ۽ ملڪ فيروز ترڪ بکر کان
لشڪر وٺي ٿري شهر تي ڪاهي آيا. ڄام انڙ به انهن
سان مقابلو ڪرڻ لاءِ لشڪر وٺيو ٿريءَ ڏانهن پئي
ويو، ته واٽ تي بيمار ٿي پيو ۽ وفات ڪيائين.
(تاريخ معصومي)
ڄام جوناهه بن بابينه (سنه 1354ع کان 1367ع تائين)
ڄام انڙ کان پوءِ ان جو ڀاءُ ڄام جوناهه سنڌ جو حاڪم ٿيو (سنه
755هه -1354ع) ڄام جوناهه تخت تي ويهڻ شرط، پنهنجا
دوست ۽ عزيز سردار سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ڏي روانا
ڪيا، انهيءَ لاءِ ته ساري سنڌ سندس حڪم ۾ رهي. اهي
ٺٽي وٽان درياءَ اڪري منزلون ڪري، وڃي بکر پهتا ۽
بکر جي آسپاس ڪيترائي ڳوٺڙا ناس ڪري ڇڏيائون. بکر
۾ جيڪي ترڪ هئا، تن ٻه ٽي جنگيون سمن سان ڪيون، پر
سما زور پئجي ويا، ۽ ترڪ بکر ڇڏي وڃي اُچ کان
نڪتا. ڄام جوناهه بکر جو قلعو پنهنجي هٿ ۾ ڪيو.
انهيءَ وقت دهليءَ جي بادشاهه علاءُ الدين، پنهنجي ڀاءُ الخ خان
کي ملتان جو حاڪم ڪري موڪليو هو. جنهن وري ملتان
مان ملڪ تاج الدين ڪافوري ۽ تاتار خان پنهنجن
لشڪرن سميت اڃا سنڌ ۾ پهتا ئي ڪن هئا. (چچنامه جلد
2)
تاج الدين ۽ تاتار خان، پهريائين اچي بکر جي قلعي تي قبضو ڪيو ۽
پوءِ سيوهڻ ڏي رخ رکيائون.(تاريخ معصومي)
ڄام تماچي بن ڄام انڙ (سنه 1367ع کان 1368ع تائين)
جنهن وقت ڄام تماچي تخت تي ويٺو، تنهن وقت تاج الدين ۽ تاتار
خان جون فوجون سنڌ ۾ هيون. ڄام تماچي سمن جو لشڪر
وٺي سيوهڻ ۾ وڃي انهن سان سامهون ٿيو. سخت جنگ کان
پوءِ سمن کي شڪست آئي ۽ ڄام تماچي قيد ٿي پيو. ڄام
تماچيءَ کي سندن ٻارن ٻچن سميت قيد ڪري دهليءَ وٺي
ويا، جتي ڳچ ورهيه نظربند رهيو ۽ اُتي ڪافي اولاد
به ٿيس.
ڄام بابينه بن ڄام انڙ (سنه 1368ع کان 1383ع تائين)
ڄام تماچي جي قيد ٿي وڃڻ ڪري سمن جي اسرندڙ طاقت کي هيڪر زبردست
ڌڪ لڳي ويو ۽ هو بکر کان لهي وري به ساموئي وٽ اچي
بيٺا. ڪجهه وقت ته سمن جو ڪو به اڳواڻ ڪونه هو،
پوءِ سڀني سمن صلاح ڪري ڄام تماچيءَ جي ڀاءُ ڄام
بابينه کي پنهنجو حاڪم مقرر ڪيو، جنهن پندرهن
ورهيه حڪومت ڪئي.
ڄام خير الدين بن ڄام تماچي (سنه 1383ع کان)
ڄام تماچي جڏهن عيال سميت دهلي نظربند ٿي ويو هو، تڏهن سندس
صغير پٽ ڄام خير الدين به ساڻس هو. ڄام خير الدين
دهليءَ ۾ سامائجي جوان ٿيو هو، تنهن کان پوءِ ان
کي سنڌ ۾ اچڻ جي موڪل ملي. هو سنڌ ۾ آيو، ته سڀني
سمن خوشيءَ سان کيس پنهنجو حاڪم ڪري مڃيو ۽ تخت تي
ويهاريو.
ڄام خير الدين جي تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ ترت ئي محمد شاهه تغلق
گجرات کان ٿي سنڌ ۾ آيو هو، ڇاڪاڻ ته طُغي نالي
سندس هڪڙو غلام بغاوت کڙي ڪري سنڌ ۾ ڀڄي اچي لڪو
هو، سو محمد شاهه کي هٿ ڪرڻو هو. محمد شاهه تغلق
خير الدين سان ملاقات ڪرڻ لاءِ خواهشمند هو، پر
ڄام خير الدين ملاقات کان نٽائي ويو، ڇاڪاڻ جو هو
گهڻو وقت محمد شاهه تغلق جن وٽ نظربند رهي چڪو هو
۽ انهن کان نفرت هيس. محمد شاهه تغلق جلد ئي ٺٽي
جي آسپاس وفات ڪئي ۽ فيروز شاهه تغلق ان جي تخت جو
وارث ٿيو، جنهن محمد شاهه جي وفات واري هنڌ ئي
تاجپوشي ڪئي هئي.
فيروز شاهه تغلق تاجپوشيءَ بعد جڏهن دهليءَ ڏي ٿي ويو، تڏهن ڄام
خير الدين سن ڳوٺ تائين ان جي لشڪر کي تڪليفون
ڏيندو ويو. جيئن ته فيروز شاهه کي جلد دهليءَ
پهچڻو هو، تنهن ڪري ان ڄام خير الدين جي گستاخيءَ
تي ڌيان نه ڏنو ۽ سيوهڻ ۽ بکر کان ٿي سڌو دهليءَ
روانو ٿيو. تنهن کان پوءِ ڄام خير الدين ساموئيءَ
۾ موٽي آيو ۽ نهايت عدل ۽ انصاف سان حڪومت هلائڻ
لڳو.
هڪڙي ڀيري ڄام خير الدين پنهنجن خاص ماڻهن سان ڪنهن بيابان مان
اچي لنگهيو، ته اتي انساني هڏن جو ڍير نظر آيس.
انهن جي مٿان بيهي پوءِ پنهنجن ماڻهن کي چوڻ لڳو،
ته ”هي هڏا مون کان دريافت ۽ عدالت گهري رهيا
آهن“. تنهن کان پوءِ اتي لهي پيو ۽ آسپاس وارن
ڳوٺڙن مان وڏي عمر جا ماڻهو گهرائي تن کان پڇا
ڳاڇا ڪيائين، ته معلوم ٿيس، ته ست ورهيه کن ٿيا،
جو هڪڙو مسافرن جو ساٿ گجرات کان سنڌ ڏي ويندي
انهيءَ جاءِ تي ڌاڙيلن ڦريو هو ۽ قافلي وارا ماريا
هئائون، جن جا اهي هڏا آهن.
ڄام خير الدين اتي رهي ڪي ڌاڙيل هٿ ڪيا، جن وٽ ڦر وارو ڳچ مال
به اڃا موجود هو، هن اهي ڌاڙيل هٿ آيل مال سميت
گجرات جي حاڪم ڏانهن ڏياري موڪليا ۽ لکي
موڪليائينس، ته ”ڌاڙيلن کي جوڳي سزا ملي ۽ هٿ آيل
مال پڇا ڪري فوتي ماڻهن جي وارثن کي پهچايو وڃي.“
(چچنامه ۽ تاريخ معصومي)
ڄام خيرالدين ڳچ ورهيه راڄ ڪري وفات ڪئي(1)
ڄام بابينه بن ڄام خير الدين
ڄام خير الدين کان پوءِ ان جو پٽ ڄام بابينه تخت تي ويٺو. ڄام
بابينه جي تخت نشين ٿيڻ کان پوءِ جلد ئي فيروز
شاهه تغلق سنڌ تي ڪاهي آيو، ڇاڪاڻ جو ان کي ڄام
خير الدين جي گستاخيءَ جو حساب وٺڻو هو. ڄام
بابينه پنهنجو لشڪر وٺي فيروز شاهه تغلق سان
سامهون ٿيو. فيروز شاهه ٽي مهينا سنڌ ۾ مورچو
هنيو، پر لاڙ جي گهميل هوا ۽ مڇرن ۽ گپ چڪ اهڙو
هلاڪ ڪيس، جو هو برسات جي مند پوري ڪرڻ لاءِ موٽي
گجرات ۽ کليل ميدان ۾ وڃي رهيو. (چچنامه)
تاريخ فرشته ۾ لکيل آهي، ته فيروز شاهه تغلق هندستان ۽ گجرات جي
پاسي جو گشت ڪري هر طرح دلجاءِ ڪئي ۽ پوءِ سنڌ تي
ڪاهه ڪيائين. ڄام بابينه ان وقت ڇا ڪيو، جو جيڪي
گاهه وارا ميدان ۽ رستا (Way)
هئا، سي ساڙائي ڇڏيائين، جنهن ڪري فيروز شاهه کي
سندس وهٽڻ لاءِ گاهه به ملي نه سگهيو. انهيءَ ڪري
هو لاچار گجرات ڏي موٽي ويو. برسات جي موسم گذارڻ
بعد هن وري سنڌ تي ڪاهه ڪئي. (تاريخ فرشته مقاله
8)
برسات جي مند پوري ٿيڻ کان پوءِ فيروز شاهه تغلق وري سنڌ تي
ڪاهي آيو. ڄام بابينه ان سان سامهون ٿيو، پر
هارايائين. فيروز شاهه ڄام بابينه کي قيد ڪري
دهليءَ وٺي ويو ۽ ساري سنڌ پنهنجن گورنرن جي حوالي
ڪيائين.
ان وقت کان وٺي ڳچ عرصو سمن جو ڪو به حاڪم سنڌ ۾ نه هئو. ڄام
بابينه دهليءَ ۾ وڃي فيروز شاهه تغلق کي اهڙو راضي
ڪيو، جو ان وري به سنڌ جي حڪومت جو پروانو ڏيئي
کيس سنڌ ڏي موڪليو.
ڄام بابينہ سنڌ ۾ وري اچڻ کان پوءِ ساموئيءَ ۾ اچي حڪومت جو
نئين سر بندوبست ڪيو. ڄام بابينه يارهن ورهيه
حڪومت ڪرڻ بعد وفات ڪئي. (چچنامه)
”تحفة الڪرام“ ۾ لکيل آهي، ڄام بابينه پندرهن ورهيه حڪومت ڪئي ۽
ساموئي شهر کي وري نئين سر اڏايو هئائين. (تحفة
الڪرام جلد 3)
ڄام تماچي بن ڄام خير الدين
ڄام بابينه جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ ڄام تماچي سمن جو حاڪم
مقرر ٿيو. هن تيرهن ورهيه حڪومت ڪئي، پر اهي تيرهن
ئي ورهيه صلح سانت سان گذريا، جن ۾ ڪا به جنگ يا
بغاوت ڪانه ٿي.
هي ڄام تماچي اهو هو، جنهن جو عشق نوريءَ مهاڻيءَ سان هو، جنهن
جي عشق کي سنڌ جي بزرگ شاعرن جهڙوڪ شاهه ڀٽائي ۽
سچل سائينءَ وغيره عجيب عجيب پيرايي ۾ ڳايو آهي.
ڄام تماچي ۽ نوري گنڌري
ٺٽي تعلقي ۾ ڪينجهر ڍنڍ اڄ تائين مشهور آهي. انهيءَ ڍنڍ جي
ڪناري تي گنڌرا يا مهاڻا رهندا هئا، جيڪي ڪينجهر
ڍنڍ توڙي ٻين آسپاس وارين ڍنڍن جي مڇي وغيره جي
پيدائش جا اجارهه دار هوندا هئا. انهن مهاڻن ۾
هڪڙي سدا سهڻي ڇوڪري هوندي هئي، جنهن جو نالو
”نوري“ هو. چون ٿا ته هوءَ درحقيقت ڪا وڏ- گهراڻي
جي ڇوڪري هئي، پر ننڍڙي ئي هئي، ته ڪنهن طرح مهاڻن
کي هٿ اچي وئي، جن کيس پنهنجو ڪري سانڍيو ۽ نپايو
هوس. جيئن شاهه صاحب فرمائي ٿو:
”هٿين پيرين آر کڻي، منهن نه مهاڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾”.
(شاهه جو رسالو)
ڄام ڪينجهر ۾ شيل شڪار ڪندي، انهن مهاڻن جي گهرن ۾ جا املهه
ماڻڪ جهڙي ڇوڪري ڏٺي، سو دل ديواني ٿي پيس ۽ مهاڻن
کان ان جو سڱ گهريائين. سنڌ جو بادشاهه مهاڻن کان
سڱ گهري، ان کان وڌيڪ مهاڻن لاءِ ٻي ڪهڙي خوش
نصيبي هئي. انهن امالڪ کڻي هاڪار ڪئي ۽ ڄام
تماچيءَ، نوريءَ سان نڪاح وڌو.
نوريءَ کي ايترو ته نياز ۽ نهٺائي هئي، جو سنڌ جي حاڪم جي پٽ
راڻي بڻجڻ ڪري به منجهس ڪو گيرب گاءُ نه ٿيو. ڄام
تماچي، نوريءَ جي واسطي ڪينجهر جي ڪپ تي بادشاهي
محلات ٺهرايو. جنهن ۾ هوءَ رهندي هئي. مهاڻن جو به
ڀاڳ کلي پيو. انهن کي ڍنڍن جو اجارو يا محصول معاف
ٿيو ۽ ٻيون به ڪئين بخششون ساڻن ٿيون.
نوريءَ سان ڄام تماچيءَ جي دل اهڙي ته ٻجهي وئي، جو هو گهڻو تڻو
گذاريندو ئي انهن گنڌرن سان هو. ڄام تماچي ۽ نوري
جون قبرون به مڪلي ٽڪريءَ تي شيخ حماد جمالي
اولياءَ جي مقبري جي هيٺان گڏوگڏ آهن. (تحفة
الڪرام جلد 3)
ڄام صلاح الدين بن ڄام تماچي
ڄام تماچيءَ کان پوءِ سندس پٽ ڄام صلاح الدين تخت تي ويٺو. هن
تخت تي ويهڻ شرط سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ڏي پنهنجون
فوجون موڪليون، جن باغين ۽ فسادين کي وڃي ماري
مڃايو. ڪي فسادي ڪڇ ملڪ ڏانهن ڀڄي ويا. صلاح الدين
پاڻ لشڪر وٺي، انهن فسادين کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪڇ ڏي
ويو ۽ انهن کي اتي هٿ ڪري جوڳيون سزائون ڏنائين.
تنهن کان پوءِ يارهن ورهيه عدل انصاف سان حڪومت
هلائي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين. (چچنامه)
”حديقة الاولياءَ ۾ ڪتاب جو مصنف لکي ٿو، ته ڄام جوناه، ڄام
تماچي ۽ ان جو پٽ صلاح الدين جڏهن دهليءَ ۾ نظر
بند هئا، تڏهن سنڌ جي مشهور درويش شيخ حماد
جماليءَ جي دعا سان هو نظربندي مان آزاد ٿي سنڌ ۾
آيا هئا ۽ اچي بادشاهي ڪئي هئائون. (چچنامه جلد 2
ص 44 فٽ نوٽ)
ڄام نظام الدين بن ڄام صلاح الدين
ڄام صلاح الدين جي وفات کان پوءِ سمن سردارن ۽ اميرن ان جي پٽ
ڄام نظام الدين کي تخت تي ويهاريو. هن تخت تي ويهڻ
شرط پهريائين پهريائين هي نيڪيءَ جو ڪم ڪيو، جو
سندس چاچن(1)
هر هڪ سڪندر، ڪرن، بهاءُ الدين ۽ عامر کي قيد مان
آزاد ڪيائين، جيڪي سندس وڏن پنهنجن وزيرن جي صلاحن
موجب قيد ۾ رکيا هئا. هن انهن پنهنجن چئن ئي چاچن
کي جدا جدا شهرن تي انتظامي آفيسر مقرر ڪري رکيو ۽
پاڻ ساموئي تختگاهه ۾ رهندو هو، ۽ سڀني انتظامي
آفيسرن تي نظرداري ڪندو هو ۽ گشت ڪري ملڪ جو حال
احوال روبرو ڏسندو وائسندو هو. جن چئن چاچن کي ڄام
نظام الدين قيد مان ڪڍيو هو، تن گڻ چور بنجي ان کي
قيد ڪرڻ لاءِ منصوبو سٽيو هو ۽ پنهنجي منصوبي پوري
ڪرڻ لاءِ ساموئيءَ ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. ڄام نظام
الدين کي انهيءَ منصوبي جي خبر پئجي ويئي، سو ٿورا
همراهه پاڻ سان کڻي راتو رات گجرات ڏي هليو ويو.
صبح جو اميرن وزيرن ڄام نظام الدين جي پڇا ڳاڇا ۽
ڳولا ڦولها ڪئي، پر پتو ڪونه پين، تنهن ڪري ڄام
علي شير بن ڄام تماچي کي کڻي تخت تي وهاريائون، جو
گوشه نشين ٿيو پيو گذاريندو هو.
انهيءَ وچ ۾ ڄام نظام الدين سفر ۾ ئي وفات ڪئي. سندس بي وفا
چاچن کي ڪي ڪين سريو. (چچنامه)
ڄام علي شير بن ڄام تماچي
ڄام علي شير تمام ڏاهو ماڻهو ۽ بهادر سپاهي هو. هن پنهنجي
حڪومت نهايت برجستائيءَ سان هلائي. ماڻهو سندس
حڪومت جي وقت ۾ سکيا سهنجا ۽ امن امان ۾ هئا. هي
شهزادو چانڊوڪي رات جي سير ڪرڻ جو ڏاڍو شوقين
هوندو هو. سندس سڳا ڀائر سڪندر، ڪرن ۽ ڀائٽس فتح
خان بن سڪندر، جن ڄام نظام الدين سان احسان
فراموشي ڪئي هئي، سي ڄام علي شير جي پٺيان به
منصوبا سٽيندا رهيا. جيئن ڄام علي شير چانڊوڪيءَ
رات ۾ سير ڪرڻ نڪرندو هو، تيئن اهي منصوبه باز به
لڪ ڇپ ۾ پاڇي وانگر پٺيانئس ڦرندا وتندا هئا،
انهيءَ لاءِ ته ان جي مارڻ جو ڪو وجهه هٿ اچين.
انهيءَ ڪري هو گهڻو ڪري شهر جي ڀرپاسي وارن ٻيلن ۾
گذاريندا هئا.
هڪڙي ڀيري تيرهين تاريخ جمعي جي رات جيئن ڄام علي شير درياءَ ۾
ٻيڙيءَ جو سير ڪري گهر ڏي ٿي موٽيو، ته اهي دشمن،
ماڻهن جي وڏيءَ ٽوليءَ سان اگهاڙيون ترارون کڻي ان
کي ڦري آيا ۽ بي گناهه شهيد ڪري وڌائونس. پوءِ
انهن رت سان ڀريل ترارين سان ساموئي شهر ۾ اچي خبر
ڏنائون. اميرن وزيرن ۽ عام رعايا کي ڏاڍو ارمان
ٿيو، پر هو ڪجهه به ڪري نٿي سگهيا ۽ انهن خونين
مان هڪڙي يعني ڄام ڪرن کي، تخت نشين ڪرڻ کان سواءِ
ٻيو ڪو به چاڙهو ڪونه ڏٺائون. ڄام علي شير ست
ورهيه حڪومت ڪئي. (چچنامه)
ڄام ڪرن بن ڄام تماچي
ڄام علي شير رعيت جو پيارو نوجوان شهزادو، بي گناهه ڪرن جي هٿان
شهيد ٿيو هو، تنهن ڪري سما، ڄام ڪرن مان خوش ڪين
هئا. ٻيو وري تخت نشينيءَ جي ڏينهن ڄام ڪرن ڪن
معزز ماڻهن کي قتل ڪرايو ۽ ڪن کي قيد ۾ وڌو، تنهن
ڪري سندس وقت ۾ عام نفرت زياده ٿي پئي. ورنديءَ
رات هن هڪڙي مجلس ڪئي، جنهن ۾ گهڻا ماڻهو گهرايا
هئائين. انهن ماڻهن ۾ ڪي ڄام ڪرن کي قتل ڪرڻ جو
منصوبو رٿي آيا هئا. جيئن ئي ڄام ڪرن مجلس مان اٿي
جاءِ حاجت ڏي ٿي ويو، تيئن منصوبه باز جماعت مان
هڪڙي ماڻهوءَ جاءِ حاجت جي دروازي وٽ اچي تلوار
سان قتل ڪري ڇڏيس. ڄام ڪرن فقط اٺ پهر حڪومت جو
مزو ماڻيو. (چچنامه)
ڄام فتح خان بن سڪندر
ڄام ڪرن کان پوءِ سندس سؤٽ ڄام فتح خان تخت تي ويٺو. ڳچ وقت هن
صلح سانت سان حڪومت ڪئي ۽ رعيت کي عام طرح دڙ
دلاسي ۾ رکيائين.
انهن ڏينهن ۾ مرزا پير محمد، جيڪو امير تيمورلنگ جو پوٽو هو،
تنهن ملتان ۽ اُچ جا قلعا اچي فتح ڪيا. جيئن ته هو
اتي گهڻو وقت ترسي پيو هو، جنهن ڪري ڪيترائي گهوڙا
ڪنهن مرض جي وگهي مري ويا، ۽ ان جا ڪيترائي سوار
سپاهي پيادا بڻجي پيا. جڏهن امير تيمور اها حقيقت
ٻڌي، تڏهن ان پنهنجي طنبيلي مان ٽيهه هزار گهوڙا
پنهنجي پوٽي ڏي ڏياري موڪليا ۽ ان کي اڳتي وڌڻ
لاءِ هدايت موڪليائين.
مرزا پير محمد گهوڙن پهچڻ کان پوءِ اول ته انهن زميندارن جا گهر
گهاٽ ناس ڪيا، جن اُچ ۾ رهڻ وقت ساڻس کئونس لائي
ڏني هئي. تنهن کان پوءِ مرزا پير محمد بکر جي معزز
ماڻهن کي قاصد موڪليو ته هو اچي وٽس حاضر ٿين ۽
سنديس آڻ مڃين. پر بکر جي معزز ماڻهن وٽس حاضر ٿيڻ
جي بدران بکر ڇڏي جيسلمير ڏانهن هجرت ڪئي. فقط
هڪڙو درويش سادات سيد ابوالغيث بکر مان اُچ ويو ۽
وڃي مرزا پير محمد سان ملاقاتي ٿيو. هن مرزا پير
محمد کي حضرت رسول اڪرم ﷺ جو ننگ وجهي بکر جي
ماڻهن لاءِ سفارش ڪئي، جيڪا مرزا پير محمد قبول
ڪئي. ڳالهه ٿا ڪن ته سيد ابوالغيث جي حاضر ٿيڻ
واري ڏينهن کان اڳ هڪڙيءَ رات حضرت رسول ڪريم
(عليہ الصلوات والسلام) جن مرزا پير محمد کي خواب
۾ ديدار ڪرايو ۽ فرمايائونس ته ”هي اسان جو فرزند
(سيد ابوالغيث ڏي اشارو ڪرڻ فرمايائون، جيڪو پڻ
مرزا پير محمد کي اتي بيٺل نظر آيو) آهي، ان جي
توکي هر طرح پارت هجي، ان کي ائين سنڀالج، جيئن
پنهنجن ٻچن کي سنڀالجي.“
انهيءَ خواب واري رات کان پوءِ يارهين ڏينهن سيد ابوالغيث مرزا
پير محمد وٽ ڀريءَ درٻار ۾ اچي حاضر ٿيو. مرزا سيد
صاحب کي ڏسي سروقد اٿي بيٺو ۽ شاهه صاحب کي ڀاڪر
پائي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريائين ۽ ان جي تمام گهڻي
تعظيم ۽ آڌر ڀاءُ ڪيائين. جڏهن شاهه صاحب مرزا کان
موڪلائي بکر ڏي ٿي موٽيو. تڏهن مرزا پير محمد صاحب
کيس هڪڙو عمدو گهوڙو، سرو پاءِ ۽ ٻيون به قيمتي
سوکڙيون ۽ نذرانا ڏنا ۽ الور پرڳڻو جاگير طور بخشش
ڪيائينس.
مرزا پير محمد پوءِ هيٺ سنڌ ڏي نه لڙيو ۽ موٽي دهليءَ ڏانهن ويو
۽ اها وڃي هٿ ڪيائين. ملتان جي حڪومت لانگاهه
خاندان جي هٿ ۾ رهي ۽ سنڌ جي حڪومت سمن جي هٿ ۾
جيئن اڳ هئي. تيئن ئي رهي.
ڄام فتح خان پندرهن ورهيه ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪئي ۽ پوءِ وفات
ڪيائين. (چچنامه)
ڄام تغلق بن سڪندر
ڄام فتح خان بيمار هئڻ وقت پنهنجي وفات کان ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي
ڀاءُ ڄام تغلق کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو هو،
تنهن ڪري ڄام فتح خان جي وفات کان پوءِ سڀني اميرن
۽ وزيرن ڄام تغلق کي پنهنجو حاڪم تسليم ڪيو. ڄام
تغلق کي شڪار ڪرڻ جو تمام گهڻو خفت هو، تنهن ڪري
هن سيوهڻ ۽ بکر پرڳڻن جي انتظام جون واڳون پنهنجن
ڀائرن جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيون.
هن جي حڪومت وارن ڏينهن ۾ ڪن بلوچن بکر جي آسپاس بغاوت جو جهنڊو
کڙو ڪيو هو. ڄام تغلق پاڻ بکر چڙهي ويو ۽ بغاوت
وڃي دفع ڪيائين ۽ باغي ليڊرن کي جوڳيون سزائون
ڏنائين. تنهن کان پوءِ هر هڪ پرڳڻي تي سرحدي
چوڪيون قائم ڪيائين، انهيءَ لاءِ ته اهڙا باغي ملڪ
۾ داخل ٿي نه سگهن. ڄام تغلق اٺاويهه ورهيه حڪومت
ڪرڻ بعد وفات ڪئي. (چچنامه)
ڄام تغلق، تغلق آباد قلعو يعني ڪلان ڪوٽ ٺهرائڻ شروع ڪيو هو، اڻ
تيار ٿيل ئي رهجي ويو. (تحفة الڪرام)
ڄام تغلق واري زماني ۾ دهليءَ جي حڪومت کي ڏورانهن پرڳڻن تي
ڌيان ڏيڻ جي طاقت ڪانه هئي، تنهن ڪري ان وقت کان
وٺي سما حاڪم گجرات جي مسلمان حاڪمن سان گهرائي
رکڻ لڳا ۽ انهن سان تمام عمدو سلوڪ قائم رکيائون ۽
دهليءَ سان سندن ڪو به واسطو نه هو. (تاريخ فرشته
مقاله 8)
ڄام سڪندر بن ڄام تغلق
ڄام تغلق جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام سڪندر کي تخت تي
ويهاريائون، جو اڃا صغير هو. سيوهڻ ۽ بکر جي گورنر
بغاوت ڪئي، جنهن ڪري ڄام سڪندر لشڪر وٺي بکر ڏي
روانو ٿيو. ڄام سڪندر اڃا نصرپور ۾ ئي مس پهتو، ته
پٺيان مبارڪ نالي هڪڙي شخص، جنهن اڳين ڄامن جي وقت
۾ بهادري جهڙن ڪمن ڪرڻ سان پاڻ کي مشهور ڪيو هو،
سو ڄام مبارڪ جي لقب سان پاڻ کي سمن جو بادشاهه
چوائڻ لڳو، رعيت انهيءَ ڳالهه ۾ راضي ڪين هئي،
تنهن ڪري مبارڪ خان ٽن ڏينهن جي اندر لوڌجي ويو.
ڄام سڪندر ڏي اهو اطلاع موڪليو ويو، تنهن ڪري هو
بکر ۽ سيوهڻ جي گورنرن سان صلح جون ڳالهيون بيهاري
ترت وري پنهنجي تختگاهه ڏي موٽيو. ڏيڍ سال حڪومت
ڪرڻ بعد ڄام سڪندر وفات ڪئي. (چچنامه)
ڄام مبارڪ، ڄام تغلق جو ويجهو عزيز ۽ ان جو ”حاجب“ (دربان)
هوندو هو. (تحفة الڪرام ۽ تاريخ فرشته)
ڄام رائڏنو(1)
ڄام سڪندر کان پوءِ ڄام رائڏنو سنڌ جو حاڪم ٿيو. هيءَ ڄام تغلق
جي وقت ۾ تاريخ 6 جمادي الاول 758 هه (1356ع) سنڌ
جا وڻ ڇڏي ڪڇ ۾ وڃي رهاڪو ٿيو هو. هو نهايت سٺي
سڀاءَ وارو ماڻهو هو، تنهن ڪري ڪڇ ملڪ ۾ به سمن جي
هڪڙي وڏي جماعت جو اڳواڻ هو.
هن جڏهن ڄام سڪندر جي وفات جي خبر ٻڌي تڏهن ڪڇ مان سنڌ ۾ آيو، ۽
سمن جو راڄ گڏ ڪري انهن کي چيائين ته ”آئون سنڌ ۾
تخت وٺڻ لاءِ نه آيو آهيان، پر پنهنجي ذات ڀائين
کي سندن جان ۽ مال سلامت رکڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ آيو
آهيان. اوهين جيڪو به پنهنجو حاڪم چونڊيو، تنهن جي
فرمانبرداري ڪرڻ لاءِ آئون تيار آهيان”، جيئن ته
ان وقت ٻيو ڪو به سمو تخت لاءِ دعويدار نه هو،
تنهن ڪري سڀني يڪ آواز ۽ يڪ راءِ ٿي، رائڏنه کي
سندن حاڪم ٿي رهڻ لاءِ استدعا ڪئي. انهيءَ ڪري ڄام
رائڏنو سنڌ جو حاڪم مقرر ٿيو.
ڄام رائڏني ڏيڍ ورهيه جي اندر سمنڊ جي ڪناري کان وٺي ماٿيلي ۽
اٻاوڙي جي پرڳڻن تائين (ڪاجريلي ۽ ڪنڊيلي ڳوٺن
واري حد تائين) ساري سنڌ پنهنجي قبضي ۾ آندي.
جڏهن ڄام رائڏني نَوَ ورهيه حڪومت هلائي، تڏهن سنجر نالي هڪڙي
سمي سردار کي اچي بادشاهي هٿ ڪرڻ جو شوق جاڳيو. هن
ٻيا به ڪي درٻاري پاڻ سان شامل ڪيا، ۽ هڪڙي رات
مجلس هلندي، شراب جي پيالي ۾ زهر وجهي ڄام رائڏني
کي پياريائون، جو انهيءَ زهر جي اثر ڪري ٽئين
ڏينهن وفات ڪري ويو. (چچنامه)
ڄام سنجر
ڄام رائڏني کان پوءِ ڄام سنجر سنڌ جو حاڪم ٿيو. هو نهايت سهڻو
مڙس هوندو هو، تنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو فقط هن جي
ديدار مان راحت حاصل ڪرڻ لاءِ هر وقت سندس خدمت ۾
حاضر رهندا هئا. هيءَ ڳالهه به مشهور آهي، ته تخت
نشين ٿيڻ کان اڳ هڪڙو الله لوڪ درويش مٿس ڇڪن
هوندو هو. هڪڙي ڏينهن ڄام سنجر انهيءَ فقير کي
ٻڌايو، ته ”منهنجي دلي خواهش آهي، ته آئون سنڌ جو
حاڪم ٿيان. پوءِ ڀل کڻي اٺ ڏينهن بادشاهي ماڻيان“،
تنهن تي فقير دعا ڪري چيس ته ”تون اٺ ورهيه سنڌ جي
بادشاهي ماڻيندين.“
ڄام سنجر تمام ڏاهپ سان حڪومت جو چرخو هلايو ۽ کانئس اڳ ٻئي
ڪنهن به سمي حاڪم جي وقت ۾ ايتري قدر رعيت آسودو ۽
آرام سان نه گذاريو، جهڙو ڄام سنجر علم وارن ماڻهن
۽ درويشن جي صحبت جو ڏاڍو شوقين هوندو هو. هو هر
جمعي جي ڏينهن تي خير خيراتون ڪندو هو ۽ جيڪي عالم
۽ درويش جيتري قدر حاجتمند ڏسندو هو، اوتري قدر
انهن کي مقرر ٿيل ماهوار پگهار به ڏيندو هو. هن
عملدارن جون پگهارون به وڌايون.
قاضي معروف نالي هڪڙو عالم، جيڪو اڳين سومرن حاڪمن جي طرفان بکر
جو قاضي مقرر ٿيل هو تنهن کي عادت هوندي هئي، جو
فيصلن ڪرڻ وقت مدعي توڙي مدعا عليہ، ٻنهي ڌرين کان
رشتو وٺندو هو. ڄام سنجر کي جڏهن اها رپورٽ ملي،
تڏهن ان انهيءَ قاضيءَ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کانئس
رشتو وٺڻ جي الزام بابت دريافت ڪيائين. قاضي اهو
الزام سچو مڃيو ۽ چيائين ته ”آئون بيشڪ مدعي ۽
مدعا عليہ کان ته رقمون گهرندو آهيان، پر شاهدن
کان به رقمن حاصل ڪرڻ جو منتظر رهندو آهيان، مگر
آئون اڃا مقدمو فيصل ڪريان تنهن کان اڳ اهي ڀڄيو
وڃن ۽ آئون اهڙي جو اهڙو نااميد رهجيو وڃان. آئون
سڄي ڏينهن عدالت جو ڪم ڪريان ٿو. منهنجي زال ۽
ٻارڙا گهر ۾ بک پيا مرن، ڇاڪاڻ جو پگهار تمام
ٿورڙي مليم“.
ڄام سنجر انهيءَ قاضيءَ جي پگهار ته وڌائي، پر ٻين عملدارن جي
پگهارن ۾ به اضافو ڪيائين ۽ انهن کي رشوت وٺڻ جي
سخت منع ڪيائين.
اٺ ورهيه حڪومت ڪرڻ بعد ڄام سنجر سنه 896 هه (1490ع) ۾ وفات
ڪئي. (چچنامه)
ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو(1)
بن ڄام بابينه
ڄام سنجر جي وفات کان پوءِ سڀني اميرن وزيرن فوجي عملدارن ۽
درويشن يڪ راءِ ٿي تاريخ 25 ربيع الاول 896 هه
(1490ع) ڄام نظام الدين کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو،
جنهن کي عام طرح ڄام نندو ڪري سڏيندا هئا.
ڄام نظام الدين پنهنجي حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو
ڏاڍو شوقين هوندو هو ۽ گهڻو ڪري ڪتب خانن ۾ پنهنجو
وقت گذاريندو هو. هو نهايت نهٺو ۽ سلڇڻو شخص هو.
هو نماز ۽ عبادت جو سخت پابند ۽ ڏاڍو ديندار شخص
هوندو هو. هن جي ڏينهن ۾ مسجدون نماز جي وقتن تي
ماڻهن سان ڀرپور هونديون هيون.
هو پنهنجي تختگاهه ساموئي کان بکر ويو ۽ سڄو سال اتي گذاريائين.
انهيءَ عرصي ۾ هن انهن ڌاڙيلن ۽ بدمعاشن کي سخت
مهميزون ڏنيون، جيڪي اتي جي آسپاس وارن ماڻهن کي
ستائي رهيا هئا. هن بکر جي قلعي کي گهڻي سامان ۽
ذخيري سان ڀرپور ڪيو ۽ اتي پنهنجي گهر ڄائي غلام
دلشاد کي ناظم مقرر ڪري پاڻ پنهنجي تختگاهه ڏي
موٽيو، جتي هن 48 ورهيه آرام سان حڪومت هلائي. هن
جي ڏينهن ۾ رعيت نهايت سکيو ۽ آرامي گذاريو. جيڪي
سياح ساري سنڌ جو سير ڪندا هئا، تن کي ڪٿي به ڪو
جان ۽ مال جو نقصان نه رسندو هو.
ڄام نندي، ملتان جي لانگاهه خاندان وارن حاڪمن سان گهري دوستي
رکي هئي: سندس ۽ ملتان جي حاڪم جي وچ ۾ سدائين خط
پٽ ۽ سوکڙيون پيون اينديون وينديون هيون.
هو پرهه ڦٽيءَ مهل پنهنجي گهوڙن جي ڪڙهه ۾ ويندو هو ۽ گهوڙن جي
پيشانين تي هٿ گهمائي انهن کي چوندو هو ته ”سدورا
ڀٽارا! منهنجي مرضي نه آهي ته اوهان تي سوار ٿي
آئون ٻين ماڻهن سان وڃي وڙهان. اسان جي چئن ئي
طرفن مسلمان حاڪم آهن. خدا تعالى شل ڪڏهن به اهڙو
سبب پيدا نه ڪري، جو اسين مسلمان هڪ ٻئي تي ڪاهيون
۽ ناحق مسلمانن جو رت هارجي ۽ آئون قيامت جي ڏينهن
خدا تعالى جي اڳيان شرمندو ٿيان.“
ڄام نندو عالمن سان علمي بحث ڪرڻ جو به ڏاڍو شائق هوندو هو.
هڪڙي ڀيري جلال الدين محمد دوآبي، شيراز شهر جو
ويٺل ايران کان سنڌ ۾ آيو، ۽ هن پنهنجا ٻه ماڻهو
مير شمس الدين ۽ مير معين اڳواٽ ٺٽي ۾ ڏياري
موڪليا، ته سندس رهڻ سهڻ جو بندوبست هلي رکن. ڄام
نندي کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن ايندڙ مهمان جي
رهڻ لاءِ عمديون جايون به مقرر ڪرائي ڇڏيون ۽
پنهنجا ٻه ماڻهو راهه خرچ سميت ايندڙ مهمان لاءِ
اڳواٽ موڪليائين. پر مير شمس الدين ۽ مير معين ڄام
نندي جي ماڻهن سميت، اڃا جلال الدين جي منزل تائين
پهتا ئي ڪين هئا، ته جلال الدين وفات ڪئي، تنهن
ڪري هو موٽي ٺٽي ۾ آيا ۽ اتي ئي رهڻ لڳا. (چچنامه)
|