سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :13

 

هڪ هندو طبيب هارون الرشيد جي درٻار ۾

اُن زماني ۾ هندوستان سان دارالخلافت جا تعلقات ايتري قدر گهرا ٿي ويا هئا جو هارون الرشيد عربي سمنڊ کان درياءَ جي رستي ڪنهن ديسي راجا وٽ نهايت ئي عمدن تحفن ۽ سوغاتن سميت پنهنجا ڪي سفير موڪليا ۽ ان کي لکيو ته ”آئون هڪ سخت مرض ۾ گرفتار آهيان ۽ انهيءَ ئي حال ۾ خراسان جي دور دراز سفر تي وڃڻ لاءِ تيار! تنهنڪري منهنجي خواهش آهي ته هندوستان جو مشهور طبيب ”ڪنڪ“ جنهن جو ٻيو نالو ”تانڪيه“ آهي مون ڏي موڪليو وڃي، انهي لاءِ ته هو هن سفر ۾ مون سان گڏ رهي ۽ آئون وعدو ڪريان ٿو ته بلخ پهچڻ شرط هن کي واپسي جي اجازت ڏني ويندي.“ (هن هندوستاني طبيب جو نالو ”گنگا“ ۽ ”ناڪوه“ هو جو عربي زبان جي ڦيرن گهيرن سان هيءَ صورت اختيار ڪري ويو) هي طبيب فوراً روانو ڪيو ويو ۽ هن وٽس پهچي اهڙو عمدو علاج ڪيو جو بادشاه سگهو ئي تندرست ٿي ويو ۽ کيس ڪا به تڪليف باقي نه رهي مگر طوس پهچڻ شرط مري ويو ۽ ٿيل وعدي موجب گنگا کي پنهنجي وطن واپس روانو ڪيو ويو. (ايليٽ بحواله ابن ابي اصبيعه)

مگر ڪن عربي معتبر مؤرخن جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان شخص جو نالو ”ڪنڪ“ نه هو بلڪ ”منڪ“ (غالباً هي عربي تحرير جي ڦير گهير جو سبب آهي) جنهن کي هارون الرشيد وڏي ڪوشش ۽ گهڻو خرچ ڪري پاڻ وٽ گهرايو هو ۽ جنهن جي علاج سان کيس تندرستي حاصل ٿي ويئي. رشيد هن جو وڏو قدر ڪيو ۽ کيس بلڪل وڏي پگهار تي راضي ڪري پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيو. هن ئي منڪ جي نسبت چيو وڃي ٿو ته هن بيت الحڪمت جي محڪمي ۾ وڏي مدد ڏني جيئن ته هندوستان جي قديم مشهور طبيب شاناق جي ”ڪتاب السموم“ جو هن ترجمو ڪيو. هو ٻڌائيندو ويو ۽ ابو حاتم بلخي لکندو ٿي ويو. اهڙيءَ طرح هي ڪتاب سنسڪرت مان ترجمو ٿي اسلامي ڪتب خاني ۾ آيو.(طبقات الاطباءِ)

ٻيو هندو طبيب:

هارون الرشيد جي زماني جي رونق هڪ ٻيو هندوستاني طبيب به هو، جو غالباً مسلمان ٿي ويو هو ڇو ته هن جو نالو ”صالح“ ٻڌايو ٿو وڃي ۽ چيو وڃي ٿو ته هو بهله نالي هندوءَ جو پٽ هو. هي اهڙو وڏو نامور ۽ ان زماني جو لاثاني حڪيم هو جو هارون الرشيد جي طبيب خاص ابن بختيشوع يوناني حڪيم جو مقابل رقيب هو. هن هارون رشيد جي ڀيڻ عباسه بنت مهدي جي مڙس ابراهيم بن صالح جو اهڙو عجيب و غريب ۽ معجزي جهڙو علاج ڪيو جو سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ سڀڪنهن اقرار ڪيو ته بيشڪ هي زماني جي يگانو ۽ لاثاني حڪيم آهي.(طبقات الاطباءِ)

سنڌي ماڻهو هارون الرشيد جي درٻار ۾:

هن زماني ۾ هي به پتو پوي ٿو ته هارون الرشيد جي درٻار ۾ سنڌ جا ڪي ماڻهو اهڙي ڀروسي وارا هوندا هئا جن کي خلافت جي طرفان وڏين وڏين ذمه دارين جا ڪم هٿ ۾ ڏنا ويندا هئا. جيئن ته سنه 179هه جي ماه رمضان المبارڪ ۾ هارون رشيد عمري ادا ڪرڻ جي غرض سان مڪي پاڪ ويو ۽ اتان واپس ٿيڻ وقت قبر نبوي ﷺ جي زيارت کان مشرف ٿيڻ جي غرض سان مدينہ طيبہ ۾ داخل ٿيو. هي جنهن وقت روضئه پاڪ تي پهتو تڏهن قبر نبوي ﷺ جي طرف مخاطب ٿي چيائين ”السلام عليک يا رسول الله يا ابن عم“ يعني اي رسول الله ۽ اي اسان جي چاچي جا پٽ! السلام عليک. ائين چئي هارون رشيد فخر ۽ ناز جي نگاهن سان هيڏي هوڏي سڀني حاضرين مجلس ڏي نهارڻ لڳو جنهن مان سندس مراد هيءَ هئي ته آهي ڪو جو حضرت رسالت پناه ﷺ جي طرف انهن لفظن ۾ خطاب ڪري سگهي.

امام موسى ڪاظم رضه ۽ هارون رشيد:

جنهن وقت هارون مٿي بيان ڪيل نموني ۾ فخر جو اظهار ڪيو، اتفاقاً ان وقت امام موسى ڪاظم رضي الله عنه به اتي موجود هو. جنهن خاموشيءَ سان پري کان بيٺي سندس هيءَ ڪارروائي پئي ڏٺي. جڏهن هن جي زبان کان هي جملو نڪتو ۽ هو فخر سان چئني طرفن نهارڻ لڳو تڏهن امام صاحب کان به رهيو نه ٿيو، بي اختيار جوش ۾ اچي اڳتي وڌيو ۽ تربت پاڪ جي طرف مخاطب ٿي چيائين ”السلام عليک يا ابت“ يعني اي بابا سائين اوهان تي سلام. امام صاحب جي هيءَ جرئت ڏسي هارون جو منهن سڄو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ شرم ڀريل غصي جي لهجي ۾ چيائين ”ابو الحسن! (هيءَ امام ممدوح جي ڪنيت آهي) ايڏو فخر!

هارون پوءِ موسى ڪاظم رضه کي گرفتار ڪري پاڻ سان بغداد وٺي ويو ۽ هن کي پنهنجي هڪ سنڌي درٻاري امير جي حوالي ۾ رکيو، جنهن جو لقب ئي سنڌي پئجي ويو هو. هن شخص امام صاحب جي نگهباني لاءِ پنهنجي هڪ ڀيڻ کي مقرر ڪيو، جيڪا نهايت ئي نيڪ بخت عورت هئي ۽ خاندان نبوت سان ڏاڍي محبت رکندي هئي. هن پنهنجي وس آهر امام صاحب جون وڏيون خدمتون ڪيون ۽ کيس هر طرح سان آرام ۾ رکيو.

امام موسى ڪاظم رضه جي روزانه ڪارگذاري

انهي عورت جو بيان آهي ته امام صاحب جن رات جو سمهڻي نماز پڙهي جو ياد الاهي ۾ مشغول ٿيندا هئا ته صبح ٿي ويندو هون ۽ فجر جي نماز پڙهي وري به ساڳي طرح عبادت ۾ ويهي رهندا هئا. تان جو چاشت (پهر کن جيترو) وقت اچي ويندو هو. تنهن کان پوءِ ڪجهه وقت آرام فرمائي ٿورو سج مرڪندو هو ته وري اٿي ويهندا هئا ۽ وضو ڪري ظهر جي نماز ادا ڪندا هئا ۽ ان کان پوءِ به ائين ئي خدا جي ذڪر ۾ محو هوندا هئا ته مٿان عصر (وچين) جو وقت اچي ويندو هو. عصر پڙهي وري خدا جي حمد و ثنا ۾ ويهي رهندا هئا ته شام ٿي ويندي هئي. اهڙي طرح مغرب کان پوءِ به پاڻ ساڳي طرح عشاءَ جي وقت تائين ذڪر الاهي ۾ لڳا ويٺا هوندا هئا. (ابن اثير)

 

محمد امين جي خلافت

193 هه کان 198 هه تائين.

سنڌ وارن جي اها ئي حالت هئي جا بيان ٿي چڪي ته سنه 193هه اچي ويو ۽ هارون الرشيد جي حياتي پوري ٿي ويئي. هو ته ٻئي جهان ڏي راهي ٿيو ۽ امين تاج خلافت سر تي رکيو. امين کي ڀلا ايترو دماغ ڪٿي جو هن جي بزم عشرت (عيش جي مجلس) ۾ سنڌ جي معاملات به نسبت ڪو نالو به کڻي وٺي. هي ابتدا ۾ ئي نازو نعمت جا مزا اڏائيندو رهيو پر جڏهن ماڻهن هن کي مامون سان ويڙهائي وڌو تڏهن ته مامون جي حملن ۽ خلافت جي خانگي جهڳڙن هن کي هيڪاري منجهائي وڌو ۽ سندس نظر کي ڪڏهن به سنڌ جي طرف متوجه ٿيڻ نه ڏنو. انهي ڪري دائود بن يزيد بن ابي حاتم هن وارو سارو زمانو بلڪل آزادي ۽ ڪامراني سان ملڪ سنڌ تي متصرف رهيو. انهي هوندي به امين جي زماني ۾ دائود جي هٿان جو هارون جي زماني کان وٺي سنڌ جو حاڪم هو، هندوستان ۾ ڪجهه قدر جهد جو سلسلو ضرور جاري رهيو. جيئن ته شقيق بلخي جو ان وقت جي مشهور معروف زاهدن مان هو ۽ جو ابراهيم آدم جي صحبت جي يادگارن مان هو سنه 195 هه ۾ هندستان جي هڪ جهاد ۾ شهيد (1) ٿي حق سان واصل ٿيو ۽ هي ئي هڪ واقعو آهي جو ثبوت ڏئي ٿو ته دائود فقط عربن جي قومي جهڳڙن فيصل ڪرڻ ۾ مشغول نه رهيو بلڪ هن اسلام جي دشمنن تي جهاد به ڪيو آهي.

 

مامون جي خلافت

196 هه کان 218 هه تائين

آخر امين، طاهر ذواليمينين جي زبردست هٿن سان اجل جو شڪار ٿيو ۽ خلافت 198هه ۾ ڪلي طرح مامون جهڙي جليل القدر ۽ علم دوست بادشاهه جي حوالي ٿي. مامون جي هٿ تي جيتوڻيڪ هن کان ٻه سال اڳ بيعت ٿي چڪي هئي مگر امين اڃان عراق ۾ جيئرو موجود هو ۽ تخت گاه شهر بغداد خاص هن جي هٿ ۾ هو. جڏهن 198 هه ۾ هو مارجي ويو تنهن کان پوءِ بغداد کان وٺي اولهه ۽ اوڀر جي انتهائي حدن تائين خلافت جي سڀني ملڪن مامون جي اڳيان گردن جهڪائي ڏنو، ۽ هن ئي سال کان پوءِ کيس ملڪي انتظام جي طرف توجه ڪرڻ جو موقع مليو. مامون به دائود جي هر انتظام کي پسند ڪيو ۽ ٻين خليفن وانگي اها ڳالهه هن جي طبيعت ۾ ئي نه هئي ته ڪنهن به والي کي خواه مخواه معزول ڪري هن جي جاءِ تي پنهنجي ڪنهن دادلي يا سفارشي ماڻهو کي مقرر ڪري.مطلب ته هن جي زماني ۾ به سنڌ تي دائود ئي حڪمران رهيو.

بشير والي سنڌ

سنه 205هجري ۾ دائود عالم فاني کي ڇڏي عالم آخرت ڏي راهي ٿيو. مامون هن جي خدمتن جو قدر سڃاڻي سندس جاءِ تي سندس پٽ بشير کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو، ۽ هن کانئس انجام ورتو ته هو هر سال ڏهه لک درهم خلافت جي خزاني ۾ داخل ڪندو.(ابن اثير ۽ ابن خلدون)

بشير چار پنج سال سنڌ جي حڪومت تي رهيو مگر پنهنجي فضول خرچين جي سببان سرڪاري روپيا خزاني ۾ داخل ڪري نه سگهيو، جنهن تي ماڻهن کي طرح طرح جا خيالات قائم ڪرڻ جو موقع ملي ويو. هيءَ خبر مامون جي ڪنن تي ان طرح وڌائي وڃي پهچائي ويئي ته هو سرڪاري پئسا کائي ويو ۽ بغاوت تي تيار آهي.

حاجب حاڪم سنڌ

مامون هي خبر ٻڌي حاجب بن صالح کي حڪم ڏنو ته سر زمين سنڌ ۾ پهچي بشير بن دائود کان سرڪاري طلب وصول ڪري ۽ اُتي جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ وٺي. سڀ منزلون طئي ڪري هو مڪران ۾ داخل ٿيو جتان بشير جي حڪومت شروع ٿئي ٿي. ڇو ته دائود جي قبضي ۾ سنڌ سان گڏ مڪران به هو جو هن جي مرڻ بعد ساڳي طرح بشير جي قبضي ۾ ڏنو ويو هو.

حاجب جي غلط ڪارروائي

بشير مڪران جي حڪومت تي پنهنجي طرفان پنهنجي هڪ ڀاءُ کي مقرر ڪيو هو. حاجب مڪران پهچڻ شرط ان سان مليو ۽ پنهنجي اچڻ جو سبب بيان ڪيو، مامون جو پروانو ڏيکاريو ۽ کانئس گهر ڪئي ته مڪران جي حڪومت منهنجي حوالي ڪر. بشير جي ڀاءُ چيو ته ”بيشڪ اوهان جي حڪم جي تعميل اکين سان ڪئي ويندي، مگر توهان اول منصوره ۾ وڃو ۽ بشير جي هٿان سمورا انتظام وٺي پنهنجي هٿ ۾ ڪريو، تنهن کان پوءِ جڏهن بشير مون کي لکندو تڏهن آئون به هتي جي حڪومت اوهان جي حوالي ڪندس، ڇو ته آئون ته قاعدي موجب بشير جو ئي تابعدار آهيان.“ حاجب ڪاوڙجي چيس ته بشير آخر لکندو ۽ امير المؤمنين جي حڪم کان هرگز منهن موڙي نه سگهندو. باقي اهو ڪهڙو عذر آهي؟ هڪدم مڪران جي حڪومت منهنجي هٿ ۾ ڏي، بشير جواب ڏنو ته ائين بلڪل نه ٿيندو، اوهان بشير وٽ وڃو، هن حڪم جي تعميل ان تي ئي فرض آهي، آئون بشير جي اجازت کان سواءِ ڪجهه ڪري نٿو سگهان. آخر ٻنهي جي وچ ۾ بحث ايتري قدر وڌي ويو جو حاجب سخت غصي ۾ اچي مامون کي لکي موڪليو ته بشير بغاوت ڪري بيعت ٽوڙي ڇڏي ۽ وڙهڻ لاءِ تيار آهي.(1) (يعقوبي)

حاجب هي خط حقيقت جي خلاف رڳو ان ڪري لکي موڪليو ته کيس بشير ۽ ان جي عزيزن تي ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ جو وجهه ملي، ۽ انهي ئي غرض تي هو جواب اچڻ جي انتظار ۾ اتي مڪران ۾ ئي ويهي رهيو ته سندس خواهش مطابق جواب اچڻ تي فوج تيار ڪري ڪافي قوت سان منصوره ۾ داخل ٿئي. مگر هن جو نتيجو بلڪل برخلاف نڪتو. مامون کي بشير جي نافرماني جو يقين نه ٿيو پر ان سان گڏ حاجب جي نسبت هي خيال به قائم ٿي ويو ته ضعيف، ڪمزور ۽ بي همت آهي. انهي ڪري کيس هي فڪر ٿيو ته ڪنهن ٻئي بهادر شخص کي سنڌ جي طرف روانو ڪري.

مامون ۽ سندس درٻاري امير

مامون انهي ويچار ۾ هو ۽ سندس دل ۾ بار بار اها ئي راءِ قائم ٿئي ٿي ته غسان بن عباد کي هن مهم (ڏکئي ڪم) تي روانو ڪري، مگر جيئن غسان بشير جو هم قوم ۽ هم قبيله هو ۽ پڻ هن جي طبيعت ۾ انهي راءِ جو جوهر اصلي نه هو، هڪ ڏينهن درٻاري اميرن ڏي متوجه ٿي پڇيائين ”آئون غسان کان هڪ وڏو ڪم وٺڻ گهرجن ٿو، توهان سڀني جي هن جي نسبت ڪهڙي راءِ آهي؟“ سڀ ماڻهو هر طرف کان تعريفون ڪرڻ لڳا ته هو بلڪل بهادر ۽ لائق شخص آهي. انهن ئي ماڻهن جي مجمع ۾ احمد بن يوسف به هو، مگر هو چپ ڪيو ويٺو هو. مامون اُن ڏي مخاطب ٿي چيو ”احمد تون ڇو نٿو ڳالهائين؟“ احمد نهايت ئي سنجيدگي ۽ پڪائي جي لهجي ۾ عرض ڪيو ”امير المؤمنين ! غسان بيشڪ اهڙو شخص آهي جو هن جون خوبيون سندس عيبن کان زياده آهن ۽ اوهان هن کي جنهن ڪم تي موڪليندا سو هو پورو ڪري ايندو ۽ جڏهن اوهان هن کي ڌمڪي ڏيندا تڏهن کانئس ڪو به اهڙو ڪم ظاهر نه ٿيندو جنهن بابت وري عذر ڪرڻ ۽ معافي گهرڻ جي ضرورت پيش اچي.“

احمد جي ان جواب تي مامون حيران ٿي ويو ۽ چيائين ”احمد! تون ته غسان جي دشمنن ۽ مخالفن مان آهين. عجب جي ڳالهه آهي جو تنهنجي زبان مان هن جي نسبت اهڙا خيال ظاهر ٿين.“ احمد جواب ڏنو”امير المؤمنين آئون ته انهي شاعر جي راءِ تي آهيان جو چوي ٿو:

ڪفى شڪراً لما اسديت اني،

صدقتک في الصديق و في عدائي.

(حضور جن جيڪي مون تي مهربانيون ڪيون آهن انهن جي شڪر ۾ بس ايترو ئي ڪافي آهي جو پنهنجي دوست ۽ پنهنجي دشمن جي نسبت مون اوهان جي خدمت ۾ سچي راءِ ظاهر ڪري ڇڏي.)(ابن اثير)

غسان والي سنڌ

هن طرح مامون غسان جي نسبت پڪي راءِ قائم ڪري محمد بن عباد تغلبي کي جو بصري جي شهر ۾ نهايت ئي اثر وارو ماڻهو هو ۽ اتي هڪ سردار جي حيثيت رکندو هو، پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس چيائين ”تو ڪا ٻي ڳالهه ٻڌي آهي؟ بشير باغي ٿي ويو.“ محمد عرض ڪيو ”سائين! ڇا مجال جو ائين ٿئي، هو اهڙو ماڻهو ئي ڪونهي جنهن ۾ اهو گمان ڪري سگهجي، هن هرگز بغاوت نه ڪئي هوندي.“ مامون چيو ”چڱو تڏهن آئون تنهنجي ڀاءُ غسان کي اوڏاهين روانو ٿو ڪريان ۽ تون به ساڻس گڏجي وڃ.“ محمد بن عباد چيو ”جيڪو حڪم ٿئي، آئون وڃڻ لاءِ تيار آهيان.“ (يعقوبي)

الغرض حاجب کي ناڪاميءَ جو الزام ڏيئي واپس گهرايو ويو ۽ غسان سنه 213 هه ۾ گهڻي فوج وٺي پنهنجي ڀاءُ سميت سنڌ ڏي روانو ٿيو. غسان پاڻ سان گڏ يحى بن خالد برمڪي جي پٽ موسى(1) کي به پاڻ سان کنيو ڇو ته ان جي لاءِ به مامون حڪم ڏنو هو ته بشير کي گرفتار ڪري حڪومت جي واڳ موسى جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏج ۽ کائنس اقرار وٺج ته سالاني ڏهه لک درهم خلافت جي خزاني ۾ نذر ڏيندو رهي. انهن تجويزن ۽ تيارين سان غسان سر زمين سنڌ ۾ داخل ٿيو.(يعقوبي ۽ ابن اثير)

غسان ۽ بشير:

جڏهن غسان منصوره جي ويجهو پهتو ۽ بشير کي هن جي اچڻ جي خبر پهتي تڏهن هو سندس استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر نڪتو ۽ وڏي تعظيم ۽ تڪريم سان هن کي هٿ هٿ ۾ ڏيئي وٺي آيو. جيئن بغداد ۾ ٻڌو ويو هو ان جي خلاف غسان هتي اچي ڏٺو ته ڪجهه به نه هو. بشير کان ڪنهن به قسم جي مخالفت ۽ نافرماني ظاهر نه ٿي، ۽ جڏهن سندس معزولي ۽ موسى جي مقرري جو حال ساڻس بيان ڪيو ويو تڏهن هن فرمان خلافت جي اڳيان يڪدم ڪنڌ جهڪائي ڏنو ۽ خود بخود حڪومت جي ساري دفتر ۽ انتظامن جي چارج موسى جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. (يعقوبي)

ابراهيم طبيب

غسان انهن سڀني ڳالهين جي پورائي ڪري سنڌ جي دفتر ۽ ٻين ڪمن جي بخوبي اصلاح ڪئي ۽ سڀ ڪم ٺاهي ٺوڪي موسى کي خوب سمجهاڻيون ڏيئي ٻڌايو ته انتظام هن طرح رکڻ گهرجي، غسان سان گڏ سندس مشهور ۽ نامور طبيب ابراهيم بن فزارون به سنڌ ۾ آيو هو جنهن جو بيان آهي ته غسان کي هتي مور جي گوشت ڏاڍو پسند آيو. هو چوندو هو ته مون پنهنجي عمر ۾ هن کان سٺو گوشت ٻيو ڪو به نه کاڌو آهي. هو جيترا ڏينهن هتي رهيو، مور جو گوشت ڀڃي ڀڃي پئي کاڌائين. (طبقات الاطباءِ)

الغرض غسان موسى کي والي سنڌ جي حيثيت سان منصوره ۾ ڇڏي ۽ بشير کي ساڻ وٺي بغداد ڏي ڪوچ ڪيو، سنه 216 هه ۾ بشير کي وٺي آڻي مامون جي خدمت ۾ حاضر ڪيو.

مامون بشير جي مخالفت جو حال ٻڌي قبيلي مهلب جي ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن کي قيد ۾ رکي ڇڏيو هو. جڏهن غسان بشير کي وٺي آيو ۽ سندس سفارش ڪري يقين ڏياريو ته هن کان ڪا به نافرماني ظاهر نه ٿي آهي تڏهن مامون سمجهي ويو ته هيءَ خاص حاجب جي زيادتي ۽ بغداد جي معمولي گپ آهي. پوءِ يڪدم سڀني مهلبي ماڻهن کي ڇڏي ڏنائين جي بي خطا ۽ بي قصور عربي رسمن موجب گرفتار ڪيا ويا هئا.

مامون جو رحم

هي ته سڀ قصو ٺهي ويو پر بشير جي ذمي جا سرڪاري طلب باقي رهيل هئي سا به مامون سندس فرمانبرداري سبب خوش ٿي ڇڏي ڏني ۽ بشير جون سڀ خطائون معاف ڪيون. نه فقط ايترو مگر مامون جي فطرتي رحمدلي اهڙي جوش ۾ اچي وئي جو بشير ۽ سندس قبيلي جا جيڪي به ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا تن سڀني کي وڏا وڏا انعام عطا ڪيائين. چوندو هو ته مون کي رحم ۾ ايتري قدر مزو اچي ٿو جو جيڪڏهن اهو ظاهر ڪريان ته هوند ماڻهو گناهن کي مون وٽ تحفي طور کڻي اچن. (ابن اثير)

راجا بالا جو قتل

غاسان جي وڃڻ بعد موسى سنڌ جي حڪومت ڏي پوري طرح توجه ڏني ۽ جو ڪم هن سڀ کان اول ڪيو سو هي هو جو سنڌ جي مشرقي ضلعن جي راجا بالا کي گرفتار ڪري قتل ڪري ڇڏيو. (ايليٽ)

هي راجا پهريائين اسلامي سلطنت جو مطيع هو پر پوءِ کائونس بغاوت جا آثار پڌرا ٿيڻ لڳا،تنهنڪري موسى مٿس چڙهائي ڪري گرفتار ڪيو ۽ گرفتاري کان پوءِ جيتوڻيڪ گهڻي ئي منت ميڙ ڪيائين ۽ لالچ ڏنائين مگر موسى کيس معافي نه ڏني ۽ قتل ڪري ڇڏيو. (بلاذري)

ڪن مؤرخن جون غلطيون

چيو وڃي ٿو ته مامون جي زماني ۾ جڏهن خراسان ۽ خلافت جا ٻيا اوڀر وارا ملڪ طاهر ذواليمينين جي هٿ ۾ ڏنا ويا تڏهن سنڌ تي به اُن جو قبضو هو، ۽ سندس پٽ هتي والي مقرر ٿي آيو. اهڙي طرح هيئن به چيو وڃي ٿو ته جڏهن بني سامان جو زمانو آيو تڏهن سنڌ جو حاڪم اُهو هو مگر هنن واقعن جو صحيح پتو نٿو ملي ۽ برخلاف انهن جي معتبر شاهديون ائين چئي رهيون آهن ته سنڌ کي هنن ماڻهن سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه هو. (بلاذري)

سنڌ ۾ خود مختيار عربي رياستون

مامون جي زماني ۾ جڏهن موسى منصوره تي حڪومت ڪري رهيو هو تڏهن معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڪن ڀاڱن تي ڪي عربي نسل خاندان پڪي طرح حڪمران ٿي ويا هئا، جي والي منصوره جي اطاعت کان آزاد هئا، ۽ خود خلافت به هنن جي آزادي قبول ڪئي هئي.

فضل حاڪم سندان

جيئن ته مامون جي ئي زماني جو هي واقعو آهي ته بني سامه جي غلام فضل بن حامان شهر سندان تي قبضو ڪري ورتو ۽ پوري آزادي سان تصرف حاصل ڪري هيءَ چالاڪي ڪئي جو مامون جي خدمت ۾ هڪ هاٿي بطور نذراني جي روانو ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ عريضي به موڪلي جنهن جي ذريعي اطاعت ۽ فرمانبرداري جو اقرار ڪيو هئائين. (بلاذري)

ان کان پوءِ فضل سندان ۾ هڪ جامع مسجد ٺهرائي ۽ ان ۾ وڏي جوش و خروش سان مامون جي نالي جو خطبو پڙهيو ۽ هن جي حق ۾ دعائون گهريون. مامون سندس اطاعت مندي جو هي حال معلوم ڪري کيس پڪي طرح سندان جو والي تسليم ڪيو. تنهن کان پوءِ هن کي ٻئي ڪنهن جي به اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ جي ضرورت پيش نه آئي ۽ مرڻ گهڙي تائين هو بلڪل آزادي سان سندان جي شهر تي غالب ۽ متصرف رهيو. (بلاذري)

محمد بن فضل

فضل جڏهن دنيا فاني کان انتقال ڪيو تڏهن مرڻ شرط سندس پٽ محمد بن فضل پيءُ جو جانشين ٿيو. هي محمد هڪ اولوالعزم شخص هو. هن فقط هڪ شهر جي چؤديواري  ۾ ويهڻ ۽ هڪ متوڪلانه زندگي گذارڻ پسند نه ڪيو ۽ ستر ٻيڙيون گڏ ڪري پنهنجي جوانن  کي ان ۾ سوار ڪرايو ۽ درياءَ جي رستي وڃي شهر ميد هند تي حملي آور ٿيو، اتي گهڻن ماڻهن کي اجل جو لقمو ڪري ۽ ڪاميابيءَ جو هار ڳچيءَ ۾ وجهي شهر حالي تي ڪاهه ڪئي ۽ هڪڙيئي پرجوش حملي ۾ ان کي به فتح ڪري ورتو مگر افسوس جو ڪي خانگي جهڳڙا اهڙا اُٿي پيا جو هن کي مجبوراً خالي کان اڳتي وڌڻ جو موقعو نه مليو ۽ نهايت پريشاني سان سندان ۾ واپس آيو، جنهن جو احوال اسان اڳتي هلي معتصم جي زماني ۾ بيان ڪنداسون. (بلاذري)

حڪومت سنڌ جي ڪمزوري

هي ئي زمانو آهي جنهن ۾ سنڌ جي گڏيل قوت ٽٽي ويئي ۽ هتي جا سمورا شهر جي ان کان اڳ هڪ والي جي ماتحت هئا تن مان ڪن شهرن پنهنجي لاءِ جدا حڪمران چونڊيا. جيئن ته سندان وارن به هن ئي زماني ۾ جڏهن موسى خلافت جي طرفان سنڌ جو والي هو، آزادي جو پروانو حاصل ڪيو.


(1)  هي واقعو علامه ذهبي آثار اندول ۾ لکيو آهي مگر علامه ابن اثير لکي ٿو ته شقيق بلخي ترڪستان جي شهر ڪولان جي جهاد ۾ هن ئي سال شهيد ٿيو. عجب جي ڳالهه آهي جو ابن خلڪان، ابن جوزي جي حوالي سان لکيو آهي ته هن جو انتقال سنه 153 هه ۾ ٿيو. مگر انهن سڀني جي مقابلي ۾ ذهبي جي وقعت گهڻي وڌيل آهي، ڇو ته هو سڀني کان آخر ۾ ۽ روايتن جي تنقيد (پرک) ۾ سڀني کان وڏو ناقد (پارکو) آهي.

(1)  ابن اثير ۽ ابن خلدون جو بيان آهي ته بشير حاجب کي شڪست ڏني ۽ هو منصوره تي شڪست کائي مڪران ۾ واپس ويو ۽ اتان اچي پوءِ مامون کي هي اطلاع ڏنو.

(1)  ابن اثير ۽ ابن خلدون لکن ٿا ته غسان پاڻ سان گڏ موسى برمڪي کي نه بلڪ عمران بن موسى عنڪي کي ساڻ وٺي ويو هو. عنڪي ته يقيناً قلمي نسخن جي ڦير گهير کان ٿي ويو جو اصل ۾ برمڪي هو مگر هي سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمران ۽ موسى جو اختلاف ڪٿان پيدا ٿيو. يعقوبي ۽ بلاذري ۾ ٺيڪ انهي طرح لکيل آهي جيئن اسان بيان ڪيو آهي ۽ جڏهن ته ابن اثير ۽ ابن خلدون وغيره به انهن ئي ڪتابن کان احوال ورتا آهن تنهنڪري اسان به انهن ئي جي بيان کي ترجيح ڏني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org