ملتان تي مرزا شاهه حسن جو ٻيو حملو ۽ فتح
هجري سنه 932 (عيسوي سن 1525ع) جي پڇاڙيءَ ۾ ملتان
واري لانگاهه خاندان ۾ اچي ڦيٽاڙو پيدا ٿيو. سلطان
محمود جي وفات کان پوءِ سندس مٽن مائٽن ۽ اميرن
امرائن مان سڀڪو آپي خان بنجي پيو. جنهن کي جيڪو
ملڪ هٿ آيو ٿي، سو انهيءَ ملڪ جو خودمختيار ڌڻي
بڻجي ٿي ويٺو، ڪو به ڪنهن کي ڪونه ليکيندو هو.
ننڍڙو بادشاهه سلطان حسين شاهه شجاع الملڪ بخاريءَ
۽ زالن جي هٿ ۾ پتلو بڻيو پيو گذاريندو هو تنهن
ڪري سڀ سمجهو ۽ چڱا مڙس ڪنهن ٻئي حاڪم جي تلاش ڪرڻ
لڳا.
لنگر خان(1) نالي هڪڙو سلطان محمود شاهه جو خاص نوڪر بکر ۾ مرزا شاهه حسن وٽ آيو ۽
ملتانين ملتان جو سارو احوال اچي عرض رکيائينس ۽
ملتان تي قبضي ڪرڻ لاءِ اچي همٿايائينس.
مرزا شاهه حسن پهريائين مسڪين خان ترخان کي ڪجهه
لشڪر ڏيئي اڳواٽ روانو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ وڏو لشڪر
ساڻ ڪري ملتان ڏي ڪاهي هليو.
ملتان وارن لانگاهن جڏهن مرزا شاهه حسن جي ڪاهه جي
خبر ٻڌي تڏهن شيخ اسماعيل قريشي کي ايلچي ڪري مرزا
شاهه حسن ڏي صلح لاءِ موڪليائون، جو مئو قلعي جي
منزل تي مرزا شاهه حسن کي اچي مليو. مرزا شاهه حسن
شيخ صاحب کي گهڻي عزت ڏني مگر صلح بابت ان جي ڪا
به ڳالهه قبول نه ڪيائين. تنهن کان پوءِ شيخ
اسماعيل قريشي عرض ڪيس ته ”ٺٽي ۾ منهنجا مائٽ آهن
تن سان وڃي ملڻ جي مون کي اجازت ملي“، مرزا شاهه
حسن ان کي ٺٽي ۾ وڃي پنهنجي مائٽن سان ملاقات ڪرڻ
جي اجازت ڏني ۽ پاڻ ملتان ڏي ڪاهيندو ويو.
مرزا شاهه حسن جڏهن ملتان کي ويجهو وڃي پهتو تڏهن
لانگاهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ ملتان جي قلعي ۾ وڃي
ويهي رهيا. لنگر خان ڪجهه مغل سپاهي ساڻ ڪري ڀٽي
کلوان ڳوٺ تي ڪاهي ويو ۽ اتي جيڪو به چوپايو مال ۽
ٻيو سامان هٿ آيس، سو کڻي اچي مرزا شاهه حسن جي
لشڪر کي ڏنائين مرزا شاهه حسن جي فوج ملتان جي
قلعي کي گهيري ۾ آڻي جنگ شروع ڪئي.
ملتان جي والي پنهنجي برادريءَ مان هڪڙو چڱو مڙس،
شيخ شجاع الملڪ بخاري جي ڀاءُ سان گڏي مرزا شاهه
حسن ڏي روانو ڪيو جن اچي تابعداري مڃي. مرزا شاهه
حسن انهن کي نوازيو ۽ چيائين ته ”توهان جا جيڪي به
ڀائر ۽ سردار قلعي ۾ آهن، سي سڀ اچي حاضر ٿين ۽
تابعداري مڃين ته پوءِ آءُ قلعو انهن جي حوالي ڪري
موٽي هليو وڃان“. ٻنهي قاصدن اهو احوال قلعي وارن
سان ڪيو، پر قلعي وارن اها ڳالهه قبول نه ڪئي. هو
قلعي جا دروازا کولي ڏاڍي جوش سان وڙهيا ۽ مرزا
شاهه حسن جو گهڻو نقصان ڪيائون. مرزا شاهه حسن کي
به ڏاڍو غصو آيو تنهن پنهنجن سپاهين ۾ نئون جنگي
روح ڦوڪيو جنهن ڪري اهڙي خونريزي ۽ خرابي پيدا ٿي
ويئي، جنهن کان خدا پناهه ۾ رکي. کاڌي پيتي جو
سامان اڻ لڀ ٿي پيو، ويچارا ماڻهو بک سببان اهڙيون
غليظ شيون کائڻ لڳا، جن کي رواجي حالتن ۾ ماڻهو هٿ
به نه لائي. شهر جا ماڻهو هڪ ٻئي سان کاڌي پيتي جي
شين تان وڙهڻ لڳا. ڪو به ماڻهو گهر ۾ ماني پچائي
يا چانور رڌي ساءُ نه لهي سگهندو هو. ڪيترا ماڻهو
ته حياتيءَ کان ڪڪ ٿي قلعي کان ٻاهر کاهيءَ ۾ اچي
ڪريا.
سڄو سال ملتان جي قلعي تي گهيرو قائم هو ۽ مارا
ماري جاري هئي. ٻارهن مهينن کان پوءِ مرزا شاهه
حسن ملتان جي قلعي تي قبضو ڪيو قلعي تي قبضي ڪرڻ
کان پوءِ به قتل عام ۽ ڦرلٽ هلندي آئي. جيڪي ماڻهو
اوليائن جي درگاهن ۾ وڃي لڪا هئا، تن کي اتان
چونڊي ڪڍي قتل ڪيو ۽ ڦريو ويو. مرزا شاهه حسن جا
ماڻهو به ايترا مارجي ويا، جو مرزا شاهه حسن خود
پشيمانيءَ ۾ پئجي ويو. آخر سندس ڪاوڙ لٿي ۽ ڦرلٽ ۽
قتل عام بند ڪرايائين. ڦرلٽ ۾ نهايت قيمتي جواهرات
۽ گهڻو سون مرزا شاهه حسن کي هٿ آيو.
مرزا شاهه حسن پنهنجن ماڻهن جي هٿان گهٽين ۽ رستن
تان لاشا کڻائي دفن ڪرايا. مخدوم زاده، شيخ بهاءُ
الدين پاڻ سان سلطان محمود شاهه جي پٽ حسين شاهه ۽
سلطان محمود شاهه جي نياڻي وٺي آيو ۽ ٻئي ٻانهون
مرزا شاهه حسن کي آڻي ڏنائين. مرزا شاهه حسن
ڇوڪريءَ جو نڪاح مسڪين خان ترخان سان وجهايو ۽
ڇوڪرو به ان جي سنڀال ۾ ڏنائين. پوءِ به ٻه مهينا
ملتان ۾ رهي مرزا شاهه حسن بکر ڏي موٽيو. موٽڻ کان
اڳ خواجه شمس الدين کي ٻه سؤ سوار، هڪ سؤ پيادا ۽
هڪ سؤ توبچي ڏيئي ملتان جو گورنر مقرر ڪيائين ۽
شيخ عماد الملڪ بخاري ۽ ان جي دوستن سان تمام سخت
عقوبتون ڪيائين.
خواجه شمس الدين يارهن مهينا ملتان جي حڪومت
سنڀالي، تنهن کان پوءِ سندس صلاحڪار لنگر خان ساڻس
باغي ٿي پيو ۽ وڃي بابر بادشاهه سان مليو. اها خبر
ٻڌي مرزا شاهه حسن بابر بادشاهه ڏانهن خط لکي
موڪليو جنهن ۾ ملتان جو قلعو به ان کي نذراني طور
ڏيئي ڇڏيائين. (تاريخ معصومي)
مرزا شاهه حسن جي ڪاهه ڪڇ ملڪ تي
ملتان فتح ڪرڻ کان پوءِ جڏهن مرزا شاهه حسن بکر ۾
آيو، تڏهن ٺٽي جي عملدارن جي رپورٽ پهتس ته ڪڇ جو
راج راءِ کنگهار ٺٽي تي ڪاهي ٿو اچي. انهيءَ اطلاع
ملڻ شرط مرزا شاهه حسن لشڪر سميت ٺٽي ۾ اچي پهتو.
اتي راءِ کنگهار جو ايلچي وٽس اچي حاضر ٿيو، جنهن
پيغام ڏنس ته راءِ کنگهار چوي ٿو، ته ”منهنجي ڀاءُ
آمر آمراني کي اوهان قتل ڪيو هو، ان جي خون جي
بدلي وٺڻ لاءِ منهنجا ماڻهو مون تي زور رکي رهيا
آهن. هيترو وقت اوهين ملتان ڏي هئا، تنهن ڪري
اوهان جي پرپٺ اسان کي اوهان جن ٻارن ٻچن تي ڪاهه
ڪرڻ مناسب نظر نه آئي. هاڻي يا اسان سان صلح ڪر ۽
سنڌ ملڪ جو ڪو حصو اسان کي ڏي يا ته جنگ لاءِ تيار
رهه، اسين اچون ٿا.“
مرزا شاهه حسن انهيءَ ايلچي کي جواب ڏنو، ته ”جنگ
کان سواءِ ٻي ڪا به ڳالهه اسين نه ٻڌنداسون. جو
ميدان آمر آمراني جي خون سان رنڱيو هو سون، تنهن
تي اڃا رت جا اثر قائم آهن. تون اسان ڏي اچڻ جي
تڪليف ڪرين تنهن کان اڳ اسين توتي ڪاهي ٿا اچون.“
مرزا شاهه حسن ٿوري فوج ٺٽي جي سنڀال لاءِ ڇڏي ٻيو
سڀ لشڪر پاڻ سان وٺي ڪڇ ڏي ڪاهي هليو. جڏهن ڪڇ ملڪ
کي نزديڪ ويا تڏهن کان خوراڪ جي تنگي ٿي پيئي.
تنهن ڪري مرزا شاهه حسن پنهنجن اميرن امرائن سان
صلاح ڪري لشڪر کي چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ۽ هر هڪ ڀاڱي
کي جدا جدا ٿاڪن تان ڪڇ تي ڪاهه ڪرڻ جو حڪم ڏنائون
۽ رٿ ڪري ڇڏيائون ته چئن ئي لشڪرن مان جنهن لشڪر
کي راجا جو لشڪر سامهون ملي وڃي، سو لشڪر ٻئي لشڪر
کي ڄاڻ ڪري ۽ ٻيو ٽئين کي ۽ ٽيون چوٿين کي، جيئن
چارئي لشڪر راجا جي لشڪر کي چوڦير وڪوڙي وڃن.
انهيءَ رٿ موجب هڪڙو لشڪر سلطان محمود خان بکري جي
هٿ هيٺ، ٻيو مير فرخ جي هٿ هيٺ ٽيون شاهه حسن
(حسين) تڪدري جي هٿ هيٺ ۽ چوٿون مرزا عيسى ترخان ۽
مير عليڪہ جي هٿ هيٺ روانو ٿيو.
سلطان محمود خان کي خبر پيئي ته ”راءِ کنگهار
سموري لشڪر سان انهيءَ فوج تي ڪاهيندو وڃي ٿو،
جنهن فوج ۾ خود مرزا شاهه حسن هو، ڇاڪاڻ جو راجا
کي جاسوسن خبر ڏني هئي ته مرزا شاهه حسن تمام
ٿورڙي لشڪر سان ڪاهيندو اچي ٿو. انهن کي اها خبر
ئي ڪا نه هئي، ته اهو فقط لشڪر جو چوٿون حصو آهي”
سلطان محمود خان هڪدم مرزا شاهه حسن ۽ ٻين فوجن جي
سپهه سالارن ڏي قاصد ڏياري موڪليا ۽ پاڻ اهڙي هنڌ
لشڪر آڻي بيهاريائين، جو هنڌ راءِ کنگهار جي لشڪر
۽ مرزا شاهه حسن جي لشڪر جي وچ وارو ميدان هو.
راءِ کنگهار جي لشڪر گهوڙن تان لهي سلطان محمود
خان جي فوج سان نيزن جي لڙائي شروع ڪئي. هنن به
نيزن جا جواب نيزن سان ڏيڻ شروع ڪيا. ايتري ۾ مير
فرخ وارو لشڪر راءِ کنگهار جي لشڪر کي پٺيان ڦري
آيو. ڪڇين جو لشڪر وائڙو ٿي هيڏانهن هوڏانهن
ٻانهون ٺوڪڻ لڳو، تيستائين ٻيا ٻه لشڪر به پاسن
کان ڦري آيا پوءِ ڪڇين جي پيرن هيٺان زمين نڪري
ويئي. ڪي ماريا ۽ ڪي قيد ٿيا ۽ ڪي اٿي ڀڳا. راءِ
کنگهار به گم ٿي ويو. ڪڇي لشڪر جو تمام گهڻو کاڌ
خوراڪ جو سامان گهوڙا، اٺ ۽ کير ڏيندڙ مال مرزا
شاهه حسن کي هٿ آيو. تنهن کان پوءِ ڪڇ ملڪ جا ڳچ
ڳوٺ ۽ شهر ڦري لٽي مرزا شاهه حسن سوڀارو ٿي ٺٽي
کان اچي نڪتو. (تاريخ معصومي)
همايون بادشاهه ۽ مرزا شاهه حسن
همايون بادشاهه جو گجرات ۾ اچڻ
۽ مرزا شاهه حسن کي اوڏانهن گهرائڻ
همايون بادشاهه هجري سنه 942 (عيسوي سنه 1535ع) ۾
دهليءَ مان وڏو لشڪر وٺي چتور(1) فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. پر چتور جو راجا، گجرات جي حاڪم سلطان محمود بهادر
جو ڏاني هو، تنهن ڪري سلطان محمود بهادر هڪڙو خط
چتور جي راجا جي بچاءَ لاءِ همايون بادشاهه ڏي
لکيو، جنهن ۾ ڪي ڪي لفظ تمام سخت لکيا هئائين.
همايون بادشاهه کي انهن لفظن تان سخت چڙ لڳي، تنهن
ڪري هو چتور کي ڦٽو ڪري سڌو گجرات تي ڪاهي آيو ۽
اچي گجرات جي حد ۾ پهتو. همايون بادشاهه جو لشڪر
جتان جتان لنگهيو ٿي اتان ڳوٺن ۾ ڦرلٽ ڪندو،
مخالفت ڪندڙن کي قتل ڪندو ٿي آيو، گجرات جي حد ۾
پهچڻ شرط همايون بادشاهه هڪڙو خط مرزا شاهه حسن ڏي
لکيو، جنهن ۾ لکيائينس ته ”توهان جي جيڪا محبت ۽
دوستي هلندي اچي ٿي، سا جيڪڏهن قائم رکڻي اٿو ته
هن خط پهچڻ شرط پنهنجي زبردست لشڪر سميت گجرات ڏي
هليا اچو. هيڪر گجرات ملڪ جي پٽن شهر ۾ اچي منزل
ڪريو پوءِ جيئن اسان لکون تنهن موجب عمل ڪجو.“
مرزا شاهه حسن گهڻو لشڪر وٺي نصرپور مان روانو ٿيو
۽ راڌن پور جي رستي کان پٽن ۾ پهتو. خضر خان، جيڪو
سلطان محمود بهادر جي طرفان پٽن جو گورنر هو، سو
قلعي کي مضبوط ڪري اندر ويهي رهيو ۽ جيڪو چوپايو
مال وٽس هو، سو ڪنهن گوشائتي هنڌ قابو ڪرايائين.
سلطان محمود خان بکري پنج سؤ ماڻهو پاڻ سان وٺي
ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ وڃي ڦرلٽ ڪئي ۽ پٽن کان چوڏهن ميل
پري پنهنجي منزل وڃي ڪيائين. جان علي پيش قراق کي
مرزا شاهه حسن ڏي حال احوال پيش ڪرڻ لاءِ
موڪليائين ۽ جيئند ۽ جوڻي جاڙيجي کي پٽن جي قلعي ۾
خضر خان ڏي هن پيغام سان موڪليائين ته جڏهن مرزا
شاهه حسن زبردست لشڪر ساڻ هت آيو آهي، تڏهن توکي
مناسب آهي، ته تون ان وٽ پيش اچي پئو ۽ قلعو ان جي
حوُالي ڪر ۽ تون پنهنجا ٻار ٻچا وٺي جيڏانهن وڻيئي
تيڏانهن صحيح سلامت هليو اچ“. خضر خان چوائي
موڪليس ته ”جنهن صورت ۾ سلطان محمود بهادر ڪرنال ۾
آهي، تنهن صورت ۾ مون کي ڪهڙي ضرورت آهي جو آءُ
سنڌ جي مغلن کي قلعو ڏيئي ڇڏيان؟“ جيئند ۽ جوڻو
وري خضر خان جي ماءُ وٽ ويا ۽ وڃي چيائونس ته
”مائي وڏي! اوهان جو اهو شان ئي نه آهي، جو اسين
اوهان وٽان ڪنهن سوکڙيءَ ۽ نذراني نيئڻ ڌاران
سلطان محمود خان بکري وٽ خالي هٿين وڃون مناسب آهي
ته اوهين هڪ لک فيروز شاهي سڪا مرزا شاهه حسن جي
مهمانيءَ لاءِ ڏيو ۽ ٽيهه هزار فيروز شاهي سڪا
سلطان محمود خان جي مهمانيءَ لاءِ ڏيو ته اسين
هتان لشڪر وٺي هليا وڃون.“ پيرسن مائي پنهنجي پٽ
خضر خان کي چوائي موڪليو، ته اها مهمانيءَ جي رقم
ڏياري موڪل، تنهن ڪري ان هڪ لک ٽيهه هزار فيروز
شاهي سڪا پنهنجن خاص ماڻهن جي هٿان سلطان محمود
خان بکري ڏي ڏياري موڪليا.
ٻئي ڏينهن صبح جو سلطان محمود خان بکري مرزا شاهه
حسن سان پٽن ۾ اچي مليو ۽ اتان ڪوچ ڪرڻ جي صلاح
ڏنائينس. مرزا شاهه حسن چيو ته همايون بادشاهه ڏي
احوال موڪليون ٿا. اهو جيئن حڪم ڪندو تيئن
ڪنداسون. مرزا شاهه حسن عبدالقدوس کي خط سميت
همايون بادشاهه ڏي ڏياري موڪليو. انهيءَ وچ ۾ خضر
خان وارا موڪليل هڪ لک ٽيهه هزار فيروز شاهي سڪا
مرزا شاهه حسن جي اڳيان اچي حاضر ٿيا. پوءِ ته
مرزا شاهه حسن پندرهن ڏينهن پٽن جي آسپاس پي
گذاريو ۽ سلطان محمود خان بکري انهيءَ وچ ۾ ڪئين
ڳوٺ ڦري ٺٽي ۾ بي شمار ناڻو ۽ ٻيو قيمتي اسباب گڏ
ڪيو هو.
مير فرخ مرزا شاهه حسن کي چيو ته ”همايون بادشاهه
اوهان ڏي حڪم موڪليندو ته لشڪر سميت منهنجي
ڇانوڻيءَ ۾ اچي رهو ته پوءِ اوهان کي ضرور ان جي
ڇانوڻيءَ ۾ هلي رهڻو پوندو. اتي توهان جا سپاهي
همايون بادشاه جي عملدارن جا قيمتي سامان ۽ همايون
بادشاهه جيڪو گجرات جو خزانو پنهنجن سپاهين کي
انعام طور ورهائي ڏيندو سو ڏسندا ته پوءِ اهي سڀ
ڦري وڃي همايون بادشاهه جي فوج ۾ داخل ٿيندا ۽
توهين اڪيلا وڃي رهندؤ. تنهن ڪري صلاح ڀري ڳالهه
آهي، ته توهين موٽي سنڌ هلو.“
مرزا شاهه حسن ۽ ٻين اميرن کي اها صلاح پسند آئي،
تنهن ڪري مرزا قاسم بيگ لار جي هٿان هڪڙو ٻيو خط
همايون بادشاهه ڏي موڪليائين جنهن ۾ لکيائينس ته
”مون پنهنجو سمورو لشڪر هت آندو آهي. هينئر بکر ۽
ٺٽي مان اطلاع آيا آهن، ته ڪلماتي جتوئي ۽ ٻيا
زميندار باغي ٿي ويا آهن ۽ اتي ڦرلٽ کڻي لاتي اٿن
انهيءَ ڪري لاچار آءُ موٽي سنڌ ڏي وڃان ٿو.“
همايون بادشاهه احمد آباد پهتو، تنهن کان ويهه
ڏينهن اڳ مرزا شاهه حسن سنڌ ڏي روانو ٿيو ۽ هجري
سنه 945 جي شروع ۾ راڌن پور جي رستي کان اچي ٺٽي ۾
پهتو، واٽ تي جاڙيجن ۽ سوڍن کي ڦريندو لٽيندو قتل
ڪندو آيو. (تاريخ معصومي)
همايون بادشاهه جو سنڌ ۾ اچڻ ۽
مرزا شاهه حسن جي مخالفت
هجري سنه 947 (عيسوي سنه1540) جي محرم مهيني جي
ڏهين تاريخ شير شاهه پٺاڻ همايون بادشاهه کي شڪست
ڏيئي آگره ڏي ڪڍيو هو.
مرزا شاهه حسن هجري سنه 946 (1549ع) ۾ مير عليڪ
ارغون کي موڪليو هو ته همايون بادشاهه کي گجرات ۽
بنگال جي سوڀ جون مبارڪون ڏيئي اچي ۽ مير خوش محمد
ارغون کي مرزا ڪامران ڏي موڪليو هئائين ته ان کي
قنڌار فتح ڪرڻ ۽ اغضوا خان جي قتل ٿيڻ بابت
مبارڪون ڏيئي اچي مرزا شاهه حسن جا اهي ٻئي ايلچي
نهايت داناءَ ۽ تجربيڪار هئا.
مير عليڪ جڏهن همايون بادشاهه جي دربار ۾ پهتو،
تڏهن بادشاهه جي اڊنبر ۽ بي پروائيءَ مان
سمجهيائين ته جلد ئي همايون بادشاهه جي برخلاف
ڌارين ماڻهن جو غلبو قائم ٿيڻو آهي، سو بادشاهه
کان موڪلائڻ ڌاران اٿي ڀڳو ۽ سڌو مرزا شاهه حسن
سان اچي حال حقيقت ڪيائين، ته همايون بادشاهه جو
تخت جلد پلٽي کائڻ وارو آهي تنهن ڪري اوهين پهرين
سجاڳ رهو. مرزا شاهه حسن پنهنجن اميرن امرائن سان
اڃا صلاح پئي ڪئي، ته ايتري ۾ هڪڙي قاصد اچي خبر
ڏني ته ”همايون بادشاهه کان حڪومت جون واڳون شير
شاهه پٺاڻ کسي ورتيون آهن ۽ همايون بادشاهه جا
ڀائر (مرزا ڪامران ۽ مرزا عسڪري) ۽ ٻيا عزيز سڀ
کانئس ڦري ويا آهن، تنهن ڪري سنڌ ۾ اچڻ ڌاران ٻيو
ڪو به رستو ان لاءِ ڪونهي.“
شير شاهه جا ماڻهو ملڪ ۾ پکڙجي ويا هئا ۽ جتي ڪو
به مغل ڏٺائون ٿي، اتي ان کي قتل ڪيائون ٿي.
همايون بادشاهه پنهنجو عيال ۽ گهرو نوڪر ۽ خاص خاص
امير مشير ۽ سپاهي ساڻ ڪري تاريخ پهرين رجب هجري
سنه 947 ۾ سنڌ ڏي رخ رکيو ۽ شعبان سنه 947 هه جي
پڇاڙيءَ ۾ اچ ۾ اچي پهتو.
مرزا شاهه حسن پنهنجن اميرن امرائن جي صلاح موجب
اڳيئي اچ کان وٺي بکر تائين درياءَ جي ٻنهي ڪنارن
واريون پوکون ۽ گاهه ناس ڪرائي ڇڏيا هئا ۽ ٻٻرلو ۾
جيڪو چار باغ مڪان هو، تنهن ۾ جدا جدا نمونن جون
عمارتون ۽ قلعه داريءَ جو اسباب گڏ ڪرائي ڇڏيو
هئائين ۽ بکر کان سيوهڻ تائين به ڳوٺڙا ۽ پرڳڻا
غير آباد ڪرائي ڇڏيا هئائين، سو رڳو انهيءَ لاءِ
ته همايون بادشاهه کي سنڌ ۾ اچڻ وقت اناج گاهه يا
ٻيو ڪو رسد ميسر ٿي نه سگهي.
همايون بادشاهه جڏهن اچ ۾ پهتو، تڏهن هڪڙي سروپا،
هڪڙو جهنڊو ۽ نغارو ۽ ”خان جهان“ جي هٿ وارو آفرين
نامو بخشو خان لانگاه ڏانهن پنهنجي ماڻهن هٿان
ڏياري موڪليائين بخشو خان لانگاهه اچ جي آسپاس
رهندڙ مشهور وڏيرو هو. ان همايون بادشاهه جي
ايترين عنايتن جي ڪري هڪڙي ٻيڙي اناج سان ڀريل
ڏانهس ڏياري موڪلي پر پاڻ روبرو بادشاهه وٽ نه
آيو.
همايون بادشاهه روهڙيءَ ۾
تاريخ 28 رمضان مبارڪ هجري سنه 947 تي همايون
بادشاهه پنهنجي منزل روهڙيءَ ۾ اچي ڪئي ۽ پاڻ
پنهنجي سر روهڙيءَ جي نزديڪ ٻٻرلو واري چار باغ
مڪان ۾ وڃي رهيو، جيڪو نهايت نظاره دار ۽ راحت
جهڙو مڪان هو. سلطان محمود خان بکر جي آسپاس وارو
ملڪ ويران ڪري بکر جي قلعي کي مضبوط بڻائي اندر
ويهي رهيو ۽ درياءَ واريون سڀ ٻيڙيون گڏ ڪرائي
قلعي جي هيٺان بيهاري ڇڏيائين.
همايون بادشاهه روهڙيءَ ۾ پهچڻ شرط سلطان محمود
خان ڏانهن حڪم لکي موڪليو ته ”هڪدم اچي اسان وٽ
حاضر ٿيءُ ۽ بکر جو قلعو اسان جي حوالي ڪر.“ سلطان
محمود خان چوائي موڪليس ته آءُ مرزا شاهه حسن جو
نوڪر آهيان، جيستائين اهو اوهان وٽ نه ايندو تيسين
آءُ اوهان وٽ ڪيئن اچان ۽ مرزا شاهه حسن جي اجازت
ڌاران قلعو اوهان کي ڪيئن حوالي ڪريان؟“ همايون
بادشاهه سلطان محمود جو عذر واجبي سمجهيو. پر جيئن
ته اناج جي گهرج نهايت سخت هيس تنهن ڪري مهتر اشرف
مير بازار کي سلطان محمود خان وٽ موڪليائين، ته
”اسان کي اناج ڏي“ سلطان محمود خان پنج سؤ خرار
ان ۽ ٻيو به گهڻو کاڌي جو سامان همايون بادشاهه ڏي
ڏياري موڪليو، جنهن ڪري هو تمام خوش ٿيو.
همايون بادشاهه وري امير طاهر ۽ سمندر بيگ کي مرزا
شاهه حسن ڏي ٺٽي ڏياري موڪليو ۽ هڪڙو خط به
لکيائينس جنهن ۾ بابر بادشاهه جون جيڪي عنايتون ۽
مهربانيون مرزا شاهه حسن سان ٿيل هيون، تن جي
يادگيري به ڏياريائينس. مرزا شاهه حسن همايون
بادشاهه جي ماڻهن کي تمام گهڻي عزت ڏني ۽ دل ۾
ارادو ڪيائين ته ”جڏهن بادشاهه ٺٽي ۾ ايندو، تڏهن
هالن کان وٺي ميرپور بٺورو تائين جيڪو ملڪ آهي، سو
بادشاهه کي ڏيندس ۽ ساڻس انجام اڪرام ڪري پوءِ
گجرات فتح ڪرڻ ۾ به ساڻس مدد ڪندس، گجرات فتح ڪرڻ
بعد سنڌ ۾ ايندس“. اهو پهه ڪري پوءِ شيخ ميرڪ
پوراني ۽ مرزا قاسم طغائي کي قيمتي سوکڙيون ڏيئي
همايون بادشاهه ڏي موڪليائين ۽ هيٺيون خط به ان ڏي
موڪليائين. ”بکر ملڪ جي اپت تمام ٿوري آهي، چاچڪان
وارو پرڳڻو بلڪل آباد گهڻي اناج ۽ گاهه وارو آهي.
بهتر آهي ته حضور جن اهو پرڳڻو پنهنجي هٿ ۾ رکن،
جتي حضور جن جا سپاهي به خوش گذاريندا ۽ آءُ به
خدمت ڪرڻ لاءِ ويجهو ٿيندس. اسان جا وڏا ڀاڳ چئبا
جو حضور جن اسان جي ملڪ ۾ تشريف فرما ٿيا آهن.
آءُ ڪي ضروري ڪم ڪار لاهي سائين جن وٽ اچي ٿو حاضر
ٿيان.“
همايون بادشاهه مرزا شاهه حسن جي خط اچڻ تي خوش
ٿيو، پر اميرن امرائن چيس ته ”مرزا شاهه حسن حضور
جن سان سچو نه آهي خط ۾ جيڪي به لکيو اٿس، سو رڳو
ظاهري بار لاهڻ لاءِ جيڪڏهن ان کي ڪا سچائي هجي ها
ته سندس قلعن مان هڪڙو قلعو کڻي اوهان جي حوالي
ڪري ها جنهن ۾ عيال سميت سڀ آسودا ۽ بي جوکا رهون
ها ۽ اتان وري گجرات فتح ڪرڻ به آسان ٿي پوي ها،
جنهن صورت ۾ شير شاهه اسان جي پٺيان مارو ٿيو پيو
هلي، تنهن صورت ۾ ڪنهن مضبوط قلعي ڌاران ٻئي هنڌ
رهڻ صلاح ڀري ڳالهه نه آهي“. تنهن تي همايون
بادشاهه به اک پٽي ۽ ارادو ڪيائين ته بکر جو قلعو
گهيرو ڪري هٿ ڪجي.
مرزا شاهه حسن کي جڏهن همايون بادشاهه جي انهيءَ
ارادي جي خبر پيئي تڏهن چوڻ لڳو ته ”بکر جي قلعي
جو مون کي ڪو به ڊپ ڪونهي، ڇاڪاڻ جو چار باغ جهڙو
فرحتي مڪان ڇڏي قلعي جي سامهون اچي ويهڻ بادشاهه
کان پڄي نه سگهندو ۽ سندس اميرن مان ڪنهن جي حاجت
نه آهي، جو بکر جي قلعي وٺڻ جي جرئت ڪري“. ائين
چئي جاني ترخان، دولت خان، پاينده محمد قريش، مير
جمله ارغون کي سلطان محمود خان جي پٺڀرائي ۽ صلاح
مصلحت لاءِ بکر روانو ڪيائين ۽ پاڻ سيوهڻ ويو ۽
اتي جي قلعي کي خالي ۽ ويران ڪرائي اچي ٺٽي ۾
ويٺو.
معتبر ماڻهن جو چوڻ آهي، ته همايون بادشاهه سان ڪل
ٻه لک ماڻهو انهيءَ سفر ۾ همراهه هئا. روهڙي ۽ چار
باغ (ٻٻرلو) جي وچ ۾ ڇهه ميل مفاصلو هو. اهو سڀ
مفاصلو همايون بادشاهه جي لشڪر جي ڇانوڻي لڳي پيئي
هئي. بادشاهه جي لشڪر اچڻ ۽ ٻين سببن ڪري انهيءَ
سال سياري جي موسم ۾ بکر ۽ ان جي آسپاس سخت ڏڪار
پئجي ويو. بک ۽ اگهاڙ ملڪ تي ڇانئجي ويئي. بادشاهه
جي ماڻهن کي ناڻي ڏني به ان ملي نٿي سگهيو.
بادشاهه پنهنجي لشڪر لاءِ اناج پيدا ڪرڻ واسطي
پنهنجي ڀاءُ مرزا هندال کي پاٽ شهر ڏي موڪليو ۽
پاڻ پنج ڇهه مهينا چار باغ ۾ انهيءَ انتظار ۾
رهيو، ته مرزا شاهه حسن ضرور اچي حاضر ٿيندو ۽
مروت ڏيکاريندو، پر مرزا شاهه حسن کي سندس اميرن
امرائن همايون بادشاهه وٽ وڃڻ کان سخت روڪ ڪئي،
جنهن ڪري بادشاهه به مرزا شاهه حسن تي سخت ناراض
ٿي پيو.
همايون بادشاهه جو پاٽ ۾ اچي وري بکر موٽڻ
همايون بادشاهه روهڙي ۽ بکر کان درٻيله شهر ۾ آيو
۽ اتان وري پاٽ شهر (تعلقه دادو) ۾ آيو. پاٽ اچي
پنهنجي ڀاءُ مرزا هندال جي وزير شيخ علي اڪبر جامي
جي نياڻي حميده بانو بيگم سان شادي ڪيائين. پاٽ ۾
همايون بادشاهه ڪجهه ڏينهن گذاريا انهيءَ وچ ۾
مليريا (موسمي تپ) اچي سندس لشڪر ۾ ڪاهي پيو، تنهن
ڪري ترت وري ساري اٽالي سميت بکر ۾ آيو. همايون
بادشاهه بکر ۾ موٽي آيو. تنهن کان پوءِ جلد ئي
ڀاڻس مرزا هندال کيس ڇڏي وڃي قنڌار کان نڪتو.
انهيءَ ڳالهه جي ڪري همايون بادشاهه وڌيڪ بي دل ٿي
پيو. (هسٽري آف سنڌ جلد 2 مرزا صاحب ۽ تاريخ
معصومي)
همايون بادشاهه جو سيوهڻ ۾ اچڻ
همايون بادشاهه بکر جي قلعي تي گهيرو ڪرايو هو،
انهيءَ گهيري جو ڪم ڪار مرزا يادگار ناصر جي حوالي
ڪري همايون بادشاهه پاڻ ٻيو لشڪر ساڻ ڪري تاريخ
پهرين جمادي الاول هجري سنه 948 (عيسوي سنه 1541ع)
۾ سيوهڻ جي قلعي تي ڪاهي آيو. همايون بادشاهه جا
ويهارو کن ماڻهو، جيڪي کانئس اڳ سيوهڻ ۾ آيا هئا،
جن ۾ قضيل بيگ ۽ ترسون بيگ به شامل هئا، تن کي
سيوهڻ واسين قلعي کان نڪري حملو ڪيو، پر ڀاڄ
کاڌائون ۽ وري وڃي قلعي ۾ لڪا.
تاريخ 17 رجب هجري سنه 948 تي همايون بادشاهه پاڻ
به اچي سيوهڻ جي قلعي تي پهتو. همايون بادشاهه جي
اچڻ کان اڳ قلعي جي سنڀاليندڙن مير سلطان قلي بيگ
مير شاهه محمود ارغون ۽ مير محمود ساربان ۽ علي
محمد ڪوڪلتاش ڇا ڪيو، جو قلعي جي آسپاس وارا سڀ
باغ ۽ رهڻ جهڙيون جايون ناس ڪري ڇڏيائون. همايون
بادشاهه سيوهڻ جي قلعي تي سخت گهيرو قائم رکيو.
قلعي ۾ رهندڙ ماڻهن تي گهڻي تنگي ۽ تڪليف ٿي پيئي.
اهو احوال مرزا شاهه حسن کي به پهتو، سو ٺٽي کان
سن ۾ آيو ۽ اتي وڏي کاهي چوگرد کوٽايائين ۽ ٻيڙين
جا ديس بيهاري ڇڏيائين ۽ ترسي پيو. اتان مير عليڪ
کي لشڪر سوڌو روانو ڪيائين، جو رات وچ ۾ لڪ ڇپ ۾
سيوهڻ جي قلعي ۾ داخل ٿي ويو، تنهن کان پوءِ
همايون بادشاهه جي لشڪر کي خبر پيئي ته مرزا شاهه
حسن جا ماڻهو قلعي ۾ داخل ٿي ويا آهن. همايون
بادشاهه جي حڪم موجب سندس سپاهين هڪڙي هنڌان قلعي
کي کاٽ هنيو جيستائين کاٽ آرپار وڃي نڪتو،
تيستائين مير عليڪ ٻي نئين ڀت اندران تيار ڪرائي
ڇڏي.
ست مهينا همايون بادشاهه سيوهڻ جي قلعي گي گهيرو
ڪريو ويٺو هو انهيءَ وچ ۾ مرزا شاهه حسن اناج ۽
ٻئي کاڌي جي سامان پهچڻ جا رستا سڀ بند ڪرائي ڇڏيا
هئا، ٻئي پاسي وري هوا تمام گرم ۽ آب ڪلاني جو وقت
اچي سهڙيو جنهن ڪري همايون بادشاهه جا ڪيترائي
سپاهي ڀڄي ويا ۽ باقي جيڪو لشڪر وٽس بچيو، سو به
ڏاڍو تنگ ٿي پيو. تنهن ڪري همايون بادشاهه سيوهڻ
جي قلعي فتح ڪرڻ کان نااميد ٿي موٽي روهڙي ۽ بکر
ڏي آيو. (تاريخ معصومي)
همايون بادشاهه جو وري روهڙي ۽ بکر اچڻ
بکر جي قلعي تي همايون بادشاهه جي طرفان مرزا
يادگار ناصر گهيرو ڪريو ويٺو هو، تنهن تي قلعي جي
ماڻهن ٻه ڀيرا قلعي کان ٻاهر نڪري حملو ڪيو هو ۽
ڪيترا ماڻهو نقصان ڪيائون، ٽيون ڀيرو جيڪو حملو
قلعي وارن ٻاهر نڪري ڪيو، تنهن ۾ مرزا يادگار ناصر
قلعي وارن ماڻهن جو تمام گهڻو انداز قتل ڪرائي
ڇڏيو هو ۽ انهن کي سخت شڪست ڏنائين.
تنهن کان پوءِ مرزا شاهه حسن ڪوشش ڪئي، ته ڪنهن به
طرح مرزا يادگار ناصر کي پنهنجي طرف ڪجي. مرزا
شاهه حسن مرزا يادگار ناصر کي پيغام موڪليو، ته
”آءُ پيرسن ٿي ويو آهيان مون کي ڪو پٽ ڪونهي تنهن
ڪري مرضي اٿم ته توکي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ به
ڏيان ۽ توکي ئي پنهنجو پٽ بڻائي حڪومت جو وارث
مقرر ڪيان“.مرزا شاهه حسن جي انهيءَ آڇ تي مرزا
يادگار ناصر ريجهي پيو ۽ همايون بادشاهه جو طرف
ڇڏي مرزا شاهه حسن جو طرف ورتائين. همايون بادشاهه
مرزا يادگار ناصر کي پاڻ ڏي سڏرايو پر هو عذر
بهانا ڪري ويهي رهيو ۽ همايون بادشاهه ڏي نه ويو.
همايون بادشاهه جي ڇانوڻيءَ ۾ اناج جي سخت تنگي ٿي
پيئي، تنهن ڪري سندس بار بار گهر ڪرڻ تي سلطان
محمود خان بکري ۽ مرزا يادگار ناصر ڪجهه اناج
همايون بادشاهه جي ڇانوڻي ۾ ڏياري موڪليو. پر اهو
رسد بادشاهه جي ماڻهن لاءِ بلڪل ناڪافي هو تنهن
ڪري بادشاهه پنهنجا ماڻهو ٻهراڙين ۾ پکيڙي ڇڏيا
جيڪي ڦرلٽ ڪري پيٽ ڀرڻ ۾ لڳي ويا، بکر جو قلعو
جيڪو کاڌ خوراڪ جي سامان سان ڀرپور هو، تنهن جي
وٺڻ لاءِ همايون بادشاهه ڏاڍا وس ڪيا، پر قلعي
ڊاهڻ واريون مشينيون ۽ اوزار وٽس ڪين هئا، تنهن
ڪري نڪي بکر جو قلعو فتح ڪري سگهيو ۽ نڪي قلعي
وارن کي ڪو نقصان پهچائي سگهيو. (هسٽري آَف سنڌ
جلد 2 مرزا صاحب)
همايون بادشاهه جو عربستان ڏانهن وڃڻ جو ارادو
جڏهن قدرت الاهي ۽ حڪمت ربانيءَ جي ڪري همايون
بادشاهه کي چوگرد ڪم بختي ۽ نااميدي گهيري ويئي،
ڇاڪاڻ جو سنڌ جو حاڪم ۽ سنڌ جا ماڻهو ساڻس بي
مروتيءَ سان پيش آيا. سندس لشڪر جا سپاهي کانئس
باغي ۽ بي وفا ٿيندا ويا، خود سڳن ڀائرن به ساڻس
ڪا همدردي ڪانه ڪئي، تنهن ڪري هن پڪو ارادو ڪيو،
ته ”عربستان ڏي وڃي مڪي پاڪ ۾ حج ڪريان ۽ هميشه
لاءِ اتي وڃي ساڪن ٿيان”. سندس صلاحڪار اميرن صلاح
ڏنيس، ته ”دولت هٿ ڪرڻ ڌاران ڌارئين ملڪ ۾ ڪيئن
هلي سگهندؤ؟ هٿين خالي سفر ڪرڻ ڪري پنهنجا رهيا
سهيا ماڻهو به وڃائيندؤ ۽ پاڻ به پريشان ٿيندؤ.
تنهن ڪري ڪجهه ڏينهن هتي ئي ترسو ۽ ڏسو من ڪو
سڻائو واءُ وري”.
ايتري ۾ جوڌپور جي راجا مالديو جي دعوت اچي پهتيس.
همايون بادشاهه انهيءَ دعوت اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽
ڪنهن به دير مدار ڪرڻ بدران پنهنجا ماڻهو ساڻ ڪري
جوڌپور ڏي روانو ٿيو. (هسٽري آف سنڌ جلد2، مرزا
صاحب)
همايون بادشاهه جو جوڌپور ۽ جيسلمير ڏي وڃڻ
جوڌرپور جي راجا مالديو همايون بادشاهه ڏي پيغام
ڏياري موڪليو ته ”آءٌ پرپٺ حضور جن جو نيازمند
آهيان، جيڪڏهن حضور جن منهنجي دعوت قبول ڪري مون
وٽ تشريف فرما ٿيندا. ته ويهه هزار راجپوت آءُ
حضور جن جي خدمت ۾ پيش ڪري سگهندس. جيڪي ڪنهن به
طرف حضور جن جي خدمت ۾ هلڻ لاءِ تيار رهندا“.
انهيءَ پيغام پهچڻ تي همايون بادشاهه تاريخ 21
محرم هجري سنه 949 (عيسوي سنه 1542) بکر مان نڪتو،
سو اُچ ۽ دلاور کان ٿيندو ٻن مهينن کان پوءِ تاريخ
20 ربيع الاول تي بيڪانير ۾ پهتو.
همايون بادشاهه جا جيڪي ماڻهو اڳ اچي بيڪانير ۾
پهتا هئا، تن بادشاهه کي چيو، ته ”هتي جي ماڻهن جي
واتان حضور جن جي حق ۾ ڪي ادب جهڙا لفظ ٻڌڻ ۾ نٿا
اچن“. بادشاهه وري سمندر بيگ کي راجا مالديو ڏي
موڪليو. اهو به ترت ئي واپس آيو ۽ بادشاهه کي اچي
عرض ڪيائين، ته ”مون کي هت حضور جن جي حق ۾ ڪا به
وفائي ۽ سچائي نظر نٿي اچي“. بادشاهه جڏهن بهلودي
ڳوٺ ۾ پهتو، جو جوڌپور کان ٽيهه ڪوهه اوري هو،
تڏهن پنهنجا جاسوس مالديو جي درٻار ۾ خبر لهڻ لاءِ
موڪليائين جيڪا درٻار جوڌپور شهر ۾ هئي. باخبر
جاسوسن جلد ئي خاطريءَ جهڙي خبر آڻي پهچايس ته
”راجا مالديو حقيقت ڪري شير شاهه پٺاڻ سان ملت ۾
آهي ۽ اوهان جي ڦاسائڻ لاءِ اهو ڄار منڊيو اٿس“.
تنهن تي همايون بادشاهه ڏاڍو متفڪر ٿيو ۽ پنهنجن
اميرن سان صلاح ڪيائين، جن جوڌپور وڃڻ کان روڪيس
تنهن ڪري بادشاهه وري بهلودي کان ساتلمير پهتو ۽
اتان روانو ٿي تاريخ پهرين جمادي الاول هجري سنه
949 (عيسوي سنه 1542) ۾ جيسلمير اچي پهتو. همايون
جو جيڪو عملو پٺيانئس پئي آيو، تنهن مان ڪيترا
ماڻهو بيابان ۾ اڃ ۽ بک جي وگهي مري ويا باقي جيڪي
بچيا، سي جيلسمير جي ڪنول ڍنڍ وٽ اچي همايون
بادشاهه سان مليا، جيسلمير جي راجا طرفان سون ڪرن
سردار پنهنجا سپاهي ڍنڍ تي بيهاري ڇڏيا، انهيءَ
لاءِ ته همايون بادشاهه ۽ سندس ماڻهن کي پاڻي ملي
نه سگهي. بادشاهه جا ماڻهو، جيڪي اڃ ۾ اکيون پوريو
پئي آيا، تن جيسلمير جي پهريدارن کي ماري قتل ڪري
ڍنڍ تي قبضو ڪيو ۽ پاڻي پي اڃ لاٿائون. اتان وري
همايون بادشاهه عمرڪوٽ ڏي رخ رکيو ۽ تاريخ ڏهين
جمادي الاول هجري سنه 949 تي اچي عمرڪوٽ ۾ پهتو.
(تاريخ معصومي)
همايون بادشاهه جو عمرڪوٽ ۾ اچڻ
همايون بادشاهه پاڻ خواه سندس ماڻهن راجپوتانا جي
بيابان جو سخت سفر ڪري بک اڃ جون تڪيلفون سهي
عمرڪوٽ جي قلعي کان ٻاهر اچي منزل ڪئي. عمرڪوٽ جي
قلعي جو ڌڻي راجا بير سال پنهنجن ماڻهن سميت
بادشاهه جي استقبال لاءِ قلعي کان ٻاهر نڪري آيو،
قلعو خالي ڪري بادشاهه جي حوالي ڪيائين ۽ بادشاهه
جي تڪليفن تي همدردي ڪري، کاڌ خوراڪ جو سامان به
چڱي انداز ۾ ميسر ڪري ڏٺائين. همايون بادشاهه
پنهنجو عيال قلعي ۾ رهايو ۽ پاڻ قلعي کان ٻاهر
منزل قائم رکيائين. قلعي(1) ۾ تاريخ 5 ماه رجب هجري سنه 949 (عيسوي سنه 1542) آرتوار جي رات همايون
بادشاهه جي راڻي بيبي حميده بانو بيگم کي جلال
الدين محمد اڪبر فرزند ڄائو، جيڪو پوءِ هندستان جو
هاڪارو شهنشاهه ٿيو هو.
عمرڪوٽ جو قلعو تمام ننڍڙو هو تنهن کان سواءِ اتي
کاڌ خوراڪ جو بندوبست به خاطر خواه نه هو، تنهن
ڪري اميرن امرائن اتان نڪري سنڌ جي سرسبز ڀاڱي ۾
رهڻ لاءِ صلاح ڏنيس. انهيءَ ڪري همايون بادشاهه
پنهنجو عملو عمرڪوٽ کان وٺي جوڻ(1) شهر ۾ اچي رهيو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ نهايت سرسبز ۽ آباد شهر ۽ پرڳڻو هو.
منجهس باغ تمام گهڻا ۽ عمدا هئا. سنڌو درياءَ به
انهيءَ پرڳڻي مان وهندو هو. همايون بادشاهه ڳچ وقت
اتي گذارڻ جي ارادي سان رهي پيو. (تاريخي معصومي)
مرزا شاهه حسن جو بکر وڃڻ ۽ پنهنجن آفيسرن
کي سزائون ڏيڻ
جڏهن مرزا شاهه حسن کي خبر پيئي، ته همايون
بادشاهه جوڌپور جي راجا جي دعوت تي اُچ جي طرف
روانو ٿيو آهي، تڏهن پاڻ ٺٽي مان بکر آيو. مرزا
يادگار ناصر جنهن کي مرزا شاهه حسن ڌيءَ جي سڱ ڏيڻ
۽ پنهنجو وارث بڻائڻ جو دم دلاسو ڏنو هو، تنهن کي
انهيءَ ۾ دم دلاسي مان ڪجهه ڪين وريو. هو همايون
بادشاهه سان به بي وفا ٿيو ۽ مرزا شاهه حسن به
ٻيڙيءَ چاڙهي ڦرهو ڪڍي ورتس. تنهن وري ڇا ڪيو، بکر
جي قلعي ۾ ڪي توبچي ۽ جنگي سپاهي داخل ڪيا ۽ قلعي
جي ٻن عملدارن هالا ۽ عمر شاهه کي پاڻ سان ملائي
ڇڏيائين، مگر مرزا شاهه حسن جي اوچتي اچي نڪرڻ ڪري
مرزا يادگار ناصر کي ڪنهن به ڪارروائي ڪرڻ جو
موقعو نه مليو.
مرزا شاهه حسن بکر ۾ اچڻ شرط پهريائين سلطان محمود
خان کي سخت ڇينڀ ڪئي، ته ”تو هيترو سارو اناج ۽
کاڌو خوراڪ جو سامان منهنجي اجازت کان سواءِ ڇو
برباد ڪري ڇڏيو؟“ ملان درويش محمد، جيڪو اناج جا
گدام سنڀاليندو هو، تنهن کي سلطان محمود خان جي
گهر جي آمهون سامهون ڦاسيءَ تي چاڙهيائين. هالا ۽
عمر شاهه، جي ڪاٺين ۽ ٻئي سامان جي گدامن جا
سنڀاليندڙ هئا، تن جي جيئري کل لاهرايائين. مرزا
يادگار ناصر ۽ ان جا ٻيا همراهه جيڪي روهڙيءَ ۾
هئا، سي اتان ئي ٽڙي پکڙي ڀڄي ويا، تنهن کان پوءِ
مرزا شاهه حسن سيوهڻ ۾ آيو ۽ هڪ هفتو اتي گذاري
قلعي جي چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي وري اچي سن ۾ رهيو.
اتي خبر پيس، ته همايون بادشاهه جوڻ ۾ اچي ساڪن
ٿيو آهي، تنهن ڪري پاڻ سن مان تڪڙيون تڪڙيون
منزلون ڪري ٺٽي ۾ آيو ۽ اتان لشڪر ساڻ ڪري جوڻ شهر
جي آمهون سامهون درياءَ جي ڪپ تي ڇانوڻي هڻي ويهي
رهيو.
همايون بادشاهه ۽ مرزا شاهه حسن جي
فوجن جون پاڻ ۾ چڪريون
همايون بادشاهه ۽ مرزا شاهه حسن جون ڇانوڻيون هڪ
ٻئي جي آمهون سامهون هيون، تنهن ڪري ٻنهي طرفن جا
سپاهي وجهه وٺيو ٻيڙين ۾ چڙهيو هڪ ٻئي تي اچيو
حملا ڪندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي جاني ۽ مالي نقصان
پهچايو ويندا هئا، پر ٻنهي فوجن جي وچ ۾ ڪا
باقاعدي جنگ ڪا نه ٿيندي هئي.
بٺوري جي قلعي تي جنگ
همايون بادشاهه کي اطلاع مليو، ته بٺوري جي ننڍڙي
قلعي ۾ اناج ۽ ٻيءَ کاڌ خوراڪ جو تمام گهڻو انداز
لڳل آهي، ۽ آسانيءَ سان هٿ اچي سگهندو. انهيءَ
اطلاع ملڻ تي همايون بادشاهه پنهنجا خاص عملدار
جهڙوڪ شيخ علي بيگ، اسن تيمور، سلطان کي ڳچ جيترا
سپاهي ڏيئي بٺوره ڏانهن روانو ڪيو. مرزا شاهه حسن
کي به اها خبر پئجي ويئي، تنهن وري مرزا عيسى
ترخان کي فوج ڏيئي اوڏانهن روانو ٿي ڪيو، پر مرزا
عيسى ترخان اندروني طرح همايون بادشاهه سان همدرد
هو، تنهن ڪري هن فوج جي سپهه سالاري قبولڻ ۾ گس
گاساءُ ڪيو. سلطان محمود خان بکري، جيڪو بکر
واريءَ ڇنڀ کان پوءِ حڪمراني جي ڪمن ڪارين تان
دستبردار ٿي گوشه نشينيءَ ۾ گذاريندو هو، تنهن کي
مرزا شاهه حسن آزين نيازين سان خط لکي پاڻ وٽ
گهرايو ۽ کيس گهڻي عزت ۽ مان ڏيئي فوج جو سپهه
سالار ڪري بٺوره جي قلعي جي حفاظت لاءِ موڪليائين.
همايون بادشاهه جي ماڻهن کان اڳ سلطان محمود خان
بٺوري پهچي چڪو هو. مرزا شاهه حسن به ٻيڙين ۾
درياءَ جي ڪنارن تي همايون بادشاهه سان باقاعدي
جنگ شروع ڪري ڏني.
همايون بادشاهه جي طرفان بٺوره ڏانهن ويل فوج
بٺوره ۾ پهتي ئي مس هئي، ته سلطان محمود خان جنهن
سان هينئر لنڊ، مينڌرا ۽ ساڪرا قوم جي ماڻهن جو به
وڏو تعداد اچي شامل ٿيو هو، سو اچي سامهون ٿيس.
آڌيءَ رات جو سلطان محمود خان جي فوج وڃي همايوني
فوج تي ڪڙڪي ۽ نابود ڪري ڇڏيائينس. انهيءَ هار جو
جڏهن همايون بادشاهه کي اطلاع پهتو، تڏهن هنيون
هارجي ويس. هڪدم مرزا شاهه حسن سان جنگ بند ڪري
سنڌ ڇڏڻ جون واٽون ڳولڻ لڳو.
همايون بادشاهه ۽ مرزا شاهه حسن جو ٺاهه ۽
|