سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:9 

ٽيهه اکري: سسئي(1)

(چيل سجاول ورڙ جي)

[سجاول وَرڙ ڳوٺ اَڪڙي تعلقي بدين جو ويٺل هو. پنهنجي مڪتب ۾ شاگردن کي پڙهائيندو هو. روايت آهي ته مرڻ واري ڏينهن شاگردن کي چيائين ته وچين نماز کان پوءِ منهنجا هٿ پير ٺاهي ڇڏجو. شاگردن ائين ڪيو ۽ سانجهيءَ نماز وقت ڏٺائون ته استاد وڃي ڌڻيءَ سان مليو. سندس ڪلام گهڻو هو جو ضايع ٿي ويو. هتي سندس اڻپوري ٽيهه اکري ڏجي ٿي.]

الف چئي اٿيا، ڪيائون سعيو سَواري،
آري سڏيو ان کي، ٿو پِر منجهه پچاري،
ڳالهه ڪريو اوهين پنهنجي، نرتئون نهاري،
جَتن جُنگ پلاڻيا، وڳن مان واري،
ڪيچئون ڪهي هليا، منزل کي ماري،
ويهن ڪين ”ورڙ“ چئي، ٿا ڌوٻڻ جي ڌاري،
سرواڻن ساري، لاٿا بار ڀنڀور ۾.

 

بي ئون بار ڀنڀور ۾، ڇوڙيا ڇاٽيلن،
پوش، پلاڻ، پاکڙا، لاٿائون ليڙن،
اُٺ ته آري ڄام جا، چڱيءَ ڏِس چرن،
وجهي وات وڻن ۾، موڙيا ٽار مَيَن،
ڪيچئون ڪري هليا، مصلحت رکي من،
پنهون نيائون پاڻ سان، سچي ڳالهه  سُڌين،
اُٿي اڳيان تن، ڀرڪا وک ”ورڙ“ چئي.

 

تي ئون ترسن ڪينڪي، اُٺ به ٿا آڻين،
ڀريون بار ڀنڀور مان، نيشن تي ناڙين،
پنهون پنهنجيءَ پر ۾، هو چوري ٿا چاڙهين،
وڃڻ جون ”ورڙ“ چئي اڄ وايون ٿا وارين،
هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾!

 

ثي ئون ساٿ کڻي ويا، آڌيءَ رات اٿي،
جتن ڪين جتايو، ڪيچين ڏس جا ڪي!

 

ڦوڙائو فراق جو، ڏير مونکي ويا ڏِي،
ساڄن ڌاران سرتيون! جاڙ جيئي ٿو جي،
بيراڳي  ڀنڀور ۾، هوت ڇڏي ويو هي،
ٻولي ڪيائون ٻي، سا سمجهيم ڪين ”سجاول“ چئي.

 

جيم ئون ڪين جيان، انهن ري آئون،
ڏير ڏمر جي هليا، سور نه سليائون،
ڪيچي ڪنهن پر لڏيا، مونکي ماريائون،
اچن ٿيون اندر مان، درد سنديون دانهون،
کڻان پير پنهون جا، ڏيان وندر ۾ واهون،
لنگهي ويون لڪ مٿان تن ڪيچن جون ڪاهون،
ڀانيان پنهنجي ڀاڳ کان، ”سجاول“ چئي سا آئون،
رازق رضائون، مون مٿي اتي مڃيون.

 

حي ئون هو هليا، آڌيءَ رات اسُور،
ليڙا لانگهو  لنگهيا، پهر پهرئين پُور،
پهرين تونه پروڙيو، پوءِ مٺئين ڙي معذور!
وڃڻ جو ”ورڙ“ چئي، ڏيهه چتايئون ڏور،
دوست ڪنهن دستور، مون هيڏي هوت ڪري ويا.

 

الله تنهنجي  آهيان، خي ئون تو خلقي،
لنگهائينم لطف سان، سندي لَڪ لَڪي،
جا ٿرن ۾ ٿڪي، تنهن کي سگهو پهچ ”سجاول“ چئي!

 

دال ئون لاهي دليل، الله ڪر احسان،
آءٌ سُتي، هو هليا، سميٽي سامان،
جنگ منهنجي جيءَ سان، ويا جوڙي جت جوان،
ميان! معذورين سين، هيڏيون ڪر مَ هاڻ،
کڻان پير پنهون جا، مونکي ڏورڻ اچن ڏانءُ نه،
موٽي اچن مانَ، سڻي سڏ ”سجاول“ چئي.

 

ذال ئون ڪهڙو زور، منهنجو آري سين آهي،
ڇني سياڪا سڀئي، هليو لاڳاپا لاهي،
پنهون نيائون پاڻ سان،  اُٺ تي اُٺائي،
ويهان ڪين ”ورڙ“ چئي، منهنجو ڇپر ۾ ڇاهي؟
در تان دکائي، ڏيان باهه ڀنڀور کي.

 

ري ئون رهيا ڪينڪي، ويا هاڃو ڪري هوت،
ڦوڙائي فراق جي، ماريس انهي موت،
کڻان پير پنهون جا، ڏيان جهنگل ۾ جهوت،
”سجاول“ چئي سورن جي، منهنجي اندر ڪيئي اوت،
پساهه پڄنم پوءِ ته، هيڪر ملان هوت کي!
 

ٽيهه اکري: مناجات(1)

(چيل پير صفي الله جي)

 

الف الله جي در ڪيان آهه،

وارث ڪندو منهنجي واهه،

داور سڻندو منجهه درگاهه،
آسائتن جو آهي الله-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

بي برهه جن جي ڀاڱي آيو،

سک ڀڳا ڪري تن کئون سعيو،

رکيو سورن تن ڏي رايو،
سرتيون! ڳُڻ پرينءَ جا ڳايو-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

تي توساريو روز روئان رت،

سک ڀڳا ڇڏي ترتئون تخت،

سورن ڪيو سوگهو سخت،
ڀوري! ورندو ڪڏهين بخت؟

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

ثي ثابت سهڻا! تنهنجي سِڪ،

ڦِريل وجهندا توکي ڦَڪ،

دل ۾ ڪيا تنهن لالن! لڪ،
تن جي مڃجان ڳالهه نه هڪ-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

جيم جانب جنهن ڏينهن ملاقي،

محبت تنهنجي ڪيو مشتاقي،

اڱڻ اسان جي ٿئي اوطاقي،
تن تڏاڪون ٿيو فراقي-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

جيم جدائي ڪر نا جاني!

لهي هنيين تون هوت حيراني،

هر دم در تي هجي ٻانهي،
گوليءَ سان ٿئي گڏ گذراني-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

حي حب تنهنجي آهي هميشانۡ،

تنهنجون اندر ۾ اوريان حديثان،

ڳالهه ڏکن جي ڪيان نه ڪنهن سان،
مانَ ملائي ربّ اوهان سان!

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

خي خدا لڳ آهي وڇوڙو،

سورن ساهه ڪيو آهي سوڙهو،

ڏڪ ڏکيءَ کي ڏي نا ڏوڙو،
دوست! ڪجي نا دلبر دوڙو-

.

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

دال دلاسو ڏي تون دلبر!

ور ولهيءَ جا ڪر ڪا واهر،

عاشق کي ڪا اچي آڌر،
هر دم هنجهون هاريان هرهر-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

ذال ذڪر آهه تن من تات،

سارهه تنهنجي آهي صفات،

راتيان ڏينهان وائي وات،
برهه پڙهائي اهائي بات-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

ري روز تو لئي ٿي واٽ نهاريان،

گوندر تو ريءَ ڏينهن گذاريان،

ساجن! توکي سدائين ساريان،
ڳايو ڳڻ ٿي ڳوڙها ڳاڙيان-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

زي زاغ اوهان لئي يار اُڏايم،

ٻانڀڻ، جوڳي سڀ پڇايم،

طرف اوهان جي هوت! هلايم،
تو لئي ويٺي فالان پايم-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

سين ساماڻي جنهن ڏينهن لاڪون،

نينهن لڳو ٿم توسان تاڪون،

روز اَلستي عشق اسان ڪون،
هينئڙو ڦوڙائي ڪيئڙوڦاڪون-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

شين اچي شالا محب ملندو،

ورهه وڇوڙو وچئون ويندو،

دوست دلاسو دل کي ڏيندو،
مدعين جو منهن ڪارو ٿيندو-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

صاد ”صفي الله“ صبر جڳائي،

ڏک ڏولاوا معاف ٿيندائي،

رک اُميدان منجهه الٰهي،
’اِنمل‘ جوڏس وعدو آهي-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

ضاد ضرور ٿيندا ڏک فاني،

عاشق ٿيندي اها احساني،

محب ملائيندو مولو جاني،
واءَ وصال جا ڄاڻ ورياني-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

طوئي اوهان ڏي مڪم ٿي پانڌي،

پلڪ ناهي ورهه کئون واندي،

دردن دلڙي ڪئي آهي ماندي،
سورن تنهنجي آهي سياندي-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

ظوئي ظاهر ڏسو جي حال هنوز،

محبت ماري ڪيو مهموز،

ساجن جيڪر ٿيئي سوز،
سڪ تنهنجي آهه زياده روز-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

عين عاشق جي لهه تون سار،

وعدالوفا رک سچائي سچار،

دوست! اچي ديکاءِ ديدار،
پاڙيو پنهنجا قول قرار-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

غين غمن ڪيو آهه غلطان،

ڪيان برهه جو ڪهڙو بيان؟

هوش عقل ٿيو سڀ حيران،
عشق اوهان جي ڪيو عريان-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

في فڪر ۾ دل اُداسي،

سڪ سڄڻ تنهنجي ڪيو سناسي،

راتيان ڏينهان آهي پياسي،
آهون الله در ڪري عاصي-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

قاف قرب تون يار سڃاڻي،

پاڻئون پري ڪر نه پاڄاڻي،

نازڪ اچي نواز نماڻي،
عشق اوهان جي ڪئي پڄاڻي-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

ڪاف ڪوڙين ڪيم هردم حيلا،

مڪم اوهان ڏي ڪري وڪيلا،

مانَ ٿين اچي وير وسيلا،
آءُ سڃاڻي سڱ سڱيلا-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

لام لڏڻ شل مان وٽ ايندو،

ورهه وڇوڙو شالا ويندو،

گوليءَ گڏ هميشہ هوندو،
پاڄيءَ کي اچي پاڻ پسائيندو-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

ميم ملڻ ڪئي محبن وائي،

اڄ صبح ايندو جانب جائي،

آئي اسان وٽ اها واڌائي،
هرجاءِ ٿي اها وهه واهه وائي-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

نون ئون نازڪ نينهن نڀايو،

پرين اچي اڄ پاڻ پسايو،

ساهه سريرون سور سڏايو،
محبن گوليءَ کي ڳل لايو-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

واو وصل جي وائي واريو،

ڌاتر ڏاڻ ڏکيءَ کي ڏياريو،

بخت ڀوريءَ جو ٿيو قرارو،
پُر پيالو پِرين! پياريو-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

هي هزارين ڪيم شڪرانا،

محب ملياسون يار يگانا،

آگي ڏانهن ٿيم ايهي احسانا،
مشڪل ٿئڙا سڀ آسانا-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

اءلف الله ڪيو تن کي آزاري،

”صفي الله“جي ڪئي صاحب ساري،

پرور تن جي کنئي پاٿاري،
يارن سان ٿئي گڏ يڪ ياري-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

يي ياور ڪيا مطلب مڙئي،

وقت وفات ٿئي سهنجائي،

سوال ”صفي الله“ پورا سڀئي،
ڪلمي جي هجي وات ۾ وائي-

 

عشقئون رت روئن عينين،

آکو علي يا حسين!

 

ٽيهه اکري: مارئي(1)

(چيل عبدالله لاکي جي)

 

الف آءٌ قضا سان ويس جو کوهر،
کنيس کوهه تان مان اتاهون عمر،
ٿيس بند ڪوٽن ۾ سوگهي سٻر،
نه فرياد منهنجا ٻڌا ڪنهن پهر.

 

نه بي بند منهنجو ڪو آهي بيان،
سٺم سور نِيرَن به ڪيڙس نڌان،
ڏجان مير! مارن امن ۽ امان،
پيو هاڻ سڀ کان وڇوڙو وڳر.

 

تڪيو تي توڪل تي ڇوري ڇني،
رهي دل جي دل ۾ سا من جي مُني،
قبوليم جا قيدن جي برسر بني،
وڃي مُئي جي پهتي پهنوارن خبر.

 

ثي ثابت ٿيا حرف مون تي حساب،
قضا جي قلم هي لکيو جو ڪتاب،
سٺم سور سِر تي عمر جا عذاب،
پيا هاڻ پاڙڻ اڳيان انگ اکر.

 

جيتر جيم جياپي جا ڏينهن ٿيا جهجها،
ڏيو ٿا ڏين ڏيل منهنجي ڏجها،
ڪڏهن ڏيهه ڏسنديس، اباڻا اجها؟
وطن مون وَسئون نا وساريو مگر.

 

نه حي هيِءَ حياتي هلي ٿي مدام،
نغارا ۽ نيشان نه وڄندا تمام،
نه هر روز ڀانيان مٺا تنهنجا طعام،
وسئون نا وساريان پُسين جي پچر.

 

نه خي خوف خالق، رکين ٿو حيا،
نه ڄاڻان ته ٿيندين فنا در فنا،
پئي مون کان شايد آهي ڪا خطا،
ٿيا هاڻ پڌرا، انهيءَ جا اثر.

 

دعا دال دل مان ڪڍين ڇو نه ٿو؟
وَرن وارين کي وارين ڪوهه نه ٿو؟
اٿم درد دل ۾ ٻڌين سو نه ٿو،
سليان سور ساري سانگين سا سڄر.

 

ادا! ذال ڏس ذات ڀانيان پهنوار،
مرم مونکي ماريو! انهن جي ميار،
ڏسي عيب منهنجا ڇڏيائون پچار،
پون پور پلپل اندر ۾ اپر.

 

وڻي ري نٿي روح کي ڪا مقال،
پهنوارن پُسيُن جا پون ٿا خيال
مرڻ وس نه منهنجي جيڻ پڻ جنجال،
پيو هاڻي سڀ کان وڇوڙو وڳر.

 

زبر زي زيادهه ڏسان ڏيهه ڏي،
اٿم سڪ سوائي ڪا ساڻيهه ڏي،
اڙيس اوچتي آءٌ پرڏيهه ڏي،
اميدون ڪريان ٿي ته لهندم خبر!

 

سگهو سين سائل جا سڏڙا سڻيج!

 

ڪيس قيد قابو سنڀارون لهيج!
رهي سير ثابت تون ڍولڻ ڍڪيج!
رڙان ۽ روئان ٿي، وڌن ٿا ڏمر.

 

وڻن شين شربت نه تنهنجا امير!
اسان جا اباڻا سدائين فقير،
لُڳڙ لال لويون، پون ٻن حرير،
مڙهيون ماڳ تن جا ڇنا ۽ ڇپر.

 

سوا صاد صبرن نه آهي سَري،
اندر سور ساڙيو ويو مچ ٻَري،
حياتي به ڪوٽن ۾ ويندم ڳري،
راضي ٿي رضا سان رهيس هوشور.

 

رکين ضاد ضد ڏنہ پهنوارن پکن،
اها رسم رهزن نه ٿي حاڪمن،
پراڻا پکا ٿي ويا ڏس انهن،
اڃا ڀي عمر! توکي اڳتي نظر.

 

طمع طوئي نه آهي مون کي ماڙين،
نه هيراڪ آهيان وهاڻن کٽن،
اسان جون سنگهاريون پٽن تي سمهن،
اباڻن انهن کان وهايم وکر.

 

ظوئي ظاهري ظلم نا هيئن جڳاءِ!
ڪمائي ڪجي سا ٻين جا سهاءِ،
ادا ڙي عمر! تون ڪو ڪارج ڪماءِ،
ڀلو تنهنجو ٿيندو بروز حشر.

 

عمل عين صالح ايندا ڪم ڪثير،
ڇڏي ويندين نوبت نغارا نفير،
ڪڍي ڇڏ ڪوٽن مان هي ڇوري فقير،
رکي هٿ غريبن تي، ڪر ڪا نظر!

 

غمن غين دل جو ڀڳو آهه ساز،
لهي سار منهنجي ٻڌي ڪونه راز،
ڪريان ڪوٽ ۾ مثل ٻانهيءَ نياز،
رسي لاش منهنجو، وڃي وٽ پهنور.

 

ڪندي فاقيو في گهڻا سال ٿيا،
نه ٿئي ڇوٽڪو موت مارئي ادا!
ڳران انتظارن ۾ هت ٿي سدا،
اڃا هُل ۽ هيبت وڌن ٿا ويتر.

 

ڪري قاف قدرت ڪا قسمت وطن،
ڏسان شال ڏوٿي پروڪي پٽن،
وڏي وَس ٿي، گل ٽڙيا منجهه وڻن،
ڏسان ڏيهه ۾ شال لاڻا لُلر.

 

ڪرم ڪاف جيڪو لکيو انتظار،
حياتي آ جيسين رهان بيقرار،
ڏکن جو نه ليکو نڪو آ شمار،
ڏسان شل وڃي مان ٿرن ۾ ٿوهر!

 

لکن لام لاکا سي لهندم پرو،
وينديس مان وري جو اٿم آسرو،
هٿن سان ڍڪينديم ته مارو مڙهو،
پياريون پهنواريون ڪنديون سي پٿر.

 

مرادون پنيون ميم خوش ٿيا سنگهار،
وري وس چري آئيا ڌڻ ڌنار،
پين کير پاڻي ٿا گڏجي پهنوار،
ڪري ياد مونکي سدائين سنگهر.

 

نڌر نون جي ڪا پهنوارن پچر،
اچي ڏيج ڪانگا! کري ڪا خبر،
هيس ياد يا وسري ويڙس وڳر؟
ويو ڏرت ڏيهن مان وسيا ڪڪر.

 

وريو واو  وصلي، لڳي هاڻ هير،
جڏو جيءُ جياريو، رهي دل سڌير
ڏٺم رات سهڻو، هيس منجهه ملير،
چاريم ساڻ سرتين ٻاٻاڻا ٻڪر.

 

هنيون هي هري ڪين هيرا ڏسي،
اسان جي وطن بوند بادل بَسي،
رهان ڪين ڪنهن پر هتي مان تسي،
ٿڪيءَ تي نه ٿورا ڪرين ٿو عمر!

 

اچي لا لاڙي ڪو لاڙئون لغام،
دلين کي دلاسو وصل جو انجام،
مڪو ڪونه مارن ڪو مون ڏي سلام،
پيو ڪونه تن کي قرابت قدر.

 

اءلف اڄ ڏکن موڪلايو ميان!
گهڻا سال گذريا وطن ٿي وران،
اباڻن اڏين ۾ وڃي شل وڻان!
گهڻا ڏينهن آيام گوندر اندر.

 

يي يڪدم مارن سان ڪنديس ڳالهڙيون،
جڙيو جيءُ جن سان اصل کان اديون!
چئي ”عبدالله“ عاصي، سي رڙنديون رَسيون،

پڙهي پاڪ ڪلمون رسان وٽ پهنور.

 

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله

 

��™�

 


 

 

ٽيهه اکري: مدح قلندر شهباز(1)

(چيل سيلاني جي)

 

الف لڳ الله جي، شهباز! سڻ منهنجو سوال،
بي نوا، مسڪين، عاجز جو عرض ڪر تون بحال،
شاهه تون شهباز مَروندي، حُسيني آهين لعل،
مست تون المست آهين، مست حال ۽ مست خيال-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

بي بلاشڪ سڀڪي آ، توکي ڏنو پروردگار،
در تنهنجي تي ٿا اچن، تڏهن سوالي لک هزار،
پنهنجي دل جو جيڪو مقصد، سو وٺن اميدوار،
مان به هڪ گولو گداگر، تنهنجي در جو طلبگار-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

تي توهان کي نيڪ روشن حال منهنجو سر بسر،
ڇا چئي توکي ٻڌايان اي شهِه والا گوهر!
گردشِ دنيا ستايو، ڇو وڃان ٻئي ڪنهن جي در؟
خلق ۾ رسوا، ذليل و خوار هرگز ڪيم ڪر!
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

ثي رکج ثابت قدم، حبِ علي عمرِ تمام،
فرض واجب جنهن تي خالق ڪيو آ صلواة وسلام،
منهنجو هادي، منهنجو مرشد، منهنجو رهبر ۽ امام،
مان سندس جت ڪٿ سڏايان ٿو پيو ادنيٰ غلام-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

جيم جانب جلد مون مسڪين جي ڪا واهه ڪر،
منهنجي عيبن ڏي نه ڏس سيّد! سدائين راهه ڪر،
تون مدد مسڪين جي، جلدي نبيءَ جا ماهه ڪر،
دشمنن آهي ستايو، تون تنهين تي ڪاهه ڪر!
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

حي حسيني لاڏلو تون، تنهنجو نانو مصطفيٰ،
تنهنجو اعليٰ شان، تنهنجو ڏاڏو آهي مرتضيٰ،
هند، سنڌ تابع آ تنهنجي، تون آ نورِ ڪبريا،
دور ڪر غم ٻيا سڀئي، شبير جي غم کان سواءِ-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

خي خدا لڳ خلق ۾ محتاج هرگز ڪيم ڪر!
تون ته آهين پيارو ڏاڍو خالقِ اڪبر جي در،
ٿيس سوالي، ٿئي ڪشادهه رزق مون شام وسحر،
آبرو، عزت، شرم جو ننگ توتي سربسر-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

دال دل سان مون مڃي تنهنجي فقيري سيّدا!
قرب تنهنجي جي لڳل آهي زنجيري سيّدا!
ڪانه ٿي گهرجي مونکي شاهي اميري سيّدا!
عشق تنهنجي جي کپي دائم اسيري سيّدا!
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

ذال تنهنجو ذڪر ذاتي، منجهه زبان آ دم بدم،
ڪونه وسري ڪڏهن دل تان، مونکي آ تنهنجو قسم،
صد شڪر جو تنهنجي ’سنڌڙيءَ‘ ۾ ٿيو منهنجو جنم،
ڪر لطف لالڻ! سگهو، ڪر دشمنن کي تون ختم-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

ري رليا رهزن ڦرن ٿا منهن مٽايو روز شب!
مون ته تن سان ٿي ڪيون بلڪل چڱايون روز شب،
مون ته تن کي ٿي سڄڻ سمجهيو اي جانب! روز شب،
سي ڦرِي دشمن ٿيا، ڪن ٿا برايون روز شب-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

زي زمين سب تنگ ڪيائون، زندگي ٿي پيئي وبال،
تون تنهين کي وار هڪ سان ڪر کڻي اڄ پائمال،
ڪونه ڪوئي ٿو پڇي ”سيلاني“ تنهنجو ڇاهي حال؟
تو سوا ٻيوڪوئي ڪونهي، هاڻي منهنجو ننگ پال-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

سين آهيان سام تنهنجي، تون بچاءِ از آفتن،
منهنجي ڦاسائڻ لئي ڏاڍا ڪيا وس ظالمن،
ڪر اچي في النّار سي، مر پاڻ ڦاهيءَ ۾ پون!
سي سوالي ويا نه خالي، نانءٌ تنهنجو جي وٺن-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

شين شهباز بلند پرواز توتي راضي ربّ،
تون سچو سيّد حسيني، لاڏلو اعليٰ نسب،
پير، پيغمر مَلَڪ تنهنجي ثناخوانيءَ ۾ سڀ،
تنهنجي در محبت ڀرين کان ناهي گهٽ جاءِ ادب-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

صاد صادر جي خطائون مون هٿان ٿيون لک هزار،
لطف ڪر بخشاءِ لالڻ ! منهنجون بديون بيشمار،
پنهنجون بدڪاريون ڏسي، ڏاڍو آهيان شرمسار،
توبهه مون مقبول پئي درگہِ پروردگار-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

ضاد ضامن ٿي ڇڏائين جرم ۽ عصيان کئون،
تون بچائين سيدا! تنهن بد و بي ايمان کئون،
ڏي پناهه تون منهنجا مرشد! نفس هن نادان کئون،
تون محافظ ٿي بچائين گردشِ طوفان کئون-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

طوئي طلب تنهنجي اٿم، شل سڪ انهيءَ ۾ مان مران!
ڇوڪريان پرواهه ڪنهن جي تنهنجي تاريءَ ۾ تران،
ڇو وڃان ٻئي ڪنهن جي در، مان ٿو گهران تنهنجي دران،
جن ستايو ڪر فنا سي، تان پيو پلپل ٺران-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

ظوئي ظاهر ملڪ ’مروند‘ ۾ ٿيو تنهنجو ظهور،
جاءِ پيدايش کان ٿيو برتر بلندي تنهنجو نُور،
ٿيا مَلَڪ تنهنجا سلامي رضوان جنّت خلد حور،
تون ولي
الله فرزند، تون آهين صابر شڪور-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

عين عاليشان تنهنجي بارگاههِ فيضياب،
اولياء الله جا سڀ تنهنجي در ٿيا بارياب،
تون سڀن سرتاج آهين، ٻيا سڀئي حاضر رڪاب،
تون بلند پرواز آن شهباز ٿيءُ اعليٰ خطاب-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

غين غازي! تنهنجي در تي ٿو جهڪي هندوستان،
چين، مصر و روم ۽ ڪشمير، مڪران و ايران،
ملڪ بنگال و سلون، اٽلي ۽ ٻيو جرمن جپان،
بلخ، ڪابل، خانگي، پنجاب ڇا سارو جهان-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

في فقيري تنهنجي قائم، تنهنجا سڀ اعليٰ فقير،
ٿا وڄن گهڙيال نقارا،  وڄي هردم نفير،
مست تنهنجي وائي سڀ کي ڇا صغير و ڇا ڪبير،
نام تنهنجي ۾ لڪي، ڪورين منجهان بڻجي ويا پير-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

قاف قدرت ڪئي حوالي تنهنجي ساري ڪائنات،
توئي ظاهر گفتگو ڪئي، جا هئي معراج رات،
جو انهيءَ ۾ شڪ ڪري، هوندو ڪميڻو نيچ ذات،
ان تي لعنت آ خدا جي جو مڃي اهڙي نه بات-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

ڪاف ڪمتر تنهنجي در جو مان گداگر سيّدا!
تنهنجي در نابين بينا ٿيو، منوّر سيّدا!
تنهنجي در بيڪس ۽ بي زر ٿيو سڪندر، سيّدا!
ڪين سو خالي وريو، آيو جو تو در، سيّدا!
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

لام لالڻ! لطف سان، ڪر تون نوازش جي نظر،
منهنجي عيبن ڏي نه ڏس، محبوب! ڪر مون تي مهر،
مون ڪميڻيءَ کي ڍڪج، بيواهه ڇورن جا ڇپر،
تون سڻائي راهه ڪج سڪرات ۽ ويلي قبر-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

ميم مرسل مصطفيٰ! حيدر حسن جي واسطي!
۽ حسين ابن علي، خونِ ڪفن جي واسطي!
ماڙ  ڪر  مسڪين  تي  زين
العبا  جي  واسطي!
عيب  ڍڪ  باقر  امامِ  علم
الدني  جي  واسطي!
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

نون نرمل جعفرِ صادق جي مڃ منهنجي صدا،
معاف ڪر منهنجون مدايون واسطي ڪاظم رضا،
مست پنهنجي گنج مان، ٻچڙو ڪيو مونکي عطا!
ٻيو ڪيو دنيا جي تختي تان مڙيئي دشمن فنا-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

واو وارث واهه ڪر، حضرت تقي جي واسطي!
مونکي نوازيو پنهنجي ڪرمن سان نقيءَ جي واسطي!
شاد ڪر حضرت! مونکي تون عسڪري جي واسطي!
هادي ومهدي هديٰ، مرشد سخي جي واسطي!
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

هي هدايت بخش مونکي، مون تي ڪر اهڙي عطا،
جنهن کان منهنجا مرشدا! راضي ٿئي منهنجو خدا،
مون نڀاڳي کان ته دم بدم اي مٺا! ٿئي پئي خطا،
ڪجهه نه ڪيڙم، ڪم اچي آڏو حشر ۾ سيّدا!
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

يي يقين ٿيو دل مقصد پورا سڀ ٿيندا تمام،
سيّدا! ”سيلاني“ پرتو توکي ٿئي روزِ قيام،
تو مٿي هردم پڙهان ٿو سڄڻ صلواة و سلام،
مون نه هڪ، ساري جهان تي فرض آهي والسلام-
واسطي الله جي، ناشاد کي تون شاد ڪر!
دانهن فريادي سندي سيّد! ٻڌي ڪو داد ڪر!

 

ٽيهه اکري: نصيحت(1)

(چيل محمد علي ”طالب“ جي)

 

[محمد علي لغاري، ڳوٺ حاجي خان لغاري تعلقي جوهي جو رهاڪو آهي. ڪلام ۾ پنهنجو تخلص ”طالب“ ڪم آندو اٿس. سندس هڪ ٽيهه اکري هتي ڏجي ٿي.]

الف الله سان ڪيئي اقرار،

ويهه ويسر ۾ ڪين وسار،

’قالو بليٰ‘ جو قول قرار،
هتي آهين تون مختار.

 

چڱي ڪرين يا بڇڙي ڪار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

بي برابر پاڻ سڃاڻ،

جاءِ انهيءَ تي عشق تون آڻ،

ڪڍ اندر مان خوديءَ جي کاڻ،
پاڻ منجهاران تون ئي پاڻ،

 

تو ۾ الله جو آ اسرار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

 

تي توڪل رک تمام،

تڪبر ”طالب“ خيال خام،

هستي هوئڻ سڀ حرام،
من ۾ محبت رک مدام،

 

دم دم پرين جي پچار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

 

ثي رهه ثابت قدم سدا،

محبت سان گڏ جوش جدا،

وحدت جي وٺ واٽ ادا!
يار مٿان ڪر جان فدا،

 

ساهه ۽ سر جو ڪر واپار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

جيم جهان اٿئي هي فاني،

لالچ حرص وڏو حيواني،

مال دنيا سڀ زر زباني،
هٿ ڪر جيئري راز رباني،

 

تڪڙ طمع تي کڻ تلوار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

 

حي تون حبيبن سان رک حب،

خوش ٿيندءِ پوءِ ڏاڍو ربّ،

راضي ڪر تون شاهِه عرب،
”طالب“ اهڙي رک طلب،

 

لنءُ لنءُ اندر منجهه لغار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

 

خي خدا جو رک تون ڀؤ،

وحدت ريءَ ٻيو ٻڌ نا ڪو،

ڪڍ مروٽي من مان مؤ،
چاهه منجهان پيو هر هر چؤ،

 

يا ’الاالله‘ حمد هزار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

 

دال دنيا ۾ هت مهمان،

هت سڏائين  خالص خان،

آهين مسافر! تون انسان،
ڏاڍو ٿيندين هُت حيران،

 

سامي سوڙهي، ڌنڌ انڌار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

ذال اندر ۾ ذوق تون رک،

نفس مٿان سِر ڪاتي رک،

شوق اهو ڏينهن راتي رک،
’الاالله‘ اثباتي رک،

 

دم دم اندر ڪر ديدار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.
 

ري رضا تي رهه نت راضي،

عشق رکي ڪر ربّ کي آزي،

پاڻ اندر ٿي پنهنجو قاضي،
ڪاوڙ کاءُ پيو تهدل تازي،

 

قياس اندر ۾ دائم ڌار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

زي زياده رک تون ڏر،

موت اچڻ کان اڳئي مر،

”طالب“ توبهه توبهه ڪر،
عاشق موليٰ جو ٿيءُ نر!

 

’موتوا‘  کان اڳ پاڻ کي مار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.
 

سين سخن ٿي صاحب سچ،

کوهه پوي وڃي ڪوڙ ۽ ڪچ،

رمز سچائيءَ جي ۾ رچ،
حسد ڪيني ۽ ساڙ کان بچ،

 

محبت جو وجهه ڳل ۾ هار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.
 

شين شرم تون صاحب ڌار،

اُخوت جو آ توتي بار،

وجهه حياء جوڳچيءَ ۾ هار،
پَر اها ڪر پوري يار،

 

موت مٿان آ  ”طالب“ تيار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.
 

صاد صبر جو پيءُ پيالو،

دل مٿان وجهه ربّ جو نالو،

شڪر سوا رهه نا بيخيالو،
محبت ۾ ٿي وڃ متوالو،

 

مڙسي ڪر ۽ نفس کي مار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.
 

ضاد ضديري طبيعت ڇوڙ،

ڪلو هدايت دل ۾ کوڙ،

نوڙت جوڍڪ منهن تي موڙ،
ماٺ درياءَ ۾ ٻيائي ٻوڙ،

 

اعليٰ انسانيت وقار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.
 

طوئي طمع ڪر تڪبر ترڪ،

غازي ٿيڻ آ مردن مرڪ،

غيرتمند! ڪر غير ۾ فرق،
حرص هوا ۾ ٿيءُ نا غرق،

 

اڳتي روئيندين زاروزار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

ظوئي ظاهر ٿي نه ذليل،

عاشق ربّ جو ٿيءُ عليل،

ڪوڙي دنيا، وقت قليل،
ڪوڙ نه ايندءِ ڪم دليل،

 

سارو خواب مثل سنسار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.
 

عين عالي آ تنهنجي هستي،

مَلَڪ ساحر هئا ڪنهن وقتي،

اشرف وارو لقب الستي،
چوان اصل کان آهين جنتي،

 

پاڻ خريدين هٿ سان نار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

غين غفلت ڇڏ جناب!

رهبر ڪنهن جو وٺ رڪاب،

قوّت سعيو ڪر شتاب،
بيشڪ آهين گل گلاب،

 

متان سمجهين آهين خار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

في فنا ٿي جيئري مَر،

موت ڪٿي، ڪٿ موت جو ڏر،

ٻيهر موت نه ايندءِ گهر،
آجو ٿيءُ ٻنهي کان نر،

 

نه ڪو خوف نڪو ويچار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

قاف قدر ڪر پهرين پنهنجو،

قادر تنهنجو، رازق تنهنجو،

ناهين ڪمي ۽ ڪوري ڪنهن جو،
خالق سڀ جو، کائين جنهن جو،

 

ٻيا ته مڙيئي مڱڻهار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

ڪاف ڪبر جنهن توکي رلايو،

خلم ٻارين ٿو کُليو کلايو،

’آهيان مان‘ جو هُل هلايو،
هن ئي آ مسڪين رُلايو،

 

پاڻان هيڻن سان تڪرار!
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

لام لطف ڏس پاڻ تي لائق،

مَلڪ هجي يا نوڪر نائڪ،

ڏئي سڀن کي فيض ٿو فائق،
رک ”لغاري“ شوق ٿي شائق،

 

آخر پنهنجي ويندين پار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

 

نون نصيحت مڃي ڪير؟

پاءُ وارو نا ڪنهن جو پير،

سڀڪو سڏائي سوا سير،
ڪلجڳ ۾ هيءُ ڏس انڌير،

 

منهن واري ڪو ڏسي نه ڪار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

 

واو وري اڄ گُهليو واءُ،

سنگت ساجهر ڇڏيو ساءُ،

دشمن ڀاءُ جو ٿي پيو ڀاءُ،
نڪا ننڍن ۾ ٿي ساڃاءِ،

 

سڀڪو مرضيءَ جو مختار-
ڏاڍي موليٰ
جي سرڪار.

 

 

هي هادي ٿي ڏي هدايت،

وڌي محبت وڃي ملامت،

صاف سچائي ساڻ صداقت،
صبر حياء سان هلون سلامت،

 

سڀئي پاڻ ۾ ڪريون پيار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

 

لا لکين ۽ قرب ڪروڙ،

هجي هڪ ٻه ڪريون جوڙ،

خاوند! تنهنجا خلق تي کوڙ،
لکي ڪري ڇا ”طالب“ توڙ،

 

هرهڪ مٿان لک هزار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.

 

 

اءلف ايمان ۽ حياء شرم،

سڀ تي قادر! ڪر ڪرم،

هادي! بخش تون مان مرم،
دليئون ماري ڪر نرم،

 

سيّد جي ڏي سڪ صد بار-
ڏاڍي مولا جي سرڪار.

 

يي ياد ۾ رهه مسرور،

حب نه هٽائج من تان مُور،

محبت موليٰ وٽ منظور،
چارئي پهر تون ”طالب“ چور،

 

هر دم ڪلمي سان هوشيار-
ڏاڍي موليٰ جي سرڪار.
 

 

ٽيهه اکري: ڪانگل(1)

(چيل حافظ محمد بخش جي)

 

الف الله لڳ ڪانگل!

وڃ وٺيو اهو رمندو راهه،

ڪاهه، کڻ نا وچ تي ساعت ساهه
 من! پنهل پوي نظر نگاهه!

 

چئج سڄڻ کي هي پيغام:
تو ڪئي جنّت جاءِ آرام.

 

 

بي تو ڇاکؤن ڪئي بس؟

ڏمر ئين ڪوهه سڄڻ! تون ڏس؟

اڃا سينگاري مجلس مس!
هوت! حياتي ڪنهن نه وس-

 

چئج سڄڻ کي هي پيغام:
تو ڪئي جنّت جاءِ آرام.

 

   

تي ٿيو توريءَ جڏو جيءُ،

آءُ گڏ جانب! جيڏن ٿيءُ،

آءُ! اندر ۾ سياندو ٿيءُ،
مَرڪ نه مٺڙا! تنهنجو هيءُ-

 

چئج سڄڻ کي هي پيغام:
تو ڪئي جنّت جاءِ آرام.

 

ثي تون ثابت ڪر صحي،

نه ٿِي وڃڻ جي ويل وهي،

رانول! وڃ هڪ رات رهي،
سگهان نه ايڏو سور سهي-

 

چئج سڄڻ کي هي پيغام:
تو ڪئي جنّت جاءِ آرام.

 

جيم جدائي جئڻ جنجال،

واءِ وڇوڙو، واءِ وبال!

هاءِ! هجر جي ساعت سال،
هئي هئي! البت هي احوال-

 

چئج سڄڻ کي هي پيغام:
تو ڪئي جنّت جاءِ آرام.

 

حي اچي ڏس ”حافظ“ هاڻ،

ڪر ڪا تنهن سان روح رهاڻ!

اچي ٽڪيو آهه تنهنجي ڪاڻ،
ڪج نا پاسي پنهنجو پاڻ-

 

دوست! دلاسو دل کؤن ڏئينس،
ڇو وساري ورنہ وئينس؟

 

خي خدا لڳ اوري آءُ!

ڇو ڇڏيو ٿي هيڪل ڀاءُ؟

اڱڻ اسان جي پيرو پاءِ!
ڪونه لڌئي ڪو سڌ سماءَ-

 

دوست! دلاسو دل کؤن ڏئينس،
ڇو وساري ورنہ وئينس؟

 

دال مڙيا ڪي دوست هزار،

سوين سپاهي ڪيون قطار،

ڀائر، ڀائٽيا پيارا يار،
ويٺا آهن منجهه مونجهار-

 

دوست! دلاسو دل کؤن ڏئينس،
ڇو وساري ورنہ وئينس؟

 

ذال ذڪر ڪج قاضي قول،

اچي اندر جو خبرون کول،

ٻاجهه ڀريا سڀ ٻهڳڻ! ٻول،
وجهي نه وڃ تون جهوريءَ جهول-

 

دوست! دلاسو دل کؤن ڏئينس،
ڇو وساري ورنہ وئينس؟

 

ري رانول! تون اَجهو اوٽ،

سوين کاڌم دينوي چوٽ،

ڪر ولهيءَ تي وارث! موٽ،
ڀڃ ٻيائيءَ جا اچي ڪوٽ-

 

آءُ اچي ٿي ڪامل! ڪول،
لاهه ڏکن جا دلبر! ڏول.

 

زي سڻي هي زاريون زار،

ونهيل! ويچارا ڪيم وسار،

آءُ مٺل ! تون موڙ مهار،
سڀڪنهن جي لهه سار سنڀار-

 

آءُ اچي ٿي ڪامل! ڪول،
لاهه ڏکن جا دلبر! ڏول.

 

سين  مُڪئي نا سڄڻ! سلام،

نا ڪو پانڌيءَ هٿ پيام،

نا ڪو ڪاغذ خط ڪلام،
پاڙيئي آخر ڪين انجام-

 

آءُ اچي ٿي ڪامل! ڪول،
لاهه ڏکن جا دلبر! ڏول.

 

شين شفيع ڪيئي شاهي شان،

ڪج تون پورو پڙهي قرآن!

سدا وڌايئي مرسل مان،
جامع جلدي جوڙ جوان!

 

آءُ اچي ٿي ڪامل! ڪول،
لاهه ڏکن جا دلبر! ڏول.

 

صاد صبر هي ڪنهن ڏسيو ئي؟

يا ڪو رانول! رنج رسيو ئي؟

ڇاکؤن اسان تان چِت کنيوئي؟
تيلانهن پاسو پنهل ڪيوئي؟

 

آءُ اڱڻ تون گوهر گهوٽ!
هوندءِ اَلله جي آڌر اوٽ.

 

ضاد ضعيف نه ڇورا ڇڏ،

هئي هئي! گوندر ۾ نا گڏ،

لوڪ سگهو نا لالن! لڏ،
سڀئي سنگتي ساٿي سڏ!

 

آءُ اڱڻ تون گوهر گهوٽ!
هوندءِ اَلله جي آڌر اوٽ.

 

             

طوئي طلب آهي تنهنجي تار،

مائٽ تولئي ٿيا مونجهار،

آءُ سڄڻ تون سخن سچار!
”حافظ“ ڪيڙا هل هزار-

 

آءُ اڱڻ تون گوهر گهوٽ!
هوندءِ اَلله جي آڌر اوٽ.

 

ظوئي اچي ٿي ظاهر هاڻ،

سيّد هوندءِ سونهون ساڻ،

آءُ پسائج پيارل پاڻ،
جانب! جواڻي مٺڙا ماڻ-

 

آءُ اڱڻ تون گوهر گهوٽ!
هوندءِ اَلله جي آڌر اوٽ.

 

عين اوهان جي اٿم اُداس،

لکين لالن لئي پرين پاس،

سوين سکائون باسيم باس،
ڪندو مرادون خاوند خاص.

 

آءُ اڱڻ تون گوهر گهوٽ!
هوندءِ اَلله جي آڌر اوٽ.

 

غين غراب ڪئي هيءَ بات!

بوند وسائي جان برسات،

لَئي مٿانئون مٺڙي لات،
ڏنو جواب سڄڻ سان سانت-

 

چئج سڀن کي ساري سلام،
ملڻ ٿيو نَئِي ڏينهن قيام.

 

في فنا آهي جملي جهان،

هرڪو هلندو راهه روان،

مَلڪ فلڪ سڀ ماڳ مڪان،
محض موليٰ جو نام نشان-

 

چئج سڀن کي ساري سلام،
ملڻ ٿيو نَئِي ڏينهن قيام.

 

قاف قبر جي سختي صاف،

پَٽيون پنڌ ڪشالا ڪاف،

ڪئي ﷴ عربي معاف،
لکين لُچايون لاف گَزاف-

 

چئج سڀن کي ساري سلام،
ملڻ ٿيو نَئِي ڏينهن قيام.

 

ڪاف ڪيو آهه قضا ڪلور،

مڃڻ رضا جو ٿيو ضرور،

وڌو وڇوڙي وڏو وچور،
آهه بندي جو ڇا قصور؟

 

چئج سڀن کي ساري سلام،
ملڻ ٿيو نَئِي ڏينهن قيام.

 

لام لکين ويا لوءِ لڏي،

بيٺو ڀرسان سڏيون سڏي،

موت نه ڪنهن کي مور ڇڏي،
سوين سڪندر گور گڏي-

 

چئج سڀن کي ساري سلام،
ملڻ ٿيو نَئِي ڏينهن قيام.

 

ميم نه مون وٽ ڪاغذ مَسُ،

هوند لکان ها حال  سرس،

قلم نه آهي منهنجي وس،
ادا! ڪئي اٿم بيوس بس-

 

چئج سڀن کي ساري سلام،
ملڻ ٿيو نَئِي ڏينهن قيام.

 

نون نڪو ڪو ڪريو غم،

ريءَ موليٰ جي ڪوڙا ڪم،

دور دنيا جو هڪڙو دم،
شوق شفيع جو شاهي شم-

 

سيّد جن سان سونهون ساڻ،
مور نه ڪڍندو ڪنهن جي ڪاڻ.

 

واو وڃڻ ٿيو ورهين ڪاڻ،

اڳ نه ڄاتم اهڙو ڄاڻ،

هت نه هلندو حيلو هاڻ،
ڪونه مرڻ جو پيم پرياڻ-

 

سيّد جن سان سونهون ساڻ،
مور نه ڪڍندو ڪنهن جي ڪاڻ.

 

هي هميشہ ڌاريو هوش،

ڪونه ڪريو ڪو جوش خروش،

ڳالهه منهنجيءَ تي ڪريو گوش،
مٿي رضا جي سڀ ٿيو خوش-

 

سيّد جن سان سونهون ساڻ،
مور نه ڪڍندو ڪنهن جي ڪاڻ.


 

يي عرض هڪڙو ياد ڪيوم،

ختما خير خيراتون ڏيوم،

ڀيرو جيئري تان نه ڀڃوم!
نالو نيڪي ساڻ نيوم.

 

ڪلمون هوندوَ قلعو ڪوٽ،
اوکي اهنجي آڌر اوٽ.


(1)  لاڙ (تعلقي ٽنڊي باگي) مان محمد طالب لوهار کان ملي.

(1)  حيدر آباد مان مرزا گل حسن ”احسن ڪربلائي“ کان ملي.

(1)  اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

(1)  اُتر  (تعلقي سيوهڻ) مان محمد پريل موساڻي کان ملي.

(1)  اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

(1)  اُتر  (لاڙڪاڻي) مان عبدالڪريم سنديلي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org