سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:19 

ٽيهه اکري: هير(1)

(چيل حمل فقير لغاري جي)

        [حمل فقير ولد رحيم فقير لغاري، بلوچ قوم جي سيرڪاڻي قبيلي جي بهلولاڻي پاڙي مان هو. سنه 1225هه/1809ع ۾ ڄائو. حمل فقير جا وڏا لڏي اچي خيرپور رياست ۾ رهيا هئا، پر پاڻ ڳوٺ ميوي خان لغاري، لڳ تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاهه ۾ رهائش اختيار ڪئي هئائين. هن کي ننڍي هوندي کان وٺي تعليم ۽ تربيت چڱي ملي هئي. پارسي ۾ هوشيار هو پاڻ به پڙهائي جو ڌنڌو اختيار ڪيو هئائين. حمل فقير جا وقت جي خاندانن، جهڙوڪ: مير علي مراد، مير شاهنواز، پير پاڳارن ۽ لڪي ساداتن سان گهاٽا تعلقات هئا. لنواري وارن بزرگن جو مريد هو ۽ سندن تعريف ۽ عقيدت ۾ قصيدا چيا اٿس. هميشہ سائو پهراڻ ۽ سائي پڳ ڍڪيندو هو. وڏي عمر ۾ 2- صفر 1296هه/1878ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام جي مجموعي ”ڪليات حمل“ ۾ ڇپيل سرائڪي ٽيهه اکرين مان هڪ هتي ڏجي ٿي.]

الف آء هيري! گهِن مت ميري،

نت وَت نهين رُلي رُلدي ڙڀي!

چاڪانۡ نال تيرا وڃ چاه لڳا،

بدراه اُتي ڪيوين ڀُلدِي ڙِي،

اِيها ڳالهه تيري بد چال والي،

قيل قال قبيلي وچ هُلدي ڙِي!

اڄ ڪلهه متان پيِو کل لاهيئي،

تئون تي تيغ چُوچڪ دي تُلدي ڙِي!

 

آکي: ڙي! بي بس ڪر اِهين بات ڪنون،

شالا وات سڙئي ڳهلي ڳالهه تي ڙِي!

جيڪا رَن ڪائي تيري ڪن ڀري،

تون ڀي کُپ کڙين تهين خيال تي ڙِي!

اَڇا سِر ٿيا اڃان هوش نِوهي،

هئي هئي تيڏي اِهين حال تي ڙِي!

ماء لڄ والي عيب ڪڄ ٿيوي،

تون تان جوڙ رکين بَديان ٻيٺي ٻال تي ڙِي!

 

آکي: ڙي! تي تير لڳئي شالا هير! ڪوئي،

وڏا پير پلئي مدي پير ڪنون،

ڀَن سِير وڃين جهنگ چِير سدا،

تيڪون شڪ نهين نر شير ڪنون،

پِيوُ ڀرِواندا ڀؤ نِوهِي،

نڪو ڏر تيڪون ڪهين ڏير ڪنون،

لڪ ڇِپ لنگهين جٿون گپ وڏي،

شالا گپ مرين تهين گهير ڪنون.

 

 آکي: ڙي! ثي ثابت گناه ٻاجهؤن،

تون تان نال نماڻيان دي جهيڙ نهين،

ڪنڊي چاڙه ڪاوڙ دي ڪوپ آوين،

سُڃي! سيڙه والي ڪو ويڙه نهين،

متان ماهي سڻي مَنۡجهانۡ ڇوڙ وڃي،

تون تان ماهي ٿو منجهان نکيڙ نهين،

ساڏا چاڪ سانون نِگہ پاڪ ويکي،

کَيڙي ڀَيڙي وانگون ٽوٽ ٽيڙ نهين.

 

آکي: ڙي! جيم جند وڃئي شالا جک مرين،

ڪيها ڪان لڳئي کيڙي خان دا ڙِي!

جنهن ڪون جڳ ساري مِل پڳ ڏتي،

سو تان صاحب هي نام نشان دا ڙي!

چاڪين نال مُناڪ رُلاڪ رُلين،

تؤن تان شب وڃايا سڀو شان دا ڙي!

دل کوٽ ڪنون ڀر چوٽ ڪيتُئي،

اَتين ظاهر زور زبان دا ڙي!

 

تڏان حي حڪم رک هير آکيا،

بس بس ڙي! ڪر هنبس نهين،

ڦَٽئي سور وانگون ڪر شور آڳُون،

دُرڪ دُرڪ دوناڙ تي دس نهين،

اِهين صهري سس ڪنون، ميڪون بس هيئي،

کيڙي ڀيڙي ديان ڳالهين ڏَس نهين،

دل هڪ آهي رانجهو يار نيتي،

هڻ هور ساڏا ڪوئي وس نهين.
 

آکي: ڙي! خي خوار خراب ٿيوين،

ايها ڪيهي تؤن ڳالهه اَلائي هي ڙِي!

تيري ڪاڻ ته ڄڃ تيار ٿئي،

تنان ميندي تين مشڪ ملائي هي ڙي!

کيڙي خان جيها ور سٽ مُٺي!

وڃ رانجهي سون دل رلائي هي ڙي!

جس جس هووئي، وڏا وس ڪيتئي،

پِيو ڏاڏي دي پڳ ملهائي هي ڙي!

 

آکي: ڙي! دال دل ميري دلدار نِيتِي،

هور مٺا نِمهين منٺار ڪنون،

واري وار وڃان تهين وار اُتون،

جهين وار ٿيوان خوش يار ڪنون،

گهر ٻار دي ڪار وسار ڏتي،

ڪنين ڪوڪ پئي ڪنڌي پار ڪنون،

ڪانهه ڪپ دي ڪپ تين نَپ هٿين،

تر تَرپ پَيان ندي تار ڪنون،

 

آکي: ڙي! ذال زال تيڏي تان مقال اِيها،

ٻال ٻال دي وات وچ آئي هي ڙي!

اوڙا پاڙا تان سڀڪو سڻ ٻيٺئي،

جي ڪو ڀيڻ، ڀِرا، ڀرڄائي هي ڙي!

رَل مِل رنان کِل کِل آکن:

”چاڪ نال چوچڪ دي ڄائي هي ڙي!“

تون تان ڪنواري اَوهين شالا ڪنڌ ڀڄئي،

ڪيوين ماء پِيُو دي لڄ لڄائي هي ڙي!

 

آکي: ڙي! ري روح ميڏي وچ رانجهو وسي،

اِهين کيڙي ڀيڙي نون تان کڏ گهتان،

چڪين چاس تهندا مين ماس پٽان،

ڪپ ٽُڪ ڪُتيان ڪون چا هڏ گهتان،

ايهو کرّ مري وچون شرّ ٽري،

پِڇين سڀ سهيليان وچ سڏ گهتان،

جيڪا ماهي مينون اڄ آڻ ميلي،

اُوندي آل اولاد ڪون اَڏ گهتان.

 

آکي: ڙي! زي زبان تي زور ڏيندي،

اَتين ٽِريڻي ويڻي ٽَرۡ هڙ چا پائي هِنئي،

کيڙي خان جوان دا نانء گهن،

پِٽ پَلُوتي ڪيهي چائي هِنئي،

منَجهِينۡ وال دي نال منجهون لاه کڙي،

رو رو ڪي حال وڃائي هِيئي،

اپڻا ڄم ڄرم ته ڪم آسئي،

پَر ڄائي سو نيٺ پرائي هنِئي.

 

آکي: ڙي! سين سلام جِهنڪون دل ڪيتا،

تِنهن ٿُون تِلّ نهين دل رهندي ڙي!

جڏان وس ڪنون بيوس ٿيان،

هس هس تيڏي طعني سهندي ڙي!

تون تان چاڪ ڪنون آپ پاڪ ڄاڻي!

اُوها پاڪي تان پاڪ ڪون ٺهندي ڙي!

جيڪا پرتيان دليان وچ گهتي وڇوڙا،

سا تان جاءِ جهنم وچ لهندي ڙي!

 

آکي: ڙي! شين شان والا کيڙا خان هيئي،

جنهن دا نانء مهمان سڻ آوندي ڙي!

جٿان ٻوڙ پلاوان دي کوڙ سدا،

مُڇان موڙ ٻيٺي مانيان کاوندي ڙي!

هڪ اُٺ گهوڙي پِن گهن ويندي،

ٻئي رات ڏيهان ٻيٺي ڏوم ڳاوندي ڙي!

جهين چاڪ نال چَلاڪ تيرا نينہ لڳا،

هڪي ماني ڪيتي منجهان چراوندي ڙي!

 

آکي: ڙي! صاد صاحب هي تخت هزاري والا،

ڪهين عشق ڪنون اِٿان آءِ کڙا،

هير رانجهي دا تان نام هويا،

آپ نال آکين آپي لاءِ کڙا،

ڪهين رنگ ڪيتي رنگ مٽ آيا،

ساري جهنگ دي جنگ چاءِ کڙا،

”اَلانسان سري واَنا سره“

اِيهو پوش انساني سِر پاءِ کڙا،

 

آکي: ڙي! ضاد ضد پيوئي ڪيهان نال کيڙي؟

ڪوڙي قصي ڪيهي تون چاءِ ٻيِٺي،

تون تان مڱ جهيندي منگ خير تهندا،

تيڪون ننگ دي ونگ مئن پاءِ ٻيٺي،

جنهن نال ڍنگ ڪيتم تهندي سنگ سدا،

رنگپور دي وچ رنگ لاءِ ٻيٺي،

زر ڪنون گهرَ هريا ڀريا،

تون تان مفت مليدي خوش کاءِ ٻيٺي.

 

آکي: ڙي! طوئي طلب نمهين تهندي طعام  دي

ڙي! لڳي کام تهين دي طعام ڪنون،

جيڪو هير ڏٺا وچ کير پيالي،

’جمشيد‘ نهين ڏٺا جام ڪنون،

اِهين چاڪ وِچون شاهه پاڪ ڏٺم،

جڳ نفعا لڌا جنهندي نام ڪنون،

”حمل“ حق ڏٺا سڀئي شڪ ڳَئَي،

اَکِينۡ نور پايا احمد ڄام ڪنون.

 

آکي: ڙي! ظوئي ظاهر ٿيسي ايها ڳالهه تيري،

اڄ ڪلهه ته چُوچڪ سڻدا ڙي!

ميخ وانگون ڪڍ تيغ تکي،

وچ سيگهه تيڏي سري لُڻدا ڙي!

جيها جيڪو هٿين بِيج پوکي،

بس پيش ٿيها ڦَل چُڻدا ڙي!

پِڇين سو آپئي پشيمان ٿيسين،

تيڪون اوکا لڳي آکيا هِڻدا ڙي!

 

آکي: ڙي! عين علي ولي اُتي لڄ ميري،

اُوهو ڪڄ ٿيسي ميري لڄ دا ڙي!

کيڙي ڏٺي من مونجهه ٿيوي،

رانجهو ويک نهين روح رَڄدا ڙي!

روز ميثاق ڪنون نينهن لڳا،

ڪوئي عشق نهين ڪلهه اڄ دا ڙي!

جو ڪو لکڻ والي اَڳي لِک ڇوڙيا،

تنهن ٿُون ڪونه ڪوئي اڄ ڀڄدا ڙي!

 

آکي: ڙي! غين غرور متان ايهو ڪرين،

ته ڪو باپ تيڪون جِيندا ڇوڙ ڏيسِي،

اهين کير تيڪون هير! مزا ڏتئي،

تهندي ويک ڪيوين جزا جوڙ ڏيسي،

اِهي خام خيال تيري دل والي،

هڪي پل ڪنون اڳي تَروۡڙ ڏيسي،

حق ناحق دي ڪل تڏان پؤسئي،

جڏان سخت سامي تيڪون سوڙ ڏيسي.

 

آکي: ڙي! في فراقان اڳي مار ڇوڙيا،

هڻ موت فوت ڪنون ڪوئي ڏر نهين،

پل پل تيري بل بل پووي،

ول ول اِهي قصي ڪر نهين،

هر هر تيڪون ٻُرٻُر اِها،

گهِن زَر اَتين زِر ڀر نهين،

کيڙا کر شالا چُڙ مر ويسي،

زوري زور والي ڳالهه بَر نهين،

 

آکي: ڙي! قاف قيامت ڏاڍي هيئي،

رب مار ڪي ڦر جِو آويسي ڙي!

زمين تپ ٽرۡامانۡ تيز ٿيسي،

سج هيٺ نيزي پاند آوسي ڙي!

آپ خدا وند قاضي ٿيسي،

حقداران دي حق پُڇاوسي ڙي!

اُٿان ڪوڙ مڪر دي جاءِ نهين،

تڏان ڪيها تون عذر اَلاوسي ڙي!

 

آکي: ڙي! ڪاف ڪڏان ڄاپي اوقيام ٿيسي،

تون تان اڄي اڄ قيامت لائي هي ڙي!

اڃان سج ڀي اُهين ساڳي جاءِ کڙئي،

تون تان اڳي چا زمين تپائي هي ڙي!

اِهين رات ڏينهان والي اُڻ تڻ تيري،

اوڙي پاڙي دي ننڊرۡ ڦٽائي هي ڙي!

هڻ ماهي نال ميرا چا نڪاح پڙهو،

کيڙا ڀيڙا تان دين دا ڀائي هي ڙي!

 

تڏان لام لا زور سڀئي هير ڪنون،

ول ڳئي هير دي سهيليان ڪَني،

آکي: هير تسان گڏ کير پيتا،

ڄُل ڌير ڏيوو متان مت مني،

چوچڪ اَڳي هي چيڙاڪ ڏاڍا،

متان وڃ پووي تهندي ڳالهه ڪني،

هڪي ذري وچ ٿيسي ذري ذري،

کنَ کنَ ڪريسس نال کني،

 

تڏان ميم مل سهيليان هير ڪني،

ٽر آءُ ٻيٺيان ڪر جوڙ ٽَولي،

هر چند تِنان فن فند ستيتي،

پس پند والي تر تند چولي،

”هير! تيڏا پن پير رکي،

ٻن ڏي ايها مدي ڳالهه، گهولي!

حق ڪر، شالا حق راضي هووئي،

بيشڪ کيڙا جُهليئي تيڪون چنڊر جهولي.“

 

آکي: ڙي! نون نس ويسان نه تان بس ڪرو،

ماءُ مٺي دي آکئي ڪيون لڳيان هو!

ايها ڳالهه ڪيوين ميري نال ڪريو،

تسان حال ڀائي ميريان اڳيان هو!

کير ويلي همشير اوهي،

جڏان ڀيڙ پئي تڏان ڀَڳيان هو!

کيڙا کَر تُسان گِهن گهر وڃو،

آڳي ور ڪر جِي! سڀئي ٺڳيان هو!

 

تڏان واو ول ڄُليان من پل پيڇي،

هر ڳل ڪنون هير لنگهه کَڙي،

جهين لنگهه ڪنون هير لنگهه ڪيتا،

تنهن لنگهه اُتي سڀ سنگ کڙَيِ،

اَنگ اَنگ والي اَنک ميٽ دلئون،

هڪي اَنگ اُتي سر اَنگ کڙي،

اِهين نفس نادان شيطان ڪنون،

پِڙ کَٽ نڪل نسنگ کڙي.

 

تڏان هي هور سڀئي دعويٰ ڇوڙ کڙيان،

نڪ ٻوڙ ٻيٺيان ننگ نام ڪنو.

جنهان وير پايا سيئي زير ٿيان،

جنگ شير کٽي خر خام ڪنون،

هير رانجها کنڊ کير ڏونهين،

اَڪسير ٿئي اِسي عام ڪنون،

سچي سڪ والي هڪ حق ٿئي،

ڀن شڪ ڇٽي دوئي دام ڪنون.

 

لا لاف تين ڪاف دا ڪم نهين،

اؤکا بار برهه دا چاوڻا هي،

سٽ ساهه دا سانگ پتنگ وانگون،

چِکي چاڙهه ڪي جيءُ جلاوڻا هي،

هڏ، چم، لحم، قدم اُتون،

سر گهول صنم ريجهاوڻا هي،

اول آپ ٿيوڻ جدا جڳ ڪنون،

پِڇين پڳ اُسي دڳ پاوڻا هي.

 

سو، الف اٿي آڌي رات ويلي،

جنهان ڍونڍ ٻيلي، ماهي يار ڏٺا،

تنهان طول وهاڻي نه مول ڀاڻي،

جنهان ڀاڻي دا ڀاڻ ٻُهار ڏٺا،

کٽ تين پٽ ڪون سٽ گهتيا،

جنهان پٿر پٽ پٿار ڏٺا،

عشق واليان ڪيوين عيش ڀاوي،

جنهان غم دي نال گذار ڏٺا.

 

يي ياد رهيان ڳالهِينۡ عاشقان ديان،

جِيِسِي توڙي ته جڳ جهان هوسِي،

اُوهي ڄاڻ هميشہ حيات هوسن،

جنهان باقي ڪو نيڪ بيان هوسي،

جيوين هير رانجها مشهور هوئي،

تيوين ساڏا ڀي شعر نشان هوسي،

”حمل ڪون وقت هالاڻي دي،

ڪلمان ثابت سَر زبان هوسي.

  

ٽيهه اکري: طريقت جو پنڌ(1)

(چيل فقير غلام حيدر ”تيرهيي“ جي)

 

        [غلام حيدر فقير ، بزرگ قنبر علي شاهه عرف ”شاهه شريف“ ڀاڏائي جو هڪ وڏو خليفو ۽ درويش هو. هر رنگ ۾ رتل هو انهيءَ ڪري کيس ”تيرهيو“ سڏيندا هئا. هيءُ بزرگ ٽالپوري دور ۾ ٿي گذريو. سندس قبر پنهنجي مرشد جي مقام ۾ آهي. هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون.]

(1)

الف الله دي آسري، اَسان عشق دا راهه پُڇايا،
بي، تي باتيان ڀُل ڳِيان، ثي ثبوت يقين ڪرايا،
جيم جمال ماهي دا حاضر، حي، خي خيال وڃايا،
دال دليل ڪفر دا ٽٽُا، ذال ذڪر ٿيا حق دا سعيا،
ري زي راز رباني آڪر سيني وچ سمايا،
شين شراب طهورا والا، جامع جام پلايا،
صاد صبر دا ڀاڱا ڊهيا، ضاد ضرر اُٺايا،
طوئي طرف سڀ وسرئي، ظوئي ظاهر نُور نمُايا،
عين، غين، في، قاف، ڪاف، لام، ميم منايا،
نون نصيب اساڏا کُليا، جڏان چاڪ فراق چکايا،
واو وصل ديان واڳان وليان، هي شادي طبل وڄايا،
يي يقين اَسان ڪون هادي، مهدِي مير ملايا،
”تيرها“ طلب تمام نه ٿيوي، آپ نبي فرمايا،
ڪلمان مير ﷴ تي مين نُون رانجهي شاهه پڙهايا.

 

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله


 

(2)

ٽيهه: اکري هير رانجهو(1)

 

الف آ گل گلزار هزار کُلئي، سينگار چمن ڪا سارا،
ناز نياز انداز سيتي پرواز ڪرن بلبل بي اَختيارا،
آکي ”تيرها“ وچ بَستان ماهي دي الف ٿيا اظهارا.

 

بي باب برهه دا حَلّ ڪيتوسي، ڳيا حرف حجابِي،
زيريان، زَبران، پيش نه آون، اَصل ڪنون اِعرابي،
مُک مُصحاف ماهي دا هويا حاضر حُسن ڪتابي.

 

تي ترڪ ٿيا تد بيران دا، تقدير نه ڪنهن تون ٽَلي،
جوئي لِکيا سوئي پليا، اَسان نال چاڪان دا رَلي،
ڪيا جي ٻاٻَلُ جهيڙي سانوُن سارا عالم جهَلي،
رانجها ربّ ملاوي مالڪ، مار کيڙيان نون کَلي.

 

ثي ثاني نهين ڪو يار ساڏي دا، ڪيا يوسف ڪِنعاني،
ڪيا شامي، ڪيا رومي، مصري ڪيا زنگي يوناني،
ڪابل تي قنڌار سڻيندا، ڪيا ايرم اِيراني،
هرڪوئي حيران حُسن وچ، ڪيا ناري نوُراني،
آکي”تيرها“ نام هادي دا، اسان ڪيتا ورد زباني.

 

جيم جلوا جوت جمال زلف دا، وقت ضُحيٰ اِشراق جيها،
اَبرو نال اَنداز اَدب دي، اُتون ڇٽ هويا لولاڪ جيها،
ڳئي غمناڪي دل دي ساري، ڍيا ور هيري ڪون جيها.

 

حي حق دي ڳال جنهان ڪون حاصل، سيئي غير نه ڌڻدي،
ذاتي ڪون اِثبات ڪريندي، نفي اخفا نه سڻدي،
اندر قلزم غوطا ڏي ڪر، ماهر موتي چُڻدي،
”تيرها“ وچ درگاهه خاوند دي، ڪل اَپنا راڌا لڻُدي.

 

خي خام خيال نه دل تي آڻين، غير ڪون ڪر گوشا،
فڪر فنا دا رک اندر وچ، تار طلب دا توشا،
سمجهه رّباني راز نهاني، ”تيرها“ ڪونه خاموشا.

 

حي حيات ممات نه ٿيوي، مالڪ مُلڪ مڪانا،
آپي خالق آپي رازق، آپي سِرّ سبحانا،
آپي طالب، آپي مُطلب، آپي راز ربّانا،
آپي قاضي، آپي مفتي، آپي منشي ديوانا،
آپي مڪتب، آپي مُدرس آپي خط پڙهوانا،
آپي شاهه، گدا بي آپي، آپ وچ آپ سمانا،
مرشد ’شاهه شريف‘ اساڏا، پِير علي مولانا.

 

خي خمار اکيان تي چڙهيا، ڏاڍا جوش جلالون،
شوق شراب پلايا ماهي، ڀَرڪي جام وصالون،
خودي ڳَئِي خدائي هوئي، ڳيا حرام حلالون،
”تيرها“ شاهه شريف اسان نون ڏتا ڪيف ڪلالُون.

 

دال دليلت دور ٿَئي، آ درد ڪيتي دستوري،
خام خيال زوال سَڀيئي، دل ڪنون ٿئي دوري،
”تيرها“ شاهه شريف اسان نوُن ڏتا جام ظهوري.

 

ذال زُلال اسان نو ڍَيا ڪؤثر دا ته پيالا،
نال ماهي دي منِ اساڏا مست ٿيا متوالا،
”تيرها“ آب حيات ابر دا، جامع جام جلالا.

 

ري رفيق اساڏا رانجها، راول روز اَزل دا،
نال مَنجهيان دي چَرڪي ويندا، وڏڙي ويلي ولدا،
آکي ”تيرها“ انگ الستي، لِکيا مُول نه ٽلدا.

 

زي زلف زُنّار اسان ڳل هار ڪيتا هر باري،
دل اساڏي نال ڌيرڻ دي، جو ڪٽيان ٻيلي چاري،
”تيرها“ ماهي نال مليوسي، کڙڪي ندي ڪناري.

 

سين اسان ڏي نال سبب دا، والي ورق وِلايا،
مقصد ساري من دي پُني، جو کِل ڪي يار اَلايا،
”تيرها“ ساقي ڪوثر والي، پُر ڪر جام پلايا.

 

شين شمع رخ روشن هويا، ماهه منّور ماهي،
اَنگ اَلستي اِيوين لِکيا، ڪاغذ قلم سياهي،
آکي ”تيرها“ نال اساڏي، ڪريندا بيپرواهي.

 

صاد  صابر شاڪر شاهه اساڏا، ماهي منجهيان نالي،
راتيان ڪاليان ڪُنڍيان ڪاليان، جهنگل ٻيلي ڪالي،
اَکيان اَڙاڪي کڙدا رٺا، ڪاليان زلفان والي،
”تيرها“ چاڪ ساقي دي دستئون پيتم جام وصالي.

 

ضاد ضرور ويکڻ دا سانوُن، رانجهي واليان جهوڪان،
جهنگ سيالان ٻاٻل واليان، مل ڪي ڏيوين ٽوڪان،
ندي ڪناري ڪٽيان چاري، لا نيڻان ديان نوڪان،
وسندي مينهن بره دي بادل، محبت لايان موڪان،
”تيرها“ ماهي ڪون مليا، ڪيا ڪريسين لوڪان؟

 

طوئي ’طٰہٰ‘، يٰسين نام تيڏا، وچ عالم دي اِظهاري،
”اِنافتحنا“ اُمّت دي تيڪون صاحب ڏتي سرداري،
کليا باغ نبوّت والا، چؤطرف هئي گلزاري،
آکي”تيرها“ شمس شريف شعاع ڪيتا، ڳئي رين انڌاري.

 

ظوئي ظاهر باطن روز ماهي دا، مظهر هي مولائي،
مين رانجهي دا اَحد پڪايا، اڃا هيڪ آهي هڪڙائي،
جنّ مَلڪ نه پيدا ها، وت خلق نه خلقيس ڪائي،
زمين آسمان نه پڌرا ها، نا سج چنڊ دي روشنائي،
آکي ”تيرها“ اسان نال ماهي دي تڏان پرت لڳائي.

 

عين عربي ڄام امام ميڏا هي نوشہ نُور نوراني،
وچون نور نبي نروارِي ڪيتس جوڙ جهاني،
جنّ مَلڪ سڀ پيدا ٿئي، حور قصور رضواني،
برّ  بحر جهُڙ بادل بنئي، باغ بهار بستاني،
خاڪ ڪنون چا آدم خلقيس، تنهن وچ روح رباني،
ڪل بناءُ تڏانهين بنيا، وحش غنم حيواني،
هر عيب ڪنون لاريب هويا، هي پاڪ جمال حقاني،
آکي”تيرها“ اسان نال رانجهي دي، جام پيتا ميخاني.

 

غين غم سڀ دور ٿئي، جڏان چاڪ اسان ڪول آيا،
محرم موليٰ محب اسان ڪون، ماهي يار ملايا،
”من طلب شيءً جدّوجد“ شاهه علي فرمايا،
”تيرها“ رانجها نال هِيري دي، هورهيا همسايا.

 

في فراق فجر ويلي ڳيا، اُٿ آيا يار سويلي،
محرم ماهي نال منجهيان دي،  منجهيان وسديان ٻيلي،
ندي ڪناري ڪٽيان چاري، رهندا ايڪ اڪيلي،
آکي ”تيرها“ شاهه اسان نون، محب وڇڙيا ميلي.

 

قاف قادر شال ڪريسي، ساڏا نال ماهي دي ميلا،
وسن جهوڪان يار سهڻي ديان، وسي منجهيان دا ٻيلا،
وسي چناب راوي والا، ويکان ”تيرها“ يار سويلا.

 

ڪاف ڪاڪل نال ڪنڍل دي کليا،ڪيتي زلف سياهي،
صبح ڪنون آ شام ٿَئِي، ايجهي بي پرواهي؟
”تيرها“ مقصد ميڏي من دا، محرم هويا ماهي.

 

لام لب ياقوت تيڏي، يا وت لعل بدخشان،
آب حيات وچ اُنهان دي، هي در گوهر افشان،
”تيرها“ سخن ماهي يار والا، هو بخشش بحر افشان.

 

ميم مغرب هورهي، منجهيان نهين آؤنديان،
تڏان کڙڪي راهه اُتي، رانجها يار پڇاؤنديان،
ماهي ڀاڻين آوي تين غم جاوي ”تيرها“ ڪوڪ سڻاؤنديان.

 

نون ناز نيڻان دي نال پيارا، نال اساڏي لڙدا،
مژگان مڻچي، ابرو ڪڻڪي، بادل وانگون چڙدا،
”تيرها“ رانجها ندي ڪناري، زلف کُلاڪي کڙدا.

 

واو ور هير دا ونجهلي والا، چاڪ حضوران ڍيا،
انگ الستي آخر پليا، جيوين روز ميثاقون ٺهيا،
”تيرها“ ماهي نال مليوسي راه کيڙيان دا رهيا.

 

هي هِير سيالڻ لک صد واري، رانجها يار پڇاوي،
نت نت تيل ڦليل مَليندي، مينڍيان ڌري ڳنڌاوي،
سيڄ سهاڳ ماهي دا ماڻيس، ڪيا جي لوڪ ريساوي،
چاڪ اتي بيباڪ ٿَئِي، نت نديان تر تر جاوي،
”تيرها“ شاهه شريف اسان نون موليٰ محب ملاوي.

 

هي هير سيالڻ لک صد واري، رانجها يار سنڀالي،
چاڪ سويلي چَرڪي ويندا، اُٿ اُٿ منجهيان نالي،
هي فراق تنهان دي من دا، ڪونه اهو ڪم ٽالي،
دام زلف دي دل ڪون لٽيا، ڪيسُو ڪيبر ڪالي،
”تيرها“ شاهه شريف اسانون مکڙا آپ وکالي.

 

هي هار سينگار هزار ڪريسان، شاهه وريا آويڙي،
ڪيا جي ٻاٻل چوُچڪ سانون، ماتا جهڳڙي جهيڙي،
”تيرها“ ماهي يار دي قدم اُتون، مين گهول گهتان
                                                                      لک کيڙي.

 

اءي ’بي‘ اُڻ تڻ اِنان ساليان والي، من ڪون مول نه ڀاوي،
’تي‘ ٿي سڻ سڻ جاڪرينديان، شالا شينهن تنان ڪون کاوي،
’جيم‘، ’حي‘، ’خي‘، جهڻ جهڻ جهڻڪن، سيئي رب سمجهاوي
،
”تيرها“ ﷴ مير اسان نون، پير پلؤ وچ پاوي،

 

يي يقينان يار اساڏا، چاڪ غلام سپاهي،
انگ الستي ايوين لکيا، ڪاغذ قلم سياهي،
هادي هوش حقيقي حاصل، گم ٿَئِي گمراهي،
هر طرف هي هڪو نوشہ نرمل نُور نگاهي،
”تيرها“ ڪلمان حال شريفي، مطلب مليا ماهي.

 

ٽيهه اکري: مجازي(1)

(چيل شاهه محمد ديدڙ جي)

 

        [شاهه محمد ديدڙ، ميرن جي آخري دؤر ۾ ڳوٺ ديدڙ تعلقي قنبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ديدڙن جي خاندان ۾ مشهور ’شاعر حسين فقير‘ ديدڙ سندس نانو هو، ان جي صحبت ۽ تربيت ئي شاهه محمد ديدڙ کي پخته ڪلام شاعرن جي صف ۾ بيهاريو، سندس ڪلام تي گهڻو ڪري سندس ناني جون رنگ چڙهيل نظر ايندو. هن وقت جي ضرورت مطابق علم پرايو. سمورو عرصو درس تدريس ۾ مصروف رهيو. هن جو ڪلام بي انداز آهي، جنهن ۾ مولود، مداحون ، خطبا، معجزا، حڪايتون ۽ جنگ نامو مشهور آهن. ”سينگار“ تي سندس ڪيترو ئي ڪلام قلمي نسخي جي صورت ۾ هو، جو سندس پوين کان گم ٿي ويو. شاهه محمد ديدڙ جي مسجد جي ڀت تي ’محمد حسن‘ نالي سندس هڪ شاگرد جو ڪتبو لکيل آهي، جنهن مان سندس وفات جي تاريخ 16- رمضان 1309هه/1891ع ملي ٿي]

الف آوي جيڪر ميڏا جاني،

گهوران تنهن تون جند جواني،

مہ رخ ميڏا محب حقاني،
قدم قدم توُن ٿي قرباني،

 

گهور ڪران سِر گهوري گهوري!
جيڪر آوي جانب اوري!

 

بي هڻ باهه فراقان ٻالي،

چولي چڻگ پئي مچ والِي،

ساڙي آتش ڄيري ڄالي،

ڪيتا محبت مست موالي،

 

برهه ڪيتا تن ڀوري ڀوري،
جيڪر آوي جانب اوري!

 

تي تنهين دي سِڪ سدائي،

ٿاهر لائِي يار ٿڌائي،

ساڙيا سينا جسم جدائي،
ڪڏان ملِسم ڪپ ودائي،

 

ٿيسن رب دي ٿوري ٿوري،
جيڪر آوي جانب اوري!

 

ثي سِڪ ثابت جنهن دي سيني،

محب ڏٺي ٿَئي ماهه مهيني،

غم وچ جان جُثا غمگيني،
آسم قرب سڃاڻ قريني،

 

ڦول سڻائسان ڏک دي ڦوري،
جيڪر آوي جانب اوري!

 

جيم جنهين لئي ڪانگ اُڏائين،

ڪڏان مِلسم ساجن سائين،

ٻانڀڻ پوٿِيدار پُڇائين،
پِنّان دردر وڃ دعائين،

 

آب وهايم ڍوري ڍوري،
جيڪر آوي جانب اوري!

 

حي هڻ هار هنجهون ڳل پوئي،

ڏکان ڏيل اَندر جند جهوئي،

چشمان چڪ وهايم چوئي،
پِيسن پڻڪيان ڪاسي ٽوئي،

 

ڏک دا جالڻ جهوري جهوري،
جيڪر آوي جانب اوري!

 

خي هڻ خيال تمامي رهندا،

ڏيکان جانب ڪون گڏ ٻهندا،

سينا ساعت ڌار نه سهندا،

ڏيل ڏکان وچ ڳلدا ڳهندا،

ڪيتا جنهن دي عشق اداسي،
محب مٺا شل! وهندي آسي.

 

دال ميڏي دل ڪردي دانهان،

هئي هئي! عشق ڪرايم آهان،

دم دم نيڻ نهارن راهان،
جنهن دي ٻاڻ ٻڌايم ٻانهان،

 

ڦند اِهين وچ دلڙي ڦاسي،
محب مٺا شل! وهندي آسي.

 

ذال ذڪر مين ظاهر ڪيتا،

غم دا چاڪ نه سهڻل سيتا،

هوش عقل لُٽ پياري نِيتا،
آڻ دُکايا عشق پليتا،

 

واس اِهين وچ دلڙي واسي،
محب مٺا شل! وهندي آسي.

 

ري هڻ روح ٿيا بيوسي،

دل دَٻا ڪر دلبر کسي،

چَکيُس عشق والي چٽ چسي،
گهتَيُس ريهه ريجهاوڻ رسي،

 

ڪيتا پل پل پيار پياسي،
محب مٺا شل! وهندي آسي.

 

زي مين زاري ڪر ڪر ٿڪِي!

ول سِگهاڏي فرحت ڦڪي!

ترت نهاريِ تين ڏنءُ تڪِي!
ڍوليا! آوين منهن نا ڍڪي!

 

باس تيڏي مين دلبر باسِي،
محب مٺا شل! وهندي آسي.

 

سين سڄڻ دا قاصد آيا،

آوڻ دا تنهن حال سڻايا،

نِچ ڀلي ڪر ڄايا،
سوران سڻ سِگها موڪلايا،

 

عشق ڪرائِي دل ارداسي،
محب مٺا شل! وهندي آسي.

 

شين ڪران مين لک شڪراني،

وڄين شادي شادماني،

غم ٿَئي راتو واهه رواني،
ڏک لٿي ٿئي سک ڏهاني،

 

ويک اسان نون کر کَل کاسي،
محب مٺا شل! وهندي آسي.

 

صاد صنم اَڄ سائين آندا،

محب جنهين ڪون ڪيتا ماندا،

وهم ڪنون ٿيا عاشق واندا،
سو هڻ رات ڏينهان ڳڻ ڳاندا،

 

لڳِي شاهِي آءِ شماني،
لک الحمد، لکين شڪراني.

 

ضاد ڏٺي ٿئي ڏينهن گهڻيري،

دلبر يار ٻيٺا گهت ديري،

سو رب آندا طالع ميري،
صدقي ساهه ڪران سؤ ڀيري،

 

هر دم حمد ڪران يزداني،
لک الحمد، لکين شڪراني.

 

طوئي طلب تن تنهن ڏنهن تانگهي،

سو ربّ آندا ميڏي سانگي،

مڪم ڪاغذ قاصد ڪانگي،
سڙسن دُزد منافق دانگي!

 

تيز جنهان پئي ماريي طعني،
لک الحمد، لکين شڪراني.

 

ظوئي مين ڏٺا پاڪ ظهورا،

هويا مقصد دل دا پورا،

ڏتا جانب جام طهورا،

پيتم پلٽ عجب وچ اوُرا،

محب مليوسي وچ ميخاني،
لک الحمد، لکين شڪراني.

 

عين عنايت ڪيتي سائين،

ڏيوان جوڙ اکِين وچ جائين،

گهُليان خير وصل ديان وائين،
لکين ٿوري تنهن دي ڀانئين،

 

اَڏّن وچ اَندر آشياني،
لک الحمد، لکين شڪراني.

 

غين غمان وچون دلڙي ڇُٽِي،

حسرت والي حالت هٽي،

وتّ وداع دي واڳي ٽُٽِي،
دوست مليوسي جنهن دل لٽُي،

 

آها جي اَندر جسماني،
لک الحمد، لکين شڪراني.

 

في جو دلبر دي دل ڦيڙي،

او  رب! آڻ نه ميڏي نيڙي،

گهتي جوٺا جهڳڙي جهيڙي،
والي تڙيس وچون ويڙهي،

 

مر منافق منهن تي جهلي،
کتُي خارج دي سِر کَلي.

 

قاف تهين سِر ڪوپ قهردا،

پِنّي در در شوم شهر دا،

چکيس چوچا ذوق زهر دا،
آسس ڪڙڪ سويل سحر دا،

 

ويسي تحت ثريٰ دي تلي،
کتُي خارج دي سِر کَلي.

 

ڪاف ڪميني ڪون رب روليا،

ڳهلا مول نه لڀسين ڳوليا،

جوٺي جنهن وچون آهس اوليا،
مِليا مہ رخ جانب ڍوليا،

 

سِڪ جنهين دي پوکيم سَلي،
کتُي خارج دي سِر کَلي.

 

لام لڳا هڻ نينهن نغارا،

يار مليا ٿيا سعد ستارا،

هادي! ٿيوين عشق سونهارا،
کاڌا دشمن داغ دبارا،

 

ڳهلا ويکان ڪڏان نه ڳَلي،
کتُي خارج دي سِر کَلي.

 

ميم ميڏا ٿيا حضرت هادي،

مهه محبوب ٻيٺا گهت گادي،

آيا شاهه هوئي گهَر شادي،
هوئي نال رُلئي دي تعدي،

 

ڪانه حرامي دي هڻ هلي،
کتُي خارج دي سِر کَلي.

 

نون نطارا نُور حقاني،

شمس نه تنهن دي صولت ثاني،

دوست وکايم اڄ دل جاني،
ڪوڙئين قمر ٿئي قرباني،

 

رخ تون جانب پردا چايا،
ڪيتم، لک الحمد خدايا!

 

واو وسيلا والي جوڙيا،

يار صحن تي خيما کوڙيا،

مہ رخ ميڏي ڇلا ڇوڙيا،
رڪ رقيب ڪُتا ٿيا ڪوڙهيا،

 

ساجن سڏ ڪر ڪول ٻِلهايا،
ڪيتم، لک الحمد خدايا.

 

هي هڻ حمد ڪران هر ويلي،

هر طالب نون مطلب ميلي،

دوست مليو سي وچ”درٻيلي“،
بحر هدايت پلٽي پِيلي،

 

ني ربّ هادي، نال ملايا،
ڪيم لک الحمد خدايا.

 

لا لطيفي خالص کُلي،

مِلّي مفت عجب اَڻ مُلي،

هل هٻڪار عطر دي هُلي،
سِر تي بار حُسن دي هُلي،

 

سور سڀو دک دور سِڌايا،
ڪيتم، لک الحمد خدايا!

 

اءلف اُميدان دل ديان پُنيان،

جهوري وچ ٿيان جو جهُنيان،

اَکيان شاد رهيان جي رُنيان،
دشمن مل کڙي منهن ڪُنان،

 

”شاهه محمّد“ شهه پهرايا،
ڪيتم، لک الحمد خدايا!

 

يي يڪ يار مِليا مهتابي،

من تن مِلِي مطلب يابي،

کُليا غنچا گل گلابي،
شهه مرسل دي شوق شبابي،

 

ڪلمان ڪوڏان پاڪ پڙهايا،
ڪيتم، لک الحمد خدايا!

 

ٽيهه اکري مجازي(1)

(چيل شاهه نصيرالدين نقشبندي جي)

 

        [شاهه نصيرالدين جو والد سيّد عبدالحيّ نوشهره فيروز ۾ اچي رهيو ۽ جواني ۾ جهوڪ ميران پور جي مشهور بزرگ فضل الله شاهه قلندر جو مريد ٿيو. هن بزرگ وڏيءَ ڄمار ۾ وفات ڪئي. ۽ کانئس پوءِ سندس پُٽ شاهه نصيرالدين سجاده نشِين ٿيو. شاهه نصير کي عربيءَ ۽ فارسيءَ جي سٺي تعليم ملي. هن پنهنجو گهڻووقت سير ۽ سياحت ۾ گذاريو. سنڌ اندر لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سندس گهڻا مريد هئا. هن بزرگ سنڌ کان ٻاهر به سير ڪيا. سنڌي، سرائڪي ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيائين. وڏي عمر ۾ سنه 1318هه/1900ع ۾ وفات ڪيائين.]

 

الف يار آوي جڏڻ اڱڻ ميڏي،

تڏڻ ٿيوَن ٻهون ٻهون شاديان جي!

اِهي جهيڙي سياليان دي چَڪ پوون،

ويڙهي ويڙهي مبارڪباديان جي!

سڀئي کيڙي خر خراب ٿِيوَن،

حاصل هوون من ديان مراديان جي!

سارا لوڪ واڌايان ڏيوي ميڪوُن،

ٿيوَن مُلڪ و ملڪ مناديان جي!

 

بي بات ميڪون نه ٻي وات وڻي،

طلب تات چناب دي پار دي ڙي!

جنِهن دي تار ميڪوُن بيقرار ڪيتا،

خارخار هي ونجلي تنوار دي ڙي!

زار زار رووان، هنجون هار پووان،

اِهو هار گهتان ڳل يار دي ڙي!

توڙِي هاڙهه پوي، توڙي چيٽ رهان،

سِر عشق دا ڍارا ڍار دي ڙي!

 

تي تانگهه ميڪون سيني سانگ لائي،

نانگ وانگ هو ورِهه ولوٽيان مئن،

بازيگر وانگي شور شر سيتي،

رَسي عشق تي ڏينديئان ڏوٽيان مئن،

ڏوُٽ ڏوُٽ اُٿانِ، لُوٽ پُوٽ هوڪي،

چڙهيئان عشق انگاس دي چوٽيان مئن،

سچا يار ڪري تان مئن سچي ٿيوان،

نه تان کوٽيئان کوٽيئان کوٽيئان مئن،

 

ثي ساس ساڏا نيِنهن ناس ڪيِتا،

طلب تاس لڳي بي قياس دي ڙي!

چک چاس ٿوُن پرم پياس والِي،

سَڀـــــــــــا آس ڳئي آس پـــــــــاس دي ڙي!(1)

سِر دي راس نِثار ديدار اُتون،

ڪران باس اِيها مئن تان باسدي ڙي!

دونهين ٻيلي والي وچُون آوي ميڪون،

باس عطر عنبير دي واس دِي ڙي!

 

جيم جال جاني ميڏي ڪول سهڻا!

گهُنڊ کول تي ٻول اَلاءِ مِٺا!

اغماز تين ناز نياز سيتي،

ممتاز چشمان تون تان چاءِ مِٺا!

جوش عشق دي جان جلاءِ نِيتِي،

هُڻ جلي نون ڦير نه جلاءِ مِٺا!

راتو ڏينهان ڦران وچ جهنگل ٻيلي،

هوءِ هوءِ ڪران هاءِ هاءِ مِٺا!

 

حي حُسن سڄڻ دي وچ ڪيا وصف اَکان،

جنهن دي چال مٺِي مَتوالڙي هي،

گيسُو نانگ وسيهر وانگ وتن،

ڪجل ريهه اکين ڪيهي ڪالڙي هي!

رخ دي تاب مهتاب بيتاب ڪيتا،

واهه واهه لبَان وچ لالَڙي هي!

اِهين عشق دي وچ ”نصير“ مئن تان،

ڪيهي جال ڏکان دي سو جالڙي هي!

 

خي خال دي خيال خدنگ ماريا،

چاڙهه اَبرو ڪمان تي چِيلڙا جِي!

نَٿ نَڪ دي وچِ بيشڪ نهين،

داڻا خال تي دام هي پيلڙا جِي!

مژگان تير ميڪوُن تڪبير ڪيتا،

جِگر چير زهير ذليلڙا جي!

اِهين عشق دي اڳُون تان ”نصير“ ساڏا،

نڪو هوش چَلي نڪو حِيلڙا جِي!

 

دال دوش ميڪوُن وچ گوش آيا،

هڪ صاف آواز سَروش ڏَهوُن،

سُڻ هوش ڪنون بيهوش ٿيس،

ول حال آيا جڏان هوش ڏهون،

تڏان سمجهه سنڀال خيال ڪيتُم،

اُهين خاص آواز خروش ڏهون،

آکي ڇوڙ ”نصير“ ٻيان ڳالهان سڀي،

رک خيال تون جذب تي جوش ڏهون.

 

ذال ذڪر ميڪون نه ٻيا فڪر وڻي،

راتون ڏيهان ڪران ماهي ماهي ماهِي!

ڏاڍي دام دوالي گيسُو والي،

پئِي ڳل ميڏي وچ ڦاهي ڦاهي ڦاهِي!

شايد ڪرم ميڏي وچ عشق لکيا،

قسمت اول ڪنون آهي آهِي آهِي!

لهر عشق سانون هُڻَ لوڙهه نِيتا،

يارو! الله واهي، واهي واهي واهِي.

 

ري روح ميڏا نهين ريجهي ڪِٿان،

ميڪون قسم هي شاهه شهيد والا،

هِڪي خيال اِهين اُتي کپُ کڙيئان،

ڪوئي درد لڳا ڏاڍا ديد والا،

مُنهن ماهي دا ماهه مثال ڄاڻان،

اَبرو يار هلال هي عيد والا،

اهو خام خيال ”نصير“ نهين،

سودا عشق دي خاص خريد والا،

 

زي زور ساڏا نه ڪجهه هور چلي،

سانون بِرهين ڀَن ڀَروڙ نيتا،

سڪ هِڪ لڳي تانگهه طلب والي،

ساڏا محبت من مروڙ نيتا،

ڪجهه زلف نِيتا، ڪجهه خيال نِيتا،

ڪجهه جوڀن جواني دي جوڙ نيتا،

صدقي عاشقان تون يار ”نصير“ جاوان،

جنان مطلب اَپني ڪون توڙ نيتا.

 

سين سوز ميڪون شب روز لڳا،

امروز دا نهين اي اَلست دا هي،

اَشڪ اکِين عُشاقين دا آب نهين،

اِيهو خون تان خاطر خست دا هي،

عقل ڪيا ڪري شہ عشق اڳون،

ڏاڍا زور اُهين زبردست دا هي،

سر ڏيوين تان يار ”نصير“ ملي،

ايهو سودا تا دَست بدست دا هي.

 

شين شهر ميڪون نه ڪجهه بحر ڀاوي،

ڏاڍا زهر برهه دا زور چڙهيا،

اِهين لهر گيسو دي قهر ڪيتا،

زنجير مثل ڪڙا قابو ڪَڙيا،

ويکو چَهر چُوچڪ دي چاهه والي،

رُخِ دي اُتي جواهر وانگ جڙيا،

اَبرو تبغ ايوين بيدريغ لڙن،

جيوين ’لام‘ نَفي نال، ’ميم‘ لڙيا.

 

صاد صبر قرار بيڪار هويا،

هڪِا تار لڳي سهڻي يار والي،

وار وار دي وچ تنوار ايها،

عشق تار ڪپي سڀا ڪــــــــار والـــــــــــــــي،(1)

خارخار ميڪون بِن يار نهين،

سهيان عشق والي آزار والي،

مِلسي يار ڪون يار ”نصير“ اُها،

پٽڻ ڪٽڻ رووڻ زار زار والي.

 

ضاد ضرر نفعي دا غرض نهين،

عشق لڳڻا آها سو تان لڳ ڳيا،

ميڏي جان اندر ڪوئي ڪان لاڪر،

ايهو ٺڳ ساڏي دل ٺَڳ ڳيا،

عشق يار دا زار نظار ڪرڪي،

وَڙ جسم انــــــــــدر لــــــــڳ لـــــــڳ ڳيا(2)،

جهڙي خر ساڏي نال کهندي اهي،

ساڏا صبر اُنهان اُتي وڳ ڳيا.

 

طوئي طلب لڳي وچ قلب ميڏي،

ڏاڍا خال دي خيال خلل ڪيتا،

ڪجهه زلف ڪيتا ڪجهه خال ڪيتا،

ڪجهه اَبرو دي تيغ عمل ڪيتا،

مژگان تير ايڏون تڪبير ڪرن،

خنجر ابرو اوڏُون بسمل ڪيتا،

زلف يار دي نال ”نصير“ ميڏي،

ڏاڍا ظاهر زور ذلل ڪيِتا.

 

ظوئي ظهر نماز قضا هوئي،

دل پيچ زلف وچ ڦس ڳئي،

ڏاڍي وس ولاوڻ ڪيتي ڪيتم،

پر وس ڪنون بيوس ڳئي،

نه ڪجهه ايڏي ڳئي نه ڪجهه اوڏي ڳئي،

ڪهين رمز ڏاڍي وچ رس ڳئي،

وچ قيد برهه وچ صيد ٿئِي،

ڪر عقل ڪنون بَس بس ڳئي!

 

عين وصال تڏان هووي،

جڏان غين دا نقطا غرق ڪرين!

پس پيش، ڀڇين، بَين، زير، بالا،

چَپ راست نه ڪوئي تون فرق ڪرين!

سمجهه رک ڌيان، گمان وِڃا،

طلسمات والا سڀو ترڪ ڪرين!

نحو صرف دا علم ”نصير“ ڇوڙين،

درَس دل دا دل وچ درڪ ڪرين!

 

غين غور ڪرين تون تان يار پيارا!

اڄ ڪلهه اَسان ڪن آوڻا هئي،

ڪر ڪرم ”نصير“ نماڻي اُتي،

هڪوار تان  ڳل لڳاوڻا هئي،

ڏاڍي مهر تين شفقت نال سهڻا،

ڦيرا اڱڻ اساڏي پاوڻا هئي،

سڪ دا سبق ڄڻ ميڪون ياد نهين،

هڪواري تان ڦير پڙهاوڻا هئي،

 

في فرق فراق فقير ڪيتا،

تدبير نهين ڪجهه آوندي هي،

سهڻِي رمز لڳي سهڻي يار والي،

زوران زور سانون ڇڪ جاوندي هي،

اِهين  خيال سانون باهه ٻال ڏِتي،

ول محبت مچ مچاوندي هي،

ايها تار ”نصيرا“ نينهن والي،

مار مار ڪي ڦر جيواندي هي،

 

قاف لاف گزاف دا ڪام نهين،

اوکا بار برهه دا اُٺاوڻا هي،

جيوين نفي ٿيوين اثبات ٿيوي،

اِٿان اُلٽا ذڪر ڪماوڻا هي،

بي سمع بصر، بي دست بي پا،

ديري دوست والي وچ جاوڻا هي،

بِن باهه تين اخگر، شعلي ٻاجهؤن،

آڳ دي جسم جلاوڻا هي.

 

ڪاف ڪيهي بنائي هي سهڻي،

سهيان چلو برهه والي بازار ويکو!

هٽ هٽ سودا ڪجهه گهٽ نهين،

سِر ڪٽ والي ڪل ڪار ويکو!

سودا سر ڏيوڻ دا سَهِيان اِٿان،

ڏوجها وحدت دا واپار ويکو!

ساري بازي ”نصيرا“ سو هار ٻيٺا،

ڪِيتا عشق دا جنهن اِنڪار ويکو!

 

لام لائي لبانۡ وچ لالِي سهڻي،

اُهين ماهِي مِٺي متوالڙي جِي!

ول حال ڪنون بي حال ڪيتا،

اِهين خال سيہ دي خيالڙي جي!

مژگان زور زوراور جور سيتي،

مارن دور بڙڇان تيَن ڀالڙي جِي!

سانون هوش ڪنون بي هوش ڪيتا،

ڪجل ريهه تي ڪاڪل ڪالڙي جِي!

 

ميم مند ميلاپ دي ماهي! آئِي،

الله پاڪ تسان نون ڦير آڻي!

شب روز رووان تيڏي سوز دي وچ،

موليٰ علي ڄاڻي، موليٰ علي ڄاڻي!

دل آب تي جگر ڪباب هويا،

ڏيک ڏيک ويران تيڏي ڀاڻي ٿاڻي،

هڻ ڪر وَلڻ دي ڪا وائي سهڻا!

ڇوڙ نال ”نصير“ دي ماهِي ماڻي!

 

نون ناز وچون بي نياز سهڻا!

هڪوار ماهي! مُڙ ڀال ميان!

رو رو حال ڪنون بي حال ٿئيئان،

ايجهي عشق ڪِيتي اَفعال ميان!

تو بن صبر آرام قرار نهين،

ساعت ساعت ڄاڻان سؤ سال ميان!

دل داغ ”نصيرا“ لالي وانگڻ،

ڪيتئي خال سيہ دي خيال ميان.

 

واو وس ڪنون بيوس ٿئيئان،

رانجهو هس ساڏي دل کس ڳِيا،

ڏاڍي وس تين هُلّ هَنبس ڪيتم،

پر وس ڪنون بيوس ڳيا،

بِن يار نه ٻيا ڪم ڪار ڀانوۡي،

روح رمز ڪنهين وچ رس ڳيا،

شايد مينهن برهه دا سِر ساڏي،

اَصلي وسڻا آها سو تان وس ڳيا.

 

هي حُسن سهڻِي دي ڪيا وصف آکان،

جڏان ٽهڪ چَلن ڪر ٽوليان، جي!

سونهي ويس تي لال لبيس ڪرن،

سُهڻي مُرڪ تي مِٺڙيان ٻوليان، جي!

نگہ ناز غماز دي نال ڪرن،

لاون حُسن جمال ديان هوليان، جي!

صدقي يار ”نصيرا“ سهڻا اُتون،

ڏکان سُولان جنهان دي مين ڏوليان، جي!

 

لا لب سهڻي دي عجب ويکو،

بُولا جهُول کڙا اُتي لب ميان!

ميڏي لب دي نال اِهو لب مِلي،

ڪري ربّ ڪو اينجها سبب ميان!

اِهين عشق والي آزِار والا،

تحقيق نهين ڪو طَب ميان!

رهه حُب دي وچ ”نصير“ سدا،

اهين شب ميلي شل ربِ ميان!

 

اءلف اوهه ميڏا من موهه نِيتا،

اُنهان سهڻيان جهنگ سياليان جي،

ناز تي غمزه غماز سيتِي،

چوکيان چوکيان چَلن اِهي چاليان جي،

مارن نيش ”نصيرا“ نانگ وانگڻ،

ڪاليان ڪاليان زلفان سي ڪاليان جي،

چُوۡئي چنڻ سيتِي جڏان سينڌ ڳُنڌن،

من موهن ميڏا متواليان جي.

 

يي يار ميڏا غمخوار ٿيوين،

تو بن هور ميڏا غمخوار نهين،

ڪر قياس پيارا ! دل قاضي ڪَر ڪي،

ڪوئي عشق جيها آزار نهين،

اِنتظار جيها آزار ڪوئي،

تڪرار نهين تڪرار نهين،

مرڻ هِڪو ”نصيرا“ هي اَوَلا،

بار بار نهين، بار بار نهين.


(1)  ”ڪليات حمل“ مطبوع سنڌي ادبي بورڊ سنه 1957ع تان ورتل.

الف چاڪان نال = يارن ساڻ، ڌارين ساڻ، تيغ = تلوار. چوچڪ = هير جو پيءُ.

بي  ڳهلي ڳالهه = بيوقوفي جي ڳالهه. کپ کڙين = کپي بيهين. نوهي = نه اٿئي. عيب ڪڄ = اسم فاعل: عيب ڍڪيندڙ. تون تان جوڙ رکين بديان ٻيٺي ٻال تي ڙي = تون ته ويٺل ٻار يعني ڪنواري ٻار تي جوڙي ٺاهي تهمتون پئي مڙهين.

تي مدي پير= مدو پير، گهمراه قدم. ڀن سير وڃين = سچائي يا عصت جو پردو ٽوڙي وڃين.

ثي ثابت گناه ٻاجهؤن = گناه جي ثابتيءَ بغير. جهيڙ نهين = جهيڙونه ڪر. ڪوپ =

 

سنوان ۽ سخت (ڪنڊن جي صفت). سيڙه = ڪنڊن وارو مشهور جانور. منجهان= مينهون. ماهي ٿون = ماهي کان. نکيڙ نهين = جدا نه ڪر. کيڙي ڀيڙي= کيڙي خبيث (کيڙو = هير جو مڱيندو هو). ٽوٽ ٽيڙ= سيٽ ٻٽاڪ وارو.

جيم جک مرين = چڙي مرين. مناڪ = منهن لڳ،ملاقي. رلاڪ = رولاڪ، رلندڙ. شب = پردو، ڍڪ. اتين ظاهر زور زبان دا ڙي = اڙي! اڃا ويتر زبان تي زور اٿئي، يعني ويتر وات ٿي ڪرين.

حي هنبس = جهيڙو، هل. درڪ درڪ دوناڙ تي دس نهين = (ڦٽئي سوروانگر) ڊوڙي ڊوڙي ڊگهي ٻوٿاڙ تي کڻي ڪيراءِ نه. هور ساڏا = اور اساڏا = ٻيو اسان جو.

خي رانجهي سون = رانجهي ساڻ.

دال واري وار وڃان = گهوري وڃان. وار= موقعو، وقت. ڪنڌي پارڪنون = ڪناري جي پرئين طرف کان. نپ هٿين = هٿن سان مروڙي. ترپ پيان = ٽپي پئي آهيان.

ذال زال تيڏي تان مقال ايها=زال زال جي وات ۾ اها تنهنجي عشق جي ڳالهه آهي.

 

ڀرڄائي = ڀاڄائي. چوچڪ دي ڄائي = چوچڪ جي ڌيءُ. سڏگهتان = سڏ وجهان، ڪوٺايان. ميلي = ملائي. اڏگهتان = مالامال ڪري ڇڏيان.

زي ٽريڻي ويڻي ٽر هڙ= (منهن ۾) شور ۽ گهنج. پٽ پلوتي= پٽ پاراتا. منجهون لاهه کڙي = ماڳين لاهي پاهي بيٺي آهين.

سين بيوس ٿيان = بيوس ٿي آهيان. پاڪي = پاڪيزگي.

شين ڏوم= ڀٽ، مڱڻهار. منجهان چراوندي ڙي = مينهون چاري ٿو.

ضاد چاءِ ٻيٺي = تون کڻي ويٺي آهين. تيڪون ننگ دي ونگ مئن پاءِ ٻيٺي= توکي آءٌ ننگ (شاديءَ جي مٽي) جا وراڪا وجهي ويٺي آهيان. ڍنگ ڪيتم= اصطلاحاً: تنهنجي مائٽي ڳنڍي اٿم. تنهن دي سنگ = تنهن ساڻ. رنگپور= هير جي مڱيندي کيڙي جو شهر. رنگ لاءِ ٻيٺي= مزا ويٺي ماڻ. هريا ڀريا = مالا مال. مليدي = مليدا (طعام).

طوئي کام= باهه، آڳ. جيڪو هير ڏٺا-الخ = جو اسرار هير کي (ميهار کان مليل) کير جي پيالي ۾ ڏٺو آهي سو جمشيد بادشاهه به سندس مشهور جام(= جمشيد جو جام، جنهن ۾ نظر وجهڻ سان کيس هر شيءِ نظر ايندي هئي) ۾ نه ڏٺو هوندو. اهين چاڪ وچئون-الخ= (هير ٿي چوي ته) انهيءَ دوست جي ذريعي مونکي نبي ﷺ جو ديدار حاصل ٿيو، جنهن جي نالي کان سڄي دنيا کي فيض مليو.

ظوئي  اوکا لڳي آکيا هڻ دا ڙي = هن وقت جي سمجهاڻي توکي ڏکي ٿي لڳي.

عين  ڪڄ ٿيسي = ڍڪ ٿيندو، پردو رکندو. نهين روح رڄدا = روح کي ڍؤ نٿو ٿئي. تنهن ٿون = تنهن کان.

غين  سامي = لحد. سوڙ = سوڙهه، ڀيڙ.

في  بل بل = بڪ بڪ. ٻر ٻر = باهه. زر = مال، پئسا. اتين = ۽. زر ڀر نهين = ضد مان زور نه لاءِ. چڙ مر ويسي = چڙي مري ويندو. بر نهين = ڪامياب نه ٿيندي.

قاف  جواوسي = جئرو ڪندو. الاوسي = الاوسين = ڳالهائيندينءَ، پيش ڪندينءَ.

ڪاف  ڪڏان ڄاپي = نه معلوم ڪڏهن.

لام لازور = زورلائي. ڌير = صلاح، نصيحت. مني = مڃي. کن کن ڪريسس نال کني = ترار (کني) سان ڪپي ڪپي (ذرا ذرا ڪري ڇڏيندس.)

ميم  هر چند = هر طرح سان. فن فند سيتي = هنر ۽ حرفت سان. پس پند والي ترتند چولي = پوءِ نصيحت وارو هيٺاهون سر يا آلاپ شروع ڪيو. پن پير رکي = پير مرشد تنهنجو پردو رکي. مدي خراب. گهولي! = کاٺي!

نون  نس ويسان = ڀڄي وينديس. ڀيڙ پيئي = تڪليف آئي. اڳي ور ڪر جي سڀيئي ٺڳيان هو= اوهين اڳيئي مڙس ڪري ٺڳجي چڪيون آهيو.

واو هرڳل = هر ڳالهه، سنگ= سنگت، انگ انگ والي = سڱابندي واريون ڳالهيون، ظاهري تعلقات. هڪي انگ تي= هڪ (حقيقت جي) اکر تي. سر انگ کڙي= سر تي بيٺي. پڙ کٽ = راند کٽي. نڪل نسنگ کڙي = نڪري نروار ٿي بيٺي.

هي  نڪ ٻوڙ ٻيٺيان ننگ نام ڪنون = سڱابندي واري عزت وڃائي ويٺيون. وير پايا = دشمني وڌي. زير ٿيان = تن کي شڪست آئي. اڪسير ٿئي اسي عام ڪنون = عام ماڻهن کان وڌيڪ ڀلا ٿيا.

لا چکي چاڙه ڪي جيءُ جلاوڻا هي = جند جان کي چکيا تي چاڙهي ساڙڻو آهي. پڇين پڳ اسي دڳ پاوڻا هي = پوءِ انهيءَ رستي ۾ قدم رکڻو آهي.

الف  ڍونڍ ٻيلي = جهرجهنگ ووڙي يا ڳولي. مول نه ڀاڻي = مور نه سيباڻا. ڪيوين عيش ڀاوي = عيش عشرت ڪيئن پسند اچي.

يي وقت هالاڻي دي = هن جهان کي ڇڏڻ وقت.

(1)  قلمي نسخي ”رسالو شاهه شريف ڀاڏائي“ تان ورتل.

(1)  قلمي نسخي ”رسالو شاهه شريف ڀاڏائي“ تان ورتل.

(1)  اتر (تعلقي لاڙڪاڻي) مان عبدالڪريم سنديلي کان ملي.

الف آوي= اچي. گهوران= قربان ڪيان. تون، اُتون= مٿئون، مٿان، تان. ڪران= ڪيان، ڪريان.

بي هڻ= هاڻي، هينئر. ٻالي= ٻاري.

تي  تنهين دي = تنهن جي. ٿاهر = نٺر، مان. ملسم = ملندم. ڪپ = وڍ. ٿيسن = ٿيندا. ٿوري ٿوري = احسان.

ثي  آسم = ايندم. سڻائسان = سڻائيندس، ٻڌائيندس.

حي  جنڊ = چڪي. جهوئي = هلائي، ڪاهي، پيهي.

خي  وهندي = جلدي. آسي = ايندو. ٻاڻ = تير (عشق جو) ڦند = فريب. اِهين = انهي.

ذال  سيتا = سبيو

ري  گهتيس = وڌائين. ريهه = ريبي، ڌتاري.

زي  ڏنءُ = ڏانهن. ول = موٽ. آوين = اچين.

سين  آوڻ = اچڻ. سگها = سگهو، جلدي، ارداسي = عرضداشتي، نذرانو، ڀيٽا.

شين راتو واهه = رات ئي رات جو، فورن. ڏهونا = ڏهوڻا، گهڻا. متان ڏهاني = ڏهاڙي روزانه جي خيال سان ڪم آيل هجي. ويک = ڏسي. تون = کي. کلي = پادر.

صاد  ڪنون = کان، ڪونه = کي. شماني = طنبو،

ضاد  طالع = بخت. ٻيٺا = ويٺو. گهت = وجهي.

طوئي مڪم = موڪليم، دانگي = دانگوڙا، دانگيءَ گهميل.

ظوئي  پلٽ = پلٽي، وجهي، اوتي.

عين  گهليان = لڳيان، لڳيون وائين = هوائون. جائين = جايون. آشياني = آکيرا، جايون.

في ڦيڙي = ڦيري، ڦٽائي، نيڙي = نزديڪ.

قاف آسس = ايندس. ڪڙڪ = ڪڙڪي. ويسي = ويندو، لکي = تري.

ڪاف پوکيم = مون، پوکيا.

لام  ويکان= ڏسان.

هي درٻيلو = يعني ڊڀرو، جو نوابشاهه ضلعي ۾ آهي. شاهه محمد توڙي سندس نانو حسين فقير اتان جي مخدوم بزرگن جا مريد هئا.

(1)  گهڻا سال ٿيا جوهن ٽيهه اکريءَ جي روايت اسان کي نبي بخش فقير گٻچاڻي تعلقو نواب شاهه کان ملي. لوڪ ادب سهيڙڻ وقت ٻيون روايتون غلام قادر (تعلقو شڪارپور) ۽ غلام رسول جتوئي (تعلقو وارهه) کان مليون. فقير نبي بخش گٻچاڻي واري روايت کي اصولي تسليم ڪري هن ٽيهه اکريءَ جي تصحيح ڪئي وئي آهي.

الف  جڏڻ = جڏهن؛ تڏڻ= تڏهن؛ ٻهون=  گهڻيون.

بي جنهن دي =  جنهن جي. تار  =سڪ (تي) مئن= مان (ثي) ساس = ساهه.

(1) ٻي پڙهڻي؛ چڪ چاس مٿون، پريم پياس والي، سڀا آس ڳئي آسپاس دي ڙي!

حي وسيهڙ = نانگ. ڪجل ريهه =ڪجل جي ڪاني، سرائي.

زي برهين = برهن، وڇوڙن. ڀن پروڙ نيتا = ڀڃي ڀروڙي ڇڏيائين.

شين ”لا اِلله“ ڪلمي جي پهرين ڀاڱي ڏانهن اشارو، جنهن کي ”نفي“ چون.

(1) ٻي پڙهڻي؛ وار وار دي وچ تنوار لڳي، عشق تار ڪپي سڀا عار والي.

(2) ٻي پڙهڻي؛ عشق يار دا زار ترار ڪرڪي، وڙ جسم اندر رڳ رڳ ڳيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org