سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:1

ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

 

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

ڇپائيندڙ پاران

سنڌي لوڪ ادب جي اشاعت لاءِ سنڌ جي هاڪاري عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪيل پورهيي جي تعريف ڪرڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ برابر آهي. سنڌ جي هِن مانائتي عالم سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۽ ترتيب ڏئي منظرعام تي آڻڻ لاءِ پاڻ سموري سنڌ جا سير ۽ سفر ڪري لوڪ ادب جو ڳچ ذخيرو هٿ ڪيو ۽ پنهنجي ڪارآمد راءِ ۽ گرانقدر رهبريءَ هيٺ جنهن عرق ريزيءَ سان لوڪ ادب تي محنت ڪري هيءُ اهم ڪم سرانجام ڏنو آهي، سو ته پڙهندڙ پاڻ ئي ملاحظه ڪري سگهن ٿا.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لوڪ شاعريءَ جي جن صنفن کي سهيڙي، ترتيب ڏئي منظرعام تي آندو، تن مان ”ٽيهه اکريون“ پڻ هڪ اهم صنف آهي، جيڪا سنڌ ۾ قديم عرصي کان مروج هئي. ڊاڪٽر صاحب تحقيق دوران هٿ آيل مواد کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ۽ پاڻ پنهنجي تحقيق ۽ مطالعي جي آڌار تي سنڌ جي هِن قديم صنف جو تعارف ۽ تعريف، هيئت ۽ سٽاءُ، پيش منظر ۽ پس منظر لکي، ان صنف جي فني ۽ ارتقائي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي اهڙي مطالعي، مشاهدي ۽ ڄاڻ کي پارکن خوب ساراهيو آهي.

هيءُ ڪتاب ”ٽيهه اکريون“ (ڀاڱو ٻيو) لوڪ ادب سلسلي جو ڇهون ڪتاب آهي. جنهن ۾ اَسي شاعرن جون چيل ٽيهه اکريون شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو اپريل 1961ع ۾ شايع ڪيو ويو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سؤ ساله جشنِ ولادت جي موقعي تي شايانِ شان طريقي سان شايع ڪيو پيو وڃي. لوڪ ادب سلسلي جو هيءُ ڪتاب آءٌ پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ شايع ڪندي فخر پيو محسوس ڪريان. جنهن لاءِ آءٌ بورڊ جي مانواري چيئرمن قبله مخدوم جميل الزمان صاحب جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن پنهنجي مفيد مشورن سان منهنجي رهنمائي ڪري اشاعتي مرحلي کي آسان ڪيو.

اميد آهي ته، اسان جي هيءَ ڪاوش ادبي حلقن سان گڏوگڏ مانائتن سگھڙن وٽ مانُ ماڻيندي.

 

26 محرم الحرام 1439هه                 الهڏتو وگهيو

17- آڪٽوبر 2017ع                          سيڪريٽري

 

مهاڳ

 

سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز سنه 1955ع ۾، ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي سامهون رکي ويئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو؛ انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب، ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾، ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي، ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري، ڇپائڻ لائق بنائين.

پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون؛ مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اُتاريو؛ ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر

پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، ۽ ٿي رهيو آهي، جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي، ڪتابن جي تاليف جو سلسلو ٽئين سال 1959ع کان شروع ڪيو ويو آهي.

هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب جون اهي جملي جنسون، جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن. تن کي ’لوڪ ادب‘ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن، مثلاً: مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره؛ مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهور آهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ’لوڪ ادب‘ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهي لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ’لوڪ ادب‘ کي بعينہ ’فوڪ لور‘ (Folklore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي، جو اها خواص جي زندگي ۽ تمدن جو، يا ’معياري ادب‘ جو سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهوئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي؛ انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

ٻيو ته هن تجويز ذريعي ’لوڪ ادب‘ جو سمورو مواد گڏ ٿي نه سگهيو آهي؛ ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي مواد آهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ميمبرن کي جس جڳائي جن هن تجويز کي سنه 1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيون تيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي باهمت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي. بورڊ جي سيڪريٽري، محترم محمد ابراهيم جويي، هن تجويز جي هر انتظامي مرحلي تي بنده سان دلي تعاون ڪري آسانيون پيدا ڪيون،  مفيد مشورا ڏنا، ۽ پڻ ڪتابن کي سهڻي نموني ۽ بنا دير ڇپائڻ لاءِ فوري قدم کنيا.

هيءُ ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو ڇهون ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو؛ سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي، مئي 1959ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو؛ ۽ ڊسمبر 1960ع ۾ مسوده جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد بچل هن ڪتاب جي مواد کي اُتاري، يڪجاءِ ڪرڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو. محترم اسدالله شاهه ”بيخود“ مختلف روايتن کي ڀيٽي، مسوده تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ محترم شيخ محمد اسماعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاء، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميوار آهي.

مئنيجر سنڌ پريس ۽ سندس ساٿين ڪتاب کي جلد ۽ سهڻي نموني سان ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ ولي محمد طاهرزادي ان جا پروف پڙهيا.

 

   حيدرآباد سنڌ                                       خادم العلم

6- اپريل 1961ع                               ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

مقدم

’ٽيهه اکرين‘ جو هيءُ ’ٻيو جلد‘ لوڪ ادب سلسلي جو ڇهون ڪتاب آهي. ’ٽيهه اکريون- جلد پهريون‘ هن کان اڳ آڪٽوبر 1960ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي، جنهن جي مقدمہ ۾ ’ٽيهه اکري‘ نظم جي سلسلي ۽ سٽاء، نوعيت ۽ روايت، توڙي مضمونن ۽ مقصدن تي تفصيلي روشني وڌي ويئي آهي. جيڪي بنيادي نظريا يا اشارا انهيءَ مقدمہ ۾ موجود آهن، سي مجموعي طور هن ٻئي جلد سان پڻ لاڳو آهن. پهرئين جلد ۾ فقط سنڌيءَ ۾ چيل ٽيهه اکريون شامل ڪيون ويون هيون، جي نسبتاً آڳاٽيون چيل (1700-1939ع) آهن. هن جلد ۾ سنڌيءَ ۾ چيل باقي ’چونڊ‘ ٽيهه اکريون، توڙي سرائڪيءَ ۾ چيل مثالي ٽيهه اکريون شامل ڪيون ويون آهن، جن مان سنڌي ٽيهه اکريون انهن شاعرن جون چيل آهن، جن پهرئين جلد ۾ شامل ٽيهه اکرين جي شاعرن کان پوءِ وفات ڪئي آهي يا اڃا تائين زنده آهن، باقي سرائڪي ٽيهه اکريون، آڳاٽن توڙي پوئين دؤر جي شاعرن جون چيل آهن. تاريخي اعتبار سان ’چونڊ‘ سنڌي ٽيهه اکرين جو سلسلو  پهرئين جلد کان شروع ٿي هن جلد جي پهرئين ڀاڱي تي ختم ٿئي ٿو، ۽ ’سرائڪي‘ ٽيهه اکريون جيڪي مثالي حيثيت رکن ٿيون، تن جو مجموعي انتخاب هن جلد ۾ موجود آهي. هتي هي ڄاڻائڻ ضروري آهي ته هن ٻئي جلد جي اشاعت سان مڙني سنڌي شاعرن جي چيل ٽيهه اکرين جو مواد ختم نه ڪيو ويو آهي. صنف ’ٽيهه اکري‘ تي شامل هي ٻه جلد محض مثالي آهن، جن ۾ نموني طور سنڌي توڙي سرائڪي ٽيهه اکرين جو انتخاب پيش ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي فوتي توڙي جيئرن شاعرن جون چيل ٽيهه اکريون اڃا رهيل آهن، جن کي سهيڙڻ ۽ سانڍڻ ضروري آهي.

هن جلد ۾ ٻاهٺ شاعرن جون چيل جملي اَسي ٽيهه اکريون شامل ڪيون ويون آهن. انهن مان ستٽيهه شاعر، جن جون چيل اوڻونجاهه ٽيهه اکريون هن جلد ۾ شامل آهن، سي فوت ٿي چڪا آهن ۽ پنجويهه شاعر حيات آهن، جن جون جوڙيل ايڪٽيهه ٽيهه اکريون هن جلد ۾ ڏنيون ويون آهن. سنڌيءَ ۾ چيل جملي پنجهٺ ٽيهه اکريون هن جلد جي پهرئين ڀاڱي ۾ ڏنل آهن ۽ سرائڪيءَ ۾ چيل جملي پندرهن ٽيهه اکريون هن جلد جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڏنل آهن.

مضمون ۽ مقاصد

هن جلد ۾ شامل ڪيل ٽيهه اکرين کي مضمون جي لحاظ سان ورڇبو ته معلوم ٿيندو ته پهرئين جلد وانگر مناجاتون، مداحون ۽ مناقبا زياده مقبول مضمون آهن. جملي اَسي ٽيهه اکرين مان ٽيويهه انهن عنوانن تي چيل آهن*. پندرهن ٽيهه اکرين جو مقصد نصيحت ۽ هدايت آهي††، يارهن ٽيهه اکريون (26، 52، 86، 239، 275، 300، 326، 329، 389، 441 ۽ 466) سلوڪ جي سلسلي يعني حق جي طالبن، ويراڳين ۽ تارڪن جي بيان ۾ چيل آهن. پندرهن ٽيهه اکريون سنڌ جي مشهور رومانوي داستانن بابت چيل آهن جن مان ست مارئي (59، 67، 156، 170، 214، 316 ۽ 346)، ست سسئي (93، 107، 114، 161، 280، 306 ۽ 380) ۽ هڪ راڻي (221) بابت چيل آهي. ٻه سرائڪي ٽيهه اکريون هير (428 ۽ 442) بابت چيل آهن. يارهن ٽيهه اکريون محبت ۽ مجاز بابت آهن، جن مان پنج (194، 199، 417، 448 ۽ 455) خالص مجازي آهن، هڪ عاشقانه مضمون تي (352)، ٽي ڪانگل (100، 127 ۽ 198) بابت، هڪ ’گهڙولي‘ (423) ۽ هڪ ’ڇَلي‘ (480) جي عنوان تي چيل آهي. باقي ٽي ٽيهه اکريون (17، 149 ۽ 150) ڪافين طور چيل آهن.

نظم جو نمونو

نظم جي نوعيت جي لحاظ سان، پهرئين جلد وانگر هن جلد ۾ پڻ بحر وزن تي چيل ٽيهه اکرين جو تعداد گهڻو آهي. جملي اَسي (80) ٽيهه اکرين مان، ٽيونجاهه فارسي شاعري جي اثر هيٺ بحر وزن جي قالب ۾ سموهيل آهن، جن مان ايڪٽيهه مخمس ۽ مسدس آهن. باقي ستاويهه نج سنڌي شعر جي سانچن ۾ سمايل آهن، جن مان ٻه ٽيهه اکريون (72 ۽ 290) ’ڊگهن بيتن‘ جي صورت ۾، چوڏهن ’ننڍن بيتن‘ ۾، ٽي ڪافين (17، 149 ۽ 150) جي قالب ۾ ۽ اٺ (389، 410، 417، 428، 441، 442، 455 ۽ 474) ’يڪي قافيي‘ وارن بندن جي صورت ۾ چيل آهن.

مواد جي ڪيفيت

هن جلد ۾ شامل ڪيل مواد جو وڏو حصو نئين تحقيق جو نتيجو آهي ۽ پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي. جملي اَسي ٽيهه اکرين مان ايڪهتر اهڙيون آهن، جي قلمي ڪتابن يا صدري روايتن مان هٿ ڪيون ويون آهن، ۽ فقط نَو ٽيهه اکريون* اڳ ڇپيل مواد مان منتخب ڪيون ويون آهن.

شاعرن جي لحاظ سان پڻ وڏو تعداد نون شاعرن جو آهي، جيئن ته جملي ٻاهٺ شاعرن مان فقط ڇهه شاعر (بيدل، حمل، ٻڍل فقير، محمد فقير کٽياڻ، مولوي احمد ملاح ۽ طالب الموليٰ) اهڙا آهن جن جون چيل ٽيهه اکريون اڳ ڇپيل آهن. باقي ڇاونجاهه شاعرن جون ٽيهه اکريون پهريون ڀيرو هن ڪتاب ذريعي شايع ٿي رهيون آهن. ڪوشش ڪري شاعرن جون سوانح عمريون هٿ ڪيون ويون آهن ۽ ٻاونجاهه شاعرن جون سوانح عمريون مختصر طور سندن ٽيهه اکرين جي شروع ۾ ڏنيون ويون آهن. جملي نَو (9) شاعر اهڙا آهن جن جون سوانح عمريون في الحال دستياب ٿي نه سگهيون ۽ هڪ ٽيهه اکري (مدح نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم 206) جي شاعر جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو.

فني لحاظ سان، هن ٻئي جلد ۾ شامل مواد پڻ پهرئين جلد جي مواد وانگر خوبين سان مالامال آهي. نظم جي اندروني فني نزاڪت، ٻوليءَ جي ميٺاج ۽ فصاحت، توڙي معنيٰ ۽ بلاغت جي خيال کان گهڻيون ٽيهه اکريون معياري آهن.

نظم جي اندروني فني نزاڪت جي لحاظ سان احمد بخش جتوئي جي ٽيهه اکري (86) بيتن ۾ چيل آهي، جنهن ۾ هر بيت جي شروعات هڪ اکر سان ڪري ان جي پڇاڙيءَ ۾ وري پويان ايندڙ اکر ڳنڍيو ويو آهي. مرزا گل حسن جي ٽيهه اکري (247) سنڌي الف- ب جي اکرن مطابق چيل آهي. صالح علي شاهه جي ٽيهه اکري (352) جي هرهڪ بيت ۾ چار اکر آندا ويا آهن. ڪافين جي قالب ۾ سمايل ٽيهه اکرين (17، 149 ۽ 150) ۾ پڻ هرهڪ مصرع ۾ ٽن کان چئن اکرن تائين ڪم آندا ويا آهن. شير محمد لغاري جي ٽيهه اکري (72) پنڌرهن مصراعن جو هڪ بند آهي. جنهن جي هرهڪ مصرع ۾ ٻه اکر آندل آهن ۽ يوسف جي چيل ٽيهه اکري (204) ٽيهن مصراعن جو هڪ يڪو بند آهي، جنهن جي هرهڪ مصرع ۾ ٻه اکر ڪم آندا ويا آهن. رستم رند جي ٽيهه اکري (290) هڪ ڊگهي بند جي صورت ۾ چيل آهي، جنهن جي هرهڪ سٽ ۾ پڻ ٻه اکر سمايل آهن. مصراعن، بيتن ۽ بندن ۾ اکرن جي انهيءَ انوکي سٽاء کان سواءِ، تڪراري قافين ۽ وراڻين جي تبديل سان پڻ شاعرن هڪ عجيب قسم جي رنگيني پيدا ڪئي آهي. نبي بخش نحيف جي ٽيهه اکري (346) ۾ وراڻي ٻه ڀيرا بدلجي ٿي؛ نوح پنهور (67) ۽ شاهه محمد جتوئي (229)  جي ٽيهه اکرين ۾ ٽي ڀيرا بدلجي ٿي؛ محمد بچل ملاح جي ٽيهه اکري (254) ۾ ڇهه ڀيرا بدلجي ٿي ته ڪرم شاهه جي چيل ٽيهه اکري (100) ۾ ست ڀيرا بدلجي ٿي. رضا محمد جي ٽيهه اکري (199) نج سنڌي شعر جي سانچي ۾ سموهيل آهي ۽ تڪڙي ننڍي بحر ۽ سپڪ تُڪن واري فني ڪاريگريءَ جو عمدو مثال آهي. ميرمحمد جي چيل ٽيهه اکري (267) ۾ نِج سنڌي تڪراري قافيا نهايت دلپذير آهن.

ٻوليءَ جي فصاحت توڙي معنوي بلاغت جي لحاظ سان پڻ ڪافي ٽيهه اکريون قابل قدر آهن. حافظ تاج محمد کوهاري جي سندس مرشد جي شان ۾ چيل ٽيهه اکري (44) هڪ اثرائتي مدح آهي. ’سلوڪ‘ ۾ محمد عثمان ميمڻ جي ’سر رامڪلي‘ ۾ چيل ٽيهه اکري (52) سهڻي نموني نباهيل آهي. ڪرم شاهه (93) ۽ سجاول ورڙ (161) جون ’سر سسئي‘ ۾ چيل ٽيهه اکريون، سهڻن سنڌي بيتن، سلوڻي ٻولي توڙي بيان جي روانيءَ جو عمدو مثال آهن. تجنيس حرفي جي تسلسل ۽ نج سنڌي محاورن جي پوچ ۾ مولوي احمد ملاح جون ٽيهه اکريون (251 ۽ 259) برک آهن، جن ۾ هن ’توحيد‘ جي مضمون کي واهه جو ورجايو آهي. انهن ٽيهه اکرين ڏانهن مثال طور اشارو ڪيو ويو آهي، حالانڪ هن مجموعي ۾ شامل ٻيون ٽيهه اکريون پڻ پڙهڻ وٽان آهن.

سرائڪي ٽيهه اکرين جو شامل ڪيل انتخاب، قدامت، فن توڙي مضمون جي لحاظ سان معياري آهي. سرائڪي ۾ چيل اهي ’چونڊ‘ ٽيهه اکريون آهن، جن جي ڀيٽ ۾ ٻيون ڪي ٿوريون اچي سگهنديون. روحل جي ٽيهه اکري (389) توڙي مخدوم غلام محمد بگائي ۽ مخدوم محمد اسماعيل پريالوئي ڏانهن منسوب ٽيهه اکريون (395 ۽ 399) قدامت جي لحاظ سان قيمتي آهن. تصوّف ۾ روحل (389)، بيدل (417)، غلام حيدر فقير تيرهي (442) ۽ بخش علي جتوئي (474) جون چيل ٽيهه اکريون برک آهن. حمل خان لغاري (428)
شاهه محمد ديدڙ (448) ۽ شاهه نصيرالدين (455) جون ٽيهه اکريون سرائڪي زبان ۾ اعليٰ شاعري جا نادر نمونا آهن. شاهه محمد ديدڙ جي ’مجازي‘ ٽيهه اکري هڪ ننڍي بحر ۾ چيل آهي، ۽ فصاحت ۽ سلاست ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. شاهه نصيرالدين جي ٽيهه اکري نئين تحقيق جو نتيجو آهي، جنهن ۾ مجازي مضمون کي نهايت موزون ۽ مؤثر نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. همت علي شاهه جي ’گهڙولي‘ (423) ۽ محمد فقير کٽياڻ جو ’ڇلو‘ (480) پڻ مجازي رنگ جون ملوڪ ٽيهه اکريون آهن، جن ۾ مجاز جي انهن انوکن عنوانن کي عجب انداز ۾ نباهيو ويو آهي.

ن. ب


ص ص 206، 214، 221، 229، 235، 239، 247، 251، 259، 267، 275، 280، 285، 290، 282، 300، 306، 312، 316، 320، 323، 326، 329، 338، 342، 346، 352، 354، 360، 368، 380، 387، 389، 395، 399، 404، 410، 417، 423، 428، 441، 442، 448، 455، 466، 474

* ڇهه مناجاتون ۽ حمد باري تعاليٰ (ص 72، 73، 164، 206، 259 ۽ 267). يارهن مداحون ۽ مناجاتون نبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي حضور ۾ (ص 32، 133، 204، 235، 285، 320، 342، 354، 360 ۽ 380). هڪ مداح ۽ هڪ مناقبو حضرت عليؓ (247 ۽ 323) هڪ مناجات بادشاهه پيرؒ (399) هڪ مدح قلندر شهباز جي (176) هڪ مدح عبدالحي شاهه راشدي جي (44) ۽ هڪڙي مناجات محمد راشد شاهه روضي ڌڻي جي (312).

†† ص ص: 19، 40، 73، 143، 151، 183، 199، 229، 239، 251، 290، 292، 338، 404 ۽ 474.

ص ص: 26، 86، 93، 114، 161، 194، 275، 280، 300، 306، 326، 529، 352، 380.

* ٻه (19 ۽ 26) ”بحرالعشق“ مان، ٻه (251 ۽ 259) ”گلشن احمد“ مان، ٻه (326 ۽ 329) ”ڪچڪول“ مان، هڪ (417) ”ديوان بيدل“ مان، هڪ (428) ”ڪليات حمل“ مان ۽ هڪ (480) ”منطوق محمدي“ مان.

پير صفي الله (164)، عبدالله لاکو (170)، سيلاني (176)، حافظ محمد بخش (189)، غلام محمد شاهه متعلوي (194)، رضا محمد (199)، يوسف (204)، عبدالحڪيم ”واجف“ (368) ۽ عثمان کٽي (380).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org