سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:10 

ٽيهه اکري: مجازي(1)

(چيل غلام محمد شاهه متعلوي جي)

الف ئون اول عشق ۾، ڳچيءَ پاءَ دلق،
’ميم‘ رکي من ۾، آءُ عاشق ڇڏي سک،
تان تون ٿئين جڳ ۾، خاصو منجهه خلق،
حق ڏسي ناحق، ڪنهن پر وٺج ڪينڪي.

 

بي ئون برهه جي باب جي، جانيءَ پاڙهي سٽ،
کيڻ پيڻ کامڻي ٿيو، وسري ويا مِٽ،
سڀ لاڳاپا لوڪ جا، ساڙيان سڀ سَلٽ،
جيئن پهڻ تي چٽ، دم نه لهين دل تان.

 

ثي ئون رکين پير مون، ثابت مٿي سير،
راتيون ڏينهان تنهنجي، آهيم من اُڪير،
ساريو سدا سپرين  ! توکي نيڻان هاريان  نير،
ور ولهيءَ جا وير! ورنَهه ويچاريءَ جا.

 

جيم ئون ڪيم جدا ٿيءُ، جاني! جيءَ کان پل پري،
تون وڃي باقي ٿئين، هيرائي هت چريو ڪري،
تو سوا هنجون هاري، ٿي ماندي هت مري،
تو ريءَ ڪير ڪري، ڪرم ڪميڻن تي.

حي ئون هِنيون حيران ٿيو، من ۾ مچ ٻرن،
اُڌمان برهه جي باهه جا، ٿا هنيئڙي منجهه هُرن،
جيرا بڪيون جان جون، هاڻي عضوا سڀ ڪُرن،
ڏٺي تو سڀ ٺرن، باهيون فراقن جون.

 

خي ئون خبر خير جي، تون قاصد ! اچي ڏي،
نيندا نڌر پاڻ سان، جا ويڙا هت ڇڏي،
ورنَهه ور ولهيءَ کي، مانَ سائين لڳ سڏي،
گُوندر منجهه گڏي، ويڙا ويچاريءَ کي.

 

دال ئون دکن درد سان، آهيان راتيان ڏينهان گڏ،
ڏي ڪا دوا درد جي، جاني ! قربئون ڪري سڏ،
ڇوري ڇپر غم جي، تون ڪيم ڇنن ڇڏ،
هيڻيءَ سندو هڏ، ٿو تو در صدائون ڪري.

 

ذال ئون تنهنجي ذوق جو، ذڪر راتيان ڏينهن،
هڪ تان سڪ سنهون ڪيو، ٻيو من نهوڙيو نينهن،
محبت سندو من تي، ٿو دائم وسي  مينهن،
عشق شڪل شينهن، ٿو ماري مشتاقن کي.

 

ري ئون سدا روح ۾، منهنجي رهين ٿو،
موهيو مشتاقن جون دليون کسين ٿو،
ڪوڙين ڪرين خون ٿو، جي ڏورئون ڏسين ٿو،
ڪهُيو ڪهُين ٿو، قرب سندي ڪرٽ سان.

 

زي ئون ذرو تر جيترو، ناهين جدا تون،
پنهنجو ڏسڻ ظاهري، ڏي نامِ خدا تون،
لطف ساڻ نوازين، پنهنجو گدا تون،
منهنجي صدا تون، مڃي آءُ منجهان پرين.

 

سين ئون سڻي سڏڙا، ور تون ولهيءَ تي،
ور وسيلا واهرو، ڍوليا! ڍِليءَ تي،
پِرتئون ڀري پير تون، آءُ ڍولڻ ڇِليءَ تي،
روهئون رُليءَ تي، ڪاهي رسج ڪيچ کؤن.

 

شين ئون شڪرانا ڪريان، جي جاني! ملين تون،

 

تار تران ترت ۾، جي ترهو ٿيين تون،
لحظي لنگهان بر مان، جي بيحد هُونِ مِرون،
اصلئون ”ڪُن فَيڪون“ ساٿي آهين ساهه جو.

 

صاد ئون صبر ناهه ڪو، هر هر حيراني،
محب ملڻ تنهنجي لاءِ، دلڙي ديواني،
پِرتئون پسايو پرين ! پنهنجي پاڪ پيشاني،
ڪوڙين احساني، ڪر نماڻيءَ تي.

 

ضاد ئون ضماندار تون، آهين منهنجو ڪفيلا،
ساريو سدا ٿي مران، ور تون وسيلا!
ويتر پيا عشق جا، جاني! جيءَ ۾ ڪِيلا،
جيئن ڪريان حيلا، تيئن ٿو وڌي درد مون.

 

طوئي طمع ويئي طعام جي، سمهڻ سور ٿيو،
تن ۾ تنهنجي عشق جو، اچي پرتئون پور پيو،
ڀاءَ برادر ڀؤ کؤن ڀڄِي سڀڪو ڏور ٿيو،
هينئڙو نينهن نيو، ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان؟

 

ظوئي ظلم مئيءَ سان، ڪيو ڏاڍو فراقن،
راتيون ڏينهان روح ۾، جاني! لڳا تن،
دم نه لهين دل تان، تون محب منهنجي من،
ڏمر ڏيئي ٻَن، آءُ ته گڏجون پاڻ ۾.

 

عين ئون عنايت سان، تون کڻي نيڻ نهار،
ري ڏٺي تنهنجي ٿئي، جيءُ جثي کان ڌار،
جيءُ جڏو موٽي جيئي، کلي ڪرين کيڪار،
قلب ٿئي قرار، تن ۾ تازا وڌي.

 

غين ئون غلامن کؤن، جاني! ڪر نه جدائي،
تو ڏهون منهنجي من ۾، ناهي تِر جي مدائي،

 

تنهنجي ملڻ جي ڏئي، من ڪو واڌائي!
دردن سڌائي، ڪنهن در ڏئي دانهڙي؟

 

في ئون فراقن جا، تن ۾ چڪيا چاڪ،
درد تنهنجي ۾ دلڙي، منهنجي سدا درد ناڪ،
تون تان غم وهم کؤن، آهين بيشڪ پرين پاڪ،
در تنهنجي جي خاڪ، سرمون اکين جو ڪريان.

 

قاف ئون قضا ربّ جي، جاني جدا ڪيو،
دلبر ديوانيءَ جو، هينئڙو هٿان ويو،
انگ اڳيئي لکيو، پارڻ هاڻ پيو،
نِڌر نال نيو، گولي گڏي پاڻ سان.

 

ڪاف ئون ڪريان ڪيتريون، در تنهنجي دانهون،
ور ولهيءَ جا ولها! سڻي هيڻيءَ جو آهون،
بر ۾ رس بنديءَ تي، ڪُل ڪري ڪاهون،
پنهنجو ڪجاهون، ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين.

 

لام ئون لطف تنهنجا، ڳڻ لکين ڳايان،
ڪوڙين ڪري ڪيترا، ڪهڙا سڻايان؟
تو برابر سپرين! نٿي سج چنڊ ڀانيان،
مُشڪ ملايان، جي تون پسائين مون پرين.

 

 ميم ئون منهنجي من تي، ٻري مچ مجازي،
دلڙي کسي دوست ويو، ڀڃي برهه جي بازي،
دم دم آتش عشق جي، ٿئي تن ۾ ٿي تازي،
دردن درازي، ڏاڍي ڪئي ڏکيءَ سان.

 

نون ئون نزاڪت سان، تنهنجي نينهن نهوڙيو،
منهن تا عشاقن کؤن، پرين ! پنهنجو مَ موڙيو،
جاني! جدائيءَ جو اچي، ڪِلُ لڳو ٽوڙيو،
جيءُ جڏو جوڙيو، محب! مشتاقن جو.

 

واو وصاليءَ جو، مانَ وَلِي ورائي!
درسن تنهنجي ديد جو، شال قادر ڪرائي،
غم جدائيءَ جو ڪڍي، دلڙي ٺرائي،
گهوري گهرائي، ڏئي دلاسو دل کي.

 

هي ئون هينئر هوت! تون، آءُ هيڪر هت هلي،
تو بنان مشتاقن کي، ڪانهين ڪا ڳلي،
دلڙي ويئي هٿ کؤن، سا ترسي ڪين جھلي،
وڃي ٿي جان جلي، نه ته آءُ منهنجي من تي.

 

لا ئون لڪي جي اچين، جيءُ جند گهوريان،
لاءِ ملڻ تنهنجي پرين! پِير ٿي سوريان،
ڳالهيون ڳجهه اندر جون، توسان آءٌ ويهي اوريان،
ڏک ڪيئن ڏوريان؟ جي تون هجين هنج ۾.

 

اءلف اوري آءُ تون، جيءَ جا جياپا،
لوڪئون لِڪ ۾ اچي، لالڻ! پاءِ لياڪا،
ڳالهيون ڪريون پاڻ ۾، ڇڏي لوڪ لاڳاپا،
نيئي نياپا، قاصد! چئج قريب کي.

 

يي ئون سڏي پاڻ ڏي، هيڻي آڻائيج،
ڏيجا ڏيئي پرت جا، تون پارس! پهرائيج،
عاصي ”غلام محمد“ چئي، وائي ورائيج،
ڪلمون چوائيج، هادي! وقت هلڻ جي.

 

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله

 

ٽيهه اکري: مجازي(1)

(چيل رضامحمد جي)

 

الف ئون اوري اچ!
ڳريو پوي ڳچ،
لڳيس تو لاري،

 

محبت ٻاريم مَچ،
سهڻل! چوانءِ سچ،
ساهه توکي ساري!

 

ويهه نه وساري !

بي تون سڻج بات،
ڏينهان توڙي رات،
ڏک وڌو ڏاري،

 

وائي تنهنجي وات،
تنهنجي مونکي تات،
ويهه نه وساري!

 

تي ئون تنهنجي تانگهه،
برهه ڏني بانگ،
تن وڌو ماري،

 

 

سڀئي سٽيم سانگ،
نينهن بڇي نانگ،
ويهه نه وساري!

 

ثي  ئون اندر سڪ،
برهه ٻيڻي ڀڪ،
سانوڻ ۽ سياري،

 

 

چولِي ٿيم چِڪ،
 وائي تنهنجي هڪ،
 ويهه نه وساري!

 

جيم ئون جندڙي نماڻي،
مون سان پورن پڄاڻي،
ٻانهي ٿي ٻاڪاري،

 

 

سورن ڪئي آ ساڻي،
ڪئي آهي هاڻي،
ويهه نه وساري!

 

حي ئون ٻڌج حال،
جندڙي ٿيم زوال،
دلبر تو ڌاري،

 

 

دردن ڪيس دال،
 سڪ ۾ لنگهيم سال.
ويهه نه وساري!

 

خي ئون ٻڌي خبر،
جال وهايان جر،
ڳڻتي ٿي ڳاري،

 

 

ڌار نه ٿي دلبر!
هيڻي کي هر هر،
ويهه نه وساري!

 

دال ئون دردن دنگ،
سورن وڌا سنگ،
پيس پناري،

 

 

جانب پياريو جُنگ،
لالڻ! ڪڍي لنگ،
ويهه نه وساري!

 

ذال ئون منجهه ذري،
تو ريءَ ڪير ڪري،
واڳان اچ واري،

 

 

آيس هيٺ اري،
پَروَش ساڻ پَري،
ويهه نه وساري!

 

ري ئون رهبر! رس،
پرتان اچي پَس،
نرتئون نهاري،

 

 

هيڪر اڱڻ هس،
ڏکن جو ڏي ڏس،
ويهه نه وساري!

 

زي ئون ڪيان زاري،
ڪيڙو آزاري،
محبت ٿي ماري،

 

 

برهه تو باري،
هينئر هيڪاري،
ويهه نه وساري!

 

سين ئون سڏ سڻيج،
نال نماڻي نيج،
ڪرهل قطاري،

 

 

منهڙو ڪين مٽيج،
مون وٽ هوت! اچيج،
ويهه نه وساري!

 

شين ئون تنهنجي شوق،
توڻي پسيس لوڪ،
پــــــيــــس پـــــــــنــــــــاري،

 

 

نينهن لايم نوڪ،
ڪنهن نه رهيس روڪ،
ويهه نه وساري!

 

صاد ئون سنجهه صباح،
ڏسان منجهان چاههَ،
ورنهه ويچاري،

 

 

رهبر تنهنجي راهه،
تو ري ڪانهي واهه،
ويهه نه وساري!

 

ضاد ئون ڏينهون ڏينهن،
من نهوڙيم نيهن،
مديون ميٽاري،

 

 

محبت لايم مينهن،
عشق مثل شينهن،
ويهه نه وساري!

 

طوئي ويئي طمع طعام،
سيّد! پيس سام،
هئي هنجون هاري،

 

 

لڳس تنهنجي لام،
ساريو صبح شام،
ويهه نه وساري!

 

ظوئي ئون ظلم فراق،
ٿيس غمناڪ،
مٺل! مينهاري،

 

 

ڪيڏو سان مشتاق،
اچ يار: اوطاق،
ويهه نه وساري!

 

عين ئون عشق امير،
ور ولهي جا وير!
گڏ وڃ گذاري،

 

 

ماريس تنهنجي مير!
هيڪر ساڻ حقير،
ويهه نه وساري!

 

غين ئون غذا غم،
عشق ڪيو عدم،
ماريس مونجهاري،

 

 

جُکين ۾ جنم،
ڪار نه ٿئي ڪم،
ويهه نه وساري!

 

في ئون ساڻ فقير،
بيحد بينظير،
روز     روئــــــــــــــاري،

 

مل تون محب منير،
تنهنجي يار اُڪير،
ويهه نه وساري!

قاف ئون رس قريب،
اڱڻ اچ عجيب،
وڃ گهڙي گهاري،

 

مل تون محب مجيب،
هينئر هت حبيب،
ويهه نه وساري!

ڪاف ئون ڪريان ڪيئن،
حال ٿيو هيئن،
گولي گذاري،

 

 

ورنهه ويڳاڻيءَ سينءَ،
جانب جڏن جيئن،
ويهه نه وساري!

 

لام ئون لطف ساڻ، پرين!
واري يار وٿاڻ،
ساڳي سنڀاري،

 

 

پرين! پسائج پاڻ،
ڀورل! وساءِ ڀاڻ،
ويهه نه وساري!

 

ميم ئون هي مشتاق، برهه
دائم دردناڪ،
دلڙي ڌتاري،

 

 

برهه ڪيو بي چاق،
اوهان جو اشتياق،
ويهه نه وساري!

 

نون ئون هيءَ نماڻي،
توريءَ اپاڻي،
اچ تون اوتاري،

 

 

وتي ٿي ويڳاڻي،
پاڻ سڃاڻي،
ويهه نه وساري!

 

واو ئون ونهيل يار،
هيس تو آڌار،
پلپل پوڪاري،

 

 

ڀيرو نه ڀڃ ڀتار،
”رضامحمد“ ڌار،
ويهه نه وساري!

 

هي ئون هيڻي هميش،
پرين توکي پيش،
سڄڻ جا ساري،

 

 

دلبر مان دلريش،
پرتِي هيءَ درويش،
ويهه نه وساري!

 

لا ئون لکئي لار،
توکان دلبر ڌار،
ڪڪر جيئن ڪاري،

 

تن ۾ لايم تار،
نيڻين هاريان نار،
ويهه نه وساري!

 

اءلف ئون لڳ الله،
ڪامل! ڪجان واهه،
ساڻ نج ساري،

 

 

منهنجا محب ماهه،
مهل ڏيڻ ساهه،
ويهه نه وساري!

 

يي ئون آهين يار،
منهنجو مددگار،
نِج تون نظاري،

 

 

اڙين جو آڌار،
ڪلمي سان نروار،
ويهه نه وساري!

 

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله

 

��™�

 


 

 

ٽيهه اکري: نصيحت(1)

(چيل يوسف جي)

 

الف اول اسم ذاتي، قلب پنهنجي کي سڻاءِ،
بي بداعت ڇڏ تون بندا! بحث بيحد برجاءِ،
تي توڪل رک تون رب تي، رزق ناهي ري خداءِ،
ثي ثوابن ڪاڻ وڃ تون، کاڏ کوهن جاکڻاءِ،
جيم جيئڻ جڳ ۾ آ ٿورو مرد! ڪي مٺڙو الاءِ،
حي حليمت هر ڪنهن سان جوان! توکي ائين جڳاءِ،
خي خيانت ڪر نه ڪنهن جي، ريب توکي نا رواءِ،
دال دنيادار جي دنيا اٿئي سڀ بي بقاءِ،
ذال ذاڪر هو هميشہ بادل ۽ بي رياءِ،
ري رضا تي رهج راضي وات نا وائي وراءِ،
زي زياني ڪر نه ڪنهن جي واءُ وحدت جو وهاءِ،
سين سائو سخن سچو، سوال سڀني کي سڻاءِ،
شين شاڪر هو هميشہ، ڏک سک سالم سواءِ،
صاد صحبت صالحن جي، ونءُ وليّن کان وهاءِ،
ضاد دل مان ڪڍ ضلالت، وڻج وحدت جو وهاءِ،
طوئي طمع کي ترڪ ڏيئي ونءُ طمع جا وڻ وڍاءِ
ظوئي ظالم کان ڀڄي وڃ، ڪيم سڪندن کي سڪاءِ،
عين عاشق حق جوٿيءُ ۽ لنءُ ٻين سان ڪيم لاءِ،
غين غازي رهه غذا تي ڪيم وقتن کي وڃاءِ،
في فقيري علم ٻاجهئون، درد باشد لادواءِ،
قاف قادر جي ڪمن تي رهج راضي بارضاءِ،
ڪاف ڪوڙي ڪرم ڪنهن سان، صاف ڳالهيون ڪي ڳالهاءِ،
لام لالچ لوڀ ڪارڻ، پير پانهون ڪيم پاءِ،
ميم ماني مرد تنهنجي، ڀل ته ڪو مسڪين کاءِ،
نون نوڙت ساڻ نيڪي، مرد ڪي ڪامل ڪنداءِ،
واو ويري وير تنهنجو نفس آهي سو نماءِ،
هي هزارين هنر حيلا، ڪم نه ايندءِ ڪي ٻياءِ،
ا
ءلف البت ابن آدم، ناهي ڪو خالي خطاءِ،
لا لاهوتي جي ٿئين تان پاڻ محنت ۾ پچاءِ،
يي يقينئون يار ”يوسف“ ڪوٽ ڪلمي جو اڏاءِ.

 

لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله

 

��™�

 

 


 

 

ٽيهه اکري: مدح نبي ﷺ(1)

الف ئون لڳ الله ﷴ!
پيغمبر! ڏج پناهه ﷴ!

حامي، همدم، همراهه ﷴ!
وارث منهنجي واهه ﷴ!

 

بي ئون ٻڌ بهير ﷴ!
آڌر ڏج اَمير ﷴ!

 

پهچ پيغمبر پير ﷴ!
دست رکو دلگير، ﷴ!

 

تي ئون تن ۾ تار، ﷴ!
سيّد! لهه تون سار، ﷴ!

ثي ئون سرس سور، ﷴ!
نازل نرمل نُور، ﷴ!

 

آتش عشق انبار، ﷴ!
گولن جا غمخوار، ﷴ!

 ڪج قرب ڪلور، ﷴ!
درد سڀئي ڪج دور ﷴ!

 

جيم جلان ٿو ڄام ﷴ!
لڙهه لڳس تو لام، ﷴ!

 

سيّد! تنهنجي سام، ﷴ!
دل کي تنهنجا دام ﷴ!

 

حي هيڻن جوحال، ﷴ!
ڪريو قرب ڪمال، ﷴ!

 

مڃ الله لڳ سوال ، ﷴ!
پسان جلوو جوت جمال، ﷴ!

 

خي ٿي ڳالهه ختنگ، ﷴ!
راز انهيءَ جو رنگ، ﷴ!

 

پاڻ لڳو ٿم ٻنگ، ﷴ!
نرمل توتي ننگ، ﷴ!

 

دال پسان تنهنجي ديد، ﷴ!
عاصي ڪندو عيد، ﷴ!

 

ٻيا شامل شاهه شهيد، ﷴ!
مفت غلام خريد، ﷴ!

 

ذال ذڪر ٿيو زور ﷴ!
سوز صفاتي سور، ﷴ!

 

چٽ پٽ چشمان چور، ﷴ!
ڪس قلب تان ڪور، ﷴ!

 

ري راتيان ڏينهن رس، ﷴ!
سڪ سوائي سرس، ﷴ!

 

پاڪ پيارا ! پس ﷴ!
گولي ڏسيو گس، ﷴ!

 

زي زيادهه ذوق، ﷴ!
چڙهندا چارئي چوڪ، ﷴ!

 

شفقت شاهي شوق، ﷴ!
ڪن تجلي طوق ﷴ!

 

سين ئون سينو پاڪ، ﷴ!
کوليو هيئين جا طاق، ﷴ!

 

چشم اوهان جا چاڪ، ﷴ!
تون عرش مٿي اَفلاڪ، ﷴ!

 

شين شريعت شان، ﷴ!
ڪِلّ ڪڍو ڪفران، ﷴ!

 

عشق، عزت، ايمان، ﷴ!
دهرو ڏياريو دان، ﷴ!

 

صاد صداقت سوال، ﷴ!
دزد ٿئي دلوال، ﷴ!

 

پورهيت پنهنجي پال، ﷴ!
نيو نماڻي نال، ﷴ!

 

ضاد ضلالت ڏينهن، ﷴ!
ناتو نباهه نينهن، ﷴ!

 

شير شفاعت شينهن، ﷴ!
مهر وسايو مينهن، ﷴ!

 

طوئي تنهنجي تات، ﷴ!
ذڪر ظاهر ذات، ﷴ!

 

رس رسول تون رات، ﷴ!
ڏاتر ڏياريو ڏات، ﷴ!

 

ظوئي ظهير جو زود، ﷴ!
درد دکي ٿيو دود، ﷴ!

 

ڪج مهر منجهان مقصود، ﷴ!
تون محب مٺو مسعود، ﷴ!


 

عين عطاڪر اسرار، ﷴ!
آڙ آڙين آڌار، ﷴ!

 

درس پسان ديدار، ﷴ!
باري چايو بار،  ﷴ!

 

غين گوندر غم لاهه، ﷴ!
برهه ٻري ٿي باهه، ﷴ!

 

پاڄي کي پهچاءِ ﷴ!
لوڙهه سڀيئي لاهه، ﷴ!

 

في فڪر، فهم، فن، ﷴ!
دين دنيا ڌن،  ﷴ!

 

ڏي قرب جو ڪامل ڪن، ﷴ!
ٿئي مست متارو من، ﷴ!

 

قاف ڪرامت ڪار، ﷴ!
ڪلمي ساڻ اُڪار، ﷴ!

 

نرمل نوري نار، ﷴ!
وهم وڇوڙا وار، ﷴ!

 

ڪاف ڪرامت ڏيار، ﷴ!
آهيان تو آڌار ، ﷴ!

 

ڏنهن نماڻيءَ نهار، ﷴ!
تون ته سچو سردار، ﷴ!

 

لام ڏسان لاهوت، ﷴ!
محب پسان ملڪوت، ﷴ!

 

چست چلان جبروت، ﷴ!
نت ڏسان ناسوت، ﷴ!

 

ميم مُنجو معراج، ﷴ!
ڪامل
ڪُلي ڪج ڪاج، ﷴ!

 

سونپ سدا سرتاج، ﷴ!
هيڻي ساري حاج، ﷴ!

 

نون نظر ڪج نت، ﷴ!
چاڪن چوريو چست، ﷴ!

 

يرين وڪوڙيو وت، ﷴ!
رک پيغمبر پت، ﷴ!

 

واو واهر کي وار، ﷴ!
سڻ عشق سندو اظهار، ﷴ!

 

لاهيو غم غبار، ﷴ!
نيڻين ڇٽڪيا نار، ﷴ!

 

هي هُو هُو جو هل، ﷴ!
ڪرم ڪرامت ڪُل، ﷴ!

 

ڪير نه تنهنجو تُل، ﷴ!
ڄام ڄَٽِي سان ڄُل، ﷴ!

 

لا لياقت لولاڪ، ﷴ!
غمن ڪيو غمناڪ، ﷴ!

 

مالڪ آرض اَفلاڪ، ﷴ!
پس پيغمبر پاڪ، ﷴ!

 

اءلف ڪرارو آهه، ﷴ!
عاشق مٿس ربّ آهه، ﷴ!

اسم سندس آگاهه، ﷴ!
واهه وسيلو، واهه، ﷴ!

 

يي ئون ياد تو نام، ﷴ!
سيّد! تنهنجي سام، ﷴ!

 

آهيان آءٌ غلام، ﷴ!
ڪلمي ڪهان ڪلام، ﷴ!

 


(1)  وچولي (تعلقي هالا) مان قاضي نور محمد کان ملي.

(1)  هن ٽيهه اکريءَ جو مدار اُتر (تعلقي ميروخان) مان غلام قادر ۽ (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان مليل ٻن روايتن تي آهي.

(1)  هن ٽيهه اکريءَ جومدار وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمدطاهرزادي ۽ (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپئي۽ اُتر (تعلقي شڪارپور) مان عبدالحق کان مليل ٽن روايتن تي آهي.

(1)  اُتر (تعلقي خيرپور) مان رحمت الله ونڊير کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org