ٽيهه اکري : مناجات باري تعاليٰ جي بارگاهه ۾
(چيل شير محمد چغدي جي)
[شير محمد ولد حاجي محمد صالح چغدو، شڪارپور ۾
ذوالحج 1297هه/ 1880ع ۾ ڄائو، تعليم شڪارپور ۾
حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت
ڪيائين. نثر ۽ نظم ٿي ڪافي دسترس اٿس. سندس
ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن . شعر ۾ پنهنجو تخلص ”شيرل“
ڪم آندو اٿس. سندس ڪلام جا ٻه بياض ”ديوان شيرل“ ۽
”ڪليات شيرل“ قلمي حالت ۾ موجود آهن.]
الف الله لڳ اوري آءُ،
منهنجو ڪر ڪو تون اُپاءُ، |
ساجن! لهه ڪو سڌ سماءُ،
جلد اچي تون جيءُ جيار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
بي بدين سان آهيان بيڪار،
مونکي ٻي ڪا ناهه آڌار، |
منهنجي لهه ڪا تون سنڀار،
تون ئي منهنجو آنٌ سردار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
تي
ئون تو وٽ آيو آهيان،
ڪهڙي ڪنهنکي دانهن ٻڌايان، |
ٻئي در ڪنهن جي وڃي ڪاهيان؟
تو وٽ آهي سڀ نروار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
ثي
مون ثابت رک تون سدائين!
تو در آهيان سوالي سدائين، |
راهه سنئين ڪر منهنجي سائين!
ٻئي وٽ ناهه منهنجي پڪار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار.
جيم
تون جانب! جڏڙو جيار،
در تنهنجي تي آيو لاچار، |
فوق فراق ۾ آهي بيمار،
ڪرم تنهنجو آهي اڪيچار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
حي دنيا جوحرص ڇڏاءِ،
پنهنجي هلنديءَ ساڻ هلاءِ، |
خيال هوس ۾ نا ڦاساءِ،
مور نه ڪنهن تي آهه آڌار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
خي خيال خوديءَ جو ڇڏ،
هوڏ هجي نا تو وٽ هڏ، |
محبت ۾ تون من کي گڏ،
اها اٿيئي مرد! ميار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
دال دنيا ۾ درد نه ڏي،
دارون درمل ساڻ اَڏي، |
نڪي مونکي ڏي ڇڏي،
چڱو ڪر تون هي بيمار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
ذال ذڪر مون ڪر نصيب،
در تنهنجي تي هي غريب، |
پنهنجي نالي ۾ قريب،
سوالي آيو تو سرڪار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
ري رياضت ”شيرل“ ڪر،
سوال کڻي نا وڃ ٻئي در، |
خوبي آهي اِها اڪثر،
پنهنجي ڪر ۽ ڪري ڏيکار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
زي
تون زير منهنجا دشمن ڪر،
هڻ انهن کي ڪير ڪنڌ ڀر، |
جيڪي ڀانئن پاڻ زبر،
شوم اهي ٿين شرمسار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
سين
تون سائين! ڪر ڀلائي،
تنهنجو تڪيو آهي سدائي، |
در تنهنجي تي آهي گدائي،
رحمت تنهنجي آ درڪار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
شين شوق رک دل ۾ قابو،
ٿورو توڙي گهڻو قابو، |
اندر توڙي ٻاهر قابو،
توڏي رهندي ڪانه ميار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
صاد رک تون صاف گفتار،
نيڪي ڪر صفا نروار، |
اهڙي هجي ٻي رفتار،
درست دڳ ڪر اختيار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
ضاد ضرورت ضامن جي،
اڳيئون آهي عامل جي، |
ڪاهل کي آهه ڪامل جي،
دعا سندي مون ٿي درڪار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
طوئي
تون طالب رهه سدائين،
ڇو ٿو گذارين عمر اجائي، |
ميٽجي ويندي تنهنجي مدائي،
سعيو ڪري تون اها سڪار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
ظوئي اندر تون رک صاف،
اُهي ڪندا توکي معاف، |
اُن سان رک اڇا اوصاف،
توڙي هوندا ڪِنان ڪردار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
عين
پنهنجي رک تون عين،
غين کان ڪر تون صاف نين، |
ان ۾ هجي ڪونه ڪو غين،
ڪڍ ڇڏ تون گرد غبار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
غين ٿي غفلت توکي گهڻي،
اڳيئون ڪندين ننڊ گهڻي، |
اها هاڻي ڇڏ کڻي،
هر ڪنهن اڳيان آهه نروار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
في فنا ٿي هلڻو آهي،
جام اهوئي پيئڻو آهي، |
ڪونه ڪنهن کي رهڻو آهي،
هرڪو ٿيندو پوءِ لاچار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
قاف قلم سان جيڪي لکيو،
ڇٽي انهيءَ کان ڪونه ويو، |
هر ڪنهن آهي اهو پسيو،
ڏاڍي ربّ جي آهه سرڪار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
ڪاف
ڪرم ڪر قادر مون تي،
هن کي ڪر تون سائين! اڳتي، |
هي پيو آهه سڀ کان پوئتي،
جڳ جهڙو ڪري مونکي جيار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار.
لام
تنهنجي لڙهه لڳي آهيان،
ٻيلي! ٻانهي تنهنجي آهيان، |
سينو ڪهڙو ڪنهن سان ساهيان؟
نه ٻئي هٿ ڏي منهنجي مهار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
ميم مراد تون پوري ڪر،
آهيان سوالي تنهنجي در، |
دل ۾ آهي جا اڪثر،
راحم ربّ جي آهه سرڪار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
نون نفي جن نهڪر ڪئي،
دورخ تن جي جاءِ ٺهي، |
تن جا ويڙا جڳ ٻئي،
جنّت کان سي رهندا ڌار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
واو ته ويندو هرڪو هليو،
اهو رستو سڀ لاءِ ٿيو، |
ڪير نه رهندو، ڪونه رهيو،
هرڪو ڪندو اهو اختيار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
هي هدايت هاديءَ جي،
۽ مبارڪباديءَ جي، |
ڪر نصيب تون شاديءَ جي،
شال ٿيندي سا بسيار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
يي
ياور ٿي عاصين سان،
شفقت پنهنجي ڪافي سان، |
”شيرل“ کي رک معافي سان،
هيڻيءَ سان تون ڪر هڪوار- |
ڏاتر! ڪوئي ڏينهن ڏيکار .
لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله
ٽيهه اکري: مارئي
(چيل حاجي نور محمد شاهه ”نورل“ جي)
[سيّد حاجي نور محمد شاهه ولد سيّد اسماعيل شاهه
متعلوي فيبروري 1890ع ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدر
آباد ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم ڀينڊي ۾ ٿي، جتي
عربي، فارسي ۽ قرآن شريف مولوي عبدالله ڪيريي وٽ
پڙهيو. ڪجهه وقت مرحوم ميين احمد وَڪي وٽ هوسڙيءَ
لڳ پڙهيو. سندس شاعريءَ جي ابتدا انهيءَ وقت کان
ٿي. ان بعد ڀينڊي جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر
ٿيو، جتان 1946ع ۾ رٽاير ڪيائين. سندس چيل ڪلام
مناجاتن، رباعين، غزلن ۽ مرثين وغيره تي مشتمل
آهي. هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون.]
(1)
الف اوچتوئي عمر ٿي عقاب،
چنبن ۾ چلائي سو آيم شتاب،
ڪيم ڪوڪرا روڄ راڙهو رباب،
ولهيءَ جي نه واڪن تي وريو وڳر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ٿيس بي بِلاتي بنديخان ۾،
زبردست ظالم جي زندان ۾،
اکيون نت اباڻن جي ارمان ۾،
ونين مان وهائين ٿيون جال جر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
تکي تي طبع تيز راجا رکي،
سندم ساهه تنهن جي ڏڪايو ڏکي،
عمر جي عذابن مُسايو مُکي،
اٿم ان ڪنان زندگاني زهر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ثنا ثي ڪريان پاڪ پرورسندي،
رهان ربّ ۾ آءٌ آسروندي،
ڪندو قيد مان آجي بيڪس بندي،
صدايان سٻاجهي کي شام و سحر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
جيان جيم ٿي جاڙ هيهات هاڻ،
عمر! مار مون يا اباڻي اماڻ،
وٺن واسرا هُت ٿريلي ٿڌاڻ،
ڪڻم قيد ۾ ٿو پچائي پَگهر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
حڪم حي هتي حيرتي ٿا هلن،
اَيَنۡدَ اوچتا آڻيو قيد ڪن،
بنا ڏوهه باندي سزائون سهن،
سُئوسُون نه ٻيو سومري جئن سٻر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
خوشي خورمي خي نه سنڀران صفا،
سٺم سومري جي جفا تي جفا،
هاڻي هن حياتيءَ ڪنا ٿي خفا،
رهان رات ڏينهن موت لئي منتظر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
دائم دال دل ۾ سڳر جي سنڀال،
وڳر ري وڻي ٻي نه مونکي مقال،
وجهايم وصل لئي فقيرن کان فال،
نه سامين سليو سوڻ ڪو ڪارگر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ذلت ذال زر، زيب، زينت، زريون،
سندءِ ساز، سالور، ساڙيان سَريون،
پسند پاس مونکي پهنوارن پريون،
سنگهارن جو سينگار سمجهان سڌر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
رکان ري نه رغبت وڳي ويس جي،
نه سَڌَ سون ۽ مِينَ مقيّس جي،
اندر ۾ اڪنڊ دمبدم ديس جي،
نماڻيءَ کي نيبہ ٿئي شال ٿر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ڪيم زاريون زي عمر کي اپار،
مُڙي، مور موٽي نه ڪرڙو قهار،
پلي شال پاپِي کي پروردگار،
اجائي اٺائي نڌر ڏي نظر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ٿيا سين سانوڻ وطن ۾ وري،
سَلا پيا سنڌن کان ڏُٿن جا ڏري،
سنگهارن کي سرهائي سرسي سَري،
جهجهو جام جن ساڻ سانڍيو ثمر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
شڪم شين پليو نه پِي مون پنير،
نه کيليم، نه کاڌم، کٿيرين سان کير،
اڃان ڪانه آءٌ سڳر سان سنڀير،
ٻڌي ٻَهر ويئس ورائڻ ولر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
صبر صاد ڪريان، ڪڇان ڪين ٿي،
ميان! مونکي تحقيق تسڪين ٿي،
ته بيرحم بدڪار بي دين ٿي،
ڪڏهن ڪونه ڪوئي تڳيو تاجور-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ڪيم ضاد ضايع حياتي هتي،
گذاريم گهڙي ڪانه جيڏيون جتي،
مونکي مَنَ وري ربّ تعاليٰ تِتي،
پياري پنوهارن سان پاڻي پلر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
طبع طوئي توسان نه حاڪم ! هري،
نه لڳ مور منهنجي عمر! آسري،
خوشيءَ ساڻ لاتم کلي ڳل ڳري،
جو ڏوٿين ڏنو مونکي منجهه ويڙهه ور-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ظوئي ظلم کان هاڻ هٽ تون حمير،
وڌائج نه وک وقت آيئي اَخير،
تون تدبير توبہ سندي ڪر سڌير،
سجهي ٿو سُڀان هول وارو حشر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
عجب عين اڪثر اهوئي اٿم،
ڪيو ڪونه ڀيرو ڪو مارن مٿم،
سڄا سج سارا لنگهڻ ۾ لٿم،
لُڪي کي لوساٽي اُڃن جو اثر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ٿيا غين غالب غمن تي غمان،
ڌراڙن جي دردن وڃايم ڌمان،
سورن لاءِ سانڍيو مونکي مَن اَمان،
لڳم لوهه وارو نِير تي نِير-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ڦٽي في فراقن ڏکن ۾ ڏران،
ستم سور سختيون چَريو ٿي چران،
جڏي هن جيئڻ کان ته مادر! مران،
ٿي هاڻي حياتي گلي ۾ گهنگهر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
قضا قاف ڪوٺي وڌس ڪوٽ ۾،
پيس پختي پورن جي پالوٽ ۾،
ٿيس چُور چڪنا چڙهي چوٽ ۾،
وجهي شال واحد ڏکن ۾ ڏڪر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
ڪٿي ڪاف ڪمتر جا ڪامل قريب!
هنئين هار هموار همدم حبيب،
جدا ڪيس جن کان نڀاڳي نصيب،
ٿو اَٽيو! انهن لاءِ اڌمي اندر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
لڳم لام لوڙهن ۾ قابو ڪڙا،
ٻُرن ٻيڙين جا چَريءَ کي چڙا،
ڪيا قهر ڪئين خان آڻي کڙا،
مون مظلوم تي بيگناهه بيشتر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
مونکي ميم موڪل ڏي هاڻي حمير!
وڃي ڪا وطن جي وٺي هانءُ هِير،
ٿڌو ملڪ ٿر جو سنڀاريو سرير،
اهو شل اکين سان پسان پارڪر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
نه ٿا نون نيڙا ٿريلي ٿين،
دلاسا نه دل کي سي ڏوٿي ڏين،
پنهور پاڻ ۾ خوش کلن ۽ کين،
مگر مون سندو گوندرن سان گذر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
وسُون واو وطن جون وسن منجهه وجود،
چَڙن ۽ چنگن جا ٿي ساريان سُرود،
پلر پِي پڙهن هُت ڌراڙيون درود،
متو محض مون لئي حميري حشر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
هجي هي هميشہ اندر کي اداس،
پُسي، پَلر، پيرُن پڪن جي پياس،
پَسي پينڌ پختا نڌر ٿي نراس،
ڇٽڻ کان ڇنو ڀورڙيءَ جو ته ڀَر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
لڙي لا ڪيڙم عمر کي عرض،
مٿئي مون سندو آهه فائق فرض،
مبادا جي ماري مونکي هيءُ مرض،
ته منهن کان نه منهنجي سِڪائج سڳر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
آهيان اءلف
آگي ۾ آسائتي،
وري ويڙهه وينديس سلامت سَتِي،
مونکي ميڙ! مارو مٺا محبتي،
کلي کير ڏيندا ڇڏي ڏک ڏمر-
پنان ٿي پنجئي وقت صاحب صبر،
سدا سيل ساڃاءِ ستيا سَتر.
اٿم ياد يي ”نور محمد“ نجيب،
نه ڪنہ ويل وسرن اباڻا عجيب،
ڀڙايو جي ڀينر! نِڌر جي نصيب،
ڪنديس ساڻ ڪلمي سمانو سفر-
پنان ٿي پنجي وقت صاحب صبر،
سدا سيد ساڃاءِ ستيا سَتر.
لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله
(2)
ٽيهه اکري: راڻو
اٿم الف الله ۾ ايءَ اُميد،
سري من صلح جي نِڌر کي نويد،
ڇڏي نِير ٿيا نيڻ سوڍا! سفيد،
جڏيءَ ساڻ جوٽي جدائي جفا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
بلو بي نه ڀيڻي سوا تو سندم،
وسيلو نه وهرو اوهان ري اٿم،
ڪري مينڌرا! مهرباني مٿم
وسايو وري ماڳ منهنجا مٺا!
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
ٿيس تي توائي سٻاجها سڄڻ!
کيڻ خان آيا ڪڻم ڪاڪ وڻ،
نه اکڙيون اوهان ري رهن کان روئڻ،
غمن ۾ ٿي گولي منجهي مبتلا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
ثلث ثي مِٺا! مس لنگهيو ليل جو،
ولهيءَ لئي وريو وقت واويل جو،
اچي ساءُ اڄ جاءِ مان جيل جو،
ٿيم سيڄ سوريءَ مثل مينڌرا!
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
جُتي جيم آهيان اوهان جي عجيب!
پايو پير پنهنجي ۾ لالڻ لَبيب!
کُلن کِهه پوڻ سان نڌر جا نصيب،
بلڪ پاءِ بوسي سري تنهن سوا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
حجت حي هلائي نه هيڻي حقير،
ٻڌي ٻانهون تو در صدائي سڌير،
مڃي معذرت مير مرڪڻ منير!
وري ڪر ولهيءَ سان وصل جي وفا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
خطا خي مون خدمت ۾ ڪهڙي ڪئي؟
جو ويڙينم وارث! ڏولاهو ڏئي،
هيڻيءَ جي هٿان جا پيارا پئي!
مُکي معاف ڪر سا خدا لڳ خطا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
درد دال دلبر بڇي بيڪسن،
پرين ديس پنهنجي سدا سک وسن،
سوين سور سختيون سڪايل سهن،
مَرن، پر مڙن ڪين مانجهي مَيا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
ذڪر ذال تنهنجو پڙهيو وقت پنج،
پُسايان پيارا! هنجن ساڻ هنج،
ڦٽا ڪر ڦٽيل سان راڻا راءُ! رنج،
سڙيءَ ساڻ سرچي صلح ڪر سچا!
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
راڻا! ري توهان جي، ٿيو وِهُه وطن،
بدن تي ڀانيان هاڻ ڪپڙا ڪفن،
ڪري ڪاڪ ۾ درد مند کي دفن،
نه لالڻ! لڌي تو وري سڌ سما-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
ٿيم زندگي زي سڄي سُور سُور،
وڇوڙي وساري ڏنا سک سُرورَ،
ڪٺل سان ڪيا ڪانڌ! جي تو ڪلور،
حشر تائين هوندام روح ۾ رهيا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
سِجهي سين سورن ۾ ساڄن! سرير،
وهائي ونين مان نڌر نجّ نير،
خدا من کِجڻ لاءِ خلقيم خمير،
ڏئي مُنهن ڏهاڳڻ کي آيا ڏجها-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
شمع شين سڀ رين روشن رهن،
چڱو چهچٽو واهه قنديل ڪن،
بلي! بجليون برک بتيون بکن،
ڪيم ڪاڪ تو لئي سينگاري صفا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
صلح صاد صاحب! ڪٺل سان ڪريج،
وري وهب جي وک ڀُليءَ سان ڀريج،
مٿم دست رحمت جو دلبر! ڌريج،
وڙن جون نه واٽون وسارج ولها!
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
ضيا ضاد مومل جي محلات جو،
اوهان ري عجيبا! اُجهاڻو اِجهو،
اچي ڏس اکين ساڻ سوڍا سگهو!
ٿيا چَٽُ چمن جا اُهي چهچٽا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
طوئي طرف منهنجي ڀري گهوٽ! گام،
نوازيو نِڌر کي ننگي نيڪنام!
لڙي لُٽڪي لالڻ! لڳيس اَنهنجي لام،
پرين! پاڻ ڏي ڪر، سڏي سام سا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
ظوئي ظلّ لالڻ! لطف جو نه لاهه،
آڌر عيبوند آسري اَنهنجي آهه،
ڪري رحم راڻا! رليءَ ساڻ راهه،
نڀايو نڌر سان ننگي ناميا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
عبث عين جاني! اوهان ري جيان،
ڏکيا ڏينهڙا ڪاڪ ۾ ڪاٽيان،
مونکي مينڌرا مير مانجهي ميان!
پسائيج پنهنجو لطف سان لقا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
غمن غين گهوڙا ڏني گهور، گهوٽ!
مونکي مفت مارين ٿا سُور سوٽ،
سگهو يار سوڍا ! ڪري چست چوٽ،
اچي ڪر عذابن کان آجو اَجها!
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
فضل في مٿم ڪر فضيلت ماب!
مَ ڪر مهر بخشيش جا بند باب،
ڪنان ڪرم پنهنجي ڪريو ڪامياب،
بُڇي بيڪسي کي ڀلا ڀرجهلا!
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
قمر قاف سورهينءَ سندي سوجهرو،
پٽن تي پکيڙيو ڪثر ڪيترو،
پيو پسجي پورو پڌر پيچرو،
ٿئي ڪا ٿڪل تي اچڻ جي عطا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
ڪرم ڪاف ڪمتر ڪُٺل تي ڪري،
اَلَہه لڳ اَچو وک ڀليرا ڀري!
ملڻ لاءِ مومل ٿي ماندي مري،
وصل لئي وسائي ولهي وڏڦڙا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
لطف لام لائق سندو تو سڌر،
رکي رحم تنهنجو مٿي قهر ڪر،
ڪري ڪرم وارو نڌر تي نظر،
گنہ درگذر ڪر سڀئي مون سندا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
ملي ميم توساڻ سوڍل سڄاڻ!
ڪرينديس ڪڏهن روح واري رهاڻ؟
ڪيم هجر حيران هئي هاءِ! هاڻ،
مٿي مون هينئر ٿي حياتي هچا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
نه ڪر نون مُئي کي مِٺا! تون ملول،
ڪري ڪا ڪنيزڪ جي ڪيرت قبول،
وري ڪر ولهيءَ وٽ ننگي نر! نزول،
ته مسرور ٿي ماڻيان مُدّعا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
وِجهل واو وَرَ جي سُڪايوم ساهه،
سڙيءَ کي سريو گوندرن جو گراهه،
برهه جي ڀَڀَڙ ۾ ڀُڄان بيگناهه،
هڏ و ماس هرهڪ، جلي چم جدا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
هيم هي نه هرگز ڏکن ساڻ ڏيٺ،
نهاري نڌر کي ڪيو سُور سيٺ،
هجي هجر ههڙي ڦوڙائي کي ڦيٺ،
جيان جاڙ جنهن ۾ مران ڇونه ما-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
لنگهي لا منهنجي اڱڻ آ عجيب!
سدا ساري توکي ٿو هينئڙو حبيب!
مران ٿي ملاقات ڪارڻ مجيب!
دلاسو ڏي ديدار جو دلربا!
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
اڃا اءلف
اهڙو گهَڙيان گهوٽ! گهاٽ،
اچي ٿو اجهو ڪانڌ ڪاهي ڪنواٽ،
ويچاريءَ وڇوڙي جو لاهي لڙاٽ،
ڪندي ڪوڏ ساڻئي سڄڻ! ساڳيا-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
يڪو يي يگانو اٿم ياد يار،
مِڙن مذنبن جو مٿي جنهن مدار،
ڪهي ڪلمون ڪر ”نورمحمد“ نثار،
پَسَهه پنهنجو پرتان مٿان مصطفيٰ-
سگهو موٽ ساجهر ميان مينڌرا!
سڃي آهه سنديم سوا تو سرا.
ٽيهه اکري: نصيحت
(چيل شاهه محمد جتوئي ”صوفي“ جي)
[شاهه محمد جتوئي، ڳوٺ جتوئي لڳ ٻٺڙا سنڌي، تعلقي
ڪڪڙ جو رهاڪو هو. سنه 1893ع ڌاري ڄائو. مرحوم
”بلبل“ ۽ ”غريب“ جو صحبتي آهي سندس ننڍا ننڍا ڪتاب
جهڙوڪ ’ضياءُالعروض‘، ’شجره بلوچ‘، ’عجيب زندگي‘ ۽
’خنجر عشق‘ شايع ٿيل آهن. شعر ۾ پنهنجو تخلص
”صوفي“ ڪم آندو اٿس.]
تون تان الف اٿي اڌ رات،
پائج ترت سيني ۾ جهات، |
پڙهه تون برهه واري ڪا بات،
جاڳي
گذارج ساري رات- |
ذڪر فڪر جي وجهي ڏور،
چرخو نت اندر جو چور.
بي کڻ بار برهه جو باري،
مٿئون موت بيٺو ٿِي ماري، |
غفلت ۾ تو عمر گذاري،
پائي پاند ڳچيءَ ڳل ڳاري- |
رمز رنديءَ سان الف کي اور،
چرخو نت اندر جو چور.
تي وڄائج طلب جون تارون،
وحدت جو وٺ مست ٿي دارون، |
نفس ندوري کي ڪڍ مارون،
هئڻ خودي جون کاءُ نه خارون- |
سِر خدا تان گهوريو گهور،
چرخو نت اندر جو چور.
ثي تون ثابت سرت سنڀار،
دنيا ۾ آهين ڏينهڙا چار، |
اندر پنهنجو اُٿ اُجار،
ڪامل! ڪر ڪتڻ جي ڪار- |
نفس ندورو ظالم زور،
چرخو نت اندر جو چور.
جيم
جهان آهي سڀ فاني،
موت نه کائڻ ڏيندو ماني، |
ڪونه رهيو هت سڪندر ثاني،
ڏسي ڪراڙپ نڪا جواني- |
ڳالهه انهيءَ کي توريو تور،
چرخو نت اندر جو چور.
حي حال
ڪيان توسان سارو،
کڻ تون مرد! برهه جو بارو، |
موت سندو آ ملڪ ۾ مارو،
رکج عشق الله سان سارو- |
وحدت واري تسبيح سور،
چرخو نت اندر جو چور.
خي رک خوف خدائي خيال،
نيٺ ڇڏيندين اهل عيال، |
اڳتي هلندءِ زر نه مال،
تنهنجو
خدا سان ٿيندو وصال- |
اوچتي پوندءِ موت جي ڏور،
چرخو نت اندر جو چور.
دال نه دلبر تنهنجو دور،
ڌيان اندر ڪر، اکيون پور، |
سر ڏيڻ ريءَ ملي نه مور،
عين اندر جا، پُور نه مور- |
نفس نه ٿيندو توکان دور،
چرخو نت اندر جو چور.
ذال ذڪر کان دم نه خالي،
دشمن کي تون دٻ دنالي، |
ٿيءُ فڪر ۾ مست موالي،
ٿيءُ دلين جو تون والي- |
يار جون ڳالهيون ويٺو تور،
چرخو نت اندر جو چور.
ري
تون رب ريجهائج روئي،
سِرري سِر، ملي نا ”جتوئي!“ |
ڇڏ تون خيال خوديءَ جا ڌوئي،
دل جو جانب آهي جوئي- |
راتيان ڏينهان ان سان اور،
چرخو نت اندر جو چور.
زي ٿي زمانو ڪوڙو سارو،
ڪاڏي ويو ٿي يار پيارو؟ |
ڪم نه ايندءِ ٻني ٻارو،
اڳتي آهي سخت مونجهارو- |
ڪٽ قلب جي اسم سان ڪور،
چرخو نت اندر جو چور.
سين جڏهن ٿيندءِ سڪرات،
گوش اکيون سوراخ ۽ وات، |
ملڪ الموت بڇيندءِ ڪات،
ڦاٽي رهندا تنهنجا ڦاٽ- |
سخت سائين جي آ سرڪار،
دم دنيا ۾ آهين چار.
شين شرارت کي تون ڇڏ،
پاڻ مٽيءَ سان جيئري گڏ، |
’موتوا قبل ال‘ مام سان لڏ،
محل نه ماڙيون هتڙي اڏ- |
هنجهون هاڙهي لئي تون هار،
دم دنيا ۾ آهين چار.
صاد
صبر سان هتان هل،
ويهه اکين تي چاڙهي نل، |
ڪر نه ذڪر کان واندو پل،
بات برهه جي ڪنهن سان نه سل- |
پاڻ تون پنهنجو جيئري مار،
دم دنيا ۾ آهين چار.
ضاد ضلالت ڇڏ، ٿي شير،
سمجهه اصل کي آهين ڪير، |
نفس ندوري سان وجهه وير،
نُور جو قطرو، شاهه دلير! |
ٿي گدڙ نه گدڙن سان گهار،
دم دنيا ۾ آهين چار.
طوئي طبل جو مار نغارو،
’لاالہٰ‘ کي کڻ اوڀارو، |
’الله هو‘ سان رک تون آرو،
’الا الله‘ کي کڻ لهوارو- |
هوش رکي مدهوش گذار،
دم دنيا ۾ آهين چار.
ظوئي دنيا ۾ ڪر ظهورو،
عشق جو ٻار اندر ۾ کورو، |
تون تان آهين نُور نسورو،
ان جوملندو توکي اجورو- |
اول آخر ڏي رند! نهار.
دم دنيا ۾ آهين چار.
عين پوري تون، عين اُجار،
جي ارض سما کان وڃن پار، |
عين اندر جا، ڪين وسار،
مالڪ جي آ جت درٻار- |
عين اُهي کڻ، ڪر ڪا ڪار،
دم دنيا ۾ آهين چار.
غين ادا! تون غفلت ڇوڙ،
حرص هوا ٿي لڳو هوڙ، |
ڪين پهچائي غفلت توڙ،
منهن
انهيءَ کان هڪدم موڙ- |
هڻ ٻيائيءَ کي تون ٻار.
دم دنيا ۾ آهين چار.
في
فضل آ تنهنجو پڪو،
ڪوڙا! ڇو آن اسم کان ٿڪو، |
آهي مدينو تو ۾ مڪو،
موت قبر جو ڪرين ڇو دڪو- |
فنا کان ويندين بقادار،
دم دنيا ۾ آهين چار.
قاف قلب جو چرخو چور،
ڪٽ قلب جي ڪوريو ڪور، |
نفي اثباتي اوريو اور،
ويهه اندر جي وجهي ڏور- |
ڇڏ تون دشمن سڀ دٻائي،
ٻين سان موڳا! تنهنجو ڇاهي؟
ڪلمون
ڪاف
ڪر ذڪر ذاتي،
وٺ مماتي منجهه حياتي، |
عمر ساري تائين مماتي،
قلب پنهنجي مان ڪڍ نه جهاتي- |
رک لاڳاپا ربّ تي لاهي،
ٻين سان موڳا! تنهنجو ڇاهي؟
لام
لڪي تون لوڪان اورج،
ڪٽ
قلب جي اسم سان ڪورج، |
’لا‘ جو ڀتر دل ۾ ڀورج،
’الله هو‘ جي تسبيح سورج- |
مرشد توکي ڇڏيو سمجهائي،
ٻين سان موڳا! تنهنجو ڇاهي؟
ميم
ﷴ
سان محبت رک،
پوءِ ته ملندءِ پاڻ الک، |
وحدت واري سرڪي چک،
پاڻ
پائيندين پاڻهي ٻک- |
سر جو سودو سر سان آهي،
ٻين سان موڳا! تنهنجو ڇاهي؟
نون ندوري نفس کي مار،
بحر وحدت مان وڃ تون پار، |
هڻ خبيث کي ڏنڊا چار،
آهي مالڪ جي جت درٻار- |
بحر انهيءَ ۾ پئو تون ڪاهي،
ٻين سان موڳا! تنهنجو ڇاهي؟
هي هلاڪت تن نه ڪائي،
ڪاڻ نه تن کي پئسي پائي، |
جانب جن وٽ آهي جائي،
هِتي هُتي ٿي تن رهائي- |
”شاهه محمد“ تو وٽ آهي،
ٻين سان موڳا! تنهنجو ڇاهي؟
لا لڳو لڙهه جن ”جتوئي!“
دشمن دل جا ويٺا روئي، |
ڇڏيئون عيبن جا دفتر ڌوئي،
ٿيو تني جو ڌڻي نه ڪوئي- |
عدو کي مارج موچڙو لاهي،
ٻين سان موڳا! تنهنجو ڇاهي؟
اءلف
نه اڳتي ڍيڄو آڻج،
هتي جيڪي اُتي ڄاڻج، |
وحدت واريون موجون ماڻج،
اسم
ربي سان جسم کي واڻج- |
سڀ لاڳاپا ويهه تون لاهي،
ٻين سان موڳا! تنهنجو ڇاهي؟
يي ياراني تون ڇڏ غير،
اچ! اڱڻ تي، يار دلير! |
”صوفي“سان ڪر ڦند نه ڦير،
سرها
تنهنجا ڀايان سير- |
درود ڪلمون ڇڏ ڪمائي،
ٻين سان موڳا!
تنهنجو ڇاهي؟
هيءَ
روايت خود شاعر کان ملي.
وچولي
(تعلقي حيدرآباد) مان شاعر جي ڏهٽي سيد
صالح محمد شاهه کان ملي.
وچولي
تعلقي حيدر آباد مان شاعر جي ڏهٽي سيد
صالح محمد شاهه کان ملي.
|