ٽيهه اکري: مناجات باري تعاليٰ
(چيل مير محمد ”عنصري“ جي)
[مير محمد ساند، ڳوٺ جانهيرو تعلقي عمر ڪوٽ جو
رهاڪو آهي. اندازاً 1894ع ڌاري ڄائو. علامه مرحوم
محمد عثمان ”قِراني“ جي اوائلي شاگردن مان هڪ آهي.
ان وقت جي نصاب موجب شرح ملاّ تائين تعليم حاصل
ڪيائين. ان کان سواءِ فارسي ۾ پڻ تحصيل ڪيائين.
سندس چيل ڪلام تمام گهڻو آهي ۽ ٽن قلمي بياضن جي
صورت ۾ موجود آهي. فارسيءَ جي مشهور شاعر ”عنصري“
جي ڪلام کان متاثر ٿي، پنهنجو تخلص ”عنصري“ رکيو
اٿس.]
الف الله الصّمد بي مثل آهين بادشاهه،
آسرو عالم سندو پرور! سڀن جو تون پناهه،
هيٺ ٻيا حاڪم همہ، تون شان والا شهنشاهه،
تون هٿان هرڪو ٿئي، هن ڏيهه جو ڏاتارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
بي عجب باري بنائين، حڪمتون هرجاءِ ۾،
اُڀ زمينون اي ڌڻي رازق! اوهان جي راءِ ۾،
سِپ اندر سوگها ڪرين، دُر بي بها درياءَ ۾،
ڪير ٻيو هيئن ٿو ڪري، حاڪم حڪومتدارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
تي توائي تار ۾ تاراج تو ڪئين تخت ڪيا،
مَنَ ڪنين جا ميڻ ۽ سينا ڪنين جا سخت ڪيا،
بيوسيلن جا وڏا تو بادشاهي بخت ڪيا،
ڪو جڏو جالي هميشہ، لادوا لاچارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
ثي ثباتي تو سندي، فاني همہ ٻيو جڳ جهان،
ڪلّ نفسٍ جو ضروري، ذائقو چکندي زبان،
مون مٿي ان مهل ۾ مشڪلڪشا! ٿج مهربان،
ڪرم فرماءِ ڪارڻي! ناقص آهيان نادارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
جيم جيڪو دم جيان پيو، سو ڪمايان ٿو قُصور،
مون بجا آندو نه هڪ عاصي عبادت جو اُمور،
لطف پنهنجي سان لنگهايين آخرت وارو عبور،
ڪُل ڪچو، قادر سندم! ڪمزور ڪاروبارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
حي حلاوت حقّ جي مٽجي ويئي منهنجي مَنا،
نفس ۽ شيطان جي فرمان تان آهيان فنا،
پَل گهڙي پرور! سندئي مون ڪانه ڪئي سارهه ثنا،
هئي! نهوڙيس نفس، جو موذي سندم مردارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
خي خيانت ۽ خلل، پٺ پاپ مون پرواز ڪيو،
سڀ منجهان
سوجهي سٺو، هڪ نفس سان مون ناز ڪيو،
تِل نه تسبيح و تلاوت جو اصل آواز ڪيو،
لعنتي مونکي لهر لالچ ۾ ڪيو لهوارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
دال داتا! دل سندم محبت منجهان معمور ڪر،
وسوسا ويريءَ وڏي ديوث جا سڀ دور ڪر،
عرض هن عاصيءَ سندا، سڀ مهربان! منظور ڪر،
مئي محبت جي ڏيئي، مخمور ڪر، ميخوارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
ذال پنهنجي ذڪر جي ، هن قلب کي قوّت ڏجان،
ذوق واري زهد تي تون قيمتي قدرت ڏجان،
نفس ۽ شيطان کان نت نت گهڻي نفرت ڏجان،
قدح ڏيئي قرب جو، ڪر سرخرو سرشارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
ري روان ڪر روح منهنجو، ربّ ! رياضت ڏانهن رخ،
زهد تقويٰ طلبگاري ٿي لڳي طاعت تلخ،
مون مُلايو ڪين موليٰ! نيڪناميءَ جو نُرخ،
هئي! وريو مون تي هچارو، ’الامان‘ امارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
زي زياده زور منجهان، عيب ۽ عصيان ٿيا،
۽ خلل، خاميون، خطائون، مون ڪروڙين ڏوهه ڪيا،
لطف جو ’لاتقنطو‘ سڻندي وهم وڍجي ويا،
هن بندي جو تو بنان ٻيو ڪير بخشڻهارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
سين اي ستار ! منهنجو، صاف رک سينو سدا،
”خاشئاً مُتصَدعاً مِن خَشۡيَةِ الله“ اي خدا!
جيئن ٿيان فرمان کان، دم ڪونه ربّ جامع! جدا،
سجدا صلواتون هجن سر ساهه جو سينگارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
شين مونکي شوق ڏي، تان شل ! سدا شب خيز ٿيان،
نينهن مان ’نصر ٌمِن الله‘ جي عشق آميز ٿيان،
معرفت جي ماڳ منزل ۾ سدا شبديز ٿيان،
جانشين جنّت ۾ ٿي، جلدي پسان جنسارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
صاد ڪر صانع مٿم، سولو پتڻ سڪرات جو،
سخت مهندان وقت اوکو ٿو سڄي عرصات جو،
حق تعاليٰ ڏي حياتيءَ ۾ حصو حسنات جو،
ٻاجهه ڀريا! تو سندي ٻانهيءَ جو آهيان ٻارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
ضاد ضايع سڀ سندم، ٿي زندگي ويئي زبون،
پاپ آءٌ پنهنجا پسيو صد بار آهيان سرنگون،
پُر گُنہ مونکي ڪيو اُفتان ويريءَ پُر فُنون،
آهه جو ابليس اصلي خر خصومتدارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
طوئي طبع مان نيڪ نيّت، ناس ۽ نابود ٿي،
بندگي مون بيخبر کان موءِ نه هڪ معبود ٿي،
ڪار ڪوتاهيءَ سندي مون وٽ مڙئي موجود ٿي،
ڪونه مون قاصر کي آيو، وحده ويچارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
ظوئي ظلم مون پاڻ تي، پرور! ڪيو پاڻهي پسي،
هيءَ وڃايم سڀ حياتي، حُب دنيا تي هَسي،
ختم ٿي ان خيال ۾، هيءَ عمر آخر کي رسي،
هن گهڙيءَ سوڌو نه ٿيس، حسرت زده هشيارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
عين عربيءَ پاڪ جي، روضي اڳيان مونکي رساءِ،
پاس پيغمبر سندي، پابوس کي پرور! پڄاءِ،
حُب مان هيڻي کي، هوتن ڏانهن حاجين سان هلاءِ،
ملهه ڳڌل محبوب جو ٻانهو ٻهاريدارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
غين غافل ٿو پنان، ڏي مغفرت مسڪين کي،
ڏوهه سڀ ڏاتار! ڇڏ، هن غمزده غمگين کي،
بخش ڪر باري بديون، خاسر بندي خودبين کي،
موت ۽ محشر ۾ خاطي، ڪج نه خالق! خوارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
في نه مون ۾ آ فضيلت، علم اخلاق و ادب،
بي ريا بندو اوهان جو، آهيان بس بوالعيب،
ڪرم ڪر قادر مٿم، اي برگزيده! بي سبب،
مون خزاني خير مان، والي! ڪيو واپارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
قاف قدرت سان ڪميني کي، قناعت ڏي قوّي!
دان دولت صبر جو، سائل مٿي ڪر اي سخي!
ٻَهر ڪر ٻانهون سندئي، غفلت غنوديءَ مان غبي،
قلب تان لاهي ڪدورت، معاف ڪر مونجهارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
ڪاف وچ ۾ ٻن ڪريمن، آهيان اميدوار،
قاضي الحاجات سائين! ڪرم فرما ڪردگار!
ٻيو وسيلو واهرو، ڪريين ﷴ مختيار!
دفع دامنگير تان ٿيندو الم آزارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
لام لاهيان لطف مان ڪيئن آسرو آزادگي،
فضل جِت ٿيندو، اتي تحقيق ملندي تازگي،
ڪانه ڪوڏيءَ جيتري رهندي ذري ناراضگي،
اُت تري هُن پار پوندو پُر خطا پيزارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
ميم مون جهڙو لڀي مس، عيب وارو اُمتي،
مون اندر سُستي سدا ٻي بي بيان بي همتي،
رحم فرماءِ رحمت اللعالمين! ربّ رحمتي!
ماڳ مون مذنب کي ڏج، محشر اندر موچارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
نون مونکي نُور ايمانۡ ساڻ ڪر روشن ضمير،
”وَهُو مَعۡڪُمۡ اَيۡن ما ڪُنتُم“ تون داور
دستگير،
تون ”هُوَ الله الغني“ آءٌ في الحقيقت ٿيس فقير،
تون سخاوت جو سمنڊ، سوالي آءٌ صد بارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
واو منهنجو وير ۾ ترهو توڪل کان سوا،
پاڪ پيغمبر ٿئي پرديس ۾ شل پيشوا،
تار تک تڙ ڀيڙ ۾، ڀيڙو هجي هن بينوا،
من سڏي سختيءَ ۾، خيرالناس خذمتگارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
هي حشر جي ڏينهن ٿيندي هيبتي جِت هاءِ هوء،
جمع ٿيندا جانور، آدم چرندا چار سوء،
ڪُل سندي قاضي ڪندو، پوري قضا روءِ بروء،
ڌوم دهشت سان ڪندو، دوزخ مچي ڌڌڪارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
لا چئي لاحول سان، آخر مران ٿي مسلمان،
موت ويلي شل وري! ذاتي ذڪر تي هُئي زبان،
پنجتن ڪر پار منهنجي، جي ضعيفن جا ضمان،
ڏينهن قيامت جو ٻڌان ٿو، ڏڏ وڏو ڏهڪارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
اءلف
ان عرصات ۾، آگا! ڪجان آزاد جان،
مهل مشڪل ۾ مٿم، معبود ٿيجان مهربان،
تاب سان تُرندو تُراڙو، نيڪ بد ٿيندو نشان،
پاڪ اُت پَرتو ڪَڻئِي، هي بي عمل بد ڪارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
يي حقيقي يار کي، ڪريان ٿو عاجز ”عنصري“،
دار دنيا جو ڇڏي، اي ”مير“ تون ويندين مري،
قبر ۾ ٿيندين ڪڏهن، هڪ ڏينهن ٿانيڪو ”ٿري“،
ڪوڏ مان ڪلمون چيو جنهن، سو سدا سوڀارڙو-
بندگيءَ کان بي همت، بلڪل آهيان بيڪارڙو،
در اڳيان داور! سندئي، پلپل رهان پينارڙو.
ٽيهه اکري: رامڪلي
(چيل راضي فقير جي)
[راضي فقير پٽ ﷴ مراد لاشاري بلوچ، لاشارين جي
ڳوٺ، تعلقي هالا جو رهاڪو آهي. سنه 1895ع ڌاري
ڄائو. چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ ڀٽائي بزرگ جي درگاهه
تي وڃي ويٺو، ۽ اتي ئي سندس شاعريءَ جي ابتدا ٿي.
ان بعد ساڌن ۽ سناسين سان گڏ گنگا، جمنا ۽ هنگلاج
جا سير ڪيائين. عالمن ۽ عارفن، فقيرن ۽ درويشن سان
پڻ ڪچهريون ڪيائين. سندس ڪلام جو رسالو قلمي حالت
۾ وٽس موجود آهي، جنهن ۾ هن لڳ ڀڳ انهن سڀني سُرن
تي بيت چيا آهن جن تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت
چيل آهن .فقير گفتي جو ملوڪ، ۽ سڄاڻ سگهڙ آهي. هن
وقت هالن، ضلعي حيدر آباد ۾ رهي ٿو.]
(1)
الف آديسين من ۾، چيو جن چٽو،
پڃري مان پرين کي، ڏوران تن ڏٺو،
”صمٌ بڪم عمي فهم لا يرجعون“ ڪيئون ڦندڦٽو،
ڪري محب مٺو، رانول رسيا رام کي.
بي ئون بيراڳين جي، ڪيم پهرئين ڏينهن پچار،
وجهي وحدت وجود ۾، نانگا ٿيا نروار،
لائي خاڪ لڱن کي، هليا پورب پار،
”نصرمن الله و فتح قريب“ تن رکيائون تار،
مانجهي لاهي ميار، رانول رسيا رام کي.
تي ئون توحيد ۾، نانگا ٿيا نيهي،
هليا هنگلاج ڏي، پورب ويا پيهي،
”التائِب مِنَ ذنب“ سنياسي سيئي،
وحدت ۾ ويهي، لاهوتي لعل ٿيا.
ثي ئون سبحان ڏي، جوڳي هليا جام،
پياسي پورب ۾، نانگا وٺن نام،
”مازاغ البصر وما طغيٰ“ سدا ڪن سلام،
ڪري سِر قتلام، رانول رسيا رام کي.
جيم ئون جبّار ڏي، هليا لاهوتي لَس،
هلن هنگلاج ڏي، گنگا وٺي گس،
”فاذڪرونِي اَذڪر ڪم“ ويراڳين وڌي وس،
ڏاتار پڇي ڏس، رانول رسيا رام کي.
حي ئون هنگلاج ڏي، هليا نانگا ڇڏي نات،
پسڻ خاطر پرين جي، رمن ڏينهان رات،
”لا تقنطو من الرحمة الله“ ڪن وائي سدائين وات،
ڪري چُپُ چُپات، غازي گڏيا گُرو کي.
خي ئون خوديءَ کي، کاهوڙي کائين،
پڙهي سبق سبحان جو، لاهوتي لائِين،
”اِن الله مع الصابرين“ آديسي آهين،
رازق ريجهائين، گر کي گڏيا ڪاپڙي.
دال ئون درد فراق جا، سامين کي سينگار،
ڪري خاڪ خوديءَ کي، جوڳين ڪيا جنسار،
”موتوا قبل اَنت موتوا“ تن رکيائون تار،
جتي نه ليل نهار، اتي گر کي گڏيا ڪاپڙي.
ذال ئون ذڪر ذات جو، ڪن سامي سڀ ڄمار،
ويراڳي وحدت ۾، سنياسي سچار،
”اِن الله وتُر يحب الوترُ“ دائم رکن درڪار،
جتي پَريون پار، اُتي رانول رسيا رام کي.
ري ئون ”راضي“ روح ۾، پرميشر پڇن،
هليو هنگلاج ڏي، ڪنهن سان ڪين ڪڇن،
”اَلله لطيف بعباده“ سدا لعل لڇن،
منجهان قرب ڪُسن، رانول رسيا رام کي.
زي ئون ٿا زهد مان، رويو وٺن راهه،
هلندي هنگلاج ڏي، سامي ڏين ساهه،
”اَلحبّ لِله والبغض لِله“ ويراڳي وهواهه،
جتي شمس نه ماهه، اُتي رانول رسيا رام ۾.
سين ئون سمهڻ سيج جو، سامين ڇڏيو ساءُ،
هلندي هنگلاج ڏي، ڏين ساهه پساهه،
”ولا يُحب الفرحين“ ڪڏهن ڪن ملاءُ،
جتي پنڌ نه پاءُ، اُتي لاهوتي لعل ٿيا.
شين ئون شريعت جا، تابع ٿيا تيار،
طريقت تن ۾، ڪن حقيقت هيڪار،
واصل ٿيا وصال ۾، معرفت مدار،
”اَنّ الذّين آمنو وعملو الصّلِحٰت“ نت گهمن
نروار،
ڪري پرين پچار، لاهوتي لعل ٿيا.
صاد ئون صاحب ڏي هليا، جوڳي ڪري جود،
پَسيائون پرين کي، وڃائي وجود،
”ونحن اَقرب
اِليہ من حبل الوريد“ مانجهي ٿيا موجود،
نانگا ٿي نابود، غازي گڏيا گُر کي.
ضاد ئون دُئي کان، پري ڪيائون پاڻ،
سنياسين سڪ جو، ثمر کنيو ساڻ،
”من عرف نفسہ فقد عرف ربہ“ اهو ڄاتائون ڄاڻ،
ڀري ڇڏي ڀاڻ، ٿيا حوالي حق جي.
طوئي ئون سدائين تات، آديسين الک جي،
پيهي ويا پورب ۾، رانول ڏينهان رات،
”تَرڪُ الدنيا واجبٌ“ ڪن سدا وائي وات،
برهه وسائي برسات، لاهوتي لعل ٿيا.
ظوئي ئون زاهد زهد ۾، نانگا ڪن نياز،
اٺئي پهر اندر ۾، پڙهن نينهن نماز،
”وتعزمن تشاءُ وتذل من تشاءُ“ صحيح سڻائين ساز،
رمز سڃاڻي رازُ، لاهوتي لعل ٿيا.
عين ئون عشق ۾ ٿيا، آديسي اَبدال،
لاهوتي ”لاشاري“ چئي، وڍيا واحد جي وصال،
”ومن اَحسن من الله صبغةً“ رچي ٿيا رجال،
بيراڳي برحال، غازي گڏيا گُر کي.
غين ئون غريبن ۾، نانگا رکن نينهن،
آديسي اُداس ۾، رهن راتو ڏينهن،
”فليضحڪو
قليلاً واليبڪو ڪثيرا“محب وسائي مينهن،
شرڪ ڇڏي شينهن، رانول رچي راس ٿيا.
في ئون فڪر فراق ۾، روئن سامي سڀ ڄمار،
آديسي اُڪير ۾، نت وهائن نار،
”ويتوب الي
الله توبة نَصوحا“ پڙهن عاشقن استغفار،
وڏي سڪ سچار، لاهوتي لعل ٿيا.
قاف ئون ٿيا قربان، نانگا اڳيان ناٿ،
”ولقدر خيرم وشره“ ماڻيائون ميدان،
جوڳي گهوري جان، رانول رسيا رام کي.
ڪاف ئون ڪُٺا ڪُل، آديسي عشق الله جي،
”لُؤالؤاً وَالمرجان“ ٿيا آديسي اَملهه،
بابو ڇڏي ڀَل، غازي گڏيا گُر کي.
لام ئون لامڪان ۾، سامي ويا سڀ،
اداسي عشق سين، رويو ريجهائين ربّ،
”من الخوفِ والجُوعِ“ رکن تات طلب،
لالچ ڇڏي لبُ، غازي گڏيا گُر کي.
ميم ئون محبت ۾، مانجهي ٿيا مستان،
راتون ڏينهان روح ۾، پڙهن درد جو داستان،
”لامقصود في الدارين الاهو“ ٿيا ڀيڙا سين ڀگوان،
ريجهائي رحمان، غازي گڏيا گُر کي.
نون ئون ٿيا نيشان، آديسي اڳيان الک جي،
هليا هنگلاج ڏي، تنبو ڇڏي طولان،
”ڪل من عليها فان“ دُرس رکيائون ڌيان،
جوڳي ٿيا جوان، غازي گڏيا گُر کي.
واو ئون وحدت وصال ۾، جوڳين ڇڏيو جهان،
اندر ۾ الله جو، مانجهين اڏيو مڪان،
”يخشون من ربّهم بالغيب“ رکن نظارو نشان،
ساراهي سبحان، لاهوتي لعل ٿيا.
هي ئون هلڻ حق جو، سامين سدائين،
”حب الوطن من الايمان“ ڪن اُڪنڊ اوڏاهين،
طالب تيڏاهين، لاهوتي لعل ٿيا.
لا ئون لاهوت جو، آديسين عشق،
هاهوت هلڻ جي، سدا سنياسين سڪ،
”وسقاهم ربهم شراباً طهوراً“ پاڪ پيتائون پڪ،
طالب ڏيئي تِڪ، لاهوتي لعل ٿيا.
اءلف ئون اوڏا ويا الف کي، ميم نه رکيائون من،
”لاخوف عليهم
ولا هم يحزنون“ ڪنبي ڪيائون ڪن،
توبهه ڪري تن، رانول رسيا راز کي.
يي ئون ’يرڪ‘ مڪان ۾، ڪئي ويراڳين ورونهه،
لنگهي پيا لاحد ۾، جتي توهين ۽ تون،
”اَنا مولاڪَ و اَنت محبوبي“ ڀلي آئين ڀُون،
جتي آءٌ نه مون، اُتي رانول رسيا راز کي.
(2)
ٽيهه اکري: سسئي
الف ئون اکر هڪڙو، سسئي ڪيو سال،
ڏيرن مون سان ڏاڍ ڪيو، نيائون نه نماڻي نال،
پنهون ڪارڻ پٻ ۾، ڪنديس پاڻ پامال،
ڪيچين ڌاران ڪال، ڀانيان ٿي ڀنڀور ۾.
بي ئون تنهن بلوچ جي، ٻانڀڻ هي ٻانهي،
ڏيکاري ويو ڏکيءَ کي، پرين پيشاني،
مونکي ڏينهن ميثاق جي، ملي نينهن نشاني،
ڪلمي سان
قرباني، ٿينديس هادي هوت پنهون تان.
تي ئون تات تن ۾، اٿم توڙئون جا تنوار،
بر ۾ بلوچن لاءِ، نيڻن وهايم نار،
ڪيچين جي قطار، هادي! ملائينم حب ۾.
ثي ئون سرواڻن لاءِ، هيءُ جلي جيرو،
ڪُهي ڪميڻي هليا، ٻانڀڻ ڪري ٻيرو،
لنگهي ويو لڪن تان، پنهونءَ جو پيرو،
ساجن سويرو، هادي! ملائينم حب ۾.
جيم ئون جتن لاءِ، روئي پڇج راهه،
ويو پنهون پياديءَ کان، سختي ڏيئي ساهه،
وسيلو ۽ واهه، ٻيو ڀانيان ڪونه بلوچ ري.
حي ئون حبيبن لاءِ، ڪَهي ٿي ڪنگال،
سسئي کي ساجن جو، نينهن اندر ۾ نَعل،
ڏکيءَ کي ڏنڀال، ويو لهي وڻن تان.
خي ئون خان کڻي ويا، ڀينر! رات ڀنڀوران،
ٿيس پوڄاريءَ پنهونءَ جي، هنئين جي هوران،
وڍيان هوند وجود کي، تڪيان نه توريان،
ڪپيان ۽ ڪوريان، جي مليم هوت حب ۾!
دال ئون درد جون، ٿيون سسئي کي سارون،
ڪيم ٿي ڪيچين لاءِ، قلب منجهان ڪوڪارون،
ساجن منهنجي سور جو، دوست ڪندو دارون،
توبهه جون تارون، ڏيندا مون ڏير ويا.
ذال ئون ذوق سان، سسئي پَسندي سيڻ،
وهائج واٽن تي، کڻي نماڻي نيڻ،
وِلهِي! توکي ويڻ، متان هوت ڏئي حب ۾.
ري ئون راهه ۾، ڪج پرين جي پچار،
اٿي وڍ وجود کي، ڪر ڪاسائڪي ڪار،
پنهون تنهن جو پار، هوت مليئي حب ۾.
زي ئون زاريءَ سان، هِنئين ڀَر هَليج،
مدائي من جي، ڪوري سڀ ڪڍيج،
جهولي پائي جهليج، پاکر پنهونءَ ڄام جي.
سين ئون اکر سچ جو، سسئي سڃاتو،
جنهن هلي هوت پنهون ڏي، پير ڀري پاتو،
نڌر کي ناتو، هو پهرئين ڏينهن پرينءَ جو.
شين ئون ڪڍيو شڪ، ٻانڀڻ ٻيائيءَ جو،
پياديءَ کي پنڌ ۾، پنهونءَ ڏني پڪ،
لنگهي مٿان لَڪُ، لطف سان ”لاشاري“ چئي.
صاد ئون صحيح سنڀاري، سسئي تنهن ساجن کي،
ڏاتر ڏيکاري، هيڪر هوت اکين سان.
ضاد ئون دوست کي، سسئي سڏ ڪري،
آءُ اوراهون
سپرين، پنهون! وڃ مَ پري،
هيءَ جا هِت مَري، سا ڪج هوت! حوالي حق جي.
طوئي ئون طالع تنهن جو، آهي جيئري مٿي جِن،
ماري ويا معذور کي، ليڙا منجهه لَڪَن،
تنهن جو پرور! رکج پَنُ، ڪج هوت! حوالي حق جي.
ظوئي ئون ظاهر زاري، ٻانڀڻ ڪئي ٻروچ لاءِ،
وندر ۾ ويچاري، ڪري هڪلون هوت کي.
عين ئون عشق آريءَ ڄام جو، اُٿي تون اُجار،
چوري رات چڙهي ويا، بوتن کڻي بار،
هوتن لاءِ هيڪار، ڀُڻي ڏونگر ڏوريان.
غين ئون غفلت وسار، ڇڏ سياڪو سسئي!
ساجن اٿي سار، ويهه وساري ڪينڪي.
في ئون فراق مان، هلي ڪج حشر،
متان مُٺي ڇڏئين، دوستاڻو دَرُ،
وِلهي! توکي وَرُ، ڪري حوالي حق جي.
قاف ئون قرب ڪُٺي، اديون آريءَ ڄام جي،
پَسڻ ڌاران پرينءَ جي، هيءَ معذور مُٺِي،
جا لَڪن منجهه لُٽي، تنهن کي قادر ڪيچ رسائين.
ڪاف ئون ڪُٺي ڪالهه، عشق آريءَ ڄام جي،
نيندو پنهون نال، هوت نه ڇڏيندو هيڪلي.
لام ئون ٿي لعل، پَسڻ منجهان پرينءَ جي،
ساجن ڪئي سنڀال، سسئي جي سُڃ ۾.
ميم ئون محبت ۾، پئج مُنڌ مَري،
متان مُٺي! ڇڏئين، سندي دوست دَري،
وندر منجهه وري، ڪندءِ هوت حوالي حق جي.
نون ئون پنهنجي نينهن کي، سسئي! تون سڌار،
پنهون ڪارڻ پٻ ۾، نيڻن ساڻ نهار،
وحدت اٿي وار، ويهه وساري وجود کي.
واو ئون ورق وصال جو، سسئي کي سوايو،
پانڌي پرينءَ جي پار جو، اتاهون آيو،
ڪميڻي کي ڪيچ ۾ رازق رسايو،
پنهون پَسايو، هيڪليءَ کي حب ۾.
هي ئون ٿيو حضور، ٻانڀڻ کي ٻروچ جو،
مليو سهاڳ سسئي کي، ٿيا ڏک مڙيئي ڏور،
نماڻيءَ تي نُور، پيو پهرئين ڏينهن پرينءَ جو.
لا ئون ڏيئي لغار، ڇيڙي وڌيس ڇپرين،
چانگا چوريءَ چُريا، گنگن ڪئي نه گفتار،
نِينم سُور سنڀار، اگهي ٿي آهون ڪريان.
لا ئون ڪري لات، پنهون ڪارڻ پٻ ۾،
ڏاتر ڏني ڏات، سسئي کي سِڪ جي.
اءلف
اکر عشق مان، سسئي! تون سڃاڻ،
پهرين وڃائج پاڻ، پوءِ ڪج هڪل هوت کي.
يي ئون ياقي ٿياس، پنهون ڪارڻ پٻ ۾،
لاهي سانگا ساهه جا، پرينءَ پيش پياس،
قادر ڪيچ ڪَياس، ڪلمي سان ڪريم جي.
ٽيهه اکري: مناجات نبي ﷺ
(چيل لعلڻ خان لغاري جي)
[لعلڻ خان ولد علي بخش ولد جيئندو خان، پاڙو
سنجراڻي لغاري، ڳوٺ گل محمد لغاري، تعلقي شهدادپور
جو ويٺل آهي. سنه 1895ع ڌاري ڄائو. سندس وڏا اصل
”چوٽي“ ضلعي ديري غازي خان جا ويٺل هئا، جي پوءِ
لڏي سڪرنڊ کان اڍائي ڪوهه ڏکڻ طرف غلام شاهه جي
ڳوٺ ۾ اچي ويٺا. درياءَ جي پائڻ ڪري لعلڻ خان لڏي
اچي پنهنجي ناناڻي ڳوٺ، گل محمد خان لغاري ۾ ويٺو.
سندس شاعريءَ جي ابتدا مجازي عشق جي چوٽ ۽ محبوب
جي وفات جي واقعي سان ٿي. اهو واقعو سنه 1918ع ۾
ٿيو. انهي وقت وڏيءَ بيماريءَ وگهي نه فقط سندس دل
واريءَ وفات ڪئي، پر پاڻ به بيمار ٿي پيو هو. سندس
شعر گهڻو ڪري سرائڪي ۾ چيل آهي، جو حمل فقير جي
تتبع تي چيو اٿس. دودي چنيسر، يوسف زليخا ۽ هير جا
قصا پڻ ٺاهيا اٿس. گفتي جوملوڪ ۽ سڄاڻ سگهڙ آهي.
ڏور ۽ ڳجهارت جو بهترين ڳولو آهي .]
الف آزي آءٌ چوان، پيرين ﷴ جي پوان،
اچي نينهن ڪيا نيزا نوان، پيو جوش آهه جند جان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
بي بدين کان بچاءِ، ڪمڙا ڪيا ڪل مون ڪچا،
ساڻي ٿيو سرور سچا! معافي ڏيو ميزان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
تي تنواريان تات تو، سنجهي صبح دن رات تو،
ماري مدعي ڪيا مات تو، ويڙها سندن ويران ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
ثي نه تن کي سوڀ ڏي، لالچ رکن جي لوڀ ڏي،
ڪرندا وتن جي ڪوڀ ڏي، سي ڪيئن چڙهن چوغان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
جيم جوکي ڪيا جڏا، هادي ڀڳا تن جا هڏا،
تُرتئون ڦٽا تن جا تڏا، پيا تڙڦندا طوفان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
حي حسد ڪن هوڏ تي، لٽڪا رکن پيا لوڏ تي،
ڪُٽجي مرن پيا ڪوڏ تي، ناهي مڻيا نادان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
خي خدائي نا خبر، ظالم ظلم ڪن پيا زبر،
قادر ڪري تن جي قبر، ٿي خاڪ ويا خفقان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
دال درڙي دل مَٽي، پئي چور تي ڏاڍي چٽي،
پيئندا سگهو وهه جي وٽي، اڄ يا سڀان ارمان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
ذال ذاتي ڏي ذڪر، ڪر تون فنا منهنجا فڪر،
ويا وهم دل جا ۽ فڪر، ملندي مبارڪ مان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سَگهو، عاجز بچا احسان ۾.
ري رنجائن پيا رعيت، ڪندا وتن ڪل سان ڪُپت،
پئي کوٽ جي تن ۾ کپت، هوندا سدا حيران ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
زي زنجيرن ۾ جڙيا، قابو انڌارين ۾ ڪڙيا،
سينا سندن سارا سڙيا، پيا اوچتا ارمان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
سين سائل جي صدا، خالق سڻي جلدي خدا،
مسڪين سان جن ڪئي مدعا، قهري ايندا شل ڪان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
شين شومين جي مٿان، ڪرندن قهر قادر هٿان،
ڪين چڙهندا سي ڪٿان، گوندر سندن گذران ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
صاد صاحب سُور جا، گهايل ڏکن جي گُهور جا،
پوندن اُلانبا پور جا، گمراهي جي گهمسان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
ضاد ضامن ظاهري، آهي ولهين جو واهري،
ناهي شفا ڪا شاهه ري، محشر سندي ميدان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
طوئي طالع تن جا ڦٽا، چوڙي اندر وڃي پيا چٽا،
ڪل ڏيهه پئي ساري ڏٺا، ٿي پيا چريا چوگان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
ظوئي ظلم ڪن پيا زبر، ڪاري تنهين جي ٿي قبر،
ويو سو نڀاڳن کان نٻر، هن باغ جي بستان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
عين آهين شاهه تون، واهر ولهن جي واهه تون،
دوکا دلين جا لاهه تون، رکندو ڌڻي شل ڌيان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
غين غوطا غرق ۾، ويري زمين جي ورق ۾،
نا ٿَن ڦَڪي ڪا فرق ۾، نابود ٿيا نقصان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
في فراقن ۾ فنا، پڙهندا پڪارڻ جا پنا،
ڀاڙي مڙئي ترتئون ڀڳا، هوندا مثل حيوان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
قاف قادر! ڪر ڪرم، رک تون ڀلارا سو ڀرم،
شافي! بچائج تون شرم، عاصي رهي امان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
ڪاف ڪوڙي ڪن ٺڳي، هڻندا وتن کوٽا کڳي،
ٿن آهه عاجز جي لڳي، مرندا وڃي ملتان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
لام ”لعلڻ“ سان لڙيا، وڃي اوچتا اندر اڙيا،
تڪبر کڻي توڙئون تڙيا، دوزخ اندر دوفان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
ميم موليٰ ڪر مهر، ناڪس مٿي ڪر تون نظر،
ڇڏ نا پليتن جي پهر، گانڊو مرن گستان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
نون نذرانو ڪري، سِرڙو ڏيان سهڻا! ڌري،
قادر قبولي شل ڪري، موڳو مداحي مان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
واو وڃن ويري مري، مشڪل منهنجي کي هڻ تري،
جيئري ويهان جاني! وري، تنهن دادلي دوڪان ۾-
سڻ سوال سيد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
هي هچارا هيس ڪن، داتا! نه ڏي تن کي دفن،
بَر ۾ هجن شل بي ڪفن، مردا رليا مڪران ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
اءلف
آزي عرض مون، ڪامل ڪندو اچي غرض مون،
ويندو مٽي ڪل مرض مون، ڏيندو شفا سو ڏان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
لا ”لعلڻ“ يار سان، وڃي لنءُ سچي سردار سان،
پرتئون سڃاڻن پيار سان، ڪلمون ڪهان زبان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
يي يقينئون يار کي، ٿم سوال ڪيو سرڪار کي،
بخشي بديون بدڪار کي، آواز ڪري اعلان ۾-
سڻ سوال سيّد! آ سگهو، عاجز بچا احسان ۾.
ٽيهه اکري: نصيحت
(چيل رستم فقير رند جي)
[رستم فقير رند ڳوٺ محمد خان رند تعلقي
سنجهوري جو رهاڪو آهي. مشهور سگهڙ بچائي رند جو
شاگرد آهي. اندازاً 1910ع ڌاري ڄائو. سندس ڪيترو
ئي ڪلام چيل آهي، جنهن مان بيت ۽ ٽيهه اکريون
مشهور آهن. هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي.]
ڪلمون جن قلب ۾، رڳون روز پڙهن،
وحدت تند وجود ۾، ٿا واڄا سر وڄن،
الف جني جي اندر ۾، ٻيائي تان نه ٻڌن،
بي جني جي بت ۾، تي ئون ترڪ پڙهن،
ثي جني کي سورن جي، جيم ئون جوش چڙهن،
دال جني جي دل ۾، ذال ئون زور پڙهن،
ري جني جي روح ۾، زي سڄي زخمن،
سين جني کي سورن جي، شين ئون شوق پڙهن،
صاد جني کي سڪ جي، ضاد ئون دود دکن،
طوئي جني کي طلب جي، ظوئي زهر پين،
عين علي اندر ۾، غين ئون غير ڪڍن،
في جني جي فڪر جي، قاف ئو قول ڪهن،
ڪاف ته قادر قلب ۾، ٿا لام ئون لام لڳن،
ميم جني جي من ۾، ٿا نون ئون نينهن نڱن،
واو ته وصل واريون لا ئون ڪين لڙن،
يي ئون ڳالهه يقين جي، مانجهي ڪين مڙن،
رکيو وڃي ربّ سان کنڌو کاهوڙين،
انهيءَ ريت ”رستم“ چئي، جنّت جاءِ جڙين،
پڇي ڏس پڙهين، ته ناهي ڪوڙ قرآن ۾.
ٽيهه اکري : نصيحت
(چيل مولا بخش ”مولائي“ جي)
[مولا بخش مڱريو، ڳوٺ عاريجا تعلقي ڏوڪري
ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل آهي. سنه 1908ع ڌاري ڄائو .
ڪجهه قدر تعليم پڻ حاصل ڪيل اٿس. سندس ڪلام
مولودن، ٽيهه اکرين ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. هتي
سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي.]
الف اول ڪر خدا جي يادگيري اي ادا!
ڪين غافل ٿي گذارج، نيٺ ايندءِ ڪم خدا،
ڪر عبادت ۽ رياضت، رهه نه جانب کان جدا،
پاڪ مالڪ جي مٿان صد بار هي ڪر سر فدا-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
بي بلاشڪ بار سڀڪنهن جو انهيءَ الله تي،
جنهن جي نظر آهي تونگر ۽ گداگر، شاهه تي،
پاڻ ڀانئج ڪين هرگز هل هيٺاهين راهه تي،
ڀروسو ڪر ڪين موڳا! بي بقا هن ساهه تي-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
تي تون توبهه ڪر گناهن کان ، خدا آهي غفور،
ميٽي توبهه سان ڌڻي، جيڪو ڪري ٻانهون قصور،
جي گنہ ٿورا هجن، توڙي ڪيو هوندءِ ڪلور،
بخشي ٿو بدلو براين جو وٺي مالڪ نه مور-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
ثي ثمر تون کڻ سٺو، هت واٽ ٿي اوکي ٻُجهي،
هيڪلو ويندين هتان، جاٿي نه ڪو ساٿي سجهي،
سامي سوڙهي قبر، رهزن ۽ فسادي ٿو رجهي،
سختي آ سڪرات جي مردود ٿو جنهن ۾ منجهي-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
جيم جاني! تو سندا ڪيئي ويا هتڙئون لڏي،
ميڙيا جن مال مڏيون، سي سمورا ويا ڇڏي،
صبح سانجهي اي بندا ! پئي ٿي قبر توکي سڏي،
ڏينهن هڪڙي اي ادا! تون ڀي ويندين تنهن جي تڏي-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
حي حرامي مال کان بيهوش! رهه بيزار تون،
۽ غريبن جي مٿان احمق! نه ٿي آزار تون،
سو کڻج سمجهي ميان! بدين سندو هت بار تون،
بار ڪيئن لاهي سگهين؟ ٿيندين سڀاڻي خوار تون-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
خي خدا جو خوف ڌارج، اي بندا بدڪار تون!
موٽي هر گز هت نه ايندين ڪنهن طرح ٻيهار تون،
حيف پنهنجي حال تي هر هر ڪندين ڦٽڪار تون،
تنهن کان اڳي هتڙي ادا! پوڻا نه ڪر پرڪار تون-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
دال دلبو ۽ دغائي تون ڪنهين سان ڪيم ڪر،
ريءَ رضا ربّ جي ادا! ٻولي تون هرگز ٻي نه ڪر،
راهه رب جي وٺ سڌي ۽ تون گلا ڪنهن جي نه ڪر،
ربّ ڪري جيڪي انهيءَ تي، تون ادا آمين ڪر!
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
ذال ذاتيءَ ذڪر سان ، سينو تون ڪر پنهنجو صفا،
ضرب سان ضايع ڪري ڇڏ نفس جا خطرا خفا،
پوءِ دنيا ۽ دين جا نروار ڏسندين تون نفعا،
طرح هن سان ٿيندو تنهنجو پوءِ خدا ۽ مصطفيٰ-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
ري رياڪاري ڇڏي ڏي، سچ سدا ڳالهاءِ تون،
سچ سوا ٻولي نه ڪر، رندن سندي وٺ راءِ تون،
هن دنيا جي دام ۾ هيءُ پير پُرجهي پاءِ تون،
اک پٽي هوشيار ٿي، جوانن واري وٺ جاءِ تون-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
زي زناء کان ڀڄ پري، زاني وڏو بدڪار آ،
دور ايمان ان کان آ، جنهن جو اهو پِرڪار آ،
شرم ان کي ناهه ڪو، سو بيشرم بيڪار آ،
اُن ڪميني تي سدائين ڪاوڙيل سردار آ-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
سين ساجهر سمجهه ڌارج، نيٺ ٿِي مرڻو ادا!
ڏينهن هڪڙي هيڪلو هتڙئون اَٿي لَڏڻو ادا!
قبر ڪاريءَ جي اندر توکي آ پوڻو ادا!
ڌوڙ ۾ ڪو وقت توکي آهه سچ سمهڻو ادا!
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
شين شاهي شرف پنهنجو، مرتبو ۽ مانُ ڏس،
تون اُمت احمد جي آهين، وڃ پڙهي قرآن ڏس،
پنهنجي پيغمبر پياري جي شفاعت شان ڏس،
اُمتِ احمد مٿان، اَلله جو احسان ڏس-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
صاد صبر ۽ سچ صداقت ۽ قناعت سان گذار،
هل سچائيءَ ساڻ، دلبو ۽ دغائي ڪين ڌار،
قرب ڪر تون
سڀڪنهين سان، ويرُ ڪنهن سان ڪين وار،
خوف خاوند کؤن ادا ! تون، روءُ سدائين زار زار-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
ضاد ضايع عمر پنهنجي بيخبر! ڇو ٿو ڪرين،
هِن دنيا جي دام ۾ موڳا! اجايو ڇو مرين؟
بيعقل! تون سمجهه ڌارج، ڌيان ڇاکؤن نا ڌرين!
پنهنجي وارث ۽ وسيلي، وحده ڏي نا ورين!
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
طوئي طلب ڪر ڪم چڱي جي، وڃ براين کان ڀَڄي،
عمر تنهنجي ڏس ته خامين ۾ سموري وئي کڄي،
وئي حياتي تو سندي، سوداءَ ۾ ساري سڄي،
ڪر ڪمائي، ڇڏ لُچائي، ٿئين نه محشر ۾ لَڄي-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
ظوئي ظلم ڪر ڪين هر گز، دل آزارين ڇو پيو؟
ربّ جي مخلوق کي موڳا! تون مارين ڇو پيو؟
هيڻي جو اي بيحيا! تون خون هارين ڇو پيو؟
بي تَرس بڻجي غريبن کي ڌڪارين ڇو پيو؟
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
عين عادت آدمين جي ڇونه آهي تو سِکي،
رحم تِن کي، فهم تِن کي، طبع تن جي نا تِکي،
سُک تني جو ڪين ساٿي، عمر جاني تن ڏکي،
هيءَ عشاقن ۾ ڳجهي ڏس رمز رازق آ رکي-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
غين غصو ڪين تن کي، رحم تن وٽ بيحساب،
سوال تن کي جو ڪري، سي ڏين تنهن کي نا جواب،
جي سڃو سوالي ٿيو، تن کي بڻايو تن نواب،
تون به توبهه ڪر سگهو، ڏوهن ڪنا ڪر ڪو حجاب-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
في فقيرن کي محبت مان نٿو ڳولي لهين!
سور سختيون هن دنيا جون، بي سمجهه! ڇوٿو سهين؟
قرب جو ڪاڍو ڪري جي در وڃي تن جي رهين،
قرب قادر جا پسي، پوءِ ڪوڙ ڪلمان نا ڪهين-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
قاف، قادر جي ملڻ جو ٿِي اِهو رستو ميان!
جلد جانب! پڪڙ رستو جو ڏَسِيُم توکي عيان،
اَلله وارن عابدن تان ساهه سر صدقي ڪيان،
پيالو تن کان پِرت جو ڏاتر ڏياري، شل پيان!
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
ڪاف ڪاوڙ ۽ وڏائي، بغض، ڪيني کي ڪَٽاءِ،
گهٽ سڀن کان پاڻ ڀانئج، تون سدا هيڻو سڏاءِ،
پاڻ ڀانئين پاڻ کي، تون پاڻ پنهنجو نا پڏاءِ،
هن نموني نفس جي دامن کان پنهنجي جند ڇڏاءِ-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
لام لحظي ۾ وڃي اُن جي عبادت زيان ٿي،
جو وڏائي ٿو ڪري، تنهن جو وڃي گهٽ مانُ ٿي،
جو تڪبر ٿو ڪري، سو ٿو وڃي بي مانُ ٿي،
نانۡءُ بد عابد سندو مَٽجي ويو شيطان ٿي-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
ميم مرسل مير جو آهين ادا! تون اُمّتي،
پوءِ اجايو غير جي ڇو ٿو ڪڍين گانڊو گَتي؟
سچ سان هل تون سدا ۽ رک رياءُ ڪا نا رتي،
تون اُمت احمد سندي، آهين بلاشڪ جنّتي-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
نون نوڙت ڪر ، نمازون پڙهه، نه تون تن کي وسار،
هر گهڙي هر ڪار ۾ سائين سٻاجهي کي سنڀار،
ڪر حوالي ربّ جي پنهنجو تون سڀڪو ڪم ۽ ڪار،
توبهه دل جان ساڻ ڪر تون، خوف پنهنجي دل ۾ ڌار-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
واو ويهين ڇو ويسلو تون، نيٺ ايندءِ ڪم خدا،
سڪ سدا سردار جي رک، هٿ جنهين آهي شفا،
مير مرسل جي ڪري معافي ڪرائج ڪل خطا،
جنهن محابي سالڪن کي خاص ربّ جو ٿئي لقا-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
هي هيٺانهين ۽ هيڻائي، آ خداوند کي وڻي،
ري هيڻائيءَ نا وڻي، ڪيڏو به عابد ٿئي کڻي،
ڪين راضي ٿئي وَڏنوَ واري مٿي داور ڌڻي،
جي نمازن ۾ ڪندو، ٻئي پير پنهنجا سو پڻي-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
لا لائق ڪر هميشہ، بيحيائي دور ڪر،
طمع کي تون ترڪ ڪر، ڪامل ڪچائي دور ڪر،
حسد کي هاري ادا ! ٻيهر ٻيائي دور ڪر،
موليٰ ﷴ ريءَ ثنا، سارهه ”مولائي“ دور ڪر-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
اءلف
اَلهه کان تون دعا گهر، اي بندا ! رحمت سندي،
رک محبت مصطفيٰ سان، واٽ وٺ ملّت سندي،
۽ قرآن ۾ آهه ٿي واکاڻ تنهن عزت سندي،
آس عاصين کي حشر ۾، آ سندس شفقت سندي-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
يي يقين سان اي ”مولائي!“ پڙهه پيو ڪلمون مدام،
۽ سيّد تي تون سدائين، پڙهه صلواتون صبح شام،
ٿي گذارج مصطفيٰ جي در سندو گولو غلام،
پوءِ حشر جو ڪر نه خطرو، آ اُتي احمد اِمام-
سو خداوند پاڪ خالق، بيمثل جبّار آ،
ڊڄ تنهين کان اِسم جنهن جو واحدالقهّار آ.
|