ٽيهه اکري مناجات نبي ﷺ
(چيل محمد اعظم هڱوري جي)
[محمد اعظم ولد ڌڻي بخش هڱورو، تعلقي ڪڪڙ
جو رهاڪو آهي. سندس جنم 16- جنوري 1930ع ۾ ٿيو. هن
وقت اسڪول ٺارو شاهه آرائين ۾ پرائمري ماستر آهي.
سندس چيل هڪ ٽيهه اکري هتي ڏجي ٿي.]
الف آهيون يا ﷴ اُمتي تو آسري،
تو بنان واهر ولهين جي، ورنه ڪو ورنہ! ڪري،
ساڻ هج سڀ حال ۾، تون پل نه ٿي پارس! پري،
ريءَ نه تو هٿ رحم جو، ڇورن ڇنن جي سر ڌري.
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
بي بديون بدڪار جون، بخشاءِ باري کؤن ڀلا،
در ڇڏي دلدار تنهنجو، ڇو وڃي ٻئي در رُلان؟
توڙ کان تڙيل آهيان، وٺيو ڀتيون پاڇي پلان،
ڪر هدايت حضرتا! تان پير تي پورو هلان-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
تي تمامي عمر مون ڪوجهن ڪمن تي ويئي هلي،
باهه بڇڙاين سندي ۾، جسم ويو سارو جلي،
تون ڀلائي ڪر ڀُلن، بيزار پيس بر ۾ ڀُلي،
در بنان دلدار! تنهنجي، ٻي نه آ ٻهڳڻ ڳلي-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
ثي ثنا سردار تنهنجي، ڪئي سچي سبحان آهه،
هي مدح مختار تنهنجي، منجهه زمين آسمان آهه،
سچ صفت تنهنجي سدا، جملي جهان گويان آهه،
لفظ هي لولاڪ جو، شاها سندو تو شان آهه-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
جيم جنهن تنهن وات ۾، واکاڻ تو وارث سندي،
ناهه سگهه ناقص زبان کي، ڇا صفت تنهنجي ڪندي،
ٻاجهه ڪر سيّد سخي! ٻاڪار ٻانهيءَ جي ٻڌي،
تون هلائين توهه پنهنجي، اي عجيبا! هيءَ انڌي-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
حي حمايت حضرتا! ڪوجهيءَ سندي، ڪر تون قريش،
دادلا دانهون ڪندي، جيءَ جان ٿي هيءَ ريش ريش،
بُز بچايوَ بگهڙ کان مايوس دل ٿم مثل ميش،
سام پرتئي سيّدا! عاجز اچي جا پئي تو پيش-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
خي خطائون جي هٿان ٿيم، مصطفيٰ معافي ڪراءِ،
يا نبي الله! نِگهه ڪر نُور نرمل! نيڪ راءِ،
ڪر هدايت، حضرتا! اي هادي هر دوسراءِ،
مان منجهل کي مير مرسل! واٽ پنهنجيءَ تي هلاءِ-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
دال دلبر! ڪو دلاسو، ڏي ڏکيءَ کي لڳ ڌڻي،
ڏنگ ڏسيو، پنهنجون ڏنگايون پئي اٿم ڦڦڙي ڦڻي،
آب جاري اکين مؤن، جيئن سمنڊ ٿئي منجهه سانوڻي،
روز رُستاخيز جي، ڪاهي رسج تون ڪارڻي!
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
ذال ذاتي ذوق ڏي تون، اي نبي نورالهديٰ!
آءٌ به آهيان اصل کان، تو در سندو گولو گدا،
ڪر عطا بخشش جو بهرو، ڀر جهلا بهرِ خدا،
دادلا! دارين ۾ رک، سرخرو يا سيّدا!
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
ري رهيو مون ساٿ سيّد! پوَ پئيءَ جو پوئتي،
ڪير واهر ٻيو ڪندو؟ ريءَ تو، رليءَ سان ڪو اُتي،
جي تکا ها تيزرو، غازي سگها ويا گوءِ تي،
من طفيلئون تو رسي، هيءَ بِي لنڊي تنهن لوءِ تي-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
زي زبردستي ڪئي، شيطان شوميءَ آ شرير،
آءُ بچا آفت ڪنان، پل ۾ اچي تون پهچ پير!
پار پرور! تون پڄائين، سيّدا! آ سخت سِير،
هٿ ڏئي ڪڍ بحر عصيان مان سگهو مرسل منير!
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
سين سيّد سخت ماندو، مجتبيٰ مرسل، مري،
تو بنان واهر ولهين جي، ڪير ٻيو ڪامل ڪري،
بحر عصيان ۾ ڀُلي پيغمبرا پيس نئين پري،
جنهن جي مرسل تون مدد، سو تار مان تڪڙو تري-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
شين شائق جي شهنشاهه ! پل نه ڇڏ تن کي پري،
ٿا سڪن سارين سدا، ريءَ تو نه تن ساعت سري،
سي سڏي، سڀ ڪول ڪر تون، ٻاجهه ٻانهيءَ تي ڪري،
هي به تن ۾ آهه هڪ، جو ٿو مٺا جاني! مري-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
صاد صاحب تون سخا جو، مهربانيءَ ۾ منير،
تون سڀن پيغمبرن جو، پيشوا پڳدار پير،
ڏيهه ڏاني! تو سندو، تون ملڪ جو آهين امير،
در ڌڻيءَ جي دادلا! آهين اصل اعظم وزير-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
ضاد ضرر و زيان پاتم، هن عمر تائين هزار،
حضرتا! هيڻي هِنئين تي، دک چڙهيا، لٽ، غم، غبار،
لاهه ڳڻتيون لطف ڪر، هي وهم ڪل ڪوڙا وسار،
درد ليڪن دوست جو ڏي، وهم سو دل تي ويهار-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
طوئي حقاني طلب ۾، ڪر تيز حضرت هاشمي!
بهرور ڪر ڀرجهلا! تو وٽ نه آهي ڪا ڪمي،
ٻيلپو وٺ، ٻاجهه ڪر، تنهنجي مڃي مون خادمي،
پاڪ! ڏي پيزار پنهنجي، مر رکان چشمن چمي-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
ظوئي ظفر جي ڪئي عطا، الله توکي ذوالفقار،
ڪفر ٿيو ڪمزور، ڪئي تو دين جي سيّد! سڌار،
خاص خدمت ۾ ڪري، توکي ڏنا پروردگار،
جي هئا خادم سچا، نروار نُوري چار يار-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
عين عابد! زهد تنهنجو، وٽ ڌڻيءَ منظور آ،
عشق ۾ موليٰ جي تنهنجو من سڄڻ! معمور آ،
محب جي محبت ۾ دلڙي تو سندي مسرور آ،
پاڪ تن پڳدار تنهنجو، بادشاهه پُر نُور آ-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
غين غم اندوهه ۾ وئي عمر، حضرت هاڻ تون،
ڏک ٻڌي هي سور سيّد! ڏيار ڏورا ڏاڻ تون،
ڪر قريبي پانهنجو، سيّد! سدائين ساڻ تون،
سگ سڏين من سيّدا! پنهنجو سڃاڻي پاڻ تون-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
في فقيري فيض ڏي تون، راض تو تي آ ربي،
پانهنجي فضلئون وڙان، صاحب ڏني هئي صاحبي،
دانهن آخر، درد ڏک ۽ سور جي توکي ڏبي،
جا ڳجهي آ ڳالهه سيّد! سا نه ٻئي ڪنهن سان ڪبي-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
قاف قادر جو ڪرارو خاص خاصن ۾ خليل،
سرورا! ٿيو خاص خادم، تو سندو آ جبرئيل،
سي نوازين سيّدا! جي بدتر و زار و ذليل،
سڀ شفايابي ڏسن، جي ٿا اچن تو در عليل-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
ڪاف ڪيڙو معجزو، تنهنجي هٿان ئي يا نبي!
چنڊ اشهد جي اشاري ساڻ آيو چيرجي،
جي ڪري منڪر ٿيو، ملحد بُرو بي پير جي،
سو نه گهٽبو جِهل کان، چئبو خجل خنزير جي-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
لام لوڪن کان لڪايم، درد هي دل جو گهڻو،
تنهنڪري جو عرض مونکي، هو اڳيان تو آڻڻو،
ڪو چڱيءَ ڪنهن
پوک پوکيو، ڪونه ڪو مون ٿي ڪڻو،
ڪر چڱائي تون چڱا! بدڪار آهيان بي ڳُڻو-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
ميم ميرايون مدايون، مون ڪيون ڪيئي ڪٺيون،
بار ٿيا بيحد بدين جا، پيغمبرا! منهنجي پٺيون،
عادتون سڀ اي عجيبا! مون سنديون اڪثر مَٺيون،
من پُٺيءَ پنهنجي، سچو سرور وڃي سگ هي وٺيون-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
نون ناقص تي نظر ڪر نيڪ! محضر تون نهال،
عاجزن جو ڪير تو ريءَ، ٻيو لهي سيّد! سنڀال،
تون ڪرين جاٿي قدم، آهي نه ٻئي ڪنهن جي مَجال،
تو سندو سڀ سوال سيّد! آهي باريءَ وٽ بحال-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
واو وارث ڪير ٻيو، تو بن لهي واهر ڪري،
ڪير ريءَ تو ٻاجهه جو، هٿ حضرتا! هيڻي ڌري؟
ڏوهه ڏنگ پنهنجا ڏسيو، هي ڏيل ٿو منهنجو ڏري،
پر لڳا جي لام تو، ٻيڙو تني تارؤن تري-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
هي هدايت جو ڏيو، روشن ڪري مون راهه ۾،
عاجزن جون لک اميدان، آسرا تو شاهه ۾،
جنهن ڀلايو آ بُرو، سو بدشڪل هڻ باهه ۾،
ٽوڙ تُندي ۽ تڪبّر، هڻ خودي مون کاهه ۾-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
لا تن تي لطف ڪر، جي لام تو لاري لڳا،
عاصين جو تون اجهو، تو ريءَ نه جن تڪيو تڳا،
وقت مون سڪرات جي، لهجاءِ سُڌ ڪا سيّدا!
قبر محشر ۾ ڪندين، شل ماڙ مرسل مصطفيٰ!
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪام قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
اءلف
”اعظم“ جون اميدان، سڀ سچا سيّد! پڄن،
جن ڀُلن مونکي ڀُلايو، سي به هاڃي ۾ هڄن،
ڪر ڪرم اي يار! مون تي، خيال ڪل کوٽا کڄن،
پوءِ خوشيءَ جا خوب واڄا، وقت تنهن وارث ! وڄن-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
يي يتيمن ساڻ ياري، ڪير ٻيو تو ريءَ ڪندو؟
ڏينهن ڏيکارج نه تن کي، حضرتا! هرگز مندو،
هر طرح اي حضرتا! بدڪار هي بدتر بندو،
جو گداگر آهي گولو، اصل ”اعظم“ در سندو-
سوڙهه سختيءَ ۾ سڄڻ! ساجهر سندم سڏڙا سڻي،
آ قدم ڪامل قريشي! تون خدا ڪارڻ کڻي.
ٽيهه اکري: مناجات نبي ﷺ
(چيل عبدالحڪيم ”واجف“ جي)
الف لڳ الله جي سڻ سوال منهنجو سرورا!
دانهن ٻُڌ ڪر داد تون منهنجو پرين پيغمبرا!
تو سوا ٻيو ناهه ڪو منهنجو وسيلو دلبرا!
ماڙ مون مسڪين تي ڪر فضل سان خيرالوريٰ!
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
بي بديون آهن مونکي ويڙهي ويون بس مصطفيٰ!
ميٽ سڀ منهنجون بديون يا شافعِ روزِ جزا!
ٿو گذاريان غير ٿي آءٌ مٺا هر دم سدا!
ڪر مديني جو گدا دل جي اٿم هيءَ مدعا-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
تي تمامي راز نبّوت جو ڪيو تو تي خدا،
شرف تنهنجي ساڻ هرگز مَٽ نه ڪو ايندو مِٺا!
سڀ سلامي اَنبياء آهن اوهان جا احمدا!
ڪج ڪرم ڪمذات سان تون يا حبيبِ ڪبريا!
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ثي ثنا تنهنجيءَ ۾ سرور رهن سڀ انبياء،
نوح، ابراهيم، صالح، لوط، يوسف، زڪريا،
يونس ۽ يعقوب، اسماعيل سڀ تو تان فدا،
دمبدم تنهنجي ثنا ڪن يا حبيبِ ڪبريا!
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
جيم جانب جلد تون مونکي مديني ۾ گهراءِ،
لطف سان لالڻ ! مونکي در پنهنجي جي چانئٺ چماءِ،
اي ﷴ مصطفيٰ! پيارا پرين مُنهڙو پَساءِ،
ننڊ ۾ نروار نرمل! لطف سان زيارت ڪراءِ-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
حضرتا! حي حال دل منهنجيءَ جو ٿيو ابتر گهڻو،
مير مدني مجتبيٰ! سائل سندا سڏڙا سڻو،
لطف سان مرسل مٺا! سڀ بار بيڪس جا کڻو،
شوم شيطانن کي سائين! قهر جا نيزا هڻو-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
خي خدا توکي مٺا! محبت منجهان پيدا ڪيو،
محب موليٰ پاڪ توکي پرت مان دلبر چيو،
تو سوا معراج تي ٻيو ڪو نڪو آهي ويو،
لطف ڪر عاجز سان مرسل، در اچي تنهنجي پيو-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
دال دانهون درد مان تو در ڪريان ٿو بيشمار،
دانهن ٻُڌ، ڪو داد ڪر، يا مير مدني مختيار،
تو سوا ٻِي واهه مونکي ناهه، ويچارن جا يار!
ماڙ ڪر مرسل مٺا! تو در پيو ٻانهيءَ جو ٻار-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ذال ذاتي ذڪر جو سرور! گهڻو مون شوق ڏيار،
ڪر ڪرم ڪامل قريشي، مير مدني! منهن ڏيکار،
لطف سان لالڻ! مونکي تون آب زمزم جو پيار،
مدّعا دل جي ڪري پوري، مديني ۾ ئي مار-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ري رڙيون ريهون ڪريان ٿو، روز و شب مرسل مٺا!
پوري ڪر پرور جي لڳ، من منهنجي جي هيءَ مدعا،
ڪر ڪرم ڪمذات تي يا حضرتا! نامِ خدا،
تون ئي دلبر آهين منهنجو، تون نه ٿي مون کان جدا-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
زي ٻڌي زاريون ضعيفن، ماڙ محتاجن ڪجو،
عاجزن سان حضرتا! هر وقت ۾ حامي هجو،
سرورا! هر حال ۾ همراهه هيڻي جا ٿجو،
جي ڪميڻي جون ڪچايون، سي سچا! سڀ ميٽجو-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
سين تنهنجا ٿيا سلامي اولياء ۽ انبياء،
توکي دو عالم سندي موليٰ اَمارت ڪئي عطا،
ٿيا مَلڪ حورون پريون، دربان تنهنجي در سندا،
حضرتا! ’لولاڪ لمّا خلق‘ ٿي تنهنجي ثنا-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
شين شر شيطان جِي کان دل سندم آزاد ڪر،
اندر جي ڪارنهن ڪٽي، بديون مڙيئي برباد ڪر،
قرب سان ڪامل مونکي ديدار جي امداد ڪر،
حرص دنيا جي کان دلبر دل منهنجي آزاد ڪر-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
صاد سرور! صبر جي توفيق ڏج مونکي گهڻي،
اصل کان آهيان اوهان جي خاڪ پيرن جي پڻي،
دلبرا! درسن ڪرائج پانهنجو نامي ڌڻي،
سڀ ڪجئين سولي سخي! اولي هجي اَهنجي کڻي-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ضاد ضامن تون ضعيفن، آسرو هر دو جهان،
توکي خاوند خاص خلقيو ذوق پنهنجي شوق مان،
تو آنۡ ختم المرسلين، پيغمبرِ آخر زمان،
روزِ محشر ۾ شفاعت تون ڪندين مڙني مٿان-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
طوئي طالب آهيان تنهنجي ڏسڻ جو دمبدم،
مدح تنهنجي کان سواءِ ڪيئن رهي منهنجو قلم؟
مشرق و مغرب ۾ تنهنجو ئي کتل آهي عَلم،
تو مٿان قربان ڪريان سڀ مال و زر، هڏ ماس چَم-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ظوئي ظاهر تنهنجا آهن معجزا مُلڪن اندر،
سرورا! سردار آهين خاص تون خيرالبشر،
مڙني جو مهندار مرسل، شافع يوم الحشر،
بار بيشڪ بيڪسن جا تو مٿان ٿيا سربسر-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
عين عاجز ”عبد“ آهي اصل کان عاصي نِڌر،
پاند ۾ پائي بديون سائين! اوهان جي آيو در،
ننگ پرور لاڏلا! رس يا نبي خير البشر!
بيوسيلن جا وسيلا ڪر ڪرم جي ڪا نظر!
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
غين ٿي غير آهي مون گذاري زندگي،
ڪانه ڪا ويهي اوهان جي آهي ڪئي مون بندگي،
عمر ساري مون مٺا! آهي گذاري بيڍنگي،
آڏو آئي آهي مونکي سرورا! شرمندگي-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
في فدا تو تان ٿيو سارو جهان خيرالامم!
تون رسولن جو رسول ۽ تون مرسلن جو ختم!
سڀ سلامي ٿيا سندئي! تنهنجو مٿان تن جي قدم،
اصل کان اعليٰ ڪيو قادر تنهنجو اعليٰ عزم-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
قاف قدرت کان مليو توکي لقب لولاڪ جو،
پڻ آهين تون دوست دلبر خاص خاوند پاڪ جو،
مقتدا مختار مالڪ اَرض ۽ افلاڪ جو،
التجا عاجز جي ٻڌ ۽ غور ڪر غمناڪ جو-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ڪاف ڪر ڪامل قريشي ! هن ڪميڻي تي نگاهه،
قبر جي ڀِٽ ڀيڙ کان حضرت ڏجو مونکي پناهه،
تو بنان وارث! نه هرگز ٿي سُجهي ٻي مونکي واهه،
لطف ڪج لالڻ ! نماڻي تي، شهنشاهن جا شاهه-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
لام لڙهه تنهنجي لڳس، ڪج ڪو ڪرم ڪمذات سان،
در اوهان جي دلبرا! ٿو درد مان دانهون ڪريان،
ٿو پنان آءٌ روز ۽ شب، دان تو درگاهه مان،
پورا ڪج تون حضرتا! مقصود سڀ پنهنجي هٿان-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ميم مرسل مير مدني ماڙ ڪر تون مصطفيٰ!
مدعا ڪر پوري دلبر يا حبيبِ ڪبريا!
رهبرا! رس راهه ۾ گمراهه جو ٿي رهنما!
ٿو ٻڏان قلزم ڪذب جي ۾، امام الانبيا!
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
نون نرمل يا نبي! ڪج ڪا نوازش جي نظر،
آهيان عيبن ڀريو يا شافعِ روزِ حشر!
فضل ڪج يا سيّدالڪونين! يا خيرالبشر!
ڪر ڪرم ڪامل! ڪميڻي تي تون نافع نامور!
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
واو وسيلا! واهرو يا شافعِ هر دوجهان،
شان تنهنجي ۾ خدا نازل ڪيو سارو قرآن،
تون دلاسو درد مندن، عيبدارن جو امان،
ماڙ ڪر مظلوم تي ۽ ٿيءُ تنهن جو پاسبان!
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
هاشمي هي حضرتا! ڪر ڪو ڪميڻيءَ تي ڪرم،
قبر جي عذاب کان ڏيندي امان خيرالامم،
تنهنجي ڄائي ڪوٽ ڪسريٰ ٿيو سڄو درهم برهم،
لات و عذيٰ ٿي فنا ويا، تو جڏهن ڌريو قدم-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
لا ٿيو ’لولاڪ لما خلق‘ جو توتي خطاب،
معراج تي توکي مٺا ! موليٰ گهرايو هو شتاب،
وصل ٿئين وارث وڃي، سڀ دور ٿي ويو هو حجاب،
نامِ موليٰ، مير مدني! لاهه پنهنجو تون نقاب-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
اءلف آهي سِڪ صحابين جي سچي اي سيّدا!
ڪئي رفاقت غار ۾ صديق اڪبر باوفا،
عادل ۽ عامل هو فاروق اَعظم بيريا،
آهه ذوالنورين عثمان ۽ علي المرتضيٰ-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
يي تون ئي ياور يتيمن جو سدائين احمد!
هن دنيا ۾ سڀ اوهان جي حڪم جي تابع ٿيا،
منجهه ميدانِ قيامت، سڀ پيا اُت مُرڪندا،
منڪر و مردود مڙيئي، هاويءَ ۾ هَڄّندا-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ٻن جهانن ۾ اوهان جو مٽ نه ڪو آهي ٺهيو،
ڪير ثاني ٿي سگهي ٿو اصل کان افضل آهيو،
توکي خلقي خود خدا تنهنجي مٿان عاشق ٿيو،
تو خداءِ پاڪ جو آهه روبرو درشن ڪيو-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ٽور تنهنجي تان مٺا! قمريون ڪبڪ قربان ٿيا،
قد مٿان ڪامل اوهان جي، سَرو سرگردان ٿيا،
گفتگو شيرين زبان ۾، طوطيا حيران ٿيا،
ديد تنهنجي لاءِ شائق، اِنس ۽ حيوان ٿيا-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
آءٌ آهيان ڏڏ ڏوهاري، پڻ گناهن ۾ گندو،
جي ڪرين تون ماڙ مرسل پوءِ شيطان ڇا ڪندو،
صدقي اصحابن جي ڪج تون معاف سڀ ميرو مندو،
در اوهان جي دادلا! هي پيو اچي بڇڙو بندو-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
مون حياتيءَ ۾ مٺا محبوب! ڪونهي ڪيو ثمر،
سخت ٿو اڳيان سجهي ڏاڍو مونکي اوکو سفر،
هاشمي ڪامل قريشي ! ڪر ضعيفن تي نظر،
لعنتي شيطان کاري ڪيو آهي بيحد بتر-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
سرورا! صدقي ڪريان توتان سڀئي مال ۽ مڏيون،
پاڪ پيشاني پَسڻ جي آهن اُميدون وڏيون،
حضرتا! روضو ڏسان! آسائتيون آهن اکيون،
معاف ڪر مونکي مٺا! جيڪي آهن منهنجون بديون-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
حضرتا! آءٌ حال هيڻي ساڻ آيس تو حضور،
رات ڏينهن
دانهون ڪريان ٿو، منهنجا ڪر سڀ درد دور،
معاف قادر کان ڪرايو سڀ مديون، سڀئي قصور،
ڪر ميّسر مصطفيٰ! جيڪي اميدون ڪيم اَسور-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ڪيئن ڪريان، ڪاڏي وڃان، توري نه ڪا ڀيڻي نه ڀر،
دانهن پنهنجي درد جي توکي ٻڌايم راهبر!
ننگ پرور لاڏلا! پرتو اٿيئي بڇڙو بتر،
منهنجا سڀ مقصود سائين! ڪيو تمامي زود تر-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
سرورا! سوالي هلي آيا اوهان جي در هزار،
سڀ سنوان با ادب ڪن ٿا عاجز آهون بيشمار،
سيگهه ۾ سردار سهڻا! تون لهج تن جي سنڀار،
معاف ڪر مسڪين کي، جو آيو تو در عيبدار-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
آءٌ آهيان اصل کان ٿيو سگ اوهان جي در سندو،
لطف سان لالڻ نوازيو پنهنجو هي گولو گندو،
مقتدا! تنهنجي ڪرم سان ’والس آبادي‘ ڪندو،
حاسدن کي مات ۽ دشمنن کي ڪريو شرمندو-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
دانهن تنهنجي در ڪيم، مرسل مٺا! صاحب شفا!
غور ڪر غمگين جو يا سرورِ هردوسرا!
منهنجي دل جي پوري ڪج مرسل مٺا! هي مدعا،
آسرو بيشڪ اوهان ۾ مونکي آ خيرالوريٰ!
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
معراج تي توکي گهرايو خالق اڪبر آ شتاب،
قرآن اوهان جي شان ۾ عطا ڪيائين اعليٰ ڪتاب،
’لولاڪ لما خلق‘ جو اوهان کي ڏنو خالق خطاب،
دور ڪيو هو اوهان کان پاڪ پرور سڀ حجاب-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
تنهنجي در جو سگّ ”واجف“ تو مٿان قربان آهه،
شيفتہ جنّ و مَلڪ حور و پري رضوان آهه،
خود خدا خلقيو مٺا! تو لئي زمين آسمان آهه،
مون اڳيان جا آهه مشڪل تو اڳيان آسان آهه-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ماڙ ڪر مسڪين تي، خادم اوهان جو خاص مون،
در ٻئي ڪهڙي وڃان؟ تنهنجي ئي در جي آس مون،
ڪر مشرف ديد کان، آهي اهائي پياس مون،
سر ڪريان صدقي انهيءَ دم هي هِنيون، هڏ، ماس مون-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
پيش تنهنجي آهيان پيغمبر! بندو بدڪار مان،
ڪم ڪيم ڪوجها سڀئي، آهيان ڪچاين ڪار مان،
چُور چوٽيءَ تائين گناهن ۾ آهيان بدڪار مان،
عمر ساري ۾ سچو ثابت نه آنۡ سرڪار مان-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
تنهنجي روضي پاڪ کي ڏسندي نه ڍاپن ٿيون اکيون،
خواب ۾ ڏي خاص درشن، هي اميدون مون رکيون،
سي چَريون ڪيئن چُپ ڪنديون، جن چاشنيون تنهنجون
چکيون،
تانگهه تنهنجي پار جي، هر گز نه آهن سي ٿڪيون-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
داد ڪر دلدار منهنجو آهيان ناڪس، نِڌر،
ٿي ولهيءَ واهر وسيلو، مون تڪيو آ تنهنجو در،
ڏوهه پاپن ۽ بڇاين مونکي ويڙهيو سربسر،
هن مُٺي مشتاق تي محبوب ! ڪر ڪائي نظر-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
ڏي جڏي جيءَ ۾ ڪا قوّت، در اوهان جي تي اچان،
قرب ڏي ڪامل! تون پنهنجو رنگ تنهنجي ۾ رچان،
ٿو بدين جي باهه ۾ سرور سچا! آءٌ مچان،
پاند ڏي مونکي پناهه جو، بوڇ بڇاين کؤن بچان-
الغياث اي احمدا، حضرت شفيع
المذنبين!
ڪر ڪرم ڪامل قريشي خاص ختم
المرسلين!
سگ اوهان جي در جو ”واجف“ ’والس آبادي‘ مٺا،
معاف ڪيو منهنجون مدايون يا حبيبِ ڪبريا!
مون اوهان جا قول سڀ ڪين ڪيا آهن ادا،
آسرو آهي شفاعت جو گهڻو ئي سرورا!
هن جهان مان مونکي سائين! شان شوڪت سان هلاءِ،
لطف سان لالڻ مونکي سڪرات ۾ ڪلمون چواءِ.
ٽيهه اکري: سُرسسئي
(چيل عثمان کٽي جي)
الف الله تُهار ڪر، هوت هٿان تو ويو،
ور وڃائي ويسلي! توکي پتو ڪونه پيو،
سک ستي هئين سيج تي، توکي غفلت غافل ڪيو،
”قالوابليٰ“ قول تو، ڪيچين ساڻ ڪيو،
صدقي سر ڪيوءِ، تڏهن پنهل ايندءِ پاڻهي.
بي بر جهاڳي سسئي! پهچ پنهل کي پاڻ،
ڏايئِي نه ڏاگهن کي، اوڳي تو اڻڄاڻ!
سنگتي ڪج ساهه سان، محبت سندو ماڻ،
”ومن يتوڪل علي الله فهو حسبہ“ رک تون سرت سڄاڻ !
اهڙي ئي اهڃاڻ، پنهل ايندءِ پاڻهي.
تي تِر نه ترسج هڪڙو، ٿي رند وٺي راهي،
ڇوري! ڇڏي ويئي ڇپرين، ڪري بانڪا بيپرواهي،
”اِن الذين آمنوا وعملو الصّٰلحٰت“ ڪر وات چڱي
وائي،
آريءَ لاءِ ”عثمان“ چئي، ڪر نه ڪوتاهي،
رک ثابت سچائي، پنهل ايندءِ پاڻهي.
ثي ئون ثابت سسئي! سڪ جو سڳو سور،
ڏسي رند ڏاگهن جا، ڏونگر کي تون ڏور،
آريءَ تان ”عثمان“ چئي، گهوريو سر تون گهور،
”فاذڪروني اذڪرڪم“ چپن کي تون چور،
اورڻ اها ئي اور، پنهل ايندءِ پاڻهي.
جيم ئون جاڳڻ سان ڪيو، ڪڏهن تو نه جار،
هوت هلي ويئي هنج مان، ٿينءَ اوڳي! بي اختيار،
اوکي ناهي ”عثمان“ چئي، ڏونگر جي ڏهڪار،
”ونحن اَقرب اِليہ من حبل الوريد“آهه ڪيچين اهائي
ڪار،
قربئون ڪر ڪا ڪار، پنهل ايندءِ پاڻهي.
حي ئون حب سان تن لئي، وؤڙج تون وڻڪار،
ڪيهي واٽ وٺي ويئي، ڪيچين جي قطار،
آريءَ لئي ”عثمان“ چئي، پَٻ ۾ ڪج پچار،
”والقيت عليڪ محبّة منّي“ تن ۾ رکج تار،
سچي سرت سنوار، پنهل ايندءِ پاڻهي.
خي خمر جون پيتيون، سسئي صراحيون،
اوٺي رات اُٿي ويا، ڏانگهن کي ڏايُون،
آريءَ لئي ”عثمان“ چئي، جوُدئون ڇڏ جايون،
”صبغة الله
ومن احسن من الله صبغة“ ڪر قربئون ڪمايون،
ڪري ڀال ڀلايون، پنهل ايندءِ پاڻهي.
دال ئون دم هڪڙو، ويهي نه وقت وڃاءِ،
ڪج ڪشالا ڪيچ ڏي، پير پٿرين پاءِ،
آريءَ لئي ”عثمان“ چئي، وڌي وک وڌاءِ،
”اِهدنا الصّراط المستقيم“ واٽ چڱي واجهاءِ،
لئي ٻاروچل ٻاڏاءِ، پنهل ايندءِ پاڻهي.
ذال ئون ذميوار اٿئي. هوت حمايتي تنهنجو،
پنهل پنهل! پڪار تون، تان سفر ٿئي سنهنجو،
ازل کان ”عثمان“ چئي، پنهل آهي پنهنجو،
”لا تقنطوا من رحمة الله“ اوک نه ڪي اهنجو،
سائين ڪندو سهنجو، پنهل ايندءِ پاڻهي.
ري ئون رات هلي ويا، ڪرهل قطاري،
جهڄڻ ۽ جهوريءَ جو، ٻارڻ ويئي ٻاري،
ڪيچي ڪيچ هليا ويا، توڏا تنواري،
”فسيڪفيڪهم الله وهوالسميع العليم“ لڙهه لڳج لاري،
اڄ سڀان اوتاري، پنهل ايندءِ پاڻهي.
زي زوري ڏير ڪري ويا، ڪي پنهل وڃايئي پاڻ،
نندوري! ننڊان ڪري، لائي ٻاروچل ٻاڻ،
ڏايئي نه ڏاگهن کي، پلاڻيندي پلاڻ،
”توبوا اِلي الله توبة نصوحا“ ثمر کڻج ساڻ،
ڇڏي ڀنڀوران ڀاڻ، پنهل ايندءِ پاڻهي.
سين سهجئون سيج تي، ستينءَ ساري رات،
آڌيءَ رات اُٿي ويا، پنهل پڇينۡ پرڀات،
آريءَ جا ”عثمان“ چئي، ڪڻڪيا ڪين ڪنواٽ،
”صم بڪم عمي فهم لايبصرون“ تو پڻ ڪئي نه تات،
وائي نه ڪر ٻي وات، پنهل ايندءِ پاڻهي.
شين ئون شريڪن کي، سڀ سهيليون ڇڏ،
جانب ڳول جبل ۾، اُٿي ڀنڀوران لڏ،
لاهه آسانگا ”عثمان“ چئي، پکا پنهل سين اڏ،
”فاتّبعوني يحببڪم الله“ هِنيون هوت سين گڏ،
اُٿي ساجن سڏ، پنهل ايندءِ پاڻهي.
صاد صبر ڪر سسئي، ايندءِ پنهل پيارو،
پري ڪندءِ پِرکؤن، لوڪ سندو لارو،
آري آهي ”عثمان“ چئي، سيّد سونهارو،
”وماڪان محمد ابااحد من رجالڪم“ ساجن تو سارو،
ڏيئي ور وارو، پنهل ايندءِ پاڻهي.
ضاد ئون ضلالت ۾، ور وڃايو تو،
سک سمهڻ سيج مؤن، سور پرايو تو،
جاڳينءَ ڪين جتن لاءِ، ڪچ ڪمايو تو،
سڪ سمايو تو، پنهل ايندءِ پاڻهي.
طوئي طلب آ تن ۾، اندر ناهه آرام،
ڪانگا! وڃي ڪيچ ڏي، پهچائج پيغام
آريءَ کي ”عثمان“ چئي، ساريو ڏيج سلام،
”رحمة وشفاءٌ للعالمين“ آهيان سيّد! تنهنجي سام،
لڙهه لڳي آهيان لام، پنهل ايندءِ پاڻهي.
ظوئي ظالمن جون، پَٽ پنهل پاڙون،
ڏونگر ڏک گهڻا ڏنا، جبل ڪيون جاڙون،
تن ۾ آهن تنهنجون، ٻاروچل! ٻاڙون،
”وما ارسلنٰڪ اِلا رحمة العالمين“ تڪيون مون
تاڙون،
روز ڪريان راڙون، پنهل ايندءِ پاڻهي.
عين عجيب! تو لئي، وتان ويڳاڻي،
رڻ وڏو رائو ٻجهي، سُڃ ۾ ٿج ساڻي،
لنگهائيج لڪن مان، هيءَ اڻڄاڻ اياڻي،
”وسقٰهم ربهم شراباً طهوراً“ پيارج پاڻي،
ساجن سڃاڻي، پنهل ايندءِ پاڻهي.
غين غمن جو پيو، من ۾ مونجهارو،
ويچاريءَ جو وڻڪار ۾، چلي نه چارو،
سوين جيت مان ٿرن ۾، مون تي ڪن مارو،
”ڪل نفس ذائقة الموت“ آهي هر ڪنهن وارو،
نر هڻي نعرو، پنهل ايندءِ پاڻهي.
في فڪر نه ڪر سسئي، پنهل ايندءِ پاڻ،
آري اچي ”عثمان“ چئي، وسائيندءِ وٿاڻ،
خوش ڪندءِ، ”کٽي“ چئي، سسئي ايندءِ ساڻ،
”اِناالله يغفر الذنوب جميعاً“، پنهل پاڻ سڃاڻ.
وارث ڪري وراڻ، پنهل ايندءِ پاڻهي.
قاف ئون قربدار، آءُ ڪيچي ڪوهيارا!
بچائج بَدُنِ کان، پنهل پيارا!
اوکا آهن ”عثمان“ چئي، لَڪن ليارا،
”وعبد ربّڪ حتيٰ ياءنيڪ اليقين“ ڏنئي ڏاج نيارا،
جيءَ جا جيارا! پنهل ايندءِ پاڻهي.
ڪاف ئون ڪچايون ڏسي، ڇڏي نه ڏيندين،
ڀوريءَ کي ڀتار! تون، نال پنهل نيندين،
اڱڻ شل ”عثمان“ چئي، تون آري ڄام ! ايندين،
”صراط الذين اَنعمت عليهم“ ڏاج چڱا ڏيندين،
ساجن! ساڻي ٿيندين، پنهل ايندءِ پاڻهي.
لام لچايون مون ڪيون، آهيان ڪميڻي ذات،
بخش مون بدڪار کي، ڪر بلوچي بات،
آري! تنهنجي ”عثمان“ چئي، اڻتڻ اٿم ڏينهن رات،
”فڪان قاب قوسين اَو اَدنيٰ“ ڏاتر ڏنئي ڏات،
پرهه ڦٽي پرڀات، پنهل ايندءِ پاڻهي.
ميم ئون ملڻ جون ڪر، ولهيءَ سان وايون،
ٻاڏايان ٿو ٻاروچل لئي، پاند ڳچيءَ پايون،
کائڻ اچن ”کٽيءَ“ کي، جانب! تو ريءَ جايون،
”منهم مغفرة واَجرٌ عظيما“ ڪر ساجن! ڀلايون،
وئين لنءُ ٻاروچل! لايون، پنهل ايندءِ پاڻهي.
نون ئون نماڻيءَ جي، وڃي ڪانگا! ڏيج خبر،
پيرين پنڌ نه اُڄهي، پٿون ڪيا پٿر،
آزيءَ سان ”عثمان“ چئي، ڪج پرينءَ وٽ پچر،
”لقد جائڪم رسول من اَنفسڪم“ آهيان تو آڌر،
ڪيچي لهه تون ڪر، پنهل ايندءِ پاڻهي.
واو واقف نه وڻڪار جي، ٻيو پنڌ ٻجهي باري،
جانب لئي جبل ۾، جر وهايان جاري،
سسئي ٿي سڏڙا ڪري، آءُ اوري آري!
”سبحان
الذي آسريٰ بعبده ليلاً مّن المسجدالحرام“ڏنئي
مولي مختياري،
ڪري ساجن ستاري، پنهل ايندءِ پاڻهي.
هي ئون هاڙهي منجهه تون، هلي آءُ هيڪر،
اچي هوت! حمايت ٿي، عربي! تون انور،
آري تون ”عثمان“ چئي، لهه ڪميڻيءَ جي ڪر،
”انّ
الله وملائڪتہ يُصلون علي النبي“ صفت تنهنجي سرور!
محب مٺا منور! پنهل ايندءِ پاڻهي.
لا ئون لڪن ۾، پٿون ٿيڙم پير،
کوٽي کي ”کٽي“ چئي، گهٽ لنگهائج گهير،
تو ڏي حرف نه هيڪڙو، مون ۾ مڻين لک مير،
”ﷴ رسول الله والّذين معہ “ هوت! اٿم هيءَ هير،
ڏاڍي ڪري ويا ڏير، پنهل ايندءِ پاڻهي.
اءلف
ئون آري ڄام! تون لهه سسئي جي سار،
ڏکيءَ کي ڏکي لڳي، ڏونگر جي ڏهڪار،
هوت! آهيان هيڪلي، ٻڌ ٻاروچل ٻاڪار،
”السقرفي العبد يوم الحشر“ هوت! اچج هيڪار،
نيڻين وهايان نار، پنهل ايندءِ پاڻهي.
يي يقينئون سسئي! توکي سڃاتو صحي،
آدم جو اولو ڪري، آئينءَ ڪيچ ڪهي،
لنگهندا سڀ لَڪن مان، ڪلمون پاڪ چئي،
”مِن بعدي اسمہ احمدٌ“ الله اظهار ڪئي،
پڌر آهيان پئي، پنهل ايندءِ پاڻهي.
اتر
(تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان
ملي.
اُتر
(تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي ڏهرڪائيءَ
کان ملي.
اُتر
تعلقي ميرپورماٿيلي مان محمد عالم “شور”
کان ملي.
|