سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:17 

ٽيهه اکري: سلوڪ

(چيل روحل فقير جي)

 

        [ روحل فقير پٽ شاهو خان، بلوچن جي زنگيجا قبيلي مان هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ هن جا وڏا تعلقي عمر ڪوٽ ۾ مومل جي ڪاڪ لڳ ”پدماد ڀِٽ“ ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺا. شاهو خان ، ميان نور محمد وٽ ملازم هو. هن روحل کي سنڌي، عربي ۽ فارسي تعليم ڏياري. ان بعد روحل فقير به ميان نور محمد وٽ ملازم مقرر ٿيو. ڪجهه ڏينهن جي ملازمت بعد روحل دنيا کان بيزار ٿي فقيري ويس ڍڪي، پنهنجي مرشد شاهه عنايت صوفيءَ جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيو ۽ اتي ئي رهڻ لڳو. شاهه عنايت جي شهادت (1718ع) کان پوءِ روحل فقير ، جهوڪ ڇڏي سنڌ ۾ سفر ڪندو رهيو. آخر ڪار موجوده ڪنڊڙي مڪان ۾ ديرو دمائي ويهي رهيو ۽ خدا جي ياد ۾ مشغول رهيو. وفات کانپوءِ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي، جو ڏهه ڏينهن هلندو آهي. روحل فقير نه فقط شعر و شاعري ۾ نالو ڪڍيو، پر سندس ڪشف و ڪرامات جو ذڪر پري پري تائين پهچڻ لڳو. سنڌي ، سرائيڪي، مارواڙي ۽ پارسيءَ ۾ ڪلام چيو اٿس. هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي. ]

 

اءلف الله ڪر ياد سدا نت وحدت وچ گذارينۡ،
جيوڻ دي هِن چار ڏهاڙي، خام خيال نه گهارين،
اِهينۡ دنيا ڌُوتي سڀ جڳ موهيا، چيت چَلين، مت هارين،
”روحل“ راهه فقيري دي وچ، غفلت مَنئون وسارين.

 

بي بديان ڪنون رکينۡ سائين! فرصت ڪرين نه ڪائِي،
مئين وچ لَل لڇڻ نه ڪوئي، نامئين ڪَران ڪمائِي،
تيڏي راض ڦران البيلي، وتان ٻانهن لُڏائي،
”روحل“ راض خصم دا جنهن نون هي سهاڳڻ سائي.

 

تي تن گهول گهتين دلبر تون، سينا مول نه تَنگينۡ،
جام شراب رندان دي هٿّون، پريم پيالا منگينۡ،
ڇٽي جند جواب سوالئون، ٽُٽي جهيڙي جنگينۡ،
”روحل“ راهه رباني دي وچ، ڏيندي سر نه سنَگين.

 

ثي ثابت ڪر انتر يامي، جي تون عاشق ٿِيوين،
شوق شراب رندان  دي مجلس، پلپل دي وچ پِيوين،
لهي هول حساب حشر دا، ڦير مئا ول جِيوين،
”روحل“ رات ڀرم دي ڀَڄي، نيهِي نانَءُ سڏيوين.

 

جيم جهان دنيا دا طالب، ڇوڙ تنهين دي ياري،
حرص، هوس، تڪبّر ڪون، تڪ مارين ڪيبر ڪاري،
جنهان عشق الله دا چايا، تنهان تيڏي تاري،
”روحل“ ٿي قربان تِنهان تون، جِنهان ممتا ماري.

 

حي حضور هميشہ حاضر، ڀُلئي پَري ڍونڍيندي،
ڪامل مرشد ٻاجهئون انڌي، اُونچي سڏ ڪريندي،
وچ انڌيري، بن روشنائي، ناحق هٿ مريندي،
”روحل“ خصم جنهان دي جهولِي، سُکي سيئي جهَليندي.

 

خي خالق دا خيال جنهان ڪون، مِٺي لڳي نا مايا،
سي عاشق وحدت وچ ورتيندي، وسري سَندي يا،
جي وت نينهن نماڻي ڪِيتي، رات ڳَئي دن پايا،
”روحل“ رتن امولک مليا، ڀاڳ پِراپَت پايا.

 

دال دماما دل دي اندر، نرڀؤ چوٽ چلاوين،

 

پنج حواسي ڪايا دي وچ محڪم مار هٽاوين،
هوڪا ڦير هيڪالي والا، ننگري سک وساوين،
پِڇين ”روحل“ در دوستان دي درسن بِکيا پاوين.

 

ذال ذرا ڪجهه توبن نانهين، جهر جهنگ تيڏيان جهوڪان،
هڪڙيان دي گهر ساوي سبزي، هڪڙيان دي گهر سوڪان،
سڀ گهر دي وچ تون ئي وسدا، ايها خبر نه لوڪان،
”روحل“ ڪون تون آپ پِلاوين پريم پيالا موڪان.

 

ري رانجهن دي سڪ جنهان ڪون هردم رهي هميشان،
سهڻي سيج نه ڀانوين تنهان، ڪيتي پريم پريشان،
سي عاشق صادق نرڀؤ نيهي، اٽڪئي رهن نه خويشان
”روحل“ در دلبر دي بِکيا، پايا خير درويشان.

 

زي زاري وچ رهين هميشہ، توڙي ملئي دلاسا،
اي جڳ بازيگر دي بازي، رکين نا ڀرواسا،
ڏاڍي نال شراڪت ڪيهِي؟ کِن تولا کن ماسا،
”روحل“ ٿيءُ رضا تي راضي پاوين سک دا واسا.

 

سين سڄڻ دا سَهِي سڃاڻين ڪُپيري وچ پيرا،
لنءُ لنءُ دي وچ جهوڪ جنهيندي دل دي اندر ديرا،
سر  سرواهه ڪرين چا صدقي، ڪيا لاگي هُڻ تيرا؟
”روحل“ رات ڀرم دي ڀڄي، مِٽي سڀ انڌيرا.

 

شين شتاب وهاڻِي عُمُر، پِڇيۡن ڪيا ڪَريسين؟
جوڀن دي وچ انت نه پايئي، پِڇين هٿ مَليسين،
نال سهيليان آتڻ دي وچ، ڪِيوين مُنهن گهن ويسين
(1)،
”روحل“ خصم جنهان دي جهولي، سکي سيئِي جَليسين.

 

صاد صبوري ڪر دل کر جِين، جٿ سڄڻ دا واسا،
سِر ڏي بار برهه دا چائين، مول نه موڙين پاسا،
چندن ورک اُگيا وچ ويڙهي، ڪِتڪُون ڦِرين اُداسا؟
”روحل“ رتن امولک مليا، پايا نينهن نواسا.

 

ضاد ضرورت جنهن دي، مليا، ڪُوڙي ڄاڻ نه ڄول،
ڪايا ڪوٺي، ڪُلف ڪفر دا، عشق ڪنجي ڪر کول،
لنءُ لنءُ دي وچ جهوڪ جنهيندي، ڏي ٽُٻڪِي
(1) گهر ڳول،
”روحل“ روح رتن هي تيڏا، گيان ڪُنڍي
(2) گهَت تول.

 

 

طوئي طالب! مطلوب ملڻ دا، ڪر گهِن ساجهر سعيا،
دل تيڏي وچ دلبر وسدا، مرشد راهه بتايا،
جنهن دي درد ديواني ڪيتي، شہ الله مِلايا،
”روحل“ روز ازل دا لکيا، چنڊ جهولي وچ پايا.

 

ظوئي ظاهر ٻانها، باطن سائين، بيشڪ شڪ نه آڻين،
رک يقين ارادا سچا، ڄاڻ سگهين تان ڄاڻين،
ڪوڙي هر گز جاءِ نه لهَسن، سچيان صاحب ساڻين،
”روحل“ راهه الک دا اُلٽا، گيان عينڪ گهَت ڄاڻين .

 

عين عنايت ڪيتِي ساقِي، ڏِتُس پريم پيالا،
پيوڻ نال شراب طهورا، اندر ٿيا اوجالا،
لنءُ لنءُ دي وچ ٿئي خوشحالِي مِٽيا ڏک ڪشالا،
”روحل“ رنگ ربّاني رَتا، سدا مَنگهن متوالا.

 

غين ڪڍين چا غير وچون، تان اُهو عين سڏيويِن،
ڪايا نقطي سڀ جڳ موهيا، ڏيک مطيع نه ٿيوين،
اَمر پيالا، مرشد والا، سر ڳهڻي رک پيوين،
”روحل“ وچ رندان دي مجلس، عاشق نام سڏيوين.

 

في فڪر سڀ ڇوڙئي جِنهان، سيئي فقير سڏيوَن،
هردم رنگ ربّاني رتي، دکي مول نه ٿيوَن،
نت نيهي ميخاني دي وچ، اَمر پيالا پيوَن،
”روحل“ رنگ تنهان دا ڳوُڙها، جي ’موتوا‘ ٿي ڦر جيوَن.

 

قاف قيوما! ڪرم ڪننده! اسان تيڏي تاري،
عقل، فڪر دا چؤپڙ رَچيا، تون پاسا جڳ ساري،
حڪم رضائين تيڏيان چَلن، رعيّت ڪون ويِچاري،
”روحل“ بازي تنهان جيتي، ڄاڻ سمجهه جنهان هاري.

 

ڪاف گيان جنِهان دي اندر، اُڀريا سورج سارا،
ڀڳي رات ڀرم دي تنهان، مِٽيا سڀ اَنڌارا،
چوڏهئين طبقن ٿَئي روشنائي، کُليا گُل هزارا،
”روحل“ تي ربّ راضي ٿيڙا، پايا نينهن نظارا.

 

لام لَگن دل اندر لاگي، ڏٺي صورت ساري،
امر پيالا، مرشد ڏتِڙا، چڙهي عشق خماري،
جنهن دي سڪ، سوئي شہ پايا، من دي ممتا ماري،
مَٽيا دوست، مَٽي دلگيري، ”روحل“ مِلڪ تمهاري.

 

ميم ﷴ پيدا ڪيتُئي ڪارڻ روپ ظهورا،
ذاتي روح تنهين وچ گهتيوئي، آپ ئي انحد تورا،
گگن منڊل وچ جوئي چَکي، بَٺي شراب طهورا،
”روحل“ پُر ڪر پي پيالا، مرشد مِليا پورا.

 

نون بنان هِن رنگ تنهان دي، عشق الله دي رتي،
ڪنهن شوق شراب حقيقي، پي پيالا منگهه متي،
مِليا دوست، مَٽي دلگيري، گهول وڇوڙي گهتي،
”روحل“ جنهن تي نوشہ راضي، سا ڪيون چرخا ڪتي!

 

واو وصال، وڇوڙي دا ڏڻ ڏکيا مُول نه آڻين،
چوڏهئين طبقين هِڪوئي سورج، سڀ گهٽ جوت سماڻي،
جيوين جل وچ ڦري اليلي، جِت ڏيکي تِٿ پاڻي،
”روحل“ رمز رندان دي مشڪل، ڪنهن اِڪ مشڪل ڄاڻي.

 

هي همراز هميشہ دلبر، پريم لڌا وچ پيرا،
عشق چراغ ڪيتي روشنائي، مٽِيا سڀ انڌيرا،
لنءَ لنءَ دي وچ ٿئي خوشحالي، مِليا محرم ميرا،
”روحل“ ريجهه رهيا رنگ تيڏي، ڪري عبادت ڪيرا.

 

اءلف اول آخر هي اِهوئي ذات ذڪر فقيران،
در دلبر دي آپ ڪهاوڻ، جيون ڪاتِي تڪبيران،
سِر دي سودي عشق ڳڌونهين، اهو پَرچا پيران،
”روحل“ روءِ تنهان دا ڏٺيان، تن طاقت من ڌيران.

 

يي ياري ڪر عشق ڏتوئي، ڪيتوئي ڪانه ڪرامت،
ڏيکون سائين، ڦِرون متوالي، لٿِي من ملامت،
انڌي ڪون وَل ڊَهيان اکيان، ٿيان اَيهان سلامت،
”روحل“ ڪون هڻ گهِنَڻ مِٺا لڳا تيڏا نانءُ نِعامت.
 

ٽيهه اکري: مناجات نبي ﷺ(1)

       

[خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي ته هيءَ ٽيهه اکري ڪنهن جي جوڙيل آهي، البت مخدوم غلام محمد بُگائي (ڳوٺ بُگا تعلقي موري) ڏانهن منسوب آهي جو پنهنجي وقت جو وڏو عالم ۽ عاشقِ رسول ٿي گذريوآهي. سندس چيل مولود اڄ تائين مولودن جي شغلن ۾ ڳايا ويندا آهن.]

الف الله دي آس ﷴ،

وارث جڳ دا واس ﷴ،

دوست خدا دا خاص ﷴ!
ڪلمان جِنهن تي راس ﷴ!

 

بي سڻ ميڏي بات ﷴ،

وائي هووي وات ﷴ!

بخش گهران ٿو ڏات ﷴ!
شام صبح صلوات ﷴ!

 

تي تُساڏا مُلڪ ﷴ،

عرش زمين و خلق ﷴ!

احمد عاشق فَلڪ ﷴ!
دامن هيٺان دلق ﷴ!

 

ثي ثنا سڀ چيز ﷴ،

ميڪون دِين عزيز ﷴ!

هر شيء آکي نيز ﷴ!
تيڏا نام لَذيذ ﷴ!

 

جيم جهان مدار ﷴ،

سيّد هُئي سردار ﷴ!

تو سِر باران بار ﷴ!
روز حشر مختار ﷴ!

 

حي سڻ حامي حال ﷴ،

ڏوهه وهم سڀ ڳال ﷴ!

ڀال سِگها دل نال ﷴ!
هر دم ڪر خوشحال ﷴ!

 

خي خدا لڳ مير ﷴ،

هي تو دامنگير ﷴ!

عرض ڪيا اڪثير ﷴ!
معاف ڪرو تقصير ﷴ!

 

دال دِگر وچ دور ﷴ،

ڏيهه ڏٺم سڀ ڏور ﷴ!

ڪونه حمايت اوَر ﷴ!
توهين ضامن زور ﷴ!

 

ذال ذڪر دا ذوق ﷴ،

جام ڪوثر دا شوق ﷴ!

نال جگر دي نوڪ ﷴ!
ميڪون پِلائو موڪ ﷴ!

 

ري رباني راهه ﷴ،

تئَين بِن ڪانهي واهه ﷴ!

مينۡون ڏس تون ڏاهه ﷴ!
دوست مٺا دلخواهه ﷴ!

 

زي سڻ ميڏي زار ﷴ،

يڪدل ياور يار ﷴ!

پاڄي تي پڳدار ﷴ!
پاڪ پسان ديدار ﷴ!

 

سين سدا سالار ﷴ،

نيڻين جاري نار ﷴ!

شوق تمامي تار ﷴ!
تيڏا هي اختيار ﷴ!

 

شين شِتابان شاهه ﷴ،

گاهي گِنوت گاهه ﷴ!

رُخ تئون گهنڊ چا لاهه ﷴ!
ڏيک ڏِکالو ڏاهه ﷴ!

 

صاد صلوات درود ﷴ،

سڀ ڪم سرور سُود ﷴ!

ظاهر آکان زود ﷴ!
مير ڪيو مقصود ﷴ!

 

ضاد ڏهاڙي ڏس ﷴ!

بات نه بلڪل بس ﷴ!

واٽ پنهنجي بيوس ﷴ!
شاهه شبان روز رس ﷴ!

 

طوئي طلب ديدار ﷴ،

جوڙ وڏي جنسار ﷴ!

حُج وڏي ڳل هار ﷴ!
عشق سندي اظهار ﷴ!

 

ظوئي ظاهر دي آس ﷴ،

حق ڪيو خوش خاص ﷴ!

عرض ڪران اَرداس ﷴ!
لاهه منهنجا وسواس ﷴ!

عين عطا احسان ﷴ،

ڏي دلگيران دان ﷴ!

صحت صفا جند جان ﷴ!
شافع رک تون شان ﷴ!

غين غلام مدام ﷴ!

دوجڳ داور دام ﷴ!

سيّد تيڏي سام ﷴ!
هيٺ هميشہ حڪام ﷴ!

 

في فڪر فرياد ﷴ،

مدعي ڪيو سڀ ماد ﷴ!

داهين دا سڻ داد ﷴ!
دوست ڪيو دلشاد ﷴ!

 

قاف قريشي ڪاهه ﷴ،

هر جا تي همراهه ﷴ!

بيواهي دي واهه ﷴ!
هووي همہ آگاهه ﷴ!

 

ڪاف ڪمال جمال ﷴ،

نور ننگي ننگپال ﷴ!

مُنهن مهتاب ڏکال ﷴ!
مڃ اَحسن اَعمال ﷴ!

 

لام لڳا ”غلام محمد“،

پرتائِي پرنام ﷴ!

جلد پلاوين جام ﷴ!
قرب تيڏا هئي ڪام ﷴ!

 

ميم مدح مقبول ﷴ،

دين دنيا دا مُول ﷴ!

راحم ڪر رسول ﷴ!
حاصل ڪر وصول ﷴ!

 

نون نگاهي نُور ﷴ،

زاري ڪر ڪي زور ﷴ،

اسم خدا اَستور ﷴ!
روشن هووي نُور ﷴ!

 

واو وَلا وَه وؤڙ ﷴ،

ول نه ويسان ڇوڙ ﷴ،

دولهه ڪا در دوڙ ﷴ!
پار پيغمبر کوڙ ﷴ!

 

هي هميشہ هين ﷴ،

حب سندي حسنين ﷴ!

نال نبي نعلين ﷴ!
هيڪر نِين حرمين ﷴ!

 

لا لطيفي کول ﷴ،

هر دم هووان ڍول ﷴ!

شڪ شُبہ ڀَنُ کول ﷴ!
ڪعبي دي مين ڪول ﷴ!

 

اءلف الله ڪون اور ﷴ،

ابر لطف دي جهڪور ﷴ،

دوجڳ دا هي مور ﷴ!
عرض ڪيتا منظور ﷴ!

 

يي يڪ آکان بات ﷴ،

سهنجي ڪر سڪرات ﷴ،

ويلي وقت وفات ﷴ!
ڪلمان وائي وات ﷴ!

 

 

ٽيهه اکري: مناجات بادشاهه پيرؒ (1)

(چيل حضرت مخدوم اسماعيلؒ جي)

 

        [هيءَ مدح درويش عالم صوفي حضرت مخدوم اسمٰعيلؒ ڏانهن منسوب آهي، جنهن جي درگاهه ’پريان لوء‘ ضلعي خيرپور ۾ آهي. مخدوم صاحب جن نقشبندي طريقي جا بزرگ هئا. سنه 1760ع ۾ وفات ڪيائون. هيءَ مناجات جا ٽيهه اکريءَ جي صورت ۾ آهي، سا هڪ قلمي نسخي تان ورتل آهي، جنهن ۾ مخدوم عبدالرحمٰنؒ جي شهادت جوقصو، جوڙيل ميان غلام محمد بگائي جو، پڻ، درج ٿيل آهي. جيئن ته مخدوم صاحب جهڙي ڪامل درويش ڏانهن هيءَ مداح منسوب آهي، انهيءَ ڪري هت ڏني وڃي ٿي.]

 

الف آءُ، لقا ويکاءُ تون،

گهن دستين داوَن لاءِ تون،

ميڏا ويڙها آڻ وساءِ تون،
ياغوث  محي الدّين جيلاني!
(2)

 

 

بي بخش وفا اِس راهه تي،

ڪر ڏاتر رحم مون واهه ٿئي،

جنهن نال رسان درگاهه تي،
يا غوث  محي الدّين جيلاني!
(3)

 

تي تڪيا تيڏا توڙ دا،

محتاج نه ڪر ڪِس اؤر دا،

مئين ڪاهل هان ڪمزور دا،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

ثي ثابت بخش سلامتي،

ميڏا دشمن مار ملامتي،

ڪر دور عدّ و عداوتي،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

جيم جام وصال پِلاءِ تون،

ميڪون آپڻي فوج ملاءِ تون،

در خوشيان دا کول کِلاءِ تون،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

حي حبّ هميشان حضور دي،

ڪر نيڙي منزل دور دي،

سڪ ويکڻ جلوي نُور دي،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

خي خوش خاوند خميشيان،

سڻ پيش پَسي پس پيشيان،

در تيڏي دا درويشيان،
ياغوث  محي الدّين جيلاني!
(1)

 

دال دمدم تيڏي پساس تي،

سڻ خاص خدا دي واسطي،

ارداس ڪيان ارداس تي،
ياغوث  محي الدّين جيلاني!

 

ذال ذڪر تيڏا خوش آوُنۡدا،

مين هور ڪمال ڪماوُنۡدا،

هي زور ميڏي من پاوندا،
ياغوث  محي الدّين جيلاني!
(2)

 

ري راڳ تيڏا مين سکيان،

ميڪون خير ڏيوين اَڻ لکيان،

در يار منگان هڻ بِکيان،
ياغوث  محي الدّين جيلاني!(3)

زي زاري ڪيان سڻ ڏات ڏي،

ميڪون مهرئون دان برات ڏي،

ميڪون ڏات خوشي ڏينهن رات ڏي،
ياغوث  محي الدّين جيلاني!
(1)

 

سين سعيا ميڏا آپ ڪر،

مينون سڄڻين نال ملاپ ڪر،

مُئي دل جِي سِپر جِياپ ڪر،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

شين شانت شرم شعور ڏي،

ميڪون آپڻي حبّ حضور ڏي،

نت مان اَتينۡ مذڪور ڏي،
ياغوث  محي الدّين جيلاني!
(2)

 

صاد صدقي عبد وهاب دا،

ڪر حاصل ڪم شتاب دا،

ڏي جلوه مُنهن مهتاب دا،
ياغوث  محي الدّين جيلاني!
(3)

 

ضاد ضعف بدن دا دور ڪر،

ميڏي چنگل ڀر ڀرپور ڪر،

بدخواهه ميڏا چڪچور ڪر،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

طوئي طاعت دي توفيق ڏي،

تنهن يار رفيق شفيق ڏي،

پُٺ چارئي يار رفيق ڏي،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

ظوئي ظاهر باطن بانديان،

ول مِلين هڻ مين مانديان،

در تيڏي تي مين اگهانديان،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

عين عشق بخش آرام ڏي،

ميڪون مهري دان انعام ڏي،

سِڪ وقت وصل مدام ڏي،
ياغوث محي الدّين جيلاني!
(1)

 

غين غم سان مين بهرپور آنۡ،

ول مِلين مين معذور آنۡ،

در تيڏي ٻاجهه رنجور آنۡ،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

في فائق ميڏا نانءُ ڪر،

سِر ميڏي اَپڻي ڇانءُ ڪر،

پر همّت ميڏا هيانءُ ڪر،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

قاف ڪامل ميڏا پير تون،

درماندن دستگير تون،

وچ جڳ دي بدر منير تون،
ياغوث محي الدّين جيلاني!
(2)

 

ڪاف ڪامل ! باندي بُکيان،

هان بُکيان، ڏي مين بِکيان،

در تيڏي مڱڻ دُرڪيان،
ياغوث محي الدّين جيلاني!
(3)

 

لام لقما ڀيڄ وصال دا،

ٿي منصف ميڏي حال دا،

ڪڍ قحط فراق محال دا،
ياغوث محي الدّين جيلاني!
(4)

 

ميم مشڪل ميڏا کول تون،

ڪا واءُ مهر جي گهول تون،

مِل نال ميڏي کِل ٻول تون،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

نون نانءُ الله دا ڄاڻ تون،

مين بيواهِي دا ماڙ تون،

ميڏا حال ضعيف سڃاڻ تون،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

واو ويرا! عرض قبول ڪر،

ميڪون ڪم وچ آپ دخول ڪر،

مينون حامي نبي رسول ڪر،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

هِي هُڻ سُڻِ سڏ ضرور دا،

مين رتبا لهان حضور دا،

ڪو ڪوتهه ميڏي دور دا،
ياغوث محي الدّين جيلاني!
(1)

 

لا لُقما ڀيڄ سويل تون،

مون وڇڙي ڪون ربّ ميل تون،

ميڏي دشمن دا گهر ڀيل تون،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

اءلف ”اسمٰعيل“ عميم ڪون،

ٿي سوڀ رسول ڪريم ڪون،

گِهن دستين ميٽ مهُيم ڪون،
ياغوث محي الدّيـــــن جيلاني!(2)

 

يي ياري ڪر پهچاءِ تون،

ميڪون ڪلمان صحيح پڙهاءِ تون،

مينون دامن هيٺ ڇپاءِ تون،
ياغوث محي الدّين جيلاني!

 

ٽيهه اکري: نصيحت(1)

(چيل حسين فقير ديدڙ جي)

 

        [حسين فقير ديدڙ، ڳوٺ ديدڙ تعلقي قنبر (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ ڄائو. فارسي جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ ميرن کيس پنهنجو ڪمدار مقرر ڪيو. هي جواني ۾ ڏاڍيو سرڪش هوندو هو ۽ نوڪر چاڪر کانئس ڏاڍا ڪنبدا هئا. ”حُقي“ جو نهايت شوقين هوندو هو. زمين گهمڻ ويندو هو ته پاڻ گهوڙي تي چڙهي اڳيان ٿيندو هو ۽ حُقو نوڪر مٿي تي کڻي پٺيان هلندو هو. هڪ دفعي نوڪر کان حُقو ”گنهور“ واهه ۾ ڪري پيو، نوڪر ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو. نوڪر کي ڏڪندو ڏسي فقير کي ازخود پنهنجي سرڪشي ۽ سخت طبيعت تي پشيماني ٿي. هن جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا. ان ڏينهن کان ئي، ڪمداري ڇڏي فقير ٿيو. سندس شاعري ان کان پوءِ شروع ٿي ۽ حسين فقير هڪ مشهور شاعر ٿيو. فقير صاحب کي پٽ ڪونه ٿيو. باقي شاهه محمد نالي کيس ڏهٽو ٿيو جو پڻ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. حسين فقير 1870ع ڌاري وفات ڪئي. هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون.]

(1)

الف ادا! اي سڻ تون ڳال،

هي جڳ فاني خواب خيال،

سمجهه سياڻا هوش سنڀال،
جِيوَڻ دنيا وچ جنجال،

 

ڪرَ ڪر سعيا ڇوڙ خمار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

بي بلند وڏائي والا،

ڪنهن دا غرض نه رکدا ٽالا،

هِڪو حاڪم هي حق تعاليٰ،
پوسِي ترس تهين ڪون شالا،

 

فضل جنهين دا هي درڪار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

تي تنهين ڪون ڪر تون ياد،

خاڪي! تيڏا خاڪ بنياد،

اصل خود هِين آدمزاد،
ڪر ڪر زاري تي فرياد،

 

آک ادا تون استغفار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ثي ثبوت صفائي نال،

ول ول رکين وک سنڀال،

جو دم جيوين جاني جال،
متان رکين ڪو پير بتال،

 

هردم هووين تون هوشيار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

جيم جهان فنا در فاني،

شاهه گدا سفر وچ ثاني،

دنيا دلبا در درمياني،
برسر راهه روان سلطاني،

 

حيلي ڇوڙ وسيلي وار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

حي ’حسين‘ همت ڪر ڪائي،

خوف خدا دا ڀؤ رک ڀائي!

ويندي گـــــــذري عمر اجائـــــي(1)
ڪنبدا وتين ڪنڌ نِوائي،

 

ياد نصيحت رک تون يار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

خي خمار اتار سويل،

آب اجل دا پلٽئي پيل،

پڪ ڏلهيان تي پَئِي اويل،
گهتين ٻانهن ته لنگين ٻيل،

 

ڏيک نه ڏردئين لُڙهدي ڏار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

دال دلاور جوان هزاري،

ويندا موت ڏهاڙي ماري،

خانبهادر اڙٻنگ باري،
ڪنهن دا زور نه لڳدا زاري،

 

هڪ ڏينهن آسِي تيڏي وار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

 

ذال ذڪر ڪر ذاڪر زاري،

ڳهلا وت نه ڳالهه وساري،

بار ٻڌا هئي سر تي باري،
اَسپ اِهين ڪون چاڙهه انڌاري،

 

ٿيوئي مهند متان تڪرار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ري رضا تي راضي هو،

دل دا قطرا مَل مَل ڌو،

ڪر ڪجهه نيڪي نيڪ نڪو!
تان وَت چاوين غازي گو،

 

آڻ نه دل تي ڪو انڪار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

زي زبون زوال زمانا،

حضرت آدم جدّ جهانا،

اَبتر هي اُس دا افسانا،
شيث پيغمبر شاهه شهانا!

 

ڪاهه رسئي وچ ڪارونڀار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

سين سَهي سڻ قصا سارا،

’هود‘ هَلايا بيشڪ بارا،

ثاني ’آدم‘ ’نوح‘ سونهارا،
خاڪ تنان دا خاص اتارا،

 

ڪون بيگانا تون بيڪار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

شين شمع دين شہ ’ابراهيم‘،

صالح، يونس، صاف سليم،

نال نبّوت قرب قديم،
ڪوچ دنيا ڪون ڪر ڳئَي ميم
(1)

 

وير ولي ڪل وڻج واپار(2)
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.
 

صاد صديق، ايوب سڌايا،

گهن ڳيا يوسف راهه خدايا،

يعقوب مرگ دا پردا پايا،
خام رکيا تئين خيال اجايا،

 

جوان تون جيسين سڀ ڄمار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ضاد ڏٺوسي موسيٰ مير!

صاحب ملڪ سجان سڌير!

همرفيق هارون وزير!
دار بقا ڳئي وهندي وير،

 

ڪنهن دي دولهه دي درٻار!
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

طوئي طمع اِس جڳ چوُن چائي،

زڪريا ڳل اَلفي پائي،

ورنہ واڳ داؤد ولائي،
صاحب دي در سيس نَوائي،

 

دوڙ ڳئي دروازا مار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ظوئي ظهور صحيح سلطان،

هر شيءِ جنهن دي وچ فرمان،

شير ڪلان شهه سليمان،
دوڙ دٻايا در طوفان!

 

هر ڪو ويسي هنجون هار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

عين عجائب عبرت عالي،

محب منوّر واعظ والي،

حضرت عيسيٰ لعل گُلالي،
محض مگر ڳَئي هٿين خالي،

 

واٽ وندر دي گهن وڻڪار-

ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

غين غلام هزارين گولي،

دست رکن وت دامن جهولي،

پير پيغمبر، ماسي تولي،

پرور ڪيتا پاسي اولي،

 

سرتاج نبيان دا سردار!
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

في فنا در فاني هاءِ،

ملڪ المـــــوت   هــــــــزار   کپاءِ،

ماڻڪ موتي خاڪ رلاءِ،
ڇوهي لک جهاز گنواءِ،

 

اَبتر گُهلدا انڌوڪار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

قاف قبر دي سختي سوڙهه،

پرين پياري ويسن ڇوڙ،

تنهن وچ رکسن جائين جوڙ،
لُنگي پوتي گهِنسن روڙ،

 

پِڇين اک پٽيسين يار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ڪاف قزاق شڪل دي شير،

گُرز هٿان وچ ڏهه ڏهه سير،

مَلڪ نڪير مُنڪر دلير،
گَهه گَهه پڇسن،
”ڪَہ ڪَہ ڪير“؟

 

ڪرّ بيان عمل اِظهار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

لام لَکان دي ڏينهن ڏهاڙي،

جوڀن ويندا ماري تاڙي،

هر گز هٿ نه آسن هاڙي،
ڏينهن گذر ڳئي ٿي ڏهاڙي،

 

هڪ ڏينهن آسِي تيڏي وار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

ميم مدامي هي مردانا،

ٿيا وتدئين ڪِيون بيگانا،

گرد نه ڦِر ڦِر ٿي گردانا،
دل تي رک ڪجهه ڳالهه يگانا،

 

متان آوين هيٺ ميار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

نون نبي دي راهه سڃاڻ،

شاهه محمّد شافي ڄاڻ،

ٻئي در ڪنهن دي ڪڍ نه ڪاڻ،
هٿ حشر وچ رکسين آڻ،

 

ڪامل هوسين نال ڪنار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

واو وڏائي ڪيوين ڪردا،

ڪر ڪر نياز تواضع هردا،

بندا آپ پرايا بردا،
ٿي درويش خدا دي در دا،

 

رازق روز رساوڻ هار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

هي هميشہ هر ڪنهن نال،

ڇوڙ دغائين دُزد شِغال،

گولا ٻانهان ٿي تون جال،
جا جا جيوين، اِيوين جال،

 

لاف لغور! مجاز نه مار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

لام لطف دي ٻاجهون واهه،

هڻ ”حسين“ تون گهن صلاح،

هر گز ٿيسين نا هر گاهه،
تَر وڃ وحدت دا درياءَ،

 

ٻانهن اُلار ته لنگهين پار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

اءلف اَلهه دي در تي زاري،

جو ڪجهه هووي چرخا جاري،

آک ادا تون لک لک واري،
هر دم وَهه تون ڪر هوشياري،

 

ڇوڙ نه ڇوڙين هرگز نار-
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.

 

يي يڪ ميڏي دل ڪون تُرها،

اُمّت ڪون نا سهسين اَرها،

مير ﷴ سيّد سَرها،
ڪامل ڪاهَه رسيسين ڪرها،

 

ڪلمان آک ته لنگهين پار.
ڏاڍي صاحب دي سرڪار.


(1)  ٻي پڙهڻي: ڪيها منهن گهن ويسن.

(1)  ٽٻڪي= ٽٻي.

(2)  ڪنڍي = ننڍي تارازي، تري.

(1)  اتر (تعلي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

(1)  هن ٽيهه اکري جون ٻه روايتون مليون. هڪ جناب مخدوم امير احمد صاحب کان مليل قلمي نسخي ”مخدوم صاحبان کهڙه“ تان ورتي ويئي، ۽ ٻي روايت اُتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان ملي. مخدوم امير احمد صاحب وار ي روايت کي بنيادي ڪري رکيو ويو آهي.

(2)  ر: الف آءُ، لقاءُ ويکاءُ تــــــــون،                 گهن دستين دامـــــــن لاءِ تون،

    ميڏا ويران مڪان وساءِ تـون،               يا غوثِ محي الدّين جيلاني!

(3)  ر: بي بخش وفا اُس راهه تي،               تيڏي نال رســـــــان درگاهه تي،

    ڏاتـــــر ڪا منهنجي واهه ٿئي،              يا غوثِ محي الدّين جيلاني !

(1)  ر: خي خواهشمند هميشه هون،              در تــيـڏي دا درويـــش هــــــون،

    مين پيش پوان تــو پيش هون، ياغوث محي الدّين جيلانــي!

(2)  ر: ذال ذڪر تيڏا خــوش آوندا،               مين روز تينون ســڀ ڀانوندا،

    تـــــــــون حاڪم ول ڪمال دا،                ياغـــــوث محي الدّين جيلاني!

(3)  ر: ري راڳ تيڏا مين سکيان،               در تيڏي تـــــي منگــــــان بکيان،

    ڏي خـــــيـــــر مينـــــون اڻ لکيــا،   ياغــــــوث محي الدّين جيلاني!

(1)  ر: زي زاري سڻ هڻ ڏات ڏي،   اها ڏات خوشي ڏينهن رات ڏي،

    لک مهران مــــــار بـــــرات ڏي،               ياغـــــــــوث محي الدين جيلاني!

(2)  ر: شين شان شـــرم شعور ڏي،   نـــــت مــــــان اتـــــــي مقدور ڏي،

    ميڪون آپڻي حــب حضورڏي،             ياغـــــــوث محي الدّين جيلاني!

(3)  مخدوم صاحب واري روايت ۾ ”صاد“ ۽ ”ضاد“ جا بند کٽل هئا جي عبدالرزاق واريءَ روايت مان ڏنا ويا آهن.

(1)  ر: عين عشـــــرت بخش آرام ڏي،           خوش وقت وصال مدام ڏي،

    ڪر ميلي دا ســـــــــر انجـــــام ڏي،            ياغوث محي الدّين جيلاني!

(2)  ر: ڪاف ڪل پيران وچ پير تون،           جــــــڳ وچ بــــدر منير تــون،

    درمانـــــــــــدي دا دستگير تــــــــــون،  ياغوث محي الدّين جيلاني!

(3)  ر: قـــــــــاف ميڏا پــــيــــــر تــــــــــون،    جڳ وچ مشهور منير تــون،

    ڏي دلگير کــــــــــي دلڌير تـــــــــون، ياغوث محي الدّين جيلاني!

(4)  ر: لام لقما  ڀيــڄ سويل تــــــــون، ميڏي دشمن دا گهرڀيل تون،

   مين وڇڙي تــون ول ميل تــــــــون، ياغوث محي الدّين جيلاني!

(1)  ر: هي هـــڻ ســڻ سڏ رنجـــــور دا،  ڪــــر ســـــــولا پـــنــــــــــڊا ڏور دا،

    ميــــن رتـــبــــــا لهـــــان حــضــــر دا،  ياغــــــــوث محي الدين جيلاني!

(2)  ر: اءلف ”اسمٰعيل اصيم ڪــــون،            گهن ٻانهون ميٽ مهيم ڪون،

    ميڪون سونپ رسول ڪريم ڪون،  يا غـــــوث محي الدين جيلاني!

(1)  هن ٽيهه اکري ءَ جون ٻه روايتون اُتر مان احمد خان ”آصف“ (تعلقو ڪڪڙ) ۽ فتح محمد (تعلقو قنبر) کان مليون.

(1)  ٻي پڙهڻي: گذر ڳيڙي عمر اجائي .

(1)  ٻي پڙهڻي: دنيا ڪون ڪر ڳئي يتيم.

(2)  ٻي پڙهڻي: وير ويسين ڪر وڻجار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org