ٽيهه اکري: مدح نبي ﷺ
(چيل ثناءُالله ”ثنائي“ جي)
[ثناءُ الله ولد مولوي الله بخش عباسي، ڳوٺ کوهار
۾ سنه 1312هه/1895ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي
والد وٽ حاصل ڪيائين، جو خود به هڪ وڏو عالم شخص
هو. سندس تمام گهڻو شعر چيل آهي، جنهن مان ڳچ
جيترو ڇپجي چڪو آهي. پنهنجي ڪلام ۾ تخلص ”ثنائي“
ڪم آندو اٿس. نثر تي پڻ چڱي دسترس اٿس. سندس ٻه
ٽيهه اکريون هتي ڏجن ٿيون.]
(1)
الف الله جو يار ﷴ،
بيشڪ آ غمخوار ﷴ، |
نيندو ڪل آزار ﷴ،
ڏيکاري ديدار ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
بي نه ڇڏ بيمار ﷴ،
دارون ڏئي دلدار ﷴ، |
حاذق آ هربار ﷴ.
اُمّت جو سردار ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
تي نئي تاري تار ﷴ،
سمجهه ”ثنائي“سار ﷴ، |
پاڻ پهچائي پار ﷴ،
ورد وظيفو ڌار ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
ثي آ ثابت صاف ﷴ،
تمام ڪري انصاف ﷴ، |
ٽاري شر خلاف ﷴ،
ڏوهه ڪرائي صاف ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
جيم
جرح جي شفا
ﷴ،
ٽاري ماري بلا ﷴ، |
دردوندن جي دوا ﷴ،
رسول ربي اعليٰ ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
حي آ حامي مير ﷴ،
پِيرن جو آ پير ﷴ، |
وارث والي مير ﷴ،
سڀن جي لئي اڪسير ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
خي
ته ڪندو خوشنود ﷴ،
عالم جو مقصود ﷴ، |
مسڪينن لئي سود ﷴ،
ڪفر ڪري نابود ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
دال ڪري درمان ﷴ،
جلد ڪري جيئدان ﷴ، |
اهنج ڪٽي ارمان ﷴ،
خوب ڪري خوش خان ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
ذال زياده ذات ﷴ،
وائي منهنجي وات ﷴ، |
بات ڀلي آ بات ﷴ،
پوڪاريان ڏينهن رات ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
ري آ رحيم رسول ﷴ،
عرض ڪندو مقبول
ﷴ، |
موليٰ سان مشغول ﷴ،
مور نه ڇڏي ملول ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
زي نه ڇڏي هِي زبون ﷴ،
دور ڪري ملعون ﷴ، |
شاد ڪري محزون ﷴ،
اسم ڀلو موزون ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
سين وڃائي سور ﷴ،
اونداهي ۾ نور ﷴ، |
بخشي بيش سرور ﷴ،
ملڪن ۾ مشهور ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
شين شفيع شريف ﷴ،
آهي نال نحيف ﷴ، |
لطف ڀريو آ لطيف ﷴ،
ڪندو ناهي ضعيف ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
صاد صداقت خويش
ﷴ،
تنهنجو هي دلريش ﷴ، |
آهي سڀن کان بيش ﷴ،
آيو تنهنجي پيش ﷴ.
|
صلي الله عليہ وسلم.
ضاد
ضمانت معين ﷴ،
ڪنهنکي ڇڏيندو ڪين ﷴ، |
ڪل جوري، يي، سين ﷴ،
ڏيندو امن، امين ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
طوئي
ڏئي طاقت تاب ﷴ،
نور نبي ناياب ﷴ، |
اُمت جو اَرباب ﷴ،
خواب ڏسان شل! خواب ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
ظوئي ڪڍي ظلمات ﷴ،
حسن ڏئي حسنات ﷴ، |
نور سندي ڏئي ڏات ﷴ،
تات ڀلي آ تات ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
عين عجيب نَجيب ﷴ،
هر دم آهه قريب ﷴ، |
طالب لاءِ طبيب ﷴ،
موليٰ نزد مجيب ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
غين وڃائي غير ﷴ،
جلد بڻائي مير ﷴ، |
بخشي بيحد سير ﷴ،
دردن لاءِ اڪسير ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
في آ فيض رسان ﷴ،
خلقت جو سلطان ﷴ، |
عالم تي احسان ﷴ،
ناس ڪري ڪفران ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
قاف قبح جو پوش ﷴ،
جام شريعت نوش ﷴ، |
آهه رسي درگوش ﷴ،
وحدت ۾ باهوش ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
ڪاف ڪفايت شاهه ﷴ،
شان شفاعت شاهه ﷴ، |
هوت حمايت شاهه ﷴ،
بخت سعادت شاهه ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
لام لطيف ۽ پاڪ ﷴ،
چست بلي چالاڪ ﷴ، |
مالڪ آ لولاڪ ﷴ،
ڪين ڇڏي غمناڪ ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
ميم منوّر ماهه ﷴ،
ملڪ سڄي جو شاهه ﷴ، |
ڏيکاريندڙ راهه ﷴ،
هيڻن جو همراهه ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
نون ننگي ننگپال ﷴ،
جلويدار جمال ﷴ، |
ڪامل خوب خصال ﷴ،
نانگن جو ننگپال ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
واو وساري ڪين ﷴ،
شاد ڪري غمگين ﷴ، |
ساڻ نئين نابين ﷴ،
ٻولي آهه ٻي نه ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
هي هربار خليق ﷴ،
اعليٰ شان شفيق ﷴ، |
صادق ۽ صديق ﷴ،
اُمت ساڻ رفيق ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
لا
لکي مون مدح ﷴ،
هيبت هٽائي جرح ﷴ! |
فرحت بخش فرح ﷴ!
قرب جا ڏئي ٿو قدح ﷴ! |
صلي الله عليہ وسلم.
اءلف اُجاري مير ﷴ،
خلق سڌاري مير ﷴ، |
ڪين وساري مير ﷴ،
جام پياري مير ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم.
يي آ ”ثنائي“ ياد ﷴ،
درس ڪندو داد ﷴ، |
خصم ڪندو برباد ﷴ،
ڪلمي سان دلشاد ﷴ. |
صلي الله عليہ وسلم .
لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله
(2)
ٽيهه
اکري: سلوڪ، پوک جو مثال
الف اول اسم جو، اڪسير دل ۾، دوست! ڌار،
جسم جي ٽامي ڪٽيل کي، سون کان زياده سڌار
خاڪ خاڪي چؤ نه خالي، وڃ ٻني دل جي ٻُهار،
راز ربي، عشق عربي جي سندو، وڻ نيئي وهار-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
بي بڻيل باريج آ، قدرت ڌڻيءَ جي جود ۾،
ٿو وهي وحدت ڀريو، سانوڻ، سياري سود ۾،
بحر بي پايان مان نڪري، آئيو نابود ۾،
فيض واري فال سان، ظاهر اچي ٿيو زود ۾-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
تي توڪّل سان توجهه، جو چڱو چنجور آڻ،
نفس ناقص ۽ شڪي شيطان، ڪانڊيرن جي ڪاڻ،
لاهه لُچ مغرور کي، منجهه آگ رياضت جي اُماڻ،
ڀاڻ وٺ ڀؤ ڀيم جو، ڀلجي اچي توکي نه ڀاڻ-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
ثي سچائيءَ جو ثمر، تون ٻج ٻنيءَ ۾ ڇٽ شتاب،
پر اول تون پاڻ کي ڪر خاڪ جيان ساڙي خراب،
هڪل هُڙيا حرص هستيءَ جا، ڏي جهرڪين کي جواب،
تان سلا ساوا ٿين، پِي اسم وارو پاڪ آب-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
جيم جوڙو هَر هڻي، ڪر پاڻ کي ڌرتي پڻي،
آبدارن وٽ اچي ڪر، وينتي گِهه گِهه گهڻي،
سمجهه سي مرشد سچا، دل سان جني ڳوليو ڌڻي،
واهيون وحدت جو ڇُڙيون، ٻارا ٻنا ويا سڀ بڻي-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
حي حقيقت، راز رونبي جو آ نِوڙي پڙهه نماز،
سڀ سلا سڪ جا، بدن پنهنجي ۾ پوکج بانياز،
ڪامرائي، ڪامرانيءَ جي تون رُنب، اي جانباز،
ڪار ڪڙمت جي ڪلئي، ڪرمئون قبولي ڪارساز-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
خي ڦِٽي ڪر خيال ٻيا، ڪر پوک جي واهت وري،
حرص هستي ۽ ريا جا، ويا مِرون توکي ڦري،
مال ٽاهڙ ٿئي جتوئن جو، اها شهوت بُري،
گوڙ گانڊن آ ڪيو، پيو ڀيل تي هرڪو هِري-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
دال دلبر تون پهر، ڪيڏو کڻي قابو ڪندين؟
تڏهن ڀي تون هي ڳئون ڳوٺن سنديوي ڪاٿي بندين؟
امن گهُر الله کان، تان مرد مومن مرڪندين!
شور شهوت جو گندو، هن باهه ۾ پيو ڀڙڪندين-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
ذال تنهنجو ذوق آهي، منجهه جوانيءَ جي جوان،
ٿو وڙهين وهڙي مثل، دل ۾ نه مالڪ جو ڌيان،
هي سلو سائو بچائي، ڪو خطا کان خاندان،
تان ڍڍي ٿي نسرجي، مطلب سندو ماڻي مڪان-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
ري رباني راز سان، جي پوک تنهنجي پَلُ ڪري،
کُنڀ لُڻي خيرات ڏي، ڀڄ بُخل کان پاسي پري،
نه ته ڪِري ٿيندي ڪِني، ڇڏ ڏاند کي مَرُ پيو چري،
تان اُهو منجهه آخرت جي، بار تنهنجي کي ڀري-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
زي زياده زر مٿي، آهي رکيل رب جي زڪواة،
مال موذين جو ته بڻبو نانگ پو ناهي نجات،
ڏاند قربانيءَ سندو، ڏي تان جُڙي تنهنجي حيات،
عاقبت جي مرد ٿي، ڪر تَن اندر ڪا تات بات-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
سين سارين جي اندر ۾، مرض مهلو ڪو ٿيو،
ڇڏ پٽي پاڙئون اِهو، نه ته پورهيو اجايو توڪيو،
گهلبيون پيون گاهه ۾، ٻيائي ڪندو آهي ٻيو،
عبد ۾ ڪو خير ڪونهي، آ عليءَ فرمان ڪيو-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
شين شادي ڪر ڦري، جي سنگ ٿيا سؤ رنگ ٿيا،
مقصد مڙئي موليٰ ڪيا، عاشق اٿي اڙٻنگ ٿيا،
خيال رک خنزير ساڳئي جا ٿي چهرا چنگ ٿيا،
ڪيترا ڪامل، وڏائيءَ جي سبب بي ننگ ٿيا-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
صاد صابر! خير گهُر، آهي هوا ڪُنڊَ جي
ڪِني،
خود ثنائي ۽ وڏائي، خود سندي آهي مُني،
ڪيترن جي پوک پاپڙ ڪئي نه منزل کي پُني،
برصيا باعور ۽ شيطان جي ڪاري ڪني-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
ضاد ضايع ٿي نه هرگز، پوک تنهنجي وئي پچي،
جهار جهرڪي ۽ رتي، ماڪڙ برائيءَ کان بچي،
مرحبا طالب سچا! منجهه رنگ جي ويٺين رچي،
سنگ سارين سان ڀريل، بيٺو نوائي آ ڳچي-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
طوئي طبيعت طالبن جي، فيض وارو ڦر وڌو،
پيش پرور جي نوين، سجدي ۾ سالڪ سر وڌو،
ڪن ڪشالن بعد، ساري چاش لَي چانور وڌو،
ڪل خوديءَ جا خيال ويا، تيلي تڏهن نئين تر وڌو-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
ظوئي ظهوري ذات حق جي جو عجب اسرار ٿيو!
حمد هر هر پڙهه پيو سارين اندر سينگار ٿيو!
وقت لاباري جو رسيو پوءِ لڻڻ لاچار ٿيو!
موت جي آئي مهل، الله جو اقرار ٿيو-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
عين عيدون عاشقن لئي ۽ منافق لاءِ ملال،
ڪافرن جي ڪاڻ آهي، قهر ويري ۽ وبال،
سمجهه ساري صاف ٿيندي ۽ پري ويندو پلال،
مومنن لئي موت آهي، پاڪ پرور جو وصال-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
غين غم ناهي مرڻ جو، مار دلبر! مر مران،
پر ائين مارج، جيئن تو کان نه هڪڙو تِر ڦران،
ڪينڪي ڪاهي ڀڳوڙي جسم جي ول ڏي وران،
ساهه کي ڏي ساهه ساجن! ساهه سان توڏي سران-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
في فنا بڻجي ڦِري، ساريءَ منجهان چانور ٿئي،
ڌڪ جدائيءَ جا جهلي ٿو برهه جون باهيون پئي،
آخر اچي انسان کي ٿو ثابتيءَ سان سر ڏئي،
ڏس اهو بيجان بڻجي، جان جيءَ ۾ ٿو جئي!
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
قاف ٿي قربان، لابارو ادا! پيو ٿو پوي،
ڪي لُبي ويون ڪي لُبن ٿيون، ڪانگ ڪن تي ٿولوي،
پوک ڏاٽي جي ڌڻيءَ جي، ڪير ڏاٽي کي چوي؟
لک لڻي
سَٿريون سَنباهيون، ڪاڻ تنهن کي ڪيئن پوي؟
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
ڪاف ڪاهي آءُ عربي! حال هيڻي جي اندر،
جو سجهي سڪرات جو ٿو ڳاهه ڳاهٽ سخت تر،
ڏاند ڏاڍي جي لتن کان، ڪيئن بچي وڃبو بدر؟
هن ڪچي، ڪوجهي ڪني تي، ٻاجهه وارا ٻاجهه ڪر!
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
لام لاشڪ آهيون، مرسل مِٺي جي پار جا،
سر تي ثابت سَوَ لڳل، آهن ٺپا سرڪار جا،
هي مڙئي انبار آهن دوست جي درٻار جا،
ڪرم ڪاراوا ڪندا، آهن ڪرم جي ڪار جا-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
ميم مومن! غم نه ڪر، دهدار آ دلبر دلير،
پاڪ پرور جو پيارو، رحم شفقت ساڻ شير،
کوڙيون خطائن جون ڏسي، گهرندو خدا کان خوب خير،
ڪچ ڪميڻن جو ڪُٽي، ڪامل ڪندو ڪڙمت جو سير-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
نون ناهي هن ”ثنائيءَ“ جي، ڪيل ڪا پوک پس،
ڪين ڄاڻي هر هلائي، ڪونه ويچاريءَ جو وس،
اغثني يا سيّدا! خيرالبشر فرياد رس!
ڪر ڀلايون تون ڀلا! منهنجي مداين ڏي نه ڏس-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
واو وارو آ بٽئيءَ جو، ڄاڻ قيامت ٿي قريب،
عاشقن انبار لاتا، ويو اچي حق جو حبيب،
جن تي قرضين ڪاهه ڪئي، تن کي نه ٿي پاٽي نصيب،
جن ڪچي ڪاهيو نه ٿي، ٿيو اوج تن کي اڄ عجيب-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
هي هلاڪت اڄ
انهن لئي، جن ڪچيءَ ڪيو ڪم خراب،
وقت سانوڻ جو ويو، ٿيو اوچتو نازل عذاب،
ڏس ”بليٰ قدجاءَنا“ پيغمبر آيو ۽ ڪتاب،
ڪين ڄاتو ڪافرن، هو مومنن لئي ماهتاب-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
لا لاشڪ اڄ کڻي داڻا هلن دلبر دلير،
منجهه محبت محو ٿي ويا موج مستي ڪن مٿير،
سمجهه! ”لاخَوفٌ عَليهمِ“ پيا وڃي جنت ۾ پير،
باغ باغيچا بهاريا، مفت ميوا ڍير ڍير-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
اءلف آئي آ بشارت، دوست جي ديدار جي،
ديد دلبر سان اڙي وئي، وائي وئي گهرٻار جي،
جام ڪوثر جو نه گهرجي، گهرج آ دلدار جي،
واعدي واري وفائي ياد آهي يار جي-
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
يي يقين ڌاري ”ثنائي“ گُهر خدا کان خود خدا،
جي خدا گهرجي ته ٿي تون جان پنهنجيءَ کان جدا،
پوک پوکج پرت جي ۽ ساهه ۾ سا ول سدا،
قلب مان ڪلمون پڙهي، پوءِ مر مرڻ کان اڳ ادا!
هيءَ دنيا ٿي ڏينهن ڏکيا، سانوڻيءَ جا ٽي نه چار،
ڪجهه ڪمائي سرءُ سيارو، آخرت جو خوش گذار.
لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله
ٽيهه اکري: مناقبو حضرت علي
ؓ
(چيل ميرزا گل حسن ”احسن“ ڪربلائيءَ جي)
[ميرزا گل حسن ”احسن“ ولد ميرزا دوست محمد ”دوست“
1- مارچ 1897ع ۾، حيدرآباد شهر جي ’ٽنڊي آغا
اسماعيل شاهه‘ ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل خيرپور جا
رهاڪو هئا ۽ خيرپور جي ميرن وٽ ملازمت ڪندا هئا،
جتان کين مير فتح علي خان پاڻ وٽ حيدرآباد ۾
گهرائي ورتو. فائينل امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ حيدر
آباد ميونسپالٽيءَ ۾ ملازم ٿيو، ان کان سواءِ مير
حاجي نور محمد خان وٽ به ملازمت ڪندو هو. مير صاحب
سان مير منشي جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا ڪربلا معليٰ ۽
مشهد به ويو. انهيءَ زماني کان سندس شاعريءَ جي
ابتدا ٿي. نه فقط شاعري پر نثر جي ميدان ۾ پڻ سندس
مضمونن کي اهم حيثيت حاصل آهي. هن وقت حيدرآباد
ريڊيو اسٽيشن تي ملازم آهي.سندس هڪ ٽيهه اکري هتي
ڏجي ٿي.]
الف اجهو عالم سڄي جو آ امام اڪبر علي،
آسرو عاصين جو آهي ۽ اڙين آڌر علي.
بي بهادر فتح ڪيو بدر واحد بربر علي،
بر گزيده بيگمان بعد از نبي بهتر علي.
ٻي ٻُڌي ٿو ٻاجهه سان ٻاڪار ٻانهن جي سدا،
ٻاجهه وارو ٻانهن ٻيلي، ٿيو نبي ناصر علي.
ڀي ڀلو ٿيو ڀروسو ۽ بيڪسن جو ڀرجهلو،
ڀال ڀيرو ٿو ڀلائي، جو ڪري باهر علي.
پي پيغمبر جو پيارو، بندهء پرور علي،
پرده پوش دوجهان، پشت و پنہ پاکر علي.
تي تونگر تابعِ حق، تارڪِ دنيا علي،
تاج بخش و تاجور، مالڪ ز خشڪ وتر علي.
ثي ثناگر جبرئيل آهه تنهن ثُريا جاهه جو،
ثابت و ثاقب ٿيو، ثانِي پيغمبر علي،
جيم جنهن کي جانشين مصطفيٰ، جبار ڪيو،
جامع القران، جانباز و جري، جابر علي.
چي چڱي حُب مرتضيٰ جي، آهي حُب حُب المتين،
چيو رسول الله چڱو تنهن کي، جو ٿيو چاڪر علي.
حي حفاظت ۽ حمايت حشر ۾ حافظ حفيظ،
حاميءِ دينِ محمد، حامد و حيدر علي.
خي خليفو خاص ختم
المرسلين جــــــــو مرتضيٰ،
هو خدا جو خاص ۽ خورشيد دين خاور علي.
دال دائم آهي منهنجو دست، در دامن علي،
درد مندن جي دوا ٿيو، داد رس، داور علي.
ڏي ڏکن ۽ ڏاکڙن ۾ ڏڍ آهي عالم سندو،
ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ آهي ڏڏن ڏاتر علي.
ذال ذريت ذات جنهن جي، ذوالعليٰ ڪئي ذوالجلال،
ذولحيا، ذوالجُود، ذيشان، عاقل ۽ ذي فرعلي.
ري رباني راهه تي راضي رهيو هر حال ۾،
راستباز و رهنما ٿيو راهِ حق رهبر علي.
زي زبردستِ زمان ڪيا زير اُن از ذوالفقار،
زور آور، زيرڪ و زاهد، زڪي، ظاهر علي.
سين سلطان، سيّد وسردار، سائين سڀ سندو،
ساقيءِ ڪوثر، سخاوت جو ڌڻي، سرور علي.
شين شاههِ انس وجان، شحنہء نجف، شاڪر
علي،
شير حق، شاههِ عرب، ٿيو والدِ شبر علي.
صاد صديق آهي صابر، صاحبِ صدرِ نشين،
صاحبِ صمصام وصولت، صف شڪن، صفدر علي.
ضاد ضايع ڪئي ضلالت، ضيغمِ پروردگار،
ضامن هر مومنين ٿيو، باطن و اظهر علي.
طوئي طٰہٰ جوڌڻي ٿيو، تنهن جي طاعت فرض عين،
طالبِ حق، پاڪ طينت، طيّب وطاهر علي.
ظوئي ظهيرِ مصطفيٰ ضايع ڪيو ظلم وضلال،
ظاهر و اظهر به عالم، ظلّ حق، ظافر علي.
عين علم الله جو عارف ’علي و بابها‘،
عالمِ علم لدن، ۽ عادل و افسر علي.
غين غالب، غازي و غافر، غضنفر غيبدان،
غمزدن جوغم ۾ ٿيو غمخوار پيغمبر علي.
في فهيم و فاضل و فاروق، فياضِ زمان،
فتح فيروزي کان فائق، فاتحِ خيبر علي.
قاف
قرآن جو ٿيو قاري، قاسمِ نار و جنان،
قوتِ بازوئي احمد، خواجہء قنبر علي.
ڪاف ڪامل ڪرم جو ڪيو ڪبريا ڪڪر علي،
ڪرم سان محشر ۾ ڏيندو ڪاسہءِ ڪوثر علي.
گاف گل هي گلشنِ دين رسول الله جو،
گلعذار و گلبدن، گلگونهء گوهر علي.
لام لائق لم يزل ۽ لحمڪ و لحمي سندو،
”لافتيٰ الاّ علي“ ٿيو صاحبِ لشڪر علي.
ميم موليٰ مومنن جو، مُرتضيٰ مشڪلڪُشا،
مصدرِ ”مِن کُنۡتُ موليٰ“ مالڪِ منبر علي.
نون ناطق بي نظير آهي نَجابت جو ڌڻي،
نورِ حق، نائب نبي جو نامور ناصر علي.
واو ولي الله، وصي و وارثِ ورثہء رسول،
وهه وسيلو بي وسيلن جو سدا واهر علي.
هي هدايت بخش هادي آهي هُدا اللمتقين،
همدم و همراهه احمد، همعصر، همسر علي.
يي يقيناً ”گل حسن“ جي ٿي دعا يزدان جي در:
يا الاهي! يوم محشر جي ٿئي ياور علي.
���
ٽيهه اکري: نصيحت
(چيل مولوي احمد ملاح جي)
[مولوي احمد ملاح 11-1312
هه/93-1894ع ڌاري، ڪنڊي لڳ روپا ماڙي تعلقي بدين ۾
ڄائو. ننڍي هوندي ئي پيءُ مري ويس ۽ پاڻ مال
چاريندو هو. پڙهڻ ڏانهن گهڻوچاهه هئس، تنهنڪري مال
چارڻ کي ڇڏي ڀڄي ويو. پهريائين ’ڀڳڙا ميمڻ‘ ۽ پوءِ
’پيرو لشاري‘ ڀرسان ’اوٺن‘ ۾ پڙهيو. ان بعد سنڌ جي
ٻين مدرسن ۾ پڙهي، دستاربندي ڪرائي اچي بدين ۾
رهيو، جتي مدرسو کوليائين ۽ ان سان گڏ توحيد جي
تبليغ ۽ قبر پرستيءَ خلاف جهاد شروع ڪيائين . شعر
ننڍي هوندي کان وٺي چوڻ لڳو، تنهنڪري پختو شاعر
آهي. سندس شعر جا مجموعا جهڙوڪ فتح لنواري،
هيڪڙائي حق، گلشن احمد، گلزار احمد ۽ معرفت الاهي
شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ هينئر بيتن ۾ قرآن شريف جو
ترجمو ڪري رهيو آهي، جنهن مان پهريو. پارو (عم)
اسلاميه دارالاشاعت حيدر آباد مان شايع ٿيو آهي .]
(1)
الف اکيون عين جون ڪر آرسي اسرار ٿي،
جانچ جيڪي جابجا اڄ جام جم جنسار ٿي،
هر هنڌان هيڏيون هلائون حال تي هوشيار ٿي،
ربّ تعاليٰ تي توَڪل هر طرح تيار ٿي،
مرد ٿي ميدان ۾، نه ته ٿو مرين مردار ٿي-
صف ٻڌي سالار ٿي، الله اڪبر چئي اٿي.
بي بندو آهين برابر ٻيو نه ڀانئج ڪجهه ڀُلي،
روس جيئن ربّ کان نه ڦِر نه ته روهه ۾ ويندين
رُلي،
اڄ خدائي خود خدا جي خوب خصمن تي کُلي،
باهه، بم، باروت وچ ۾ بت سندن بنيا بُلي،
لاش لينن سر ڪلهن لڪ تان لڙن لاچار ٿي-
تون نه تن جئن خوار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
تي تبارڪ ربّ تعاليٰ شل نه توڙان ڪنهن تڙي،
ربّ تڙي ڇڏيو ته اڄ پيو روس رڍ وانگر رڙي،
بي پسهه کان بي پساهه ۾ ڪيئن پسهه پوندو اڙي!
تون ته جيئرو ڪو جيارين جت جڙي يا بت گهڙي،
مفت ملحد کي مڃي مهندان نه تون منهن ڪار ٿي-
بلڪ منڪر مار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
ثي ثنا سبحان جي، جنهن جي ثنا ثابت ثواب،
جنس جوڙي جنس ري هر جنس جوڙو لاجواب،
آدمي آدم منجهان، آدم پٺيان آدم نواب،
هر سَلي جو سلسلو سؤ سال سالم بر صواب،
قرب مان قربان تون قدرت مٿان ڪلتار ٿي-
غير کي چئو غار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
جيم جوڙڻهار جوڙون جوڙيون جوڙا ڪري،
ڪئين ڪنواريون، ڪنور ڪهڙا، ڪيئن هلن ڪوڙا ڪري،
منهن مهانڊا جن وجهن ملهه موتين موڙا ڪري،
ٻيو سگهي ٺاهي نه ساڳي سَوَ کڻي سوڙها ڪري،
پوءِ ڦِري فرمان کان، ڦل مان نه تون ڦلهارٿي-
گل منجهان گلزار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
حي حڪم حڪمت، حڪومت، حاڪمي حنان جي،
مُلڪ مالڪ جو مَلڪ، جنّ مِلڪ سڀ منان جي،
صاحبن تي صاحبي صاحب سچي سبحان جي،
ڪل رعيت سان رعايت روز شب رحمان جي،
غير غالب سان گڏي غافل! نه غارت غار ٿي-
غار جو غمخوار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
خي خدا جي خاطري تنهن ۾ خطا خطرا، خيال،
هي هجن ۽ هو نه سمجهن تن هَين ڦريو خيال،
’قل هوالله احد‘ ان جو نه ٻيو اهل و عيال،
ڏيهه کي ڏاتار ڏي ٿو، ڏوهه ڏيون تي ڏيال،
خود بنايل ڇا بنائي؟ ٻيو نه بت تي بار ٿي-
بار جو بردار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
دال دل مان ڪڍ دليلن، دوست دلبر! مڃ ڌڻي،
خلق خالق پاڪ خلقي، خال خالي مان کڻي،
نُور پهرين پوءِ پارس، پوءِ ٿيو پاڻي بڻي،
پِرٿڻي جنهن مان بڻي، سي بي پسهه پرزا پڻي،
امر ٿيو الله جو ان کي ته عنصر چار ٿي-
ڌر بنو سڀ ڌار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
ذال ذرڙن مان ٿيا ظاهر زمين و آسمان،
زوريون، ڪمزوريون، مٽ سٽ زمين تي هر زمان،
بي پسهه، بي روح جا، اي ڪم نه بلڪل بيگمان،
ڪان واري ڪان اڇليو، ڪان اڇلي ڪيئن ڪمان!
غور ڪر، ويچار ڪر، ور ورنه بي ويچار ٿي-
گوش منجهه گفتار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
ري رهين ٿي راڄ راڻا! جنهن به راجا وٽ رهين،
منهن ذرو موڙين ته خود، معلوم مهندان ڇا لهين؟
قدرتون ڏسندين به قادر لاءِ ’ڪونهي‘ ڪيئن ڪَهين،
سچ سزا ان سرڪشي جي، سنجهه صبحا سر تي سهين،
بند تائب لئي نه توبہ، ترت تابعدار ٿي-
منجهه حڪم هر وار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
زي زمانن کان زمين تي رنگ ساڳيا ٿا رچن،
جنّ ته جنّ، ماڻهو ته ماڻهو، فصل پنهنجي پر پچن،
منڍ مادي بي پسهه کان، هي منڊل مشڪل مچن،
بلڪ افلاطون اٽڪن، ته به نه اٽڪل تي اچن،
هيءَ خدائي خود خدا جي، خاص خذمتگار ٿي-
ٻيا نه ٻولج ٻار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
سين ساڻي جن سندو، سهڻو سچو، سانيم ستار،
سي قصر ڪسريٰ ۽ قيصر تي ڪري نڪرن قطار،
باغ يا باغي ملن تن ٿين ڀورين جا ڀتار،
تخت يا تختي مٿي طرفان ملي بي تند تار،
جلد منجهه ”جنات تجري من تحتها الانهار“ ٿي-
مرحبا مهندار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
شين شاهي يا شهادت، شرط شيري سان ملن،
پر نه گاديون هڪ گهڙي، گدڙن کي گيري سان ملن،
سر فروشي فرض ٿي، فتحون نه ڦيري سان ملن،
ترڪ تورا، ڪر ندورا، تنهنجو ڪم تلوار ٿي-
رک هنو هسوار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
صاد صاحب ري سلامي، اي نه اسلامي اصول،
ڪوڙ، ڪلفت، بدڪلامي، اي نه اسلامي اصول،
ري عمل عزت غلامي، اي نه اسلامي اصول،
غير مسلم جي غلامي، اي نه اسلامي اصول،
خان آهين، خان ٿي رهه، خان خود مختيار ٿي-
سر ٻين سرڪار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
ضاد ضد کي ڇڏ ضروري، هي ضرورت جو زمان،
ڀُل مَ ڀاءِ، ڀانيــان ته اڄ ڀُون، اُڀ بدلجن
بيگمان،
ناهه ڪم جي ٻي ڪمائي، قوم جي وٺ تون ڪمان،
مر ته مارين موت خود کي ناهه مرڻو مسلمان،
مر بهشتي ٿي ڀلا، جيءُ بادشاهه بختيار ٿي-
ڪنهن طرف تڪرار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
طوئي طيارا، تارپيڊو، تير، توبون ڇا چوان؟
بحر، بر، توڻي هوا ۾، ڪيا هواين سڙهه سنوان،
تون ندورا ! ننڊ ۾، تون سر نغارا نت نوان،
هن نوايا نر نوان، تون ناٿ سوڌو ناتوان،
قافلو قابو ڪرايئي، قافلي سالار ٿي-
راست منجهه رفتار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
ظوئي ظهورو آهي ظاهر، روءِ زمين تي ظالمن،
ڏس بلا سين پيا بدلجن، بخت بالا بالمن،
عالمن تي آفتون، آرس اسان جي عالمن،
سوڀ سڪي سان ٻڌل، سستي لئي سر سالمن،
خواب ناهي خوب اڄ، خالي ڪنان خمار ٿي-
وجھه وٺي وينجهار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
عين عبرت ۽ عجب جي ڳالهڙي آهي اها،
تون مرڻ کان ٿو مڙين، مشرڪ به ماڻهو تو جها،
تون صمد کان سر رکين، پاريا صنم سان هن سِها،
هو ڪمائين ڪيميا سڀ، تون ڪرين ٿو ڪم ڪها؟
اڄ به بگڙي جي بنايو، هڪ بنو سڀ ڀائر ٿي-
ساڻ يارن يار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
غين
غم، غم تي کڻن، غازي! غزا لئي ڪجهه نه ڪيئي،
جان جاني! ڪيئي مٺي، جنّت جزا لئي ڪجهه نه ڪيئي،
راڄ سڀ راضي
رکين، ربّ جي رضا لئي ڪجهه نه ڪيئي،
بحر ۽ بر ۾ بچا، فوجي فضا لئي ڪجهه نه ڪيئي،
بي سبب بستر مٿي، بندا نه ڪِر بيمار ٿي-
بحر بر بمبار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
في فرض ٿي سرفروشي، دم فراموشي خراب،
هضم تنهنجي خون ۾ خوش، خان ! خاموشي خراب،
دوست ڄاڻي، دشمنن سان، دوش بادوشي خراب،
ڄاڻ هاڻوڪو هڻن، هاڻي هم آغوشِي خراب،
خير تو سان خاص بيٺو، خارجين کي خار ٿي-
خر پيا خونخوار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
قاف قسمت ۽ قضا هر قوم لئي هڪڙو قلم،
ملڪ مشرڪ پيا وٺن، توکي ملي مشڪل ملم،
ٻيا اُڏامن اُڀ مٿي، تنهنجو ادل! اونڌو عَلم،
فرق، عامل لئي اميري، بي عمل لئي غم اَلم،
هو قضا تون پڻ قضا، موجب قضا ڪلتار ٿي-
قاتلِ ڪفّار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
ڪاف ڪلمي گو ڪروڙين، سٺ ستر ٻڌجن صحي،
تن منجهان ٽي راڄ راڻا، راڄ پڻ راڄن ٽهي،
انگريزن هيٺ ان مان، اڌ به وڌ وانچيم وَهي،
چئو ته ڪهڙي هيءَ قيامت، قوم آهيون يا ڪَهي؟
جنگ جا جهونجهاريئين تون، ڪيئن جُهري پئين جهار
ٿي-
جهار مان جهونجهار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
لام لڇڻن ساڻ لڇمي، ري لڇڻ لڇڻ لُڇڻ،
وڃ پچي، پرواهه نه ڪر، پروانا پاڻهي پِڙ پڇن،
ڪوهه ڪسڪين ٿو
ڪسڻ تي؟ ڪيهر ڪُسندي
ڪيئن ڪُڇن،
مر نه ميڙي، بلڪ ماري، مير ٿي، موڙي مڇن،
نر بڻي، نيزو کڻي، نعرو هڻي، نروار ٿي-
ڪر کڻي ڪرّار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
ميم مشرڪ جو نه موليٰ، ڇا مدد ڏيندس مزار؟
مومنن جو آهه موليٰ، خود خدا خوش دل گذار،
هڪ ڏهن، سؤ ٻن سوَن تي، ٻن هزارن تي هزار،
هاڻ هن مان هڪ اڳيان، هئي هئي! هزارين حال زار،
زور وٺ، زاريون نه ڪر، تون زير فرمان زار ٿي-
زار مان زردار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
نون نصراني به نت، نيزن سمهون نڪرن نَچي،
دَهرين جي ڌار ويئي، دهريت لئي ڌم مچي،
بُت پوڄاري باهه وچ ۾، تون وئين باقي بچي،
بي امن اسلام اڄ، اسلام ۾ ڇا ڪئي اچي؟
دين جي دعويٰ نه ڪر، يا دوبدو دلدار ٿي-
ڌوڪ ڌوڪڻ هار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
واو وڃڻو وقت ڪونهي، پر وڃڻ کي تون مَ وڃ،
ڀڃ نه ڀيڻيون جي ڀڃن ٿا، تن جون ڀيڻيون تون به ڀڃ،
ساز ۽ سامان سان، سامهُن کي سامهين سيڱ سَڃ،
موت حق تان موت ناهي، پر مدامي عيش مَڃ،
هنج حورون، هنڌ هندورا، هي نه هاريا! هار ٿي-
هار سان هونهار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
هي هزارين سال تنهنجي، حاڪمن ۾ هاڪ هئي،
دوست! تنهنجي دوبدو،هت ڌوڪ ڌوڪان ڌاڪ هئي،
خلق سڀ خاقان سوڌي، خاڪ پيرن خاڪ هئي،
تنهنجي اڳين جي اڳي، اڳري ڳري املاڪ هئي،
تون ڦُرين وانگر ڦري، ڦٿڪين به ڦاروڦار ٿي-
حق مَ ڇڏ حقدار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
لا لاشو ٿي مَ لاشڪ، لشڪرِ ابرار ٿي،
”قُل هُوالله اَحد“ اندر انهي اقرار ٿي،
تور تڪ ڇڏ، تڪ به تڪ جو، تڪ ڌڻي تڪرار ٿي،
ڪيئن به هن آزار کان آزاد ٿي، احرار ٿي،
قوم جي سرڪردگي ڪر، ڪُرد منجهه ڪردار ٿي-
سرد مان سردار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
اءلف
”احمد“! ٻڌ اَحد جو قول اَحَدي الحسين،
حسن سعيي ساڻ حسنت، يا حڪومت هت ملين،
يا هندورا هنڌ هوندن، هوند جيئن حضرت حسين،
فرق ري فرقان اندر، سرفروشِي فرض عين،
بزدليءَ کان باز اچ، بازيءَ ڪنان بيزار ٿي-
بيخبر! بيدار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
يي يقيني فرض ديني، ساڻ ياور ياوري،
بار رک باريءَ مٿي، يڪبار ڇڏ بي ياوري،
ڀال ڀالي چهنب ۾، بختي ڀلا، بختاوري،
ڌارين کان ڌار ٿي، دائم ڌڻيءَ جي داوري،
ڪارگر وٺ ڪار ۾، ڪارو نه ڪاروڪار ٿي-
پاڪ ڪلمي پار ٿي، الله اڪبر چئي اُٿي.
لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله
���
(2)
ٽيهه اکري: حمد باري تعاليٰ
الف اُڀ ڀُويون عجب اسرار، سمجهي ڇا سگهان؟
ڪئين قسم جون قدرتون ڪلتار، سمجهي ڇا سگهان؟
صور تون سهڻيون سوين سينگار، سمجهي ڇا سگهان؟
چنڊ سج، چوڏس چمڪ چمڪار، سمجهي ڇا سگهان؟
جهنگ، برپٽ، جر، جبل جنسار، سمجهي ڇا سگهان؟
گاهه، گولون گل، گوهر، گلزار، سمجهي ڇا سگهان؟
بي بنايئين بوستان، بر، بحر، بستيون بيشمار،
جن، ملڪ، ماڻهون، مرون، مڇيون، ڪِ مانگر مور، مار،
روجهه، ڦاڙها، رڇ، بگهڙ، هي شينهن خوني پر خمار،
ڳئون، مينهون،
ٻڪريون، رڍون، گهوڙا ڪ اُٺ، هاٿي حمار،
جنس سڀڪا جوڙو جوڙو، فرق ڄاڻج وچ ڄمار،
عمر گهٽ وڌ ۾ وڏا ويچار، سمجهي ڇا سگهان؟
تي تپاسي ڏس طبيعت، تون ٿئين ڇا مان تيار؟
باهه، پاڻي، واءُ، مٽي جي، ريخت تنهنجو رخت يار!
ڏس ڀلي جا ڀال اُڀ ڀون ۾، بنئين تون بيخ تيار،
چنڊ تارا تنهنجي تابع، توکي بخشيو تخت يار،
اختياريون ان جون اَخر، تون اوس بي اختيار،
ته به ڏسان تو ۾ تڪڙ، تڪرار، سمجهي ڇا سگهان؟
ثي ثنا ثقلين ڪن، سبحان تنهنجي صاحبي!
رات ڏينهن ۾، رات ۾ ڏينهن، سگهه عجب ساراهبي،
تو ڪيا ڪوڙين، نه ٻي ڪوڙين کان ڪِيڙي ٺاهبي،
ڪل نه سج جي، ڪهربا جي، ٻي ڪهين کان ڪاهبي،
ٻئي طرف تارا هلن، ڪِي اک نه ان مان لاهبي،
اک انهن ۾ آهه آخرڪار، سمجهي ڇا سگهان؟
جيم جوڙڻهار جوڙيا، جنس جوڙا جوڙ ۾،
ڏينهن ويامڻ جا به گهٽ وڌ، فرق توڙا توڙ ۾،
ڪي اُڏامن، ڪي سُرن، ڪي ٿا رهن ڊڪ ڊوڙ ۾،
ڪي چرن ۽ ڪي چُڻن، ٻوُڙي ٽڪر ڪو ٻوڙ ۾،
گهر اندر، ڪو گُر اندر، ڦر ۾ ڪِيئون، سَپ ڦوڙ ۾،
رنگ توڻي پار ڌر ڌر ڌار، سمجهي ڇا سگهان؟
حي حڪيمن هيل
تائين، هٿ هنيا، هڻندا رهن،
ڪئين ڪروڙين ميل ماپئون، تڙ نه ٿيو تڻندا رهن،
اُڀ اڳانهان ڪي اڃا، خيما کڻي کڻندا رهن،
سج ڇڪي ڀُونۡ کي بيهاريو، نت ڇمر ڇڻندا رهن،
ويءُ، ولهارن ۾ وڃان، وڻ ٽڻ وليون وڻندا رهن،
واءُ ڪڏهن ڪوسو، ڪڏهن ٿڌڪار، سمجهي ڇا سگهان؟
خي خبر وٺ، تنهنجي خلقڻ تي ٿيو ڇا خرچ خام!
پير هٿ، هڏ، چم، هِنيون، نڪ، نيڻ ناليون نيڪ نام!
واءُ، پاڻي، باهه، بجلي، اڄ وڪامن عام جام،
رت ڀرائڻ جي رقم پڻ، خوب ڄاڻج خاص عام،
پوءِ سڻائي صرف تو تي، صرف ٿئي ڇا صبح شام؟
ڪس ڪروڙن ۾،
ڪسر ڪم ڪار، سمجهي ڇا سگهان؟
دال دلبر! ديک دريائن جي دهشت ڌوم ڌام،
هڪ سدا کاري جو کارو ٻيو مٺو پاڻي مدام،
ٻن منجهان خوراڪ کائن، خان ۽ خادم، خدام،
جر جدا جاني! نه ٿئي، توڙي کڻي گڏجن گدام،
هت نه هي هن سان ملي، وچ ۾ ڪو دائم آهي دام،
لک ورهيه لڳ ڀڳ لڳي للڪار، سمجهي ڇا سگهان؟
ذال ذرڙا بي پسهه، جهڙا اندر جيئري ڪِ موءِ،
جانور، بيجان، جن، انسان، جر، پٽ، جهنگ، جوءِ،
ڪيئن پَسهه پهرين پيو، پهري ويو ڪنهن پار پوءِ،
بي پسهه ۾ ساهه، ڪنهن بي ساهه کان بلڪل نه پوءِ،
ساهه ڏئي يا ساهه نئي، سو ساهه صاحب هيڪ هوءِ،
ساهه خود ڇا؟ سوچيم سؤ وار، سمجهي ڇا سگهان؟
ري رعايت روشني ۾ ڏس، اکيون اُڀ ۾ اڙاءِ،
سج جِهو گولو نه گهڙبو، پر گهڙي ڪو، تان گهڙاءِ،
چنڊ، تارا، چو طرف، تنهن کي جواهر جيئن جڙاءِ،
آڻ اُڀ جيڏو جهنڊو ڪو، تنهن جي چوٽيءَ ۾ چڙهاءِ،
پوءِ ڪَٿ قيمت ڪ، ڪاريگر کان پڇ ڪلمون پڙهاءِ،
ڏينهن ڏيهه تي ڏات ڪيو ڏاتار، سمجهي ڇا سگهان؟
زي زبانون ڪيتريون، عربي ڪِ اردو، فارسي،
سگهڙ سالن ۾ سکن سي عمر لائن آرسي،
پَس پڙهڻ ريءَ پُٽ پيو ڳالهائي، پيءُ جيئن پارسي،
ٻار لئي ٻولي وڏن جي، جيئن وياء لئي وارثي،
اِي مڙئي الله جا ڪم، جهَل اکين تي آرسي،
جنس سڀڪنهن جي جدا جهونگار، سمجهي ڇا سگهان؟
سين سؤ لک سال ساڳيو، هر سَلي جو سلسلو،
اُو زمانا، اُو زمينون، اُو ظهورو، زلزلو،
اُو ولد والد جِها، اوُ منجهه ولهارن ولولو،
اُو کِونڻِ کليو چوي، هي ڪم خدا جو کُل کُليو،
پيو بني بنياد موجب باز، ڳيرو، بلبلو،
ڪنهن نه ڦَر ۾ فرق ڦيرو ڦار، سمجهي ڇا سگهان؟
شين شاڪر!
ديک شڪليون، شڪ رکي ڇا ۾ شڪي،
چؤ ڀلا اهڙي ڀُلئي کي، هيءَ تو ڪهڙي بڪ بڪي،
ڪنهن سبب سرڪار! تنهنجي سؤ پَريون صورت يڪي،
ڇونه، ڪائي ڳهڻ ڳهلا! مد تون ٿيندي ٿڪي،
ڇونه باندر تون بنئين، چٻرو پکي يا چٻ پڪي؟
هي ته ڪنهن قهار جا ڪم ڪار، سمجهي ڇا سهان؟
صاد صاحب صورتن کي رنگ ۾ پاهيو پڪو،
ڪو اڇو، ڳاڙهو ڪو سائو، سرخ، ڪو ڪارو ڪڪو،
”حَقّ ومَن اَحۡسَنُ مَنَ الله صبغةً“ ثاني نه ڪو،
هت نه هٿ ٻوڙي هئين ڪو، هُت نه ڀرڻو هڪ ٽڪو،
هي ته ڌونرو ڌوپ ٻن سان، رنگ گل، گوهر يڪو،
سون، چاندي، چنڊ، سج چوڌار، سمجهي ڇا سگهان؟
ضاد ضرر ضاهر ڏسڻ ۾، آب، آتش، واءُ، مِٽي،
سڀ سنڀالي گڏ سدا، سبحان سهڻي سِٽ سِٽي،
ڏينهن ٿئي ڏيهه تي ڏهاڙي، رات چانڊوڪي چٽي،
ڇا حصو هِن جو ڪِ هُن جو، ڪيتري ڪنهن ۾ ڪٽي،
رک فهم ۾ ڪو به ڦل، ڪي پيا ڦُٽي، ڪي ويا ڦٽِي،
دمبدم دنيا اندر ديدار، سمجهي ڇا سگهان؟
طوئي طوطا ۽
تتر، تاڙا، تُلوريون، طور، هنجهه،
تون ته ٿوري ۾ ٿڪين، هن کي گهمندي ڏيهه ڏنجهه،
صبح نڪرن سائبريا کان، هت رسيا هي سار سنجهه،
تيل ري طاقت سلامت سؤ پريون پرواز منجهه،
ڪيئن ڪڪڙ کي وقت جي، ري واچ پئي ٿي سڌ سمجهه؟
هر پهر پويان پوي پوڪار، سمجهي ڇا سگهان؟
ظوئي ظاهر هر ذري مان، هر ظهوري مان ضرور،
رنگ ڏيندڙ نيڪ روشن، رنگ ڀوري مان ضرور،
ڪنهن جي ڀڙڪائڻ تي ڀڙڪي، باهه کوري مان ضرور،
تند تون چورين تڏهن ’تون تون‘ طنبوري مان ضرور،
پر ڦِٽي عالَم سڄو، عالمِ اڌوري مان ضرور،
حڪمتون سمجهن به ڪي هشيار، سمجهي ڇا سگهان؟
عين عاقل عطر ٺاهي وڪڻندا تو وٽ وتن،
سڀ وٺي سگهندا نه سي، ته به ڏينهن ٻٽي تيزاب تن،
پر کٿوريءَ مان ختم ٿيڻي نه خوشبوءِ منجهه ختن،
خوب خوشبوءِ سان کِڙن ٿا، وڻ وليون پنهنجي وطن،
واس واٽن تي وٺن، تن جو تونگر يا تتن،
لنگهه جتان هڪ هير ٻيو هٻڪار، سمجهي ڇا سگهان؟
غين غافل ٿي مَ، عاقل! ڳالهه عينڪ ري عيان،
صبح ڏي ٿو ساک سج جي، دونهن لئي ڪجهه درميان،
ڪوٽ شاهد ڪارگر جو در ڇڪائي پيو ڌيان،
چِٽ چٽيندڙ جو چٽو ڏس، گل بقاريءَ جو بيان،
ڪين سمجهي ڪان کان ڪو، اُڀ زمين وارو زيان،
ڪيئن هلن پاڻهي به هرلا نار، سمجهي ڇا سگهان؟
في فصل جا فيصلا، اکين ڏسان عبرت جِها،
چيٽ، آڌائون، ڪتي، قدرت ڏيکاري ڪم ڪِها،
ڇا ونگا، ڇانهيون ڪِ گدرا، گول ميوا، مَڪ ميها،
ٻج، سلو، ڪاني ڪِ کِيرو آهه آڀونءِ ۾ اِها،
جَوَ، جواريون، ڪڻڪ، ٻاجهرڪي پَڪيون ڪن تي پِها،
لال، سڳداسي ڪِ سيگو چار، سمجهي ڇا سگهان؟
قاف قدرت قاعدي سان آهي قائم تا قيام،
ساڳيا ساوڻ، سيارا، سِنڌ، سرحد تا سيام،
واءَ ساڳئي وقت وَس جا، ڏين پيڙهين کان پيام،
روز ڪي کوڙين خيما، ڪن کنيا خيما خيام،
ٻج پچڻ جا ڏينهن گهٽ وڌ، فرق عمرين ۾ ايام،
ننڊ نسل تي، پڻ سجاڳي سار، سمجهي ڇا سگهان؟
ڪاف ڪَل ڏس ڪئميرا جي، ڪم ڪَما حقہ ڪمال،
هڪ وٺي هرڪو نه سگهندو، ٻيو پنجين ڏينهن پائمال،
پر اکيون الله بخشيون، جنس جملي جو جمال،
مغز ۾ ڇاپين ڇا ڇا، دور پنڌان ڏيئي ڌمال،
ڄڻڪ مهندئي مغز ۾ هو، ميل تي ماڻهو ڪِ مال،
مُنهن، مٿو، هٿ، پير پُورا پار،سمجهي ڇا سگهان؟
لام لِک ۾ لُک، ته لُک ۾ هير، لِک ۾ لَٽ لَڳهه،
جَڳ بنئي ڪئين جُڳ ٿيا، جڳمڳ اهائي هر جڳهه،
اُو پلر پالوٽيون، پوکون، پکي پڳ پڳ پڳهه،
بحر، بر، ڀُونۡ، اڀ بجا، ويران ورهين کان وڳهه،
مفت موتي هڪ طرف، ٻيو ڳڻ ته ڇا کائين ڳهه،
بخششيون بسيار بخشڻهار، سمجهي ڇا سگهان؟
ميم مالڪ مال بخشيو، مل مهينڊن سان مينهون،
ڦل، منڌي، نيٽو، نهيرو، سڀ سنڀالي وس ويهون،
واهه ڙي گُوها گجر جا، گيهه ڳوين جا ڳيهون،
دوبدو دونهيون دکن، دک دور ديکيندي ديهون،
مُرٽَ، مانڌاڻا، منڌيڙا، ڏڌ، مکڻ، مکڻيون، کيهون،
ملڪ رڱيا ملڪ جي مختار، سمجهي ڇا سگهان؟
نون نت نت دؤر نئون نئون، عمر ناهي ارٽ نئون،
ڳڀ ڳيهڻ ۾، پوءِ ڳڀرو، پوءِ ڳاڙهو ڳرٽ نئون،
پوءِ ڪرڙ وَڍ، پوءِ ڪراڙو، پوءِ ڪنڌ تي ڪرٽ نئون،
سرس ته به سٺ
سال، تنهن ۾ دم صحت، دم سرٽ نئون،
گُم پروڪا گاهه، گل ڦل، ٻير، ٻاجهر، ٻرٽ نئون،
هيڪڙي جي هار، ٻئي کي هار، سمجهي ڇا سگهان؟
واو ويڄن واءُ لهريون پرکيون پرزا پسي،
پس به پيتي ساڻ بوتل، لهر ۾ لوهي رسي،
پنڌ لِک ۾ ميل هڪ لک، وڌ هزارن ڇا اسي،
لک ڪوهن تان ڪل تي ڪڇ پڇ، روبرو وانگر رسي،
پاڪ کان ناپاڪ ٿي، نڪرن پيهون پاڻي پسي،
وات هڪ، نيڪال جا ڪئين نار، سمجهي ڇا سگهان؟
هي هزارين خرچ کائن، هي هوائي آرماڙ،
پوءِ به ٿورو ٿيو ته، ڪرندي ڪين ڏسندا لاڙهه چاڙ،
پر پکي پکٽڻ پَسُون، ٻئا اڏرندا آڳڙ پڇاڙ،
خرچ وارا خون ڪن، بي خرچ ۾ ڪونهي بگاڙ،
پک هوا ۾، پير پٽ تي، پيٽ ڀر، پاڻيان تراڙ،
روز رمزون، راز منجهه رفتار، سمجهي ڇا سگهان؟
لا لاشڪ اڄ هنر ۾، لک سڏائن لاشريڪ،
لکَ مِلي مر مَک بنائين، ڪک بنائين يا وڌيڪ،
لک حياتيون، موت هردم، هڪ خدا جي هٿ وسيڪ،
ڪوڙ ناهي، ڪوڙ ڊاهي، ڪوڙ ٺاهي، ٺيڪ ٺيڪ،
پهڻ پاڻي مان بنائي، لوڪ کان نڪري نه ليڪ،
ٻاڦ، مند، مينهن، ملڪ جا معيار، سمجهي ڇا سگهان؟
اءلف
”احمد“ ڏس عجب ڦل، ڦر، نيلو فر نت نوان،
اڪ، اِڪڙ، اکڙوٽ، اِلسي، انب، آمان، ارغوان،
مرچ، موري، مڱ، مٽر، ميٿي، چڻا، چونرا چوان،
سرهه، سرگهو، ساڳ، سرکنڊ، سينر، ساريون،
سر سنوان،
نم ڪِ ڳم، ڳنڍير، ڳاڱيون، ڇا ڳڻي پوري پوان،
ٽوپ، ڊڀ، مُڃ، ٽوهه، ٽالهيون ٽار، سمجهي ڇا سگهان؟
يي يقيناً سوئي يڪسر، يار ياور پڻ يڪو،
ٻيا ڏني تن ڏين، هو ڏي، ڏيهه کي ڏيڻو نه ڪو،
سج هلائڻ تي هجي ڪل جڳ، ته ٿوريءَ تي ٿڪو،
سڀ سنڀالي هيڪ هو، جيئن تنهنجي هٿ ۾ هڪ ٽڪو،
ڪوڙ ٻيا ڪوڙين نه ٻڌندس، قلب ۾ ڪلمون پڪو،
قلب ۾ ڪلمون پِڪو، ٻي ڪار، سمجهي ڇا سهان؟
|