ٽيهه اکري: رامڪلي
(چيل شمس الدين پلي)
[شمس الدين ولد دِلو پلي، ڳوٺ دِلو پلي جو ويٺل
آهي، سندس ڄمڻ جو سنه اندازاً 1913ع آهي. شاعري ۾
سندس استاد ايوب فقير آريسر آهي. ابتدائي عمر
زماني سازيءَ جي حرص هوس ۾ گذاريائين، پر آخر
توبهه تائب ٿي، فقيري اختيار ڪري گوشہ نشين ٿيو.
پنڌ حج تي وڃڻ لاءِ سنڀريو، پر سفر جي تڪليف ۽
بيماريءَ سبب اڌ تان موٽي آيو ۽ ان کانپوءِ
شعروشاعري شروع ڪيائين. سندس ڪلام بيتن ۽ ڪافين تي
مشتمل آهي. هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي. ]
الف ئون روز الست جي، جوڳين پيتو جام،
نيو نشي نينهن جي، اکين جو آرام،
ڇڏي ڪل قمام، سچا سامي سي ٿيا.
بي ئون باهه بدن کي، ڏيئي ڏينهان رات،
وڃائي ويجها ٿيا، جوڙ سندو جسمات،
عاشق اٺئي پهر ڪن، باريءَ سندي بات،
وائي ٻي نه وات، سچا سامي سي ٿيا.
تي ئون توڪل سي ڪري، پيا ڪين اندر ڪاهي،
ڏٺئون قرب ڪين جو، چڱو چتائي،
’الف‘ رکيائون اوڏڙو، روح اندر راهي،
ٻيا لاڳاپا لاهي، سچا سامي سي ٿيا.
ثي ئون ثابت سڪ جا، پلپل پون پور،
ساعت نه رهيا سک ٿي، سامين ڏٺا سور،
هر ڪنهن ويلي حق جو، حاصل ڪن حضور،
وڃائي وهلور، سچا سامي سي ٿيا.
جيم ئون جنبيلون جان سان، جوڳيئڙن جڙيون،
پائين ڪامل ڪنڌ ۾، ڪشتا ڪَنٺ ڪڙيون،
ڪري هليا ڪُلهن ۾، گيڙو گودڙيون،
ڇڏي ماڳ مڙهيون، سچا سامي سي ٿيا.
حي ئون هردم حق تي، واڌو واري وک،
هليا صورت سامهان، سامي کڻي سنک،
طمع کان ترڪ ٿي، باسي بيٺا بُک،
ڏيل تني ڏٻرا ڪيا، ڏسي ڏوڙا ڏک،
”شمس الدين“ شائق ٿيا، اُبيٺا پاس الک،
باريءَ وٽ برک، سچا سامي سي ٿيا.
خي ئون خاصو خلوت ۾، سامين ڏٺو ساءُ،
کاڌو کائين ڪينڪي، پاڻي پين نه پاءُ،
اوڏا ويا نه اوڇڻ کي، سُتا ڪين سنجهاءُ،
راضي مٿن راءُ، سچا سامي سي ٿيا.
دال ئون درشن تن ڪيو، هاري سڀ حجاب،
گولا ٿي گُر سامهان، آندائون آداب،
سامي سوز فراق مان، اکئين آڻي آب،
لاهي حرف حساب، سچا سامي سي ٿيا.
ذال ئون ذاتي ذوق مان، نَر هڻي نعرو،
ڪافر موذي قلب مان، ڪڍيائون ڪارو،
جشن جاڳي تن ڏٺو، صورت جو سارو،
بيحد کنيو برهه جو، بيراڳين بارو،
جن جو سالم ستارو، سچا سامي سي ٿيا.
ري ئون رهيا رڻ ۾، جلائي جوتا،
پليتيءَ کان ”پلي“ چئي، پاڪ رکيائون پوتا،
لنگ لانگوٽا لوئيون، چوريائون چوتا،
جن غوطن تي غوطا، سچا سامي سي ٿيا.
زي ئون زاري ذوق مان، سنڀاري سبحان،
رندن ڳجهيءَ رمز ۾، ريجهائيو رحمان،
موکيءَ سندي مٽ تي، مِڙيا جُنگ جوان،
پي پيالا پُر ٿيا، مئي سندا مستان،
خلوت جا خواهان، سچا سامي سي ٿيا.
سين ئون سيني سالم سان، ستگر کي سارين،
ويل نه ويهن ويسلا، نه واحد وسارين،
ساعت سوز فراق جي، گهٽ اندر گهارين،
کڻيو نيڻ نياز مان، نانگا نهارين،
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پِرين پچارين،
حڪم ڌاران حبيب جي، ٻي وک نه سي وارين،
الف اُچارين، سچا سامي سي ٿيا.
شين ئون شريعت شوق سان، مڃي مرد مٿير،
’پنجن‘ سان پورا رهيا، غازي ڇڏي غير،
درس بيٺا دين تي، شهنشاهي شير،
وحدت ڪثرت وچ ۾، پختا پائي پير،
سرهو ڪري سير، سچا سامي سي ٿيا.
صادئون رهي صبر ۾، حاصل ڪيائون حال،
اوريو الک سامهون، آديسن احوال،
داور جي درٻار جو، ماڻيئون قرب ڪمال،
هيڪڙائي جي حسن ڪيا، نانگا نيٺ نهال،
ايڏا جن اقبال، سچا سامي سي ٿيا.
ضادئون ضامن ساڻ ڪري، پرينءَ پيش پيا،
هميشہ حبيب سان، همہ هيڪ ٿيا،
پاڻان ڏور رهڻ جا، ويڇا سڀ ويا،
پرور پاس ڪيا، سچا سامي سي ٿيا.
طوئي ئون طمع توڻ جي، وساري وريام،
آڻي ڏنا اَلست جا، پورا تن پيغام،
پسي آيا ”پلي“ چئي، گُروءَ سندو گام،
راضي مٿن رام، سچا سامي سي ٿيا.
ظوئي ئون ظاهر زينتون، لاهي وڳا ويس،
ويا پنڌ پورب جو، پڇائي پرديس،
جوڳي رهن جنهن جوءِ ۾، اُهو سندن ديس،
ماري من مُهيس، سچا سامي سي ٿيا.
عين ئون عارف عبادت ۾، رهن راتو ڏينهن،
نازڪ ناتي نينهن جي، چوري چاڙهيا چِيهن،
آڌوتي ان حال ۾، اُلٿَي اُڀرئي سيئن،
جيئرا مئن جيئن، سچا سامي سي ٿيا.
غين ئون غازي غير جا، ويڇا وڃائين،
پورو پيوند پريت جو، پرينءَ سان پائين،
نازڪ ناتو نينهن جو، نانگا نڀائين،
جيئري پنهنجي جان کي، جوڳي جلائين،
خوديءَ کي کائين، سچا سامي سي ٿيا.
في ئون فاضل فيض جا، اُنهن ۾ اُهڃاڻ،
رهي پيا رڃن ۾، قرب ڪمائڻ ڪاڻ،
آڏو تن عجيب جي، رکيو پنهنجو پاڻ،
سنگت سورن ساڻ، سچا سامي سي ٿيا.
قاف ئون قابو قلب کي، واري ڪيائون وس،
هجي اهڙي حال تي، جوڳيئڙن کي جس،
آيو هٿ حقيقت جو، گاروڙين کي گس،
ڇڏي آر عبث، سچا سامي سي ٿيا.
ڪاف ئون ڪو جو ڪاپڙين، ڏٺو روحاني رنگ،
ويا مڙيئي منزلون، اورانگهي اَڙٻنگ،
هليا هيڪاندا حرص مان، سامي ڪري سنگ،
نانگا ڇڏي ننگ، سچا سامي سي ٿيا.
لام ئون لاهوتين تي، ڪيو عشق انگيز،
ماريا انهيءَ مام جي، مهيسي مهميز،
رهي منجهه پرهيز، سچا سامي سي ٿيا.
ميم ئون مداين کان، مردن کاڌي موٽَ،
سنڀري آيا سوريءَ تي، آڌوتي اڻموٽَ،
پيا بحر عميق ۾، چَريا ڏيئي چوٽَ،
گهر تڙ ڇڏي گهوٽ، سچا سامي سي ٿيا.
نون ئون نِيا نينهن جي، نظاري نروار،
هوند ڇڏي اڻهوند جو، وهائيون واپار،
ڪاٽي ڇڏيائون قلب تان، طمع ۽ تڪرار،
پائي پيچ پيار، سچا سامي سي ٿيا.
واو ئون واڌو وصل جو، ويراڳين واپار،
اَٺئي پهر اَلُوٽ ۾، آهن ”شمس علي“ سرشار،
جشن خاطر جڳ ۾، ڦِرن ڦيريدار،
هِت هُت ٿي اظهار، سچا سامي سي ٿيا.
هي ئون هئڻ هميشہ جو، لاهوتين لاهيو،
ڊڄي ڏاڍي ڊاءُ کان، تن صاحب ساراهيو،
سانگ سهڻي سيرت سان، ڪيو سامين سجايو،
قرب پنهنجو ڪاپڙين، لوڪان لڪايو،
نيهي وڃي نانهن ۾، ناٿن نمايو،
جن راءُ کي ريجهايو، سچا سامي سي ٿيا.
لا ئون پين لوهه جا، جُثي منجهه زنجير،
ٻيا لڳن قرب جا، ڪات ڪپاري ڪِير،
دم ۾ پرکي دم کي، ٿيا فنا في الله فقير،
نِيا وحدت وير، سچا سامي سي ٿيا.
اءلف
ئون اصل عام کان، ڪن جيئري جدائي،
سرس سُتي سورن جي، سامين سهائي،
گودڙيا گُرو ري، ٻي وات نه ڪن وائي،
ٻوڙي ٻيائي، سچا سامي سي ٿيا.
يي ئون ياور يار سان، تن جو جيءُ جڙيو،
’الف‘ ڌاران اکر ٻيو، انهن پنو ڪونه پڙهيو،
”شمس الدين“ شينهن سان، اُن جو انگ اَڙيو،
تڪبّر جن تڙيو، سچا سامي سي ٿيا.
ٽيهه اکري: سسئي
(چيل محمد حسن لغاري جي)
[محمد حسن لغاري، ڳوٺ غلام حيدر سريوال تعلقي
ٽنڊي الهيار جوويٺل آهي. سندس وڏا اصل پنجاب ۾
رهندا هئا، جي انگريزن جي حڪومت جي اوائلي دؤر ۾
لڏي اچي سنڌ ۾ پنهنجو ڳوٺ اڏي ويٺا. محمد حسن سنه
1913ع ڌاري ڄائو. سنڌي ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل
ڪيائين. هن وقت مير حاجي غلام محمد خان ٽالپر وٽ
منشي آهي. سندس شاعريءَ جي شروعات سندس ماروٽ جي
وفات واري واقعي کان ٿي. سنڌي توڙي سرائيڪيءَ ۾
ڪلام چيو اٿس. هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي.]
الف آري ڄام ڏانهن اکين ڪيو آر،
”فاذڪرونِي اذڪرڪم“ اها پرت پچار،
رکي سڪ سرير ۾، وؤڙيان ٿي وڻڪار،
آهي مون اَپار پرت پنهل ڄام جي.
بي ئون بلاشڪ ڏسان، اديون! آري ڄام،
ٻانهي ذات ٻروچ جي، گولي آهيان غلام،
تنهن نرمل سندو نام، مونکي ثمر سُڃ جو.
تي ئون طلب تن ۾، گوهر آهه گهڻي،
”وحده لاشريڪ لہ“ وندر آهه وڻي،
سٻاجها! سڻي، مونکي ملاءِ مون پرين.
ثي ئون سڪ سيد جي، ثابت رک سچي،
”ونحن اَقرب“ ۾ اورج اڄ اچي،
ويڙو روح رچي، لحظي ۾ ”لغاري“ چئي.
جيم ئون منهنجي جان کي جلايو جتن،
آءٌ سُتيس آرام ۾، ڏئي هوت هٿن،
ناهي حرف مٿن، آءٌ ڪاڻياري ڪيچيڙن جي.
حي ئون حرف مان ڏي، ناهي ڏک ڏيرن،
ڪيم ڪشالا ڪيترا، پيا پنڌ پيرن،
واٽ ڏنگي، ور گهڻا، ورايو ويرين،
لڳو جوش جيرن، تڏهن پچان ڄام پنهل ري.
خي ئون خبر ڏي، جبل تون جاني!
آهيان خان ٻروچ جي، گولي ۽ ٻانهي،
جھڙس ناهي جهان ۾، سڄڻ ڪو ثاني،
مون تي حرف حقاني، آهن ڄام پنهل جا.
دال ئون دل ۾ ناهه، ڏيرن تي ڪو ڏک،
ڪنديس ڪشالا ڪيچين لاءِ، بحري جهلي بُک،
مونکي پنهل ڄام جا، سوين هئا سک،
وينديس ڪيچ سامهون، راهه وٺي رخ،
پسان مرڪي مُک، اديون! آري ڄام جو.
ذال ئون ذڪر ڪهڙو، آهيان نماڻي نار،
مونکي ننڊ نڀاڳي، تکي آئي تار،
سنجهي هوت وٺي ويا، پرهه پڇان ٿي پار،
کنيون پير پنهل جا، روئان زاروزار،
واحد! واڳ وار، ڪامل! رسان ڪيچ کي.
ري ئون رائي رڃ، منهنجا پِٿون ڪيڙا پير،
باري هن برن ۾، منهنجي ڪل لهندو ڪير؟
ڀينر! هن ڀنڀور مان، ڀڃي ويڙا ڀير،
ڏاڍايون ڪري ڏير، جانب جت وٺي ويا.
زي ئون هن ضعيف جي، ڪهڙي حجت هلي،
سڀڪا پنهنجي ورجو، ويٺي پاند جهلي،
آءٌ آري ڄام جي، لڳيس پاند پلئي،
جيڏيون! ڪام جهلي، مونکي تنهن محبوب کان.
سين ئون سڪ مونکي، وينديس پنهل پار،
ڪامل ملڪ ڪيچ جو، ڏاتر! مون ڏيکار،
لحظي ۾ ”لغاري“ چئي، پسان دوستاڻو ديدار،
صاحب رب
ستّار! مونکي پهچاءِ پکي ڄام پنهل جي.
شين ئون شڪر ٿي آءٌ ڪريان سدائين،
اٿي آڌيءَ رات جو، کڻي ليڙا لڏيائين،
پرور! پهچائين، شال! پکي ڄام پنهل جي.
صاد ئون صبر سان اُٿيس، آءٌ ويل اسرُ،
اديون! آري ڄام جو، لڳو عشق اندر،
برهه ڀڙڪائي جلايو، منهنجو جيءُ جگر،
اديون! اٺئي پهر، اٿم پرت پنهل جي.
ضاد ئون ظاهري قرب، هنيو اندر ۾ ڪان،
هڪڙي سڪ سرير ۾، ٻيو جلايم جان،
”محمد حسن“ مانَ! پهچان ڄام پنهل کي.
طوئي ئون تڪڙي ٿِي ڪاهيان ڏانهن ڪيچ،
اديون! آري ڄام جو، پهرين پيڙو پيچ،
ڏکي کي ڏيج، ڏنو هوت هٿن سان.
ظوئي ئون ظاهر ٿي، وٺ وندر جي واٽ،
جبل جهاڳ جلدي، لَڪ نهارج لاٽ،
سندي عشق اُساٽ، توکي توڙ رسائي.
عين ئون عشق مونکي آ، سندو آري ڄام،
شل! ڪو اوٺي اچي، کڻي پنهل جا پيغام،
ڀينر! هن ڀنڀور ۾، مون سان ٿيو ماتام،
اٿم طلب تمام، اديون! آري ڄام جي.
غين ئون غم مون کي آ، سنجهي ستياس،
هوت وٺي ويا هنج مان، جڏي ڪين جاڳياس،
اويري اُٿياس، نه ته ڀيڙي ٿيان ها ڀتار سان.
في ئون فڪر مونکي، اڄ اهوئي آهي،
منهنجو ور وٺي ويا، لاڳاپا لاهي،
ڀينر! هن ڀنڀور ۾، منهنجو اڄ ڇاهي؟
منجهان قرب ڪاهي، پهچان ڄام پنهل کي.
قاف ئون ڪشالا ڪاف جا، ڏاتر ! ڪيم ڏيکار،
جنهن مان رمز سڄڻ ملي، سبق سوئي سيکار،
هاڻي تون هيڪار، گوندر لاهه غريب تان.
ڪاف ئون ڪاهج تون، سسئي ڏانهن سُڃ،
واٽ ونگي، ور گهڻا، رائو اڳيان رُڃ،
”محمد حسن“ چئي مَڃ، تون پرت پنهل ڄام جي.
لام ئون منهنجي لڇڻن ڏانهن، ڏاتر! ڪيم ڏس،
واحد وڙ ڪري، پيارينم پس،
هادي تون هس، ميٽ مدايون من جون.
ميم ئون اٿم من ۾، اديون! اِيءَ آس،
مونکي پار پهچائي، رهبر ڪري راس،
چڱي ڏين چاس، داور! هن دنيا ۾.
نون ئون نهاريان نِجهرو، وارث ڏانهن وري،
جان جلايم جيڏيون، ڳڙن جيئن ڳري،
ڀينر! هن ڀنڀور ۾، آهيان آءٌ بُري،
”محمد حسن“ مري، ته به هَڏ هلندم هوت ڏي.
واو ئون واٽ وندر ۾، مرون سُجهن ماري،
مَمُون، ڳوهون، ڳورپٽ، ٻيا هرڻ هزاري،
گدڙ، گينڊا، گورخر، ڦاڙها، ڦيڪاري،
”محمد حسن“ مِهرمان، اُتي اچي شل! آري،
آهيان ويچاري، توکي رحم اچي ڪو روح ۾.
هي ئون ڌاران هوت جي، ڪڙهي ٿيس ڪاري،
ڀينر! هي ڀنڀور، بيشڪ ٿيو باري،
کڻيو پير پنهل جا، ٿي وسايان واري،
اديون! مونکي آري، رسي شال رُڃ ۾.
لا ئون لَنو ”لغاري“، سسئي پِرايا سُور،
پڇان پار پنهل جا، ڏَس جنهن جا ڏُور،
سرتيون! مونکي ماريو، محبتي مذڪور،
هوتاڻو حضور، ڏاتر! مون ڏيکارئين.
اءلف
ئون اوکو پنڌ، ٻيو جبل هي جيڏو،
سرتيون! مون کان ساٿ ويو، هليو اڄ هيڏو،
هڪ ٽَڪر ٽيڏو، ٻيو مونکي مارڳ ماريو.
يي ئون يقين ٿيو، ملندو آري ڄام،
ٻئي در پير نه پايان، ڪيم سڪ سلام،
ڪلمي سان لڏائين، محبت ڏيئي مدام،
موليٰ ”محمدحسن“ جو، قبولين ڪلام،
اٿم طلب تمام، اديون! آري ڄام جي.
ٽيهه اکري: مناجات
محمد راشد شاهه روضي ڌڻيءَ جي درگاهه ۾
(چيل حاجي مهيسر جي)
[حاجي فقير پٽ الهه آندل پٽ حاجي احمد پٽ الهه
آندل مهيسر، ويٺل ڳوٺ حافظ محمد رفيق مهيسر تعلقو
خيرپور، ضلعو خيرپور ميرس. سنه 1332هه/1913ع ۾
ڄائو. سنڌي ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪيائين.
پنهنجو ڪجهه زمين ٽڪر اٿس جنهن تي سندس گذران جو
مدار آهي. شاعريءَ جو شوق محمد فقير کٽياڻ جي صحبت
مان ٿيس. سندس ڪلام ٽيهه اکرين، مناقبن، معجزن،
مولودن ۽ ڏورن تي مشتمل آهي. ڏور ۾ سندس استاد
محمد عمر سومرو آهي. حضرت پير سائين پاڳاري جو
مريد ۽ طالب آهي. سندس اڪثر ڪلام مرشد جي ساراهه ۾
آهي. سندس هڪ ٽيهه اکري حضرت روضي ڌڻيءَ جي شان ۾
چيل هتي ڏجي ٿي.]
رهنما روضي ڌڻي! ڪر منهنجي اڄ ڪا رهبري،
دلربا! درسن ٿئي، ڇو دير لاتَوَ ايتري؟
الف آهئين عاصين جو، تون اجهو ۽ آسرو،
آهه تو وٽ عاشقن جو حجّ حاڪم اڪبري.
بي
بنا شڪ باطني واري علم جو بادشاهه،
بيڪسن جا ڀر جهلا! تون ڪر اسان جي بهتري.
تي تمنّا طالبن جي، تنهنجي در پوري ٿئي،
تار مان طوفان مان، تنهنجي توَڪل ويا تري.
ثي ثمر سڪ جو کڻي ۽ پيار جو سندرو ٻڌي،
سام تنهنجي سيّدا! سردار آيا سنبري.
جيم
جلوو جن ڏٺو تنهنجو، اُهي جاڳي پيا،
جوت جلون جي جثي ۽ جيءَ ۾ ٿي جابري.
حي حمايت حضرتا! تون هيڪلن همراهه آن،
حق جو هادي ٿي آئين، هوت آهين حيدري.
خي خدا توکي ڏني اهڙي سخا اي پڳ ڌڻي!
خوش ٿيا، مخمور ٿيا، جن کي ڏني تو خاطري.
دال
داتا! ڏي دلاسو دان جو دلگير کي،
دانهن ڪيان، ڪو داد ٿئي، دل جي کلي دلبر! دري.
ذال زاري تنهنجي در تي، زور زوراور! ڪيان،
ذڪر ذاتي ٿئي زياده ضدّ واري ڪڍ ذري.
ري رسولي راهه تنهنجي، رهبرا روضي ڌڻِي!
رمز سان رضوان ڀي، تنهنجي قبولي نوڪري.
زي زماني جي ضعيفن تي نظر شفقت جي ڪر،
زود ڪر مون تي ڪرم، تنهنجي ڪيان پيو ذاڪري.
سين تون سائين! سڪايل جي سدا ڪا سار لهه،
سور سک جي سيّدا سردار! تو وٽ سرسري.
شين شاهي شان تنهنجو، شاڪرن شڪريو ڪيو،
شاهه تنهنجي شان ۾ شاعر ٿا ڪن اڄ شاعري.
صاد صدقي صاحبن جو آهين صاحب تون صحيح،
صادقن جوصدق تو تي، سالار! آهي صابري.
ضاد ظاهر زور وارن، زر، ذليلن کؤن بچاءِ،
زور وارو آنهه ضامن، باطني ۽ ظاهري.
طوئي طالب تنهنجو آهيان، تات پيو تنهنجي ڪيان،
طرح تنهنجي طالبيءَ جي، ڪين ڪيم تِر جيتري.
ظوئي ظاهر ظالمن جي ظلم کؤن مونکي بچاءِ،
زيب واري هن زماني ۾ اول ۽ آخري.
عين
عارف! عاشقن کي عشق جي لذت به ڏي،
اعتقاد انهي ۾ منهنجو ساهه آهي ساجهري.
غين غفلت غير کي ڪنهن غار ۾ تون غيب ڪر،
غرض غازي بخش پنهنجو، ڀل ڀيڙ جي لاهج ڀري.
في فتح ٿئي نفس تي ڪو فائدو فياض ڪر،
فضل ۽ فرمان سان ڪر ڪا نظر تون نادري.
قاف تنهنجي قرب جون ڪوڙئين ڪهاڻيون ٿو ڪيان،
قلب جو ڪر راهه روشن، ڪار ڪر تون قادري.
ڪاف
ڪانۡياريءَ جو ڪر، اڳتي قبر ڪاري سجهي،
قرب ڪر ڪانۡئر مٿئون، ڪو جام پياريو ڪوثري.
لام لوڙهي جي لَکِي ! تون لڄ رکج لڄپال اڄ،
لائقن جهڙو نه آهيان، تون ئي ڪر لڄ پروري.
ميم محبت بخش پنهنجي مرشدا! مهندار تون،
منهنجو مالڪ آنهه تون، آهي مام ڏاڍي محشري.
نون نالو نمبرن ۾ ڇڏ لکي، لائق ڪيو،
ناز ناهي، نياز آهي، ننگ پالج نِتري.
واو
وارو ٿو ڪيان، وَجهه
وارث آ لڳو،
وس نٿو منهنجو هلي، مان وِير! آهيان ويسري.
هي هلاڪي حشر واري، هوت! هيڻيءَ کي اڳيان،
هيڪڙو همدرد تون، توسان نه ڪنهن جي همسري.
لا لاپرواهه آن، لوڪ ليلائِن لَکين،
لڙهه لام تنهنجيءَ ۾ لڳم، سام ٿيم سڪندري.
اءلف
اصلي ننڍڙي کان آسرو تنهنجو اٿم،
آهي منهنجو حال هي تون، بخش مونکي برتري.
يي يگانو يار آهين، يار! ياقي ڪين ڪر،
ياد توکي آهيان، آهي يقينو ياوري.
هت هزارين حبّ وارا، هوت! تنهنجي در اچن،
هي به هڪڙو تن منجهان ”حاجي“ ڀري پيو حاضري.
ٽيهه اکري: مارئي
(چيل عبدالمجيد ”ماجد“ اهروي جي)
[عبدالمجيد پٽ ٺارو خاصخيلي، سنه 1915ع ۾
ڳوٺ صوفي فقير تعلقي عمر ڪوٽ ۾ ڄائو. ابتدائي
تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد انگريزي پڙهڻ
لاءِ مدرسة الاسلام کڏه ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان
گهرو مجبورين سبب تعليم کي اڌ ۾ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو.
ساڳئي وقت ولهيٽ جي مدرسي ۾ مولوي عبدالحڪيم ساند
وٽ عربي ۽ فارسيءَ جي ڪجهه تعليم به ورتائين.
شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هئس، ڇاڪاڻ ته سندس
پيءُ به سگهڙ ۽ شاعر هو. سندس چيل ڪافيون، ڏوهيڙا،
مداحون، ٽيهه اکريون ۽ مناظرا وغيره قلمي حالت ۾
وٽس موجود آهن. پنهنجي ڪلام ۾ تخلص طور ”اهروي“ ڪم
آڻيندو آهي، ڇاڪاڻ ته صوفي درگاهه ديهه ”اهر“ ۾
هئڻ سبب اڳ ۾ ”درگاهه اهر“ جي نالي سان سڏبي هئي،
انهيءَ ڪري عقيدت طور اهو تخلص پسند ڪيائين. صوفي
قلندر بخش شهيد، محمد فقير کٽياڻ ۽ رکيل شاهه
ڀاڳناڙي واري سان رهاڻيون ڪيائين . هن وقت درگاهه
صوفي فقير جو مجاور آهي ۽ ڳوٺ جي جامع مسجد جو پيش
امام به آهي. ان سان گڏ ٻارن کي ديني تعليم ڏيڻ ۽
طبابت به سندس خاص شغل آهي. سندس چيل هڪ ٽيهه اکري
هتي ڏجي ٿي.]
اَباڻن کان اڄ الف آهيان پري،
لِکيو لوح جو ڪين ڪڏهن ٽري!
بي ئون باب ۾ اهڙي تقدير هئي،
اڳي ڪانه اُن پر سانگياڻي سُئي.
تي ئون طلب تن ۾ سچي منجهه سرير،
اباڻن جي آهيم اندر ۾ اُڪير.
ثي ئون ثمر جان آهيان وڻ کان جدا،
گذاريان گهنگهر ۾، ميلي من خدا!
جيم ئون جان ۾ آ پاڙيچن پچار،
پون ياد ويڙهيون، ويڙهيچا، ولهار.
حي ئون ڪونه آ حال ڀائي سندم،
ڪڍي ڪوٽ مان ڪير آجي ڪندم؟
خي ئون خير سان من الا اُو اَچن!
نِير مان ڪڍي هيءَ نماڻي نِين.
دال ئون درد مان ٿي مان دانهون ڪريان،
منجهان نينهن نال ۽ آهون ڪريان.
ذال ئون ذڪر هردم هتي جن جو آهه،
سنگهارن کي ساري سدائين ٿو ساهه.
ري ئون روح منهنجو نه راضي، نه راس،
وطن جي ورونهه ۾ اندر آ اُداس.
زي ئون زور مان اڄ ٿيون وِڄڙيون وسن،
پَسان پئي پري کان، ٿيون گوڙيون گجن.
سين ئون سور کان آهيان فاني فنا،
آيو ڪونه اوٺي اباڻن ڪَنا.
شين ئون شڪر ۾ گهاريان رات ڏينهن،
ماڙين ۾ وسايو مصيبت جا مينهن.
صاد ئون صبر جي ٿي هلان راهه ريت،
پنوهارن سان آهيم پختي پريت.
ضعيفيءَ کان ضاد ئون گذاريان گهنگهر،
ته آئي اڃان سئين کاهڙ کان خبر.
طوئي ئون طعام تنهنجا نه مونکي وڻن،
هِنداڻا هُتي جا، هِيين ۾ هُرن.
ظوئي ئون ظلم ڀانيان عمر جو اِهو،
ڪري زور جابر جو کوهه تان کنيو.
عين ئون ياد آيم اَباڻا عجيب،
اندر ڪوٽ ڪاري هو پنهنجا قريب.
غين ئون غم ۾ آهيان هميشہ هتي،
سنڀاريان ٿي سانگي، مان ويٺي سُتي.
في ئون ناهه فرحت هتي هڪڙو دم،
اَباڻن جا جهُوپا ٿي ڀانيان اُتم.
قاف ئون قرب جا اُڀريا اوڀڙ امير!
ميها، مرٽ، مکڻيون، ڳمون ۽ ڳنڍير.
ڪاف ئون ڪڙم منهنجي ۾ سرتيون سنهَن،
پهنواريون پٽن تي پلرڙا پين.
لام ئون لَس للُر ٿيا ولين جا ويِهوڙ،
گولاڙا ۽ گُگريون، کُنڀين کاڄ کوڙ.
ميم ئون پاس مارن ٿيا چڀڙن جا چَس،
ڏين ڏوٿياڻيون ڏٿن جا ٿيون ڏَس.
نون ئون نينهن ناتو اٿم کيتَ سان،
عمر! توکي ڀانيان سڳي ڀاءُ جان.
واو ئون واءُ وصالي والي! وار تون،
ڏکياڻيءَ کي ڏوٿيڙا ڏيکار تون.
هي ئون هاڻ هِتڙي حياتي آ زهر،
پهنوارن ري گذري نٿو پل پهر.
لڳو لا سان الف ٿيو هڪ اکر،
عمر! تيئن سنگهارن جو آ هڪ سڳر.
عمر! اءلف
اڳ پوءِ ان جي آهيان،
وڃي شال! ڀيڙي ڀائن سان ٿيان.
يي ئون يا خدا! اڄ اباڻا اچن،
موٽائي سي ”ماجد“ وطن ڏي وڃن.
���
ٽيهه اکري: مدح نبي ﷺ
(چيل عبدالحميد ”منتظر“ جي)
[عبدالحميد ولد محمد ابراهيم سومرو، ويٺل ٽنڊو
الهيار ضلعو حيدرآباد جو سنه 1915ع ۾ ڄائو . ست
درجا سنڌي ۽ ڪجهه پارسي پڙهيو. هن وقت واپار ڪري
گذر سفر ڪندو آهي. شعر تي ننڍي هوندي کان طبع
آزمائي ڪندو رهيو آهي، ليڪن سندس ڪلام اشاعت هيٺ
تمام گهٽ آيل آهي. ڪلام ۾ پنهنجو تخلص ”منتظر“ ڪم
آڻيندو آهي. سندس چيل ٻه ٽيهه اکريون هتي ڏجن
ٿيون.]
(1)
الف اعليٰ احسن و اطهر ﷴ مصطفيٰ،
امّتِ عاصي سندو آڌر ﷴ مصطفيٰ.
بي برابر برگزيده بي ريا بدر الدجيٰ،
باليقين بعد زخدا بهتر ﷴ مصطفيٰ.
تي تجلّي نور سان ٿي تلف تاريڪي تمام،
هر بشر توحيد ۾ ڪيو تر ﷴ مصطفيٰ.
ثي ثنا ثابت سراسر سيّد الثقلين جي،
آ سڳورو ساقيء ڪوثر ﷴ مصطفيٰ.
جيم جلويدار جاذب آهه جانب جو جمال،
جُزو ڪل جنسار جو جوهر ﷴ مصطفيٰ.
حي حقيقت ۾ حليم و حامد و حضرت حبيب،
حامي و حاجت روا برتر ﷴ مصطفيٰ.
خي خليق و خوب تر ختم الرّسل خيرالبشر،
خوشنما خيرالامم، خوش تر ﷴ مصطفيٰ.
دال دارون درد مندن جو دلاور دستگير،
داد رس دارين جو داور ﷴ مصطفيٰ.
ذال ذيشان ذي فهم ۽ ذي وقار وذالمنن،
آ خدا جي نُور جو مظهر ﷴ مصطفيٰ.
ري رفيع و رهنما ۽ رحمدل روشن ضمير،
رحمة للعالمين رهبر ﷴ مصطفيٰ.
زي زبر ۽ زور جو زائل ٿي ويو،
زود تن کي زڪّ ڏني آخر ﷴ مصطفيٰ.
سين سهڻو سرخرو سردار آهي سرفراز،
سيّد الابرار ۽ سرور ﷴ مصطفيٰ.
شين شارع شافعِ محشر شفيع المذنبين،
شهنشاهه دو جهان شاڪر ﷴ مصطفيٰ.
صاد صادق آ صحيفن ۾ صفت سهڻي سندي،
صاحبِ معراج آ صابر ﷴ مصطفيٰ.
ضاد ضامن بي سهارن ۽ ضعيفن جو ضرور،
آ ضيايء حق بختاور ﷴ مصطفيٰ.
طوئي طالعمند ٿي ‘طٰہ‘ جو رکيل آهه تاج،
طيّب و طُيّاب ۽ طاهر ﷴ مصطفيٰ.
ظوئي ظلمت مان ڦري ٿيو ضوفشان سارو جهان،
زير ظالم کي ڪيو ظاهر ﷴ مصطفيٰ.
عين عاليشان عادل عابد و عاصم عزيز،
عارف و عظّام اعليٰ تر ﷴ مصطفيٰ.
غين غيرتمند ۽ غَلاّب بيحد غمگسار،
غازي و غَزويّہ پيغمبر ﷴ مصطفيٰ.
في فصيح و فائق و فيّاض فاضل فيضور،
فخر عالم آ نبي اڪبر ﷴ مصطفيٰ.
قاف قاري قائد اسلام قديم و قدون،
قسم آهي قيوم جو دلبر ﷴ مصطفيٰ.
ڪاف ڪامل ڪامران ڪاظم ۽ ڪُرّام ڪريم،
ڪاشف الاسرار آ ڪابر ﷴ مصطفيٰ.
لام لالڻ لطف سان لولاڪ جو مالڪ ٿيو،
’آمنه‘ جو لال آ انور ﷴ مصطفيٰ.
ميم متوڪّل مبشرّ مير مرسل ماهرو،
ماجد و مامون مُتَنَوّر ﷴ مصطفيٰ.
نون ناصح ۽ نعيم و نڪته دان نرمل نجيب،
نامور نُورالهديٰ ناصر ﷴ مصطفيٰ.
واو واحد ساڻ واصل ٿي ويو والله آ،
والي و وارث ولي واهر ﷴ مصطفيٰ.
هي هٽي ويو هول هيبت، آ هِنيون هردم هشاش،
هڪل سان همراهه آ هر هر ﷴ مصطفيٰ.
يي يقيناً ياد ڪر اي ”منتظر“! يوم النّشور،
غم نه ڪر سڀني جو آ ياور ﷴ مصطفيٰ.
(2)
ٽيهه اکري: مدح حضرت عليؓ
الف آهي اڪمل واطهر علي المرتضيٰ،
بي بهادر بي ريا، بهتر علي المرتضيٰ.
تي توڪل ۾ رهي تنظيم تقويٰ جي ڪئي،
آيت تطهير ۾ طاهر علي المرتضيٰ.
ثي ثنا ثابت ڪئي سهڻي سندي سبحان آ،
سوڀ وارو ساقيء ڪوثر علي المرتضيٰ.
جيم جهڙس هن جهان ۾ ناهه ڪو جرّي جوان،
جوڙ ۽ جنسار جو جوهر علي المرتضيٰ.
حي حقيقت ۾ حليم و حاذق و صاحب حيا،
خي خدا جو خاص آ دلبر علي المرتضيٰ.
دال داور دين جو دُرّ عرب دلدل سوار،
دادلو داماد پيغمبر علي المرتضيٰ.
ذال ذيشان و مڪرّم آهه صاحب ذوالفقار،
ذي وقار و ذوالمنن، ظاهر علي المرتضيٰ.
ري رموزِ معرفت جو رازدان روشن ضمير،
راست گو ۽ رهنما رهبر علي المرتضيٰ.
زي زڪيّ وزندهء جاويد زاهد زنده باد،
زينتِ اسلام آ صفدر علي المرتضيٰ.
سين سنجيده سخاوت ۾ سراسر سرفراز،
سرخرو سالار ۽ سرور علي المرتضيٰ.
شين شمس الاولياء شاههِ نجف شيرِ خدا،
شاههِ مردان قوّتِ پرور علي المرتضيٰ.
صاد صادق صالح و صديق صوفي صاف دل،
پيڪرِ صبر و رضا صابر علي المرتضيٰ.
ضاد ضامن آ ضعيفن بيوسيلن جو ضرور،
طوئي طالعمند طاقتور علي المرتضيٰ.
ظوئي ظلمت ظلم هڪڙي ضرب سان ٿيو پاش پاش،
ظالمن جي لاءِ زوراور علي المرتضيٰ.
عين عارف عابد و عالم ۽ عادل بيمثل،
آهه بحر علم جو گوهر علي المرتضيٰ.
غين غازي غضنفر غيّور بيحد غمگسار،
آ غريبن جو سدا آڌر علي المرتضيٰ.
في فراست فهم ۾ فاضل ته آهي فيضور،
فخر عالم، فاتحِ خيبر علي المرتضيٰ.
قاف قانع قابلِ تعظيم قادر جو قسم،
ڪاف ڪامل ڪامران شاڪر علي المرتضيٰ.
لام لاشڪ لطف سان لالڻ ٿيو لاهوت ۾،
ميم
محسن شافعِ محشر علي المرتضيٰ.
نون نافع نڪتہ دان نُورالهديٰ سو نامور،
آ خدا جي نُور جو مظهر علي المرتضيٰ.
واو وارث ۽ وصي آهي وليّن جو ولي،
والي هر دو جهان، واهر علي المرتضيٰ.
هي هٽي هيبت هِنئين مان، ناهه هاڻي ڪو هراس،
هر لمحه همراهه آ حيدر علي المرتضيٰ.
يي يدالله ياد ڪر، پڙهه ”منتظر“ نادِ علي،
آ يتيمن جو سدا ياور علي المرتضيٰ.
���
ٽيهه اکري: رامڪلي
(چيل مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي)
[مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ ولد مخدوم غلام
محمد، هالن نون جي مشهور درويش مخدوم نوح رحه جي
خاندان مان آهن. سندن ڄمڻ جي تاريخ محرم 1338هه/26
سپٽمبر 1919 ع آهي. ديني خواهه دنيوي تعليم حاصل
ڪيائون. اُردو ۽ فارسيءَ تي ڪافي دسترس اٿن، دنيوي
عزت ۽ شان حاصل هوندي به سندس خاندان فقيريءَ
ڏانهن مائل رهيو آهي، جنهن جو اثر مٿس به پيل آهي.
سندس ڪلام سنڌي، فارسي، اُردو ۽ سرائڪي ٻولين ۾
چيل آهي، جو بهار طالب، رباعيات طالب ۽ ڪچڪول
وغيره مجموعن جي صورت ۾ ڇپيل آهي. علم ادب جي
ترقيءَ ۾ سندن ڪوششون قابل تعريف آهن. بزم طالب
الموليٰ کان سواءِ ڪيتريون ئي ادبي انجمنون سندن
همت افزائي جون مرهون منت آهن. هتي ٻه سندن ٽيهه
اکريون ڏجن ٿيون.]
(1)
الف اٿي اڌ رات جو، آڌوتي اورين،
ڪُلها ڪنڌ ڪورين، ’قالو‘ واري قول تي.
بي بهادر بي ريا، بيشڪ ٿيا باحال،
قائم قرب ڪمال، حاصل ڪيائون حق جو.
تي تڪيائون تار ۾، ترهي کي توحيد،
ترڪ ڪري تَقۡلِيد، سورهيه رهيا سچ تي.
ثي ثنا سبحان جي، سدائين سامين،
عشق سندو عامين،ڪونه ڪيائون ڪنهن گهڙي.
جيم جلائي جسم کي، الله ڪيائون اثبات،
وحدت وائي وات، عاشقن اختيار ڪئي.
حي حليمي حال سان، هنن کي هردم،
دانائن دم دم، واڳيو وينجهارن سان.
خي خدائي خيال ۾، خاصا ٿيا خوشحال،
محبت وارو مال، ميڙيائون مَهمِير ٿي.
دال دلاور دم جو، ورد ڪيائون واهه،
دائم منجهه درگاهه،واصل اُهي وير ٿيا.
ذال ذاتي ذڪر ۾، فنا ٿي في الحال،
دم دم دوس ڌمال، قائم ڪيائون قلب ۾.
ري رضا تي رمز ۾، رهن ٿا راضي،
قبل ۽ ماضي، تهدل ترڪ ڪري ڇڏيئون.
زي زباني ذڪر کي، قلبي ڪيائون،
واري وڌائون، پاڻ کي پاتار ۾.
سين سِرَ ۾ سَرُ ٿي، سورهيه ٿيا سلطان،
محبت جي ميدان، گوءِ کٽي غازي ٿيا.
شين شادي ۽ غم کان، مٿي مُلڪ سندن،
جهڙا منجهه طنبن، تهڙا راضي رڻ ۾.
صاد صابر سروري، سدائين سهڻا،
مَرڪن من مُهڻا، مدامي محبت ۾.
ضاد ضامن پاڻ ٿيا، پنهنجا پاڻهي پاڻ،
ڪن ٿا روح رهاڻ، پنهنجي پَر ۾ پاڻ سان.
طوئي طمع کي تَرڪ ڪيئون،”طالب“تهدل توڙ،
منهن تي ٻڌي موڙ، مانجهي سي مخمور ٿيا.
ظوئي ظاهر ذات کي، ڪيئون ثابت منجهه صفت،
اندر جي الفت، اجاريائون عشق سان.
عين عاشق عشق جا، عادل ٿيا اڪسير،
تَرڪ واري تڪبير، پاڻيهي وڌائون پاڻ کي.
غين غالب نفس جي، غلبي تي غازي،
پرين جا پازي، مرد ٿيا ميدان ۾.
في فنا ٿيا فڪر ۾، فائق جي في الحال،
عاشقن احوال، پنهنجو سليو پاڻ سان.
قاف قائم قرب ۾، ڪيو جن ڪمال،
واحد جو وصال، تن کي پنهنجي پاڻ ۾.
ڪاف ڪلمون قلب سان، جن پڙهيو هڪواري،
تنين جي سواري، لامڪانئون لنگهي وئي.
لام لامڪانئون لنگهي ويا، جن دل ۾ ڪيو ديدار،
عشق وارو اسرار، اُنهن تي اظهار ٿيو.
ميم محبت جي ملڪ جو، تنين ڪيو معراج،
جي ٿيا لايحتاج، عشق واري اسرار ۾
نون نگاهن ناز جي، جن کي ڪيو نروار،
سيئي ٿيا سردار، مدامي محبت ۾.
واو ويهي وصل کي، جن وؤ ڙيو منجهه وجود،
ثابت ڪيئون سجود، پنهنجيءَ پَرَ ۾ پِر کي.
هي هلائي حسن سان، جن ڪيو ناز نياز،
سيئي ٿيا شهباز، محبت واري ملڪ جا.
اءلف الٰهي عشق ۾، ڪري عشق جو آواز،
’سِري‘ واري ساز، ثابت ڪيو سبحان کي.
لا لائي لئونۡ ٿيا، حسن سان هڪ حق،
فائقن فرق، قلبئون ڪڍي ڇڏيو.
يي يقينئون يار سان، يڪدل ٿي ياقي،
پوءِ آهين تون باقي، وار وٿي وچ ناهه ڪا.
لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله
(2)
ٽيهه اکري: سلوڪ
الف الٰهي عشق ۾، فنا ٿي في الحال،
ﷴ جي محبت مان، هٿ ڪر جوت جمال،
”واحسنوان
الله يُحب المحسنين“
سان، ڪر ڪو قرب ڪمال،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، انهيءَ ئي اعمال،
ته واحد جو وصال، پوءِ پسندين پاڻ ۾.
بي بهاري برهه جي، هميشہ ڪر حال،
ميڙي ڪر مضبوط هي، محبت وارو مال،
”ولاتمنن تستکثر“
خاصو رک خيال،
”طالب موليٰ“ ترڪ ڪر، بديءَ کي برحال،
لائق ٿئين لال، ته هادي تنهنجو حال ٿئي.
تي ترڪي طمع کي، ٿي تون لامقصود،
عبديت اثباب ڪر، ته مُوڙي ٿئي معبود،
”هل جزاءُ الاحسان الاّ الاحسان“
هي فائق جو فرمود،
”طالب موليٰ“ مرد ٿي، تون سوچي ڪر سجود،
پوءِ ٿي تون آسود، انهيءَ تي عمل ڪري.
ثي ثواب ۽ ڏوهه جو، قلبئون ڪڍ قلق،
دور ڪر تون دل جي، فرحي تان فرق،
”الذين ينفقون
اموالهم في سبيل الله“،
غازي ٿيءُ غرق،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، حاصل ڪر تون حق،
اهو سهڻو اٿئي سبق، پڙهي پروڙج پرت مان.
جيم جڏي هن جسم کي، عشق ساڻ اُچار،
وهم وجودي وير ۾، واقف ٿي وسار،
”وادعوه مخلصين لہ الدين“
اهو اٿئي آچار،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، ويهي ڪر واپار،
محبت سان پيو مار، ويري جو وجود جو.
حي حوالي حق جي، پنهنجو ڪر تون پاڻ،
ڪڍي ڇڏ قلب مان، ٻيائي وارو ٻاڻ،
”فاعبدوا الله مخلصين لہ الدين“
پري ڪين پلاڻ،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، پنهنجو پاڻ نه آڻ،
پنهنجو آهين پاڻ، آڏو پنهنجي پاڻ کي.
خي خوديءَ جي خيال کان، دم دم ٿي تون دور،
حق کي پنهنجو حال ڪر ۽ محڪم ٿي مسرور،
”ولا تلبسوا الحق بالباطل“
محبتي مذڪور،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، ڪر مام اِها منظور،
ته ”نُورٌ عليٰ نُور“ پوءِ پسندين پاڻ ۾.
دال دنيا دل جي، وحدت ساڻ وساءِ،
پنهنجي پاڻهي پاڻ کي، حليمت ساڻ هلاءِ،
”يا اَيها الذين آمنوا اَوفوا باالعقود“
لنؤ ايڏاهين لاءِ،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، وارو پنهنجو وڄاءِ،
محبت کي ملهاءِ، محبت جي ميدان ۾.
ذال ذاتي ذڪر ۾، ڪر پنهنجو پاڻ فنا،
ماسويٰ کان مام ۾، جاني! ٿيءُ جدا،
”قد افلح من زڪٰها وقد خاب من دسٰها“
رکج رمز اِها،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، وٺ ٻي واٽ نه ڪا،
پوءِ توکي جابجا، واحد جو وصال ٿئي.
ري رضا جي راند ۾، محڪم ٿي تون مَچ،
عاشق هجين ته آڏيءَ تي، آرا ڪندو اَچ،
”والڪاظمين الغيظ والعافين عن الناس والله يحب
المحسنين“
ساهه ڏئي ٿي سچ،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، نينهن ۾ بيٺو نچ،
قالب منجهان ڪچ، ڪوري ڪڍي ڇڏ تون.
زي زباني ذڪر کي، قلبي ڇڏ ڪري،
ته لنءُ لنءُ تنهنجي لال ٿي، واحد ڏانهن وري،
”و اِن تعفوا وتصفحوا“
اچ انهي اَري،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، ته تنهنجي پت پري،
سڀ سائينءَ در ڌري، اڳتي وڌ اظهار ٿي.
سين سچائي سِڪ جو، سبق پڙهي سچ،
توڪل سان توحيد جو، من ۾ ٻاري مچ،
”ومن يتوڪل علي الله فهوحسبہ“
انهي آڳهه اچ،
نعرو هڻي نچ، ”طالب الموليٰ“ مرد ٿي.
شين شرڪت شرڪ جي، ڪڍي قلب منجهان،
پاڪيزگي پيدا ڪر، غازي! غير ڪنان،
”قد اَفلح من تزڪيٰ“
تي، ٿي تون محڪم من سان،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، ڪر حاصلات حق وٽان،
اِها اٿيئي اڃان، ابتدا عشق جي.
صاد صدق دل سان، تون توبہ ڪر تمام،
عاشق ٿي الله جو، عشق بناءِ امام،
”فمن تاب من بعد ظلمہ“
جوڙي پيءُ تون جام،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، وٺ محڪم اِهو مقام،
نه نسنگ تنهنجو نام، ٿئي محبت واري ملڪ ۾.
ضاد ضد کي نفس جي، ڪر هيڻو ساڻ همت،
رک تون محڪم من ۾، محبت ۽ مروّت،
”يا اَيهاالذي
آمنوا اَنفقوا ممارزقناڪم“
شاڪر سان شفقت،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، تون ماڻج محبت،
سهڻي سخاوت، عادت ڪر تون اهڙي.
طوئي طمع کي ترڪ ڪري، ٿي تون شاهوڪار،
محبت واري مام جو، محڪم ٿي مهندار،
”وسنجزي الشاڪرين“
ان عمل جي آڌار،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، اهو واهه جو اٿئي واپار،
تن ۾ رکج تار، اٺئي پهر الله جي.
ظوئي ظلوم جهول نه رهه، ٿيءُ واقف سندو وحدت،
ڪوري ڪڍ تون قلب مان، ڪارائي ڪلفت،
”والله يحب الصابرين،“
اهڙي
رک عادت،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، ڪر حاصل هدايت،
الاهي الفت، دائم رک تون دل ۾.
عين عجائب عشق جون، طيء ڪر منازل،
”وصلح خيرٌ“(2)
ٿيءُ ان آيت جو عامل،
”واصلحوا ذات بينڪم“(3)
شائق ڪر شامل،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، حق کي ڪر حاصل،
نه ته ڪنهن پر تون ڪامل! ڪڏهين ٿيندين ڪينڪي.
غين غير کي دل مان، هڪدم ڇانگي ڇڏ،
ٻيائي ٻاهر ڪڍي، کوءِ وجهينس کڏ،
”انماالمومنون اخوةٌ“(4)
اهڙي اندر اَڏ،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، هٽجئين نه تون ڪي هڏ،
سڏيو ويٺو سڏ، محبت مان محبوب کي.
في ”فاذڪروني اذڪرڪم“(5)
تي، نرتئون ڪر نظر،
”ولرجز فاهَجر“(6)
اِها پاڙج پر،
”و اِذا حڪمتم بين الناس“(7)
رمز اول آخر،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، ڪچي ڪابه نه ڪر،
وڃ انهيءَ جي در، جوڏئي، ڏکوئي ڪينڪي.
قاف ”قل لّمومنين“(8)
تي، عاشق ڪر عمل،
قرب ڪلام الله جو، اَٿيئي اَصل،
”ويحفظوا فروجهم“(9)
کان پوءِ، واحد جو وصل،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، هادي ڪر حاصل،
آخر ۽ اول، پنهنجو اُجارج پاڻ تون.
ڪاف ڪر تون قرب سان، عفو جي عادت،
”واِن تعفوا اَقرب للتقويٰ“
سهڻي سعادت،
”فاعفوا و اَصلحوا“
ڇڏ عادت عداوت،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، رک ان ۾ مهارت،
ته شرف شجاعت، اظهر پوءِ انعام ٿئي.
لام لائق لطف سان، راضي ٿيندو رب،
اکين سان آيت کي ڏس، پڙهه قربئون ساڻ قلب،
”واَخفض جناحڪ للمومنين“
ڇڏي غير غصب،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، نه رک طلب طرب،
ته اعليٰ ۽ عجب، حاصل ٿيندين حق سان.
ميم مچي تون مرد ٿي، ڪري قرب ڪمال،
حاصل ڪر همت سان، جانب جو جمال،
”ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد“
ووڙي لهه وصال،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، حاصل ڪر تون حال،
خاصو رک خيال، ته جلوو جانب جو پسين.
نون نرمي نيڪن جي، عادت ٿي آهي،
”وعباد الرحمٰن“
ڪامل! ڏس ڪاهي،
”ويدرؤن بالحسنة السليئة“
شبهو شڪ لاهي،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، ڊاءُ سڀئي ڊاهي،
لاڳاپا لاهي، وڃ محبت واري ملڪ ۾.
واو واصل تون ٿئين، تڏهين واحد ساڻ،
وهم وڃائي وجود جا، پري ڪر تون پاڻ،
”يا ايهاالذين آمنو وتقواالله وڪونومع الصادقين“
انهيءَ ريت رهاڻ،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، پري ڪين پلاڻ،
پوءِ ڪنهن جي ناهي ڪاڻ، سچائي جي سونهن ۾.
هي هزارين زهد جي، تون ڪرين ساڻ ريا،
ته خفا خلق به ٿيندي ۽ ٿيندو خفا پاڻ خدا،
”وتخونوا اَمنتڪم واَنتم تعلمون“
سمجهه سياڻا،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، وٺ تون واٽ اِها،
خيانت ڪر نه ڪا، فنا ٿي فرمان ۾.
لا ’لا‘ ٿي پڙهه تون، ”الاالله“ اظهار،
پاڻ نه ڪر تون پنهنجو، هو آ جلّ جلال، جبّار،
”اِن
الله لايحب من ڪان مختاً لا فخورا“
ڏي ڪر نظر نروار،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، دل عشق سان اُجار،
وڏو اٿئي واپار، وحدانيت جي ويڙهه جو.
اءلف
اُٿي تون عجز سان، سِر جو ڪر سينگار،
دست ٻڌي دل ساڻ، تون سڀڪنهن ساڻ گذار،
”فبئس مثوي المتڪبرين“
نرتئون رک نهار،
”طالب الموليٰ“ مرد ٿي، نينهن سان ٿي نروار،
پوءِ ڪر پچار، اڳيان عجيبن جي.
يي ياقي ٿي رک يار سان، يڪي ياراني،
اول اچ عمل تي، پوءِ ظاهر زباني،
’لم تقولون مالا تفعلون‘
اٿئي نصرت نشاني،
”طالب موليٰ“ مرد ٿي، جوڙي لهه جاني،
ڪري قرباني، پوءِ عاشق ٿي اظهار تون.
|