ٽيهه اکري: سلوڪ
(چيل خان محمد چنجڻي جي)
[حاجي خان محمّد عرف حاجي خانڻ چنجڻي، ڳوٺ
ميانداد چنجڻي تعلقي وارهه جو ويٺل هو. سندس وفات
کي اٽڪل 60 سال ٿيندا، وفات وقت سندس عمر اٽڪل 75
ورهيه هئي، انهيءَ حساب سان هن جو ڄم 1830ع ڌاري
ٿيو هوندو. حاجي خان محمد جي ڪلام جو وڏو حصو
مداحن، ڪافين، ڏوهيڙن ۽ سهرن تي مشتمل آهي. هتي
سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي، سنه 1900ع ڌاري ڪنهن
ميلي ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ زخمي ٿي پيو ۽ انهيءَ
گهاءُ وگهي وفات ڪيائين.]
الف الهه ڪون اندر اور،
تَن ڪون طاقت لهسين تور،
اُڏ وڃ مَنهي! ملسئي مور،
ڪک پن چارين چاريئي چور، |
ذاتي اِسم ڪماوين زور،
ويک حسن دا شاهي شور،
ڌار سنيان دي ڍڳي ڍور،
سنگ سِر تي ڇوهائي ڇوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
بي برسر هي بار اڙانگا،
مار خودي دا ڪٻر ۽ ڪانگا،
بي ڪم بي غم ٿيوي نه نانگا،
ترڻ پيوئي تار ۽ تانگها، |
مرسل مير دا عشق مهانگا،
ٿي ڪڍ ڪڙمي! ڀنجهر ڀانگا،
سدا سُکي ڪرين نه سانگا،
اونۡ ڀر چل تون ڏيسن اوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
تي توڪّل هردم تاري،
دل گڏ شامل يار سونهاري،
ٻاجهه والي ٻڌ ٻني ٻاري،
ويسر ڇوڙ ته وهن ونگاري، |
ڪڙمت دي هن ڪم نياري،
سڀ ڪم تيڏي ٿيوَن سوڀاري،
واهه! اصحابيان ڪم واڌاري،
کيڙ ٻني ير! ڏيوين کوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
ثي ثابت ير! سِير سڃاڻي،
ٻني تيڏي وچ لاهه پراڻي،
گاهه اڻانگي ڪوئي اي ڄاڻي،
ڀور ڀنجهو ڪون مانند گهاڻي، |
ڏاند ڏٻي ڪون اَک وچ آڻي،
ڊاهه
ڇوڙئي جنهن شاهه سياڻي،
واهه! ڏٺياسي وير ويڳاڻي،
موٺ مدي دي ٽانگي ٽوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
جيم
جڏان تون جوڳ ڪماوين،
ٿي خوش خندان کاوڻ کاوين،
اسر ويل ٻنيءَ وچ آوين،
ڏيهه اِهو، ٻي طرف نا جاوين، |
صاحب دي در تڏان سيباوين،
ڪلهي ڪوڏر قلبي چاوين،
پاڻي پرتئون پوک پِلاوين،
پوک ڪڻڪ، جؤ، ٻاجهر توڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
حي حق تيڪون پوکڻ پوک،
ڏي
جوڙي ڪون چهبڪ چوڪ،
سَٽ مستي دي محبت موڪ،
هُل هيڪڙائي دي ڪون ڌوڪ، |
کڙي ڪماون سؤ لک لوڪ،
نيڻين نار وهائين نوڪ،
طلب پنجالِي ڳل وچ طوق،
چشم چِٽي ڪر چوني ڇوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
خي خدا دا خوف ڪريجي، |
وحدت سندي نارَ وهِيجي، |
سڀ ڪم تنهن دا صاف سريجي،
نيسر نِڪ هر وار هَريجي،
من موڳي ڪون واهه مريجي، |
پهلُون پاڙڇ خوب ڌريجي،
محبت والي مالهه وريجي،
قرب ڪنگر ڪر شامل ڇوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
دال دليون مَن مَنَهن سينگار،
چڪر مثل دنيا چؤڌار،
عقل دي اِرڙي اوسئي ڪار،
پڪڙ مُنا جو هي مهندار، |
آخر آؤسي تيڏي وار،
ڦِري فلڪ دي هر هر وار،
لٺ گهت تيڏي عمر ڄمار،
ڪاڃڻ ڪنبدي ڳئَي ڪروڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
ذال ذڪر حق هووي ياد،
اِسم جسم ڪون ڪر آباد،
موڪ وَهاڪر تون دل شاد،
اڳ دا جوڙين ڪو اِمداد، |
خاڪي تيڏا خاڪ بنياد،
مدعي تيڏا ٿيسي ماد،
وقت وڃاوين نابرباد،
توشا ٺاهين قيامت توڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
ري ربّ پاڪ رسول دا رايا،
هڻ ڪيون ڇوڙين وقت اَجايا،
ڍڍا، کيرا، چؤنڪ لنگهائيا،
پير پکيان کاوڻ لئي پايا، |
سمجهه اَدا، جو تئن سِر آيا،
ڪم اُوڪر جو ربّ سمجهايا،
سِٽا اَن دا سهج سمايا،
خوب کنڀاڻي سَٽ گهن نوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
زي زبر دي ڳوڙهي ٺاهين،
نِت وِت واهي ويسر ڊاهين،
جيڏيان ديان جڙُپؤسن راهين،
ڇَل جَل پوندي سنجهه سڀُاهين، |
پرت دي پيهي پير نه لاهين،
مُلڪ ڪُلئي ٿي سمجهه اُتاهين،
تيڪون پؤسي ڪَل تڏاهين،
لُنگي پوتي گهتسن روڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
سين سچائي اوسئي ڪار،
چارئي کڙ ڳَئي هن چوڌار،
ڳوري ’ڳيريان‘ دي ڳٽڪار،
شرح تنهان دي نهين شمار، |
پوک پڪي تي پکي هزار،
ڪانوَ، ڪٻر، ميٽر بيڪار،
سڻي’ٻوڙي‘دي ٻهون ٻهڪار،
ٻچي آني ٻيٺِي ڦوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
شين شڪر ڪر شهه دلداري،
جهار اَڳوُندۡي ڪر هوشياري،
ويل اَوسئي نا ول ٻيهاري،
ربّ دي در تي توبهه زاري، |
”حاجي خانڻ“ هر هر واري،
مدعي دا تون ٿيوين ماري،
پوک پڪي ڪر خبرداري،
آک ادا! تان لهيئي سوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
صاد صديق، عمر، عثمان،
چارئي نرمل نُور نشان،
چارئي دفتر دي ديوان،
چارئي سونهن وهه سلطان، |
علم علي دا شاهي شان،
چارڻي رهندي در فرمان،
چارئي اَڪبر وچ ايوان،
چئينۡ يارينۡ دروازي دوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
ضاد ضرر تي نفعي دي ڳالهه،
ٻار ونڊڻ دا ڏِيوا ٻال،
ٻِئي سڀ ويسن تيرنهن ئي تال،
ڀيڻ ڀِرا سڀ کڙسن سيال، |
ٿي سياڻا، سمجهه سنڀال،
اُٿهين حاڪم هي ننگپال،
هر ڪو هوسي هِڪي خيال،
نيڪيان بديان ڪڍسن ڪوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
طوئي طمع دي تالي ڀَن!
هر ڪنهن دا اُٿ آک وطن،
جيها مرد، تيهي اُٿ زن،
ڪون فِڪل ڪو چلسي فن، |
ڏنگي ڪراوي، ڪر ڪوڪن،
هر ڪو اِٿ هي بي وطن،
ڏيسي هر ڪو آخر ڏن،
اي ڳنڍ ڏيوَن ڏاڍي ڏوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
ظوئي ظلم، اُٿ ظلم نه زورا،
بخت نڌر دا ٻهون ندورا،
ٻانها، سائين ٻاجهؤن ڇورا،
هر ڪنهن تي هي مرسل ٿورا، |
شاهه نه ڦولي ڪنهن دا ڦورا،
نهين اُماهيل اَصلي ڪورا،
هر ڪو آکي هي لچ لورا،
سؤ لک پدما ڪيئي ڪروڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
عين عنايت ابر الاهي،
در صاحب دي سوين سپاهي،
تيڏي ٿِيسن نال پناهي،
ڪوڙيان دي منجهه ويسن ساهي، |
مڱ مرسل تون هر همراهي،
پوک بني تي ٿَئي جڏ لاهي،
ڏيسن کڙ اُٿ مَلڪ آڳاهي،
شهه دُلدل ڀي اَوسي دوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
غين غريبان حال پُڇيسي،
ڪٿ ڳئي سڱ سيال، پڇيسي،
ڪٿ ڳئي حسن جمال، پڇيسي،
ڪٿ ڳئي ماهه تي سال، پڇيسي، |
ڪٿ ڳَئي تيڏا مال؟ پُڇيسي،
ڪٿ
ڳئي ترڪا تال، پڇيسي،
ڪٿ ڳئي خندان خيال، پڇيسي،
ورهيه لکان دي ڳئي هن ووڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
في فَني اُٿ حاڪم ڪرڙي،
توُن اَٿ لائي ڇوڙي طُرڙي،
ٻار ٻني پاءِ آوسن پرڙي،
چائن چوڌاري چوهي ڏرڙي، |
چانۡجوسي ٻهه پڇسن ذرڙي،
گهڻان ويجهائي تائين گهرڙي،
ٻار گهتن وچ کاهِي کُرڙي،
هلي انهان دي هر گز هوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
قاف قديمون اِيهو قول،
رمز رندي ته ٻنڌي رول،
اَڳون تحصيل ڪريسن تول،
بيڪاري ڪون پوسِي ڏول، |
پڙسي آخر پهلا ٻول،
پوک پڪي ڀر کاوين جهول،
پاندا چا ٻنڌ ٻهسن مول،
چئين ياران دي مدعي چوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
ڪاف ڪئي اِٿ آڀون ڳنَي!
تون لُٽ ڏيندئين رهڙي رنين،
پوک سنباهي تيڏي سَني،
مدعي دي سِر ماري کَني! |
سبز ٿَئي هن تيڏي ٻني،
آکيا ڪنهن دا مول نه منين،
آس ته جنهن دي موليٰ پُني،
قادر ڏيسي تنهن ڪون ڪوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
لام لَکِي درٻار سڏيسن،
جنهان اِرادي اَڳ مليسن،
جوئي پڪي سو وت چَيسن،
بيهودي ٿي منهن مَليسن، |
پوکئي دا ڏن آخر ڏيسن،
ڪوئي نه ڏيسي ڪيڏي ويسن،
جي ڳڻ ڪيتي سي ٻهه کئسن،
لائي اُنهان نون سيّد سوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
ميم مدت اُٿ مرسل مير،
حاضر هوسي نال حقير، |
ڪون ڇڙيسي ڪو دلگير،
ٿَئي ڏن معافي ڏي من ڌير، |
عيب اسان وچ ڪُل ڪبير،
سنه چوڏهان ئي وقت اَخير، |
ڪري قبوليت بينظير!
تيڏي دامن ڳڌم دوڙ! |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
نون نگهبان هي هڪ هادي،
ڪائي سڄي، ته ڪائي هي کاڌي،
هرلا ڊاهه، ته ڪاهين ڳاڌي،
تنهان دي گهر هر دم شادي، |
تَون وت جيڪا پوکي راڌي،
ڪائي بچي، ته ڪائي هي آڌي،
جنهان جاڳ ڪيتي آبادي،
سي رک کاون حلوي ٻوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
واو وصل دي ويلي ڄاڻ!
سيّد آوسي ننگ سڃاڻ،
....................................................
چِيري لُنگي گهتسن ڇاڻ، |
ڪوئي نه ڪنهن دي ڪڍسين ڪاڻ،
پوسي
هر ڍيري وچ ماڻ،
.........................................................
مرسل دي سِر هوسي موڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
هي هميشان هي حق ذات،
موۡنِجهي هوسي هر مصلات،
طالب گهڻيري تن وچ تات،
شام صبح هو صوم صلوات، |
ڪانه ڪهين دي پڇي ذات،
هي سِڪ ميڪون حج عرفات،
واصل ڪر ڏي ذات صفَات،
ٻئِي ٻن حيلي ڳِيُم وڪوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
لا لکين اَڳ لائق ٿوري،
نام الله دي آوين اوري!
توشهه ٻاجهؤن ڇني ڇوري،
مِلي ساهه لهن لک هوري، |
مئن
تان تو تؤن گهوري گهوري،
ڏينهن ڏهاڙي تولڻ ڏوري،
ڪوئي نه زور رهي بيزوري،
غم وسواس وڃن ٻئي ڇوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
اءلف
اڱڻ آءُ ٿِيوَم عيد،
سِڪ وچ ٿي ڳئِي دل شهيد،
مئن هان تيڏا مُل خريد،
محبت تيڏي محض مفيد، |
ديدان مرهي ويکي ديد،
مَر کر کامي خَر يزيد،
درسن ڪارڻ دل دريد،
ڏينهن ڏکاندي لنگهندي ڏوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
يي يڪ
يار هووي شل راضي،
نانۡ مئن سُنِي نيڪ نمازي،
برهه سندي وهه اُلٽي بازي،
ڪرين ڪلمي دي ڪارسازي، |
عيب اڳوڻي ٿِيوَن ماضي،
طلب تساڏي تن وچ تازي،
سي وت ڄاڻن گوهر غازي،
پڙهو ڪلمان لهسي سوڙ- |
پوک پڪي هي، پيها جوڙ،
معنيٰ مخفي، منهن نا موڙ!
لا اِلـٰہ اِلّا الله ﷴ رسول الله
ٽيهه اکري: نصيحت
(چيل بخش علي جتوئي جي)
[بخش علي ولد مراد علي فقير جتوئي، ڳوٺ
”ٿرڙي ڇُٽي واري“ تعلقي لاڙڪاڻي ۾ سنه
1234هه/1818ع ڌاري ڄائو. وڏو عالم شخص هو . ڳڙهي
مبارڪ جي هڪ مدرسي ۾ پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم
ڏيندو هو ۽ طبابت جو ڪم به ڪندو هو. سنه 1918ع
واري وڏي بيماريءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس مداحون ۽
مناجاتون مشهور آهن. هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي
ٿي.]
الف اَول اَحسان الله دي، بندان تي بسياري،
قادر ڪُل تي نادر حڪمت، صاحب عيب ستاري،
ڪُل جهان بناءِ بڻايس، خاطر احمد پياري،
”بخش علي“! بخشِيسُ، اُمت دا بار چايا سِر باري.
بي بدن تي ساهه سدا، صدّيق سچا نت ساري،
عمر، عثمان، علي دي وائي وات نه موُل وساري،
پنجتن پاڪ پياري پاکر، پورهيت لڳي پناري،
”بخش علي“! سِر گِلا گويان، ڇائِي ڇڄ ڇڪاري.
تي تِکيري طرز زماني، پر ڪا بازي ڦرندا،
آوندي اڳ لنگهائي هرڪو، گردش گردون ڪردا،
غفلت ڇوڙ گذار پنجئي ڪر، سعيا ثمر سفر دا،
”بخش علي“! دي
جنهن سِر برسي، ڪيا هُل هول حشر دا.
ثي ثواب شتاب پلؤ پا، گِهن رک وڻج وپاري،
سُرت سجاڳي ساٿ سنبت، کٽ سورهه! سوڀ سواري،
آلس سَٽ اَويل اَويڙا! ڳَئِي لنگهه سنگت ساري،
”بخش علي“ دي حامي همت، چار جُثي چوڌاري.
جيم جُڳائي وکر وهائڻ، جڳ وچ وقت جواني،
بند ڪرڻ بازار اڳي، پٺ قيمت رخت رواني،
دوڙ دڪان خريد سويلي، سودا طلب تواني،
بازر فاني ”بخش علي“ ڪا مرد جڳا مرداني.
حي حرام هڏي ڪڍ ٻاهر، پرُجهه اِها اُهڃاڻِي!
طرح تجارت ٻول ٻَجهارا، ڪوڙ نه ڪولي آڻي،
سود سوداگر سمجهه سچائي، ڄاڻ اِهو ڪر ڄاڻي،
”بخش علي“ من منصف، ڪو انصاف ڏيوي آکاڻي.
خي خيانت خودي کَپاوڻ، ڊاهڻ مَنهه مَڪر دي،
دُزدي دوڌ دغا در پورڻ، جو ڪجهه قول ڪمر دي،
آڻ اُهو زن پير مثل چا پيش ملوڪ مصر دي،
پانِدي پورهيا ”بخش علي“! من پسند پووي پرور دي!
دال دوئي ڏنهن موڙ مدامي، منهُن تون مرد مجازي!
ول ڇل چوٽي چوٽ چُڪاوڻ، کوٽ نه کيڏڻ بازي،
سچ وائي وچ وڪِرا واڌو، غير کٽاوي غازي،
”بخش علي“دي باري در ٿَئي، رائج نقد نيازي.
ذال ذاتي ڍڪ زَرهه زرابي، هر دم حال هميشان،
رهزن راهه مريندي ماري، دلق ڦرُن درويشان،
نفس شيطان ڏوهين ٿي شامل، ڪر دي پنڌ پريشان،
بخش خطايان”بخش علي“! ڳئي خاوند ڪيئن ڪج ڪيشان.
ري رڃ والي راهه رياضت، رندان توڙ رسائِي،
هڪڙيين پهه پُڇ واٽ وسائي، هڪڙين ڏور ڏسائي،
هڪڙيين کلي آب کسائي، هڪڙيين طلب تسائي،
هڪڙيين باني”بخش علي“ ڳئي دڳ وچ دُزد دسائي.
زي زودي وچ ووڙ وسيلا، طالب تيز تمامي،
ري همراهه رهبر ڪن هي، وڃڻ اهنج اَسامي،
نافع! نال مدت مرشد دي، منزل ماڻ مدامي،
”بخش علي“ بن ساٿي سونهين، خوف خجالت خامي.
سين سوا اڳواڻ اَڪيلي، چلسين ڪيوين چارا؟
جٿ جاويد خناس خرابي، ٻيٺا اَڏّ اتُارا،
اَٽڪي هٽڪي هڏ نه حرامي، محڪم ڦِردا مارا،
”بخش علي“ پٿ ڇند ڇهل ڪر ، ويندئي محب مپارا.
شين شراڪت شرڪ نه آڻين، شملا ٻنڌ شريعت،
ٻاجهؤن رستي ريجهه اِهين هي، بيجا تانگهه طريقت،
ترت طفيل اُهين دي اَلبت، پهچين هنڌ حقيقت،
بهتر ”بخش علي“ شب خيزي شامل حِلم حليمت.
صاد صفائي پنڌ پسيلا، نانگي ڪي نبريندي،
جوڳي جان جُثا جلاون، سانگ نه ساهه ڪريندي،
پون پتنگ شمع تي شائق، سِر نه سنڀال سريندي،
بلڪل ”بخش علي“ مير مانجهي، شهرت شور مريندي.
ضاد ضلالت ٻَن گهت ٻيائي، رند نه رڙهه راسي دا،
نال همت هٿ پير پڪي دي، پنڌ پڪڙ پاسي دا،
سهج، سمهڻ، سٽ پيٽ نه ڀر، ڦِر قوت نه ڪر ڪاسي دا،
”بخش علي“ رک جار جگر، مقدار نه مڙ ماسي دا.
طوئي طناب طمع دي ڀن، وچ ديد صُفي دوڙائين،
تڪ تصوير نگار نقش ڪر، خوب خيال کوڙائين،
عمدي اَحسن اور اِسم، وسواس ٽڳي ٽوڙائين،
بيشڪ ”بخش علي“ تَن ٻاجهه، نه واجهه ٻئي ووڙائين.
ظوئي ظاهر محبوب مُنزَّه، ڏَس نزديڪي ڏَسدا،
”ونحن اَقرب“ وال نه وٿي، واحد ويجها وسدا،
رول! نه رل تون ڳول اندر، تن چَک نَک چسڪا چسدا،
حبّ حقي جنهن ”بخش علي“ سو پاڪ پيشاني پسدا.
عين عاشق ٿي الف اُتي، ڊُڪ ڊاهين اَولا اَنسۡي،
عين اڙا آلوٽ ٿيوين، ڪر مول نه موليٰ مَنسي،
گوشي جوان گذارين ٻهه، اُلفت ڀولا ڀَنسي،
”بخش علي“ ڍڪ اِسم اُتي تون، جِسمي چولا جِنسي.
غين غيرت دي ٻِنڊ ٻُڙي وچ ، عالم عين نِهارين،
’لا‘ حق لام نفي دي خنجر، محڪم ’اِلاّ‘ مارين،
دمدم تند وڄا ذاتي ’هُو‘ لاڳو تار تنوارين،
بيخ بغاوت“بخش علي“ پَٽ هستي گودا هارين.
في ”في الجسم“ فنائي خاطر چاڙهه اسم دي چوتا،
وحدت بحر اندر تَر توڻي، ڏيوين غازي غوطا،
لڙهه لهوارا لس لنگهيا، جنهن دست دنيا ڏنهن ڌوتا،
”بخش علي“ اُهو پهتا، جنهن ڪون شوق حقاني هوتا.
قاف قريب فنا في الشيخ ٿي، هٿ ڪر همت پوري،
تنهن مهدي مختار ڪنون، سِک سالڪ سبق صبوري،
عَبۡدِيَتۡ ڪون اَحۡدِيَّتۡ وچ گم ڪر زود ضروري،
برهه بلاشڪ ”بخش علي“ پهچائي هنڌ حضوري.
ڪاف ڪرم سو ڪامل ڪرسئي، داخل درجي ثاني،
”في الرسول“ فياض اُهو، پهچيسئي فائدا، فاني!
ٿي ”مِنۡ بعد فنا في الله“ هٿون سرور سلطاني،
”بخش علي“ شب روز شڪر، ڪر صفت ثنا سبحاني.
لام لتاڙ شبُهه شڪجي تون دزُد دلين دي دَسين،
پهلي پَني مهڙ معارف، پاس رعايت رسين،
ڳولينۡ موليٰ سوجهين سِينا، پياسي دلبر پَسين،
”بخش علي!“گهر محب مِلڻ دي، گهاري شال نه گهسين،
ميم ماهيت معنيٰ تَوۡ وچ، رمز صنم دي دل دِي،
بر سر عشق اَمانت توَ تي، باهه برهه دي ٻلدي،
تَو ڏي راز ربوُبي راغب، جاني پارون جلدي،
فڪر فردا”بخش علي“ جو، جُز مرتضوي مِلدي.
نون نگہ گهت باطن بت دي، دوست سندي ٿِي ديري،
تنهن دي واٽ وڃڻ ڪنون، توَ ڀُل ڀڳي ڪيون ڀيري،
وچ ڀنڀور وڃايئي ور ڪون، لاري ننڊ نِبيري،
”بخش علي“بر ڪيچين ڪاهين، پهه پِڇۡوا چا پيري.
واو واهت ڪر جيِندي ويندي، پيش نڪال نظر دي،
جُود وجود نَبوۡدَ ڪرائين، قبل پڪار قبر دي،
ڪوٺي ساٿ ڏهاڙي ڪس دي، غافل ڏيک نه ڏردي،
”بخش علي“ جوان مرد جَنگاور، موت اڳي مَل مردي.
هي هميشان رمز رندي، رک رقصي ذوق ضروري،
جذبي حالت ورهه وفا، پِي پيالا مئي مسڪوري،
تنهن پَس نزد معارف محفل، مُنهن ڪر ني منظوري،
”بخش علي“ دک دور ٿئي، جڏان يار مِليا مهجوري.
لا لطيفا باطن والا، ڪر تون صاف سوايا،
مانند قمر لطيفا ’قلبي‘ ’سِرّي‘ اَفضل آيا،
خاصا خيال ’خفي‘ دا ’اَخۡفيٰ‘ بيحد مِلسئي مايا،
رمزان ’روحي‘ ”بخش علي“ هن راز رباني رايا.
اءلف
ادا جي عاشق اِسمي دا، ٿي بِرهن بَردا،
ٻاهر نڪل نشان ٿيوين، تا چُٽ نِي شام سحر دا،
پرُس پِڇي آ يار يگانا، دوست دلاسا ڌردا،
”بخش علي“ هي عشق اَڻانگا، نازڪ نينهن نظر دا.
يي ياقي نا ٿيوو يارو! رازق ياد رکياوي،
ليل نهار سڌارو سِينا، لذت اِسم لِکياوي،
نا ڪجهه کـــــــوڙا لايــــــــس
اَول، منصف ٿيءُ منياوي،
”بخش علي“ مع مجلس محبان، ڪلمان ڪن ڪرياوي.
ٽيهه اکري: ڇلو
(چيل صوفي محمد فقير کٽياڻ جي)
[ فقير ﷴ خان ولد حيدر خان، ذات جو کٽياڻ،
ڳوٺ بوداڻي کٽياڻ تعلقي هالا ضلعي حيدرآباد ۾ سنه
1876ع ڌاري ڄائو. هو نهايت ذهين ۽ هوشيار هو، پير
صاحب پاڳاري جو سرويچ مريد هو. تصوّف جي ميدان ۾
گهڻن دريوشن سان خاص صحبتون ڪيائين، خصوصاً نواب
فقير ولي محمد خان لغاري ۽ پوءِ مخدوم غلام حيدر
خان صاحب سان پرت جا پيچ پاتائين. فقير جو راڳ سان
خاص شوق هوندو هو. سندس طريقو رندي هو ۽ مڙني طعنن
۽ ملامتن جا بار پنهنجي سِر تي کنيائين. پاڻ چيو
اٿس:
”عاشق اصل اويسي، وحدت وصال ويسي،
مشهور ٿيو مهيسي، ﷴ مٿي اُگهاڙو.“
سنه 1359هه / 1940ع ۾ هن فانيءَ جهان مان لاڏاڻو
ڪيائين.]
ڇلا ’ميم‘ دي مامي، الف عالي عامي، لڳي ’لا‘ دي
لامي،
سمجهه ويکين سهرا، چشمانۡ دا چهرا.
ڇلا بي دي بازي، کِل کيڏن غازي، ڇوڙ قبل ماضي،
وحدت والي ويڙهي، ٿي نيهي نيڙي.
ڇلا تي دي تاري، ڪر چيتا چاري، چا سرسي ساري،
هٿ ڪيتا خيالي دل جنهن دي نالي.
ڇلا
ثي دي سنگ هي،
الف والي انگ هي، رتا رندي رنگ هي،
بيرنگي بازي، سر والي سازي.
ڇلا جيم ئون جوڳي، ڀؤ ڀڳا ڀوڳي، رنج لٿا روڳي،
هڻ نعري نيهِي، ڳالهه ڪران ڪيهي.
ڇلا حي هڪ حضرت، ڪلتاري قدرت، برحالي برڪت،
ميم اولي احمد، مُک ٿيا ﷴ.
ڇلا خي دي خصلت، مشهودي مصلحت، وس والي وحدت،
ٿيا سهڻا ساقي، يڪدلا ياقي.
ڇلا دال ئون درسن، گلزاري گلشن، اثباتي احسن،
دم دولهه دائم، ڪامراني قائم.
ڇلا ذال ئون ذاتي، ڇمڪارا ڇاتي، جهوٽي والي جهاتي،
چنڊ جهليا جهولي، ٻول عجب ٻولي.
ڇلا ري رنگ رچدا، سخنائي سچ دا، لي ناچو نچدا،
پيشوا زان پاڪي، ڳالهه ڳجهي ڳاڪي.
ڇلا
زي زناري
ظهور، حق حياتي حضور، گُر گياني گنجور،
درجاتي ديري، گهور والي گهيري.
ڇلا سين سِڪ هي، لؤن لائي لِڪ هي، وچ ڇاتي ڇڪ هي،
ميم معنيٰ ماڻي، ڄاڻ عجب ڄاڻي.
ڇلا شين دي شَملي، جسماني جملي، همذاتي حملي،
ميم والي معنيٰ، سمجهي ڪو داناء.
ڇلا صاد ئون صورت من موهڻي مورت، پڳداري پورت،
چشم والي چالي، پرُ پِي پيالي.
ڇلا
ضاد ئون هي
ضمير، جنهن دا برهه بينظير، اک آلي دا امير،
اظهاري انور، سرداري سرور.
ڇلا طوئي دي طاقت، صفائي صداقت، لقائي لياقت،
بندا برابر، سنرا سراسر.
ڇلا ظوئي ٿيا ظاهر، تر تازا طاهر، مچ ٿيسين ماهر،
معنيٰ والي ميلي، کيڏاري ٿِي کيلي.
ڇلي عين اُتي عاشق، حڪم هَلا حاذق، ٿِي صوفي صادق،
ماڻين مَئي دي مستي، هٽا هوئڻ هستي.
ڇلا غين دي نقطي، پيچ پاڪي پختي، رنگ رنگي رخ تي،
نقطي ڪيتا دور، ﷴي مذڪور.
ڇلا في ٿيا فالم، عشق عجب عالم، برحالِي بالم،
موجود منوّر ، آواز انور .
ڇلا
قاف ئون ڪامل،
عشق عجب عامل، شوق شاهي شامل،
قادر قلندر، صادر سڪندر.
ڇلا ڪاف ئون ڪل دا، آخر اوّل دا، حاضر هڪل دا،
احمر احوالي، دم دا ڌمالي.
ڇلا لام ئون لاهوت، همذاتي هاهوت، برڪاتي باهوت،
ڇلي ڪيتي ڇَنَننۡ، تانِ تازي تَنۡنَ.
ڇلا ميم دا مُل هي، ’ڪُن‘ والي ڪُل هي، همزاتي هُل
هي،
انساني اولي، چشمان دي چولي.
ڇلا
نون ئون نوبت،
صحي صفا صحبت، مَئي گوني محبت،
ڇلا ڇمڪ ڇاتِي، دم جپي ذاتي.
ڇلا واو وصالي، نيڪي نرالي، خوبان خيالي،
هر جاءِ حُسن دي، سهڻي سخن دي.
ڇلا هي شريعت، طاهر طريقت، حالي حقيقت،
ميم معنيٰ ﷴ، احد ٿيا احمد.
ڇلا اءلف
لا ميم، ڪن فيڪوني قديم، ڪل ڪلالي ڪليم،
ڪيتي هڪل هل هل، ميم والي ول ول.
ڇلا يي وچ ياقي، بيچوني باقي، کول ساغر ساقي،
ڏِتي ڪائي دي اوڙ، ڪر اناالحق گوڙ.
اتر
(تعلقي لاڙڪاڻي) مان فتح محمد کان ملي.
اُتر
(تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان
ملي.
|