ٽيهه اکري: سسئي
(چيل ڄام خان چانڊئي جي)
[ڄام خان ولد محمد رحيم خان چانڊيو بلوچ، تعلقي
بدين ۾ ڪڍڻ لڳ ڳوٺ ٻڍي خان چانڊئي ۾، سنه
1309هه/9- جون 1891ع ۾ ڄائو. اتي سهولت نه هئڻ سبب
پڙهي نه سگهيو. جوانيءَ ۾ سلهه جي موذي مرض مٿس
حملو ڪيو، جنهنڪري سدائين اڪيلو گذاريندو هو، ۽
سڄي عمر شادي به ڪانه ڪيائين. شيعه فرقي سان تعلق
رکندو هو، تا هم سڀني اصحابن سڳورن لاءِ کيس عزت
هوندي هئي ۽ انهن جي حب ۽ شان ۾ ڪيترو ئي مدحيه
ڪلام چيو اٿس. ڄام خان سنه 1374هه/23 سپٽمبر 1954ع
۾ وفات ڪئي. هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون.]
(1)
الف هو اُٺن کي ويچاريءَ سان وير،
چاڙهي هوت هليا، مُٺيءَ جو مٿير،
ساڄن ري سندم ٻيو لهندو ڪلّ ڪير؟
ڏَنيسَ تو ري ڏيهه ۾، ڀلا! ڪر ڪو ڀير،
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
سڄن بي بلائون وڏا وندر واء،
هتان ٿا وڃن هير، توڏا ڪنهن تاء،
مليم ڏَس ڏيرن جو، پيم سرس ساء،
لٿي لَڪن تي، ڪيچين جي قطار،
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
رکي تي ويا تن ۾، ڀينر! سي ڀاء،
محبن جي مونجهاري، مونکي ماريو ماء!
سچي ڳالهه سرتين، سڻائي مون ساء،
مَٽي ويا مهند تي اُو مانجهي متار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
نه ثي ڪن سي سڏڙا، جنين پهه پيو،
وٺي ويا وندر مان، ڏيهن جو ڏِيو،
ڇڏيو ڪيم ڇوري، جَتا! آئين جِيو!
سَٽي ويا سڙيءَ کي، ڌوٻڻ کان ٿيا ڌار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
جليو جيم تن ري، هئي هئي هٿ هڻان،
پنهل جا مان پيرا، کنڊُيو ٿي کڻان،
پڄان ڪيئن پيادي؟ رندن تي رڙان،
لڏيندي لڳي نا ويچارن کي وار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ڪيائون نه هُل حي، ماٺيا هئا سي مير،
هنيئون ڪان قهري، تڪي اهڙو تير،
سُتيءَ کي سَنڌن ۾ سوگهي واهيئون سِير،
نه مون سُئي ڪاننڊ ۾، اُٺن جي اوڳار،
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
نه خي ڏين خبرون، گنگن ايَ غَذا،
ڀوريءَ کي ڀلايو، ربانيءَ رضا،
سسئي کي سورن جي، سامهين ڪيئون سزا،
گوليءَ تي گوندر جي مچايائون ڪا مار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ڪري دال دانهون، ڦوڙائي ڦٽي،
امن سان اڪارج، پنڌن جي پٽي،
ورهه مون وڪوڙيو، وارث! وجهه وٽي،
هادي! لاهه هٿن ساڻ بدين جو بار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ڪيريان ذال زاريون، رکج پت پير!
سوڙهيءَ ۾ ٿي ساڻي، اچي تون امير!
موٽي منهن ڏيکارج، مديني جا مير!
حشر ڏينهن هيڻيءَ تان، ڏاتر! لاهه ڏڪار!
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
سڻي ري ٿيا راضي، ڌُڻيو جن ڌڻي،
شادي منجهه شهادت، وينجهارن وڻي،
وڍيا سر ويرين، خانن جا کڻي،
نه پاڻي هو تن سان، لڳي اُڃ اُپار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ڪريان زي نه زينت، مان پنهل کان پوءِ،
مَليان ميٽ مُورئون، لڱن کي نه لوءِ،
ساجن! سوگ تنهنجي، هميشہ مون هوءِ،
ڪامل! تو لئي ڪمتر، هڻي هٿ هزار،
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ٿي تون سين ساڻي، منهنجا ڪم ڪِنا،
تنهنجي در تي داتا! پورهيت ٿي پِنا،
وڏا مانَ مرسل، ڏوهارين ڏنا،
ڇڏي ورُ نه ويندي، ٻانهي سا ٻي پار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ڪندو شين شافع، امّت تي احسان،
ڏيندو ڏان ڏوڙا، مريضن کي مان،
رکن جي رهبر ڏي، گٿا بدگمان،
سڌا سير ۾، سي پوندا منجهه پاتار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ساريو صاد جن کي، منهنجو ساهه سڪي،
ڀُليءَ کي ڀلا! تون، ميڙئين منجهه مڪي،
عاصي جي اوگهڙ کي، ٿو ڍوليو ڍڪي،
پَسان تن پرين کي، وڃن ٻيا ويچار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ڪندو ضاد دلبر، سو هادي هلي،
سدائين هو سرور جو عاشق علي،
مَلهي مرد آيو، خيبر تي کِلي،
هَڄي سڀ هُتي ويا، مجوسي مڪار-
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
طوئي طلب تنهنجي، هِنئين ۾ هُري،
ساجن ويو سنجهي مان، ڦَٽيل دل ڦري،
قضا تنهن ڪُٺيس، گهولي جا گهري،
ميٽي سا نه محبن، لِکئي جي لغار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ظوئي ظالمن کي، هئي لعنت لڳي،
اندر آگ اُنِ کي، ڌرُيائين ڌَڳي،
سڙيا سي سقر ۾، ڀُليا ڪن ڀڳي،
غمي هئي گوهر کي، شمر لئي شڪار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
اهڙا عين آدم، جي خلقيا خدا،
ڪوفين ڪئي جا ڪيڏي، موليٰ سان مُدعا،
فنا در فنا مان، ٿيا جانب جدا،
ستايئون سيّد کي امت ڪيو انڌار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ڏيئي غين گوندر اٿي ويا عجيب
ڀينر! آءٌ نه ڀانيان، ڪو تن ري طبيب،
ٻُڪي ڏين هٿن سان، هلي سي حبيب،
لهي سور سرتيون! بچان آءٌ بيمار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
پيو في فڪر ۾، ساڄن ڪاڻ ساهه،
ساڙيو گَهرُ سيّد جو، بَدُن ڏيئي باهه،
پَٽِينۡ پاڪ پرور! لنبُن جا تون لاهه،
پنجن کان پٺيرا، غافل ٿيندا غار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
ڪري قاف قيدي، ويري ويا وٺي،
ايڏي سختي سر تي، صابر هئي سَٺي،
صادق هئا سفر ۾، ٿين بند بَٺي،
نه ڪلهن کي قوت هو، بکن ڪيا بيزار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
مان ڪيئن ڪاف ڪٽيان، ڏونگر آيو ڏيج؟
مونکي جن مُسايو، ڪُٺل سي ڪوُيڄ،
ساڪن ٿيا سي سڃ ۾، سُڃي تن جي سيڄ،
ڪيڏو هو قاسم سان، خبيثن کي خار!
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
لُنبن لام لُٽيو، سيّد گهَر سڄو،
ڏوهارين ڏنو ڪو ڏکن جو ڏجهو،
تيرن ڪيا ٿي تجلا، ڌڪن ڪيو ڌڄو،
ڇيرن تن کي ڇانيو، ڪڪر جيئن ڪار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
آيو ميم محرم بادل بس ڪئي،
انهي ڏينهن اڀن تان، نڪا ڇَنڊ پِئي،
سڙي جند سورن ۾، نه ٿڌي ٿئي،
شامين جي شدت کان، ڪڍيا پاڪ پار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار-
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
هئا نون ناقص، نيڪي تن نَئِي،
حديثون سيّد کان هئا سڻندا سڀئي،
نصيحت نبيءَ جي، ڪُتن ڪن نه ڪئي،
موليٰ جي مارڻ لاءِ تپي ٿيا تيار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار-
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
وصل واو ورائين، پرينءَ کي پَسان!
اها تات تن جي، اندر پئي آسان،
وڃايم وحدت کي، ويو وجهه وسان،
سخت سير ڀانيان، هادي! تون اُڪار،
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
هيُ هي حال پنهنجو، چڱن کي چوان،
ساڄن! سيلهه هڻ تون، سُڃن کي سنوان،
وجهين نوڙ نرمل! نادر کي نوان،
زبر ذولف
تنهنجي، ڪٺا سڀ ڪفار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار-
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
لڏي لا ويَڙا، ڇڏي سڱ سِيا،
خاصي خاڪ ڀانئِي، پَٽن ۾ پيا،
هئي هئي حال ههڙا، ٿَڪيءَ جا ٿيا!
مِٺا! منهن تون پنهنجو، ڏکيءَ کي ڏيکار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
اءلف
عاشقن لئي، ٿي زلزلو زمين،
هِتي هُت هميشہ، الله ڪيا امين،
شفاعت شمر تي، ڪڏهن ٿيندي ڪين،
وسري تان نه ويندو، بيبيءَ کي بخار،
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوري جا ڀتار.
يي يا ربّ! ملائين، گهوٽن سان گهمان،
چوي چانئٺ ”چانڊيو“، چوڏهن جي چمان،
پيرانديءَ پنجن جي، سکي ٿي سمهان،
پڙهان پاڪ ڪلمون، ساڻي ٿئي ستار.
سالڪ ويا سوارا، پائي هوت هار،
رانول ٿيا روانا، ڀوريءَ جا ڀتار.
(2)
ٽيهه اکري: سسئي
الف اٿي ويا اوڏهين، جيڏهان چانگن پيڙو
چاهه،
آءٌ پڻ هلنديس هوت حبيب ڏي، ڪيچئون ڪنديس ڪاهه،
مر مران ان مارڳ مٿي، مرون کينم ماهه،
لڳن لُکُون، بر ۾ بُکُون، ڏيندو پاڻ پناهه،
سائين! تون سولو ڪرين، منهنجو سوڙهي اندر ساهه،
تون وسيلو مون ولهيءَ جو، هردم دين پناهه،
حسن مير حسين ري، ٻي ويجهي ناهي واهه،
ڏسي ڄٽايون ”ڄام“ جون، ٿيندو حامي حضرت شاهه،
پوءِ پردو پوش پناهه، اچي هادي ڏيندو هٿ سان.
بي ئون نه رک برايون، ڇڏ تون راهه رندو،
نفس انهيءَ نادان کي، ماري ڪر منڊو،
وڙهي ٿو ويسر ۾، اهو چارئي پهر چنڊو،
”لاحول ولا قوة الابا لله العلي العظيم“اي هڻ ڏکئي
کي ڏنڊو،
حب رکج حسنين ڏي، ته ڪونه لڳئي ڪنڊو،
موليٰ محشر ماڳ ۾، ايندو جهولائيندو جهنڊو،
تاءُ به لهندين تڏهن، پوندو ڇپر منجهه ڇنڊو،
ڪامل اتي ڪوثر جو، اچي ڪندو وير ونڊو،
بخش ڄٽايون ”ڄام“ جون، هي اٿئي لوڪن منجهه لنڊو،
اهو گوندر جو گنڊو، سو دور ٿئي منهنجي دل تان.
تي تڪبر تون ڪرين ٿو، ڏسيو لوڪ لقا،
انهيءَ بيگاني ڀنڀور ۾، جهلج پير پڪا،
سنجهي ويا آهن سرڳ کي، تنهنجا سيڻ سڪا،
تون پڻ ويندين تنهين ڏاهين، اي بندا! بي بقا،
ڪُهي ويا آهن ڪاتيءَ سان ، مونکي ڏيئي ڏير ڏڪا،
سوال اهوئي سائل جو، تون وندر منجهه وڪا،
ويئي ڄمار ”ڄام“ چئي، هتي رهندي نار نه ڪا،
آءٌ وڃي ڏسان ملڪ مڪا، جتي آهي ڪامل ڌڻي ڪيچ جو.
ثي جي سودا سَٽ، هيڏا هنر هلائين ٿو،
مال متارا، ٻنيون ٻارا، ديرا يار! دمائين ٿو،
انڌ الاهي، بيپرواهي، وڃيو ڏور ڏنگايون ڏائين ٿو،
سمند سونهارا، ڪميت ڪارا، گهوڙا يار! گهمائين ٿو،
پوءِ ٻڌيو
پٽيون، گهمين گهٽيون، تڏهن مڙهه ۾ تون نه مائين
ٿو،
لڙ ڦڙ ڪرين ٿو لوڪ سڄي ۾، واتئون يار وڄائين ٿو،
ريشم راڻا !طول وهاڻا، پلنگن تي وڃيو پائين ٿو،
پر سڻڀ سوا تنهنجي ڪانه سري، تون هر دم پلاءُ
پچائين ٿو،
روح پنهنجي کي ڪرين ٿو راضي، کير کنڊن سان کائين
ٿو،
پر ايڏيون ڪري
ٿو کر خرابيون، تنهن نه ڪتي کي ڪاهين ٿو،
ٻر ٻر ٻانهان ! ڀَر ڪي جانا، نه ڪي در ڌڻيءَ جي
دانهين ٿو،
هت هميشہ تون نه هوندين، ڀورا! اي ڪجهه ڀائين ٿو،
”ڄام“ بندا! اهي ڇڏ ڄٽايون، نه ڪي نئڙت مان ڪنڌ
نائين ٿو،
وَهِي وقت وڃائين ٿو، حيف تنهنجي حال تي.
جيم جدا ٿيس جاڙ جني کان، سنگت ڌارن ڪين سري،
پر آءٌ پيادي، پنڌ پري ٿيو، ور وندر مان ڪيئن وري،
مانَ اچن سي موٽي مئيءَ ڏي، ڪيچي ويا جي قول ڪري،
ڏک جا ڏيرا، سور سويرا، ڌوٻڻ تي ويا بار ڌري،
چانگن چوڙا، وجهن وڇوڙا، ڏکن ۾ ٿو ڏيل ڏري،
ڏسي ڄٽايون ”ڄام“ بندي جون، من ڪا مالڪ مهر ڪري،
جن کان ساعت ڪين سري، تنين وڃي ڏيرن لاٿا ڏينهڙا.
حي ٿيڙم حال اچي هي، تڏهن روئان ويٺي رت
ميان!
ڏس جا ڏيرن ڪئي ڏاڍائي، جاڙ ڪري ويا جت ميان!
لنءُ لڳائين، نال نه چائين، اها گاروڙين جي گت
ميان!
مانَ اچي ڪا، منهنجي ملڻ جي، محبوبن کي مت ميان!
آءٌ اصل جي اوڳي آهيان، تن وڻجارن جي وٿ ميان!
ڪ هن ڪِني اُوڪين ڪندا، آهي پاڪ انهن جو پٿ ميان!
والي واري، ربّ ڏيکاري، تن سردارن جي سٿ ميان!
ڏسي ڄٽايون
”ڄام“ بندي جون، اچي حضرت رکندو هٿ ميان !
پوءِ آءٌ ٿي جاڙ جيئان، سوا ساڄن يار جي.
خي اتائون خط کڻي ۽ قاصد اچي ڪالهه پڙهيو،
ذات اڙانگي، سڱ نه سانگي، انهيءَ سان منهنجو انگ
اڙيو،
جاڙ جدائي، ان ري آئي، جني گهوڙا! مون لئي گهاٽ
گهڙيو،
پر آءٌ نه بار بوتن تي، اديون! توڏن مان کي ڪيئن
تڙيو؟
ڄاڻ نه ڪيائون ”ڄام“ چوي، تڏهن ساڄن لاءِ ٿي ساهه
سڙيو،
پوءِ راتو ڏينهن ٿي روح رڙيو، وري ماٺ نه اچي من
کي.
دال وڌائين دل کي، ڪيرت ڪرئين ڪانه،
سچي تنهن سيّد اڳيان، ڪهڙو منگتا لهندين مان؟
اٿي گولا ڪر گدائي، ٿي ڀلن سندو ڀان،
ڪئين تنهن عاصي اجاريا، نه ڪي ٿو خالي ڇڏي خان،
هڪ تِر منجهان سي تاجر ٿيا، عيدون ڪن انسان،
هڻ صدائون صاحب اڳيان، توبهه سندا تان،
ته پينارا ! تون پُر ٿئين، ملئي دين دنيا جا دان،
تون ڇو وسارئين وحدت کي، اهي ڇڏ ڄٽايون ”ڄام“!
ته هتي ڏينهن حساب جي، توڙي رحم ڪندو رحمان،
پوءِ انهيءَ آگي جا احسان، آهن ڪروڙن کان ڪيترا.
ذال ضروري هلبو، تن هوتن ڏي هاڻي،
تنهن سٽاڻي سفر مان، تون ڄَٽِي ڇا ڄاڻي،
توکي آرس اکين ۾، ڇڏيئي ڏاگها نه ڏاڻي؟
توکي آرس اکين ۾، توکان ويا ٽُٽي ڪنهن ٽاڻي،
توکي آرس اکين ۾، توکئون توڏا ويا تاڻي،
پر هُنين اسان جي عيبن کي، ٿو سيّد سڃاڻي،
ڏسي ڄٽايون ”ڄام“ جون، اچي ڪندو پوئواري پاڻهي،
او نقي، ري ناڻي، اچي لنگهائيندو لڪيون!
ري رٿائون روح منهنجي جون، پرور! پوريون
ڪر،
اهو عرض اگهائين، داتا! تنهنجي در،
سوين سڻج تون سڏڙا، هن هيڻيءَ جا هرهر،
خاوند! توکئون خير پنان ٿي، مونکي سولو ڏي سمر،
”ڄام“ چوي ڄمار ۾، وڃي حق ڏسان حيدر،
پيراندي پرين رسول جي، منهنجو ماڳ ٿئي منور،
سڀئي غار ٿين گوندر، صدقي ۾ سيّد جي!
زي ئون تنهجي ذات جو، توکي قسم آهي ڪلتار!
منهنجا مشڪل لاهين، تون غني ربّ عفار!
منهنجا مشڪل لاهين، تون عالم جا اَڌار!
منهنجا مشڪل لاهين، تون ڏيهن جا ڏاتار!
منهنجا مشڪل لاهين، تون صاحب ربّ ستار!
محابي ﷴ مير جي، ڪو واءُ وصل جو وار،
شاهه نجف جا شير ڌڻي! آهين هيڻن جو حقدار،
پر اسم تنهنجي کان ٿين اڀاڳا، شامي شرمسار،
هڪل تنهنجي کان ويا حرامي، فاسق ٿي في النار،
ته ربّ کڻي
روشن ڪيو، تنهنجو نالوئي نروار،
ڏسي ڄٽايون ”ڄام“ بندي جون ، تنهن کي موليٰ! منهن
ڏيکار،
ٻيا وڃن سڀ ويچار، آءٌ سرهي ٿيان سرير ۾.
سين سڻائين ڪينڪي، وڃڻ جون وايون،
سنجهي نڪتا سفر تي، جوان ڇڏي جايون،
جيڪا رضا ربّ جي، سا سڀ ٿي مڃيائون،
جن جي هٿان هوت ويا، سي دوکا ڪن دايون
جن جي هٿان هوت ويا، سي ٻرڪون ڪن ٻايون،
جن جي هٿان هوت ويا، سي منهن پِٽين مايون،
پر ڪانگل قريبن جون، اچي رات ڏنيون رانيون،
ٻوليون ٻاروچن جون، منهنجي ساهه کي سيبايون،
حلقي منجهه حسين جي، اسين ماتم مچايون،
حلقي منجهه حسين جي، اسين ٿا ڳالهه چڱي ڳايون،
ته جني شرم نه ڪيو حضرت شبير جو، تني کي لعنت ٿا
لايون،
بيشمار بي ايمان تي، ٿا ور ڏيو وسايون،
پر جتي تراڙو هلي ترندو، اتي ٿيندو ذرو نه ضايعون،
ايڏو شان شفيع جو، پرکيو ڏي پايون،
محشر جي ميدان ۾، ڪندو رهبر رسايون،
محشر جي ميدان ۾، ڪندو شافع شفايون،
”ڄام“ چئي ڄمار ۾، ان جي آسري آهيون،
ڀؤ نٿا ڀانيون، جتي منهن ﷴ مير جو.
شين
ئون تنهنجي شان جي، سڀ پرور ڳالهه پروڙي هئي،
اڳ ۾ سڀني کان، يا عربي! تنهنجي ذات ضروري هئي،
جي پيغمبر کان ٿيا پٺيرا، تن منڪرن مت موڙهي هئي،
جي پيغمبر کان ٿيا پٺيرا، تن انڌن کنئين اروڙي
هئي،
ﷴ رات معراج وڃڻ جي، ڪافر چون ته ڪوڙي هئي،
پر اڙهن ورهيه هو عربي اُتي، اها ملڪن منجهه
مشهوري هئي،
پر ڪين ڪتا
ٿيا ڪڏهن سي قائل ، صرف انهن کي سوري هئي،
پوءِ پيٽ پنهنجي مئون پونگ ڪڍيئون، جنهن جي جهر
جهنگ ۾
جهوري هئي،
ﷴ جو ٿيو معجزو، اها مالڪ کي منظوري هئي،
پر پيغمبر کان جن پٽايو، تن کي ڳنڍ ڳٿر ۾ ڳوڙهي
هئي،
سا قيامت تائين ڪانه ڇٽي، اها نه ڪا ڦٽ ڦروڙي هئي،
چڱي نه ڪيائون
”چانڊيو“ چئي، ان کي چيلهه ٽنگن ۾ چوڙي هئي،
پوءِ ڪار ڪتن جي ڪوڙي هئي، اهي غافل ويندا
غار ۾.
صاد آهيان آءٌ سِير ۾، مونکي تار منجهان اچي
تاريندو،
پر ڪالهه ڪري جو قول ويو، سو ٽيم اهو نه ٽاريندو،
منهن مبارڪ مرسل پنهنجو، ڏکندي کي ڏيکاريندو،
هن دنيا جي دام منجهان، اچي احمد ڄام اُڪاريندو،
نال وٺي او نيندو نرمل، جيئري زيارت ڪرائيندو،
نال وٺي او نيندو نرمل، نڪي ڌوٻڻ کي ڌڪاريندو،
نال وٺي او نيندو نرمل، ڪين مُٺيءَ کي ماريندو،
نال وٺي او نيندو نرمل، جڏڙا يار جياريندو،
نال وٺي او نيندو نرمل، نڪي ڏک جو ڏينهن
ڏيکاريندو،
نال وٺي او نيندو نرمل، اُمت کي به اُجاريندو،
نال وٺي او نيندو نرمل، وڃي صاحب کي به سُپاريندو،
ڏسي
ڄٽايون”ڄام“بندي جون، تنهن کي نيئي ساٿين منجهه
سينگاريندو،
پوءِ واڳون واريندو، مهر پوندي تنهن مير
کي.
ضاد ذڪر فرياد سڻي، تنهن ڪامل سوا ڪير؟
ڇاکئون هوت ڇڏي ويا، ڀڳا ڪهڙِي ڀير،
ته جڏي ٿيس جيڏيون! تڏهن هٿ هڻان ٿي هير،
مون جيڏيون مون سرتيون، ٿيون سڀ سڏائن سير،
پر منهنجي بخت ڏني بيزاري، آنۡ جو ڏوهه نه ڪريان
ڏير!
لنگهي ويئڙا لڪن تئون، سي ٿر ڇڏي ويا ٿير،
پر هن زماني جي ظلم کان، منهنجو رکن ست سوير،
پر ڏين کيرايون خير جون، دردن منجهه دقير،
سڻي من سگهي ٿيان، وڃي من مٿاهون مير،
پر سڙندا سي سقر ۾، جني وڌا واٽ ويندن سان وير،
مومن موجون ماڻيندا، جتي ڦرندو ڇٽ ڇُڳير،
ڏسي ڄٽايون ”ڄام“ بندي جون، ڪندو شفاعت شير،
پوءِ وارث انهيءَ ويَر، اچي بخشائيندو بديون.
طوئي مٺي ڀايان توڙ ڪنان، جا ٻاروچن جي
ٻولي هئي،
ساٿ وڃڻ جون ڪيون صلاحون، اها خان خبر نه کولي
هئي،
هوت هڻي ويو
هٿ پنهنجي سان، جا غم گوندر جي گولي هئي،
تڏهن سر تي هٿڙا، روئان ٿي رتڙا، تني ڪا چڻگ اندر
۾ چولي هئي،
پر راز
پنهنجي کي ربّ سائين ڄاڻي، باقي سمجهه انهن
جي سولي هئي،
ڇا ڄاڻان، ڇاکئون ساٿين، راهه رندن تي رولي هئي؟
هنجهن هونگارون، دل جو دارون، ٽنڊ وڏي سان ٽولي
هئي،
هنجهن هونگارون، دل جو دارون، لال لڪن ۾ لولي هئي،
هنجهن
هونگارون، دل جو دارون، جن لئي حورن ملڪن
هولي هئي،
پر سڏ انهن جا ڪين سُئائين، هي به ڳوٺاين جي ڳولي
هئي،
پر صدقي صدقي
سيّد! توتان، مان گهوٽ پنهون! توتان گهولي هئي،
”ڄام“ غلام هي پينار پنجن جو، تنهن جهلي انهن
اڳيان
جهولي هئي،
پوءِ هڪ ڇپر ڇولي هئي، ٻياسور گهڻا هئس ساٿ جا.
ظوئي ئون تنهن ضامن مٿي، هادي حڪم هلايو هو،
پر ڪين مڃائون دين نبيءَ جو، شامين شر مچايو هو،
باهه لڳي بي ايمانن کي، جن دُزن مچ ڌڳايو هو،
سو حق نبي حيات چوان، ڪيئن وارث ويس مٽايو هو،
پر ساڻ نه هليا سرور سان، نه ڪي رهبر تن رکايو هو،
تن ڪوٺي ڪربلا ۾ تنهن جو سارو ساٿ لُٽايو هو،
ڪوٺي ڪربلا ۾ تنهين، ڪَلهن کي به ڪُهايو هو،
هڪڙا سور صغيرن جا، ٻيو ڪامل ڪنڌ ڪٽايو هو،
پر عربيءَ جي اسلام کي، تنهن باهه کان به بچايو
هو،
عربيءَ جي اسلام کي، تنهن قيامت تائين ڪاهيو هو،
صابر پنهنجو سِر ڏيئي، کڻي ويندل دين ورايو هو،
صابر پنهنجو سِر ڏيئي، کڻي محشر تائين مرڪايو هو،
بخش ڄٽايون ”ڄام“ بندي جون، جو ترسي تو در آيو هو،
ان جي روح جو رايو هو، تنهين کي ڪر پيراندي
پنهنجي.
عين آهيون تنهنجي آسري، تون ڪر ظهورو ضامنگير،
موليٰ منهن ڏيکار اسان کي، آهيون عيبن منجهه
اَسير،
سڪندن کي ڇو ٿو سڪائين، وهلو ور تون وارث ويِر!
لڳن ٿيون لهرون، بوندن بحرون، آهي دل دريائن ۾
دلگير،
اَجهو تون آهين، دکڙا لاهين، داد ڪرين ڪو دامنگير،
محشر ڏينهن به ڪر موچارو، هتي به ڏئينم خاصا کير،
پر ڏسي ڄٽايون ”ڄام“ بندي جون، موٽ مديني جا تون
مير!
اچي ٿي پڇاڙي پير، اڃا لِڪا ڇو ٿو لڪائين.
غين گيدي آءٌ آهيان، جڏهن ڀينر! ٿيس ڀوري،
ستيس ٿي سيج پلنگ تي، تڏهن لڳيم ٿي لوري،
منهنجو هوت هٿن سان، چاڙهي ويا چوري،
منهنجو هوت هٿن مان، نيئون زبر ۽ زوري،
پر هوت! ڏيو هٿن سان، مونکي ڏکن جي ڏوري،
جلان پيئي جبل ۾، آهيان گهوٽن جي گهوري،
پر آءٌ نه پهچان اُٺن کي، آهيان بنهه بي زوري،
آءٌ نه پهچان اُٺن کي، آهيان نار ندوري،
آءٌ نه پهچان اُٺن کي، مونکي جهليو انهيءَ جهوري،
اديون ڙي! ڪا آهي مان سان هتي دردن جي دوري،
منهنجي پَت پنهون سان، تون پرور! ڪر پوري،
چانٺ چمائج ”چانڊيو“ چئي مونکي حَسن حضوري،
جنهن جو نالو آهي نوري، تنهن جا ڏهٽا ربّ ڏيکارين.
في ئون فقر فراق جي سچي ڳالهه ڳري،
دردن ماري دلڙي چوري ڪيئون چري،
سار نه ٿيم سرتيون! تڏهن آهيان خانن کان به کري،
اها آگ اندر ۾ مونکي آهي ٻارهن ڪاڻ ٻري،
ڦوڙائي فراق ۾، آءٌ وينديس محبن ڪاڻ مري،
اوهين ته سرتيون ! سڀ سياڻيون، آءٌ هڪ چوڏهن ڪاڻ
چري،
مان ملان محبوبن کي، آءٌ وندر منجهه وري،
ڄاڻ ڪندا مونکي ”ڄام“ چئي، تڏهن ٿينديس ڀاڳڀري،
دل جي کول دري، اها منهنجي التجا عربي ڄام کي.
قاف ئون ڪنديس ڪينڪي، ساجن ري سينگار،
مٿو موڙهو منهنجو، ويڙهينديس نه وار،
لاهي لحم لڱن جو، ڪنديس طعام تيار،
ته کنيم خان پنهل لئي، من جبل منجهه جيار،
”قالُوا اِنّاللهِ وَاِنّا اِليَہۡ راجعُونَ“ هُج
بندا هوشيار،
مٿاهون ملڪ
الموت گجي ٿو، غافل ٿي نه گذار،
راهه رباني آخر فاني واعدو ڪين وسار،
توکان ڪيچي ڪالهه ويا، تڏهن ٿئين لڪن منجهه لاچار،
منهن ڏسان جيسين موليٰ جو، تيسين موت !مونکي نه
مار،
آهيم سڪ سيّد جي، جنهن جو آهي ساکي ربّ ستار،
”چانڊيو“ چئي چوڏهن کان، مونکي ڌڻي! ڪر نه ڌار،
پوءِ ڏيهه اهو ڏيکار، جتي پاڙو پنجن تنن جو.
ڪاف ڪنيزڪ ڪيترا، توکي ساري سڏ ڪيا،
ته ترت رس طبيب! تون، ٻيا سڀئي ويڄ ويا،
ته ظالم هن زماني ۾، هلن رشوتون رِيا،
پر سواءِ تو سيّد جي، ناهن ٻَر ٻيا،
پر ڪر پنهنجي ئي ڪرم سان، تون اچي نر نياء،
آئي احمد ڄام جي، جڏا سڀ جيا،
پسان پاڪ رسول جا، وڃي ڏونگر منجهه ڏيا،
ڏسي ڄٽايون ”ڄام“ جون، تنهن تي ڀلي ڀال ڪيا،
جي تنهنجي پيش پيا، تون نه ڇڏيندين تن کي.
لام لڄائيج ڪينڪي، اهو ننگ نماڻو،
ته گهوڙن ماريون گهڻيون، پر مان سين مهرين ڪيون
ماڻو،
هاڻي هيءَ حياتي هتي، مونکي جيئڻ آهي جاڙون،
ته هيڏيون هوت پنهون جون، هيون ٻائيءَ کي ٻاڙون،
سا ويچاري پنهنجي ورَ پٺيان، ڏئي آڌي اُهاڙون،
ته سچا ربّ! سَگهيون ڪر، منهنجي نيّت جون ناڙون،
جي ڏاڍيون سُڄن ڏونگر ۾، ڪي ڊپ سنديون ڊاڙون،
تون بچائج برن ۾، ڏيئي ولهيءَ کي واڙون،
ڏسي ڄٽايون
”ڄام“ بندي جون، تنهن ڏانهن ڪر مرسل مهاڙون،
پازي جون پاڙون، تون سايون ڪرئين سيّدا!
ميم منهنجي مرض جي، آهي دوستن هٿ دوا،
ٻي نه آهي ٻُڪي ٻاجهه جي، ڪا سڄڻ! تو سوا،
ڪڍ منهنجي تون قلب مان، اها حرص جي هوا،
غم گِريو غريب جو، مونکي چارئي پهر چوا،
امام عليه والسلام لاءِ، روئڻ آهي روا،
ته وڏا طالع تن جا، جي حضرت ساڻ هئا،
پر وڏا طالع تن جا، جي وڃي ڏسن نينوا،
جني هاريو رت حضرت حسين اڳيان، تني جا ڌڪ ڌُوا،
ڇٽا سي ڇهن کان جي موليٰ اڳيان مئا،
هاري جر هيڻيون ٿيون، منهنجون اکيون احمد لاءِ،
”ڄام“ چوي مون ڄٽي جي، آهي ڀلن هٿ ڀُوا،
ويندا تاب تاءَ، جڏهن سيّد ايندو ساٿ جو.
نون نالو نيهن جو، من کي ٿو ماري،
هينئڙو هوت حبيب کي، سڪي ۽ ساري،
گولي گس پنهون جا، نڪريو نهاري،
حاصل ڪر هدايت، ڌڻي مون ڌاري،
سختي سير سمونڊ جي، مونکي الله اُڪاري،
منارا مرسل جا، مونکي ڏاتر ڏيکاري،
”ڄام“ چئي مون ڄٽيءَ کي، نيئي مديني ماري،
جيسين جياري، تيسين سِڪ هجي سردار جي.
واو ٿئين تون ويسلي، نت ويهين ها به وٽن،
ڪم تنهنجو ڪانڌ سين، ٻيون ڏئين ها ٻَن،
سُتينءَ ٿي سنجهي منجهان، ماڳ وڌائي من،
تو سُتي هئين سنجهي مان، توکي کاريو هو به کٽن،
هوتن اتي هلڻ جا بنايا هئا بن،
سور توکي سڀيئي اهي، ڏير ڏئي ويا ڏن،
اوٺي توکان اٿي ويا، توکي مُٺو تن محبن،
اديون! آري ڄام کي، چاڙهي نِيو چانگن،
تون هاڻي ٿي هورا ڪرئين، هو ڀڄي چڙهيا ڀِٽن،
تون هاڻي ٿي هورا ڪرئين، هو وڃي مانجهي گڏيا مِٽن،
ڏي تون باهه ڀنڀور کي، پڄاڻا پرين،
ڄاڻ نه ڪيائون ”ڄام“ چئي، تڏهن ٿيس رندن تي رن،
اهي ڪامل ڪنڌيءَ ڪن، من پاڙي راهين پانهنجي.
هي پنهنجي هٿ سان، مونکي ڏير ڏئي ويا ڏات،
بيحد بلوچن جي، زبر آهي ذات،
سي ڪُهندي ڀُلن ئي ڪينڪي، قهري کڻن ڪات،
ترس نه آيو تن کي، آءٌ نڪا هيس رنيات،
آءٌ سنڌي سمجهان ڪينڪي، هُنين بلوچڪي بات،
آءٌ سنڌي سمجهان ڪينڪي، هنن ڏنيون پارسيون پرڀات،
سي مون کان لاکيڻا لڪي ويا، جهنگئون ڏيئي جهات،
هئي هئي تني هوتن لئي، ٿي روئان ساري رات،
جيجل اهي جڳ ۾، منهنجا آهن هميشہ حيات،
”ڄام“ چوي ڄمار ۾، ٿئي من ڪا ملاقات،
جانب جي جماعت، مونکي الله ڏيکاري اکين سان!
لا لکين هِتان ويڙا، اتان ڪونه آئيو،
جاندار جهان مان، وڃي کاڻي کپايو،
پنڌ پرئين هن پار جو، نه ٻهڳڻ ٻڌايو،
ڀنڀور بار کڻي ويا، هو ساٿين کي سعيو،
آءٌ ڇا ٻڌائينديس ڇپر ۾، مون ڪَتيو نه ڪمايو،
آءٌ ڇا ٻڌائينديس ڇپر ۾، مونکي آهي غفلت گنوايو،
مديني جي مير جو، مونکي روح ۾ پيو رايو،
مديني جي مير جو، مونکي ڏيهڙو ڏسايو،
حَسن مير حُسين جو، مونکي پڃرو پسايو،
حَسن مير حُسين جي، مونکي چانئٺ چمايو،
”ڄام“ چئي ڄمار ۾، مونکي هيجئون هلايو،
موليٰ! ملايو، ته وڃي وارث کي ويجهي ٿيان.
يي ئون يقينو، سِڪي ٿو سينو، ٿيو من محبن
لاءِ مشتاق،
جَنَب گذاريم جيڏيون! جن سان، هينئڙو هوتن جو
هيراڪ،
سو ڪري بهانو، ٿيو روانو، تن کي تاڙيون ڏيئي ويو
طاق،
ڪِين ونڊج تون
ڪنهن سان ويهي، سور سڄڻ جا جيءَ ۾ جاڪ،
ڏَسيو مون ڏاهي، ته اڳيان آهي، اوڏي انور جي
اوطاق،
وٺنديس واٽون، جيءَ جون جاٽون، خان پنهل لاءِ
ٿينديس خاڪ،
تون ڍڪين
اگهاڙا، پارئين پاڙا، هيڏي حسينڻ! تنهنجي هاڪ،
”ڄام“ بندو، هيءُ تو سندو، تنهن کي پاڙهين ڪلمون
پاڪ،
جت سيّد ايندو ساٿ جو، ملڪن لهندي ماڪ،
ٻئي در ڪين ٻاڪ، وٺ پلؤ پيغمبر جو.
|