سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:18 

ٽيهه اکري: نصيحت(1)

الف الله  نون ياد هميشان، تون ڪر بندا زاري،
ربّ غفور يگاني دي تون پهچ پڪڙ گهن ٽاري،
خام خيال خناس سُڄيندا ڇوڙ يارانا ياري،
اَڏي دام مدام وتي، اِت محڪم ڦردا ماري،
هو هوشيار، چوڌار نگہ رک، بهتر ڪر بيداري،
حرف ”حسين“ حريفان دا سڻ نُڪتا نقش نگاري.

 

بي بادشاهه بلندي والي، ڇوڙ ڳئي بادشاهي،
سر زمين سراسر سڀ دي، ڪيتا شاهان شاهي،
تخت اُتار اُڏار چلن، وَت نال حڪم الاهي،
ديوَ پريان فرمان منَيديان، مرغ، زناور، ماهي،
جنَ انسان اَمر وچ رهندي، نافرمان ڪجهه ناهي،
اوڙڪ خاڪي خاڪ ٿي ڳئي، گهن رستا رهبر راهي،
سمجهه ”حسين“ سياڻا ٿي، جي ڏيوئي بخت اساهي.

 

تي توڪل رک الله تي، سَٽ گهت هَٺ وڏائي،
گرد زماني گردون گردش، بازي فلڪ بنائي،
هر ڪنهن نال ڪريندا آوي جاوي جاءِ بجائي،
ڪي دن ڪيوين ڪي دن ڪيوين، ايوين عمر لنگهائي،
هرڪوچلسي چر چر ويسي، هي هرڪا چيز پرائي،
رهسي آپ هميشان هڪو، واحد نال وڏائي،
حب ”حسين“ الله دي ٻاجهون، اور نه ڳڻتي ڪائي.

 

ثي سويل سڄڻ ڪر سعيا، رک دماغئون دوري،
ماري مرد هزار لتاڙي، مئي مستي مغروري،
سُڻ سلطان سڪندر جيڏي خاذق مرد حضوري!
گشت ڪريندي حرف ولايت، نيڪ نهايت نوري،
ڦِرڦِر ڦير ٽڪاڻي آئي، ڪنهن نان ڪيتي پوري،
چلي راهه رواني هوئي، ٻَڌ ڪي پاند مزوري،
حق ”حسين“ ڀلا سڻ ڀائي، اَفضل صبر صبوري.

 

جيم جوان جواني جلوا چٽڪا چار ڏهاڙي،
ملڪ
الــــموت نه مــــــــــور ڇڙيسي، جو نت ماري ڍاڙي،
راڌي پوک سقيم سَڃيندا، حاڪم ڏَن اُڳاڙي،
نگہ نه رکين تنهن دي دل تي، متان مار اجاڙي،
ڏيسي ڪون ڪهيندي اٿڻ، هر ڪو واڙي واڙي،
عملان ٻاجهه نه ڇٽسي ڪوئي، توڙي پنسي پاڙي،
ڪڍ ڪپاه ”حسين“ ڪنان دي، هر گز چلڻ هاڙي.

 

حي هر مرد مسافر هرڪو، ٽُرسي ڇوڙِ ٽڪاڻي،
چندان ساٿ ڏهاڙي چلدي، ڪرڪي ٺلهي ڀاڻي،
ٻَلدي وانگ چراغ هميشان ڏيوي ڏيک اُهڃاڻي،
لعل لکيڻي ڀڄدي ڀوري، ٿيندي داڻي داڻي،
يا ڪي مست مواس رهين تون، خيال دل تي آڻي،
وير وڏي مهمير اٿانهين، ٻَهسن ٿي نماڻي،
حَب ”حسين“ حقاني والي، وڃ حضور اَگهاڻي.

 

خي خدا دا خوف اندر وچ، رک تون يار پيارا!
ڏيک مسافر ڏيهه ڪنان دا، ڏيُئي جت اُتارا،
هڏ نه هوسين اوڙڪ اِٿان ٻيٺئَين مار نگارا،
ٿيسين جال وِچال قبر دي، جنهن وچ زور انڌارا،
مَلڪان نال مقابل ٿيسين، ٻهسين ٿيءُ ويچارا،
پَئُسئي ياد ڪريسين هئي هئي، اها چال چِڪارا،
هادي ٻاجهه ”حسين“ اٿانهين، چلسئي ڪوئي نه چارا.

 

دال ديوانا! نال اندر دي، ڳالهه ايها سڻ ڳهلا،
هولين گهم حليمت چوکي، پرُجهه سخن اُهو پهلا،
سَٽ وڏائي ڪڍ دغائي، ڪر چڱائي ڪهلا،
غيبت ڇوڙ، غريبت چوکي، گهن وصيّت وهلا،
حال ”حسين“ فقيران دي دا، اوڙڪ منصب موليٰ.

 

ذال ذڪر حق پاڪ الله دا، ياد ٻهون ڪر ٻانها!
ڪوڙا ڪوڙ ڦٽا ڪر ڪاهل، مست نه ٿي مستانا!
اور الله نون زور زبانو، دل دي نال ديوانا!
ڳول اَندر وچ ڦولهه نه ٻاهر، لهسين يار يگانا،
اَڏ ايمان”حسين“ همت ڪر، مرد سگها مردانا!

 

ري رحيم ڪريم ڪنون تون، منگ قديم پناهان،
دلبند اِها سڻ پَند ميڏي، وَت واجهه نه ڪوڙيان واهان،
ٻاجهون راهه شريعت شائق، راست نه لهسين راهان،
ٻاجهه ڪرين ڪا ٻاجهه طمع دي نال ٿڪان بيواهان،
حب”حسين“ دي ٻاجهون، ٻيا سڀ ڪوڙ صلاحان.

 

زي زمانا ظالم هويا، ڏيک اڃا نِوهي ڏردا،
رول زناور ڍور مثل تون، دور وتئين دُز چردا،
رکين تان نه ملاحظه، متان ٿيوئي درد جگر دا،
ڪٻهه ڪناري والا چوکا، ٻن ڪماند ڪپردا،
رک”حسين فقير“ هميشان، سعيا سخت سفر دا.

 

سين سچار نگار نوراني،  رب جاني من ميلي،
دائم وڃ درگاهه پَسِيجي، دوستين دِي ’درٻِيلي‘،
عيب ڪنون آزاد ڪريندا، ڌووي نت مَل ميلي،
پُر ڪر ساقي جام پِلَيندا گهندي چسَڪي چيلي،
ڪهي”حسين“ مليو سي مرشد، ڪسَ لٿي اس ويلي.

 

شين شڪر جوپِير مليو سي مصدر مسند والا،
عاليشان جوان، جنهيندا رتبا اَصلاً اعليٰ،
حق حضور بنين دا قاضي، مرد سدا متوالا،
روز حشر دي نائب ٿيسي، پيش پيغمبر شالا،
هادي”حسين“ ويچاري دا، شل سولا ڍاري ڍالا.

 

صاد صدق دي نال صُفي وچ، جيڪو جهاتي پاوي،
فيض اُهو فـــــــي
الحال اُتاهون، گهِن گهڻيرا آوي،
ڏيکڻ نال نهال سوالي، غم نه هرگز کاوي،
مير اُٿان مخدوم سونهارا، ٻيٺا گنج لٽاوي،
دوڙ”حسين“ تنهين دروازي، جٿ اگهدي لنَجي لاوي.

 

ضاد ڏکڻ دي پار ڏهون، اڄ هِير ٿڌي گهَل آئِي،
بادِصبا دي جهوٽي تئون، مئن بات اِها پڇوائِي،
ڪڏان پِير پيارا اؤسي، مِلسي نال ڦوڙائِي،
ڪر ڪر ڳالهِين ول ول ڀاليِن، تانگهه اندر تن لائي،
جِيندي يار مِلائي موليٰ، نال”حسين سِرائي“.

 

طوئي طلب اسان ڪون هي جا توڙئون تانگهه تمامي،
روح اساڏي روز ازل ڪنون، رکي غرض غلامي،
تؤ در ٻاجهؤن هي درماندا، وڃي طرف ڪُدامي؟
يار ملي يڪبار مينون، تان ٿيوي جيءُ آرامي،
ڪهي ”حسين“ دونَين وکايو، اي مشتاق مدامي.

 

ظوئي ظهور حضور جنهين نُون، نُور ڀريا ننگ والا،
آيان ڪون نه وليندا خالي، پرُ ڪر ڏيوي پيالا،
پنجتن پاڪ جَهيندي پاکر، صاحب سدا دُخالا،
دست مريد ٿياسي تنهن دي، ڪرم ڪيتا حق تعاليٰ،
حق ”حسين“ مرادان حاصل آس پُني اِنشالا
(1).

 

عين عنايت اَبر اِلٰهي، دائم جنهن سر وسي،
شان تنهين سلطان صدر دا، نال سماء دي گسي،
تهدل جو تڪرار تنهين دي پاڪ پيشاني پَسي،
زود لهي مطلوب ميسّر، حقّ هدايت رسي،
هادي شاهه ”حسين“ همت سان، دُزد دِليندي دسي.

 

غين گلابي غنچي دي هُل هوئي، ٿئي هُٻڪاري،
ڪيتا شمس شعاع تجليٰ، چاند مثل چمڪاري،
آون لهه اَفلاڪ اُتون، تلقين گهنن لک تاري،
چل جڳ تائين جيندي هوون، ايجهي مرد متاري،
ڏٺا پير”حسين“ هميشان، شاديان شڪر گذاري.

 

في فضل حق تعاليٰ ڪيتا، اِس دي گنج حوالي،
برسر تخت ڪري تلقينان، چلدا شاهي چالي،
ويران نياڻ وهائي وارث، وهن نِهاڻ سِيالي،
نالَ نظر گل لعل ڪريندا، توڻي سياهه سُوالي،
هٿ ”حسين“ حبيب بڇيندي، داڻي دست وچالي.

 

قاف قديمي قدم شريعت، محڪم پير مغاني،
بحر هدايت بَهرا ڏيندا، لهندا لوڪ جهاني،
تيوين ڪر طغياني ٻيلي، آب عطا اِحساني،
جيوين بادل برسن بوندان، اَبر ڪرن آسماني،
ڪهي ”حسين“، قريشي اُتي راز ٻهون رحماني.

 

ڪاف ڪمال جمال حُسن دا، نُور ڀريانُورانِي،

 

مَلڪ منوّر ماهه ملائڪ، دوست مٺا دل جاني،
صورت اَنت حساب نه ڪوئي، يا وت يوسف ثاني،
قدر قليل اَليندا سهڻا، ظاهر بات زباني،
چؤڏس وانگ کڙي چمڪاري، پاڪ تنهين پيشاني،
ٻاجهون طلب ”حسين“ خدادي، آک ڪيهي انساني!

 

لام لنگهيي هڻ ڏينهن گهڻيري، ڪيتا عشق اُداسي،
دلدار تيڏي ديدار بنان، هي پلپل جيءُ پياسي،
جادوگر! ڪو جادو ڪيتوئي، مينون بدن سناسي،
يار سچار! يڪبار ملو، تان ٿيوي درد خلاصي،
ڪَهي”حسين“ ڪرين ننگ والا، ناميا ننگ شناسي!

 

ميم محض بنام، موليٰ، هيڪر جهاتي پايو،
موهي دل مسڪين مُهيندي، جانب باز جِوايو،
گنج ڪِنُون ڪجهه غازي گوهر! ڏاتر ڏاڻ ڏِوايو،
عاصي مير ميراثي ڪون، وت پارس چا پهرايو،
هي مسڪين”حسين“ سِڪايا، درسن دوست وکايو.

 

نون نئين سج ڪانگ اُڏاري، کڙکڙ ڀالي راهان،
چا چا هٿ ڪريندي هڪلان، دوست طرف دلخواهان،
سهم وڃن سؤ جيت جناور، اَزيان سُڻڪي آهان،
شالا ترس پوي ڪو تينون، عارف پير اَساهان،
دمدم ”حسين“ خدا ڪنون تون دائم منگ پناهان.

 

واو ولي وهه واهه بَهاري، باد نسيم بُلايا،
هنڌ ملڻ دي آندي موليٰ ڏيک ڏکان موڪلايا،
آوڻ دا اڄ دوست دلاسا، البت يار اَکايا،
محب مِلي دل جاني شالا، لاهي سِڪ سِڪايا،
داد ”حسين“ ٿيا درگاهون، ڪر ’الحمد خدايا‘.

 

هي هميشان آک الهه دا شوق ڪنون شڪرانا،
ميليا جنهن محبوب منور ياور يار يگانا،
اُٿدي ٻهندي صفت سڻائين، سهس بَگُو سبحانا،
بحر اَزان وچ بَهرا ڏيکن، تن تڪرار توانا،
حال ”حسين“ سويل اٿي ڪو اَڏّ اَجها اَشيانا.

 

لا لطف دي نال لنگهئي سي تار ڪنون آڻ تاري،
آگي دي اِحسان ٻهون، انسان اُتي اِظهاري،
روزي روز رسائي رازق، قادر ڪونه وساري،
ڪيهي ڪيهي صفت سڻائي، شاعر ڪون شماري،
حمد ”حسين“ خدا دا آکڻ، لائق ليل نهاري.

 

اءلف اُميد الهه وچ اوڙڪ، مور نه مطلق لاهين،
نام رحيم ڪريم وکايس، قدرت نال تڏاهين،
ڪر تڪرار جبار ڏهون تون ، آ هل يار اُڏاهين،
مؤمن مول نه ويسين دوزخ، لهسن جنت جائين،
حامي شاهه”حسين“ اَساڏا، ڪيا پرواهه ڪڏاهين.

 

يي يگاني واحد ڪون، تسان هردم ياد رکياوي،
رات ڏينهان تين روز ڏهاڙي، گهاري تان نه گهتياوي،
بعد ازان احوال اِهو سڀ، صاحب لڳ سڻياوي،
سڻ تصنيف مصنف دي، يڪ يارو منت منياوي،
محض خدا، ڪجهه ڪارڻ ميڏي خاصا خير منگياوي،
محڪم مير ﷴ تي، ڪهه ڪلمان پاڪ پڙهياوي.
 

 

ٽيهه اکري: مجازي(1)

(چيل قادربخش ”بيدل“ جي)

 

        [عبدالقادر ”بيدل“ ولد فقير محمد حسن، روهڙيءَ ۾ سنه 1230هه/1814ع ۾ ڄائو. بادشاهه پيرؒ جي ادب وچان پاڻ کي قادر بخش به چوائيندو هو. ديني خواه دنيوي تعليم چڱيءَ طرح حاصل ڪيائين. درويشيءَ جي ڏات قلندر شهباز کان مليس. پير صاحب پاڳاري صبغت الله شاهه اول ۽ مخدوم محمد اسماعيل جي درگاهه تان به فيض مليس. نثر توڙي نظم ۾ سندس ڪافي تصيفون آهن، جن مان ”ديوان بيدل“ ڇپيل آهي. 1289هه/1873ع ۾ وفات ڪيائين. ديوان بيدل ۾ سندس ٽي ٽيهه اکريون ڇپيل آهن، جن مان هڪڙي هتي ڏجي ٿي.]

 

الف اَحَدُ بيچون چگونہ، سڀ سي سِرّ نيارا،
احمد نانءُ سڏايس آڪي عشق ڪيتس اظهارا،
”اَنا اَحمد بلاميم“ آکيندا مرڪي دوست پيارا،

مارنغارا، اناالحق نعرا.

 

بي بهار ظهور دي ويکين گونا گون گلڪاري،
بوءِ بهشتي رنگ عجائب چمن کليا چوڌاري،
”خلق الاشياء فهو عينها“ سڻ حقيقت ساري،

هو هٻڪاري، بر بهاري.

 

تي تماشا ويکين سارا، جي تون ويسہ آڻين،
ايڏي اوڏي يار هڪوئي، غازي غير نه آڻين،
”ثم وجہ الله“ سڻج سنيها پرجهي ڪي دوست پڇاڻين،

سر سبحاني، اعظم شاني.

 

ثي ثبوت رکين دل اتي وحدت خوب خيالي،
ٿيءُ غلام اُنهين دا جوئي خيال اُنهين وچ جالي،
”لَيۡسُ فِي الدارَين اِلاهُو“ ڏيسي دوست ڏکالي،

باهمہ حالي، برهه بحالي.

 

جيم جفا ڪر اِها هڪا، وهم دُوئي دا ٽالين،
وحدت دي نڪتي نون نيهن نال برهه دي ڀالين،
”ڪُلُ شيءٍ هوُالله“ صِدقئون سر سنڀالين،

پرتئون پالين، غير نون ڳالين.

 

حي حقيقت هڪا آهي، مظهر انت نه پايا،
ايڪ سُروپ تي سهسين ڪائي، سهسين ايڪ سمايا،
”فَهوَ الظاهر وهُوَ الباطِن“ آپ نون ويکڻ آيا،

آپ ويکايا، الله ورايا.

 

خي خيال خودي دا سٽ ڪر بيخود برهه اٺائين،
مذهب ڇوڙ دوئي نون ٻوڙين وحدت چُم سرچائين،
”الصوفي لامذهب“ والا نــــــــت نـــــــــت گــــــــاون گــــــاويــــــــن،

طبل وڄاوين، نيهن نچاوين.

 

دال درد عشق دي نالي نيهن نت نت جالين،
تن دي منگل وچ هميشہ باهه برهه دي ٻالين،
”نارُالله عَليَ الاَفۡعدَة“ ٻالين، غيرنون ڳالين،

عشق اجالين، آپ سنڀالين،

 

ذال ذڪر دي نال اُٺائين ساهه پساهه سدائي،
ٻاجهه ذڪر دي جائِي گذري سا عمر سڀ اجائي،
”فاذڪروني اذڪرڪم“ سڻ رانجهان راهه بتائي،

هوئي صفائي، حق هيڪڙائي.

 

ري رمز لُدّني رکين دل تي ڏينهان راتين،
اکين کول تون ويکين ظاهر جلوا ڀاتون ڀاتين،
”ڪل شيءِ مُحيط“ وِکيجي جٿ ڪٿ پاوين جهاتين،

ذات صفاتين، حق اثباتين.

 

زي زبون نه ٿيوين سالڪ! سست يقين نه رهڻا،
حال حلا جي نال هميشہ ڪر تون اُٺڻا ٻهڻا،
”سبُحاني ما اَعظم شاني“ ٺاهه انهين وچ ٺهڻا،

اَناالحق ڪهڻا، يڪتا رهڻا.

 

سين سڪندر وانگر سوهڻا پهر رسالت جامان،
گهن ڪتابت اپني آيا ڪيتس هل هنگاما،
”مَن راني فقد راي الحق“ عاشق! سڻ الهامان،

محبت مامان، چايا ڄامان.

 

شين شراب محبت والا پيتا جنهن مستاني،
اسم جسم ڪنون چُڪ پيا، وڃ مليا دوست يگاني،
”راَيت ربي بعين ربي“ آکن راز نهاني،

دلبر آ ني، دلبر جاني.

 

صاد صحي ڪر آپ نون تان تون ربّ پڄاڻين،
هر هٿئون ڏيوي ڏکالي جي تون اپڻا سِر سڃاڻين،
”من عرف موليٰ“ فرمايا جي تون ويسہ آڻين،

موجان ماڻين آپي ڄاڻين.

 

ضاد ضرور سڀئي سٽ شوقُون مرد ٿيوين مردانا،
آپ وسار تي اپڻي اتي آڻ يقين يگانا،
”دَع نَفسڪ و تعال“ آکيوني پُرپيون پيمانا،

بي جسمانا، وکين ربانا.

 

طوئي طلب، جي تين نون سچي جهاتي پائي دَرُوني،
منجي ڪر سهي سهڻي نون ڇوڙ خيال بروني،
”وفي انفسڪم فضلون“ آکيس ”اَفلاتبصروني“،

بي چگوني، بي نموني.

 

ظوئي ظهور هر جاءِ جاني مظهر خاص بشر نُون،
مَلڪين دا مسجود بڻايا يا انهين مظهر نون،
”ونحن اَقرب“ نيڙي وسندا، دور نه ڪهه دلبر نون،

سمجهين سرّ نون، ويکين پرنون.

 

عين علوم مذاهب دي سٽ، سبق سلوڪ دا پڙهڻا،
جٿان ڪٿان رانجهن وسندا ڪامل ويسہ ڪرڻا،
”وهو معڪم اَينما ڪنتم“ هڪو حرف پڪڙڻا،

مول نه مُڙڻا، هرگزنه مرڻا.

 

غين غرق ٿي غيب ويکين ، غائب حاضر تون هين،
سر حقيقت شڪل شريعت، باطن ظاهر تون هين،
”اَلانسان سري واَناسره“ سارائي سِرُ تون هين،

هر گهر تون هين.

 

في فنا ڪر وهم دوئي دا وحدت من وجودي،
هندو مومن هڪو ڄاڻي ترسا گبر يهودي،
”ڪان الله ولم يڪن لہّ معہ شيءٍ“ سڀو سرّشهودي،

لا قــــــــــــــــيــــــــــــــــــودي .

 

قاف قرب دي وچ نه سماوي وهم عبوديت دا،
قطره ڪٿ لڀي جڏان لهريان بحر اُلوهيّت دا،
”لي مع الله وقت ٌ“ سڻ تون راز ربوبيّت دا،

اَحديت دا، الصمديت دا.

 

ڪاف ڪمال اهوئي جي تون آپ نون غير نه ڄاڻي،
لهر، تُرنگ، سمندر، نالي تِينون هڪي پاڻي،
”اِذ تم الفقر فَهوالله“ رندي روز پڇاڻي،

شڪ نه آڻي، ويسہ ڄاڻي.

 

لام لباس رسالت والا رنگ سارا بيرنگي،
زوران زور چڙهايان فوجان نيهن ڪيتي نيرنگي،
مار مَيت نه ٻيا ڪي لڙندا آپ بهادر جنگي،

خاص خدنگي، آيا ٻنگي.

 

ميم محبت والين موجين جي سر ساوڻ لايا،
وحدت وير انهين ڪنون بيوس الٽا بکڻ بکايا،
”اَنا جاوزة والبحر بموسيٰ“ شہ مردان فرمايا،

راهه بتايا، آپ دکايا.

 

نون نه ڀٽڪ اجايا ٻاهر، تو وچ حسن هزاري،
تو وچ عرش زمين آسمانا هاريا رک هوشياري،
”ليس شيءِ عنڪ الخارج“ تو وچ خلقت ساري،

نوري ناري.

 

واو وصول حصول جنهين چُڪ پيا جسمُون،
قطره وِچ درياهه وچ قلزم ڀُلا اپني اسمون،
”اَنا انت فاين اَنا“ لڳي موج قرب دي قسمون،

رهه ڳيا رسمون، ڇٽاجسمُون.

 

هي هوس دي نالي ڪڏانهان هرگز حق نه ٿيوي،
سوز گداز دا ذوق مُيسّر ڳالهين نال نه ٿيوي،
”موتوقبل الموت“ سڻي جو محبت وچ مَريوي،

سو مر جيوي، حاضر ٿيوي.

 

يي يقين رک بيدل سالم راحت رنج وچالي،
ڪڏان گذارين نال خوشي دي ڪڏان وچ ڪشالي،
”هوايتلذذ هو يتالم“ جٿ پاوين تٿ جالي،
ڏيکي ڀالي، آپ سنڀالي.

 

ٽيهه اکري: گهڙولي(1)

(چيل همت علي شاهه جي)

 

        [همت علي شاهه رضوي، روهڙيءَ جو ويٺل ”ڪوٽائي ساداتن“ جي خاندان مان ٿي گذريو آهي. روهڙي اسٽيشن لڳ پير يعقوب شاهه جي ڪوٽ ۾ سندس رهائش هئي. جيئن ته هن خاندان جي پوين کي علمي ذوق نه رهيو، تنهنڪري همت علي شاهه جي ڄم ۽ وفات جا سنه محفوظ نه رهي سگهيا. البت سندس دستخط نسخي ۾ هڪ هنڌ تي، تاريخ 20 ربيع الاول سنه 1290هه مرقوم آهي. سندس مداحون ۽ مناجاتون مشهور آهن.]

 

ڀرندي ڀرندي يار دي گهڙولِي،
ڀرندِي آهيان، موليٰ! گهڙولِي.
 

الف الله هئي صاحب ستاري،

علي ولي تي هئي لاج هماري،

صدقي نبي توَن جان پياري،
گولي آهيان تنهن در دي-

 

وو موليٰ گهڙولِي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولِي!

 

بي بتول پيغمبر زادي،

يطهر ڪم هئي صاحب رِدا دي،

پاڪدامن هئي سا شهزادي،
توهه تهيندي مين ترندي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

تي تڪرار هئي شاهه شهاني،

من فرمان اِرشاد رباني،

نُور نبي دا حَسن حقاني،
پيتس پيالي زهر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

ثي ثبوت ميڏا هَئي مدامي،

رکي شهادت طلب تمامي،

شاهه حُسين حمايت حامي،
چاش چکيُس ته خنجر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

جيم جمله جهان دا والي،

”همت علي“ڏيسين پُرڪر پيالي،

پنجتن پاڪ هِن برحالي،
سُرڪ سچي ڪوثر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

حي حب علي حيدر دي جنهن نون،

آئي دلجائي محشردي مين نون،

ڪاڻ نه قيام قبر دي تنهن نون،
سُنهه سچي سرور دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

خي خاوند جڏان جهان اپايا،

”قالوبليٰ“ ارواح سڻايا،

”اَلست بربڪم“ اَمر فرمايا،
من فرمان اَمر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

دال دل ۾ رک خوف خدائي،

”اوفو بعهد“ تي ڌيان سدائي،

فرض نماز دا ڪر تون ادائي،
پرورش منگ پرور دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

ذال ذلال محبت والا،

عشق وکايس ڏاڍا چالا،

هِير پيا گهن پرت پيالا،
کُليس ڪَل نه اندر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

ري راجهن دا عشق لڳاسي،

بِرهه آيا هڻ بيوس ٿياسي،

دام زلف وچ تنهن دي پياسي،
رمز تنهن دي وچ رڙ دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

زي زاري ڪريان ظاهر زباني،

عشق تساڏي ڪيتي هان ديواني،

سڏ سڻي ميڏا آءُ تون جاني،
وچ محبت دي مر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

سين سدا سهڻا ماهي مِلسين،

دک درد ميڏي دور ٿيسين،

اڱڻ اساڏي پيرا پاوسين،
مين نت نت رانجهن ڪر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

شين شالا ٿي ماهي مُلاقي،

اچي معاف ڪريسي هلاڪي،

لاءِ ويکڻ جنهن دي آهيان مشتاقي،
مين مُزرا ماهي دا ڀر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

صاد صاحب هئي ماهي ميڏا،

راتيان ڏينهان مين نال جو تيڏا،

ماءُ مُٺي تيڪون ضد پيا ڪيڏا،
شل مارپوئي تان قهر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

ضاد ضايع ٿي بنياد کيڙي دا،

جو نال عشاقان لڙيندا،

رانجهن نون ويک سڙيندا،
تنهن نون تبغ لڳي ته تبر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

طوئي طلب نهين سانون کيڙان دي،

تسان ڪني مين بيوس جاليندي،

ٻن گهتيان جهوڪ جهنگ سيالين دي،
قسم سانون هي صفدر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

ظوئي ظاهر هَئي صاحب سلطاني،

کيڙاکَر ڏيک ٿيوي فاني،

سِر رانجهن دي تاج شهاني،
رئي ٿيوس شل زر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

عين عشق مين اصل چُم چايا،

جهيڙا اجايا تون نا ڪر مايا،

مهڻا ماهي دا مين سر سهايا،
لِکئي وچون لِکۡ نا ٽردي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

غين غمين وچون آزاد ٿيوسي،

پُرڪر جام وصل دا پيتوسي،

مهر ڪنون ماهي مِليوسي،
پيالِي شِير و شَڪر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

في فڪر ڪيتا مِلڪي سيالين،

پَٽ پٽيهر چوڙين غالين،

هير شالا تون گهر کيڙي دي جالين،
تون تان مڱ آهين تنهن ور دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

قاف قريب مِلي سڀ آيا،

طعني تُنڪي نال رَلايا،

هِير دي اڳي آ ني اَلايا،
کِلندي هي خلق شهر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

ڪاف ڪريم ميڏا هي حق تعاليٰ،

کيڙي ڀيڙي نون لڳي ڪوئي ڀالا،

ماهي ميڏي ڪول هوسِي شالا،
ذات کپي تنهن کَر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

لام لعنت سِر ظالم ليکندي،

دوزخ وچ سي جاءِ لهندي،

زوري سانون جو کيڙا ڏيندي،
تنهن نون ڀيڙ پوي قبر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

ميم مدامي شل رانجهن سائين،

ڏيوان ماهي نون اکين وچ جائين،

ويڙهي اساڏي هووي سدائين،
مُول نه ٿيسان کيڙي کَر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

نون نسنگ لنگهه هير جو ويندي،

لهرين دي وچ روز جو لڙهيندي،

ڪُن ڪڙاڪي ڏيک نه ڏريندي،
عشق تُرها ڪر تَردي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

واو وصل دي جڏان وات وائي،

مِل سهيليان ڏيون تان وڌائي،

هير رانجهن دي ڳئي تان جدائي،
مين ليک پالي ته اَکر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

هي ”همت علي شاهه“دي ٿيڙي،

ڀيڻ ڀڄائي جيڪا پي هئيڙي،

ماءُ ماسي مٿا مار جو وئيڙي،
مت مول مني نه پِدر دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

اءلف الله چا نڪاح پڙهايا،

درد دک دور سِڌايا،

تڏان رانجهن مين چُمڪي چايا،
مين تان حمد الٰهي نت پڙهه دي-

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!

 

يي يقين دي نال پڙهي جي،

همت علي“ ايمان بڻي جي،

ڪلمان پاڪ نبي تي آکي جي،
هووي حمايت حشر دي.

 

وو موليٰ گهڙولي ڀرندي آهيان، مين تان گهڙولي!


(1)  هيءَ ٽيهه اکري”حسين فقير ديدڙ“ پنهنجي مرشد جي حب ۽ محبت ۾ چئي آهي. ”سين“ ۽ ”صاد“ جي بندن مان ظاهر آهي ته سندس مرشد درٻيلي جو مخدوم صاحب هو، جنهن کان حق جي راهه ورتي هئائين. ۽ هيءَ روايت اُتر (تعلقي روهڙي) مان عبدالرزاق ميمڻ کان ملي.

(1)  يعني ”انشاءالله تعاليٰ.“

(1)  ”ديوان بيدل“ مطبوع سنڌي ادبي بورڊ سنه 1954ع تان ورتل.

(1)  حيدرآباد شهر مان مرزا گل حسن ”احسن ڪربلائي“ کان ملي .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org