سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:4 

ٽيهه اکري: مارئي

(چيل نوح پنوهر جي)

 

نوح پٽ محمد عمر پنهور، ڳوٺ غلام پنهور تعلقي دادوءَ جو رهاڪو هو. سن 1918ع ۾ ڄائو هو. سنڌيءَ جا ٻه چار درجا، قرآن شريف ۽ ڪجهه فارسي مولوي ابوبڪر وٽ پڙهيو هو. شاعريءَ جو شوق حافظ محمد احسن دادويءَ جي صحبت ۾ ٿيس. مالي مشڪلاتن سبب تعليم اڌ ۾ ڇڏي هارپو اختيار ڪيائين. جنهن جو ذڪر پاڻ به ڪري ٿوته:

نام منهنجو نوح ناقص، پاڻ پنوهر آهيان،
نزد مخدوم بلاول، هر هميشہ ڪاهيان.
 

ڦوهه جوانيءَ ۾ 15- آڪٽوبر1942ع ۾ وفات ڪيائين، هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي.]

(1)

الف اباڻي پار نهاريان،

ويهي هت مان ڪيئن گذاريان؟

پور پون ٿا، سانگي ساريان،
 واڳ وطن تي شال وري-

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

 

بي بس بيوس آهيان مان،

درد ڏسي ٿي دانهيان مان،

سينو نه تن سان ساهيان مان
 سفر اڻانگو پنڌ پري
-

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

 

تي تمامي طلب تنوار،

سک گذارين ڳوٺ ڳنوار،

ساريا اڄ اٿم پنهنجا پهنوار،
 ساعت هت مون ڪين سري
-

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

ثي ته ثمر جو ناهي ٻل،

جرم وهايو منهنجو جل،

طاقت ڪم، ڪمزور نِٻَل،
 ڏوهه ڏسي ٿو ڏيل ڏري
-

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

 

جيم جدائيءَ جو جيئڻ،

آيا سورن ڏينهن ڳڻڻ،

آهي منهنجي ڪاڻ مرڻ،
 مارن جي ماريو ذوق ذري
-

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

 

حي حڪايت هيئن چوان:

وڃي پهنوارن پيش پوان،

دم دم دکيا دُودَ نوان،
 ڳڻتين ۾ ٿي جان ڳري
-

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

 

خي خدا جو قسم، اَديون!

راحم ڪندو رحم، اَديون!

هجر جلايو جسم، اَديون!
 ناهي ترهو، ڪيئن تري؟

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

 

دال درياهون پار ٻُجهن،

مون ڏانهن مارو ڪين اَچن،

سانگي پنهنجي سانگ وسن،
 باندي ماندي مفت مري
-

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

 

ذال ذڪر اٿم مارن جو،

پلپل پور پهنوارن جو،

سرتيون! سور سنگهارن جو،
 آيس جيڏيون! اَلم اَري
-

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

 

ري رهڻ ٿئي ڪين هتي،

مرڻ کان پوءِ به ماڳ اتي،

وڃان، اَباڻو ملڪ جتي،
 لاش رکائين چائنٺ ڌري
-

 

قادر پنهنجو قرب ڪري.

 

زي زهر ٿيا کائڻ کير،

آهي اَباڻن اُڪنڊ اُڪير،

کڏ وجهان هي ماڙيون، مير!
 غرض مڃو هيءُ عرض سڻي
-

 

ميل انهن سان جن ڄَڻِي .

 

سين سدا سي ساريان ٿي،

گوندر منجهه گذاريان ٿي،

ماروئڙا نه وساريان ٿي،
 توکي ڇو هيءَ ڳالهه وڻي
-

 

ميل انهن سان جن ڄڻي .

 

شين شريعت کول ڪتاب،

هادي وٺندءِ حق حساب،

جاچي ڏس تون ڏوهه ثواب،
 پڇندءِ پرور پاڻ ڌڻي
-

 

ميل انهن سان جن ڄڻي .

 

صاد صدا ڪر منهنجي ڪن،

آڻيان هر هر آب اکين،

ڇڏ وڏائي، وار وطن،
 پورن ڪيڙو پاڻ پَڻِي
-

 

ميل انهن سان جن ڄڻي .

 

ضاد ضرب تون زور نه ڪر!

جرم وڏو ٿِي، جور نه ڪر!

شرع مخالف شور نه ڪر!
  مرضي منهنجي ڇڏ کڻي
-

 

ميل انهن سان جن ڄڻي .

 

طوئي طمع جا تنهنجي ڀانيان،

موڪل اوڏنهن جن جي آهيان!

مور نه مارن ٽِڪو لايان،
 ڳالهه ميان! تو ڇونه ڳڻي
-

 

ميل انهن سان جن ڄڻي .

 

ظوئي ظرافت آڻي جاءِ،

رهزن هي تون ڪين رنجاءِ،

پاپ نه پنهنجي پلئي پاءِ،
 ماري وجهنديس پاڻ هڻي
-

 

ميل انهن سان جن ڄڻي.

 

عين عليلي ڪر تون دور،

نالو تنهنجو آ مشهور،

خان سڏائين، ڪر نه رنجور،
 ٿيندئي غيبت زور گهڻي
-

 

ميل انهن سان جن ڄڻي .

غين غمن ۾ غمناڪي،

سي نه سڃاتا تو ساقي،

مارو منهنجا لولاڪي،
 امر لکايو باب بَڻي
-

 

ميل انهن سان جن ڄڻي .

في  فراقن جا هيءُ ڦٽ،

پاڻهي وجهدئي ڳولي ڳَٽ،

جڏهن ڏسندا منهنجا مِٽَ،
 جهڙي پوکين تهڙي لُڻِي
-

ميل انهن سان جن ڄڻي .

قاف قَسم تي ڪر ويساهه،

سانگين کي ٿو ساري ساهه،

ڄاڻي هڪ ٿو پاڪ الله،
 دانهن ٻُڌي ڪو داد تون ڪر
-

ڪين مونکي ناشاد تون ڪر. 

ڪاف  ڪمايم ڪونه ذرو،

ميان! ڇڏي ڏي مامرو،

مارن ۾ گهڻو اٿم آسرو،
 ايڏو ڪين عناد تون ڪر
-

ڪين مونکي ناشاد تون ڪر.

لام لچائيءَ جو ڇڏ ڪسب،

ڪونه ڏسان ٿي ڪوبه سبب،

ڏس تون پنهنجو حسب نسب،
 شاهن جو ڪم، شاد تون ڪر
-


ڪين مونکي ناشاد تون ڪر. 

ميم مڃيديس ڪين عمر!

پَٽُ ڍڪينديس ڪين عمر!

ويس مٽينديس ڪين عمر!
 خيال پري افراد تون ڪر-

ڪين مونکي ناشاد تون ڪر.

نون نماڻو ”نوح“ چوي،

تڏهن اُٿن ٿا ســـــور ســــــوي(1)،

جڏهن اباڻو پُور پوي،
 ظلم ايڏونه ايجاد تون ڪر-

 

ڪين مونکي ناشاد تون ڪر.

 

واو وصل جو وار اچي،

منهنجو ڪانڌ پهنوار اچي،

خزان وڃي ته بهار اچي،
 پاڻ ادا! امداد تون ڪر!

 

ڪين مونکي ناشاد تون ڪر.

هي هميشہ هڪدل هرڪا،

لاهي ويهان مان الاڪا،

منهنجي دل ۾ سَوَ سياڪا،
 داخل هي فرياد تون ڪر-

 

ڪين مونکي ناشاد تون ڪر.

لام لڳي لَنوۡ لَنوۡ لوري،

عمر! کنيو توچوريءَ زوري،

جهانگين جي آ جيءَ ۾ جهوري،
 عرض ٻڌي آزاد تون ڪر
-

ڪين مونکي ناشاد تون ڪر.

اءلف اجائي هوڏ ڪيئي،

هجئي ڄَڻِي، ڪو قدر پوئي،

هوڏ منجهان ڪجهه ڪين ٿيئي،
 اڃا وڃي استاد تون ڪر
-

ڪين مونکي ناشاد تون ڪر.

يي يقين سان ڳالهه سنڀار،

روز روئان ٿي زار و زار،

ڪلمون پڙهه ۽ پاڻ سڌار،
 ڏينهن قيامت ياد تون ڪر
-

 

ڪين مونکي ناشاد تون ڪر.

 

ٽيهه اکري: مناجات باري تعاليٰ جي درگاهه ۾(1)

(چيل شير محمد لغاري جي)

 

      [شير محمد لغاري، ڳوٺ غلام شاهه لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ 1298هه/1880ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ نَقر تعلقي سڪرنڊ ۾ حاصل ڪرڻ بعد، پراڻن هالن ۾ آخوند محمد موسيٰ پڃاري ۽ پوءِ قاضي خان محمد وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين. شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هئس. سندس ڪلام گهڻو ڪري ڊگهن بيتن، مداحن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي. ڳوٺ ۾ لاڳيتن ٻوڏن اچڻ سبب اباڻي ڳوٺ مان لڏي، ڳوٺ گل محمد لغاري تعلقي شهدادپور ۾ اچي رهيو. سندس گهڻو ئي ڪلام قلمي نسخن جي صورت ۾ هو جو سندس پويَن کان گم ٿي ويو. 65 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1945ع ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل ٽيهه اکريون هيٺ ڏجن ٿيون.]

 

(1)

الف ئون اول سڻ تون آگا، بي ئون بات بيانا رب!
تي ئون تهدل تنهنجي ڪريان،
ثي  ئون ثناء زبانا رب!
جيم
ئون جملي هاري جڳ ۾، حي ئون هِن حيرانا رب!
خي ئون خوش ڪر خالق! تن کي، دال ئون دين ايمانا رب!
ذال ئون ذوق ذرو نا تن کي، ري ئون رنج طمع نا رب!
زي ئون زور ڪمائي تن کي، سين ئون سمهن سُکيانا رب!
 شين ئون چئي ٿو ”شيرمحمد“، صاد ئون صاف سچانا رب!
 ضاد ئون ضعيف ڪمائي ڪيڙا،  طوئي ئون صاف سچانا رب!

 

ظوئي ئون ظالم ظلمئون روٽي، عين ئون عام بهانا رب!
غين ئون غني، گداگر، حاڪم، في ئون فرحت خانا رب!
قاف ئون قادر ڪمائين ڪڙمي، ڪاف ئون ڪُل جا کانا رب!
لام ئون لوڪ گذاري تن تي، ميم ئون مال خزانا رب!
نون ئون نيڪ نظر سان ڪر تون، واو ئون وير توانا رب!
هي ئون هادي! هرهڪ هاري، الف ئون امن امانان رب!
لائون لطف گهُري ”شير محمد“، يي ئون ياد يگانا رب!

 

 

 (2)

ٽيهه اکري: مناجات باري تعاليٰ جي درگاهه ۾ (1)

 

الف آهيان آءٌ عيبن ڀريو،
سزا وار سارو ۽ کوٽو کريو،
ڪريان عرض اهڙو ٿو، هرهر وريو،
ڪجان داد دل جو سڻي درد دانهه،
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

ڪيم بي برايو بيحد بيحساب،
بديون بيشمار ۽ ڪي ڪوڙين ڪتاب،
سجهي سخت آڏو الاهي عذاب،
وسيلو نه توکان سوا ڪوئي آهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

رکي  تي  توڪل مٿي تو اٿم،
ٻيو نا ڪيو مون ڪو نيڪي جو ڪم،
ٿيو وقت هئي هئي حياتي ختم،
تلف ٿي سموري طمع ڏي تباهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

ثنا ثي  ۾ تنهنجي ڪئي مون صدا،
قبولج تون منهنجي صدا يا خدا،
ڪيا ڪم ڪيئي مون آهن گندا،
بَدينَ بار باري، ڪبيرا گناهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

جرم جيم جبّار! تون معاف ڪر،
ميٽي عيب منهنجا صفا صاف ڪر،
ڏسي حال هيڻو تو الطاف ڪر،
سوا رحم تنهجي ناهي ٻي ڪا واهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

هتي حي حياءَ سان تون هادي هلاءِ،
حڪم کان ته حاڪم جي باري بچاءِ،
حرامن شين کان اي رب! تون رکاءِ،
شراب ۽ جوئا ٻي ته چوري زناهه
(1).

 

سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

خصم خي خدا! ڪر تون منهنجو خراب،
جو ناحق برايون ڪري منهنجي باب،
نيت جو نتيجو ڏسي شل شتاب،
سڙي سوز ۾ سو ٿئي پخت پاهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

آيو دال دورو دنيا جو تمام،
ضعيفي زمانو ۽ اوڏي قيام،
مداين ۾ ماڻهو پيا خاص عام،
ويان مٽجي ماڻهو ساڳيا سال ماهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

ذرو  ذال  فرياد جو داد ڪر،
الاهي! تون عاجز سان امداد ڪر،
پنہ ۾ ته منهنجو تون اولاد ڪر،
هدايت سان هادي سنئين لاءِ راهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

رحم ري ربا! ڪر تون راضي رهي،
رکج دين ايمان ثابت سهي،
سجهي سخت آڏو سقر جاپئي،
اکئين ڪين ڏيکار دوزخ جي باهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

ڪري زي ته زاري روئان زار زار،
بَدينَ جا ته باري کنيم بار بار،
ڪيم طرحين طرحين گنہ ڌار ڌار،
ڪچاين ڏي ڪوڏان ڪئي مون ٿي ڪاهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

سڻج سين  سائل جو ساري سوال،
ڏسين ٿو سمورو تون منهنجو هي حال،
ڏسي حال هيڻو ڪجان ڪو ته ڀال،
ٿو سائل صدائون ڪري سنجهه صباح.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

شڪر  شين  شافي ڪريان روزِ شب،
شرم ”شير محمد“ جو رکجانءِ رب!
مدايون ته ميٽي صفا ڪر تون سڀ،
اهو بار باري مٿان مون ته لاهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

صفا صاد صاحب! نه نيڪي ڪيم،
مٺايون ته ميٽي مٿي تي کنيم،
ستيئي ته راتيون سموريون ويم،
مون ڀانيو ته آهي هتي خوابگاهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

ڪيم ضاد ضايع سموري عمر،
جو هئي هئي وهايم هٿن سان ضرر،
ڪيم ڪونه سڃ ۾ سفر جو ثمر،
سجهي سخت آڏو ساري سڃ سياهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

طلب  طوئي نه مونکي ڪا هن مال جي،
فقط آهه ڳڻتي انهيءَ ڳالهه جي،
سڻج صاحبا! ڳالهه ابدال جي،
وڏي درد مان مون ڪئي آهه آه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

ظلم  ظوئي ڪنان ظالمن جي رکيج،
ٻيو شر شيطان جي کي پليج،
هڻي پاڙ دشمن جي پرور! پٽيج،
بدي جو گهُري نا هجي خير خواه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

اهو عين عاصي جو سڻ عرض رب،
سڻي عرض جو تون ڪجان غرض رب،
دفع دور ڪر دل ڪنا مرض رب!
نظر ڪر نماڻي ڏي نوري نگاهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

آهي غين غم ۾ غريب الوطن،
ڏکن ڏاکڙن کان ڏي آگا امن!
رحم راحمين نام تنهنجو چون،
بچائي سگهين ٿو تون باهؤن ڪپاهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.
 

فرض في نه مونکان ادا هڪ ٿيو،
نه ڪو ربّ! تنهنجو بجا حق ٿيو،
گنهگار گولو بلاشڪ ٿيو،
وسيلو ته والي سوا تنهنجي ناهه،
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

مون تي  قاف قادر! ڪجان ڪو ڪرم،
دنيا ۾ ته داور، رکي لڄ شرم،
پنہ، پوش، پردو، ڀلائي، ڀرم،
ٻيو ڪونه گهرجي مونکي مال جاهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

ڪيم  ڪاف  ڪائي ڪمائي نه ڪا،
وهايم مٺَائي، چڱائي نه ڪا،
ڪرم ريءَ ڪٽبي ڪچائي نه ڪا،
اهو بار بس يار مون تي نه آهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

لطف لام ڪر ڪو ”لغاري“ اُتي،
سوالي سان ڪر تون ستاري اتي،
ڪري شاد دل ڏي بهاري اتي،
جتي پاڻ ٿيندا هي عضوا گواهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

مهر  ميم موليٰ! ٿو تنهنجي گهران،
ڇڏي در سندءِ ڪين ٻئي هنڌ چران،
چئي پاڪ ڪلمون قبر ۾ پُران،
انهيءَ ويل وائي ڏجان وات واهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

نفس نون مونکي نهوڙي نيو،
ڪري سوته قابو وڪوڙي ويو،
خرابي جون جايون سو جوڙي پيو،
وڃائي ڪميڻي جي تنهن واهه راهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

ورين  واو  وسيلو ته والي آهين،
ڪندڙ سرخرو سڀ سوالي آهين،
ڇڏيندڙ سوالي نه خالي آهين،
آهن رحم تنهنجي جا داور درياءَ.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.
 

تون ئي آهين هادي هي  هر گاهه ۾،
تون ئي ياد ڪندن رسين راهه ۾،
ٻڏندن کي ٻاجهون وٺين ٻانهن ۾،
تون مالڪ ملڪ جو ۽ شاهن جو شاهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.
 

چوان لا الٰہ الا الله قبول،
زبان سان ته ڪلمو ﷴ رسول،
نه ڪر هاڻ مسڪين کي رب! ملول،
سڻي درد واري هي منهنجي مداح.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.
 

اءلف  آخرت ۾ ڪو ديدار ڏي،
اتي ڀي تون آگا! ڪو آڌار ڏي،
فضل جو تون ڦيرو گنهگار ڏي،
مدح آڻ مقبول منجهه بارگاهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.

 

چيم يي يقينا ته دل جان سان،
رکج ”شير محمد“ کي تون شان سان،
هلائيج هادي! تون ايمان سان،
پڄن شال ڪلمي سان منهنجا پساهه.
سڻي عرض منهنجو تون آگا الله!
رکج موليٰ مونکي تون اندر پناهه.
 

(3)

ٽيهه اکري: نصيحت

الف اول ساڻ الله اي ادا! ڪجهه اور ڀي،
آگي جا انصاف سان، احسان دل ۾ تور ڀي،
خوف خطرو ان جو رک، ذاڪر! زبان کي چور ڀي،
شوق مان تون ”شير محمد“، هي هتي سرگهور ڀي،
 

بي بنايو بت باري، خاڪ جي چپٽي کڻي،
بي بهادر بيمثل تنهن ۾ رکيو آهي ڌڻي،
بي بقا بازي اندر دل ساڻ ويٺين دم هڻي،
ڪر ڦٽي سا ”شير محمد“ وئي اها توکي وڻي.

تي ترازي ترندي عملن، جلد ٿيندو جوش ڀي،
تهدليؤن ڪر ڪا تياري، رک هنئين جو هوش ڀي،
سرت رک، سمجهي سخن، دل جان سان ڏي گوش ڀي،
روز شب نت ”شير محمد“ ٿو سُڄي پيو شوش ڀي.
 

ثي ثنا سائين سندي وحدت وسارج ڪينڪي،
’فاذڪروني‘ دل تان تون ارشاد ٽارج ڪينڪي،
سک پسي سنسار جا تون سي ته سارج ڪينڪي،
شور ٿي سو ”شير محمد“! ننڊ گذارج ڪينڪي.
 

جيم جملي هي جهان، ڪنهن ساڻ نيبهه ناهه ڪو،
جي هئا حاڪم اڳي، تن مان هتي ڏس آهه ڪو؟
رات ڏينهان ڪر عبادت، هنڌ اڳي لئي ٺاهه ڪو،
شوق پائي ”شير محمد“! سچ ثمر سانباهه ڪو.
 

حي حياتي آهه پوري هڏ نه تون رهندين هتي،
۽ ڏسي حضرت اڳي تون ڇا وڃي ڪهندين اتي،
هن دنيا ۾ جو ڪندين سوئي وڃي لهندين اتي،
اڄ سڀاڻي ”شير محمد“! سور سڀ سهندين اتي.
 

خي خدا جي خاص بندا! يادگيري ڪر ادا!
ڪاڻ آئين تون عبادت، فرض واجب ڪر ادا!
خوف ڌارين، خوش گذارين، سر ۾ سجدي ڌر ادا!
شوق مان اڄ ”شير محمد“! پير پڙ ۾ ڀر ادا!
 

دال دنيا آ دورنگي، دور ٿي تنهن کان ڀڄي،
جن پرستي ڪئي دنيا جي، سي ويا هاڃي هڄي،
پهريان سا پيار ڏيئي، پوءِ ڪري آخر لڄي،
جن ڇڏي سا ”شير محمد“! پٺ لڳي تن جي سڄي.
 

ذال ذائقو ڏئي ذرو، ذاتي ذڪر سان ذات ٿي،
پنڌ سڃاڻي ڏس پرين کي، موتوا قبل المات ٿي،
نفس نائي، ننڊ وڃائي، منجهه نفي اثبات ٿي،
ڪر انديشو ”شير محمد“! جا سجهي سڪرات ٿي.
 

ري  رباني راهه وٺ، رحمٰن کي راضي رکي،
راند کيڏڻ ڪاڻ قادر، بي شڪي بازي رکي،
هت کٽي هاري ٿو هرڪو، دل ۾ ڏس قاضي رکي،
هٺ وڃائي ”شير محمد“! هل هتي آزي رکي.
 

زي زمانو زور هي، بلڪل ڇڏڻ اوکو لڳي،
سو ڇڏائي ربّ جڏهن، جيءَ کي گهڻو جوکو لڳي،
جي سڃاڻن هي زمانو، تن ڇڏڻ سوکو لڳي،
ڪر ڦٽو اڄ ”شير محمد“! پوءِ نه دل دوکو لڳي.
 

 سين  سمجهي ڪر ادا! تون سير هن سنسار جو،
جان مان لهه جهات پائي، پنڌ پريان جي پار جو،
مورتي مان صورتي لهه، ديد ڪر دلدار جو،
شوق مان لهه ”شير محمد“! ساءُ انهي واپار جو.
 

شين شائق شوق مان اڄ تون، پِريان ڏي ڪاهه ڀي،
’محرم جويندگان‘، ورنہ! وٺي هل راهه ڀي،
’لاتقنطوا‘ جو لفظ ڏس، اهڙي اشارت آهه ڀي،
فاني ڏس جڳ ”شير محمد“! تون طمع ڪل لاهه ڀي.
 

صاد صاحب صادقن جي ڪئي، صفت سبحان ڀي،
صدق وارا صاف سيني، ٿا لهن ات مان ڀي،
محب لئي مشتاق جي، ميڙا ٻڌن مستان ڀي،
شوق وارا ”شير محمد“! سي سچا سلطان ڀي.
 

ضاد ضايع ڪيم ٿي ۽ منجهه ضلالت ڪيم پؤ،
نا وهائج هِت ضرر، اڳيان سجهي ٿو تيز تؤ،
ضعيف ٿي صامن اڳيان ، هل من جي ماري موج مؤ،
هي ضرورت ”شير محمد“! پوءِ نه توکي ٻيو ڪو ڀؤ.
 

طوئي طلب ڪر  ‎حق جي تون، ٻي ڇڏي تهدل طمع،
”طالب الموليٰ مذڪر“ جن مٿي زر کان طبع،
”مالہ و ولده اِلا خسارا“ ڏس ڪئي موليٰ منع،
طالب دنيا ”شير محمد!“ جن ڪيو جوفو جمع،
 

ظوئي  ظلم ڪر ڪيم تون، ظالم نه ٿي ظاهر ظهور،
ٿو مڙئي مظلوم جون، آهون سڻي رب الغفور،
ظلم تي مضبوط جو، بخشي نه تنهن کي ربّ مور،
سان حليمت ”شير محمد!“ ٿو ٿئي حاصل حضور.
 

عين عابد! ڪر عبادت، عاجزي سان پڙهه نماز،
عيب عاصين جا عفو، ڪندو اهوئي ڪارساز،
خود پسندي ڪم نه ايندي، ڪر ادا! نوڙت نياز،
فاني جڳ هي ”شير محمد!“ ڪر نه تنهن تي ڪوئي ناز.
 

 غين  غافل! ڪر نه غفلت، هل ادا ! هوشيار ٿي،
تون وڃائي ننڊ نيڻان، بيخودي، بيدار ٿي،
غرض ۾ غلطان ٿيو، بيحد گهمين بيزار ٿي،
روز شب نت ”شير محمد!“ ربّ جو بردار ٿي.

في فڪر سان فرض فائق سي ته پورا پار ڀي،

جي رکيا ربّ تو مٿي، سيئي سڀئي نت سار ڀي،
آ قيامت زلزلو، ڪجهه آب اکئين هار ڀي،
’امر ونهي‘ تي ڪر عمل، سي ”شير محمد!! وار ڀي.
 

قاف قادر سان ڪيا تو، قول چئي ’قالوابليٰ‘،
ڪين پاريا تو اهيئي، حرص ۾ ٿي مبتلا،
ڇا تون چوندين تنهن اڳيان، قاضي هوندو ربّ العليٰ،
ڪر عمل نت “شير محمد”، ويهه سنڀري ويسلا.
 

ڪاف ڪوڙو ڪم ڪمايئي، ڪجهه به ڄاتئي ڪينڪي،
ڪاڻ پِريان قرب ڪاهي، پير پاتئي ڪينڪي،
ڪاهي پيون ناحق پٺيان، حق کي سڃاتئي ڪينڪي،
”شير محمد“! شوق ربّ جو، دل سان لاتئي ڪينڪي.
 

لام لاحد لنگهه ”لغاري“، تان ڏسين تون ڪو بقاء،
مَر مَرندن کان اڳي، آهي حياتي بي بقا،
سر سوا ٿئي حق نه حاصل، ڪانه رک اميد ڪا،
روز شب رک ”شير محمد!“ ساڻ پرين پرت ڪا.
 

 ميم موليٰ جي محبت، من رکي ماڻي مزا،
روز محشر ۾ ملي، توکي ڏئي مالڪ جزا،
جي ڪندين تون هت مدايون، سي تون سڀ لهندين سزا،
”شير محمد!“ ڪر شڪر برسر مڃي ربّ جي رضا.
 

نون  نا ڪر ننڊ نيڻين، نيهن کي نروار ڪر،
نفس نائي، ننڊ وڃائي، عشق کي اظهار ڪر،
هن برهه بازار مان، وڻجي سڄو واپار ڪر،
شبهه لاهي ”شير محمد!“ دل اُٿي بيدار ڪر.
 

 واو  وڃائي هي وجود ۽ وحدتي لانگهي رسين،
سا سگهي وادي لنگهي، پوءِ پار پرين کي پسين،
جي ورين واٽان ته سو تون، ڏيهه هر گز نا ڏسين،
تا رسين تون ”شير محمد!“، عشق سان جيئن جيئن گسين.
 

 هي  هنر سان هوت هرگز، ڪنهن ملي ٿو ڪينڪي،
هنڌ هادي جي سندي، ڪوسڌ سَلي ٿو ڪينڪي،
”والله يَهدي من يّشاءُ“، حيلو هلي ٿو ڪينڪي،
ڪو دنيا کان ”شير محمد!“ دل پلي ٿو ڪينڪي.
 

لام لائي ’لا‘ سندي تلوار هٿ ۾ آڻ تون،
لاهي ڇڏ تنهن لاءِ سان، پنهنجي هٿن سر پاڻ تون،
سر سريجن ڏي سنباهي، عشق ڪر اڳواڻ تون،
”شير محمد!“ شڪ وڃائي، پوءِ مزا ات ماڻ تون.
 

اءلف اندر ۾ اڏي، ’مُوتوا قبل‘ محلات ڏس،
دم دروني در ٻڌي، سمجهي نفي اثبات ڏس،
بيخودي بيني رکي، پائي اتان هڪ جهات ڏس،
”شير محمد!“ شوق مان، هردم حقي حق ذات  ڏس،
 

يي  يقيناً ياد ڪر، تان هو ڪري تو ياد ڀي،
ياد ڪندن جو سڻي ٿو، فيضور فرياد ڀي،
دانهن  جو  في الحال  سو،  دلبر  ڪري  ٿو  داد  ڀي،
ڪهه تون ڪلمون ڪوڏ مان، ٿي”شير محمد!“ شاد ڀي.


(1)  اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

(1)  سوي = سوين.

(1)  وچولي (تعلقي شهدادپور) مان خود شاعر جي ڀائيٽي عبدالرحيم ”ظفر“ بلوچ کان ملي.

(1)  وچولي (تعلقي شهدادپور ) مان ”ظفر“ بلوچ کان ملي.

(1)  زناهه=زناء

(1)  وچولي (تعلقي شهدادپور) مان ”ظفر“ بلوچ کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org