ٽيهه اکري: ڪانگل
(چيل محمد يعقوب دائود پوٽي جي)
[محمد يعقوب ولد محمد صديق دائود پوٽو، ٽلٽي تعلقي
سيوهڻ ضلعي دادو جو رهاڪو هو. 1887ع ڌاري ٽلٽيءَ ۾
ڄائو. فقط چار درجا سنڌي پڙهيل هو، مگر حافظ گل
محمد ۽ مخدوم غلام احمد ملڪاڻي ٽپٽائي بزرگن جي
صحبت ۾ رهڻ ڪري کيس تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ٿي. جواني
۾ ئي شعر چوڻ لڳو ۽ سندس شعر تي مخدوم غلام احمد
ملڪاڻي جو رنگ چڙهيل آهي. سندس پيشو طبابت هو، ڀڳل
عضون ڳنڍڻ جو ماهر هو. 1955ع ۾ ٽلٽي جي شهر ۾ بنا
اولاد وفات ڪيائين .]
الف
الله جي لڳ ڪانگل!
روئي ڀريم ڳوڙهن ڳَل،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڪنهن ته جهليو آ جانب جَهل،
گهڙيون گهاريان پلڪ نه پُل-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
بي ته ڀنڀوران بس ڪيائون،
اڏر ڪانگا! تون وڃ اوڏاهون،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڇاکئون مُئي کي هت ڇڏيائون؟
اَمر لکئي جون جن سان لائون-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
تي
تنينۡ جي طلب تمام،
ننڊ نيڻن کي ناهه آرام،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
کائڻ پيڻ ٿيم سڀ حرام،
قسم اٿئي قادر ڪلام-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
ثيئون
سنڀري وڃ تون سويلو،
رات نه ٽڪجان، وچ تي ويلو،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
روح ڏنو آ منهنجي ريلو،
محب ڪرائجان مون سان ميلو-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
جيم
جهان انهي ۾ ڇاهي؟
خط ڏجان تو لوڪ لڪائي،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
وڃج ڪانگا! سر سهائي،
جيڪي ويڙا روهين رلائي-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
حي
هيڻيءَ جي ٿيءُ حمايت،
وار وصل جو واءُ ولايت،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڪج ڪميڻيءَ ڪرم عنايت،
عرض
ڪجان هي منهنجي عبارت-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
خي
خوشيءَ سان رک خيال،
گهڙيون ڀانيان ورهه ۽ سال،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
جيئڻ منهنجو هت جنجال،
ڀاءُ تون آهين ڪر ڪو ڀال-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
دال
دنيا ۾ دم گذر،
گهوريان گهوٽ مٿائون گهر،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
وڃي وٺي اچ منهنجو وَرُ،
ڳولي ڦولي بحر ۽ بر-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
ذال
زباني چئج انهن:
ڪر ڪا ماڙ محب! مريضن،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
حال هيڻيءَ جو اچي ڏسن،
پتو ڏين شل! فيض فقيرن-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
ري ته روايت منهنجي پڙهجان! |
پرين اڳيان تون وڃي وهجان! |
حال هيڻيءَ جو سارو چئجان!
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
خبر خليل حريف چئجان-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
زي
زباني چئج ضرور!
پلپل پوي ٿو جن جو پور،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڪن نماڻيءَ نصيب نُور،
من! مُئِي کي ڪن مسرور!
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
سين سلام سيّد ڏي ساري!
ناحق ويڙا مئي کي ماري،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڪيئن ويچاري گهڙيون گهاري؟
عرض ڪجانءِ روضي ڌاري-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
شين
شريف وڃي ڪج زاري،
لهن سڪايل جي سڌ ساري،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
مانَ! مُٺي کي ڏين دلداري،
حال وڃي ڪر تن هڪواري-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
صاد
سنڀاري صاحب سائين،
محب مُٺيءَ کي آڻي ملائين،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
قرب ڪٺيءَ سان ڪر ڪڏاهين،
پوءِ اچي تون کائڻَ کائين-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
ضاد
ضعيف سان ڪر ڀلائي،
جيئري جان ڪيائون جدائي،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڪر وڃڻ جي اوڏهن وائي،
ڪَل ڏجان تون ڪانگل ڪائي-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
طوئي
تکو وڃ طلب انهن ۾،
پِيرُ رکندءِ پردو پَن ۾،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
محب ڪري وڃ منهنجو من ۾،
ويجهو يار اٿئي ”ونَحن“ ۾-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
ظوئي
زيارت مونکي ڪارين!
قول ڪيل ڪُل پنهنجا پارين،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
دلبر دل جو مون ڏيکارين،
متان وڃي اُت مونکي وسارين!
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
عين
اکين سان عرب ڏسان!
گڏ گذاريان عربن سان!
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڪنهن پر راهي راهه رسان!
پريَن پِرتَئون پار پسان!
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
غين
غريب گذارڻ اَهنجو،
پنڌ پري ٿئي پياري پِر جو،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
نانءُ سڃاڻي وڃ تنهن نَر جو،
پاڻي ڏيندءِ حوض ڪوثر جو-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
في
فنا جو سڀئي مڪان،
باقي رهندو ربّ سبحان،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڪونه ڪو رهندو جڳ جهان،
نانءِ ڌڻيءَ جي ڪر ڌيان!
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
قاف
قريشي ڪامل ايندو،
واءُ وصل جو مون ڏي ورندو،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
وٺيو نال نماڻي ويندو،
دل کي دلاسو دلبر ڏيندو-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
ڪاف
قريشيءَ وڃ تون ڪاهي،
پار پرين ڏنهن وڃ پڇائي،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
لاڳاپا وڃ لوڪئون لاهي،
جاتي محب مُٺيءَ جو آهي-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
لام
لَڪَن تان وڃ لڙي،
ڏاڍي عشق اَري ۾ اڙي،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
جنهن سان منهنجي جيءَ جڙي،
قابو ڪيائون ڪُرف ڪڙي-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
ميم
ﷴ! مون تي رس!
ناهي ميٽڻ جي منهنجي مس!
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
لاهج قلبئون ڪاري ڪس!
ڪونه ويچاريءَ آهي وس!
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
نون
نياپو ڏي تون روئي،
من سڃاڻي سيّد سوئي!
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
جتي جانب جيءَ جو جوئي،
قرب
ڪري شل مون تي ڪوئي!
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
واو
ورڻ جي ڪر تون وري،
ظاهر ڪر ڪا هڪ ذري،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڏج خبر تون ڪانگ! کري،
متان وڃي هيءَ مُنۡڌَ مري!
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
هي
هي حجرا حرم حضور،
ظاهر ڏسان آءٌ ذات ظهور،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ٿئي نصيب نماڻيءَ نُور،
سوال سواليءَ ٿئي منظور-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
لا
لاڳاپا سڀئي لاهي،
جاتي جانب منهنجو آهي،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
قربئون وڃ تون اوڏنهن ڪاهي،
هوت بنا هت منهنجو ڇاهي-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
اءلف
الله مديني مار،
حَسن، حُسين زيارت ڪار،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
سي مان ڏسان چارئي يار،
نيلون منارا مون ڏيکار-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
يي ته ”يعقوب“ جو هيءُ سوال:
ناهي مون ۾ ڪو افعال،
ونءُ وڇوڙي کان ته ڇڏاءِ، |
ڀلا! ڪر ڪو مون سان ڀال،
پڙهي ڪلمون ڪريان وصال-
ساري سڄڻين سُڌ سڻاءِ، |
ٻولي مونکي ٻي نه ٻڌاءِ.
ٽيهه اکري: مناجات نبي ﷺ
(چيل مولوي شفيع محمد ”هاتف“ جي)
[شفيع محمد جلباڻي، ڳوٺ مَسو جلباڻي، تعلقي ميهڙ
جو ويٺل هو. عربي ۽ فارسي جي تعليم روهڙيءَ وارن
بزرگن وٽ حاصل ڪيائين. علم عروض جوچڱو مطالعو ڪيل
هوس. پنهنجي شعر ۾ ”هاتف“ تخلص ڪم آندو اٿس. طب
سان خاص دلچسپي هئس. ٿرڙي محبت ۾ شفاخانو کوليو
هئائين. 19-ذوالحج 1377هه / 18- جولاءِ 1957ع ۾،
قريباً 60، 65 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.]
(1)
الف آڻيان ابتدا ۾ ذات جيڪا ذوالجلال،
بي شبہ باري تعاليٰ بي تَمثّل بيمثال،
جنهن ڪئي
’ڪُن‘ ساڻ پيدا، آهه قدرت هي ڪمال،
ان سندي آهي صفت هڪ ’لم يزل‘ ٻي ’لايزال‘،
سو وسيلو مان وٺي ڪيان دانهن دل جي ٿو پڌر:
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر،
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
بي اٿئي بيڪار هڪڙو بي وسيلو باردار،
بي ثمر، بيواهه عاصي آهه ۽ بيمار وار،
تون تڪيو آهين تنهين جو، تو سوا لاچار ڪار،
’اَغثني‘ هر هر چوي ٿو، هٿ کڻي هن پارزار،
هن سندو ٿَئي حال هيڻو هن دکي دنيا اندر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر،
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
تي تنهين کي ريءَ توڪل ناهي توشو تار ۾،
آهه اوجهڙ ۾ اَوس اوڙاهه انڌوڪار ۾،
گهلجي گانڊو ٿيو، هن گپ گناهن غار ۾،
تنهن سبب ٿو
سڏ ڪري سائينءَ سندي سرڪار ۾،
هن مصيبت ۾ ٿئي، مون ڏي ﷴ جي نظر!
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر،
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
ثي ثبوتيءَ ساڻ پالي، سامَ صاحب سام جو،
آهه ’اِلا من اِذن‘ ارشاد توکي عام جو،
جي اچي پيغام پهچي، توکي ڪنهن پينام جو،
ڪر مٿي منهن ان جو، تون صاحب اصل انعام جو،
جيئن نه سو تولاءِ ڍونڍي، درد سان هت دربدر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
جيم جلوو آهه تنهنجو ٻن جهانن ۾ ظهير،
قرب ٿيو ڪونين تنهنجو، تون نبيّن ۾ ڪبير،
سهڻي ’سبحان الذي‘ پوشاڪ تنهنجي دل پذير،
جو ملي معراج جي توکي بشارت بينظير،
تون اُڏاڻين آسمان تي، مسجد الاقصيٰ اندر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
حي ’حبيب الله‘ تنهنجو ٿيو لقب اعليٰ مثال،
محض ’موسيٰ‘
اُمّتي جي سَڌ ڪئي صاحب جمال،
طُور تنهن جو عرش اعليٰ، نور تنهنجو در ڪمال،
خاص خادم وحيّ تنهنجي ذ ّات جو ڪيو ذوالجلال،
عرش اعليٰ کي ملي ويو تنهنجي قدمن کان قدر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
خي خدائي راض توتي لاشبہ ٿيو لامڪان،
انت ان جو آهه آگا! ڪين ڪنهن کي ڪو عيان،
قرب هو ’قوسين‘ وانگي، وار هڪ نا درميان،
گفتگو گوهر فشان ٿي بي لَحَن ۽ بي لِسان،
ات ڀي امّت جون سنڀالون تو لڌيون سيّد سڌر!
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر،
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
دال دلبر يار تنهنجو آهه سو اڪبر عتيق،
’اِذ هُما في الغار‘ مان ان ڏي اشارو آ عميق،
اَنت جنهن جي
صدق جو ڪونهي، هجي اهڙو رفيق،
مانُ موليٰ ڪيو سندس صدّيق سهڻو آ شفيق،
ان جي نالي سان اوهان جي پيش ٿيو سائل سپر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
ذال ذاتي قرب جنهن جو هئي عدالت ۽ رحم،
ڪيترا ڀيرا ٿيو قرآن سان موافق وهم،
جنهن سلو اسلام جو ساري دنيا ۾ ڪيو اتم،
نالو تنهن فاروق جو هو ڪافرن جي ڪاڻ جَم،
سو چنبي شيطان جي کان ڀي ڇڏائيندو مگر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر،
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
ري رسول الله! تنهنجو راض هو صدّيق سان،
ڀـــــــي عليّ المرتضيٰ دمساز هـــــو صدّيق
سان،
شاهه عثمان ڀي عنايت باز هو صدّيق سان،
منجهه ظفر حضرت عمر ممتاز هو صدّيق سان،
پرت جن جي پاڻ ۾ ماکيانۡ مٺي شير و شڪر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
زلزلو زي ئون ڪفارن ۾ ڪيائون ڪات سان،
هئي هزارن کان زياده، هڪ جي هيبت هات سان،
پڙهه ادا پرتئون اُٿي تون ’والعصر‘ کي وات سان،
ڏس ڪئي موليٰ محبت پاڪ تن جي ذات سان،
جي مدد مرسل جي ۾ يڪدل هئا ۽ يارگر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
سين ساريان سو سڄڻ، جو هو سدا صاحب سخا،
’جامع القرآن‘ جي آگي ڪئي ان تي عطا،
ذات ’ذي النورين‘ جي اهڙي عجب بي انتها،
جنهن رسول الله رهبر کان ڪيو هردم حيا،
ٿو اچي تنهنجي تڏي، هاڻي هلي ناقص نڌر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
شين شاهه نجف سهڻو گهوٽ زهريٰ جو اپار،
’لا فتيٰ اِلاّ‘ علي لا سيف اِلاّ ذوالفقار‘،
جنهن عَدُو اِسلام جا ڪافر ڪنبايا ٿي هزار،
هوت سو مشڪلڪشا، خيبر شڪن دلدل سوار،
ميڙ سو محبوب آندم، مَنَ ڪريو مون تي نظر!
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر،
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
صاد صائِم دَهرۡ سهڻي ڪنوار حيدر جي حَسين،
جنهن کي چادر هئي چڱي تطهير جي راسخ رنگين،
ڪاڻ شيطان جي اُلنَبۡو آتشي، سا بِااليۡقَينِ،
جنڊ جلويدار جو ڪاهيو هٿين ’روح الامين‘،
نور حضرت جي نياڻي پاڪ دامن ۽ جگر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
ضاد ضد ضايع ٿين، حاوي ڪري تن کي هضم،
جن کنيو حضرت
’حسن‘ سان، هو حماقت جو قَدم،
پر پيالو پي ويو سارو سڄڻ ساقي بزم،
زهر ٿيو ظاهر، نه موٽايو مگر سو محترم،
جو هئو تحفو تعيّن طرف مولي کان مگر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر،
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
آهه
طوئي
طلب تنهن جي، جنهن ڏنو سجدي ۾ سر،
جو مسافر واٽ ويندي لا اُبالي در سفر،
جنهن ڪهايا ڪربلا ۾ ٿي هٿن سان ٻئي پِسَر،
ٿي وهايو ڪات جنهن جي ڪنڌ تي شومي ’شمر‘،
پڻ انهيءَ جي آسري مونکي ڪيو آ بيفڪر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
ظلم ظوئي ٿيو هو ظاهر، پَٽ اکيون اي آسمان!
هئا جگر جنّت سندا، توڪيئن ڪهايا بيگمان؟
جيءُ جلي ٿو جوش تن جي ۾، مران هر هر مران!
پاڪ زادن جو گنہ ڪهڙو هو اي ظالم زمان؟
جن مِٺن معصومڙن کي ٿي شهادت اُڃ اندر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
عين
ٿي گذريو عرب ۾، ڪيِسۡ هي ڪهڙو ڪلور؟
ڪيئن اِمامن تي اچي ڪڙڪيا سُوئر ٻٺّا ٻلور،
خون پاڪن ٿي کنگهيو خنزير خُو، خائن خنور،
اهل بيتن کي ڪري قيدي، هليا ناحق نپور
سي اڃان ڀي اُمتي جي ڪيئن ڪندا دعويٰ دگر؟
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر،
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
غين
غفلت غير ڪيو ٿم غار، هئي هئي! منجهه گناهه،
هاڻي ڪارو منهن ڪري آيس ڌوئڻ تو ۾ درياهه!
ڪر اڇو، اوجر اکين جا! عرض آهي لڳ الله،
ماتمي موڳو مران ٿو، سُڃ ڏسي ساري سياهه،
ور! وسئُون جو ڪونه واڪو، آ اڳيان سڃو سفر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
في فجر جو ٿو ڦِران ۽ سڏ ڪيان سُڏڪي سَڏي،
سب ويون سرتيون اسرجو، سُٽ ڪتي، آتڻ اڏي،
هن جي پُوڻِي ناهه پوري، جو پتڻ ڏيئي پَڏي،
حيف منهنجي
حال تي، هئي هئي هلان مان ڪيئن لڏي!
ڏک سوا ڪونهي ڏيو، آڏو سجهي ڪاري قبر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
قلم
قاف
ئون ڪئين ڪتابت، ڪئين ڪراماً ڪاتبين،
جو جزو دفتر سندو هڪڙو رهيو بي داغ ڪين،
ڏي وٺي محبوب !معافي، ڏانهن ربّ العالمين،
جيئن نه ڳاڻاٽي سندي ڪجهه ڳالهه کي آڏو ڌَرين،
تان نه ٿيان ميدان ان ۾ منهن ڦِڪو ۽ منڪسر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
ڪاف
ڪاڏي مان وڃان، ڪم ڪار گر ڪهڙو ڪريان؟
هِي نِوائي نرڙ ٿو سجدي اندر سڏڪا ڀريان،
محب منهنجا ! ٿو مداين منجهه مان ماندو مران،
ٿر ٿڪيءَ کي ٿاڪ ڪونهي، جو ٿڪاين کان ٺران،
آب اکين مان وهايان، جو ڀريس عيبن اَپر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
لام آهن لَڪ گهڻا، لَڪ لَڪ اندر لاشڪ لڙان،
پَٽ بلائن سان
ڀريل، ڪنهن کي تڙي ڪنهن کي تڙيان؟
ڇانۡوَ ڇپرن ۾ نه آهي، سڃ سڙيءَ منجهه ٿو سڙان،
جي اچين آڏو اَمين! تان آءٌ نه هت اَٽڪي
اَڙان،
ڏس پرين! تو پاڻ ڏي، تنهنجي پُکي آهيان پڌر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
ميم مظهر آهه جيڪا مُلڪ يا مَلڪوت ۾،
ڪون توڙي آن ۾، يا لامڪان لاهوت ۾،
ٿين نه ها پيدا پرين! جي تون نه هو ناسوت ۾،
جاءِ تنهنجي ٿي جنابا! جنّت و جبروت ۾،
لفظ آ ’لولاڪ‘ جو ثابت ستن اُڀن اندر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
نون ناهي جنهن کي تنهنجي قرب جو قابل قلم،
سو نه ماڻهو پر مرون، مردود، مُردو، بيشرم،
ذات تنهنجي آهه ظاهر منجهه عرب ۽ منجهه عجم،
آهي سو ثقلين ۾، اهڙو اثر ثابت عظم،
جو نه مٽ محبوب! تنهنجو، ڪو مَلڪ جنّ و بشر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
واو وائي منهنجي ٿئي، تان مان مِن مُسۡتَغفرين،
ٿي وڃان، جن تي ٿئي راضي ٿو ربّ العالمين،
تان اُٿي اَڌ رات جو بخشش گهران سا باليقين،
جنهنڪري ڪبريٰ قيامت ۾ ٿيان، مِن مُستَقِين،
تان لقا ڪيانۡ
لاڏ مان، جنهن تي سِڪن سڀ مفتخر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
هي
هجان مان تن منجهان، جن تي ڪريم به تون هجين!
اوڏڙو انهن منجهان، جن تي عزيز به تون هجين!
راز رحمت ۾ ٿيان، جن تي رحيم به تون هجين!
اهڙي استغفار آڻيان، جو رحيم به تون هجين!
منهن مصلّي
کان پري ڪريان نه ڪڏهن ڪنهن به پر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر،
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
لا لاطمعيءَ سندو روشن ڏيو ٻهڳڻ ٻري،
جلد ڪر، رڳ، لحم، هڏ هڏ ۾ هدايت ڇڏ ڀري،
تان دکي دم دم اندر، ظاهر ذڪر پئي دل ڪري،
جيئن نه شيطان
شوم، منهنجي ساهه کي ويجهو ڦري،
من مران ايمان سان، موليٰ ڪري مون تي مهر!
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
اءلف آسون دل سنديون پوريون ٿين سڀ
سرسري،
جي هجن دشمن دنيا ۾، دوست منهنجا ٿين ڦِري،
اُت نجابت جي بحر ۾ پئي دعا منهنجي تَري،
ٿئي شريعت کان نه ٻاهر، پير منهنجي جي تِري،
هيءُ ”شفيع
محمد“ شفاعت کان نه تون محروم ڪر!
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
يي نه گهرجي يار! مونکي ڪجهه خدا جي ماسوا،
هڪ هجي حق البصر ۾ خاص ذاتِ ڪبريا،
۽ نه ٿئي سختي سقر جي آخريني اِلتجا،
معجزو منهنجي مرڻ تي ڪر، اچي ڪلمون پڙهاءِ،
ڀڃ سري شيطان جي جيئن شاهه ڪئي ’شق القمر‘-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
اَلامان اي شافعِ محشر شفيعِ عاصيان!
مون تي ويون ٿي بيعدد بديون، زمين تا آسمان،
مينهن مون تي مغفرت جا، گير گاجون بيگمان،
سيگهه مئون سانوڻ مثل، آڻي وسج شاهِه شهان،
ڪو وسائج وڏ ڦڙو، جنهن مان ٿئي سائو ثمر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
آهه اوّل بيت جي مونکي اندر ۾ آس تار،
شل ڏسان احمد اکين سان، مان اهو روضي نگار،
مشڪ کان محبوب وڌ، تنهن جو حرم هٻڪاردار،
جاءِ جنّت جي مثل خلقي خدا آ مشڪبار،
جنهن رکيو سِر
سو ڇُٽو، عاصي ڇِيَن کان
منجهه ڇپر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
ڪر نه ڪامل! ڪجهه ڪمي تون، هار مون تي سڀ هديٰ،
خوش ڪيا خاوند اهي، ’ولسوف‘ توسان واعدا،
خُلد ۾ ”جنات عدنٍ“ جو جبُو ڍولڻ ڍڪا!
تِر نه تَرسي ٿو سگهان، جانب! هتي توکان جدا،
جنّت البقيع منجهان ٿو ڪجهه پنان پنهنجي قبر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
ڍول! ڍڪ منهنجون ڍلايون، ٿي ڍڪڻ، نا ڍر ڪجان!
بي بهر ٿيس هر ڀلائيءَ کان، ڀلارا! ڀر ڪجان،
في البحر ٿيس
حرص جي، هر هر گنہ تي هرڪجان،
سڏ سندي شيطان
تي سِرڪي سڄڻ! نا سِرڪجان،
وقت، واويلا! وڃايم بي بهر ٿي بيخبر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
سڏ سڻي سائل سندو الحال ۾ المست ڪر!
جان ”جلباڻي“ سندي جهُريل، حشر ۾ هست ڪر !
حال هرڻيءَ جي
مثل، چاڙهي چڪڻ مان چست ڪر!
مان نه ٿيان
محتاج ڪنهن جو، منجهه دنيا بردست ڪر!
۽ هلان حضرت!
دنيا مان، پاڪ ڪلمي سان ڪثر-
اي صبا! هن اُمّتي جي ڪر پيغمبر کي خبر
تان نماڻيءَ جو نياپو، سيّدا! ٻڌ سربسر.
|