سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:15 

ٽيهه اکري: نصيحت(1)

(چيل مولوي عبدالله ”اثر“ جي)

 

[مولوي عبدالله ”اثر“ ولد مولوي الهڏتو چانڊيو، ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ 14- جولاءِ 1920ع تي ڄائو. هن وقت تعليم کاتي ۾ ماستر آهي. عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولوي غلام رسول چانڊيي کان حاصل ڪيائين. شعر ۾ سندس استاد نظام الدين خان ”نظام“ آهي. سندس تصنيفات مان جام ڪوثر ۽ قصيده برده وغيره جا ترجما ڇپيل آهن . هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي.]

اڄ الف الحمد چئي، دل سان سڏيم سبحان کي،
جنهن سڄي مخلوق ۾، اشرف ڪيو انسان کي.
 

بي بلاشڪ جنهن ڪيو آ حسنِ قدرت بيحساب،
درس بسم الله جنهن جو، آهه درس انقلاب.
 

تي تمنّا وئي وڌي ان جو ڏسي لطفِ عميم،
ٻاجهه ٻانهي تي ڪندو، هو آهه رحمان ۽ رحيم.

 

ثي ثنا سونهي ٿي ان کي، آهه ربّ العالمين،
ٿو رهي جنهن جي ربوبيّت جو هر ڪنهن کي يقين.

 

جيم جنهن کان جلوه گر فانوس ٿيو فرمان جو،
جو اڪيلو آهه مالڪ، حشر جي ميدان جو.

 

حي حقيقت ۾ مڃي احسان تنهنجا بيعدد،
يا الٰهي! تنهنجو ٻانهو ٿو گهري تو کان مدد.

 

خي خطائون بخش تون، ڏس ڪين منهنجي ڪج روي،
ڏي هدايت، پنهنجي پيارن جي عطا ڪر پيروي.

 

دال دل سان جي وڃي هر حال حق آگاهه ٿيا،
دور ٿيو تن کان غضب، جي ڪينڪي گمراهه ٿيا.

 

ذال ذاتِ ڪبريا، تون آهين بيشڪ پاڪ ذات،
آهه وابستہ فقط، تو سان وجودِ ڪائنات.

 

ري رضا تنهنجيءَ کان روشن ٿي عرب جي سرزمين،
آخري پيغام سان تو جِت مُڪو روح الامين.

 

زي زماني ۾ جتان تقسيم ٿيو دينِ هديٰ،
مقصدِ ڪونين آيو جت ﷴ مصطفيٰ.

 

سين سو سردار سرور هاشمي حضرت حبيب،
دادلو دارين جو، بيمار ملّت جوطبيب.

 

شين شاههِ دوجهان ۽ پيشوائي مرسلين،
شان جنهن جو آهه شاهد رحمت الّلعالمين.

 

صاد صلواتون انهيءَ تي، جو بنيو خيرالبشر،
جنهن جي فيضِ عام کان ڀرپور آهن بحر وبر.

 

ضاد ضامن سو ضعيفن جو مبارڪ روزگار،
ٿي رضا جنهن جي وئي، بيشڪ رضائي ڪردگار.

 

طوئي طلب ان ٿي کولي طالبِ حق جو دماغ،
ٿي وڃي ٿو عقل سالم، دل ٿئي ٿي باغ باغ.

 

ظوئي ظهورو ٿيو سندس، جنهن وقت هو هر جا فساد،
شرڪ و بدعت، بت پرستيءَ کان نه هوالله ياد.

 

عين عبدالله جي گهر پهتو هي درِِّ يتيم،
ٿي مسيحا جي بشارت ۽ تمنّائي ڪليم.

 

غين غافل قوم خاطر جنهن ڏٺي غارِ حرا،
آهه ”اِقراء باسم ربّڪ“ جنهن جو حسنِ مدّعا.

 

في فنا ٿيو جنهن سبب سرمايه داريءَ جو نظام،
جنهن کان شهريت جو حق حاصل ڪيو هر خاص و عام.

 

قاف قدرت ڪئي عيان، حڪمت حبيب الله جي،
ٿي وئي ظاهر دعا خاصي خليل الله جي.

 

ڪاف ڪامل ٿيو ڪرم سان ”ڪافة الّلنّاس“ آهه،
۽ ڪتاب ان کي ٿيو حاصل ”هُدي الّلنّاس“ آهه.

 

لام لاريب آهه سو، ٿيون آيتون ان جي عجيب،
هٿ هڻي محفوظ، موتين جيئن ڪو تن کي خوش نصيب.

 

ميم مرهم ڪفر جي زخمي کي ٿي تن کان عطا،
شرڪ جي بيمار کي جن کان ملي هڪدم شفا.

 

نون نسبت جن جي آهي مصطفيٰ جي راهه سان،
جيڪي بندي کي ملائي ٿيون ڇڏين الله سان.

 

واو وهه وهه! معجزا آهن ﷴ مير جا،
جن منجهان ظاهر ٿين ٿا فيصلا تقدير جا.

 

هي هليو ويو وقت، هٿ آيو نه مونکي ڪو ثمر،
آهه بس ”لا تقنطوامين رحمة الله“ ۾ نظر.

 

لا لائق ڪر سگهو، ڏي دان تون درگاهه مان،
جيئن ملي آزادگي هر درد جي آڙاهه مان.

 

اي اءلف آندم وسيلو احمدِ مختار کي،
آل اصحاب و مطيعِ سيّد الابرار کي.

 

يي يقيناً عرض هيءُ ايندو اِجابت ۾ ”اثر“،
ڪلمہ توحيد پڙهه، تون شوق مان شام و سحر.
 

 

ٽيهه اکري: مناجات(1)

(چيل احمد خان ”آصف“ مصراڻي جي)

 

        [احمد خان پٽ محمد اسماعيل مصراڻي، ڳوٺ ٻٻر تعلقي ڪڪڙ جو ويٺل آهي. 8- جولاءِ 1922ع ۾ ڄائو. عربي، پارسي ۽ اردو جي تعليم به حاصل ڪيائين هن وقت تعليم کاتي ۾ ماستر آهي . شعر و شاعريءَ ۾ سندس استاد حافظ محمد احسن آهي. سندس تصنيفات مان نثر توڙي نظم جا ڪتاب ڇپيل آهن، جهڙوڪ ارمغان آصف، گلزار چنبيلي، زيب النساء، سيرت بلال، وغيره. هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي .[

 

الف آءٌ، وٺي نانءُ، نبي! تنهنجو پڪاريان،
اي ڄام! سندءِ سام، پيو آهيان پيارا!

 

بي بات، وائي وات، اٿم تنهنجي اي احمد!
هن سال، ڏسان شال، اچي تنهنجا منارا.

 

تي تات، ڏينهان رات، مونکي تنهنجي آ مدني!
هي حال، ڏسي مون تي، ڪجان ڀال ڀلارا!

 

ثي ناهه، ثمر راهه، نبي! تنهنجي نهاريان،
هڪوار، مون ڏيکار، نبي! پنهنجا نظارا.

 

جند جان ساري، منهنجي ڳاري، جيم جدائي،
بيوس، جو هلي وس، ڪونه ٿو جيءَ جيارا!

 

حي حُب، اٿم طلب، سدا سار سيّد جي،

 

روئندي ۽ ويا سڪندي لنگهي سال مون سارا.

 

خي خوف، اٿم موت، متان ماري وجهي مون،
آڻاءِ، رخ پساءِ، نبي! جلد خدارا.

 

دل دال دکي گهاري، سيّد! توکي سنڀاري،
سؤ سور، پون پور، وهن نير جا نارا.

 

ذرو ذال نه آرام، نٿو طعام طلب ڏئي،
کنڊ کير، لڳن مير! سوا تو کان ڪسارا.

 

ري روح، جي ورونهه، ڪيو نام سندءِ مون،
تو سانگ، ڇڏيم سانگ، ٻيا سڀئي سهارا.

 

زي زار روئان، ڪنهن کي چوان، ڪيئن ڪيان مان،
لاچار ۽ بيمار ٿيس، دل ٿي دو پارا.

 

سڪ سين، سڄڻ ڪين، روئڻ کان ٿي رهائي،
آهون، ٿو ڪيان دانهون، سدا سيّد سونهارا!

 

شل شين پسان، روضو ڏسان، پاڪ نبيءَ جو!
سڀ درد لهن، وهم وڃن، خام خسارا.

 

هت صاد صبر ڪيئن اچي، روح رچي ڪيئن،
مان بند ٿيس سنڌ ۾ ٿيا غم سان گذارا.

 

ڪر مهر مٺا ضاد ضعيفن جا اي ضامن!
”احمد“ ٿي گدا، ان جي خطا، ڏس نه خدارا!

 

طوئي طالبِ ديدار، اي سردار! سندءِ مان،
مشتاق مان غمناڪ، مونکي جلد گهرائج.

 

ظوئي ظلم زماني جي بيگانو آ بنايو،

 

دل دام حرص، هوس کان آزاد ڪرائج.

 

آ عين عمل، ڪونه چڱو مون کان اصل ٿيو،
ڪر خاص قرب، پنهنجو لطف ڀال ڀلائج.

 

غم غين الم، سور ستم ساهه سُڪايو،
ٻُڌ عرض، مرض، قرض ۽ ڇيهن کان ڇڏائج.

 

فرقت في ستائي ۽ منجهائي آ وڌي دل،
وصلت جي مٺا! بهرِ خدا واڳ ورائج.

 

ڪر قاف قرب، شاههِ عرب، پنهنجي گدا تي،
مسڪين، مون غمگين کي، روضي ۾ رسائج.

 

ڪيو ڪاف نفس، نحس، نجس مونکي پريشان،
شيطان جي نقصان، براين کان بچائج.

 

مان لام لڳس لاري، نبي! تنهنجي پناري،
مُرسل! نه سِڪايل کي تون منجهه سنڌ سِڪائج.

 

ڪر ميم مهر مون تي، نظر پنهنجي پيارا!
سڀ ڏوهه، مونکي توهه سان تون معاف ڪرائج.

 

ننگ نون نبي! تو تي اي عربي! آ اسان جو،
الله جي لڳ راهه، مونکي سهڻي وٺائج.

 

ور واو وسيلا! اي اٻوجهن جا اجها تون!
”احمد“ جي اچي آس، اي احمد! تون پڄائج.

 

هي هاڻ ٿو تو ڪاڻ، مري ماندو مسافر،
ويساهه ناهي ساهه تي، دم هت نه رهائج!

 

لڙهه لا لڳس لام سيّد! سام سندءِ مان،

 

سڪرات، پُل صراط لطف ساڻ لنگهائج.

 

اءلف آهي هي ”مصراڻي“ گنهگار خطا وار،
اي شاهه! لڳ الله پنهنجي توهه تڳائج.

 

يي ياد ڪيان ڄام! صبح شام ٿو توکي.
بيوس هي بندو، آهيان گندو، لام لڳائج.

 

سڪرات ويلي، وات مونکي ڪلمون هجي شل!
ٿي راضي نبي! آزي، هيءَ ”احمد“ جي اگهائج.
 

 

ٽيهه اکري: مارئي(1)

(چيل مولوي نبي بخش ”نحيف“ جي)

 

        [مولوي نبي بخش زرداري، ڳوٺ زرداري تعلقي ڪڪڙ جو رهاڪو آهي. 1923ع ڌاري ڄائو. عربي۽ فارسيءَ جي چڱي ڄاڻ اٿس. هن وقت تعلقي ڪڪڙ جي هڪ مدرسي ۾ معلم آهي. ڪلام ۾ پنهنجوتخلص ”نحيف“ ڪم آندو اٿس. هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي.]

الف اندر ۾ آس اُڪير،

سورن ساڙيو ساهه سرير،

آءٌ اڪيلي هت اسير،

جهانگين جا ٿم جيءَ ۾ جهير،
ماروئڙا ٿم ملڪ ملير،
دردن لائي آهه ڌڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي.

 

بي ٿم بند ڪيو بدحال،

پورن ڪيو ٿم پاهه پلال،

ويڙهيچن ڏي وينديس شال،

ماريو مونکي مونجهه ملال،
جهوري جيءَ ۾ جام جنجال،
گهاريان هوند نه هيڪ گهڙي-

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي.

 

تي ٿي تات ۽ طلب تمام،

ڪين وڻن ٿا طعم طعام،

هئي هئي جو ٿم هل هنگام،

سار ستائي صبح و شام،
مون لئي ڪاري آهي قيام،
حال وڃايم روز رڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي .

ثي ٿم ثابت سڪ سبيل،

جن جي آس ڪيوم عليل،

ڪر نه عمر! تون زور ذليل،

مارو ميڙين ربّ جليل!
دل ۾ دوڙن دَل دليل،
سختين ۾ ويو ساهه سڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي .

جيم جَني ڪيو جور جفا،

سي سڀ کامي کوڙ ٿيا،

پاڄي پرين وٽ پهچا،

ڏاڍا جن جا ڏيل ڏيا،
قهر نه ڪر تون عمر ادا!
خام نه ڪر تون کئنس کڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي .

 

حي ٿم حب هنئين ۾ هور،

چاهه ڪيو ٿم چڪنا چور،

ڏيهه ڏهاڳڻ جو آ ڏور،

سرس سمايو سيني سور،
مارن ريءَ مان هت مجبور،
ڳوڙها پيڙم ڳاٽ ڳڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي .

        

خي تون خوف خدا جوڪر،

ٿاڪ اباڻن جا ٿم ٿر،

قدرت توکان آهه ڪثر،

پرين ڏي پهچاءِ عمر!
ظالم! ڪر نا زور زبر،
پوندين ان جي آڙ اڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي .

 

دال رهي ٿي دل دلگير،

تڏهن ٿيندو ساهه سڌير،

ڏاڍو ٿي سو ربّ قدير،

آجي ڪر تون عمر! اسير،
جڏهن وينديس ملڪ ملير،
ان جي هستي بيش بڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي.

 

ذال ذرا تون پاڻ سڃاڻ،

قهر نه ڪر تون قيدين ساڻ،

تن سان منهنجي روح رهاڻ،

مُئي کي پنهنجي مُلڪ اُماڻ،
ويڙهيچن جي واٽ وٿاڻ،
جن سان ٿم جيءُ جان جڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي.

 

ري رک خوف خدا جو خان،

شاهن جو هيءُ ناهي شان،

موڪل مئيءَ کي ماڳ مڪان،

مسڪينن جو لاهڻ مانُ،
عصمت سوڌو ڏيم امان،
ڪين ٺهي هت ڇيهه ڇڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي .

زي ڪڍ زور زنجير عمر!

آهيان تڏهن اسير عمر!

ساهه بنا تصوير عمر!

قيد ڪيو تقدير عمر!
سکڻو هت سرير عمر!
جهوري مئي جي جان جهڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي .

 

سين سلامت سانگين ڏي،

سچ ته نوازن ناقص جي،

سک نه سمهان ٿي سانگين ري،

موڪل موڳي مفرد ڏي،
مَرڪن روز حشر ۾ سي،
لائق ڪر تون لال لڙي-

 

لاهه عمر! تون قيد ڪڙي .

 

شين سڱر ٿا ياد پون،

اديون! لوئي لال لڱن،

حرف وڏائي هيڪ نه تن،

پکڙا پرين منجهه پٽن،
سهڻا سانگي سرس ٺهن،
تن ڏي موڪل ڏي سردار!

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

صاد صبر ريءَ چارو ناهه،

پڄندا پرين ڏانهن پساهه،

والي کولي تن ڪا واهه،

مون سان ڪندو مدد الله،
سانگين کي ٿو ساري ساهه،
ستر ڍڪيندم شال ستار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

ضاد ته ضامن منهنجو ڪو،

هُل هنگاما مون تي ڇو؟

ڪهڙو مون آ ڏوهه ڪيو؟

جان ڇڏائي منهنجي جو،
خان! کڙا ڪيا آهن تو،
جو ٿيس هاڃي جي حقدار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

طوئي طلب ۽ تڙپ تمام،

ماروئڙن کي آ ماتام،

ماري ماروئڙن جي مام،

بگڙيو منهنجو آهه نظام،
بڇڙائيءَ ۾ ٿيس بدنام،
سانگين جي ٿم  سرس سنڀار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

ظوئي تو ظالم! ظلم  ڪيو،

آهه اباڻن عيب لڳو،

ڪاٽڻ ڪارو قيد پيو،

منهنجي ڄائي ڄام اهو،
ڏيهه ڏاڏاڻن ڏور ٿيو،
ڪڙڪيو سر تي بيحد بار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

عين عنايت ڪر تون امين!

هيئن نه ماريا ڪنهن مسڪين،

شام صبح ٿم آهه اُنين،

تابع ٿيندءِ روءِ زمين،
مون به ڏٺا ڪي سال سين،
اکين آڏو انڌوڪار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

غين غريب نواز عمر!

ٿاڻا ٿاڪ جَني جا ٿَرَ،

بر ۾ گهارين شام و سحر،

ماروئڙا ٿم نيڪ نظر،
وهسن سهڻا ساڻ ولر،
ويڙهين لائي جت وڻڪار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

في ڪيم فڪر فراق فنا،

ڪاٽڻ آيم ڏينهن ڪنا،

روئندي روئندي پاند ڀنا،

راتيان ڏينهان رنج ڪنا،
پرور کان ٿي پناهه پِنا،
پلپل پلپل آهه پڪار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

قاف ڪرين تون قرب ڪريم!

صدقي پنهنجي عرش عظيم،

سانگين سان تون گڏ سقيم،

اولي رولي کان تون رکيم،
 مارن سان ڪر مونکي مقيم،
موڪل سعيي سان سرڪار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

ڪاف ڪرم ڪر توت ڪچا،

تڏهن آيم ڏول ڏچا،

بنديءَ جو ڪر شاهه! بچا،

ڪين رسايم سانگ سچا،
هاڻي پئي اٿم هاءِ هچا!
موڪل مارن ڏي هڪوار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

لام لڳي آ لوري اُداس،

نڌر نماڻي باسي باس،

مونجهه اندر ۾ مفت مياس،

اٺئي پهر اٿم هي آس،
ڪڏهن پڄندا ڏينهن اياس،
اُڀريا عيب امير! اَپار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

ميم مرادون شال پڄن!

ورهه ڏٺي ٿيا ويڙهيچن،

ٽهَه ٽهه ڪيو نيڻ ٽمن،

ملندي موڳي ساڻ مِٽَن،
ساهه سدائين منجهه سَٽن،
ٺاهيم ڳوڙهن جا لک هار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

نون ندوري هوا لڳي،

هاڻي ڪري ويا ڀاءِ ڀڳي،

تنهنجي آهيان ڀيڻ سڳي،

آندو مونکي ٺاهه ٺڳي،
جن جي هيڙس توهه تڳي،
کوٽا! ٿي تون ڪين خوار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

واو ويڙهيچن لئي نه سڪاءِ،

ڪين اباڻن عيب لڳاٰءِ،

مُئيءَ تي ڪينڪي حڪم هلاءِ،

لوئي منهنجي ڪين لڄاءِ،
سختيون سانگين ڪين سهاءِ،
سخت ڌڻيءَ جي ٿي سرڪار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

هي ٿي هاڻي حب  اها،

جن لئي سڪندي سال ٿيا،

والي ويڙهيچن سان ملاءِ!

مارن مونکي ميلي خدا،
شام و صبح اٿم صبر سدا،
دل تي پيڙم بار هزار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

لا لڳي شل باهه بدن!

لوساٽيل ٿئي لحم لڱن،

جنهنڪري آندءِ اوٽ اُٺن،

هاوي ۾ شل هڏ هچن!
سونهن ٿئي شل شوق شڪن،
ڪاهي آئين ڍاٽي ڍار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

اءلف اهو آزار اٿم،

رک تون ڀوري ساڻ ڀرم،

مارن جو ٿو ماري مرم،

توکي ربّ جو آهه قسم،
ڪر نه اجايو عيب عزم،
پرين جي اٿم جا اُپٽار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

يي نه يقيناً وسري ويڙهه،

سورن ساڙي ڪيو آ سيڙهه،

ٽاڪا لڳندا ٽاري ٽيڙهه،

روح سندي اٿم تن ڏي ريڙهه،
جهانگيڙن جي جاٿي ڪيڙهه،
مئيءَ جي کڻ تون ڪين ميار-

 

ناهي ڪوٽن منجهه قرار.

 

 

ٽيهه اکري : عاشقانه(1)

(چيل صالح علي شاهه جي)

 

        [صالح علي شاهه ولد سلطان علي شاهه جيلاني، اصل ويٺل ميرو جي پَٽ. تعلقي جوهيءَ جو، 1942ع جي ٻوڏ کان پوءِ لڏي ڳوٺ مٺي ٻٻر، تعلقي ڪڪڙ ۾ پنهنجن مريدن خادمن وٽ اچي رهيو .اڻپڙهيل آهي. اندازاً 1926ع ڌاري ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي مجذوب طبيعت رکندڙ آهي. سير سفر سان گهڻي دلچسپي اٿس. نه فقط سنڌ پر هندستان جو به گهڻو حصو گهميل اٿس. کيس ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد آهي. هتي سندس هڪ ٽِيهه اکري ڏجي ٿي]

 

الف ئون اور عشق سان، بي نه ٿي بيڪار ميان!
تي تنهنجي تن ۾، تکي وڄي ٿي تار ميان!
هنجهون سدائين هار ميان! ثي ”صالح علي“ سڪ ۾.

 

جيم ئون جانبن جي، حي حب گهڻي آهي،
خي تنهين جي خيال ۾، مون نيڻن ننڊ ناهي،
دال ئون دلبر ڏي، هيءَ دل پيئي ڪاهي،
سندرو ٻڌ ساهي، متان محب ميار ڏئي.

 

ذال ئون ذڪر جنهن جو، ري رمزي رفتاري،
”ونحن اقرب“ ويجهڙو، ڪر زي اڳيئون زاري،
سين ئون سڄڻ سامهون، پاءِ ڳل ڳچيءَ ڳاري،
وٺ سهڻن جي ٽاري، ته جوکو نه ٿئي جان کي.

 

شين ئون جنهن جي شوق ۾، صاد ئو سُر سُوري،

 

ضاد ئون ڏکيا ڏينهڙا، ڏيل اندي ڏوري،
طوئي تنهنجي طلب ٿي، جيءُ جثو جهوري،
عجيب ايندا اوري، سِر ”صالح علي“ صدقو ڪري.

 

ظوئي زهد زور ٿي، عين اَٿن عادت،
غين پنهنجي غماز ۾، متان ڪرين غفلت،
في ئون فاقي ۾ رهه، ملندءِ جاءِ جنّت،
”صالح علي“ سيکت، ڏي تون نانگا نفس کي.

 

ڪاف ئون ڪرم ڪري، آيو قاف ئون قربدار،
لام لطف ٿيو ڳوٺ مِٺي ۾، ٿيو سيّد باغ بهار،
ميم جو ماهر”صالح علي“! نه دم تنهن کان ڌار،
آيو عالم جو آڌار، ويو ڏولائو ڏيهه مان.

 

نون ئون ناز پرينءَ تان، واو وڃان قربان،
هي ئون هوت حبيب جي، حسن ڪيو حيران،
لا ئون ”لولاڪ لما خلقت افلاڪ“ هي فائق جو فرمان،

 

اءلف ئون آهي ڪونه ڪو، اندر ۾ ارمان،
يي ئون آهه يقين، ٿيندو آگي جو احسان،
”صالح علي“ سبحان، اُٿئي ويٺي اور پيو.

 

ٽيهه اکري: مناجات نبي ﷺ(1)

(چيل محمد بچل ملاح جي )

 

        [محمد بچل مير بحر، منڇر ڍنڍ جي ڳوٺ گرڪڻ تعلقي سيوهڻ جو ويٺل آهي. سنڌي ٻه چار درجا ۽ قرآن شريف پڙهيل آهي. سنه 1926ع ڌاري ڄائو. سندس ڪلام غزلن ۽ مولودن تي مشتمل آهي. هتي سندس چيل هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي.]

الف اُميدون لک الله ۾،

رهبر حضرت ٿيندو راهه ۾،

ٻيو ته مرسل ﷴ شاهه ۾،

ڀروسو ڪوئي ناهي ساهه ۾-

سڻندو صاحب منهنجا سوال،

ڏسان مديني جون ماڙيون شال!

 

بي ته ڀلائي ڀال ڪندو،

درس دلاسو دلبر ڏيندو،

عربي اوٽ اڙين جو ٿيندو،

غم وهم سمورو ويندو-

هتي هي هيڻا ٿيڙا حال،

ڏسان مديني جون ماڙيون شال!

 

تي اندر ۾ تات اٿم،

نرمل جي نت نعت اٿم،

وائي وڃڻ جي وات اٿم،

بدتر بيحد ذات اٿم-

راضي ٿيندو ذوالجلال،

ڏسان مديني جون ماڙيون شال!

 

ثي ته سيّد جو ٿيان ثنائي،

منهنجي سرور ڪندو سڻائي،

وحدت جي ڪيان وات ۾ وائي،

لڀي نه هڙ ۾ پئسو پائي-

سڪندي جنهن لئي گذريا سال،

ڏسان مديني جون ماڙيون شال!

جيم جانب تان جان فدا،

نبي ڏسان مان نور هُدا،

مدني ملائيندو پاڪ خدا،

”بچل ملاح“ جي آهه صدا-

پوري پرور پاڪ ڪندو،

اهو سدورو ڏينهن جو ٿيندو!

 

حي ته هلي مان حاضر ٿيان،

زمزم جو پاڻي پاڪ پيان،

بيت سندو طواف ڪيان،

آ جو گناهن کان ٿيان-

دک سمورو دور ٿي ويندو،

اهو سدورو ڏينهن جو ٿيندو!

 

خي ته خوشيءَ مان خاص کلي،

درد لهي ڪل سارو دلي،

وڃي مبارڪ مونکي ملي،

رحمت ربّ جي اچي جُهلي-

اهڙو سڳورو وار ته ايندو،

اهو سدورو ڏينهن جو ٿيندو!

 

دال درد جا دونهان دکن،

هڪڙا لهيو ٻيا چڙهن،

سور سيني ۾ نوان ٺهن،

هردم ٻارڻ پيا ٻرن-

اندر الائي ڪڏهن ٺرندو،

اهو سدورو ڏينهن جو ٿيندو!

 

ذال ذڪر سان ذوق رکان،

سرڪي صحبت واري چکان،

مان’صلواعليہ‘جو سبق سکان،

آس اندر ۾ اِها رکان-

مرسل مدني مون سان ملندو،

اهو سدورو ڏينهن جو ٿيندو!

 

ري اندر ۾ رايو آهي،

لاڳاپا ڪل لوڪ جا لاهي،

وڃان عرب ڏي قرب مان ڪاهي،

سندرو سچ جوٻڌان مان ساهي-

عرض عاجز جو الله اگهاءِ!

مونکي مدني مير ملاءِ!

زي روئان ٿو زارو زار،

اُڪار قادر پرور پار،

تِکڙي سير سمنڊ جي تار،

صاحب! لهه تون منهنجي سنڀار-

راضي ٿي تون پاڪ خداءِ،

مونکي مدني مير ملاءِ!

 

سين سدائين سوز پيو،

هيڻو منهنجو حال ٿيو،

شام صبح جو سڏڙا ڪيو،

سڪ گهڻيري اٿم سعيو-

سنڌ ۾ صاحب ڪين سڪاءِ،

مونکي مدني مير ملاءِ!

 

شين شفا جو شاهه ڏسان،

پڃرو پيغمبر جو مان پسان،

روضي رهبر جي ۾ رسان،

نفل پڙهان پيو نياز سان-

هادي! جلدي حجّ ڪراٰءِ،

مونکي مدني مير ملاءِ!

 

صاد صداقت صافي ڏي،

شاهه مديني جو شافي ڏي،

محشر جي تون معافي ڏي،

نور اسان کي نافعي ڏي-

قلب جون ڪنجون خاص کلاءِ،

مونکي مدني مير ملاءِ!

 

ضاد ضعيف بدن آ منهنجو،

نه ڀانيان ڀروسو ڪنهن جو،

آسرو آهي سميع! تنهنجو،

ڪل سڻائي منهنجي ڪجو-

عاجز هن جي اها صدا،

پڄائي پرور پاڪ خدا!

 

طوئي ڏي طاقت مونکي ڏاڍي،

ناهيان مُلو ۽ ناهيان قاضي،

رهبر! مون تي ٿيءُ راضي،

مَڃ ”مهاڻي“ جي تون آزي-

عاجز هن جي التجا،

پڄائي پرور پاڪ خدا!

ظوئي ظاهر ۽ باطن ڪُل،

قلب ٿئي آئيني مثل،

معاف ٿئي منهنجي هر مشڪل،

مهل مرڻ ٿئي سولي شل!

سندي مداحيءَ هيءَ مدعا،

پڄائي پرور پاڪ خدا!

 

عين اندر ۾ آهي اُڪير،

سينو منهنجو ٿيندو سڌير،

مون سان ملندو مرسل مير،

قلب سمورو ٿئي منير-

سندي سڪايل هيءَ صدا،

پڄائي پرور پاڪ خدا!

 

غين غلامي ڏيندس ڏوري،

گهوٽ مٿان سڀ مال گهوري،

هيڪر هوت سان حال اوري،

ماري وڌو آ جنهن جي وڇوڙي-

اهڙا اندر جا سوال سڌا،

پڄائي پرور پاڪ خدا!

 

في فڪر جي فرحي ساري،

مون تي صاحب! ڪر ستاري،

پڙهان پرت مان پاڪ پياري،

منزل منهنجي ٿئي موچاري-

’منڇر مياڻي‘ ڇڏي وطن مان،

مڪو مدينو ڏسان اکين سان!

 

قاف تنهنجي وس آهي قدرت،

پسان پيغمبر پاڪ جي تربت،

راحم! مون تي ڪندين رحمت،

حاصل هردم ٿئيم برڪت-

منزل پوري ڪيان پنڌ سان،

مڪو مدينو ڏسان اکين سان!

 

ڪاف ڪماليت ڏينم ڪريم!

راضي مون تي ٿيءُ رحيم!

آگا! عالم جا اي عليم!

ڪر هدايت هادي حليم!

چمان چانئٺ شال! چپن سان،

مڪو مدينو ڏسان اکين سان!

لام لطف سان لهريون لنگهاءِ،

’مياڻي‘ هن ۾ ڪين رهاءِ،

پرين رسول جي چانئٺ چماءِ،

راضي تون ٿي پاڪ خداءِ!

ساڻ جماعت هلي جشن سان،

مڪو مدينو ڏسان اکين سان!

 

ميم مزو ماڻيان معرفت وارو،

صاف اندر ٿئي منهنجو سارو،

جيڪو اٿم هي قلب ٿيو ڪارو،

ڏئي مبارڪ مديني وارو-

ماءُ پيءُ سڀن عزيزن سان،

مڪو مدينو ڏسان اکين سان!

 

نون نماڻي جو هيءُ سوال،

اهڙو آهين ذوالجلال!

مقبول موليٰ ڪندين بحال،

’ڪل شيءِ قادر‘ تون ڪمال!

صاحب! لهج تون منهنجي سنڀار،

موليٰ ملڪ مدينو ڏيکار!

 

واو وحدت واري ولايت،

ٿيندي شافع سندي شفاعت،

حاصل ٿيندي شال! هدايت،

عام اُتي هن ساريءَ اُمت-

پاڻي زمزم پاڪ پيار،

موليٰ ملڪ مدينو ڏيکار!

 

هي ئون هلندس مان هڪوار،

جيڪو اڙين جو آڌار،

ڏسان ﷴ سو منٺار،

پسان پيغمبر سو پڳدار-

واڳ اوڏانهين والي وار!

موليٰ ملڪ مدينو ڏيکار!

 

لا، الف سان ”لا اِلٰہ اِلا الله“،

آجو ٿئي مسڪين ”ملاح“،

پڙهي ڪرايان معاف گناهه،

پوري هت ٿئي هيءَ مداح-

نيئي شهر مديني ۾ مار،

موليٰ ملڪ مدينو ڏيکار!

يي يقين سان ڳايان شغل،

ٺاهي مداح ”ملاح بچل“،

مير ﷴ جي محفل!

چئي صلواتون صل وصل!

ڪلمي پاڪ سان پهچان پار!

موليٰ ملڪ مدينو ڏيکار!


(1)  اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

(1)  هيءَ روايت خود شاعر کان ملي.

(1)  اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

(1)  اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان “آصف” کان ملي.

(1)  اُتر (تعلقي ميروخان) مان غلام قادر کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org