سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:3 

ٽيهه اکري: مدح عبدالحي شاهه راشدي

(چيل حافظ تاج محمد کوهاريءَ جي)

[حافظ تاج محمد ولد حاجي احسان کوهارو ڪلهوڙو، ڳوٺ ڪڙيو غلام الله تعلقي ڪڪڙ ۾ سن 1849ع ڌاري ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ڪرم حسين ۾ مولوي سعدعلي چانڊيي وٽ ورتائين. ان بعد پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو کوليائين، جو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. سندس گهڻو ڪلام ٽيهه اکرين، مداحن، مولودن ۽ سهرن تي مشتمل آهي. سندس  ڪلام جو قلمي بياض 1942ع جي ٻوڏ ۾ ضايع ٿي ويو. پنهنجي ڪلام ۾ ”کوهارو“، “تاج محمد“ ۽ ”حافظ“ تخلص طور ڪم آندو اٿس. سندس هڪ ٽيهه اکري پير عبدالحي شاهه راشدي، نئين ديري (ضلعي لاڙڪاڻي ) جي شان ۾ چيل آهي، جا هتي ڏجي ٿي. سن 1941ع ۾ وفات ڪيائين.]

الف اول حمد چئو، باري سندي ڪر بندگي،
منجهه محبت شاهه جي، ڪر عاشقا! افگندگي،
منجهه شريعت مصطفيٰ هل، تان لهي شرمندگي،
رهنما وٺ ’راشدي‘، تان زيب ٿئي هر زندگي.
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

بي بداعت کؤن اصل بيزار ٿي باطل ڀڃي،
سڪ رکج سردار جي، شب روز تو سيّد سَڃي،
سو اڏامي عرش تي، جيڪو اهو مرشد مڃي،
ڪونه خالي ڪو وري، جيڪو وڏي ويسهه وڃي-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

تي سندس تعريف ڪن، ماڻهو، مرون، پکڻ ۽ پَري،
جن ڏٺي جانب سندي، هڪ زينتي ظاهر ذري،
معنيٰ تي مفتون ٿيا، صورت مڙيئي سرسري،
جن مشاهدو معنوي، سي ٿيا فنا في الله وري-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

ثي سدا ثابت قدم، پورو شريعت پير آ،
سو حقيقت جو ڌڻي ۽ معرفت ۾ مير آ،
ڪونه ثاني ڪو ٻيو، ملڪن اندر مهمير آ،
جو رکي شڪ شاهه ۾، سو خوءِ خود خنزير آ-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

جيم تنهن جانيءَ سندي، سارهه ثنا ڪهڙي ڪجي؟
سِر ڏني ساجن ملي، تان سِر نه ڇو صدقو ڏجي!
پِرت پارس پير جي، هر هر ڪئي ”حافظ“ هِجي،
دل چوي دلبر اڳيئون، حاضر هميشہ ٿر ٿجي-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

حي حبيب الله جو فائق ڀلو فرزند آ،
ولد راشد شاهه جو دل جان ۽ دلبند آ،
دين دنيا ۾ دلاور، دُرّ دولتمند آ،
خاص  خالق جو خليفو، خوبرو خورسند آ-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

خي خلق کي آ مدامي، جو طلب تنهن جي تمام،
’هند‘ توڻي ’سنڌ‘ ۽ ’پنجاب‘ جا پهچن پيام،
باليقين ’بلخ‘ ۽ ’بخارا‘ برهه ’بنگالي‘ خاص و عام،
’ڪابل‘ و ’ڪشمير‘ ۾ آهن قريشيءَ جا ڪلام-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

دال دائم دادلو، داور سنديءَ درگاهه جو،
جو گُهري سو سڀ لهي، آهي قسم آلله جو،
ماکِيان مرشد مِٺو آ، محب مَهرو ماهه جو،
جي چوين پرور پسان، تان شوق رک هن شاهه جو-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

ذال ظاهر ذوالجلالي، ذوق مون آ ذاڪري،
روز شب شام وسحر، هي شاهه صاحب شاڪري،
بردبار و بيشمارو، صاف سهڻو صابري،
لئي مريدن مهدي آ، قائم طريقي قادري-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

ري رباني راض سان، والي وليّ الله آ،
ابطحي آلِ نبي، رمزِ رسول الله آ،
جگر گوشه جان علي، اولي ۾ اسد الله آ،
ٿيو مريدن ڪارڻي، نزديڪ نصر الله آ-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

زي زياده ذوق مؤن ماڻهو گهڻا ته مريد ٿيا،
شاهه جي ئي نگہ ڪارڻ، خاص عام خريد ٿيا،
طلب ۾ مطلوب جي، ترڪِ طمع تجريد ٿيا،
پنهنجو حق حاصل ڪري، تهدلؤن تفريد ٿيا-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

سين تنهنجو سيّدا! ٿيو قرب قادر ڏنهن ڪمال،
شان ’ذوالقرنين‘ جانۡ، ظاهر ڏنو ٿئي ذوالجلال،
هفت زمين هفت آسمان، مهندان مريدن جي مثال،
بحر بر، حجر و شجر، ڪُل پِرت ۾ ٿيا پائِمال-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

شين وانگي شمس جي، پڌرو ڪيو قادر قدير،
تنهنجي درگاهه دلبرا! تيلهه اچن اڪثر امير،
مان تنين مانَ هيڪڙو، ابتر و ڪمتر ڪثير،
جي نظر مان تي رکين، ٿيان آءٌ به ان جهڙو امير-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

صاد تو ڏنهن آ سچائي، سيّدا! مون ساهه کي،
مر مدح مقبول پئي، دولهه! تنهنجي درگاهه کي،
ٻانهون ٻڌي ٻاڏائيان، تو شينهن جهڙي شاهه کي،
منهنجي حاجت پوري ڪر، چئي عرض پاڪ الله کي-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

ضاد ضررن کان رکي، خاوند! رساڻيو خير ۾،
ويلي هر همراهه هجو،اي غوث! مونکي غير ۾،
مهر مؤن مونکي ڏيو ڪا، سمجهه سهڻي سير ۾،
ڪر نظر ڪا ڪرم جي، اي شاهه! منهنجي شعر ۾-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

طوئي طمع تو ۾ اٿم، ڏي امن مون اولاد کي،
سر سندم سنگتي، ٻين مائٽ مٽن بنياد کي،
هر مصيبت آفتن کان ڪوٽ ڪر فولاد کي،
سڏ سندم سيّد! سڻي، ڏيو اوٽ ڪا امداد کي-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

ظوئي پرين! ظلمات مؤن، کولين لطيفا لال تون،
اسم ذاتي جسم ۾، جاڳاءِ جِيئري جال تون،
برهه جي هن بدن ۾، دلبر وڄاءِ ڌمّال تون،
هر گهڙي حامي هڪل ٿين، شاهه سائين! شال تون-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

عين منهنجو عرض آ، ورنهه! ورج هن وقت ۾،
ٿيو مددگار مريدان، هن زماني سخت ۾،
تاج طالب کي ڏيکاريو، ترت تقويٰ تخت ۾،
جي جيان جيڪا حياتي، سا ڀلاري بخت ۾-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

غين غرباء تي اچي، واهر ڪيو وارث ولي!
نفس نگهوسار کي، مان ڏنهن پرين پارس! پلي،
سيّدا! سڪرات ويلي، ٿيو سندم حامي هلي،
مون تڪيو آن تي ڪيو، ڏي دان، مون جهولي جهلي-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

في گهران ٿو فيض مون بهرو ڏياريو اي ڀلا!
عشق الستي مَن اٿاريو، آءٌ چوان ”قالو بليٰ“،
ساهه منهنجي ۾ رکايو سڪ سندا سهڻا سلا،
مون دڳي جو مرشدا! خاوند! هڻايو تنهن کَلا-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

قاف قادر وٽ ڪرايو سيّدا! مون سرخرو،
دين دنيا ۾ وٺي، آگي ڪنان ڏيو آبرو،
پاڪ پيغمبر پسايو، رهنما! خود روبرو،
ڏيهه ۾ ڏيکاريو، حامي! حمايت هوبهو-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

ڪاف ڪوجها ڪم ڪچا، مڙني ڪنان منهجا مَٺا،
منهنجا مَلڪن ڪيا، لکي آهن ڪبيرا ڪُل ڪَٺا،
درد مان دانهون ڪري ٿو، واڳ تنهنجي آءٌ وٺان،
ٺاهه ٺولهي دار جا، صاحب اڳيون سنهنجا سَٺا-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

لام توتي لطف آهن، دائما داور سندا،
اي حڪومت جا ڌڻي! باري ڪيا ٿئي ڪل بندا،
لوهه لهرائي منهنجا ۽ خام خواري جا کنڌا،
پهراءِ پاڄي پانهنجو، هٿ ساڻ پنهنجي هر هنڌا-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

ميم مرسل مصطفيٰ جو، آن مِٺو منٺار تون،
حشمتي حيدر علي جو، حُسن وارو هار تون،
حلقهء حسنين جو، سهڻو سخي سردار تون،
فاطمہ جي جيءَ جسي جو، جانبا! جنسار تون-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

نون نافع! نظر تنهنجيءَ سان نفعا حاصل ٿين،
اُڃ اڃين جي لهي، نابود بک ٿئي ڏنهن بکين،
تندرستي ناتوانن، آبرو بي عزتن،
هي ڪرامت هاديا! مانند ڄاڻان معجزن-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

هي هدايت سان عنايت، معرفت مونکي ڏيو،
لئون لڱن ۾ لائي وڃ، لالڻ! پائي لطفان ليو،
قلب اندر طلب جو، ڏاتار لڳ ٻاريو ڏيو،
سوجهري جنهن جي ۾ ڄاڻان“ غيرکي آهي ٻيو-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

لا  لائق سين ڪيو، حاصل حبيبن جو حضور،
منزل مٿي ميسر ٿئي، ڪامل ڪنان ڪشف القبور،
جيئن پسان سهڻو پرين ”بالعين ماهوفي الصدور“،
هي عرض چئو الله کي، جوانّہ هوالغفور-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

اءلف آخر عمر ۾، وحدت منجهؤن واقف ڪيو،
فيض مؤن فياض سائين! هي بدن منهنجو ڀريو،
هٿ همت وارو هميشہ، دلبرا! مون تي ڌريو،
تان چوان ”تاج محمد“ تي اچي ڍارو ڍريو-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

يي ڪجو منهنجي يادگيري، آئينده احسان سان،
جا حياتي هت هجان، سا شاهه صاحب! شان سان،
آخرت آجي ڪندا، ديدار واري ڌيان سان،
قلب مؤن ڪلمون پڙهي، لالڻ! لڏيان ايمان سان-
پِير پيرن ۾ ڀلارو ’نئين ديري‘ ۾ شاهه آ،
مصطفيٰ جنهن جي مدد، عاشق مٿس الله آ.
 

ٽيهه اکري: رامڪلي

(چيل محمد عثمان ميمڻ جي)

 

 [محمد عثمان ولد يوسف ولد احمد ولد علي ولد عاقل، عاقلاڻي ميمڻ ٽنڊي ڄام تعلقي حيدرآباد ۾ 1299هه ۾ ڄائو. فارسي ۽ عربي تعليم به پنهنجي ڳوٺ ۾ مولانا محمد علي ٽالپور ٽنڊي ڄام واري کان حاصل ڪيائين. 1321هه/1903ع واري پليگ جي بيماريءَ مٿس حملو ڪيو، جنهنڪري جوانيءَ ۾ ئي اکين کان معزور ٿي ويو. ان بعد دوستن وغيره جي صحبت کان پري رهيو، فقط مولوي عبدالعزيز پٺاڻ سان تعلقات قائم رکيائين. سندس شاعريءَ جي ابتدا، سئوٽ جي وفات کان ٿي، ان واقعي کان متاثر ٿي سُر رامڪليءَ ۾ ثيهه اکري چيائين. سندس چيل ٽيهه اکريون، مولود ۽ غزل مشهور آهن. 1360هه/1941ع ۾ وفات ڪيائين.]

(1)

الف اَصل آديسين کي آپار،
وڃڻ جو ٿيو شوق گرنار پار،
شب و روز جاڳي روئي زار زار،
راول ربّ پنهنجو ريجهائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
            

ڪريان بات بي آءٌ ڪهڙي ڪاپڙين؟
ڪرڻ سير سامي ڪي رڻ ٿا رمن،
هتان هوُ ڪي لڏيو ٿا ڇڏيو وڃن،
اها سڌ نه مونکي سڻائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

تُنبيون تي، ڪَنڍيون، ڪنٺ، ڪِشتا قَنديل،
جَڙي جان پنهجيءَ تي جوڳي جَنۡبِيل،
پورب پنڌ پرڏيهه پڇائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

ثمر ثي سناسي کدائون کڻي،
مڙهي مالها من تي ڪي مرليون مڻي،
هڻي سَيۡنَ سُڃ ۾، پني پنج ڪڻي،
لوڪئون پاڻ پنهنجو لڪائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

ويا جيم جوڳي وٽان مون لڏي،
جيجل! ڪنهن سبب جُوءِ پنهنجي ڇڏي،
رهيا صاف سڃ ۾ اوتارا اڏي،
مڙهيون ماڳ پنهنجا مٽائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

حُبئون حي  هتان هاڻ جوڳي جوان،
روانا ٿيا مُلڪ پنهنجي مڪان،
ڪري الوداعي ڪنان هن جهان،
وارو وير پنهنجو وڄائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

خبر خي نه پيڙم سندي سامين،
’لڏڻ جو هتان ڪو ارادو اٿن،
وٽان مون ڪي اڄ ٿا ويراڳي وڃن‘،
ڀينر! مون بيراڳي ڀلائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

ڪئين دال دل تي پون مونکي پُورَ،
ويراڳين وڃڻ جي نه پيڙم پَروڙَ،
ڪري مون ڪُٺل ساڻ وئڙا ڪلور،
منهنجي مَنّ تي مچ مچائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

ذرو ذال ٻڌ حال هڪ پل گهڙي،
جَنيِنۡ سامين ري نه ٿي مون سري،
جيجل! ڪيئن تن ري رهان جيئري؟
ايڏو رنج جي مون رسائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

رهي ري رضا تي بيراڳي بحال،
ڇڏي ساهه سانگو، ٿي نانگا نهال،
ڪيئون ڪونه دل جو ڪنهين ساڻ حال،
کِدائون کڻي خوش نُمائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

ڇڏي زلف زي ڪيس ڪلهن ڪِنار،
ٻڌي ڪاپڙي موڙ ڪَيسر قَطار،
نماڻا کڻي نيڻ، ڪيائون نِهار،
گهايل کي گهورن ساڻ گهائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

سدا سين منجهه سور سامين سڙان،
پسي اُنِ سندا ماڳ رت پئي رڙان،
سڃيون تن سرائون، ڏسيو ڏک ڏران،
مٿم مينهن ماتم وسائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

سڀئي شين شب روز سامي سڄاڻ،
ونڊي حال مون سان ڪندا هئا رهاڻ،
رمي سي هتان هاڻ منهنجي رهاڻ،
ڏيئي ڦيريون اڄ ڦٽائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

سندم صاد صادق  سناسي سُڀير،
وٽان مون اُٿي ويا سنجهي مان سوير،
لهي سجّ ويو ڇو ڪيائون اوير؟
نه ڄاڻان ڪهڙي پار ڪاهي ويا؟
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

ضُحيٰ ضاد جيءُ ٿو جوڳين لئي جلي،
آيل! ڪين آيا جهليا ڪنهن جهلي،
رهيا پاڻ پرڏيهه پنهنجو پلي،
منهنجو مفت ۾ من منجهائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

طلب طوئي جن جوڳين جي تمام،
جگر جان جند ماس هڏ ڳاريام،
روئان پئي تنين لئي جي مونکي مدام.
سندو ساءُ صحبت چکائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

ڪريان ظوئي ظاهر ڪنهين سان بيان؟
جيجل ! جوڳين بعد ڪُهه پئي جيانۡ؟
انهيءَ درد جي دانهن ڪنهن کي ڏيانۡ؟
سبق سور سامي پڙهائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

عجب عين آهيم ايءُ انتظار،
هئم حال ڀائي جي جيءَ جا جيار،
سڻان ڪانه تن جي ڪا ڪٿهين تَنوار،
جيجل! جوڳي جيڪس اُو جاوي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

اٿم غين غم سامين جو سدا،
ٿيا هاءِ! جيئري جي مون کان جدا،
جيجل ماءُ! تن جي جدائيءَ سندا،
ورونهه مون ولهيءَ کي ورائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

فنا في ڪري مون ڦٽي ويا فقير،
هڻي سوز جون سي سِڱيون منجهه سرير،
هئا او ڪي جادوگر ۽ جان گير،
پڙهي مَنڊ مون تي مچائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

قضا قاف مون کان ڇنا ڪاپڙي،
جنين ساڻ جيجل! هيم جيءَ جڙي،
ڀينر! مون ٿي ڀانيو ته ملندم وري،
ورڻ جو ورَق سي ورائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

ڪريان ڪاپڙين ڪاف ڪهڙو ڪلام؟
اٿم ڪونه آرام اُن ري مُدام،
ويهڻ مونکي وِهُه ٿيو، نيڻن ننڊ حرام،
ستا سور سامي جاڳائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

لڏي لام هت ويام سامي ڇڏي،
نِيئون پاڻ سان ڪين مونکي سڏي،
مونکي ماءُ! هَئي هاءِ! گوندر ويا گڏي،
پنهنجو پاڻ جوڳي ڇڏائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

مُٺيس ميم مادر! آءٌ انهيءَ اکر،
وڏي ڪنهن سفر ويا سناسي سکر،
رهيس باقي بيڪار ناڪس نکر،
ويراڳي ولهيءَ کي ويساهي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

نِسنگ نون نانگا ڇڏي سر ڇَتا،
ڪري ويس درويش گيڙوءَ رَتا،
وڃي صاف سڃ ۾ سناسي سُتا،
لاهوتي لاڳاپا سي لاهي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

ويا واو ويراڳي وڏيءَ ڪنهن ولات،
اٺئي پهر ان جي اٿم تار تات،
وهايان ٿي رويو تني لاءِ رات،
دونهان درد دل جا دکائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

هنئين هي هميشہ ويراڳي وسن،
لهن ڪين دل تان رلِي ويا رڳن،
آيَلِ! ڪيئن مونکي سي وسري وڃن؟
پرت پيچ پيارل جي پائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

اءلف اوريان حال ڪنهن سان اديون!
هئم ٻاڻ جن ساڻ ٻوليون ٻڌيون،
رمي رات تن رڻ ۾ لائون لڌيون،
راول مون کي رڃ ۾ رلائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

لَمحه لا نه ٿي مون سريو جن ڪنانۡ،
جيجل! جوڳي مون کان سي جيئري ڇنانۡ،
ڏٺم ماٺِ مَڙهئين بيراڳين بِنانۡ،
آديسي اوطاقون اُجهائي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

اٿم ياد يي يار! سامي سڄاڻ،
هيم روح رچندي جنين سان رهاڻ،
لڏي ويا ڇڏي مون کي ”عثمان“ هاڻ،
پڙهي پاڪ ڪلمون نباهي ويا-
سناسي ڏيئي سور گهائي ويا،
منهنجي جان جندڙي جلائي ويا.
 

(2)

ٽيهه اکري: مارئي

 

الف ايءُ مناسب نه هوئي، عمر!
مٿان کوهه مون کي کنيو ئي عمر!
ٻڌي چوکنڀو چاڙهيوئي، عمر!
ڪري زور ظالم! مٿي مون اسير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

ڪري بند بي هت وٺي کان وطن،
وجهي پَينۡد پيرين هٿوڙيون هٿن،
ڪيئي قيد ڪوٽن اندر ڪوٺين،
ڏيئي تاڪ تاڙيون ڪڙا قفل ڪِير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

پيئي ترس تي ڪونه مون تي، عمر!
وڇوڙيئي وڳر کان، ڇني کان سڳر،
وڌءِ مون نماڻيءَ کي ناحق نِيرَ،
ڪيئي مون هيڻيءَ ساڻ هاڃو همير!
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

ثنا ثي چوان ڇا سندي سانڀۡين؟
ڪيا ڀال مون سان ڪيئي ڀاڳين،
سکي سانڍيس ٿي سدا سانگين،
لسيون لس پياري کٽا خوب کير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

جدا جيم جيئري جهنگارڻ ٿيس،
وڳر کان ويڙهيچن جي وڇڙي ويس،
ڇڏي ڏيهه پرڏيهياڻي ٿيس،
انهيءَ سور ۾ ويو سڙي مون سرير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

ٿيم حال حي هن ڪنان جيءُ جُکي،
هيس منجهه ساڙيهه سڀ کان سکي،
ٿيس ماڙين ۾ ڏجاري ڏکي،
ڪونهي ڏوهه ڪنهن جو قضا هئي قدير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

خبر خي هنئين جي سڻج سين ڪئن،
ميان! ماڙين ۾ منجهي ٿوم مَن،
وري مون ڇڏي آءُ پنهنجي وطن،
ته مارن سين گڏجي رهان منجهه ملير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

لهن ڪين دم دال دل تان ڌنار،
هميشہ هنئين ۾ وسن ٿا ولهار،
روئان پئي تني ڪاڻ نت زار زار،
اٿم جن جي دائم اندر ۾ اُڪير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

ذرو ذال تنهنجو نه کِيندياس کاڄ،
کِيان تان کلايان مٿان پنهنجي راڄ،
عمر! اوڍيان جي سندءِ ڏاج ساڄ،
ته مهڻن ۾ وينديس مري مفت مير!
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
        

روئان روز ري ڪاڻ پاڻيءَ پلر،
سجهان ڪاڻ سانئين، سڪان لئي سڱر،
لڇان ڪاڻ لاڻي، لڙهان لئي لُلر،
کِجان پئي کنڀين لئي، ڳران لئي ڳنڍير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

زري زي نه زيور ولهارن وڻن،
پوشاڪون پَٽن جون نه پنهوار ڪن،
لاکِي لعل لوئي سونهي سر لڱن،
ڪريان تو سندا ڪونه حُلاّ حَرير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

سندم سين نت سيل، صاحب سليم!
رکج لڄ لوئيءَ جي، راحم رحيم!
ڀرم مون بچائي ڪرم سان ڪريم!
رسائينم مَن ملڪ مارن ملير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

ڪرين شين شفقت مٿم، ڪردگار!
رسائينم پنوهار، پروردگار!
رهائينم نئي شال ساري ڄمار!
ڪکن ۾ قريبن جي قادر قدير!
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

سبب صاد صحبت سندي سانگين،
دونهان درد جا دل تي دم دم دکن،
سُڪن ڪين ڳوڙها مٿان مون ڳلن،
روئي حال پنهنجو وڃايم، حمير!
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

ضرر ضاد رسيم اچي ماڙين،
ڏٺم سور ڪيئي سوا سانگين،
جڏو جيءُ ٿيم لئي جهڄي جهانگين،
رهيم ڪانه سگهه سار ڪائي سرير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

طمع طوئي مون ۾ نه رک تون ميان!
اٿئي سڌ ته تنهنجي عمر! ڇا ٿيان؟
ادا! سڻ ته ساري خبر تو ڏيان،
سڻي سا خبر تون، ٿيندين شرم گير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

ڪرڻ ظلم ظوئي نه توکي جڳاءِ،
ڏني پاڻ کي ماءُ هڪ ٿڃ آهه،
آهيون پاڻ ٻيئي سڳا ڀيڻ ڀاءُ،
شريعت ۾ ناهي روا همّشير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

عمر! عين هيءُ عرض، سنديم صدا،
رکج دل مٿي ياد نامِ خدا،
مبادا مرڻ مون ٿئي هت، ادا!
سگهو تون سندم لاش منججئين ملير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

ڦَٽي فڪر في دل وطن جي وڃڻ،
ٿيم ساڻ مارن نه موٽي ملڻ،
انهيءَ سور  ۾ ٿيو سدا مون سِجهڻ،
نه ڪي موت ماريس نه نڪتم زنجير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

ڪَيس قاف قسمت جهنگارن جدا،
ڏٺم ڪونه سک ڪو سنگهارن سوا،
ڏران ڏور ڏسيو پهنوارن پکا،
اباڻن اڏيا جي برن ۾ بَهير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

 ڪُٽي ڪاف پنهنجو ٿي ڪُٽيان ڪپار،
لڌي ڪانه سنديم سهيلين سنڀار،
مَٽي منهن مون کان ڇو هو ويٺا ولهار؟
انهيءَ درد دلڙي ڦُري ڪئي فقير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

لڌم لام خوش خواب سهڻو سُتي،
جتي جي هيم تانگهه، وييس تِتي،
عمر! مون ٿي ڀانيو ته هونديس اُتي،
ڏٺم پاڻ جاڳي، جَڙيل منجهه زنجير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

 

مونکي ميم ڄڻيو ٿي ڇاڪاڻ ماءُ؟
ڄڻڻ بعد جيڪس نه ڏي کير ها!
بُکن جي بهاني مران هوند ها!
ڏٺم ڪين ڏک هوند ڪوٽن ڪثير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

نڌر نون پنهنجو لکيو لوڙيان،
نِيرَ پئي نماڻي هتي چوڙيان،
ڇنن ڇيڪ ڇيلا وڃي ڇوڙيان،
الله لڳ! ڏي مونکي اجازت، امير!
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

وري واو وڃي شل وطن گهاريان!
پُري گڏ پهنوارن پهون چاريان،
ڪيل قول ”قالوابليٰ“ پاريان،
رهي سانڀين جي صدا منجهه سرير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

هُرن هي هنئين ۾ ولهارن وٿاڻ،
جهڄي جيءُ منهنجو جهنگارن جي ڪاڻ،
سگهو شل ملائي سنگهارن سان هاڻ!
پياريم ربّ پاڪ پائر پنير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!

 

اءلف ايءُ اٿم درد دل ۾ دليل،
سڀوئي ڀڳو مون سنگهارن جو سيل،
انهي ڏک ڏکويو سندم آهه ڏيل،
ولهارن کي وڻنديس ڪهڙيءَ واٽ؟ وير!
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!

 

ڪري لا سي لائق وڙائتا ولهار،
مداين ڏي منهنجي نه پسندا پنوهار،
ڪندا ٻاجهه مون تي سٻاجها سنگهار،
 ڏسي حال حيران حالت حقير-
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير،
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!
 

اَٿم ياد يي ڏيهه نِت ڏوٿين،
جهڄي جان ”عثمان“ لئي جهانگين،
مران شال سڪ ۾ سندي سانگين!
پڙهي پاڪ ڪلمون مبارڪ مُنير.
 

وساريان نه وسريام سانگي سڌير-
اٿم ياد هردم اباڻا، امير!


(1)  اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف “ کان ملي.

(1)  شاعر جي پٽ شمس الدين ميمڻ ، ٽنڊو ڄام کان ملي.

(1)  وچولي (تعلقي حيدر آباد) مان شمس الدين ميمڻ کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org