سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :8

 

فصل پنجون

گلَ ۽ پنَ، جي ڀاڄيءَ وانگي کائڻ ۾ اچن ٿا

ڪي مختصر وڻ آهن، جن جا گل يا ٻور يا مکريون ڀاڄيءَ وانگي ڪم اچن ٿيون. سوانجڙو يا سهانجڙو، جنهن بابت اسان اڳئين باب ۾ چيو آهي ته ان جون ڦريون ڪم اچن ٿيون، تنهن جا گل ۽ مکريون به کائڻ ۾ اچن ٿيون.

انهيءَ کان سواءِ ڪچنال يا ڪچنار جو ٻور ۽ گل به ڀاڄيءَ وانگي ڪم ايندو آهي. هي وڏو وڻ ٿو ٿئي ۽ هن جا گل سهڻا ٿيندا آهن. فيبروريءَ مهيني ڌاري گلن سان ڀرجي بيهدو آهي. هي وڻ گلن جي باغن ۾ پوکڻ جو آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ باهيِنيا چون ٿا.

ڦول گوبي جنهن جو اسان مٿي بيان ڏنو آهي، تنهن جا به گل ۽ پن، ٻئي ڀاڄيءَ وانگي ڪم ايندا آهن.

پالَڪ

پالڪ کي انگريزيءَ ۾ اسپناج ۽ فارسيءَ ۾ اسپناج يا اسفناج چوندا آهن. هن جا ٻه قسم آهن. هڪڙيءَ جو ٻج چهنبيارو ۽ پن ٽڪنڊا ٿيندا آهن ۽ ٻئيءَ جو ٻج لسو ۽ پن گول ٿيندا آهن. هيءَ مشهور سائي ڀاڄي آهي. هن جا پن ساڳ وانگي ٻوڙ ۾ ڪم ايندا آهن. هيءَ آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني ۾ پوکڻ گهرجي. ڇَٽ به ڪندا آهن ۽ چرين ۾ به پوکيندا آهن. جي چريون ڪجن ته وچ ۾ هڪ فوٽ جي وڇوٽي رکجين ۽ چئن چئن انچن تي چونگي يا ٻج جو داڻو هڻجي. پالڪ چانوري ۾ چڱي ٿيندي آهي، زمين ڀلي گهرجي ۽ پاڻي مُئو. ڪچيءَ ۾ هن کي اڪثر جهرڪيون نقصان رسائينديون آهن، تنهنڪري ڄاري وجهي ڇڏجيس. هن جو انگريزي ٻج به ايندو آهي، جنهن جي لاءِ ته ايتري سنڀال گهرجي نه ته ڏيهي ٻج ته پڙن ۾ عام پوکبو آهي.

چُوڪو

هيءَ به مشهور سائي ڀاڄي آهي. پالڪ سان گڏ پوکيندا آهن. انگريزي ٻج به ايندو آهي. هن جا پن ڪم ايندا آهن. هن ۾ هڪڙي قسم جي چڱي بوءِ ۽ وڻندڙ لذت ٿيندي آهي ۽ کٽو ٿيندو آهي. پوکڻ جو دستور به ساڳيو پالڪ وانگي آهي. هن جا به ٻه چار قسم ٿيندا آهن. هن کي انگريزيءَ ۾ ريُوميڪس چون ٿا. هيءَ لوڻڪ جي ذات ۾ داخل ڪئي وئي آهي، جنهن کي ساريل چون ٿا.

سُوئا

هيءَ سائي ڀاڄي به عام آهي. پالڪ وانگي ۽ ان سان گڏ پوکڻ ۾ ايندي آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ ڊِل چون ٿا. هن مان عرق ڪڍندا آهن، جنهن کي ڊِل واٽر چوندا آهن.

ميٿي

ميٿي، جنهن کي هرٻو به ڪري سڏيندا آهن، سا به عام ڀاڄي آهي، جنهن جا پن ساڳ وانگي ڪم اچن ٿا. پالڪ سان گڏ پوکبي آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ فينو گريڪ چون ٿا.

لوڻڪ

هيءَ به پالڪ وانگي عام سائي ڀاڄي آهي. ساڳيءَ طرح ۽ ساڳيءَ موسم ۾ پوکبي آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ ساريل چون ٿا.

مَرِيڙو

هيءُ ساڳُ جنهن کي هندستانيءَ ۾ لال ساڳ يا چَولائي ڪري سڏيندا آهن، سو هن ملڪ ۾ ته ٻج پوکڻ کان سواءِ پاڻهي به ٿيندو آهي. اڪثر غريبن جي ڪم ايندو آهي. هن جا گهڻا قسم آهن جي رنگ توڙي قد ۾ تفاوت رکن ٿا.

سالَڊ

هيءَ انگريزي ڀاڄي جنهن کي انگريزيءَ ۾ سالڊ يا ليٽُيوس، ۽ پارسيءَ ۾ ڪاهُو چوندا آهن، سا هاڻ پوکڻ ۽ کائڻ ۾ اچي ٿي: هن جا ٻه قسم آهن. هڪڙو گوبيءَ وانگي پکڙيلن پنن سان ٿئي ٿو، ٻيو اُڀن پنن سان. هيءَ ٻين ڀاڄين وانگي رڌي به کائيندا آهن ۽ ڪچي به کائيندا آهن.

پن پٽي سرڪي يا سڪنجبين سان لائي کائيندا آهن.

هيءَ ڀاڄي سيپٽمبر ۾ پوکڻ شروع ڪجي ۽ جنوريءَ تائين پوکي سگهجي ٿي. هن جو ٻج تمام ننڍو ٿو ٿئي ۽ بعضي بعضي ته پوکڻ کان پوءِ مهينو ٻه زمين ۾ پيو رهندو آهي، پوءِ ڦٽندو آهي. هن کي ڳاڙهيون ماڪوڙيون ۽ ٻيا جيت گهڻو زيان ڪندا آهن. تنهنڪري ڪي ماڻهو ٻج هڪڙيءَ ڪونڊيءَ ۾ پوکي، اها وري ٻيءَ وڏيءَ ۾ رکندا آهن، جنهن ۾ پاڻي وجهي ڇڏيندا آهن. زمين ۾ پنن جو ڀاڻ ۽ واري ملائڻ گهرجي.

ٻه جوڙا پنن جا ڪڍن ته ٽپائي زمين ۾ هڻجن ۽ هڪڙو ٻوڙو  ٻئي ٻوڙي کان اٺن ڏهن انچن جي وڇوٽيءَ تي رکجي. ڪي ڪي ٻج ڇٽيندا به آهن. ڪي ٻوڙا ٻج ڪرڻ لاءِ رکي ڇڏجن ته به چڱو آهي. نِير جو ڪچرو هن لاءِ چڱو ڀاڻ چوندا آهن. ڏاڍيءَ اُس کان هن کي پناهه ڏيڻ بهتر آهي. سخت مينهن ۽ واءُ چڱو نه اٿس.

اينڊائوه

هيءَ انگريزي ڀاڄي ٻن قسمن جي ٿيندي آهي: هڪڙي موڪرن پنن واري، ٻي ويڙهيلن پنن واري. هن جو ٻج سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي. ڇَٽ ڪبي آهي. ڄائي کان پوءِ فوٽ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي مضبوط سلا ڇڏجن، ٻيا پٽي ڇڏجن. جڏهن ٻوڙا وڌي رهن ، تڏهن ڪيوڙي جي پن جي تاندورن يا رسي سان انهن جا پن ٻڌي ڇڏجن ته ڪومائجن، پوءِ پٽي ڪم آڻجن. زمين ۾ ڇيڻي جو ۽ پنن جو ڀاڻ وجهڻ گهرجي. ڪي ڪي ته سڪائڻ لاءِ انهن جي مٿان ڪونڊيون اونڌيون ڪري رکندا آهن، جي ڏهه پندرهن ڏينهن رهنديون آهن، مگر ڏهاڙي صبح جو لاهي ڪچرو ڪڍي هوا ڏيئي ڇڏبي آهي.

ڊانڊيليَن

هيءَ به انگريزي ڀاڄي آهي جا اينڊائوه وانگي پوکبي آهي ۽ سالڊ وانگي کائبي آهي.

ڪريس يا حلِيم

ڪريس انگريزي ڀاڄي آهي، جنهن کي هندستانيءَ ۾ حليم سڏيندا آهن. هن جو ٻج سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ پوکبو آهي. ڪونڊين ۾ ٻج پوکڻ بهتر آهي. ڪونڊيون تانگهيون هٿ ڪري تن ۾ هلڪي مٽي وجهي مٿس خوب پاڻي وجهجي، تنهن جي مٿان ٻج گهاٽو ڇٽي ڇڏجي. پوءِ ان جي مٿان ڪو ڍڪ ڏئي ڇڏجي، جيسين ٻج ڦُٽي. ٿورن ئي ڏينهن ۾ پن پٽڻ جهڙا ٿيندا. ٻج هٿ ڪرڻ جي لاءِ ٻُوڙا ڇهن انچن تي هڻي ڇڏجن، جي گرم موسم جي شروع ۾ ججهو ٻج ڪڍندا، جو گڏ ڪري رکي ڇڏجي. هيءَ ڀاڄي سالڊ وانگي کائبي آهي.

هن جو هڪڙو قسم، جنهن کي واٽر ڪريس چوندا آهن، سو زياده نازڪ آهي، اهو ٻج مان به ٿيندو آهي ۽ قلمن مان به. انهيءَ جون ڪونڊيون ڪنهن تلاءَ يا ٻئي پاڻيءَ جي ڪناري تي اڌوگابريون پاڻيءَ ۾ رکي ڇڏجن، جيئن ڪونڊين جي تَرَ وارن ٽُنگن مان پاڻي لنگهي اچي پاڙن کي لڳي. ٻارن ۾ پوکيل سلن کي مُئو پاڻي ڏجي.

 

فصل ڇهون

وڻن جو ڦر يا ميوو، جو ڀاڄيءَ وانگي کائڻ ۾ اچي ٿو

ڪيترا ئي وڻ ۽ ٻوڙا آهن، جن جو ڦر يا ميوو ڪو ڪچو ۽ ڪو پڪو ڀاڄيءَ وانگي رڌي يا تري کائڻ ۾ ايندو آهي. انهن مان جيڪي سچا پچا ميوا آهن تن جو بيان اسين ميون جي باغ ۾ ڏينداسين. جهڙوڪ: انبڙيون، ڪيوڙا، صوف، انجير، شفتالو، ڦاروا، آلو، ليما وغيره. ڦريون، جن جو اسان هن باب جي چوٿين فصل ۾ ذڪر ڪيو آهي، سي به اوڀڙن جو ڦر يا ميوو چئبو، مگر هو ڀاڄيءَ وانگي ڪم اينديون آهن ۽ ڦرين جي نالي سان مشهور آهن، تنهنڪري اُهي اسان جدا ڏنيون آهن.

واڱڻ

هيءُ ڏيهي ڀاڄين مان تمام عام آهن. هنن جا مکيه ٻه قسم آهن، هڪڙي جو ميوو وڏيءَ نارنگيءَ جيڏو ٿيندو آهي ۽ بيضوي شڪل جو ٿيندو آهي، يعني آني جهڙو ٿيندو آهي ۽ ٻئي جو ميوو باد رنگ جهڙو ڊگهو ٿيندو  آهي. هن جو ڪارو رنگ ڳاڙهو يا ڳوڙهو ڳاڙهو ٿيندو آهي، جنهن کي واڱڻائي چوندا آهن.

هن جو ٻج سانوڻ کان اڳڀرو پوکبو آهي. ڏيڍ ڏيڍ فوٽ تي وڻ هئڻ گهرجي. واڱڻ رواجي باغ جي زمين ۾ چڱو ٿيندو آهي، گهڻي محنت ڪا نه گهرندو آهي. آگسٽ مهيني ۾ واڱڻ لهڻ لڳندا آهن ۽ سڄو سيارو هلندا آهن.

هن جا ٻيا به پنج ڇهه قسم آهن، جن مان ڪي ننڍا، ڪي وڏا، ڪي گول، ڪي لنبا، ڪي اڇا، ڪي ڪارا ٿيندا آهن.

واڱڻن مان ماڻهو ساڳ به ٺاهيندا آهن ۽ اهي ٻوڙ ۾ به وجهندا آهن. اَچار به جوڙيندا آهن. هڪڙي موسم جا وڻ وڍي ڇڏبا آهن، ته ٻيءَ موسم ۾ منڍين مان وري ڦٽندا آهن.

واڱڻ کي انگريزيءَ ۾ بِرِنجال يا ايگ پلانٽ (يعني آني جو وڻ) چون ٿا ۽ پارسيءَ ۾ بادنجان.

ٽماٽا

ٽماٽن کي ولايتي واڱڻ به سڏيندا آهن. هن جا گهڻا ئي قسم آهي ڪي وڏا، ڪي ننڍا، ڪي تمام ننڍڙا. هي وڌڻ ۾ ڪين گهٽائيندا آهن. هن جي شڪل تمام سهڻي ٿيندي آهي، خاص جڏهن پچي لال ٿيندا آهن. ٻج جون کلون جنوريءَ تائين پوکجي. پوءِ ڪونڊين مان سلا ڪڍي ٽن ٽن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي رکجن. باغ جي ڪهڙيءَ به زمين ۾ ٿيندا. بهتر آهي ته سال سال ۾ نئين نئين جاءِ تي پوکجن. جيستائين ڦر جهلين تيستائين پاڻي ٿورو ڏجي، ڦر جهلئي کان پوءِ مِئُو پاڻي ڏجي ۽ پٽڙو ڀاڻ به ڏجي. ٽاريون گڏ ڪري مٿي ڪنهن ڪاٺيءَ سان ٻڌي ڇڏجن يا ڪنهن پڃري تي چاڙهي ڇڏجن.

ٽماٽن کي انگريزيءَ ۾ لوَهه آپل به چوندا آهن.

ڪريلا

هنن جو ڦر چئن انچن کان اٺن انچن جيڏو ڊگهو ٿيندو آهي. وچ ۾ ٿلهو ۽ پاسن کان سنهو، جهڙي ننڍي سٽ جي ناڙي. کل گهنجن ۽ ڳُوڙهن واري اٿس. ڪچيءَ ۾ سائو پڪيءَ ۾ ڳاڙهو يا کهنبو ٿيندو آهي. تمام ڪڙو ٿيندو آهي. ڏيهي ماڻهو گهڻو کائيندا آهن. ڀاڄي به ڪندا اٿس، ٻوڙ ۾ به وجهندا آهن. هنن کي سڪائي، لوڻ لائي ڪچريون ڪري به رکندا آهن. هن جا ٻه قسم چوندا آهن. ٻج سانوڻ کان اڳڀرو پوکبو آهي ۽ ڦر سياري ۾ ڪم ايندو آهي. هن جو وڻ ول جهڙو ٿيندو آهي. پن ساوا ۽ ننڍڙا، گل کليل ۽ پيلا ٿيندا اٿس.

ڪريلي کي انگريزيءَ ۾ مومارِڊ ڪا چارانٽيا چون ٿا.

لال مرچ

هنن کي ڳاڙهيون مرچون به سڏيندا آهن. ڪچيون ڀاڄيءَ جي ڪم ۾ اينديون آهن، پڪيون آليون خواه سڪل مصالح ۽ اَچار جي ڪم ۾ اينديون آهن. هنن جا پنج قسم مشهور آهن، پر انهن مان به ٻه مکيه آهن. وڏيون ته ماڻهن جي آڱر جيڏيون ٿينديون آهن ۽ ننڍيون ڏيڍ انچ جيڏيون ٿينديون آهن. هي جدا جدا رنگن جون ٿينديون آهن- واڱڻائي، کهنبيون، پيليون، ڪاريون، سايون. هنن مان ڪي ڊگهيون ۽ ڪي گول ٿينديون آهن. کائڻ ۾ ڪي تيز ۽ ڪي ڦڪيون ٿينديون آهن. ٻج ڪڏهن به پوکبو ته ڦٽندو. سارو سال ڦر لهي سگهي ٿو. ڇانوري ۾ چڱيون ٿينديون آهن. ٻج هٿ سان ڇٽبو آهي ۽ جڏهن سلا ڇهه انچ وڏا ٿين، تڏهن ڪڍي ڪسين ۾ رکجن. اها خدمت خاص انگريزي ٻج جي ٿيندي آهي.

لال مرچ کي انگريزيءَ ۾ چيلي يا ڪاپسيِڪم چون ٿا.

ڀِينڊي

ڀينڊيءَ کي هتي ڪاٺتُوري ۽ هندستانيءَ ۾ رامتُرئي چوندا آهن. هن جو وڻ ٻه يا ٽي فوٽ وڏو ٿئي ٿو، اڃا به وڏو. گل پيلا اٿس. ساري هندستان ۾ هيءَ مشهور ڀاڄي آهي. هن جي ڦر ۾ گِگِ يا لِڳِ لِڳِ جهڙي شيءِ رهي ٿي. ڀينڊيون ٻوڙ ۾ وجهندا آهن ۽ ڌار رڌي يا تري به کائيندا آهن. سانوڻ جي شروع ۾ ٻج پوکبو آهي. وڻ وڻ جي وچ ۾ اَٺ ڏهه انچ وڇوٽي هئڻ کپي ۽ چريون هڪٻئي کان ٻه فوٽ پري هئڻ گهرجن.

ڀينڊيءَ کي انگريزيءَ ۾ ليڊيز فنگر (يعني زال جي آڱر) يا گوبو چون ٿا.

توُري

هن کي هندستانيءَ ۾ تُرئي يا جهينگا ترئي چوندا آهن. هن جي هڪڙي قسم کي گِهَه توري سڏيندا آهن، جنهن جي کل لسي ٿيندي آهي. ٻين جي کلن تي تکن ڪنڊن واريون لڪيرون نڪتل آهن. هيءَ ڀاڄي عام آهي ۽ سانوڻ ۾ پوکبي آهي. هن جو وڻ ول وانگي آهي، جو وڏن وڻن تي ۽ مَنهَن جي مٿان چڙهي ويندو آهي ۽ ڇانوَ ڪري بيهندو آهي. هن کي گهڻن ئي طرحن سان ماڻهو کائيندا آهن.

ڪدُو

هي گهڻن ئي قسمن جا ٿيندا آهن. ڪي وڏا آني جي شڪل جهڙا ۽ ڊگها، ڪي ٻاٽليءَ جي شڪل جا ڳچيءَ سان، يا ٻن تُنبن سان، جي سڪي کان پوءِ فقير پورا ڪري، پاڻي کڻڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن ۽ ڪن مان مرليون ٺاهيندا آهن؛ ڪي بلڪل گول ٿيندا آهن، جن کي سڪي کان پوءِ پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ تنبا ڪري ڪم آڻيندا آهن، ڪي وري تمام ننڍڙا ٿيندا آهن، جي سڪي کان پوءِ ناس رکڻ لاءِ دٻليءَ وانگي ڪم آڻيندا آهن ۽ جن کي ”بلاغون“ سڏيندا آهن. پر پهريون قسم عام ڀاڄيءَ وانگي ڪم ايندو آهي. هي اڇا ۽ سهڻا ٿيندا آهن. هنن جي به وڏن پنن واري ول ٿيندي آهي، جا وڻن تي ۽ مَنهَن تي چڙهي ويندي آهي. هن جو ٻج به توريءَ وانگي سانوڻ ۾ پوکبو آهي ۽ سياري ۾کائبو آهي. جيڪي قسم ڪدوءَ جا، جي سڪي کان پوءِ فقيرن کي ڪم ايندا آهن، يا مرليون ٺاهيندا آهن، يا بلاغونن جي ڪم ايندا آهن سي ڪَڙا ٿيندا آهن.

ڪدوءَ کي انگريزيءَ ۾ پمپِڪن چون ٿا.

ميها

هنن جي به ڪدوءَ جي قسم جهڙي ول آهي. هي گدرن سان پوکيندا آهن، يا جوار يا ٻاجهريءَ جي ٻنيءَ ۾ پوکيندا آهن. ميهي کي هندستانيءَ ۾ دلپسند چوندا آهن. سانوڻ جي موسم ۾ ٿيندا آهن. هيءَ عام ڀاڄي آهي.

انگريزيءَ ۾ سٽرَلَس چوندا اٿس.

ونگا ۽ باد رنگ

ونگا گول يا آني وانگي ٿيندا آهن ۽ باد رنگ تورين وانگي ڊگها ٿيندا آهن. بادرنگ کي هندستانيءَ ۾ ڪاڪڙي به چوندا آهن. هي اڪثر ڇِلي ڪچا کائڻ ۾ ايندا آهن، يعني لوڻ لائڻ سان. بعضي انهن کي رڌيندا به آهن. هنن جا به گهڻا قسم آهن. ولايتي ٻج وارا چڱا ٿيندا آهن. پڪي کان پوءِ ڪاڪڙيءَ جو رنگ ڳاڙهيرڙو ٿي پوندو آهي. هنن جي به گدري ۽ ڪدوءَ جهڙي ول ٿيندي آهي. هي آڪٽوبر ۾ يا اڳڀرو پوکبا آهن. ڪٿي ته مارچ ۾ پوکيندا آهن. ٻن مهينن ۾ ڦر نڪرندو آهي. ٻين ولين وانگي چرين ۾ پوکبا آهن. هنن کي اڪثر ڪينئون لڳندو آهي پر جي پٽ تي پکيڙڻ جي بدران ڪنهن مَنهَه يا پڃري تي چڙهڻ ڏين ته پچي ويندا.

ونگي ۽ بادرنگ کي انگريزيءَ ۾ ڪُڪَمبر چون ٿا.

گِدرا

گدرا ۽ هنداڻا ميون جا نالي هيٺ، ميون جي باغ ۾ ڏينداسين، جو هو ڀاڄين وانگي ڪم نه ايندا آهن. مگر گدري جي ذات جا ڪيترائي قسم آهن، جي ڪچي کائڻ، توڙي رڌڻ، توڙي ٻيءَ طرح ڀاڄيءَ وانگي ڪم ايندا آهن، ۽ اهي هتي مشهور آهن ۽ اڪثر ٻنين ۾ پوکبا آهن.

ڪاٺ گدرو، جنهن کي هندستانيءَ ۾ لال ڪدو چوندا آهن، سو تمام وڏي گدري جهڙو آهي، جو بازار ۾ ڦارون ڪري وڪڻندا آهن، هي ڪچو ڪين کائبو آهي. يا ته ٻوڙ ۾ رڌبو آهي يا منجهانئس حلوو جوڙيندا آهن، يا مربو ٺاهيندا آهن. سانوڻ جي موسم ۾ ٻج پوکبو آهي ۽ سياري ۾ ڪم ايندو آهي.

پيٺو: هي به ڪاٺ گدري وانگي حلوي يا مربي جي ڪم ايندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن رڌبو به آهي. هي ٻئي گدرا سنڌ ۾ نه ٿيندا آهن.

ڪَرٽ، ريڀڙ يا ريڀڙيون: ڪچي قسم جا گدرا آهن. جي ڪچا به کائبا آهن ۽ رڌي به کائبا آهن. سواد ۾ ڦڪا آهن. حقيقت ڪري ريڀڙ يا ريڀڙي گدري جو جدا قسم آهي ۽ ڪچي گدري کي نه چئبو آهي. ڪرٽ، ڪچي گدري يا ريڀڙ کي چئبو آهي.

کڏو تريون: هي به گدري جي قسم مان آهن. رنگ جون سهڻيون ٿينديون آهن. اڪثر نانگ وانگي ڦُلڦليون ۽ ڊگهيون ٿينديون آهن. کائڻ ۾ مٺيون آهن، تنهنڪر گدري وانگي ڪچيون کائبيون آهن. ڪچيون رڌيندا به آهن.

چپڙ يا متيرو: هي تمام ننڍڙو ٿيندو آهي. ڪڙو به ٿيندو آهي ۽ مٺو به ٿيندو آهي. مٺا چڀڙ ماڻهو ڪچا به کائيندا آهن. اڪثر ڀاڄيءَ وانگي ٻوڙ ۾ وجهندا آهن. بعضي اڌ ڪري سڪائي ڪچريون ڪري رکندا آهن، پوءِ ٻيا ٻوڙ ۾ وجهندا آهن. هي گهڻو ڪري پوکڻ کان سواءِ ٻنين ۾ پاڻهي ٿيندا آهن. اهي سڀ سانوڻ ۾ پوکبا آهن ۽ سياري ۾ کائبا آهن.

گدري کي انگريزيءَ ۾ ميلَن چون ٿا.

کُنڀيون

هي اگرچ نڪي ڀاڄين جي قطار ۾ اچن ٿيون، نڪي ميون ئي جي ۾، ته به جڏهن انگريزي ڪتابن ۾ انهن جو ذڪر ڀاڄيءَ جي باغ ۾ آندل آهي، تڏهن اسين به انهيءَ جو نالو هتي وجهون ٿا.

هن عجيب اوڀڙ جا گهڻا ئي قسم آهن، جن مان ڪي ته نڪما ۽ زهردار سمجهيل آهن ۽ ڪم نه ايندا آهن. ڪي رڌي يا تري ڀاڄين وانگي کائيندا آهن. کنڀيون اڪثر برسات جي موسم ۾ ۽ برسات جي پاڻيءَ تي نڪرنديون آهن، خاص وارياسي جاءِ تي يا پاڻيءَ جي ڪناري سان. اتان ماڻهو چونڊي آڻي وڪڻندا آهن. هي رنگ جون اڇيون ٿين ٿيون. رڳو منجهن ڳُر يا ماس آهي، پن يا گل يا ڦر ڪو نه ٿين. پڪي کان پوءِ ڪارو اٽو ٿيو وڃن. کنڀيون اڪثر ڊگهيون، اڌ فوٽ جيڏيون ٿينديون آهن. هڪڙو قسم، جنهن کي ڀُون _ ڦوڙ چوندا آهن، سو گول ٿيندو آهي. ولايت ۾ کنڀيون ٻين اوڀڙن وانگي هٿ سان پوکي پيدا ڪندا آهن. ڪلراٺي زمين يا پراڻين سرن جي چُوري ، يا اهڙي ٻئي ڪچري واري هنڌ چڱيون ٿينديون آهن. پهرين ڀڳلين سرن جو تهه ٽي انچ ٿلهو وڇائي ويندا آهن. تنهن جي مٿان اهڙو تهه گهوڙي جي لِڏ جو وڇائيندا آهن. تنهن جي مٿان وري اهڙا ٽي تهه هٿرادو ٺهيل ڀاڻ جا وجهندا آهن. پوءِ انهيءَ کي وقت بوقت پيا پاڻي ڏيندا آهن. ٻن ٽن مهينن ۾ بيشمار کنڀيون پاڻهي نڪرنديون آهن. کائڻ واريون کنڀيون اڪثر اڇيون ۽ سوٽ يا سٻند ٿينديون آهن، جنهن کنڀيءَ ۾ چڱي بوءِ نه هجي سا نه کائجي. کنڀين پوکڻ کان بهتر ائين آهي، ته جنهن ٽڪريءَ تي پاڻهئي نڪرن انهيءَ جي سنڀال رکجي، ۽ انهيءَ تي ججهي لڏ يا ڇيڻو وجهي پاڻي ڏئي ڇڏجي. جڏهن نڪرن تڏهن پاڙون نه پٽجين، پاڙن کان مٿڀرو ڪپي وٺجن، جو انهن پاڙن مان وري ٻين کنڀين نڪرڻ جو گهڻو امڪان آهي.

کنڀيءَ کي انگريزيءَ ۾ مَشُروم يا فَنگس چون ٿا.

 

مڪائي

کنڀين وانگي مڪائي به حقيقت ڪري نڪي ڀاڄي اَهي نڪي ميوو. اَنن جي قطار ۾ اچي ٿي، ٻاجهريءَ ۽ جوار وانگي هن جا به سنگ ٿين ٿا ۽ انهن وانگي، خريف جي فصل ۾ ٻنين ۾ پوکبي آهي. مگر مڪائيءَ جو ولايتي ٻج جو آمريڪا مان ايندو آهي، سو ڏاڍيءَ سنڀال مان پوکيندا آهن. سنگن جون ڪچڙيون چوٽيون وڍي، کير ۾ ڪاڙهي، تري پوءِ لوڻ ۽ مرچ مصالح لائي، مکڻ سان کائيندا آهن. ڏاڍي لذيذ شيءِ ٿيندي آهي. مڪائي اصل ميڪسيڪو مان آيل چون ٿا، هاڻ ته هندستان ۾ عام ٿي وئي آهي. ٻج سانوڻ ۾ پوکبو آهي، فوٽ فوٽ تي قطارون ڪري اٺن  اٺن انچن تي ٻج هڻجي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ڌاري سنگ تيار ٿيندا.

هتي جي مڪائي ٻن قسمن جي آهي، هڪڙي اڇي ۽ ٻي ڳاڙهي، لوڻ لائي ٽانڊن تي پچائي به کائيندا آهن ۽ پاڻيءَ ۾ رڌي به کائيندا آهن. بعضي پِيهي اٽو به ڪندا آهن. ولايت ۾ ته هن جو ميدو ڪري دٻن ۾ آڻيندا آهن، جو کير يا پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي کير پياڪ ٻارن کي پياريندا آهن، جنهن کي ڪارن فلور چوندا آهن.

مڪائيءَ کي انگريزيءَ ۾ انڊين ڪارن چون ٿا.

 

فصل ستون

مصالح ۽ آچار وغيره ۾ ڪم اچڻ واريون ڀاڄيون يا اوڀڙ

هن فصل ۾ اسين اهي ڀاڄيون يا وڻ يا ٻوڙا يا اوڀڙ ڏينداسين، جي اڪثر خلاصا کائڻ ۾ نه ايندا آهن، پر لذت واسطي ٻيء ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ وجهندا آهن، يا مصالح ۾ ڪم ايندا آهن، يا اَچار، مربي وغيره لاءِ ڪمائتا ٿيندا آهن. ڪي شآيد دوا وانگي به ڪم ايندا آهن. هن قسم جا ڪي اوڀڙ شايد مٿين فصلن ۾ به آندا اٿئون؛ جهڙو لال مرچ، بصر، ٿوم. تنهن کانسواءِ جن اوڀڙن جا ڦر يا ميوا، آچار يا مربي وانگي ڪم اچن ٿا سي سڀ هتي ڏيڻا نه اٿئون. اهي ميون واري باغ ۾ ايندا- جهڙوڪ: انب، ليما، گدامڙي، کٽا ڏاڙهون وغيره ۽ ڪي مٿي ڏنا به ويا آهن. ڀاڄين وانگي ڪم اچڻ ڪري، جهڙو بصر، واڱڻ، ڪدو، ڪاٺ گدرو وغيره. هتي ڏنلن اوڀڙن مان ڪن جون پاڙون، ڪن جا پن ڪن جا گل ۽ ڪن جا ڦر ڪم ايندا آهن.

سُنڍ

هن کي هندستانيءَ ۾ اَدرڪ ۽ انگريزيءَ ۾ جِنجَر، پارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ زنجبل چوندا آهن. هيءَ آلي يعني تازي به ڪم ايندي آهي، ٻوڙ ۾ يا آچار يا مربي ۾ ۽ سڪي به. هيءَ سانوڻ کان ٿورو اڳڀرو، مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ پوکبي آهي. زمين تمام ڀلي هئڻ گهرجي. چريون هڪ هڪ فوٽ تي هجن ۽ ٻه يا ٽي انچ اونهيون هجن. انهن ۾ فوٽ فوٽ تي سنڍ جون ڳڙيون هڻي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏجن. جڏهن سلا نڪرن تڏهن گُڏَ ڪرڻ گهرجين ۽ جي برسات جو پاڻي گهڻو نه مليو هجين ته هٿ سان پاڻي ڏجين. جنوريءَ ۾ پاڙون نڪرڻ جهڙيون ٿينديون، سي ڪڍي چڱيءَ طرح ڌوئي رکي ڇڏجن. ٻج جي لاءِ ڳڙيون رکڻيون هجن ته جڏهن ٻُوڙا پنج ڇهه انچ وڏا ٿين تڏهن ڪڍي رکجن.

سنڍ جي مربي ٺاهڻ جو چڱو رستو هي آهي: پهرين ڳڙيون باهه ۾ پوهي يا اُٻاري ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئجن. پوءِ کل لاهي صفا ڪجين. انهيءَ ۾ ٽي چار ڏينهن لڳي ويندا. سير پاڻيءَ ۾ اڌ سير کنڊ وجهي پت جوڙجي، جنهن ۾ ٻن آنن جي اڇاڻ به چڱيءَ طرح گڏي ڇڏجي. جوش ڏني کانپوءِ پت لاهي ٺارجي. پوءِ اها کڻي سنڍ جي مٿان وجهجي، جيئن منجهس ٻڏي وڃي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، وري اها پت ڪڍي نئين سر ڪاڙ هجي ۽ صاف ڪجي. جڏهن ٺري تڏهن وري انهيءَ سنڍ جي مٿان وجهجي ۽ ٽي چار ڏينهن رهڻ ڏجي. وري ٽيون ڀيرو مٿئين نموني وانگي ڪجي. وري چوٿون ڀيرو، جيسين ڪ پڪ ٿئي ته سنڍ جي هڏ ۾ پت گهڙي ويئي آهي. گرم پت وجهڻ سان سنڍ ڪومائجي خراب ٿي پوندي.

هيڊ

هن کي هندستانيءَ ۾ هلدي چوندا آهن. ڏيهي ماڻهو اڪثر هي ٻوڙ ۾ گهڻي ڪم آڻيندا آهن، جو رنگ پيلو ڪندي آهي. انهيءَ رنگ جي ڪري رنگريزن جي ڪم ۾ به گهڻي ايندي آهي. هيءَ به سنڍ وانگي پوکبي آهي. ڳڙيون به اهڙيون ئي اٿس. مئي مهيني ۾ ڳڙيون فوٽ ڏيڍ تي قطارن ۾ هڻي ڇڏيندا آهن. جڏهن سلا اَٺ انچ وڏا ٿين تڏهن گُڏ ڪري ڇڏجين. ٻي وڌيڪ تڪليف ڪا نه گهرجي. سياري ۾ ڪڍڻ جهڙيون ٿينديون.

هيڊ کي انگريزيءَ ۾ ٽَرمَرڪِ چون ٿا.

ڪاريون مرچون

مرچ جو بيان اسان مٿي لال مرچ هيٺ ڏنو آهي. هي ڪاريون مرچون به هڪڙي قسم جي مرچ جو ٻج آهي، جو چڻن يا مٽرن وانگي داڻا داڻا ٿيندو آهي. سڪائي پِيهي رکندا آهن. مصالح وانگي ڪم ايندو آهي ۽ تيز ٿيندو آهي. هنن کي انگريزيءَ ۾ پيپ چون ٿا.

آهر

هن کي هندستانيءَ ۾ رائي ۽ انگريزيءَ ۾ مَسٽَرڊ چوندا آهن. هن جي پوکڻ جي لاءِ ڪا به خاص فهمائش ضروري ناهي. سرد موسم ۾، آڪٽوبر مهيني ڌاري ڪٿي به ڇٽي ڇڏجي. ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڦٽي نڪرندي. ڪچيءَ ۾ هن جا پن سرنهه ۽ ڄانڀي جي پنن وانگي کائيندا آهن، جيئن سالڊ کي کائيندا آهن.  پڪي کان پوءِ اَن  گڏ ڪري سڪائي رکندا آهن. اِچار جي مصالح ۾ به ڪم ايندي آهي ۽ تيز ٿيندي آهي. دوا ۾ به گهڻي ڪمائتي آهي، پولٽس ٺاهڻ ۾ يا ٻيءَ طرح. هن مان تيل به نڪرندو آهي.

ڌاڻا

هن کي هندستانيءَ ۾ ڌَنيا يا ڪو تمير چوندا آهن. هيءَ ڀاڄي به عام آهي، هتي جي پڙن ۾ ٻين ڀاڄين سان گڏ، سرد موسم ۾ پوکبي آهي. هن جي پن ۾ سرهي خوشبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري ٻيءَ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ وجهي رڌيندا آهن. پن چٽڻيءَ ۾ ڦودني سان گڏ به کپندا آهن. ڌاڻا پڪي کان پوءِ اَن يا ٻج جهليندا آهن، جو سڪائي رکندا آهن ۽ پِيهي ٻئي مصالح سان گڏ ٻوڙ ۾ يا آچار ۾ يا ٻيءَ طرح ڪم آڻيندا آهن.

ڌاڻن کي انگريزيءَ ۾ ڪوريانڊر چون ٿا.

جيري

ڪاري جيري ۽ پلاجيري مشهور سنهڙو ڪارو ٻج آهي، جو خوشبوءِ جي لاءِ چانورن ۾ وجهي رڌيندا آهن. اهو دوا ۾ به ڪم ايندو آهي. آهر وانگي پوکبو آهي. هتي اُن جي پوک گهڻي نه ٿيندي آهي. اڪثر ٻاهرين ملڪن مان ايندو آهي.

دالچيني

دالچيني يا دارچيني به هتي پوکڻ ۾ نه ايندي آهي. واپار جي شين وانگي ٻاهرين ملڪن کان ايندي آهي. خوشبوءِ جي لاءِ پلاءَ ۾ يا کاڌي جي ڪن ٻين قسمن ۾ وجهبي آهي، شربت به هن جو ٺاهيندا آهن. هيءَ وڻ جو ڇوڏو  اهي. انهيءَ جي پنن ۾ به اهڙي خوشبوءِ ٿيندي آهي مگر سندس گلن ۾ خراب باس ٿيندي آهي. اهي گل ننڍڙا اڇڙا ٿيندا آهن.

دالچينيءَ کي انگريزيءَ ۾ سنامن چون ٿا.

ڦودنو

هن کي هندستانيءَ ۾ پودينا ۽ انگريزيءَ ۾ مِنٽ ۽ پيپرمنٽ، فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ نَعناع سڏيندا آهن. هي هتي باغن ۾ ڀاڄين سان گڏ گهڻو پوکبو آهي. سندس پنن ۾ خوشبوءِ ٿيندي آهي، تنهنڪري آلا توڙي سڪا پن چٽڻيءَ ۾ ۽ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ گهڻو وجهندا آهن. هن جو عرق به ڪڍندا آهن، جو پيٽ جي سور لاءِ يا ٻين دوائن ۾ گهڻو ڪم ايندو آهي. هي ول وانگي پکڙندو آهي، پر گهڻو نه. هن جو ڏيهي قسم به آهي ۽ ولايتي به. ڏيهي قسم جا پن البت گول ٿيندا آهن ۽ ولايتي قسم جا ڊگها. هي اوڀڙ پاڙن ڪڍي هڻڻ سان ٿيندو آهي. گهميل زمين ۾ ۽ ڇانوري ۾ چڱو ٿيندو آهي. سرد موسم ۾ پوکبو آهي.

سيج

هيءَ انگريزي ڀاڄي آهي، جنهن کي هندستاني مالهي سِج ڪري سڏيندا آهن. هن جا پن ٻيءَ ڀاڄيءَ ۾ ڪم ايندا آهن. هن جو ٻج سياري ۾ پوکبو آهي. نومبر کان اڳي شروع ڪجي ۽ ڀليءَ زمين ۾ پوکجي. ڀاڻ ججهو ڏجي. اُس ۽ مينهن کان پناهه گهرجيس. جڏهن سلن ۾ چار يا ڇهه پن ٿين تڏهن ڪڍي چئن چئن انچن تي ڇڊا ڪري رکجن. فيبروريءَ ڌاري وري ڪڍي ڪنهن پناهه جهڙيءَ جاءِ تي زمين ۾ رکجن. هن جا پن سڪائي ٻاٽلين ۾ وجهي رکندا آهن.

مارجو رام

هيءَ هڪڙي پنن واري انگريزي ڀاڄي آهي، جا هتي گهڻو ڪم نه ايندي آهي. هيءَ کليل زمين تي ٿيندي آهي ۽ سارو سال بيهندي آهي. انهيءَ هوندي به آڪٽوبر مهيني ۾ سندس ٻج پوکبو آهي، يا پاڙون ڪڍي ڌار ڌار ڪري ٻئي هنڌ هڻندا آهن.

ٽائيم

هن انگريزي ڀاڄيءَ کي هتي خراساني اجوائن به سڏيندا آهن. هن جا به مارجورام وانگي رڳا پن مصالح وانگي ڪم ايندا آهن. هن جي پوکڻ ۽ سنڀالڻ جو رستو ساڳيو سيج وانگي آهي، جنهن جو اسان مٿي ذڪر ڪيو آهي. هر سال آڪٽوبر ۾ ٻج پوکجي، ۽ جڏهن گرم موسم ويجهي اچي، تڏهن گڏ ڪري ڇانوَ ۾ سڪائي ٻاٽليءَ ۾ بند ڪري رکي ڇڏجي.

پارسلي

هن کي هندستاني پِيتر سلي سڏيندا آهن. هن جو ٻج سيپٽمبر مهيني جي وچ ڌاري ڪونڊين ۾ پوکبو آهي، جي ڪنهن اَجهي ۾ رکي ڇڏبيون آهن. اٽڪل ڏهن ڏينهن ۾ ٻج ڦٽي ٿو. جڏهن سلا ٿي چار انچ وڏا ٿين، تڏهن ڪنهن ڇانوري واري هنڌ، ڏيڍ ڏيڍ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي قطارون ڪري هڻي ڇڏجن ۽ ججهو پاڻي پيو پهچائجين. مارچ ڌاري ٻج پيدا ٿيندو، جنهن مان ڳچ جيترو گڏ ڪري رکي ڇڏجي، جو وري سانوڻ ۽ اونهاري ۾ پوکي سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org