سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :21

 

ضميمو پهريون

وڻن رکڻ لاءِ سرڪاري فهمائشون

ميون ۽ ڀاڄين جي ٻجن پوکڻ، باغن رکڻ، رستن جي وڻن رکڻ ۽ انهن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ، سرڪاري يورپين آفيسرن هتي سنڌ ۾ جيڪي سرڪيولر جاري ڪيا آهن، يا جيڪي فهمائشون ڏنيون آهن، سي هت لکجن ٿيون، انهيءَ لاءِ ته ننڍا عهديدار، جن کي اهڙي ڪم تي نظر ڪرڻي آهي، سي زيادو فائدو وٺن، جو انهن کي هن ڪتاب پڙهڻ جو به وجهه ملندو.

خاص سرڪيولر نمبر 18

روينيو ڊپارٽمينٽ، ڪمشنر صاحب جي آفيس ڪراچي (تاريخ 3 نومبر سن 1881ع)

وڻن جي پوکائڻ بابت ڪي فهمائشون، سرڪاري سرڪيولر نمبر 370 الف، لکيل تاريخ 17 جون سن 1878ع ۾ مقرر ڪيون ويون هيون، تن موجب ائين وسهڻ ۾ ٿو اچي ته وڻن پوکائڻ جو ڪم اڄ ڏينهن تائين هليو آهي پر مڪاني خاصيتن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.

پر ائين ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جيڪي سرڪار جون خواهشون سن 1880ع جي تاريخ 26 واري سرڪاري ٺهراءَ نمبر 3283 ۾ لکيل آهن، تن جي جيتري قدر ٿي سگهي، اوتريقدر تعميل ٿي، تنهن لاءِ ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کان پڇيو ويو ته پريزيڊنسيءَ لاءِ جا رٿ منظور ٿي آهي، سا سنڌ سان به برابر لاڳو ٿي سگهي ٿي يا نه، تنهن لاءِ انهيءَ رٿ ۾ جن ڦيرين گهيرين ڪرڻ جو ضرور ڏسڻ ۾ اچين. سي لکي موڪلين. انهيءَ پڇا جي جواب مان معلوم ٿيو ته گهڻن جي هيءَ راءِ آهي: ته سنڌ ۾ رستا ڊگها آهن ۽ ماڻهو پکڙيل آهن، تنهنڪري نظرداري ڪرڻ مشڪل آهي. انهن سببن ڪري تمام چڱي ڳالهه هي آهي ته ڪي رستن جا ننڍا ننڍا ۽ خاص ٽُڪر چونڊي اتي وڻ پوکجن. يا شهرن ۽ ڳوٺن جي ويجهو ۽ جتان رستا واهن تان لنگهن ٿا، اتي کوڙا ڪجن. يا اتي ڪي جايون چونڊي وڻ پوکجن جتي انهن کي پاڻي ويجهو هجي. ڪن هيءَ به راءِ ڏني ته ”رستن جي پاسن تي يا انهن جي ويجهو، جيڪي ننڍا ننڍا جهنگ جا وڻ هجن تن جي سنڀال ڪجي ۽ جڏهن رستن جي سالياني مرمت ڪجي، تڏهن سڀني وڻن جي سنڀال تي پورو ڌيان ڏجي.“

تنهنڪري سنڌ ۾ وڻن جي پوکڻ ۽ سنڀالڻ جو ڪم ريتائتو ٿئي، تنهن لاءِ ڪمشنر صاحب فرمائي ٿو ته هيٺين قانونن جي خبرداريءَ سان بجا آوري ڪرڻ گهرجي:

پوکڻ ۽ سنڀالڻ

اٽڪل پنج هزار ڪونڊيون، جيڪي اونهائيءَ ۾ ارڙهن انچ ۽ قطر ۾ نوَ انچ، يعني گولائيءَ ۾ اٽڪل ٽيهه انچ تيار ڪرڻ گهرجن ۽ جنهن رستي تي وڻ پوکائڻا هجن، تنهن رستي تي جا مٽي هجي تنهن مٽيءَ سان ڀرجن؛ پر جيڪڏهن اها مٽي چيڪي هجي ته ان سان وارياسي مٽي گڏڻ گهرجي، سو هن ڪري، جو جڏهن سڪي وڃي تڏهن ڦٽي نه پوي.

* نرسريون

* ننڍن وڻن جي پوکڻ ۽ سنڀالڻ واريءَ جاءِ ۽ جتي اُهي پوکجن ۽ سنڀالجن.

اشارو: ڪونڊين جي تري ۾ ٽنگن ڪرڻ جو ضرور نه آهي.

جنهن رستي تي وڻ پوکڻا هجن، تنهن رستي جي ٻن يا ٽن هنڌن ۾، جتي پاڻي تلاءَ يا واهه يا کوهه مان سهنجائيءَ سان ملي سگهي، اتي اهي ڪونڊيون رکائجن. جيڪڏهن پاڻي کوهه مان ڪڍڻو نه هوندو ته هڪڙو ماڻهو ٻه هزار پنج سئو ڪونڊين جي سنڀال ڪري سگهندو. ڇو ته هن مان هيءَ مراد آهي، ته جيترو ٿي سگهي اوترو ٿورو وڻن کي پاڻي ڏجي پر ايترو پاڻي ضرور ڏجي. جيئن وڻ وڌن ۽ سرسبز رهن. جيڪڏهن انهن کي پاڻي جام ڏبو ته اهي تمام جلد اُسرندا. پر سنها اهڙا ٿا ٿين جو بيهي نه ٿا سگهن. جڏهن اهڙي حالت ٿئي، تڏهن انهن کي ڪا ٽيڪ ڏيڻ نه گهرجي،  پر جيترو ٿي سگهي اوترو انهن کي ڪپي، ايترو ننڍو ڪجي، جو ٽيڪ کان سواءِ بيهي سگهن.

مئي يا جون جي مهيني ۾، هنن ڪونڊين ۾ هيٺين وڻن جا ٽي يا چار ٻج پوکجن: انب، نم، پيلو، ٽالهي، پپر، سرنهن، گدامڙي يا ٻيا ڪي چڱا وڻ ۽ پوءِ جڏهن اٽڪل هڪڙي مهيني تائين اڀري وڃن، تڏهن سڀ ڪنهن ڪونڊيءَ ۾، جيڪي سرسبز وڻ هجن، تن مان ٻن کي رهڻ ڏجي ۽ ٻين سڀني کي ڪڍي ڇڏجي. جڏهن معلوم ٿئي ته ٻين ڪن قسمن جا هي وڻ آهن، سي ڪنهن خاص مڪان ۾ چڱيءَ طرح اڀرن، سي ڀلي پوکجن. مثلاً آسوڪ جو وڻ آهي جو بلڪل سهڻو آهي، جنهن زمين ۾ اهو لڳندڙ آهي ۽ اها زمين ڪنهن رستي آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن پوکجي ته چڱو ۽ ٺاهوڪو ٿي بيهي ٿو. پر خبرداري ڪرڻ گهرجي ته بڪم جهڙا وڻ جي جلد اڀرن ٿا، پر ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڪي سڙي وڃن ٿا سي نه پوکجن.

انهن وڻن جي چوڌاري ٿوهر جو گهاٽو لوڙهو، يا گنب جي ڀت يا ڪنڊن جي واڙ ڏيئي ڇڏجي ۽ ايندڙ ورهيه جي موسم تائين، انهن کي ٿورو ٿورو پاڻي ڏيندو رهجي، پوءِ اهي ٻه يا ٽي فوٽ مٿي اسرندا، پر جيڪڏهن انهيءَ کان وڌيڪ مٿي اسرن ته سمجهبو ته انهن کي گهڻو پاڻي مليو آهي ۽ جن کي ٿورو پاڻي مليو هوندو سي انهن جهڙا ڪين اُسرندا.

پهرين ٻن مهينن کان پوءِ ڪونڊين کي ڏهين ڏينهن يا پندرهين پندرهين ڏينهن سير جي يا ريڙهجي، ڇالاءِ ته معلوم هئڻ گهرجيوَ، ته جيتوڻيڪ ڪونڊين جي تري ۾ ٽنگ نه آهن، ته به ائين ڏسبو ته پاڙون ٺڪر جي ٿانون مان لنگهي، وڃي زمين ۾ لڳنديون آهن ۽ انهن کي ٻئي هنڌ نئِي پوکڻ مشڪل ٿيندو.

اوائل جون تجويزون: جنهن موسم ۾ ٻج ٻين ڪونڊين ۾ پوکجن، تنهن ساڳيءَ موسم ۾ واهن ۾ به پاڻي اچڻ کانپوءِ، سگهو ئي جنهن رستي ۾ وڻ پوکڻا هجن، تنهن رستي تي پنجاهه پنجاهه فوٽ پري، قطر ۾ ڏهه فوٽ يعني گولائيءَ ۾ ٿوري ۾ ٿورو، ته به ويهه فوٽ گول لوڙها جوڙجن، اهي لوڙها ٿوهر جا يا ان جي بدران ڪنهن لائق شيءِ جا گهرجن؛ ۽ ايندڙ موسم تائين انهن کي وڌڻ ڏجي. اهي لوڙها قطر ۾ ڏهن فوٽن کان گهٽ هئڻ نه گهرجن. پهريائين سو محنت ۽ خرچ ٿئي ٿو، پر پوءِ خاص لوڙهن جو ننڍن وڻن کي، ڍورن ۽ اٺن کان بچاءُ ٿئي ٿو تنهن ۾ ته گهڻو فائدو آهي. سڀڪنهن لوڙهي واريءَ ڀت جي اندرئين ڪناري کان، ٻن فوٽن جي مفاصلي تي گول کڏ کوٽجي، جا اونهائيءَ ۾ ٻه فوٽ هجي ويڪرائيءَ ۾ هڪڙي فوٽ کان گهٽ نه هجي ۽ جنهن رستي تي وڻ پوکڻا هجن، تنهن رستي تي جنهن ماپ ۾ موري ٺهيل هجي، انهيءَ ساڳيءَ ماپ جي سنئين کڏ کوٽي موريءَ سان گڏجي ۽ ويجهي واهه يا ڪسيءَ مان جيڪڏهن موڪ لڳي سگهي ته انهيءَ پاسي واري واهه يا ڪسيءَ مان، ناليءَ يا ڪسيءَ وسيلي پاڻي آڻي ريج ڏجي، يا نه ته نار چاڙهجي ۽ هيٺانهينءَ مٿانهينءَ تي ضرور نظر رکجي. اهڙو بندوبست ڪجي ته جڏهن ضرور پوي، تڏهن سهنجائيءَ سان اندرين گول کڏن ۾ پاڻي اچي سگهي، جڏهن هڪ ڀيري جي پاڻيءَ ورائڻ سان پورو پاڻي اچي وڃي، تڏهن پاڻيءَ واري کڏ جو پاڻي بند ڪري، ٻيءَ تمام ويجهي کڏ ڏانهن پاڻي ورائجي. هر هڪ وڻ اندرئين لوڙهي جي وچ ۾ پوکڻ گهرجي ۽ جيڪو کڏو هوندو تنهن مان وڻ کي ۽ ٻاهرين ٿوهر جي لوڙهي کي، پاڻي ملي سگهندو. جيتري قدر ٿي سگهي اوتريقدر کڏون رات جو،  يعني سج لٿي ۽ سج اڀرئي جي وچ ۾ ڀري ڇڏجن، نه ته پاڻي ڏينهن جي گرميءَ ۾ کڏن منجهه بيهي ۽ گرم ٿي ننڍن وڻن جي پاڙن کي نقصان پهچائيندو. جيڪڏهن مينهن نه پوي ته جنهن اندرئين گهيري ۾ وڻ هجي، تنهن کي ڪڏهن به ٿيڻ نه ڏجي پر جيڪڏهن سڪل گاهه يا اولڙ آسانيءَ سان ملي سگهي ته اتي اهو وڇائي ڇڏجي، هن لاءِ ته اونهاري ۾ سج جي تابش نه نقصان ڪريس ۽ سياري ۾ پارو نه ساڙيس.

وڻ پوکڻ

هڪڙي ورهيه تائين جڏهن ڪونڊين ۾ وڻ رهن، تنهن کانپوءِ جيستائين مٽي واهه جي پاڻيءَ سان چڱيءَ طرح پسي وڃي، تيستائين ترسجي. تنهن کانپوءِ انهن کي تيار ڪيلن لوڙهن ۾ پوکجي، ڪونڊين مان اهي چڪيون نه ڪڍجن، رڳو ڪونڊين جا ترا ڀڃي ڇڏجن. جيڪڏهن ترو ڀڃندي ڪونڊيءَ جا پاسا ڀڄي پون، ته ان کي گڏ ڪري، ننڍي وڻ جي چوڌاري لڳائي ڇڏجن، جو انهيءَ ڪري مٽي چهٽي ويندي ۽ اونهاري ۾ ڦوٽ نه ڪندي.

8- پاڻي ڏيڻ: جنهن وقت اهو وڻ انهيءَ طرح پوکجي، تنهن وقت کان وٺي فقره 7 ۾ لکيلن کڏن جي اُپاون کانسواءِ، پاڻي جوهڪڙوڦڙو به نه ڏجي. جيڪڏهن واهه جو پاڻي هڪڙي يا ڏيڍ مهيني تائين بلڪل نه پهچندو ته ڪي وڻ سڪي ويندا ۽ ڪي سڙي ويندا پر انهيءَ هوندي به بهشتين جي رکڻ جو ضرور نه آهي. جيڪڏهن وڻن کي سڪڻ ڏبو ۽ ايندڙ ورهيه وري پوکبا ته گهٽ خرچ ٿيندو پر جيڪڏهن بهشتين کان پاڻي ڏياربو ته پوءِ جيترا وڻ پاڻيءَ جي نه ڏيڻ ڪري سڙي ويندا، تنهن کان وڌيڪ پاڻيءَ جي ڏيڻ ڪري سڙي ويندا؛ انهن مان گهڻا وڻ جي سڙيل ڏسڻ ۾ ايندا، تن کي جڏهن واهه جوپاڻي وري ملندو، تڏهن وري ساوا معلوم ٿيندا ۽ اها ڳالهه سمجهڻ ۾ ناممڪن ايندي. تنهنڪري هتي ڪجهه سمجهاڻيءَ جي ڏيڻ جو ضرور آهي. جيڪڏهن وڻ کي پاڻي گهڻو ۽ هميشھ پهچائي سگهبو ته البت پر جيڪڏهن پاڻي نه هوندو، ته وڻ تنهن کان وڌيڪ اُڀرندو. پر آزمائش مان معلوم ٿيو آهي ته جڏهن رستو ڊگهو هوندو آهي، تڏهن بهشتين تي برابر نظرداري ڪرڻ ناممڪن آهي، اهي شايد چالاڪ ۽ ڪوشش ڪندڙ هوندا، پر جلدي يا ڪنهن وقت کانپوءِ اهڙي حالت ٿئي ٿي، جنهن ۾ بهشتي يا سندس ڍڳو بيمار ٿيو پوي ۽ جيستائين ان جي جاءِ تي ٻئي کي مقرر ڪرڻ بابت ضروري لکپڙهه هلندي هجي، تيستائين وڻن کي ٿورن ڏينهن لاءِ پاڻي نٿو پهچي ۽ جڏهن نئون بهشتي اچي ڪم سنڀالي ٿو، تڏهن ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته وڻ سڪا سڙيا پيا آهن ۽ اهڙن سڪلن وڻن کي جيڪڏهن جاچي ڏسبو؛ ته ڪمائتي خبر پوندي. معلوم ٿيندو ته هيٺ زمين ۾ جتي سيلاب آهي اتي انهن وڻن جون پاڙون نه آهن، پر ڌرتيءَ کان ٿورا انچ هيٺ، جتي انهن کي بهشتيءَ کان پاڻي ملندو آهي، اتي پاڙون لڳل آهن ۽ انهن جو رڳو بهشتيءَ جي پاڻيءَ تي تعلق رهي ٿو، تنهنڪري جڏهن اهو پاڻي ملڻ بند ٿو ٿئي؛ تڏهن اهي وڻ جلد سڪي ٿا وڃن.

لوڙها ڏيڻ

9- وڻ هڪڙو ڀيرو پوکجي. تنهن کانپوءِ جو خرچ ڪرڻو ٿو پوي سو رڳو هي آهي: ته لوڙها ۽ کڏون برابر حالت ۾ رکڻيون ٿيون پون. چڱي آباد ملڪ ۾ اهو ڪم، رستن جي پاسن وارين ديهن جا وڏيرا ۽ تپيدار ڪري ٿا سگهن پر گهڻو ڪري اهوڪم ڪليڪٽر يا ان جي اسسٽنٽن جي پنهنجي- سِر ڪوشش ڪرڻ تي منحصر آهي. جيڪڏهن ڪليڪٽر صاحب تصديق ڪري وڻن جي ياداشت ٺهرائيندو ۽ پنهنجي سر ڇهه يا ست وڻ هڪ هڪ آبادگار جي حوالي ڪندو ته ان کي عجب لڳندو ۽ خوشي ٿيندي، جڏهن ڏسندو ته اهي آبادگار وڻن کي وڌائڻ ۽ پرورش ڪرڻ ۾ڪيترو ٿا پاڻ پتوڙين ۽ هڪٻئي کان سنڀال ڪرڻ ۾ ڪيئن ٿا گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪن. اها ڳالهه به مشهور آهي ته هندو سمجهندا آهن ته ڌرم موجب وڻ پوکڻ اسان تي فرض آهي، تنهنڪري جتي هندو آبادگار ڏسڻ ۾ اچي، اتي ۽ وڏن شهرن ۽ ڳوٺن جي ويجهڙائي ۾ به، انهن جي دلين تي اها ڳالهه يا اهڙو اثر آڻجي، يعني انهن کي چئجي ته وڻ پوکڻ اوهان جي ڌرم موجب اُتم ڪم آهي.

10- خبرداري ڪرڻ گهرجي، جيئن پوري ٽَڪرائتي زمين تي وڻ نه پوکجي. پپر، پپري ۽ بڙ اِهي وڻ ٻج مان سولائيءَ سان ڪين اُڀرندا آهن. تنهنڪري پهريون دفعو جڏهن مينهن پون ته پوءِ انهن وڻن جي هيٺان جيڪي ننڍا ڏسڻ ۾ اچن، سي گڏ ڪري، نِئي وڃي گهڻيءَ سهنجائيءَ سان ڪونڊين ۾ پوکي ٿا سگهجن. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته ٻج ڦٽي سلا ڪڍي، جنهن کان اڳي ضروري آهي ته پکين کي کارائجي ۽ پوءِ جڏهن اهي وري آنا لاهن، تڏهن پوکجي. پپر، پپري ۽ بڙ ڏندڻن سان موچارا لڳي سگهن ٿا پر وهراج ڪرڻ سان جهڙيءَ طرح ٿا اڀرن، تهڙو ڏندڻن مان نٿا اڀرن. انهيءَ بابت جيڪي سڀ کان وڌيڪ چئي سگهبو سو هي آهي ته ڏندڻن وارا وڻ بلڪل نه هڻجن، تنهن کان ته اهي وڻ يعني سان هڻبا ته چڱا آهن. جيڪڏهن اهي وڻ ائين پوکجن ته جن ٽارين سان پاڙون لڪليون هجن، سي ٽاريون چونڊي ڪڍجن ۽ ٿوري کان ٿورو ته به ٻارهن فوٽ اُوچيون هجن، اهو ان لاءِ ته چڱيءَ طرح اڀرن، ۽ ڍور به انهن کي پهچي نه سگهن ۽ هيٺ زمين ۾ به چڱيءَ طرح سان کتل هونديون، ته پوءِ  انهن کي لوڙهي ڏيڻ جو ضرور نه ٿيندو. فقط ڪي ڪنڊا انهن سان اٽڪائبا، سو انهيءَ لاءِ ته ڍور انهن تي پنهنجا پاسا گَهي نه سگهن. ٽالهيءَ جو وڻ جو شيشم جو قسم آهي.

ڏندڻ

سو ڏندڻن مان چڱو ٿو اڀري ۽ رستن جي پاسن لاءِ به چڱو وڻ آهي. ڏندڻ ٻه فوٽ ڊگها هئڻ گهرجن ۽ اهڙين ڪاٺين جا هجن، جن کي اڀرئي ٻيو ورهيه ٿيو هجي. ڏندڻن جا پن ڇني ڇڏجن، پر اهڙي خبرداري ڪجي جو هنن مان نڪتل ننڍن گوشن يا سلن کي نقصان نه ٿئي، پوءِ انهن کي سنئون رکي ۽ مٿان ڇهه انچ مٽي وجهي، ڍڪي ڇڏجي. ٽي يا چار يا وڌيڪ سلا نڪتل جلد ڏسڻ ۾ ايندا ۽ ٿوري وقت تائين انهن کي گڏ اڀرڻ ڏجي ۽ جيڪو سلو سڀني کان مضبوط هجي، فقط انهيءَ کي رهڻ ڏجي ۽ باقي جيڪي بچن تن کي ڪپي ڇڏجي، ۽ انهن ڏندڻن کي جتي رکڻو هجي اتي انهن کي رکجي ۽ پهرئين ورهيه ۾ لين جي مٿان پاڻي ڏيڻ گهرجي، تنهنڪري رڳو اتي پوکجن جتي خشڪ موسم هجي، يعني سياري ۾ جتي کوهه جو پاڻي ملي سگهي.

خبرداري ڪرڻ گهرجي، جو لوڙهو ننڍن وڻن جي چوڌاري ايترو مٿي تائين نه ڏجي، جو وڻ ٻوساٽجي وڃن، ۽ جيڪڏهن رستي جي پاسي ڪو به مٿي وڌيل گاهه هجي، ته ان کي خبرداريءَ سان ساڙڻ گهرجي. جيڪڏهن انهيءَ ڪم ۾ غفلت ٿيندي، ته اونهاري ۾ اتفاقي باهين جي لڳڻ ڪري، وڻن کي ڀانئجي ٿو ته نقصان ٿيندو.

12- جيڪڏهن ننڍن وڻن کي ڪُئا اچي لڳن ته ٻرن ۾ سنکيو وجهي انهن کي ماري ڇڏجي. جڏهن ائين ڪرڻو هجي، تڏهن هڪڙي ڏينهن ساڳئي ۽ سڄي رستي تي سنکيو وجهي ڇڏجي، ڇو ته جيڪڏهن ڪي باقي جيئرا ڪئا رهيا هوندا، سي پوءِ زهر جي ويجهو ڪين ايندا. چئن يا پنجن ورهين تائين وڻ اڀري وڃي ته پوءِ ڪڏهن ڪڏهن وري ڄاهو انهن کي نقصان ڪندو آهي. وڻن کي انهن کان بچائڻ جو چڱو رستو آهي! ته ٻٻر جي ڪنڊن وارو ۽ مضبوط لوڙهو چوڌاري ڏئي ڇڏجي.

ڪونڊيءَ تي اٽڪل ٽي آنا خرچ ڪرڻ گهرجي. ڪونڊيءَ جي قيمت، ڪونڊيءَ ۾ وڻ پوکڻ، انهن جي هڪ ورهيه تائين حفاظت ڪرڻ، پوءِ ان کي ٻاهر پوکڻ ۽ لوڙهو ڏيڻ، انهن سڀني ڪمن جو خرچ هڪ ورهيه لاءِ اٽڪل هڪ رپيو خرچ ٿئي ٿو. پر تڏهن به هاڻي چئي نٿو سگهجي ته سنڌ ۾ ڪيترو خرچ ٿيندو، پر جيڪڏهن خاص طرح پهرئين ورهيه جي خرچ تي پوري نظر ڪبي ۽ اڳين ننڍن وڻن جي دستور موجب سنڀال ڪبي، ته اميد آهي ته جو وڻ پڪو ٿيندو ويندو، تنهن جو جيترو هاڻي خرچ ٿو  ٿئي، تنهن کان گهڻو گهٽ ٿيندو ۽ ٻيا به گهڻا وڻ اهڙيءَ طرح سان پڪا ٿي ويندا.

اختيار ۽ نظرداري

14- سڀ ڪنهن ضلعي ۾ رستن جي پاسن وارا وڻ ڪليڪٽر جي ۽ سندس ڊيپوٽين جي نگرانيءَ ۾ آهن، انهن عملدارن کي مختيارڪارن ۽ انهن جي اسٽابلشمنٽن، زميندارن يا وڏيرن، تپيدارن ۽ ديهه جي نوڪرن کي اختيار آهي؛ تنهنڪري وڻن جي پوکائڻ ۽ سنڀال ڪرائڻ جا، جهڙا اُپاءَ انهن کي اچن ٿا تهڙا پبلڪ ورڪس يا ٻين ڊپارٽمينٽن جي عملدارن کي نه ٿا اچن. ڊپٽي ڪليڪٽر پڻ پنهنجن ضلعن ۾ هميشھ پيا گشت ڪن ۽ جنهن وڏي ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي هٿ هيٺ سڄو ضلعو آهي، تنهن کي جيترا ڀيرا نظرداريءَ ڪرڻ جو وجهه ٿو ملي، تنهن کان وڌيڪ انهن مٿين عملدارن کي وجهه ملي ٿو.

15- تنهنڪري جيڪي رستن جي پاسن وارا وڻ، جي هاڻي ايگزيڪيوٽو انجنيئرن جي نگهبانيءَ ۾ آهن، سي هڪدم ڪليڪٽر جي حوالي ڪن ۽ پڻ جيڪي پئسا هجن سي به حوالي ڪرڻ گهرجن. تنهن کانسواءِ هڪڙو ڪاغذ لکي ڏين، تنهن ۾ ڏيکارين ته وڻ هينئر ڪهڙيءَ حالت ۾ آهن، يعني هر هڪ قسم جا سرسبز وڻ، ڪيترن وڻن کي پاڻي مليو، ڪهڙن وڻن کي اڳتي پاڻي ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، ڪيترا وڻ نرسريءَ ۾ آهن. رستن جي باقي ڪهڙن ڀاڱن تي وڻ پوکڻا آهن. سمجهجي ٿو ته جيڪي وڻ لوڪل فند جي رستن تي آهن، سي آئيندي ڪليڪٽر جي حوالي آهن ۽ تنهنڪري جيڪي وڻ لوڪل فند اسٽابلشمنٽن جي ئي سنڀال هيٺ رهيا هجن، تڏهن ضروري آهي ته اهي مختيارڪارن ۽ ديهه جي عملدارن جي حوالي ڪجن. جيڪو خرچ هاڻوڪي وانگر پراونشل ۽ لوڪل فند مان ٿيندو آهي، تنهن خرچ جي ڏيڻ تي هنن حڪمن جي ڪري ڪا حرڪت ٿي ٿئي؛ ائين نه سمجهڻ گهرجي، پر جيئن اڄ ڏينهن تائين پبلڪ ورڪس عملدارن جي نالي بجيٽ ۾ پئسا جمع ڪرائبا آهن، تيئن انهن عملدارن جي بدران، سول عملدارن جي نالي سان بجيٽ ۾ داخل ڪجن.

16- جڏهن موسم اچي تڏهن مٿين قانونن ۾ لکيل موجب ڪونڊين ۽ لوڙهن کي تيار ڪرڻ لاءِ، ترت تجويز بجيٽ ۾ پئسا داخل ڪرڻ ڪرڻ گهرجي، نرسريون مناسب هنڌن ۾ ڪجن، ضلعي جي سڀني چونڊيل رستن تي يا رستن جي ڀاڱن تي وڻ پوکڻ لاءِ، جيترا وڻ کين اوترا ڪونڊين ۾ لڳائجن ۽ اهي وڻ هڪٻئي کان پنجاهه فوٽن جي مفاصلي ت هجن. پر جي ڪي وڻ نه ٿين تنهن لاءِ گهربل انداز کان سيڪڙي تي ويهه وڻ وڌيڪ لڳائڻ گهرجن. جيڪڏهن بجيٽ ۾ اڳي پئسا نه وڌايا ويا هجن، ته ٻيءَ ڪنهن رقم مان پئسا وٺي پورت ڪجي. جيستائين زميندار پاڻ وڻن جي نسبت ۾ سعيو نه ڪندا، تيستائين وڻن تي هڪڙو يا وڌيڪ انسپيڪٽر مقرر ڪرڻو پوندو ۽ هيٺ جيئن ٺهراءُ ڪيو ويو آهي ته تپيدارن کي حڪم ڏيڻ گهرجي. ته جيڪي رستي جي پاسن وارا وڻ ۽ لوڙها سندن تپي ۾ هجن، تن سڀني جي حالت جون رپورٽون وقت بوقت ڏياري موڪلين. غفلت لاءِ ڏنڊ وجهڻ گهرجي؛جيڪڏهن حڪم نه مڃڻ ۾ اچي ته موقوفيءَ جي سزا ڏيڻ گهرجي.

17- زميندارن کي وڻن جي نسبت ۾ سعيي ڪرڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي. جيڪي زميندار پنهنجو نالو ڪڍندا، تن کي انعام  پڳڙيون يا لونگيون انعام ۾ ملنديون ۽ اهي جمعبنديءَ جي وقت ڊپٽي ڪليڪٽر ڏيندو.

18- تپيدار يا زميندار يا سڀ ڪنهن ديهه ۾ جيڪو پسند ڪيل عملدار هجي، سو مختيارڪار ڏانهن سه- ماهي رپورٽون مرمتون لکي موڪلي. تن ۾ وڻن جي يا انهن جي لوڙهي جي حالت، نرسرين ۾ ۽ رستن جي پاسن تي ڪيترا وڻ سرسبز ۽ سڪل آهن، اهي ڳالهيون ڏيکاري. مختيارڪار پاڻ يا پنهنجي نائب جي معرفت، ديهن جون رپورٽون تصديق ڪرڻ پڄاڻا ايڪدر نقشي ۾ داخل ڪندو، جنهن ڊيپوٽي ڪليڪٽر کي ڊويزن جي چارج هوندي، تنهن ڏانهن ڏياري موڪليندو ۽ اهو ڊيپوٽي ڪليڪٽر جيڪي حڪم ضروري هوندا سي ڏيندو ۽ ڪليڪٽر ڏانهن ٽِي ٽِي مهيني رپورٽ ڏياري موليندو، ڪليڪٽر صاحب وري اهي رپورٽون جمع ڪري، ڪمشنر صاحب ڏانهن ڏياري موڪليندو.

19- وڻ جي سڪي وڃڻ جي رپورٽ ملي، تنهن کان پوءِ ستت ئي جيڪڏهن پوکڻ جي مدت گذري نه وئي هجي ته زميندار يا ٻيو پسند ڪيل عملدار حڪمن لاءِ ترسڻ کانسواءِ، سڀ کان ويجهيءَ نرسريءَ مان ٻيو وڻ هٿ ڪري رستي جي پاسي تي رکي.

20- جا رپورٽ ڌار ڌار عملدار موڪليندو، تنهن جو نمونو پوءِ موڪلبو، جيڪا پهرين سه-ماهي رپورٽ ڏبي، سا پهرين جولاءِ تي ڏبي، ٻي پهرين آڪٽوبر تي ڏبي، ٽي پهرين جنوريءَ تي ۽ چوٿين پهرين اپريل تي ڏبي ۽ ڊيپوٽي ڪليڪٽرن کي گهرجي ته سڀ ڪنهن سه – ماهيءَ کانپوءِ جيڪو مهينو اچي، تنهن جي ويهين تاريخ تائين پنهنجا سه- ماهي نقشا ڪليڪٽر ڏانهن ڏياري موڪلين ۽ تنهن کان پوءِ نه. ڪليڪٽر پنهنجون رپورٽون ٽيهين تاريخ جي اندر ڪمشنر ڏانهن ڏياري موڪلي.

21- ٻيلن جو ڪنسرويٽر ۽ ان جا اسسٽنٽ، رستي جي پاسن وارن وڻن تي نظر رکندا آهن ۽ جا زمين يا جو هنڌ ٻيلن جي عملدارن جا ڪم وڻن جي پوکڻ لائق نه هجي، انهيءَ زمين يا هنڌ تي جيڪا وڻن پوکڻ ۾ غفلت ٿئي، تنهن بابت ڪليڪٽر کي رپورٽ ڪن ۽ سندن هٿ هيٺ جيڪي تپيدار ٻيلن جا هجن، تن جي تپي جي ويجهائيءَ ۾ به جيڪي وڻ هجن، تن جي حالت بابت جيڪي مدتوار رپورٽون ضروري سمجهن، سي رپورٽون انهن تپيدارن وٽان مٿيان ٻيلي وارا عملدار گهرائين.

22- جيڪڏهن هن مطلب ته اشتهار جاري ڪبو ته جيڪي وڻ قبضيدارن جي نمبرن ۾ پوکيل آهن، تن تي قبضيدارن جو حق آهي، ته پوءِ انهيءَ صورت ۾ گهڻا وڻ پوکڻ ۾ ايندا. سچ آهي ته قبضي وارين زمينن منجهه پوکيل وڻن تي سرڪار جي ڪا به دعويٰ نه هلندي پر ماڻهو به ائين سمجهن ٿا ته اشتهار جي جاري ڪرڻ ڪري جا انهن کي خاطري ٿيندي سا ٻيءَ پاسي ڪنهن به طرح سان انهن کي نه . تنهنڪري جيترو ٿي سگهي اوترو جلد اشتهار پڌرو ڪجي ۽ زمينن جي قبضيدارن جي دلين تي اها خاطري سدائين تازي رهي، تنهن لاءِ ضروري آهي ته سال بسال اهو اشتهار پڌرو ڪجي ۽ تعلقي جي ۽ لاڳيتين ديهن ۾ ۽ سڀني سرڪاري آفيسن منجهه ان جا نقل چنبڙائجن ۽ پڻ اهو ساڳيو احوال ڍنڍورو گهمائي پڌرو ڪجي.

هاڻوڪن رستن جي پاسن وارن وڻن جي سنڀال

23- اڳين ورهين ۾ جيڪي رستن جي پاسن تي وڻ پوکيا ويا هجن، تن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪرڻ جو ڪم هاڻوڪن وڻن جي سنڀال جيڪڏهن وڌيڪ ضروري نه آهي ته به اوترو ئي چڱو آهي، گشت ۾ جيڪي ڳالهيون ڪمشنر صاحب جي نظر ۾ آيون آهن، تن ۾ ڪمشنر صاحب کي ائين سمجهڻ جو سبب ڏسڻ ۾ آيو آهي، ته هاڻي جيڪي رستن جي پاسن تي وڻ آهن، تن تي گهڻو ڪري نظر ڪا نه ٿي ٿئي ۽ جيڪي ائڊمنسٽريشنن وٽان هيل تائين رپورٽون پهتيون آهن، تن مان به معلوم ٿو ٿئي ته ٻهراڙيءَ وارن ماڻهن کي، رستن جي پاسن وارن وڻن جو قدر دل تي برابر طرح ويٺل نه آهي، تنهنڪري رستن جي پاسن وارن وڻن جي تپاسڻ ۽ شمار ڪرڻ لاءِ هڪدم تجويز ڪرڻ گهرجي، ۽ ماڻهن جي دل تي پڪيءَ طرح اثر وجهجي، ته وڻن کي نقصان ڪندو ته سزا ملندي.

وڻ ڇانگڻ ۽ وڍڻ نه  ڏجي

24- هاڻي جيڪي وڻ آهن، سي ڪپڻ يا ڇانگڻ نه ڏجن، بشرطيڪ لٽڪندڙ ٽارين جي ڪري آمدرفت کي سچ پچ ڪا اٽڪ نه ٿيندي هجي. جيڪڏهن وڻ ڇانگجن يا ڪپجن، ته پوءِ جيڪا اجائي ناري هجي، سا ڪنهن سرڪاري جوابدار ڪاموري جي روبرو خبرداري ڪري ڪارائيءَ سان، چيرڻ يا وڍڻ گهرجي ۽ جيئن هاڻي بي آزمودگار ٻهراڙيءَ جا ماڻهو وڍيندا آهن، تيئن وڍڻ نه گهرجي.

اٺن ۽ گاڏين وارن کان وڻن کي بچائڻ

25- جتن ۽ ڍورن چاريندڙن کي خصوصاً جاچڻ گهرجي ته هي پنهنجن وهٽن کي رستن جي پاسي وارن وڻن جا پن نه چَرڻ ڏين، ۽ گاڏين وارن کي پڻ جهلڻ گهرجي ته پنهنجا ڍور اهڙن وڻن سان نه ٻڌن يا پنهنجيون گاڏيون انهن سان نه لڳائي بيهارين. اهڙيءَ سنڀال نه ڪرڻ ڪري، گدو بندر کان حيدرآباد تائين جيڪي وڻ آهن، تن کي گهڻو نقصان پهتو آهي.

26- جيڪي جهنگ جا وڻ چڱي ڇانَو ٿا ڏين، اهڙا وڻ رستي جي پاسن تي يا انهن جي ويجهو اڀرن، تن سڀني جي سنڀال ڪرڻ گهرجي. رستن جي چوڌاري جيڪا زمين هجي، تنهن کي چڱيءَ طرح صاف ڪري ڪک پن ڪڍي ڇڏجي. هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته سرڪار ٻٻر جي وڻ پوکڻ جي جيڪا منع ڪئي آهي، تنهن مان سرڪار جو اهو مطلب هرگز نه هو، ته جيڪي ٻٻر جا وڻ بيٺل هجن، تن کي وڍي ڇڏجي يا جتي اهڙا وڻ پاڻهئي پيدا ٿين ته اتي انهن کي اڀرڻ نه ڏجي. بيشڪ هيءَ ڳالهه مناسب آهي ته رستي جي پاسي تي سڀ کان چڱو وڻ هئڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ ٻٻر جو وڻ جهڙو جلد ٿو وڌي، يا جهڙي چڱي ڇانو ٿو ڏئي، يا جهڙو آسانيءَ سان سنڀالي ٿو سگهجي، اهڙو ڪو ٻيو ٿورو وڻ آهي. تنهنڪري ضلعي جي عملدارن کي اهو خيال ڪرڻ نه گهرجي ته ٻٻرن جي سنڀال ڪرڻ جي منع آهي، يا جتي اهي وڻ اڳي ئي آهن يا پاڻهئي پيدا ٿا ٿين، اتي انهن جي سنڀال نه ڪجي؛ يا انهن کي ناس ڪري ڇڏجي، يا انهن تي نظر ئي نه رکجي.

پڄاڻي

27- ڪمشنر صاحب جي مرضي آهي ته سڀني عملدارن جي دل تي هن ڳالهه جو اثر وجهجي ۽ تاڪيد ڪجي ته رستي جي پاسن تي وڻن پوکڻ ۾ هڪٻئي سان مدد ڪن. اهو ڪم اهڙو آهي، جنهن ۾ سرڪار کي گهڻي خوشي ٿي ٿئي ۽ اڄ سوڌو سنڌ جي ڪيترن هنڌن اها ڪوشش ساب آهي، تنهنڪري عملدارن کي گهرجي ته وڻن جي پوکڻ کي وڌائين. ميونسپالٽين کي صلاح ڏيڻ گهرجي ته ميونسپل جي حدن اندر وڻن جي پوکڻ ۽ سنڀالڻ ۾، پنهنجي پيدائش جو جيڪو حصو ڏينديون آهن، سو سال بسال ڏينديون رهن، ۽ اها به نظر رکڻ گهرجي ته بجيٽ ۾ انهيءَ ڪم لاءِ پئسا ضرور وجهڻ ۾ اچن. ٻيلن جي کاتي وارا ڀانئجي ٿو ته ضلعي جي عملدارن کي صلاح ۽ ٻي مدد ڏيئي سگهندا ۽ رستن جي پاسن لاءِ جيڪي وڻ لائق آهن ۽ ساڳئي وقت گهٽ به آهن، تن جون ڪڏهن ڪڏهن چڪيون ڏيئي به سگهندا. تنهن کانسواءِ ڪئنال آفيسر به بيشڪ ٻڌائي سگهندا ته ڪهڙين جاين تي وڻ پوکڻ گهرجن ۽ ٻيءَ طرح سان صلاح مشوري ۾ ڪليڪٽرن کي مدد به ڏيئي سگهندا. رستي جي پاسي وارن وڻن جي پوکڻ، بچائڻ ۽ سنڀالڻ لاءِ لوڪل فنڊ ۽ بجيٽن ۾ پئسا وجهڻ گهرجن.

(صحيح) هه. ن . ب . ارسڪين صاحب

ڪمشنر سنڌ

 

سچو ترجمو

(صحيح) ج. پالين صاحب

سنڌي ٽرانسليٽر گورنمينٽ سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org