سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :4

 

باب ٽيون

وڻن جو واڌارو ۽ سڌارو

فصل پهروين

ٻج

جيتوڻيڪ گهڻائي چڱا چڱا وڻ ۽ ٻوٽا قلمن ۽ ڏندڻ ۽ پيوندن مان ٿين ٿا، تڏهن به ڪيترائي ٻيا وڻ آهن جي ٻجن مان ٿين ٿا. سال سال ۾ ٿيندڙ ڀاڄيون ۽ گل ته ضرور ٻجن مان پيدا ٿين ٿا.

جي ڀانئجي ته باغ چڱو ٿئي ته ضروري آهي ته ٻج سگها ۽ چڱا هئڻ گهرجن. ٻج جي چڱائي جلد ۽ زور مان ڦٽڻ تي ناهي، پر جيڪي منجهائس پيدا ٿئي ٿو، تنهنجي قسم ۽ خاصيت تي. سنڀال ڪرڻ سان ٻئي هنڌان ٻجن آڻڻ جي بدران پنهنجي ئي باغ مان بهتر ٻج پيدا ڪري سگهجن ٿا. ورهين جي آزمودي مان معلوم ٿيو آهي ته ولايتي وڻن جا ٻج جي هتي پيدا ڪري ڪم ۾ آڻجن ٿا، سي ٻاهران گهرايلن ٻجن کان وڌيڪ اثر وارا آهن، مگر شرط اهو آهي ته انهن جي پوکڻ ۽ تاتڻ جي پوري سنڀال ڪجي.

گلن جي وڻن ۽ ٻين ٻوٽن جي ٻجن بچائڻ جو رستو اهو آهي ته جڏهن وڻن ۾ پڪا ٿي وڃن، تڏهن گڏ ڪري سڪائي رکي ڇڏجن. پر ڪي ٻج اهڙا سنهڙا باريڪ ٿين ٿا، جو جي اڳواٽ سنڀال نه ڪبي ته پچڻ کان اڳي ڇڻي پوندا ۽ وري گڏ ٿي ڪين سگهندا. تنهن لاءِ بهتر ائين آهي ته انهن جي پچڻ کان اڳي ٻجن جي ڦرين کي سنهڙي اڳڙي ويڙهي ڇڏجي ته جي پاڻهي ڇڻن ته به قابو هجن.

سال سال ۾ نون نون پوکيلن وڻن جي ٻج هٿ ڪرڻ جو سولو رستو هي آهي ته پچڻ کان ٿورو اڳي اهي ٻوڙا پاڙان پٽي ڪنهن ڪاغذ تي پکيڙي، ڪنهن خشڪ هوا واري جاءِ ۾ رکي ڇڏجن. سڪي کان پوءِ ڇاڻي گڏ ڪجن، هڪڙو داڻو به زيان نه ٿيندو.

ڀاڄين جو ٻج اڪثر ولايت مان تازو گهرائڻ ۾ ايندو آهي، مگر سنڀال ڪرڻ سان پنهنجو به پيدا ڪري ڪم آڻي سگهجي ٿو. پر اها نظر رکڻ گهرجي ته جيڪي ٻوڙا بچن، تن مان ٻج هٿ نه ڪجي، پر ٻج جي لاءِ چڱا چڱا ٻوڙا چونڊي اڳواٽ هٿ ڪري ڇڏجن، جن مان سڪي کان پوءِ ٻج ڪڍجي.

ٻج سانڍڻ کان اڳي هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته ٻج پوري طرح پڪو هجي. جي برابر پڪو نه هوندو، ٿورو ئي ڪچو هوندو ته زيان ٿي ويندو. ٻج پڪو هوندو ته پوءِ ڪيترا به ڏينهن بند رهندو يا پاڻيءَ ۾ پيو رهندو، ته به سندس اثر گم ٿي نه ويندو، ضرور ڦٽندو. مگر هڪڙي ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ٻجن کي کاري گهميل هوا زيان ڪري ٿي. ضرور آهي ته سڪائڻ کانپوءِ اهي صاف ٿيل ٻاٽلين ۾ بند ڪري، انهن کي مضبوط ٻوچ هڻي، ان جي مٿان وري ڄئو هڻي ڇڏجي. انهيءَ ڪري نه گهميل هوا اندر وڃي سگهندي، نه وري ڪو جيت يا سرو ان کي پهچي سگهندو.

گلن ۽ ڀاڄين جا ٻج جيڪي ٻاهران گهرائڻ ۾ ايندا آهن، سي جڏهن نه ڦٽندا آهن، تڏهن اڪثر چوڻ ۾ ايندو آهي ته ٽين جي دٻن ۾ اچڻ ڪري هنن کي حرڪت ٿي پهچي. پر اها ڳالهه برابر نه ٿي ڏسجي. جيڪا حرڪت پهچي ٿي، سا ٻن اجاين شين کان جي ٻجن سان گڏ دٻن ۾ پئجي وڃن ٿيون، جهڙوڪ: پن يا ڏانڊيون يا ڪک. تنهن کان سواءِ جي گهڻن قسمن جا ٻج گڏ هڪ دٻي ۾ بند هوندا ۽ هڪڙي وقت کولي پوکبا ته اهي سڀ به شايد نه ڦٽندا، ڇالاءِ جو جدا جدا قسمن جي ٻجن جو جدا جدا وقت ٺهرايل آهي.

ٻاهرين ولايتن جا چڱا ۽ سڌريل ٻج جيڪي ايندا آهن، سي هنن هنڌان: آمريڪا، ڪيپ آف گڊ هوپ ۽ انگلينڊ مان. اهي ٻاهران آيل ٻج جي نه ڦٽندا آهن ته ان جو سبب ضرور هنن مان هڪڙو هوندو، يا ٻج تمام پراڻا هوندا جي واپارين ٺڳي ڪري کڻي نون سان گڏ يا هوندا؛ يا ته چڱيءَ طرح ٻڌل ۽ بند ڪيل نه هوندا، يا ته بي موسما موڪليا ويا هوندا، پوري موسم کان اڳي يا پوءِ پوکڻ ۾ آيا هوندا، يا ته زمين ۾ ڪينئن زيان ڪيا هوندا.

آزمودي سان ماڻهو سهي ڪري سگهندو ته ڪهڙا ٻج سخت ۽ پراڻا ۽ نڪما آهن ۽ ڪهڙا نرم ۽ تازا ۽ ڪمائتا آهن.

 

فصل ٻيو

ٻج پوکڻ جي ريت

خاص گلن ۽ ڀاڄين جي ٻجن پوکڻ بابت جيڪا فهمايش ڏيڻي ٿيندي، سا انهن جي بيان ڪرڻ مهل ڏينداسين. هتي رڳو عام سمجهاڻي لکون ٿا.

وڏا وڏا ٻج جن جي کل گهڻي رکڻ ڪري سڪي ڏاڍي ٿي وئي آهي، سي جي خشڪ زمين ۾ پوکبا ته تمام دير سان ڦٽندا. تنهنڪر بهتر آهي ته ڪنهن ٿانو ۾ گرم پاڻي وجهي ان ۾ اهي ٻج کڻي اڇلائجن، پوءِ جيڪي پاڻيءَ تي تري بيهن، سي نڪمان سمجهي ڪڍي اڇلائي ڇڏجن. جيڪي ٻڏن تن کي ٻارهن ڪلاڪ پاڻي ۾ رهڻ ڏجي، پوءِ هڪدم ڪڍي پوکي ڇڏجن.

جيڪڏهن ٻج ڪونڊين ۾ پوکڻا هجن ته ڪونڊين ۾ هٿرادو جوڙيل مٽي وجهي اُن ۾ ٻج هڻجي. انهيءَ مٽيءَ جو اسان مٿي ذڪر ڏنو آهي. هڪڙو حصو پنن جي ڀاڻ جو، هڪڙو حصو باغ جي رواجي مٽيءَ جو، ۽ اٺين پتي صاف واريءَ جي، چڱي طرح گڏائي وجهجي ته بس آهي. يا ٻج وجهڻ کانپوءِ اڌ بيٺل اَڱر ۽ اڌ پنن جو ڀاڻ ملائي انهيءَ سان ٻج ڍڪي ڇڏجن. اَڱرن جي ڪري مٽي کاري يا ڪني نه ٿيندي.

ٻج پوکڻ کان اڳي زمين يا مٽيءَ کي پاڻي ڏيئي آلو ڪرڻ گهرجي. پر تمام گپ ڪري به نه رکجيس. يا ته گِهمِيل زمين ۾ ٻج وجهي پوءِ مٿانس پاڻي ڇاٽاري ڇڏجي.

جي ڪونڊين ۾ ٻج پوکيا ويا هجن ته جيسين اهي ڦٽن، تيسين ڪونڊيون اونڌائيءَ ۾ رکڻ گهرجن. جڏهن ڦٽي ظاهر ٿين، تڏهن هڪدم ڪڍي هوا ۽ روشنيءَ ۾ ڪجن، مگر سنڀال ڪجي ته واءُ جو جوهو، يا مينهن جو وسڪارو، يا سخت اُس سلن کي نقصان نه رسائي.

ڪونڊين ۾ مٽي ڪيئن وجهجي، ڪونڊيون ڪيئن مٽائجن، ۽ ڪيئن اُنهن جي سنڀال ڪجي، تنهن جو سامان مٿين باب جي هڪڙي فصل ۾ بيان ڏنو آهي. هتي رڳو هيترو وڌيڪ لکنداسين ته ڪونڊين مان وڻ ڪڍي، باغ جي زمين ۾ رکڻ جي لاءِ چڱي موسم تڏهن آهي، جڏهن سانوڻ جا مينهن شروع ٿين يا جڏهن سيارو شروع ٿئي. اهڙين چڪين رکڻ لاءِ اڪثر باغائي رڳو ايڏي کڏ کڻندا آهن، جنهن ۾ مٽيءَ جو گولو ڦهڪي اچي، پر گهرجي ته کڏ ٿوري کان ٿورو ته به ڏيڍ فوٽ عمق ۾ هجي ۽ ٻه فوٽ ويڪري  هجي. وڏين چڪين جي لاءِ انهيءَ کان وڏي گهرجي. جيڪا مٽي کوٽڻ سان نڪري سا پراڻي ڀاڻ سان ملائي، وري به اُنهيءَ کڏ ۾ دٻي وجهي ڇڏجي. پوءِ هڪ ٻن ڏينهن تائين پاڻيءَ سان پسائبس ته مٽي ويهي ويندي. تنهن کان پوءِ منجهس چڪي رکي ۽ پاڻي ڏجي، ۽ وري جڏهن زمين خشڪ ٿئي تڏهن پاڻي ڏجي.

 

فصل ٽيون

قلم يا ڏندڻ هڻڻ

ڪن وڻن جا قلم ڪنهن به موسم ۾ لڳائبا آهن ته لڳي ويندا آهن، مگر گهڻو ڪري سانوڻ يا برسات جي موسم ۾ لڳندا آهن. سرد ملڪ مان آيلن وڻن جا ڏندڻ رڳو سرد موسم ۾ لڳي سگهندا.

ڪي قلم ته اهڙا ٿيندا آهن، جو ڪيئن به کڻي زمين ۾ هڻبن ته لڳي ويندا. مگر گهڻين حالتن ۾ آزمودي سان معلوم ٿيو آهي ته اُڀي هڻڻ ڪري اهڙو جلد نه ٿا لڳن، جهڙو پاسيري يا ڏنگي هڻن ڪري. قلم اهڙا پاسيرا هڻجن جو سندن چوٽي زمين کان اِنچ کن مس مٿي هجي، پوءِ رڳو مٿيان ٻه گونچ يا اکيون ٻاهر ڇڏجن، يا سڄا مٽيءَ سان پوري ڇڏجن. ائين ڪرڻ ڪري اهڙو جلد نه سڪي ويندا، جهڙو سڄو ئي هوا ۾ کلئي رهڻ ڪري.

قلم جو جيڪو ڇيڙو زمين ۾ هڻڻو آهي سو بنهه پن جي گونچ جي هيٺان، تکي چاڪونءَ سان وڍڻ کپي. ڪن جي خيال ۾ آهي ته ننڍڙي ٽارڙي پاڙ کان ڇني، کل ۽ ڇوڏي سميت زمين ۾ هڻبي ته ڏندڻ کان جلد ڦٽندي. قلم جي مٿئين ڀاڱي مان ڪو به پن ڇني نه ڇڏجي.

آمريڪا ۾ هيئن ڪندا آهن، جو قلم وڍي پيسيل گاهه يا ڪاٻار ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، يا ته ڪنهن وڏي منهن واري ٻاٽليءَ جي تر ۾ پسيل ڪڪر وجهي، انهيءَ ۾ قلم وجهي ڇڏجن ته ڀلي ڏهه پندرهن ڏينهن اتي پيا هجن: پر ٻاٽليءَ جي منهن کي سنهڙو ململ جو ڪپڙو ٻڌي ڇڏجي ته لَٽ توڙي جيت اندر نه وڃن، مگر هوا پئي وڃي پوءِ ڪڍي ڪونڊين ۾ هڻجن.

ڪن وڻن جا قلم ته ننڍي ۽ ڪچي ڪاٺيءَ جا به لڳي ويندا آهن؛ ڪن جا ته جڏهن وڻ اڌو گابرو پچندو آهي ۽ ڪاٺي زردي يا ڀوري ٿيڻ لڳندي آهي ۽ ڪن جا ته رڳو جڏهن ڪاٺي پڪي ٿي ويندي آهي تڏهن.

”پاڪسٽن“ صاحب لکي ٿو ته ”وڻن ۾ ٻن قسمن جون ٽاريون ٿينديون آهن: هڪڙيون ٿڙ مان نڪري مٿي چڙهنديون وڃن، ٻيون زمين تي ولين وانگي پونديون وڃن. هيٺين ٽارين جي قلمن منجهان وڻ مضبوط ۽ زور ڀريا ۽ گيل وارا ٿيندا، مگر گهڻا گل نه ڪندا. مٿين ٽارين جي قلمن منجهان پيدا ٿيل وڻ تمام جلد گل ڪندا. ڪڏهن ته هڪڙي ئي موسم بس آهي. ٽارين جي چوٽيءَ جا قلم گل تمام جلد ڪندا مگر وڻ قد جا بندرا ٿيندا.“

باغ جي جنهن ٻاري ۾ قلم يا ڏندڻ هڻجن، تنهنجي مٿان ڪو ڍڪ نه وجهجي ته ڀلي اتي هوا ۽ روشنائي جهجي هجي. نظر رکجي ته زمين کاري نه هجي، نڪي پاڻ پوڻ کانپوءِ کاري ٿي پوي.

ڪن نازڪ ۽ قيمتي وڻن جا قلم ائين نه هڻندا آهن. صفا واري کڏ ۾ يا ڪونڊيءَ ۾ وجهي، ان ۾ ڏندڻ هڻي مٿانس شيشي جا پوش يا ڍڪ ڏئي ڇڏيندا آهن ۽ انهن جي مٿان وري ڇانو به ڪري ڇڏيندا آهن. ڏينهن ۾ هڪڙو ڀيرو پوش کڻي پاڻي ڏيئي وري ڍڪي ڇڏيندا. جڏهن قلم ڦٽندا آهن، تڏهن پوش لاهي، ٻيءَ جاءِ تي يا ٻيءَ ڪونڊيءَ ۾ رکندا آهن. ڪڏهن ته قلمن واري ڪونڊي زمين ۾ ڪناري تائين پوري ڇڏيندا آهن. شيشن جا پوش شمعدانن وانگي ٽين وارا آسانيءَ سان جوڙي سگهندا.

سخت ڪاٺيءَ واري وڻ جا ڏندڻ صفا واريءَ ۾ جلد لڳندا ۽ نرم ڪاٺيءَ واري وڻ جا ڏندڻ هلڪي مٽيءَ ۾ چڱا لڳندا. اڃا به جي ٽن حصن واريءَ ۾ هڪڙو حصو پيٺلن اَڱرن جو گڏائبو ته وڌيڪ فائدو آهي.

هيٺين تجويز قلمن هڻڻ جي تمام پسنديءَ جهڙي آهي. هڪڙي تانگهي پاٽ هٿ ڪجي يا ڪونڊيءَ وانگي ڪم آڻجي. تري ۾ پاڻي وهائڻ لاءِ ٽُنگ هجيس. تنهنجي مٿان ڪي ٺڪريون رکجن ته ٽنگ پورجي نه، ۽ پاڻيءَ جو نيڪال جاري رهي. پاٽ جي پاسن کان، وچ وارين ٺڪرين تائين، وري پنن جو ڀاڻ واريءَ سان ملائي وجهجي. انهيءَ ڪري، پاٽ جي ڪناري کان اڌ انچ هيٺ تائين خالص واري وجهجي. تنهن ۾ قلم پاسيرا ڪري هڻجن، جيئن سندن هيٺيون ڇيڙو، ڀاڻ جي مٿان پاٽ جي پاسي کي وڃي لڳي. انهيءَ جي مٿان وري شيشي جو پوش يا چؤنڪ رکجي، جيئن قلمن جا پنن وارا مٿيان ڇيڙا پوش جي اندر اچي وڃن. پوءِ اها پاٽ ڪنن تائين زمين ۾ پوري ڇڏجي، پر ڪنهن ڇانو واري هنڌ. رات جو وري انهيءَ سڄي تي ڪو تڏو يا پکو وجهي ڦٽو ڪجي. ڏهاڙي شيشي جي ٻاهران واريءَ کي پيو پاڻي ڏجي، شيشي کي اصل ڪين لاهجي، جيسين ڪ قلم لڳي وڃن. جي شيشي جو پوش هٿ نه اچي سگهي، ته هيئن ڪجي جو هڪڙي وڏي گلن جي ڪونڊي هٿ ڪري، ان جي تري ۾ سرن جا ٽڪر ۽ ٺڪر وجهي، ان جي مٿان وڏي ڪونڊيءَ منجهه وري ٻي ننڍي ڪونڊي رکجي، جيئن ٻنهي ڪونڊين جا ڪنان هڪ سنوت ۾ رهن. ٻنهي ڪونڊين جي وچ واري وٿي، سڪي واريءَ يا مٽيءَ سان ڀرجي. اندرينءَ ڪونڊيءَ ۾ خالص واري وجهي، انهيءَ ۾ قلم هڻجن. وري ٻي هڪڙي وچولي قد جي خالي ڪونڊي هٿ ڪري، سندس ترو ڀڃي، ننڍي ڪونڊيءَ جي مٿان ابتي ڪري رکجي، جيئن سندس ڪنان واريءَ تي وڃي بيهن، ۽ پهرين ٻنهي ڪونڊين جي ڪنارن جي وچ ڌاري اچن. مٿانس، ڀڳل تري جي جاءِ تي وري هڪڙو دريءَ جو شيشو کڻي رکجي. قلمن کي سُوسڙي پاڻيءَ سان پيو رجائجي، پر سنڀال ڪجي ته ٻنهي ڪونڊين جي وچ واري واريءَ تي پاڻي نه پوي. جڏهن شيشي جي اندران ماڪ وانگي گِهم ڏسڻ ۾ اچي، تڏهن رڳو شيشو اُٿلائي رکجي.

مٿين ٻنهي رٿن جون شڪليون هي آهن.

قلمن هڻڻ جو ٻيو به رستو آهي، اهو آهي پاڻيءَ ۾ وجهڻ جو. ويڪري منهن وارين ٻاٽلين ۾ صاف پاڻي وجهي، منجهس قلم وجهي، مٿي لڙڪائي ڇڏجن. قلم مضبوط وڻن جا هجن، ٽارين جون چوٽيون هجن ته بهتر. مهيني کن جي اندر قلمن مان سنهڙيون تندون پاڙن جون نڪرنديون. پوءِ هڪدم ڪڍي زمين ۾ يا ڪونڊين جي مٽيءَ ۾ هڻجن. پاڻي ٻاٽلين مان مٽائبو وڃجي ته صاف رهي. پاڻي وجهڻ مهل سوسڙو هجي ته چڱو. ڏاڍي واءَ ۽ سخت اُس کان قلمن کي بچائجي، نه ته هونئن ڀلي کليل رهن، پر رات جو سرديءَ کان کڻي اندر رکجن ته چڱو. يا ته ٻاٽليون اڌ تائين سوسڙي پاڻيءَ ۾ رکجن ته به ڳالهه اوتري.

گهڻا ڏندڻ لڳائڻا هجن ته آمريڪا ۾ جيڪا تجويز ڪندا آهن، سا سڀ کان وڌيڪ آهي. ڇهن ڇهن انچن جا قلم وڍي، هڪ هڪ قسم جا ملائي، گَڏا ٻڌي رکجن. هيٺيون ڇيڙو ڪنهن گونچ يا ٽاريءَ وٽان وڍيل هئڻ گهرجي. پوءِ ڇيڻو ۽ پاڻي ملائي، تنهن ۾ قلمن جا هيٺيان ڇيڙا ٻوڙجن. تنهنکانپوءِ هڪڙو ديال جو کوکو، جو اٽڪل 2 فوٽ ڊگهو، 18 انچ ويڪرو ۽ 12 انچ اونهو هجي، سو هٿ ڪري، تنهن ۾ 3 انچ باغ جي مٽي وجهجي. مٽيءَ ۾ وري قلم اُبتا ڪري، يعني هيٺيون ڇيڙو مٿي ڪري، کوڙي ڇڏجن. گَڏن جي وچ ۾ جيڪا وِٿي رهي، تنهن ۾ مٽي وجهجي، جيسين ڪ قلمن جي مٿان انچ مٽيءَ جو چڙهي وڃي. پوءِ ٽي حصا مٽي ۽ هڪ حصو واري گڏائي، مٿان وجهجي، جيسين ڪ کوکو ڀرجي وڃي. اها پيتي يا کوکو اهڙي هنڌ تي رکجي، جتي اس پئي سگهي ۽ ايترو پاڻي پيو ڏجيس، جو مٿيان ٽي چار انچ مٽيءَ جا گِهميل رهن، پر گهڻو آلا ٿي نه پون. ستن اٺن هفتن ۾ اميد آهي ته سڀ قلم لڳي ويندا ۽ گونچ ڪڍندا. پوءِ کوکي کي کڻي اونڌو رکجي ۽ آهستي ڪري ڪڍي وٺجي، جنهنڪري قلمن جا گَڏا نڪري ظاهر ٿيندا. پوءِ هڪڙو هڪڙو ڪري ڪونڊيءَ ۾ هڻجي ۽  ڇانوري ۾ رکجي.

ڪي وڻ وري اکين مان ٿيندا آهن، جيئن ڪ لاهور ۾ ڊاک جا اکين وارا قلم هڻندا آهن. هيئن ڪجي جو جيڪو زور ڀريو وڻ هجي، تنهن۾ ڪا اک جاچجي، ان جي مٿان توڙي هيٺان، پاسيرو ڪاٺيءَ کي وڍ ڏجي، اهڙيءَ طرح جو اهي ٻئي وڍ يا چَهڪَ انهيءَ اک يا انگور جي پٺيان، اڌ انچ تي وڃي ملن. اهو اک وارو ڪاٺيءَ جو ٽڪر، ڪنهن واريءَ سان ڀريل پاٽ ۾ هڻجي، جيئن انگور مٿان پيو ڏسجي. ضروري آهي ته انهيءَ اک ۾ پن يا گونچ لڳل رهي، نڪري نه وڃي. واريءَ کي پيو پسائجي ۽ پاٽ مٿان شيشو رکي ڇڏجي. ولايت ۾ نارنگيون ۽ گلاب انهيءَ رستي وڌائيندا آهن.

ڪي وڻ ٻوٽا وري اهڙا ٿيندا آهن، جو بنياد کان گهڻين بُنڊين ۽ ڏانڊين سان نڪرندا آهن، ۽ هڪڙيءَ هڪڙيءَ ڏانڊيءَ ۾ جدا جدا پاڙ لڳل رهندي آهي. پوءِ اهو ٿُڙ پاڙ سميت پٽي، جدا ڪري، زمين ۾ يا ڪونڊيءَ ۾ هڻي ڇڏبو، ته اتي ڦُٽي پوندو ۽ ڌار ٿي پوندو.

 

فصل چوٿون

اوڌ هڻڻ

اوڌ جي رستي وڻ اهڙو جلد نه ٿو نڪري، جهڙو قلم جي رستي، مگر اها پڪ آهي ته اوڌ گهڻو ڪري گُسندي ڪا نه، پر قلم اڪثر گُسي ويندا. وڏن وڻن جي لاءِ قلمن کان اوڌن جو رستو بهتر آهي.

اوڌ هيئن هڻبي آهي: پهرين نهاري وڃجي ته پڪي وڻ جي ڪهڙي ٽاري آهي، جا ڀڄڻ کان سواءِ مُڙي زمين تائين اچي سگهندي. پوءِ پنن واري ڇيڙي يا چوٽيءَ کان هيٺ ڪا اک جاچجي، انهيءَ جي هيٺان، اڌ مان تکي چاڪونءَ جو ڦر لنگهائي ڏجي ۽ مٿي هلائيندو چيريندو هڪڙي ٻن انچن تائين اچجي ۽ انهيءَ چير ۾  ڪا ٺڪري وجهي ڇڏجي، ته ڀلي کليل رهي. تنهن کان پوءِ جنهن هنڌ زمين تي، انهيءَ ٽاريءَ جي چوٽي ورائڻ سان اچي لڳي، اتي ٻه ٽي انچ هيٺ زمين کوٽجي، يا انهيءَ هنڌ ڪا گُل جي ڪونڊي رکجي. پوءِ خبرداريءَ سان ٽاري ورائي، اهو چيريل ڀاڱو زمين يا ڪونڊيءَ جي مٽيءَ ۾ پوري ڇڏجي ۽ ڪلي هڻي مضبوط ڪري ڇڏجي، ته وري اُٿي نه ۽ مٿانئس وڌيڪ مٽي وجهي دٻائي پاڻي ڏئي ڇڏجيس. جي گرميءَ جي ڏينهن ۾ اوڌ هڻجي، ته ذري ذري پاڻي وجهڻ گهرجي، جيئن مٽي سُڪي ڏاڍي ٿي نه وڃي. اها ٽارڙي زمين ۾ ٻن انچن کان هيٺ نه پورجي، ته متان ٻاهر واري هوا جي گرميءَ جو اثر نه پهچيس، نه ته جلد نه ڦٽندي.

جن وڻن جون ٽاريون سوٽ ٽاڪُنيون ٿينديون آهن ۽ گهڻو مُڙي يا وري نه سگهنديون آهن، انهن لاءِ ڪنهن ڪونڊيءَ جو پاسو ڀڃي، اوڌ جو چيريل ڀاڱو انهيءَ ڀڳل ڪونڊيءَ ۾، پاسيرو مٽيءَ سان پوري ڇڏيندا آهن ۽ انهيءَ ڪونڊيءَ جي هيٺان وري ٽيڪ لاءِ، ٻي ڪونڊي ابتي ڪري رکندا آهن ته مٿي رهي ۽ ٽاري مڙي نه.

ٻيو رستو هي آهي ته ننڍين ڪونڊين کي اڀُو چيري، ٻه اڌ ڪري، تري جا ٽڪر ڪڍي، انهن جي وچ مان اوڌ واري ٽاري لنگهائي، انهن کي مضبوط ٻڌي ڇڏجي ۽ انهن جي وچ ۾ چڱي مٽي وجهي پاڻي ڏيندو وڃجي. يا ته اوڌ جي چيريل ڀاڱي جي چوڌاري، روغني ڪپڙو پوپو ڪري ويڙهي ٻڌي ڇڏجي، پوءِ انهيءَ منجهه مٽي لنگهائي ڏجي ۽ مُنهن ۾ گاهه ذرو ڏيئي ڇڏجيس ته مٽي نڪري نه وڃي. پوءِ ٻيو پاڻيءَ سان پڄائجيس.

انهن کانسواءِ ٻي به هڪڙي ريت آهي جنهن کي بنگال ۾ گُوٽي سڏيندا آهن. وڻ جي ڪا مضبوط پڪي ٽاري ڏسي، پنن واري اک يا گونچ جي هيٺان، هڪ انچ ويڪرو ڇوڏو ڇَلي وانگي وڍي، لاهي وٺجي ۽ اندرين ڪاٺي کرڙي صاف ڪجي ته ڇوڏي جو ڪو نشان نه رهي. پوءِ انهيءَ جي مٿان چوڌاري ڳوهيل مٽي هڻي، ڳوڙهو يا گولو ڪري، پٽيءَ سان ٻڌي مضبوط ڪري ڇڏجي. انهيءَ جي مٿان ڪو مٽيءَ جو لوٽو يا ڪنگر يا ننڍو دلو لڙڪائي ڇڏجي، جنهن جي تري ۾ سوراخ هجي، جنهن منجهان پاڻي پيو انهيءَ ڳوڙهي تي ٽمي ۽ دلي ۾ هر روز پاڻي پيو وجهجي. يا ته رسي کي ڳنڍ ڏيئي، دلي جي اندران ٽُنگ منجهان لنگهائي، ٻيو ڇيڙو ڳوڙهي جي مٿان ويڙهي ڇڏجي، ته پاڻي ٽنگ منجهان انهيءَ رَسي تان سِر ڪيو سڌو ڳوڙهي تي پيو پوي ۽ ٻئي پاسي ڪري زيان نه ٿئي. ٽاريءَ ۾ زخم يا وڍ جي مٿان جيڪي اکيون هونديون، انهن مان سگهو ئي تندون نڪري، انهيءَ رسي تان سر ڪيو سڌو ڳوڙهي تي پيو پوي ۽ ٻئي پاسي ڪري زيان نه ٿئي. ٽاريءَ ۾ زخم يا وڍ جي مٿان جيڪي اکيون هونديون، انهن مان سگهو ئي تندون نڪري، انهيءَ ڳوڙهي ۾ لهي اچي پونديون ۽ پاڙون هڻي وينديون. جڏهن اهي پاڙون مٽيءَ جي ڳوڙهي مان نڪري اچن، تڏهن اها ٽاري انهيءَ زخم جي هيٺان وڍي، اصل وڻ کان ڌار ڪري پوکي ڇڏجي. پوءِ پڪ آهي ته لڳي ويندي. ڪڏهن ڪڏهن مٽيءَ جي ڳوڙهي جي بدران ڪونڊيءَ جا ٻه اڌ هڻي، منجهن مٿي وجهي ٻڌي ڇڏيندا آهن، جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي.

 

فصل پنجون

پيوند ڪرڻ

پيوند ڪرڻ جو رستو قديم زماني کان استعمال ۾ پي آيو آهي. انهيءَ ڪري ٻه وڻ اندرين ڦرندڙ رس جي وسيلي سان گڏجي اُڀڙي سگهن ٿا. جراحيءَ جي فن ۾ اها مشهور ڳالهه آهي، ته جي آڱر جو ڪو ٽڪر ڪنهن اتفاق سان ڍُجي پري وڃي پوي ۽ اهو انهيءَ دم وري پنهنجي جاءِ تي رکي، چڱيءَ طرح زخم ٻڌي ڇڏبو ته اهو آڱر کي چنبڙي ويندو ۽ آڱر وري اڳي وانگي سڄي ساري ٿي پوندي. اهو چئبو حيواني جسمن جو پيوند. نباتاتي جسمن جو پيوند به ساڳيو انهيءَ وانگي آهي. رڳو تفاوت اهو آهي ته آڱر جو ٽڪر، وري به ساڳيءَ آڱر سان ٿو چنبڙائجي، مگر نباتاتي پيوند ۾ ٻين جدا جدا وڻن جا ڀاڱا ٿا چنبڙائجن. پر حقيقت ڪري تفاوت اصل ڪونهي. ڇالاءِ جو جي ٻه ماڻهو، هڪ جهڙي طبيعت ۽ تندرستيءَ جي حالت ۾ هوندا ۽ انهن ٻنهي جي آڱر هڪ ئي وقت کڻي وڍجي ۽ هن جو ڳترو هن جي آڱر تي ۽ هن جو هن تي رکي ٻڌجي ته جيڪر پيوند ٿي وڃن.

پيوند ڪرڻ جا پنج سبب يا مطلب ڏيندا آهن. (1) جدا جدا قسمن يا جنسن جا ميوا هميشه تائين پيا هلندا ۽ انهن جو اصل باقي رهندو. ٻج پوکڻ سان جيڪر اهو مطلب پوررو ٿي نه سگهي. (2) ڪنهن به گهربل قسم جي وڻن جو تعداد تمام جلد گهڻو ٿي سگهي ٿو. (3) جي وڻ ڦَر ڏيڻ ۾ ڍرا آهن، سي جلدي جلدي ڦر ڏين ٿا. (4) ميون جون خاصيتون سڌرن ٿيون. (5) هڪڙي ئي وڻ جي ميون جي جدا جدا قسمن بدلائڻ ۽ انهن جي زياده پيدائش ڪرڻ جي سگهه وڌائي سگهجي ٿي.

جڏهن ڪو وڻ جهونو ٿيندو آهي، پر اڃا زور ڀريو مضبوط پاڙن وارو هوندو آهي ۽ ضرور ڄاڻبو آهي ته ان جي ڦر ڪرڻ جي، طاقت سڌارجي يا نئين ڪجي، تڏهن پاڙ کان مٿڀرو، ان جي ٿڙ کي آرپار وڍبو آهي، پوءِ انهيءَ کتل بنڊ يا ٿڙ ۾ ٻين وڻن جون ٽاريون پيوند ڪبيون آهن، جي اتي پاڙ هڻي لڳي وينديون آهن ۽ ڦر جهلي بيهنديون آهن، ڄڻ ته اصل انهيءَ وڻ جون آهن. اڪثر انهن وڻن جي جو پاڻ ۾  پيوند ٿيندو آهي، جي اندروني بناوت ۽ ڪاٺيءَ جي تندن ۽ ڳڀ ۽ رس جي نسبت ۾ هڪ جهڙا هوندا آهن، جنهن ڪري پاڻيءَ يا رس جي لهڻ چڙهڻ ۾ گهڻي اٽڪ نه، ٿيندي آهي، پر تڏهن به ڦر يا ميوي جي قسمن جي بنسبت ضرور انهن ۾ تفاوت هئڻ گهرجي، جنهن ۾ ته سڌاري ڪرڻ لاءِ پيوند ڪرڻ ۾ اچي ٿو. مثلاً جهنگلي صوف جو وڻ جنهن جو ڦر خراب ۽ ڪسارو ٿئي ٿو ۽ کائڻ ۾ نه ٿو اچي، تنهن کي وڍي، انهيءَ جي ٿڙ ۾ پيوند ڪري سگهجي ٿو. ياد رکڻ گهرجي ته جيترو وڌيڪ ٿڙ ۽ پيوند ڪيل ٽاريءَ جي اندرين بناوت، ويجهي ۽ مشابهت هوندي، تيترو گهٽ پيوند اثر ڪندو ۽ وري جيترو وڌيڪ انهن جي وچ ۾ تفاوت هوندو، اوترو وڌيڪ پيوند اثر ناڪ ٿيندو. مثلاً ناسپاتيءَ جو پيوند جهنگلي ناسپاتيءَ سان، يا صوف جو جهنگلي صوف سان، يا آلوءَ جو آلوءَ سان، يا شفتالوءَ جو شفتالوءَ يا بادام سان ميوي پيدا ڪرڻ جي نسبت ۾ ڪو وڌيڪ فائدي وارو نه ٿيندو، جهڙو ناسپاتيءَ جو بِهي سان، يا شفتالوءَ جو آلوءَ سان.

پيوند ڪرڻ جا مکيه ٻه رستا آهن. هڪڙو ٽاري يا ڏندڻ ٿڙ ۾ کوڙڻ سان ۽ ٻيو ٻن ٽارين ملائڻ يا چنبڙائڻ سان. پهرئين رستي جا ٽي قسم آهن، جن ٽنهي ۾، ٿڙ ۾ کپ يا چير ڪري، ٽاريءَ يا ڏندڻ جو منهن گهڙي، ان ۾ ڦاسائي ٻڌي ٿو ڇڏجي. پهريون وڍيل ٿڙ جي وچ ۾ کپ ڪري، ٽاري يا ڏندڻ گهڙي، ٽُنبي ڇڏجي، جيئن کپ واري جاءِ ڀرجي بيهي رهي. ٻيو ٿڙ جي پاسي ۾ پاسيرو کپ ڪري، انهيءَ ۾ ٽاري کوڙي ڇڏجي. ٽيون ٽاريءَ يا ڏندڻ جي منهن جو ڀاڱو زبان وانگي وڍي، ٿڙ ۾ اهڙي قسم جو چير ڪري، انهيءَ ۾ وجهي ٻڌي ڇڏجي. انهن ٽنهي قسمن جون شڪليون پٺيان ڏجن ٿيون.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org