سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :6

 

باب چوٿون

فصل پهريون

ڀاڄين جو باغ

ڀاڄين پوکڻ بابت ضروري سمجهاڻي

هن باب ۾ اسين ڏيهي توڙي ولايتي ڀاڄين جو مختصر بيان ڏينداسين. ڏيهي ڀاڄين جي ته اڳيئي پڙهندڙن کي خبر هوندي، مگر ولايتي ڀاڄيون جي هاڻ گهڻو پوکڻ ۽ کائڻ ۾ اچن ٿيون، تن جو بيان وڌيڪ ڪمائتو ڏسڻ ۾ ايندو. اسين رڳو ضروري ۽ مُک ڀاڄين جو بيان ڏينداسين ۽ هڪ هڪ جا جدا جدا قسم نه لکنداسين، جيڪي ننڍا اوڀڙ مصالح وغيره ۾ يا ٻيءَ طرح کائڻ ۾ اچن ٿا، سي به ڀاڄيون شمار ڪري هن باب ۾ ڏينداسين.

ڀاڄين پوکڻ جي ريت ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي، ته ٻارا ٺاهي پوءِ ٻج وجهبو آهي. ٻارا گهڻو ڪري چار فوٽ ويڪرا هئڻ گهرجن. انهن جي وچ ۾ ٻه انچ مٿي ۽ هڪ فوٽ ويڪرو ٻنو هئڻ کپي ۽ ٻني جي مٽي چڱيءَ طرح وليل، ماريل ۽ سنئين هئڻ گهرجي، جيئن باغائي مٿس هلي سگهي، ۽ وڃي ڪک سوئي يا پاڻي ڏئي. ٻارا توڙي ٻنا سوان ۽ رٿائتا ٺاهڻ گهرجن نه ته زمين بد زيبي لڳندي. صفائي جي بندوبست رکڻ سان، ڀاڄين جي باغيچي کي به اهڙو خوشنما ڪري ٿو سگهجي، جهڙوگلن جي باغيچي کي.

بلڪل ضروري آهي ته ڀاڄين پوکڻ جي ڪم آڻڻ کان اڳي، زمين تمام چڱي طرح کوٽيل، ڀڳل ۽ ڀريل هجي ۽ منجهس گهڻو ڀاڻ وڌل هجي. ٻج وجهڻ کان اڳي زمين بلڪل سنئين ڪرڻ گهرجي ۽ مٿانئس پراڻن پنن جي ڀاڻ جو تَههُ وڃائي ڇڏجي ته ٻجن کي ڦٽڻ ۾ مدد اچي.

جي زمين خشڪ ۽ دُسِڙ واري هوندي ته پوکڻ جي بلڪل ڪم جي ناهي. ضرور ڀڄائي نرم ڪرڻ گهرجي. ٻج پوکڻ جا ٻه رستا آهن، يا ڇَٽ يا ناڙيءَ وانگي. پر اڪثر هٿ سان ٻج ڇٽڻ جو رواج زياده آهي. آهن ٻئي فائدي وارا. ٻج ڇٽڻ مهل گهرجي ته ٻج سان ٽيڻو انداز، صاف ۽ خشڪ واريءَ جو ملائي ڇڏجي، پوءِ ٻج ڇٽجي. انهيءَ مان زياده پڪ ٿيندي ته ٻج ساري ٻاري ۾ هڪجهڙو ۽ هڪ جيترو پئجي ويو آهي، گهٽ وڌ يا ڇڊو گهاٽو نه ٿيو آهي.

چوندا آهن ته ٻج ڇٽڻ کان پوءِ، جيسين ڦٽي تيسين ٻاري جي مٿان اڇو ڪپڙو وڇائي ڇڏجي. انهيءَ مان هيءُ به فائدو آهي ته سج جي تابش ڪري زمين جو ريج جلد سڪي نه ويندو.

مٽرن، چونرن، ڦول گوبي، بند گوبي، سليري ۽ ڪن ٻين ڀاڄين جي پوکڻ لاءِ زمين ڪيئن تيار ڪجي، تنهن جو بيان اسين انهن جي ذڪر ڪرڻ مهل ڏينداسين.

باغيچي جي پاسي ۾ جي ڪو نِير جو ڪارخانو هجي، ته اتي جو ڪچرو آڻي ڀاڻ وانگي ڪم آڻجي. ان ۾ اَمونيا تمام گهڻي ٿي رهي، تنهنڪري اُن مان اوڀڙن کي ڏاڍو فائدو آهي. اهو پنن جي ڀاڻ کان سئو دفعا بهتر آهي.

ڀاڄين پوکڻ  لاءِ، خاص ولايتي ڀاڄين جو ٻج جاچ ڪري ڪنهن چڱي ڪارخاني يا ڪمپنيءَ جو هٿ ڪجي. ٻج تازو هئڻ کپي. بعضي دغا ڪري، پراڻو ٻج بند ڪري موڪليندا آهن. ٻج جا دٻا ڪنهن گهم واري ڏينهن نه کولڻ گهرجن. صفا ۽ خشڪ هوا ڏسي پوءِ کولجن. کولئي کان پوءِ به ٻاٽلين ۾ بند ڪري، ٻوچ ڏيئي، ٻوچ جي مٿان ميڻ يا ڄئو هڻي رکجي، جيسين پوکڻ ۾ اچي. ڪيترائي قيمتي ٻج انهيءَ طرح جي سنڀال نه وٺڻ ڪري، ضايع ٿيا آهن ۽ ڦٽا نه آهن؛ پوءِ ڏوهه ڏيندا آهن ٻجن کي ۽ ٻجن موڪليندڙن کي. ٿي سگهي ته ٻج پوکڻ مهل باغ جو مالڪ پاڻ حاضر رهي، رڳو باغائيءَ تي نه رکي. پوکڻ مهل زمين ۾ ايترو ريج نه هئڻ گهرجي، جو هٿ سان مٽي کڻي ڳوڙهو جوڙجي ته جڙي بيهي. ٻارن تي ٻه انچ ڀاڻ وجهي، پوءِ رنبيءَ سان زمين ودڻ گهرجي ۽ هٿ سان ڳوڙها ڀڃي مٽيءَ کي چورو ڪجي. پوءِ ٻج پوکجي. سلن نڪرڻ کان اڳي پاڻي تمام ٿورو ڏجي.  سلن نڪرڻ کان پوءِ پوري وقت تي ٻيجاري جا سلا ڪڍي، ٻين ٻارن ۾ رونبو ڪري رکجن.

 

فصل ٻيو

پاڙون، جي ڀاڄين وانگي کائڻ ۾ اچن ٿيون

بٽاٽا

بٽاٽن کي پٽاٽا به چوندا آهن. هندستانيءَ ۾ هنن کي آلو به سڏيندا آهن. پٽاٽي کي انگريزيءَ ۾ موٽاٽو چوندا اٿس. يورپ ۾ پٽاٽن جا تمام گهڻا قسم پوکڻ ۾ ايندا آهن. هندستان ۾ رڳو چار پنج قسم اڪثر پوکبا آهن. هن جي اصل جاءِ ڏکڻ آمريڪا آهي، پر پوءِ ٻين ملڪن ۾ وڃي نڪتا آهن. هن ملڪ ۾ جيڪي قسم ڪم ايندا آهن تن مان عمدو اهو آهي، جيڪو ڳاڙهو ٿيندو آهي.

بٽاٽا اڪثر آڪٽوبر مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ پوکبا آهن، پر هت جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ به پوکي سگهجن ٿا. اهي سڄا سارا زمين ۾ پوري ڇڏبا آهن، اُهي چَريُن يا کيرن ۾ پوکبا آهن، جيئن ناڙيءَ جون ڪسيون ٿينديون آهن. اُهي هڪٻئي کان ٻه فوٽ پري هئڻ گهرجن ۽ ٽي يا چار انچ اونهيون هئڻ کپن. فوٽ فوٽ تي ٻج جو پٽاٽو هئڻ گهرجي. پوءِ ڪسين تي مٽي وجهي ڇڏجي. جڏهن سلا اٺ انچ مٿي ٿين، تڏهن زمين ولي ان کي ڪڏهن ڪڏهن پاڻي ڏجي. گلن جون مکڙيون کلن، تنهن کان اڳي اهي پٽي ڇڏجن ته وڻن کي فائدو پهچي. سڄي مدت ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا پاڻي ڏيڻ بس آهي.

پٽاٽي جي لاءِ چڱي ڀاڻ واري نرم ڌرتي گهرجي. ڪاٺيءَ جي رکَ، چُن ۽ هڏن جو چورو چڱو ڀاڻ آهي. ساڳيءَ زمين تان ٻه فصل هڪٻئي پٺيان نه کڻڻ گهرجن. تازي ۽ نَهورَ زمين ۾ پٽاٽو ڏاڍو زور ٿو وٺي.

جڏهن پٽاٽو ٻُور ڪري، تڏهن سمجهجي ته هاڻي پاڙون هڻي رهيو آهي، وڌائيندو ڪين. جيستائين پن ۽ ٿڙ ڪومائجي، سڪي نه وڃن تيستائين پٽاٽا کوٽي نه ڪڍجن، ڇا لاءِ جو هو پورا پچن ئي تڏهن ٿا. پٽاٽن ڪڍڻ کان پندرهن ويهه ڏينهن اڳي پاڻي ڏيڻ بند ڪجي. پورا پڪل پٽاٽا نه رڳو کاڌي ۾ چڱا ٿين ٿا پر ڳچ تائين سانڍي رکڻ ڪري، خراب به ڪين ٿا ٿين. وڏن وڏن شهرن ۾ ته ٻارهن ئي مهينا پٽاٽا موجود رهن ٿا.

چوندا آهن ته جنهن زمين ۾، سارين جو فصل برابر نه ٿئي، انهيءَ ۾ ان جي بدران پٽاٽن جو فصل چڱو ٿيندو آهي. پٽاٽي پوکڻ ۾، جنهن پاسي گهڻيون اکيون هجنس، سو پاسو مٿي رکڻ کپي.

پٽاٽن جو فصل اهڙو فائدي وارو ٿيندو آهي، جو آزمودي مان ڏٺو ويو آهي ته زمين جي هڪڙي جريب مان 80 کان 100 مڻن تائين پيدائش ٿئي ٿي.

 

لاهوري گجرون

هن کي انگريزيءَ ۾ مٺا پٽاٽا ۽ هندستانيءَ ۾ شڪر قند، يا ڪڏهن رتالو ڪري چوندا آهن. لاهوري گجرون هن ملڪ ۾ عام آهن ۽ هندستان ۾ جتي ڪٿي پوکڻ ۾ اينديون آهن. هي ٻن قسمن جون ٿينديون آهن. هڪڙيون اڇيون ٻيون ڳاڙهيون _ ڳاڙهيون بهتر آهن ۽ مٺيون ٿينديون آهن. ماڻهو انهن کي رڌيندا به آهن، يعني پاڻيءَ ۾ اوٻاري کائيندا آهن، ۽ گرمي ڪيريءَ ۾ پچائيندا به آهن. ڪڏهن ڪچيون به کائيندا آهن پر ڪچن کائڻ مان پيٽ جي سور جو ڊپ رهندو آهي.

هي گجرون جون مهيني ڌاري پوکي سگهجن ٿيون ۽ پٽاٽن وانگي ڪسيون يا کيرا ڪري پوکجن. ڪسيون ڏيڍ فوٽ هڪٻئي کان پري هجن. سياري ۾ اهو فصل تيار ٿئي ٿو. پر هيءَ باغ ۾ پوکڻ جي ڀاڄي نه چئبي، اڪثر ٻنين ۾ پوکبي آهي.

پتائي گجرون

هنن کي رڳو گجرون يا سنڌي گجرون به چوندا آهن. انگريزيءَ ۾ ”ڪارٽَس“ چوندا اٿن. هنن جا به ٻه قسم آهن. هڪڙي جون پاڙون تمام ڊگهيون ٿينديون آهن، ٻئي جون ڇوٽيون ٿينديون آهن. هي پويون آسانيءَ سان پوکبيون آهن ۽ جلد پچن ٿيون.

هي گجرون آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي وچ تائين پوکڻ ۾ اچن ٿيون. زمين چڱي نرم ۽ اونهي ولَيل هئڻ گهرجي. ٻج اڪثرڇٽبو آهي پر ڪسين ۾ پوکڻ منجهه ڪفايت آهي. ڪسيون اٺ انچ ڌار ڌارهئڻ گهرجن. هڪڙو ٻوڙو ٻئي کان ڇهه انچ پري هئڻ کپي. جڏهن اوڀڙ وڌڻ لڳن، تڏهن انهن کي چڱيءَ طرح پاڻي ڏيڻ گهرجي، ته پاڙون آسانيءَ سان زمين ۾ گهڙي وڃن. گهڻو ڀاڻ خراب آهي.

تازيون پڪل گجرون ڪڍي، ٺڪر جي ٿانو ۾ سڪي مٽي وجهي، ان ۾ ڪن ڏينهن تائين رکي سگهجن ٿيون. گجرن ڪڍڻ کان اڳي بهتر آهي ته ساوا پن پاڙ کان وڍي ڇڏجن ته ڀلي هيٺين پاڙن جون چوٽيون هڪ ٻه ڏينهن اُس ۾ سڪن.

پاڙن جي وڏائيءَ ۽ ڊگهائيءَ کان سواءِ به، گجرن جا ٻه قسم آهن. هڪڙيون قد جون وڏيون ٿين ٿيون، ٻيون ننڍيون. وري انهن جا ڪيترائي قسم آهن.

گجرن پوکڻ جي لاءِ زمين کي هڪ سال اڳي ڀاڻ ڏئي ڇڏڻ گهرجي. پوکڻ کان اڳڀرو رڳو چڱيءَ طرح ولي ڇڏجيس.

گجرون ڪچيون به کائبيون آهن. ڀاڄيءَ وانگي به رڌبيون آهن. انهن جو آچار به سنڌبو آهي.

يار سِنپ

هيءَ گجر جهڙي انگريزي ڀاڄي آهي، جنهن جو ٻج ولايت مان ايندو آهي. مگر هتي اڪثر چڱي پيدا نه ٿيندي آهي. پوکڻ جو رستو ساڳيو گجرن جهڙو اٿس؛ پر هن کي گجر کان زياده وقت پچڻ ۾ لڳي ٿو. پوکڻ جي موسم به ساڳي گجر واري آهي.

هن کي ڏيهي ماڻهو، بعضي ولايتي گجر ۽ بعضي استفين ڪري سڏيندا آهن.

شلغم يا گوگڙو

هن کي هندستانيءَ ۾ شلغم يا شلجم به سڏيندا آهن، ۽ انگريزيءَ ۾ ”ٽَرنپ“. هي اڇا به ٿيندا آهن، پيلا به ٿيندا آهن. ٻنهي جا ڪيترائي قسم آهن. ڪي ڪي سواد ۾ اُگرا ۽ ڪڙا ٿيندا آهن.

هن جي پوکڻ جو وقت آڪٽوبر آهي. ٻج ڇٽ سان پوکبو آهي، ڇٽڻ کان اڳي ٻج سان چُوڻي واري ملائڻ گهرجي. پر ناڙيءَ وانگي ڪسين ۾ پوکڻ بهتر آهي. ڪسيون هڪٻئي کان فوٽ فوٽ پري هئڻ گهرجن. سلن ڄمڻ کانپوءِ اهي ڪڍي هڪٻئي کان فوٽ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي رکجن.

زمين هلڪي ۽ چڱيءَ طرح وليل هئڻ گهرجي. تازو ڀاڻ ڏنل هجيس. پاڻي مُئو ڏيڻ گهرجيس.

گوگڙو سيپٽمبر کان وٺي جنوريءَ تائين پوکبا ته ٿي سگهندا. ٻيجاري جي لاءِ، پاڙ کان اڌ انچ مٿي پن وڍي زمين ۾ پوري ڇڏيندا آهن ته اهو ٻُوڙو ججهو ٻج پيدا ڪندو آهي.

سالِسِفي

هيءَ خاص انگريزي ڀاڄي آهي. هن جي پاڙ کائڻ ۾ ايندي آهي. ماڻهوءَ جي آڱر جهڙي ٿلهي ٿي ٿئي ۽ نَو انچ ڊگهي ٿي ٿئي. پوکڻ کان پوءِ ٽن مهينن ۾ تيار ٿي ٿئي. ڇِلي يا کرڙي، ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڌوئي. پاڻيءَ ۾ جوش ڏئي، وڏا وڏا ٽڪر ڪري گيهه ۾ تري کائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سَئيندابه اٿس.

ٻج، ڇٽ سان، توڙي ناڙِيءَ وانگي پوکبو آهي. ڪسيون اٺ انچ ڌار ۽ سلا چار انچ هڪٻئي کان ڌار هئڻ گهرجن. پاڻي ذري ذري ڏجي. زمين خوب وليل هجي، پراڻي ڀاڻ ۽ واريءَ يا رک سان مِليل هجي. ولايت مان آيل ٻج اڪثر اثر وارو ڪين ٿيندو آهي، تنهنڪري ٻيجاري جي ٻوڙن مان پنهنجو ٻج ايندڙ سال لاءِ ڪڍي رکڻ گهرجي. آڪٽوبر هن جي پوکڻ لاءِ چڱو وقت آهي.

هن جي هڪڙي قسم کي سڪار زونرا چوندا آهن، جو ڪارو ٿيندوآهي.

آرٽيچوڪ يا هاٿي چڪ

هيءَ انگريزي ڀاڄي هن ملڪ ۾ گهڻي پوکڻ ۾ ايندي آهي. جولاءِ کان وٺي آڪٽوبر جي شروع تائين ان جي ٻج پوکڻ جي موسم آهي. ڏهن ٻارهن ڏينهن کان پوءِ ٻج ڦٽي ٿو. بهتر آهي ته ٻج ڪونڊين ۾ پوکجي ۽ اهڙي هنڌ رکجي جتي روشنائي ججهي هجي. جڏهن ٻيجارو گرانٺ جيڏو ٿئي تڏهن ٽپائي زمين ۾ رنبجي. سلا هڪٻئي کان ٽي فوٽ پري هجن. زمين جي لاءِ لوڻ هڻو ڀاڻ بهتر آهي. شورو به چڱو آهي. ڪي ٻوڙا ٻج لاءِ بيهارجن، جن مان ايندڙ موسم جي لاءِ ٻج هٿ ڪري سگهجي ٿو. هن ڀاڄيءَ پوکڻ لاءِ زمين چڱي طرح ولڻ گهرجي. ڪسيون جن ۾ سلا هڻجن، سي اٽڪل ٻه فوٽ اونهيون هڻڻ کپن. زمين هيٺ ڇهه انچ اونهي ولڻ گهرجي. هن ڀاڄيءَ جون پاڙون تمام ڊگهيون ٿيون ٿين، تنهنڪري سڀنال رکجي ته ڪڍندي ڀڄي نه پون کائڻ ۾ به اهي پاڙون ٿيون اچن. شاخن يا گونچن ڪپي هڻڻ سان به هي وڻ لڳي سگهي ٿو.

رتالو

هنن کي انگريزيءَ ۾ يام چوندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن چيني پٽاٽا به سڏيندا اٿن. هنن جا ڪيترائي قسم آهن. هنن کي هندستانيءَ ۾ آروِ يان يا گُيان چوندا آهن.

رتالو اپريل مهيني ۾ پوکڻ گهرجن. زمين کي چڱيءَ طرح کوٽڻ ۽ ڀاڻ ڏيڻ گهرجي. هي ولين وانگي وڌندا آهن ۽ وڻ تي يا ڪنهن هٿرادو کوڙيل ڪاٺيءَ يا بانس تي چڙهي ويندا آهن.

هنن جي کائڻ جو چڱو رستو هي آهي: ته اهي پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، پوءِ اڌ ڪلاڪ کن ڪوسيءَ رک ۾ رکي پوءِ ڪم آڻجن. ڪي ماڻهو ته پٽاٽن وانگي ڇِلي ٻوڙ ۾ وجهي کائيندا آهن. هنن جي شڪل ۾ پٽاٽن کي اچي ويجهو ٿي پوي ۽ آهن به هنن وانگي پاڙون.

چيني ماڻهو قلمن هڻڻ سان به هنن جي پوک ڪندا آهن.

گوبي

هن کي گوبي يا بند گوبي به چوندا آهن. انگريزي نالو ڪابيج اٿس. هن جا گهڻا ئي قسم آهن پر هندستان ۾ رڳو چار يا پنج مُک قسم پوکڻ ۾ ايندا آهن. هنن جو ٻج هر سال ولايت مان ايندو آهي.

آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ هنن جي پوک شروع ٿيڻ کپي. انهيءَ کان سويرو جي پوکڻ جي ضرورت ٿئي ته ڪونڊين ۾ پوکڻ گهرجي. ٻج چڱو آهي ته ٻن ڏينهن ۾ ڦٽي ٿو. ٻج گهاٽو پوکڻ نه گهرجن. سلو سلو ٻن انچن تي نڪري ته بس آهي. هن لاءِ زياده روشنائيءَ جو کپ آهي، مگر گهڻي اُس نه پوڻ گهرجي. ڏاڍي مينهن کان به بچائڻ گهرجيس. هن جي پوکڻ لاءِ چريون ڏيڍ فوٽ ڌار ڌار هئڻ کپن. انهن ۾ ڏيڍ ڏيڍ فوٽ تي اٺ انچ اونهيون، ۽ اٺ انچ ويڪريون کڏڙيون کوٽڻ گهرجن. انهن کڏڙين ۾ اچو ڀاڻ وجهي، تنهن ۾ گوبيءَ جون چڪيون ٻيجاري واري ٻاري مان يا ڪونڊين مان ڪڍي آڻي رکجن. ٽي چار ڏينهن انهن سلن کي اُس کان بچائجي. پاڻي پورو پيو پهچائجين. جڏهن پاڻ جهلي وڌڻ لڳن تڏهن ٿورو ٿورو پٽڙو ڀاڻ ڏجين. زمين گهڻي ريج ڪري سخت ٿئي ته رنبيءَ سان کوٽي ڀڃي ڇڏجي.

گوبي چئن مهينن جي عرصي ۾ پچي تيار ٿي ٿئي. گوبيءَ جي ڳنڍ وڍڻ کان پوءِ، رهيل ٻُٿ يا ٻُوڙو وري زمين ۾ هڻبو ته لڳي ويندو ۽ ٻه يا ٽي ٻيون به ننڍيون ڳنڍيون پيدا ڪندو.

اڪثر گوبيءَ جي ننڍن ٻوڙن کي ڪينئون ۽ جيت لڳندو آهي. انهيءَ لاءِ هيئن ڪجي، جو مٿان پاڻي ڇاٽار جي يا اَڱرن کي اٽو ڪري مٿان هاري ڇڏجي. چوندا آهن ته سوئا جا داڻا، ساڳئي ٻاري ۾ پوکيل هوندا ته جيت ويجهو ڪين ايندو.

ڦول گوبي

هن کي انگريزيءَ ۾ ڪاليفلاؤئر چوندا آهن. هن جا به گهڻا ئي قسم آهن. هن جو ٻج به ولايت مان ايندو آهي، مگر هتي پنهنجي ٻيجاري مان به پيدا ڪري ٿو سگهجي. هن جي پوکڻ جي ريت به ساڳي گوبيءَ جهڙي آهي. رڳو ڦول گوبيءَ لاءِ زياده ڀاڻ جو هئڻ ضروري آهي. گوبيءَ ۽ ڦول گوبيءَ لاءِ نائٽريٽ آف سوڊا تمام چڱو آهي. ڪي ڪي ٻوڙا تمام وڏا ٿيندا آهن. چون ٿا ته هيٺيان پن روڙي ڇڏبا ته ڦل وڏو ٿيندو. ڪي ڪي هن کي پهرين ڪونڊيءَ ۾ پوکي پوءِ زمين ۾ هڻندا آهن. ڪونڊين مان ڪڍڻ کان اڳي ٿورا ڏينهن اس ڏجين ته خراب ناهي.

ڦول گوبي جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوکبي آهي. جيڪڏهن ڦول گوبيءَ کي ٻن ٽن هنڌن تي رکي، وري ٽپائي ٽئي هنڌ رکبو ته بهتر آهي. انهيءَ ڪري ٿڙ ضعيف ٿيندو ليڪن ڦل ۽ پاڙ جو ڳنڍو وڏو ٿيندو.

نول کول

هن کي نول کول يا ڪهل ربي به چوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳنڍ گوبي يا شلغم جي پاڙ جهڙي گوبي به سڏيندا اٿس. هن جا مکيه ٻه قسم آهن، هڪڙو واڱڻائي رنگ جو ۽ ٻيو سائو. عمدو ٻج ”ڪيپ آف گڊ هوپ“ کان ايندو آهي. هن جي پوکڻ جو رستو به ساڳيو گوبيءَ جهڙو آهي، تفاوت رڳو اهو آهي ته سلن جون چڪيون هڪٻئي کي ويجهو رکجن، جو انهن جو ٻوڙو گهڻي جاءِ نه ٿو والاري. نول کول قريب ٻن مهينن ۾ پچي کائڻ جهڙو ٿو ٿئي. تمام لذتي ڀاڄي آهي. جڏهن قد ۾ نارنگيءَ جيڏو ٿئي، تڏهن سمجهجي ته چڱيءَ حالت ۾ آيو آهي. سندس مٿيون ڀاڱو تمام نرم ۽ لذيذ ٿئي ٿو.

هي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پوکي سگهجي ٿو. پريندي ڪونڊين ۾ به پوکبو آهي. جڏهن چار پنج پن ڪَري تڏهن ٽپائي ڀليءَ زمين ۾ هڻجي. پاڻي مئو ڏيڻ گهرجي. هيءَ انگريزي ڀاڄي ٻين گهڻين کان موسم ۾ اڳڀرو پيدا ٿئي ٿي. هن کي ڇڏبو آهي ته قد ۾ تمام وڏي ٿئي ٿي، مگر وچولي قد جي زياده لذيذ ٿئي ٿي.

مُوري

هن کي هندستانيءَ ۾ مولي چوندا آهن، انگريزيءَ ۾ راڊِش، هن جا ٻه قسم آهن، هڪڙو ڊگهيءَ پاڙ وارو ۽ ٻيو گوگڙوءَ يا شلغم جهڙيءَ پاڙ وارو. پهريون قسم عام به آهي ۽ چڱو به آهي.

موريءَ جو ٻج سيپٽمبر ۾ پوکبو آهي. زمين ۾ ڪاٺيءَ جي رک وجهڻ گهرجي. تازو ڀاڻ وڌل هجي ته چڱو. پوک ڇٽ سان هجي، پر انگريز ماڻهو چرين ۾ پوکيندا آهن، جي ٽي چار انچ پري پري هونديون آهن. ٻج انچ جي چوٿين پتيءَ جيترو هيٺ وڃڻ گهرجي. پوکڻ کانپوءِ زمين مٿان دٻي لتاڙي ڇڏجي نه ته موريون چڱيون نه ٿينديون. ڄمڻ کان پوءِ ٽن چئن انچن تي سلا ڇڊا ڪري بيهارجن. اڪثر ٻج ٽن ڏينهن ۾ ڦٽي ٿو ۽ مهينو پوءِ موريون پٽڻ جهڙيون ٿين ٿيون.

موريءَ کي گهڻو پاڻي گهرجي ٿو. زمين ٺوٺ ٿئي ته کوٽي ولي ڇڏجي. هن ملڪ ۾ ڪي ڪي موريون تمام وڏيون ٿينديون آهن، پر انهن ۾ ڪا گهڻي لذت نه ٿيندي آهي.

موريون سيپٽمبر کان پوءِ به فيبروريءَ مهيني تائين پوکي سگهجن ٿيون.

بِيٽ يا چُڪندر

بيٽ انگريزي نالو آهي ۽ چڪندر هندستاني نالو آهي. هن جي شڪل گهڻو ڪري پتائي گجرن جهڙي ٿيندي، مگر سواد موريءَ جهڙو ٿيندو اٿس. هن کي چَهَڪ ڏيئي سرڪي يا ٻئي مصالح سان کائيندا آهن. آچار به چڱو ٿيندو اٿس. وڍڻ کان اڳي پاڻيءَ ۾ جوش ڏيڻ کپيس، نه ته رنگ هليو ويندس، پوءِ خراب پيئي لڳندي. هن جا به گهڻا قسم آهن. جي رنگ ۽ قد ۾ تفاوت رکن ٿا، مگر سواد سڀني جو هڪڙو آهي، جنهن جو رنگ رت جهڙو ڳوڙهو کهنبو ٿو ٿئي، سو سڀ کان عمدو قسم آهي.

سيپٽمبر مهيني ۾ پوکڻ گهرجي. زمين کي خوب کوٽي ڀاڻ ڏيڻ گهرجي ۽ نرم ڪرڻ گهرجي. ٻج ڇٽبو آهي، مگر بهتر رستو چرين ۾ پوکڻ جو آهي، جي فوٽ فوٽ پري هجن. هن لاءِ چريون اڪثر هڪٻئي جي آرپار گوني ڪنڊ تي ڪڍندا آهن. جتي جتي ٻئي چريون گڏجن اتي ٻه ٽي داڻا ٻج جا هڻجن. سلا نڪرن ته پوءِ ٻيا پٽي ڇڏجن، رڳو هڪڙو مضبوط ڇڏجي. يا ٻيا وري ٽپائي ٻئي هنڌ رنبجن. ٻج اڪثر ٽن ڏينهن ۾ ڦٽي ٿو. سلن جو رنگ پهرين مٽيءَ جهڙو ٿو ٿئي، تنهنڪري جلد نظر نه ٿو اچي، سو سنڀالجي ته زيان نه ٿين.

اڪثر جهرڪيون هنن تي گهڻيون اينديون آهن. تنهنڪري ٻج پوکڻ کان پوءِ ٻاري تي ڄاري وجهي ڇڏجي جيسين ڪ سلا نڪري وڏيرڙا ٿين.

بعضي ٻج ڪونڊين ۾ پوکيندا آهن ۽ جڏهن سلا ڇهه انچ وڏا ٿيندا آهن، تڏهن ڪڍي زمين ۾ هڻندا آهن. پاڻي ججهو ڏيڻ گهرجي ۽ پٽڙو ڀاڻ فائدي وارو آهي، جنهن سان ٿورو لوڻ به ملائي ڇڏجي. وقت بوقت زمين کي رنبي سان ولڻ چڱو آهي، پاڻ پاڙ مان مٿيون مٿيون سنهڙيون پاڙون، جي ڌاڳن وانگي هجن، سي وڍي ڇڏجن. بيٽ جي پاڙ بعضي تمام وڏي ٿيندي آهي، مگر جڏهن مُٺ جيڏي يا ٿوري وڏي ٿئي تڏهن چڱيءَ حالت ۾ سمجهڻ گهرجي.

ولايت ۾ بيٽ جي پوک گهڻي ٿيندي آهي، جو انهيءَ مان کنڊ يا شڪر جوڙيندا آهن. هن ملڪ ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ به هن جو ٻج پوکي سگهجي ٿو.

متفرقه

مٿي ڏنلن پاڙن کانسواءِ ٻيون به ڪي پاڙون آهن، جي سنڌ ۾ خواه ٻين هنڌن ۾ کائڻ ۾ اينديون آهن، ڀاڄيءَ وانگي يا ٻيءَ طرح، پر اهي تمام عام آهن ۽ اڪثر غريب ماڻهن جي ڪم جون آهن. تنهنڪري انهن جو وڌيڪ بيان ڏيڻ ضروري نه ٿو ڏسجي. جهڙوڪ بهه، جي پٻڻ جون پاڙون آهن، ۽ لوڙهه جي ڪوڻيءَ جون پاڙون آهن، کيرولي به انهيءَ طرح جي پاڙ آهي. پٻڻ ۽ ڪوڻيءَ جو اسين ميون ۽ گلن ۾ ذڪر ڪنداسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org