لاوهينڊر
هي نالو ته مشهور آهي، جو انهيءَ نالي جو خوشبودار عرق ماڻهو
ڪپڙن تي وجهندا آهن. هي هڪڙو مزي جهڙو ننڍڙو
ولايتي ٻوڙو آهي، جو ٻج مان پيدا ٿيندو آهي. ٻج
آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي. هي ننڍڙو وڻ گهڻن ورهين تائين
رکي سگهجي ٿو ۽ قد ۾ به وڌائي سگهجي ٿو. هي سڄو
پشمدار ٿئي ٿو. ڪي قسم لسا به ٿيندا اٿس. گل ڪارا
نيلا يا اڇا ڪندو آهي. دکن ۾ هن کي گوريا آسماني
چوندا آهن.
بِگنونيا
هن نالي هيٺ ڪيترائي وڻ، وليون ۽ ٻوڙا اچي وڃن ٿا، جي اڪثر باغن
۾ ڏسبا آهن. هنن جا ولايتي قسم گهڻا ئي آهن. بگنو
نيا ڪتابي نالو آهي، پر رواجي نالو انهيءَ ذات
وارن گلن جو ٽرمپيٽ فلائورس (يعني توتاڙي جهڙا گل)
آهي، ڇالاءِ جو اڪثر انهن گلن جي اهڙي شڪل ٿيندي
آهي. گهڻو ڪري سڀ وڏا وڻ ٿا ٿين، هي ڳاڙها ۽ پيلا
گل ڪندا آهن. بوءِ چڱي نه ٿيندي اٿن، مگر جڏهن وڻ
گلن سان ڀرجي بيهندا آهن، تڏهن ڏاڍا سهڻا لڳندا
آهن. گلن ڪرڻ کانپوءِ ڇانگ ڪرڻ مان فائدو رسندو
اٿن. هنن جا قلم به لڳندا آهن ۽ پيوند به ٿيندا
آهن. هنن ۾ ڦريون به ٿينديون آهن، جن ۾ پشم سان ٻج
ٿيندا آهن ۽ اهي چپترا ٿيندا اٿس. اڇا، پيلا ۽ ٻين
رنگن جا به گل ٿيندا اٿس. خشڪ پٿرن واري زمين هنن
لاءِ چڱي آهي. پاڻي گهڻو ڪو نه گهرجين. مگر جيڪي
ولين جهڙا ٿيندا آهن ۽ مَنَهَه ۽ پڃرن تي چڙهندا
آهن، تن کي سو پاڻي گهرجي. ٻج سان به ٿيندا آهن.
هن جا تمام گهڻا قسم آهن، جن جا نالا انگريزي آهن.
انهن جي ڏيڻ جو ضرور ڪو نه ٿو ڏسجي. دکن ۾ هن ذات
جي گلن جا هيٺيان نالا آهن؛ڦلڦار، سَرسِنگي،
پالنگ، کَرسِنگ وغيره.
گل حَرڪت
هن نالي جي گل وارو وڻ هڪڙو ننڍو ٻوڙو ٿو ٿئي، جو اٽڪل ٽي فوٽ
وڏو آهي. پن ڪنڊن وارا اٿس. گل آسماني نيلي رنگ جا
اٿس، جي اپريل ۽ مئي مهيني ۾ کلندا آهن. کڏن ۽
پاڻيءَ جي دُٻن تي جهنگلي به ٿين ٿا. مگر ڪونڊيءَ
۾ سهڻا ٺهندا آهن. گل واري ڪونڊي، وري پاڻيءَ جي
ٻيءَ ڪونڊيءَ ۾ رکڻ گهرجي. هي ٻج مان به ٿيندو آهي
۽ پاڙن ڇني هڻڻ سان به. هن جو دکني نالو نِوگر يا
مارنڊي آهي. هن ذات جو انگريزي نالو اڪانٿس آهي.
ڊَهليا
ڊهليا هڪڙو ڏيک وارو انگريزي گل آهي، جو يڪن پنن وارو به ٿيندو
آهي ۽ ٻٽن وارو به. هي گهڻن قسمن جو آهي ۽ ڏاڍا
چڱا رنگ ڪندو آهي. زمين ڀلي گهرجيس.
ڳائو ڀاڻ گهڻو وجهجيس. وڏي يا ڊبل گل واري قسم جون پاڙون ڇني
ڌار ڪري هڻندا آهن. انهيءَ ڪم لاءِ مئي مهينو چڱو
آهي. ڪونڊيءَ ۾ جيسين ڦٽي، تيسين سنڀال سان پاڻي
ڏجين. پوءِ ڪڍي ڪنهن چڱيءَ زمين تي رکجي. قلم به
لڳي سگهنس ٿا، مگر انهن جي مٿان شيشي جو ڍڪ ڏيڻ
کپي. ننڍن گلن واري قسم جو ٻج، مئي ۽ جولاءِ جي
مهينن ۾ پوکبو آهي، جو ستت ئي ڦٽندو آهي. جڏهن سلا
ٻن انچن جيڏا ٿين، تڏهن ڪڍي ڪونڊين يا ٻارن ۾
رکجن. زمين آلي ۽ پوسل واري هئڻ گهرجي. جڏهن ڇهن
انچن جيڏا ٿين تڏهن وري ڪڍي ٻئي هنڌ رکجن.
هن ذات جي قسمن جا سڀ انگريزي نالا آهن، تنهنڪري نه ٿا ڏجن.
سڃاڻپ جهڙو هڪڙو آهي جنهن کي آڪل ڪرهو چوندا آهن،
جو ننڍڙا پيلا گل ڪندو آهي.
ڊهليا سورج مکيءَ جي ذات کي به چون ٿا، جنهن تي آسٽر به چوندا
آهن.
دائودي
هي گل مشهور آهي. هنديءَ ۾ چند رمُلِڪ چوندا اٿس. انگريزي نالو
ڪِري سانٿيمم اٿس. هي ننڍو ٻوڙي جهڙو وڻ آهي، جو
نومبر ۽ ڊسمبر جي مهينن ۾ گل جهليندو آهي، جو
وچولي قد جا ۽ سونهري پيلي رنگ جا ٿيندا آهن. هن
جا ڪيترائي قسم آهن. اڇن گلن وارو ڏاڍو سهڻو آهي.
گل ڀريل اٿس. ٻيا ڪي هلڪا يڪن پنن وارا ۽ جدا جدا
رنگن جا ٿيندا آهن. جپاني قسم ته ڪاڪاٽو پکيءَ جي
چوٽيءَ جهڙو ٿيندو آهي. هنن ۾ خوشبوءِ به ٿيندي
آهي. گهڻي اُس ۽ مينهن ۾ هنن کي نقصان پهچندو آهي،
تنهنڪري پناهه ۾ رکڻ گهرجين. هنن جي پاڙ جي مٽي
وقت بوقت ضرور مٽائڻ گهرجي.
جنوريءَ جي شروع ڌاري يا جڏهن گل ڪومائجن، تڏهن گلن واريون
ٽاريون يا ڏانڊيون وڍي ڇڏجن. پوءِ وڻ ڪونڊيءَ مان
ڪڍي يا چڪي زمين مان ڪڍي ان جي پاڙن جي مٽي آهستي
ڌار ڪري، پاڙون ڇني ڌار ڪجن. تنهن کانپوءِ ڪنهن
ڇانَو واري هنڌ، زمين ٺاري، پراڻو ڀاڻ ۽ واري
ملائي، اهي پاڙون قلمن وانگي فوٽ فوٽ جي وڇوٽيءَ
تي هڻي وڃجن. قطارون به فوٽ فوٽ تي ڪجن. پوءِ هر
روز پاڻي ڏيندو رهجين. ته پاڻهئي لڳي وينديون ۽
وڌڻ لڳنديون ۽ مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري موچارا
وڻ ٿي ويندا. انهيءَ وقت وري اهي پاڙون ڪڍي جدا
ڪري ڪونڊين ۾ آڪٽوبر تائين رکجن. وري جتي نئين مٽي
هجي، اتي نئين ڪونڊين ۾ رکجن.
سياري ۾ دائوديءَ جي وڻن جي پاڙن کي ٽنڊڻيون لڳنديون آهن، جي
تندون کائي وينديون آهن؛ جنهنڪري وڻ سڙي ويندا
آهن. جڏهن وڻ ڪوماڻل ڏسڻ ۾ اچن، تڏهن وڻ جي مٽي
ڪڍي، وري نئين مٽيءَ واري هنڌ يا ٻي ڪونڊيءَ ۾ وڻ
کي رکجي.
دائوديءَ کي ڀلي زمين ۽ ججهو پاڻي گهرجي. پٽڙو ڀاڻ ۽ صابڻ جي
گجي هن لاءِ تمام فائدي واري آهي.
دائوديءَ جا سٺ کان به وڌيڪ قسم آهن، جن جا جدا جدا انگريزي
نالا آهن. انهن جي ڏيڻ جو ضرور ڪونهي.
گل اَنار (هزارو)
هي ڏاڙهونءَ جي وڻ جو گل آهي، جو وڏو ۽ کهنبو يا ڳاڙهو ٿيندو
آهي. هن جا ڪي قسم وڏن ٻوڙن جهڙا ٿا ٿين. ڪي ته ڦر
ڪو نه ڪن، رڳو گل ڪندا آهن، جي تمام وڏا ۽ ڀريل
ٿيندا آهن. ڪن هنڌن تي ته جهنگلي ٿيندا آهن. گلن
ڪرڻ کانپوءِ ٽارين جي ڇانگ ڪجي، نه ته جهنگ ڪري
وجهندا. هي ٻج مان ٿيندا آهن، قلم ۽ اوڌون به
لڳنديون اٿن. هن کي انگريزيءَ ۾ ڊبل فلائوئرڊ
پوميگرانيٽ (يعني ڊبل گل وارو ڏاڙهون) چوندا آهن.
ڪتابي نالو پيونيڪا گرانيٽم اٿس. هن کي گل هزارو
به چوندا آهن.
هن جو هڪڙو بنِدرو قسم آهي، جو قد ۾ فوٽ جيڏو مس ٿيندو آهي. چون
ٿا ته هن جو هڪڙو قسم اڇن گلن وارو به آهي.
ڪاڪٽس
هن نالي واريءَ ذات ۾ گهڻن ئي قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا داخل ٿين ٿا،
جن جي مکيه جاءِ آمريڪا آهي، پر هاڻي هندستان ۾ به
گهڻا ٿا ٿين. هي جهنگلي به ٿيندا آهن. هنن کي گهڻي
اُس ۽ گهڻي گهم نقصان پهچائيندي آهي. جڏهن هي وڌڻ
۾ هجن تڏهن پاڻي ڏجين، نه ته بس. زمين چن واري
گهرجين. هن قسم جا وڏا وڻ به ٿيندا آهن. انهن جي
پاڙ ۾ چن، سرن جا ٽُڪر ۽ گچ جو ڪچرو وجهڻ گهرجي ۽
وهندڙ پاڻي ڏجي. هي وڻ اهڙا ڏاڍا آهن، جو ٽاريءَ
جو ٽڪر وڍي ڪٿي به هڻبو ۽ پاڻي ڏبس، ته لڳي ويندو.
هن جا ولايتي قسم تمام چڱا ٿيندا آهن. هن ذات جي
وڻن کي ڇانَو وڌيڪ پسند آهي.
هن جي قسمن مان هڪڙو ته اهو آهي جنهن کي نانگ ڦڻ يا نانگ ڦڻي
ٿوهر به چون ٿا. انهيءَ جو اشارو اسان ٿوهر هيٺ
ڏنو آهي. انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ اوپنشيا يا
پِرِڪلي ڪاڪٽس (يعني ڪنڊن وارو ڪاڪٽس)، يا انڊين
فِگ (يعني هندي انجير) چون ٿا. ٻيو هن جو قسم آهي،
جنهن کي ٽرڪس ڪيپ (يعني ترڪي ٽوپي) يا ميلو ڪاڪٽس
(يعني گدري جهڙو ڪاڪٽس) چون ٿا. ٽيون قسم آهي جنهن
کي نِپل ڪاڪٽس (يعني بُبي جهڙو ڪاڪٽس) چون ٿا، جو
انهن ۾ جانورن جي ٿڻن جهڙيون نليون رهن ٿيون، جن
جي وچ ۾ گل نڪرندا آهن.
رُوپ مجنون
هي گل گهڻن قسمن جو ٿئي ٿو. وڻ وڏي ٻوڙي جهڙو ٿو ٿئي. جڏهن گلن
سان ڀرجي ٿو بيهي تڏهن تمام سهڻو ٿو لڳي. انهيءَ
مهل پٽڙو ڀاڻ ڏيڻ گهرجيس. گلن ڪرڻ کانپوءِ ڇانگ
ڪجيس. ڪن مان ٻج به نڪرندو آهي جو پوکجي ٿو، مگر
اڪثر هن جا قلم ۽ پيوند لڳندا آهن، جي سانوڻيءَ جي
موسم ۾ هڻبا آهن.
هي وڻ يا ٻوڙا پنجن ڇهن فوٽن جيڏا ٿيندا آهن. جيڪي قسم هتي
مشهور آهن سي ڳاڙها گل ڪندا آهن. ڪن ۾خوشبوءِ به
ٿيندي آهي. گل ننڍڙا ڇڳن ۾ ٿيندا اٿن. ڪن جا اڇا
گل ٿين ٿا. ڪن جا اڇا، پشمدار، خوشبودار ۽ ڪنارن
سان ٿين ٿا.
هن جا پنجاهي يا سٺ کن قسم ٿيندا. هڪڙي قسم کي هندستانيءَ ۾
پالڪ جُوئي چوندا آهن، تنهن جا گل ننڍڙا ۽ اڇڙا
ٿيندا آهن، جن ۾ جوئي يعني ٽانگر جهڙي بوءِ ٿيندي
آهي. گل اپريل مهيني ۾ کُلندا اٿس.
روپ مجنوءَ کي انگريزيءَ ۾ اگزورا چوندا آهن.
شر ٻوٽي
هيءَ ٻوٽي جنهن کي شرم ٻوٽڙي به چوندا آهن، سا باغن ۾ عام آهي.
دکني ٻوليءَ ۾ لاجائو يا لاجاري چونس ٿا،
هندستانيءَ ۾ ڇُئُي مئي چوندا اٿس، يعني جا ڇُهڻ
سان مري. انگريزي رواجي نالو ٽَچ مي ناٽ (يعني
متان مون کي ڇهين) اٿس، سينسٽوهه پلانٽ (يعني اوڀڙ
جنهن کي هٿ لائڻ سان خبر پوي). ڪتابي نالو مِموسا
اٿس.
هن جا پن سنهڙا ٿيندا آهن. هي ول جهڙو ننڍو ٻوڙو آهي. ننڍڙا
گلابي رنگ جا گل ڪندو آهي ۽ هميشھ گل ٿيندا رهندا
اٿس. ٻج گهڻو پيدا ڪندو آهي جو پوکڻ ۾ ايندو آهي.
انهيءَ جي خاصيت اها آهي ته هٿ لڳندس ته پن توڙي
سنهڙيون ٽاريون ڪومائجي لڙڪي پونديون. ٿوري کان
پوءِ وري اٿنديون ۽ کڙيون ٿي بيهنديون.هن جا چار
پنج قسم آهن.
نوسرو
هي هڪڙو وڏو وڻ آهي، جو هتي گهڻو ٿيندو آهي. گل ڳاڙها ننڍڙي
پکيءَ جهڙا ٿيندا اٿس، جي تمام سهڻا ٿيندا آهن. گل
سانوڻيءَ ۾ نڪرندا اٿس. ٻج به ٿيندو اٿس، قلم به
لڳي سگهنس ٿا.
تِيزي گل
هي هڪڙو ننڍو ٻوڙو ٿو ٿئي. آسماني رنگ جا گل ڪندو آهي، جي سهڻا
لڳندا آهن.
بهمني
هي هڪڙو ننڍڙو وڻ آهي، جنهن جا پن سيج ڀاڄيءَ جهڙا ٿيندا آهن.
هي نرم ۽ پشمدار ٿيندو آهي. گل ننڍڙا اڇڙا ٿيندا
اٿس. ڪي ڦڪا ساوا گل ڪندا آهن. انگريزيءَ ۾ ڪولبرو
ڪيا سڏيندا اٿس.
آڪاس ول
هيءَ هڪڙي قسم جي وڻن تي چڙهندڙ ول آهي، جنهن کي پن ڪو نه ٿئي.
اڪثر آسٽريليا ۽ آفريڪا ۾ ٿيندي آهي. بي پاڙيءَ ول
وانگي رڳو تندون ٿيندي آهي. سائي پيلي رنگ جي
ٿيندي آهي. گل ننڍڙا ۽ چڌن جيڏا اٿس، جي ڇڳن وانگي
بيهندا آهن. ڪاري رنگ جو ڦر به ڪندي آهي، جو مٽر
جيڏو ٿيندو آهي. هنديءَ ۾ آڪاس ول ۽ انگريزيءَ ۾
ڪاسي ٿيا چونس ٿا.
چندر
هي هڪڙي ننڍي وڻ جو هندستاني نالو آهي. چندر (يعني چنڊ) کي،
ڇوٽا چاند (يعني ننڍڙو چنڊ) به چوندا آهن.
انگريزيءَ ۾ ران ولفيا ٿا چونس. هن جو قد ٻه فوٽ
ٿئي ٿو. پن پنج انچ ڊگها ۽ ساوا چمڪندڙ ٿا ٿينس.
گل اڇا ڪندو آهي. ”جونس“ صاحب لکي ٿو ته ”دنيا ۾
ڪي ٿورا گل هوندا، جي هن جهڙو سهڻا ٿيندا هجن“. هي
ٻيرن جهڙو ڦر به ڪندو آهي. چوندا آهن ته نانگ جي
ڏنگ جي لاءِ هي وڻ اثر وارو ٿو ٿئي، تنهنڪري
انگريزيءَ ۾ سَر پينٽائنا به چوندا اٿس. هي ٻج مان
به پيدا ٿيندو آهي ۽ پاڙ ڇني هڻڻ سان به.
ديو ڪنچن
هي هڪڙو جابلو اُبنوس جي قسم جو وڻ آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾
باهينيا چون ٿا. هي وڏي قد جو مضبوط درخت ٿو ٿئي.
نومبر جي مهيني ۾ گل ڪندو آهي، جي تمام وڏا ۽
ڳُوڙهي گلابي رنگ جا ٿيندا آهن. ڪچنال جنهن جو
اشارو اسان مٿي ڪنهن باب ۾ ڏنو آهي، سو به باهينيا
جي جماعت مان آهي. رڳو نالا ٻيا اٿن. باهينيا جا
ٻيا به گهڻا قسم آهن.
گنگوتري
هي دکني نالو، هڪڙي ننڍي نازڪ ۽ خاڪي پنن واري اوڀڙ جو آهي، جو
اڇن وارن سان ڍڪيو پيو آهي. هي سنگن وانگي ننڍڙا
گل جهليندو آهي، جي رنگ جا واڱڻائي ٿيندا آهن.
ڪونڪن ۽ دکن ۾ گهڻو ٿو ٿئي، انگريزيءَ ۾ هن جو
ڪتابي نالو سئيا ٿاڪلين آهي.
گاو زبان
هي فارسي نالو ته سڀ ڪنهن ٻڌو هوندو، جو هڪڙيءَ دوا کي چوندا
آهن. اهو هڪڙو ننڍو ڳر وارو ٻُوڙو آهي، جنهن جا پن
ڊگها چوڪنڊيارا ۽ گل وڏا ڦڪي پيلي رنگ جا ٿيندا
آهن. انگريزيءَ ۾ هن کي نوٽونيا چون ٿا. هن جو ٻيو
به هڪڙو قسم آهي جو نازڪ ٿو ٿئي.
سک چَين
هي هڪڙو لسن پنن وارو وڻ آهي، جنهن جا گل وڏا ۽ ڦڪي رنگ جا ٿين
ٿا. ٻج ڦرين ۾ ٿيندو اٿس. تمام سهڻو وڻ ٿو ٿئي ۽
ڪونڪن ۾ عام آهي. چين ۽ آسٽريليا ۾ به ٿيندو آهي.
ٻج مان تيل ڪڍندا اٿس. هندستانيءَ ۾ سک چين کي
ڪارنج به چوندا آهن. انگريزي نالو پانگيميا اٿس.
مالڪنگڻي
هي هڪڙو مشهور ننڍو وڻ يا ٻوڙو آهي، جنهن جي کل لسي ٿي ٿئي، مگر
ڪنڊا وڏا، پن ننڍڙا، گل اڇا، خوشبودار ۽ سهڻا ٿا
ٿينس. هن جي هڪڙي قسم جا گل ساوڙا ۽ پيلڙا ٿيندا
آهن، جنهن کي دکن ۾ ڪنگڻي يا ڪرنگ ڪنگڻي سڏيندا
آهن. انگريزيءَ ۾ جمنا سپوريا ۽ سيلاسٽرس چوندا
اٿس.
موهني
هي هڪڙو ننڍو وڻ آهي، جنهن جا گل تمام ننڍڙا ڦڪا واڱڻائي يا
ڳاڙهي رنگ جا ۽ خوشبودار ٿيندا آهن. سياري جي موسم
۾ جڏهن پن ڇڻي پوندا اٿس، تڏهن گل نڪرندا اٿس.
جڏهن پنن سان ڀريل آهي. تڏهن سهڻو لڳندو آهي، نه
ته ڏاڍو خراب لڳندو آهي. انگريزيءَ ۾ اوڊينا چوندا
اٿس.
شيطان
هي هڪڙو وڏو ۽ سهڻو وڻ آهي، جو زنگي گل جي وڻ جهڙو ٿو ٿئي. پن
چمڪندڙ ۽ گل ننڍا، اڇا ساوا ۽ هڪڙو فوٽ ڊگها ٿا
ٿينس. تارن جهڙي شڪل اٿن. هي وڻ ٻج مان ٿيندو آهي.
هن جي ڪاٺيءَ کي چيري، ٻارن لاءِ سليٽون ٺاهيندا
آهن. شيطان هندستاني نالو اٿس. اهو نالو انهيءَ
ڪري پيو اٿس، جو ڏيهي ماڻهو ڀرم کان سمجهندا آهن
ته هن ۾ ڀوت رهي ٿو، تنهنڪري ويجهو نه ويندا اٿس.
ڪونڪن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. انگريزيءَ ۾ هن کي آلسٽونيا
چون ٿا.
سُندَر
هي هڪڙو سهڻو کڙو تڙو ننڍو وڻ آهي، جنهن جا گل پشمدار ۽ پيلي
اڇي رنگ جا ٿيندا آهن. گل تمام سرها ٿيندا آهن. هن
۾ ڦر به ٿيندو آهي، جو بُڪيءَ يا گُردي جي شڪل
جهڙو، ۽ چمڪندڙ ڳاڙهي رنگ جو ٿئي ٿو. قد ۾ چؤنري
جيڏو ٿو ٿئي. هن کي انگريزيءَ ۾ ڪَنيرس چون ٿا.
فصل پنجون
گلاب جو بيان
گلاب کي انگريزيءَ ۾ روز چون ٿا. سڀني گلن ۾ گلاب جو گل بادشآهه
سمجهيل آهي. اسان سڀني گلن کان پوءِ هن جو بيان
ڏنو آهي، سو انهيءَ لاءِ ته سندس گهڻو بيان ڏيون ۽
اهو به خلاصي فصل ۾. اصل گل، هن گل جو نالو آهي ۽
جيڪو عرق انهيءَ گل مان نڪرندو آهي، گلاب تنهن کي
چوڻ گهرجي، پر رواج ۾ هن گل تي نالو گلاب جو پئجي
ويو آهي. گلاب مان نه رڳو عرق نڪرندو آهي پر عطر
به ڪڍندا آهن. گلاب جي مکڙين کي گلاب جون ڪليون
چوندا آهن، جي ٻين شين سان گڏي جلاب لاءِ ڏيندا
آهن. لفظ جُلاب به گلاب جي عربي صورت آهي. تنهن
کانسواءِ گلاب جي پنن کي مٺاڻ سان گڏ ڪاڙهي، گلقند
ٺاهيندا آهن جو پڻ دوا وانگي ڪم ايندو آهي.
هتي اصل گلاب رڳو ٻن طرحن جو سمجهيل هوندو آهي، هڪڙو موسمي
گلاب، جو رڳو بهار جي موسم ٿيندو آهي ۽ گهڻي
خوشبوءِ ڪندو آهي، جنهن مان پاڻي يا عرق ڪڍندا
آهن؛ ٻيو سدا گلاب، جو هميشھ ٿيندو آهي، مگر منجهس
گهڻي خوشبوءِ نه رهندي آهي پر هاڻ ته گلابن جا
بيشمار قسم نڪري پيا آهن، جي ٻين ولايتن کان آندا
اٿن. پوءِ هڪڙا ٻين سان پيوند ڪري، يا ٻيءَ طرح
هڪٻئي ۾ گڏي گڊا ڪري پيدا ڪيا اٿن.
گلاب جي وڻن وڌائڻ لاءِ قلمن هڻڻ، پيوند ڪرڻ ۽ اکين هڻڻ جو
اُپاءُ ڪم ۾ آڻيندا آهن. اگرچ ڪن قسمن مان ٻج به
نڪري ٿو، پر اهو ڦٽي ڪين ٿو، مگر جيڪڏهن ڪنهن کڏ ۾
اونهون هڪ سال لاءِ پوري ڇڏجي، ته سندس ڦٽڻ جو
امڪان آهي.
هندستان جي سڀني خشڪ آبهوا وارن ڀاڱن ۾ گلاب چڱو ٿيندو آهي، پر
سمنڊ جي ڪناري سان جتي برسات گهڻي پوندي آهي، اتي
وڌيڪ نظر رکڻي پوندي آهي، انهيءَ لاءِ ته وڻن جي
پاڙ ۾ پاڻي بيهي نه رهي. هي گهم واري هوا ۾ زور نه
ٿا وٺن.
قلمن، اکين ۽ اوڌن هڻڻ ۽ پيوند ڪرڻ جو بيان اسان هن ڪتاب جي
شروع ۾ ڏنو آهي. پڙهندڙن کي اهو ڏسڻ گهرجي، جو
گلاب سان به لاڳو آهي. انهيءَ هوندي به اسين مختصر
طرح هتي ڪي ڪجهه لکون ٿا. گلاب جي قلمن هڻڻ لاءِ
چڱو وقت نومبر جو مهينو آهي، جڏهن ڇانگ ٿيندي آهي.
ائين ڪبو تڏهن مارچ ڌاري قلم پاڙون هڻي گونچ
ڪڍندا. پوءِ ڪڍي ڪونڊين ۾ کجين. مضبوط وڻن جا قلم
جولاءِ ۾ به لڳي سگهندا، جڏهن مينهن پون ٿا. قلمن
لاءِ هڪڙو حصو اڱرن جي چُوري جو ۽ ٽي حصا واريءَ
جا زمين ۾ هئڻ گهرجن. ڪڏهن ڪڏهن گلاب جا قلم
پاڻيءَ ۾ به هڻندا آهن. اهو هينئن ڪندا آهن جو
ٻاٽلين ۾ پاڻي وجهي، انهيءَ ۾ قلم وجهي ڇڏيندا
آهن. پر پاڻي بلڪل صاف هئڻ گهرجي ۽ جلد جلد مٽائڻ
گهرجي. هڪڙيءَ ٻاٽليءَ ۾ هڪ ٻن قلمن کان وڌيڪ نه
وجهجي، نه ته پاڻي خراب ٿي پوندو ۽ قلم به ڪِنان
ٿي ويندا. ڏندڻ ننڍن وڻن جا هئڻ کپن. جن ٽارين
تازا گل جهليا هجن، جي پوءِ ڇڻي پيا هجن، انهيءَ
جا قلم ڪپي ڪم آڻڻ گهرجن. پوءِ ٻاٽليون گهر جي اتر
واري پاسي يا ڪنهن پردي جي پٺيان رکڻ گهرجن، جتي
روشنائي به پوين، هوا کان به پناهه هجين، مگر جيئن
اُس نه لڳين. ڪنهن کوکي جو مٿيون ڍڪ لاهي، پئسيرو
رکي منجهس قلمن واريون ٻاٽليون رکجن. کوکي جي تر
وارو وڏو پاسو انهيءَ طرف ٿئي، جنهن طرف سج هجي ته
ڀلي ٻاٽلين تي ڇانو رهي. ڏهن آئونسن واريون مربي ۽
آچار جون ٻاٽليون انهيءَ ڪم لاءِ چڱيون آهن. گلاس
به چڱا، پر اُهنجا لڳندا. ٽن هفتن ۾ قلم ڦٽڻ لڳندا
۽ پوءِ سگهو ئي چانديءَ جهڙيون پاڙن جون تندون
ڪڍندا. پوءِ هڪدم ڪڍي ڪونڊين ۾ رکجين.
پيوند ڪرڻ، اوڌن ۽ اکين هڻڻ جو ڪم ته سال ۾ ڪنهن به وقت ڪري ٿو
سگهجي، مگر ڪن عمدن قسمن لاءِ فيبروري مهينو چڱو
آهي. اوڌ ڪونڊيءَ ۾ به هڻبي آهي، جا ڪونڊي زمين ۾
کوڙي ڇڏبي آهي. انهيءَ جي مٿان وري ٻي ڪونڊي اڌ
مٽيءَ سان ڀري رکجي ۽ مٿئين خالي اڌ ۾ هميشه پيو
پاڻي وجهجي، جيئن پاڻي مٽيءَ مان لنگهي، ڪونڊيءَ
جي هيٺئين سوراخ مان نڪري، اوڌ واريءَ جاءِ تي
ٿورو ٿورو ڪيو پيو سمي، ۽ ان کي آلو رکيو اچي.
انهيءَ طرح اوڌ سانوڻيءَ کان اڳي وڍڻ جهڙي ٿيندي.
اکيون ته عمدن قسمن جي ٽُڪرَن جون، سادن قسمن جي
ٿڙ يا ڪاٺيءَ تي لڳائڻ گهرجن. انهن لاءِ فيبروريءَ
جو مهينو بهتر آهي. پيوند ڪرڻ لاءِ نومبر جو مهينو
به بڇڙو ناهي. پيوند يا قلمن مان پيدا ٿيل گلاب،
اڪثر ٻي موسم ۾ گلن ڪرڻ جهڙو ٿيندو.
گلاب جي لاءِ نڪي گهميل زمين چڱي آهي، نڪي تمام خشڪ. زمين ٿورو
مٿانهين هوندي ته چڱو، جو انهيءَ ٻاري ۾ پاڻي وڌيڪ
بيهي نه سگهندو. گرم موسم ۾ البت وڌيڪ پاڻي ڏيڻ جي
درڪار ٿيندين. تنهنڪري جلد جلد پاڻي ڏيندو رهجين.
اڪثر مارچ جي مهيني ۾ هو سختي ڏسندا آهن. انهن
ڏينهن ۾ گهڻو ڪري رات جي وقت پنن کي ڪينئان نقصان
ڪري ويندا آهن. باغ جي ڪچري کي باهه ڏئي ساڙجي،
پوءِ جيڪا رک يا ڪيري ٿئي، سا گلاب جي پوکڻ لاءِ
چڱي آهي. ڊڀ جو گاهه پٽي، ذرا ذرا ڪري، سڪائي،.
دانگيءَ تي ڀڃي، پوءِ مٽيءَ ۽ ڳائي پراڻي ڀاڻ سان
مِلائي ڏيڻ گهرجي. پنن جو ڀاڻ به چڱو آهي.
سڀ ڪنهن سال يا ٻئي سال، هڪڙي هنڌان يا هڪڙيءَ ڪونڊيءَ مان
ٽپائي، ٻئي هنڌ يا ڪونڊيءَ ۾ رکڻ مان وڻن کي فائدو
آهي. اهو ڪم آڪٽوبر ۾ ڪرڻ گهرجي. انهن وڻن جون
پاڙون به اگهاڙيون ڪري ٻن ٽن هفتن تائين هوا ۾
رکجن، پوءِ نئينءَ مٽيءَ سان ڍڪي، ججهو پراڻو ڳائو
ڀاڻ ملائي، کڻي ڇڏجي. ڊسمبر ۽ جنوريءَ جي مهينن ۾
زمين جي مٿان وڻن جي پاڙن ۾، ڀاڻ ٻُرڪڻ مان به
ججهو ئي فائدو حاصل ٿو ٿئي. پاڙ ۾ فوٽ جيتري
چوڌاري مٽيءَ جي ڍِڳي ڪري، پوءِ هيٺانهينءَ ۾ هڪڙي
ٽوڪري تازي ڇيڻي جي وجهي، مٿان پاڻي ناري يا
نيساري وانگي وجهجي. اهو پاڻي پٽڙي ڀاڻ وانگي زمين
مان لنگهي ويندو. مهيني مهيني کانپوءِ تازو ڇيڻو
وجهڻ چڱو آهي.
ڪونڊين کان کليل زمين ۾ گلاب چڱو زور وٺي ٿو. ٽڪرن وارن مڪانن
تي هيٺ واري زمين تي گلاب چڱو ٿو ٿئي.
ڇانگ ڪرڻ لاءِ هي قاعدو ياد ڪرڻ گهرجي، ته گهڻي وڌڻ واري کي
ٿوري ڇانگ ڪجي ۽ ٿوري وڌڻ واري کي گهڻي ڇانگ ڪجي.
زور وارن وڻن کي ڇانگ جي گهرج ئي ڪانهي. رڳو
پراڻيون ۽ سڙيل ٽاريون، جي سڪي ڪاٺيون ٿي ويون
هجن، سي وڍي ڇڏجن. هلندڙ سال وارن رکلين وڻن کي،
سو وڍي وڃي ڇهن يا نَونَ اکين تي ڇڏجي. ضعيف وڻن
کي خوب ڇانگجي. رڳو ٻه يا ٽي اکيون ڇڏجن، ٻيون
مٿيون سڀ وڍي ڇڏجن؛ سو به هلندڙ ورهيه وارن وڻن جي
حالت ۾. ڇانگ ڪرڻ لاءِ چڱو وقت اپريل جو مهينو
آهي، جڏهن وڻ وڌن نه ٿا ۽ آرام ۾ آهن. جيڪي قسم
هميشھ گل ڪندا آهن، تن جون ٽاريون تڏهن ڇانگجن
جڏهن انهن ٽارين وارا گل ڇڻن.
مٿي چيو ويو آهي ته گلاب لاءِ زمين ڀلي چڱي آهي. جيئن زمين ۾
وڌيڪ سلفر يا گندرف (گندڪ) هوندو، تيئن چڱو. گلاب
جو پاڻي، جوهر ۽ عطر گهڻيءَ خوشبوءِ جي ڪري پسند
اچي ٿو. پر حڪيم چون ٿا ته سلفيو ريٽيڊ هئڊروجن
گئس، جنهن مان تمام گندي بوءِ نڪرندي آهي، تنهن جي
ترڪيب يا بناوت ۽ گلابي عطر جي ترڪيب يا بناوت،
هڪجهڙي آهي. ٻنهي ۾ سلفر يا گندرف بوءِ پيدا ٿو
ڪري. تنهنڪري جنهن زمين ۾ اها شيءِ پوري ناهي،
تنهن تي ٿيل گلن ۾ بوءِ گهٽ ٿي ٿئي. هاڻي لوهه جو
سلفيٽ ۽ چن جو سليفٽ، پاڻيءَ ۾ ۽ ڳريل حالت ۾،
گلاب جي پاڙن ۾ وجهڻ سان، انهيءَ کي ضرور سلفر
موجود ڪري ڏيندو. لوهه جو سلفيٽ ته بازار ۾ وڪامي
ٿو؛ يعني هيراڪس. باقي چن جو سلفيٽ هٿ سان ٺاهي
سگهجي ٿو. هن بابت اسان مٿي به ڪنهن هنڌ بيان ڏنو
آهي. هينئن ڪجي جو هڪڙو وڏي منهن وارو دلو يا مٽ
يا چاڏو يا ٺڪر جو ٿانءُ هٿ ڪري، ان جي ٻاهران
چڱيءَ طرح تيل جو مَک ڏئي وڃجي. رواجي بازاري ڪڙو
تيل بس آهي. اهو انهيءَ لاءِ ٿو ڪجي ته گهڻي سيڪ
اچڻ ڪري ٺڪر نه ٽِڙڪي. انهيءَ ٿانو جو ڍڪڻ به هٿ
ڪجي. ٿورا سير چن جا ڪنهن سنهي پرڻ ۾ ڇاڻي ڪڻڪ جي
اٽي جهڙا ڪجن. اڌ سير سلفر (گندرف يا گندڪ) جو
پينهين اٽو ڪجي. هر هڪ چن جي پائونڊ يا اڌ سير
لاءِ ٻه آئونس سلفر جا گهرجن. انهيءَ حساب تي سلفر
توري ڪڍي، ڪنهن ننڍي ٺڪر جو ٿانوَ ۾ وجهجي ۽ پوءِ
ان جي منهن تي ڪاغذ ويڙهي اونڌو ڪري، کڻي تئي يا
ٽامي جي ٿالهيءَ تي رکجي. اها ٿالهي وري لنگهائي
انهيءَ چاڏيءَ ۾ وجهجي ۽ مٿانئس ٿورو ٿورو ڪري سڀ
چن وجهجي ۽ پوءِ ڍڪڻ ڏئي اٽي سان لنبي ڇڏجي. پوءِ
اَڳيٺيءَ ۾ باهه ٻارجي جڏهن ٽانڊا ٿين، تڏهن منهن
بند ٿيل چاڏي کڻي مٿانئس رکجي. ويهن منٽن جي سيڪ
کان پوءِ ڪاٺيون وجهي، ڦوڪي باهه ڏجي. باهه کي پيو
ڌَنو جي، جسين ڪ گندرف جي سڙڻ جي باس اچي. پوءِ
ڌنوڻ يا پکو هڻڻ کڻي بند ڪجي. پوءِ انهيءَ کي باهه
اُجهامڻ ۽ ٿانو ٺرڻ تائين ڇڏي ڏجي. ٺرڻ بعد اندر
جو مال ڪنهن تارُن جي جڙيل پرڻ مان ڇاڻي ڪڍجي. اهو
ٿيو سلفيٽ آف لائيم (يعني چن جو سلفيٽ). اهو ڪنهن
ٺڪر جي ٿانو ۾ وجهي ڍڪي رکي ڇڏجي. اهو گهرج مهل
آسانيءَ سان پاڻيءَ ۾ ڳري ويندو. انهيءَ جو هڪڙو
آئونس پاڻيءَ جي هڪ گئلن لاءِ بس آهي، تنهن ۾ وري
هڪڙو آئونس هيراڪس جو به وجهجي. انهيءَ مصالحدار
پاڻيءَ مان هڪڙو پائنٽ، يعني هڪ ٻاٽليءَ جيترو، هر
هڪ گلاب جي وڻ لاءِ بس آهي. هڪ نه ٻئي ڏينهن، يا
هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڪافي آهي، خصوصاًگلن ڪرڻ وارن
ڏينهن ۾. اهو مصالحي وارو پاڻي رڳو شام جي وقت
ڏجي. صبح جو وري دستور موجب رواجي پاڻي ڏجي، جو چن
جا جزا پاڻهئي هيٺ پاڙن ۾ کڻي ويندا.
هتي هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي، ته جن وڻن جا پن کَٽا ۽ ڪسارا
ٿا ٿين، تن کي سلفيورڪ ائسڊ يعني سلفر يا گندرف جي
تيزاب جو ضرور ٿئي ٿو. مثلاً جيرينيم گل جي وڻ جا
پن ڪسارا آهن ۽ ان جا گل ڳاڙهي ۽کهنبي ۽ ٻين ڦڪن
ڳُوڙهن رنگن جا ٿا ٿين. انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته
رنگ لوهه جي ڪري آهي ۽ کاراڻ گندرف جي ڪري. گلاب
جو پن کارو يا ڪسارو ناهي، مگر ان جي ڇوڏي ۽ ٻج جي
ڦريءَ ۾ کاراڻ رهي ٿي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته
ان ۾ لوهه ۽ گندرف ٻنهي جا جزا موجود آهن. جيڪڏهن
اسين ڳاڙهي گلاب جي گل جا پن ڪنهن چانديءَ جي چمچي
۾ رکي، ساڙي رک ڪنداسين ته ان ۾ جيڪو گندرف موجود
آهي، سو چمڪندڙ چمچي جو رنگ ڦيرائي ڇڏيندو. اهڙي
آزمودي سان ڪنهن به نباتاتي شيءِ ۾ گندرف جي هئڻ
جي خبر پئجي سگهي ٿي.
هاڻي اسين گلاب جي قسمن جو مختصر بيان ڏينداسين؛ ولايت مان ٻجن
موڪلڻ وارن جي ڇپايل ياداشت ڏسبي ته معلوم ٿيندو
ته سوين قسم گلاب جا ڏنل آهن، جن جانالا به علحده
آهن. انهيءَ طرح جيڪي ڪتاب گلاب جي بيان ۾ لکيل
آهن، تن ۾ به انهن جا بيشمار ڀاڱا، قسم ۽ ذاتيون
ڏنل آهن پر جيڪي گل هتي پوکڻ ۾ اچن ٿا، تن جا به
گهڻا ئي ڀاڱا ڪري سگهجن ٿا؛ پهريون، هڪڙا يورپ ۽
الهندي ايشيا وارا گلاب – جهڙوڪ، گوبي گلاب، دمشقي
گلاب ۽ فرينچ گلاب – هن جماعت جي خاصيت اها آهي ته
اهي رڳو جون ۽ جولاءِ وارن مهينن ڌاري گل ڪن ٿا،
تنهنڪري انهن کي موسمي گلاب چئي سگهجي ٿو. ٻيو،
اڀرندي ايشيا وارا گلاب، يعني جيڪي هندستان، چين ۽
بوربون جا آهن، جي گهڻو ڪري سڄو سال گل ڪن ٿا ۽
تنهنڪري انهن کي سدا گلاب چئي سگهجي ٿو.
هاڻي آزمودي مان معلوم ٿيو آهي، ته پهرئين ڀاڱي وارا گل اڪثر
هتي، يعني هندستان ۾، چڱا نٿا ٿين. باقي ٻئي ڀاڱي
وارا گل جهڙي رونق هندستان ۾ ٿا ڪن، تهڙي انگلينڊ
۾ نه ٿا ڪن. پر گلن پوکڻ وارا جيڪي شوقين، هنرمند
۽ تجويز وارا ماڻهو آهن، تن انهن ٻنهي ڀاڱن وارن
گلن کي هڪٻئي سان ملائي، پيوند ڪري ۽ اکيون هڻي،
سوين وچولا ۽ گڊا قسم پيدا ڪري وڌا آهن. انهن جا
ڏندڻ ولايت کان آسانيءَ سام ملي سگهن ٿا. بعضي ته
ولايت مان جدا جدا قسمن جون چڪيون به آنديون اٿن،
پر انهيءَ لاءِ ڏاڍي سنڀال گهرجي. گڊي گل کي
انگريزيءَ ۾ هائبرڊ چون ٿا. انهن گڊن گلن مان به
ڪي ماءُ تي ويا آهن ۽ ڪي پيءُ تي، يعني ڪي موسمي ۽
ڪي مدامي يا سدا گلاب ٿيا آهن. مثلاً گڊا چيني گل
يا گڊا بوربوني گل رڳو اونهاري ۾ گل ڪن ٿا. وري
گڊن کي گڊن سان ۽ گڊن کي نج گلن سان ملائڻ ڪري،
قسم به وڌن ٿا ۽ خاصيت ۽ جنس به ڦِري ٿي وڃي.
ولايت ۾ گلاب جي گلن جا ٻه ڀاڱا ڪيا اٿن: هڪڙا بهاري، جي رڳو
بهار يا اونهاري ۾ گل ڪن ۽ ٻيا خِزاني، جي خزان
توڙي بهار جي موسم ۾ گل ڪن. هن ملڪ ۾ اهو بهاري
گلاب رڳو فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ گل ڪندو آهي، ۽ خزاني
گلاب سانوڻ ۾ موچارا گل ڪري ٿو، مگر نومبر ۽ ڊسمبر
۾ چڱا کُلن ٿا.
انهن مٿين ٻن ڀاڱن مان اسين هيٺ هڪڙي هڪڙي جا ڪي مکيه قسم
ڏينداسين، جي خود ڪيترن ئي ذاتين، رنگن، قد ۽ ڊول
جا آهن.
پهرئين ڀاڱي مان، يعني بهاري يا موسمي گلن مان: پهريون، پراونس
روز، جنهن جو ڪتابي نالو روز اسينٽيفوليا (يعني
سئو پنن وارو گل) آهي. هن کي فارسيءَ ۾ گل صد برگ
چوندا آهن. هن قسم هيٺ ڪابيج روز (يعني گوبي
گلاب)، ۽ ماس روز (يعني سينور وارو گلاب) اچي وڃن
ٿا. ٻيو، ڊامسڪ روز، (يعني دمشقي گلاب). هن قسم ۾
بصرائي گلاب يا ايراني گلاب اچي وڃي ٿو. اهو تمام
خوشبودار آهي ۽ هندستان ۾ عام آهي. هتي گهڻو ڪري
موسمي گلاب انهيءَ کي چوندا آهن. هن جون ٻه ذاتيون
آهن: هڪڙي ڳاڙهن گلن جي، ٻي اڇن گلن جي. رڳو مارچ
ڌاري گل ڪندا آهن. هي جلد ڇاڻي وجهندا آهن. نومبر
جي مهيني ۾ هنن جي پاڙن جي مٽي ڪڍي، هفتو ٻه پاڙن
کي هوا ڏيندا آهن، پوءِ وري ڳائو ڀاڻ وجهي ڀري
ڇڏيندا آهن. ٽيون، اگلنٽائن يا سُوئيٽ برائر، هي
هندستان ۾ عام آهي. ننڍڙا پيازي گل ڪندو آهي. هن
کي ڇانگ نه ڪبي آهي، جو تمام نازڪ آهي. هن جا قلم
ڪين لڳندا آهن، رڳو اکيون، اوڌون ۽ پيوند لڳندا
اٿس، يا ٻج پوکبو اٿس. ٻج ٻارهين يا ارڙهين مهيني
ڦُٽيس ٿو. چوٿون، پرشن ييلو، (يعني ايراني پِيلو
گلاب). هي سونهري پيلي رنگ جا وڏا ۽ ڊبل گل
جهليندو آهي. پنجون، بانڪشين روز، هن ذات جا گل
جدا جدا رنگن جا ٿين ٿا. هي ٻوڙي وانگي نٿا ٿين،
پر ول وانگي پکڙندا ۽ گيل ڪندا آهن. ڪن ۾ ته ڪنڊو
بنهه ڪو نه ٿئي. گل وڏا ڪندا آهن. اڪثر چين مان
آيل آهن. ڪي ته وري وڻ تي چڙهي ويندا آهن. ڇهون،
چيني ۽ بوربوني گڊا.
ٻئي ڀاڱي مان، يعني خزاني يا مدامي (سدا) گلن مان: پهريون،
ڊامسڪ پرپيچوئل، (يعني دمشقي مدامي). هي وڻ قد جو
بندرو ۽ گل وڏا پيالي جي شڪل جا ٿا ٿينس. هي قلمن
سان ٿئي ٿو. ٻيو، هائبرڊ پَر پيچوئل؛ (يعني گڊا
مدامي). هي وڻ ولايت ۾ سڀ کان عمدا سمجهيل آهن، جو
قد توڙي رنگ، توڙي خوشبوءِ توڙي جٽاءَ ۾ سڀني کان
سَرس آهن. بهار جي موسم ۾ هنن جي ڇانگ ڪرڻ گهرجي.
ٽاريون وڍي ٽينءَ چوٽينءَ پتيءَ جيتريون باقي
ڇڏجن. آڪٽوبر ۾ ڇانگ ڪجي ۽ نومبر ۾ قلم هڻجن. هن
قسم جون تمام گهڻيون ذاتون آهن، جن جانالا به عجيب
آهن ۽ اڪثر وڏن وڏن ماڻهن جي نالن جهڙا نالا اٿن.
ٽيون، بوربون روزز (يعني بوربون جا گلاب). هنن مان
ايڊورڊ ۽ ڪوئين نالي مشهور آهن. هنن جا گل
خوشبودار آهن ۽ گهڻي تائين جٽاءُ ڪن ٿا. ڇانگ ڪرڻ
گهرجين. هنن جون اکيون ۽ قلم لڳن ٿيون. چوٿون،
چائنا روزز؛ (يعني چيني گلاب). هن قسم جا وڻ اڪثر
قد جا بندرا آهن. هن جا اڇا ۽ کهنبا گل هتي گهڻا
ٿين ٿا، جي هلڪا ۽ يڪا ٿيندا آهن. هڪڙي کي ته
ننڍڙي قد جي ڪري فيئري ڪوئين (يعني پرين جي راڻي)
چون ٿا. پنجون، ٽي سينٽيبل روزز؛ (چانهه جي بوءِ
وارا گلاب). هن قسم جا وڻ ننڍي قد وارا ۽ تمام
نازڪ ٿين ٿا. انهن جي گلن ۾ چانهه جهڙي باس ٿيندي
آهي. هي گهڻن رنگن جا ٿيندا آهن ۽ ڌاڍا سهڻا لڳندا
آهن. ڇهون؛ نائزيٽ، هن کي اصل گڊو گلاب چون ٿا.
ننڍن ۽ ڀريلن گلن جا ڇڳا جهليندو آهي. هن جي قسم
وارا وڻ هميشھ گل ڪندا آهن پر فيبروريءَ جي مهيني
۾ سندن رونق گهڻي هوندي آهي. هي به گهڻن ئي رنگن
جا آهن ۽ جدا جدا نالا اٿن. هنن مان ڪي چانهه جي
بوءِ وارا نائزيٽ به آهن، جي ولين جهڙا ٿيندا آهن.
هي وڏيرڙا گل ڪندا آهن. ستون، مَسڪ روزز، (يعني
مُشڪي گلاب). هن کي هندستاني ماڻهو سيئوتي سڏيندا
آهن. هي گلاب هندستان جي ڪن ٽَڪرن ۾ جهنگلي به
ٿيندو آهي. هن جو وڻ ڇهن ستن فوٽن جيڏو به ٿيندو
آهي. ايران ۾ ته هن گل جا وڻ ٽيهه فوٽ وڏا به ڏٺا
ويا آهن. هن جا گل ننڍڙا ميرانجهڙي اڇي رنگ جا
آهن. هن ۾ هڪڙي قسم جي خوشبوءِ ٿيندي آهي، جا مُشڪ
يا کٿوريءَ کي اچي ويجهي پوي ٿي. تنهنڪري ته مشڪي
نالو پيو اٿس.
مٿئين بيان پڙهڻ مان معلوم ٿيندو ته ڪي قسم جهڙوچانهه جي بوءِ
وارا نائزيٽ ۽ ڪي ٻيا ولين جهڙا ٿيندا آهن ۽ جي
ٻين شين تي چڙهي ويندا آهن. انهن جي ٽيڪ لاءِ بانس
جا پڃرا ٺاهڻ گهرجن. يا ته وڻ جي چوڌاري بانس جون
چيريل پٽيون، يا سنهڙيون لٺيون کوڙي وڃجن. پوءِ وڻ
جون ٽي چار وڏيون ٽاريون ڇڏي، ٻيون سڀ ڇانگي ڇڏجن.
باقي بچيل ٽارين کي هٿ سان وٺي ڪاٺين تي وڪڙ ڏئي
چاڙهي ڇڏجن، ته پاڻهئي چڙهڻ سکي وينديون. هيٺان
گاهه پٽي صاف ڪري ڇڏجي ته پاڻي ۽ ڀاڻ ڏيڻ ۾ سولو
ٿئي.
ايراني گلاب جا گهڻا ئي قسم آهن، جن جا ڪي مشهور نالا هيٺ ڏجن
ٿا: گل پياده (هن ۾ بوءِ ڪا نه ٿيندي آهي). گل
رعنا، (هي ڏاڍو خوشبوءِ وارو گل آهي). گل سوري،
(هي زردي رنگ جو گلاب آهي). گل صد برگ، هي وڏو ڊبل
گل آهي، جنهن جو مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي). گل بي
فرمان، (هي ڦڪي ڳاڙهي رنگ جو آهي). گل ليُسوري،
(هي به چڱن گلن مان هڪڙو آهي). گل دو رنگ، (هي ٻن
رنگن وارو گلاب آهي). |