سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :20

باب ستون

فصل پهريون

متفرقو احوال

باغ جي ڪم جي جنتري

گهڻن استادن باغ جي ڪم لاءِ جنتريون لکيون آهن، جي هندستان جي جدا جدا ڀاڱن لاءِ علهديون آهن، ڇالاءِ جو سڀني هنڌن تي آبهوا، گرمي، سردي ۽ موسم جي ڦير گهير هڪجهڙي نه ٿي ٿئي؛ انهيءَ ڪري هڪڙي هنڌ جي جنتري ٻئي هنڌ سان لاڳو ٿي نه سگهندي. بنگال جي الڳ آهي، مدراس جي الڳ، ميسور جي الڳ، الهندي هندستان جي الڳ، گجرات جي الڳ ۽ ٽَڪرن وارن ڀاڱن جي الڳ. اسين ڪوشش ڪري اهڙي جنتري ڏيون ٿا، جا سنڌ سان لاڳو ٿي سگهندي. جنتريءَ مان مطلب آهي ته سال جي اندر مهيني مهيني ۾ باغ ۾ ڪهڙو ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي. باغ واري کي انهيءَ مان اها سهولت آهي ته سڀ ڪنهن مهيني ۾، يا انهيءَ مهيني هيٺ جيڪي جنتريءَ ۾ لکيل آهي، سو ڪري سگهي ٿو. اسين هر هڪ مهيني جا ڀاڄين جي باغ لاءِ ڌار، ميون جي باغ لاءِ ڌار ۽ گلن جي باغ لاءِ ڌار اشارا ڏينداسين، جو مٿي اسان باغ به انهن ٽن ڀاڱن ۾ ورهائيا آهن، اگرچ هڪڙي ئي باغ ۾ ٽنهي قسمن جا وڻ، ڪو به ماڻهو رکي سگهي ٿو.

فصل ٻيو

جنوري ۽ فيبروريءَ جا ڪم

جنوري

ڀاڄيون: هن مهيني کان وٺي، سڀني ڀاڄين کي وقت بوقت پاڻي ڏيڻ گهرجي ۽ هفتي ۾ هڪڙو ٻه ڀيرو پٽڙو ڀاڻ به ڏجي. موريون، آهر، حليم، پالڪ ۽ سالڊ پوکڻ گهرجن. مٽر به پوکي سگهجن ٿا. گوبيءَ ۽ نول ڪول جا ٻيجاري وارا سلا ڪڍي ٻارن ۾ رکجن. سيلريءَ جا سلا به آئيندي جي لاءِ ڪڍجن، مگر جيڪا في الحال کائڻ جهڙي هوندي سا به اهڙي هوندي، تنهنڪري ان کي سڪائڻ لاءِ سندس پاڙن جي مٽي ڪڍجي. سالڊ يا ليٽيوس، آهر ۽ حليم جا ڪي ٻج جي لاءِ ٻوڙا ڇڏي ڏجن.

ميوا: اسٽرابيري، هينئر گل جهليندا ۽ ڦر ڪندا، تنهنڪري انهن کي ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي ۽ ميوي جي بچاءَ لاءِ ڄاري وجهڻ، يا ڪنهن ٻئي بندوبست ڪرڻ جي تجويز ڪجي، ته پکي نه زيان ڪن. لوڪٽ جي وڻن کي ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي. انجير، شفتالو (آڙو)، آلو بخارا ۽ انگورن جي وڻن جي ڇنگ ڪرڻ کپي.

گل: گلاب جي وڻن کي مٿاڇري گُڏ ڏئي، ڳائو ڀاڻ ٻرڪي وجهجي. دائودي، گل ڪري بس ڪندي، تنهن کي ڪونڊيءَ مان ڪڍي، ان جون پاڙون ڇني ٻاري ۾ پوکجن ته نوان وڻ پيدا ٿين. هيٺين وڻن کي هينئر ڇانگ ڪرڻ مان فائدو ٿيندو: بائگونيا، عجائب، روپ مجنون، ياسمن (چمبيلي)، مغلي هيرڻ (جاٽر وفا) ۽ هار سينگار.

فيبروري

ڀاڄيون: هن مهيني ۾ انگريزي ڀاڄين کي ٻيو ڪي به ڪين ڪرڻو آهي، رڳو جيڪي زمين ۾ رکيون ويون هجن، تن کي مَئُو پاڻي ڏجي. ليٽوس (سالڊ)، آهر ۽ حليم اڃا به پوکي سگهجن ٿا. جيڪي مٽرن جا ٻوڙا ٻج لاءِ رکيا ويا هجن، تن کي روز بروز گهٽ پاڻي ڏيندو وڃجي ته جيئن پچندا وڃن.

ميوا: لوڪٽن کي ججهو پاڻي ڏجي. شفتالو، آلو بخارا، لچي ۽ انب ڦر ڪن، ته انهن کي به ججهو پاڻي ڏجي. گُڏ ڪري پوءِ انناس کي پاڻي ڏجي. هنداڻن جو ٻج پوکجي.

گل: جيڪي آرڪڊنين ڪونڊين يا کارين ۾ رکڻا هجن، تن کي ٽپائي انهن کي رکڻ جي لاءِ  هي چڱو وقت آهي. ڪرائينم (سک درسن)، گلوريوسا (بڇ ناگ)، ڪيمپفريا (ڀون چمپا) ۽ جيڪي ٻين گلن جا وڻ، سرديءَ جي موسم ۾ وڌڻ کان بس ڪري بيهي رهيا هجن، تن جون ڪونڊيون يا جايون مٽائجن. پيٽيونيا ۽ فلاڪس کي ڪڍي، ٻارن جي ڪنارن سان رکجي. جيڪي گلاب نومبر ۾ لڳلن قلمن مان ٿيا هجن، سي ڪڍي ڪونڊين ۾ يا ٻئي هنڌ ڇانو ۾ رکجن ۽ ججهو پاڻي ڏجين. هن مهيني ۾ گلاب جو پيوند چڱيءَ طرح ڪري سگهجي ٿو.

 

فصل ٽيون

مارچ ۽ اپريل جا ڪم

مارچ

ڀاڄيون: هن مهيني جي وچ ڌاري، اَسپريگس (پاراگراس) جي پاڙ واري مٽي ڪڍي، ٻي تازي وجهڻ گهرجي، جنهن سان پراڻو ڀاڻ ٻه ملائجي ۽ پوءِ پاڻي ڏيڻ لڳجيس. گجرون ۽ بيٽ (چڪندر) تيار هوندا، سي ڪڍي سڪي مٽيءَ سان ڍڪي، ٿانون ۾ وجهي اڳتي جي لاءِ رکي ڇڏجن. بصر به ڪڍي رکجن. جيڪي گوبيون وڍيون هجن، تن جي رهيلن ٻُٿن کي وري پاڻي ڏجي، جو انهن مان جيڪي ڪچڙا گونچ نڪرندا، سي سالڊ وانگي کائڻ ۾ ايندا. انگريزي سيج ۽ ٽائيم جا پن سڪائي، ٻاٽلين ۾ بند ڪري رکي ڇڏجن. پارسليءَ جو ٻج ڇانو ۾ پوکڻ گهرجي.

ميوا: لچي هينئر پچندا، اڳ ۾ ئي ميوي کي پکين کان بچائڻ لاءِ، ان تي ڄاري وجهڻ گهرجي. شفتالو، انب، زردالو ۽ انگورن جي وڻن کي جام پاڻي ڏيڻ گهرجي. بيل ڦل جي وڻن ۾ جيڪي گذرئي سال جون ڪاٺيون هجن، سي وڍي ڇانگ ڪري ڇڏجن. عمدن گدرن جو ٻج هينئر پوکجي. ڪيوڙا ڇڊا ڪري رکجن، انهن جي پاڙن جي مٽي پاسي ڪري، انهن ۾ تازو ڳائو ڀاڻ وجهي جام پاڻي ڏيڻ گهرجي.

گل: ڊهليا جي وڻن جو پاڻي بند ڪجي ۽ جڏهن انهن جي ٿڙن واريون ڪاٺيون ڪومائجن، تڏهن پاڙ واريون نليون پٽي، خشڪ مٽيءَ يا واريءَ جي ٿانون ۾ رکي ڇڏجن. آگزالس سان به اها هلت ڪرڻ گهرجي. سوسن (للي) ۽ ٻين اهڙن پاڙن جي ڳنڍين وارن وڻن جو به پاڻي بند ڪري، سڪائي، ڪونڊين سميت رکي ڇڏجن، ته وري ايندڙ آڪٽوبر ۾ ٻين ڪونڊين ۾ پوکجن. جن وڻن گل ڪري بس ڪيو هجي، تن جي ڇانگ ڪري، گذرئي سال جون ڪاٺيون وڍي ڇڏجن. يو فار بيا (هزار دانه) جي به ڇانگ ڪري، انهن جا ڏندڻ واريءَ مان ڀريل ڪونڊين ۾ هڻي ڇڏجن، جو انهن مان نوان وڻ ٿيندا. وهربينا جا چونڊيل ٻوڙا ڪڍي ڪونڊين ۾ رکجن، ۽ مينهن جي موسم ۾ ڪنهن پناهه جهڙيءَ جاءِ تي رکي ڇڏجن.

اپريل

ڀاڄيون: هينئر ڀاڄين پوکڻ جو ڪم ڪو نه هلندو. آسپريگس (پاراگراس) کي چڱيءَ طرح پاڻي ڏيڻ گهرجي. بصر ۽ سالسفيءَ جو ٻج گڏ ڪرڻ گهرجي. رتالو (يام) زمين ۾ رکجن ۽ سندن چڙهڻ لاءِ بانس جا پڃرا ٺاهجن.

ميوا: گدرن کي جام پاڻي ڏيڻ گهرجي. گرميءَ جي ساريءَ موسم ۾ اسٽرابيريءَ جي وڻن کي پاڻي ڏيندو رهجي.

گل: پاڙن جي ڳنڍين وارن وڻن ۽ ٻوٽن جا پن، هينئر سڪندا ويندا، تن جون ڪونڊيون کڻي ڪنهن خشڪ جاءِ تي رکي ڇڏجن، جيستائين وري ٻين ڪونڊين ۾ رکڻ جو وقت اچي.

فصل چوٿون

مئي ۽ جون جا ڪم

مئي

ڀاڄيون: آسپريگس (پارا گراس) هينئر تيار ٿيڻ ۾ هوندا، تنهنڪري انهن جي ٻارن کي خوب رجائجي. ليٽوس (سالڊ)، پنهنجي اپايل ٻج جي ڇانو ۾ پوکڻ سان پيدا ڪري ٿو سگهجي، انهيءَ کانسواءِ انگريزي ڀاڄين جو ٻيو ڪم ڪو نه هلندو. هن مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ ڏيهي ڀاڄين جي پوکڻ لاءِ چڱو وقت آهي، جيئن ته واڱڻ، ڪاٺتوريون (ڀينڊيون)، ونگا، باد رنگ، ميها، چئونرا ۽ مڪائي وغيره. انهيءَ کان سواءِ سنڍ (ادرڪ)، آراروٽ، آرٽيچوڪ (هاٿي چڪ)، لاهوري گجرون ۽ رتالو (يام) به پوکي سگهجن ٿا.

ميوا: انناس جي وڻن کي پاڻي ڏيندو رهجي. سڀئي ميويدار وڻن جي اکين هڻڻ، پيوند ڪرڻ ۽ گوٽيءَ جي هڻڻ جو چڱو وقت هي آهي.

گل: جيڪي ننڍا ۽ عمدن قسمن جا وڻ هجن، تن کي پاڻي ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪم ڪرڻو ڪونهي.

جون

ڀاڄيون: مڪائي ۽ ڏيهي ڀاڄيون اڃا پوکي سگهجن ٿيون. ولايتي ڀاڄين جو ڪو به ڪم هن مهيني ۾ ڪو نه هلندو.

ميوا: پيوند ڪرڻ جي لاءِ انبن جون ککڙيون پوکڻ گهرجن. قلم هڻڻ يا پيوند ڪرڻ، يا اکين ۽ گوٽين هڻڻ جو اڃا به وقت چڱو آهي.

گل: دائوديءَ جون ٽاريون، جي جنوريءَ ۾ قلمن وانگي هنيون ويون هونديون، سي هينئر وڌي وڻ ٿيون هونديون؛ اهي زمين مان ڪڍي، ڇني ڌار ڌار ڪري، جدا ڪونڊين ۾ رکجن ۽ انهن مان جيڪي عمدي قسم جون هجن، سي ڇانو ۾ رکي ڇڏجن، تانجو سانوڻيءَ جا مينهن شروع ٿين، جيڪي ڪونڊين وارا وڻ مينهن ۾ ٻاهر رکڻا هجن، تن کي سرن تي مٿي چاڙهي رکجي نه ته هيٺان ڪيئان ۽ جيت لڳندن ۽ ٻارن ۾ جيڪي کڏون ۽ هيٺاهيون هجن، سي ڀري ڇڏجن، ته مينهن جي ڏينهن ۾ منجهن پاڻي بيهي سينوارجي نه.

 

فصل پنجون

جولاءِ ۽ آگسٽ جا ڪم

جولاءِ

ڀاڄيون: هن مهيني ۾ ڏيهي ڀاڄيون، جهڙوڪ واڱڻ، ڪاٺتوريون، ونگا، ميها ۽ چئونرا پوکي ٿا سگهن. آراروٽ، سنڍ (ادرڪ) هيڊ ۽ آر ٽي چوڪ (هاٿي چڪ) جي گُڏ ڪرڻ ۽ مٽي مٽائڻ گهرجي.

ميوا: هن قسم جي انناس جون چوٽيون ؛جي پٽيون ويون هجن سي نه اڇلائجن ،پر وري ڪنهن ڇائو َواري هنڌُ واريءَ ۾ هڻي ڇڏجن . جيڪڏهن پاڻي برابر ملندن ته سهڻا ٻوڙا ٿي پوندا. شفتالو زردالو نارنگين ۽ ليمن  جي اکين هڻڻ ۽ پيوند ڪرڻ جو هي چڱووقت آهي .خاص ڪري بنگال ۾ کٽوبڙن ۽ گوزبيريءَ جي پوکڻ جو هي چڱو وقت آهي.

گل: هيٺين گلن جا ٻج هن مهيني ۾ پوکڻ گهرجن: گل مخمل، تڪمون، گل مهندي (ميدو)، شاهه پسند، تاج خروس، ڊهليا، ڌاتو رو، عشق پيچ، دو پهري، تر، سورج مکي ۽ گونٽو. ڊهليا جي پاڙ واريون نليون، جيڪي مٽيءَ يا واريءَ جي ڪونڊين ۾ رکيون ويون آهن، تن کي جاچي ڏسبو ته گهڻيون ڦٽيون به هونديون. جيڪڏهن ائين هجي ته انهن کي هڪدم ڪڍي ڪونڊين ۾ رکجي. گلاب ۽ ڪن ٻين وڻن جا ڏندڻ هنن ڏينهن ۾ لڳي سگهن ٿا.

آگسٽ

ڀاڄيون: سيلريءَ جو ٻج ڪونڊين ۾ پوکڻ گهرجي، مينهن کان ضرور بچائجين. ٻج ڦٽڻ ۾ دير ڪندو، مگر آڪٽوبر ۾ ضرور ڪڍي ٻارن ۾ هڻجيس. آسپريگس (پارا گراس) جو ٻج به هاڻي پوکڻ گهرجي، جيئن آڪٽوبر ۾ انهيءَ جا سلا ڪڍي ٻاهر رکجن. ٽماٽن جو ننڍڙو قسم پوکڻ گهرجي.

ميوا: نارنگيءَ جا قلم هنن ڏينهن ۾ جهٽ لڳي ويندا. زيتون، سيتا ڦل ۽ ڏاڙهن جي وڻن جو ميوو، سنهڙي ململ جي ڪپڙي ۾ ويڙهي ڇڏجي، نه ته پکي ۽ ٻيا جيت زيان ڪندا. انناس جي اوڌن ۽ شاخن ڪڍي رکڻ جي موسم اها آهي.

گل: ولايتي نازڪ گلن جا قلم، شيشن جي ڍڪ هيٺ واريءَ ۾ هڻڻ گهرجن.

 

فصل ڇهون

سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جا ڪم

سيپٽمبر

ڀاڄيون: ڦول گوبي، بند گوبي، نول ڪول ۽ هاٿي چڪ (آرٽيچوڪ) جو ٻج ڍڪ هيٺ، ڪونڊين ۾ يا ڪنهن مٿانهينءَ واري هنڌ تي پوکڻ شروع ڪجي، انهيءَ لاءِ ته مينهن جي موسم گذرڻ بعد، هڪدم ڪڍي ٻارن ۾ رکجن.

ميوا: شفتالن جا ککڙا، جيڪي هينئر پوکبا، سي فيبروريءَ ۾ نڪرندا ۽ آگسٽ ۾ اهي پيوند ڪرڻ يا اک هڻڻ جي ڪم اچي سگهندا. ناريل جي کجيءَ جا هيٺان پن ڇانگي ڇڏڻ گهرجن.

گل: آسٽر (سورج)، بنفشو ۽ جيڪي ٻيا وڻ دير سان گل جهليندا آهن، سي هن مهيني ۾ پوکڻ گهرجن. آگزالس کي ڪونڊين مان ڪڍي ٻاهر ڪجي، ته ڀلي روشنائيءَ ۾ رهن. زمين مان سلا نڪتا هجن ته هڪدم ٻاهر ڪڍجين.

آڪٽوبر

ڀاڄيون: سانوڻيءَ جا مينهن بس ڪن ته هڪدم زمين تيار ڪري، گوگڙو (شلغم)، گجرن، مٽرن، چئونرن، ليٽوس (سالڊ)، ٽماٽن، اينڊائوهه، سالسفي، آهر (رائي)، ڪريس (حليم)، مورين، بيٽ (چڪندر)، بصر ۽ ٿوم جو ٻج پوکجي. ڦول گوبي، بند گوبي، نول ڪول، آرٽيچوڪ (هاٿي چڪ) ۽ آسپريگس (پارا گراس) جا سلا ڪڍي کليل زمين جي ٻارن ۾ رکجن.

ميوا: ٻارا ٺاهي اسٽرابيريءَ جا سلا ڪڍي انهن ۾ رکجن. هيٺين ميون جو ٻج پوکڻ گهرجي: بادام، ناسپاتي، منگوسٽين، سيتا ڦل، زيتون، کيرني، لچي، شفتالو، زردالو، پپنوس ۽ اسٽرابيري.

گل: هن مهيني جي وچ ڌاري، سڀني انگريزي مدامي گلن جو ٻج ڪونڊين ۾ يا ٻنن تي هئڻ گهرجي. جن ڪونڊين ۾ سوسن جون ڳنڍيون پوکيل هجن، تن کي ججهو پاڻي وجهي پسائجي؛ ٻارهن ڪلاڪ انهيءَ کان پوءِ، پسيل زمين مان ڳنڍيون ڪڍي ٻين ڪونڊين ۾ رکجن. گلاب جي ڇانگ لاءِ هي وقت چڱو آهي. ولايت مان آيل سنبل، نرگس ۽ زنبق جون ڳنڍيون ڪونڊين ۾ رکڻ گهرجن. هيٺين گلن جون چڪيون ٽپائي ٻين ڪونڊين ۾ رکڻ گهرجن: ڪارنيشن (گلنار)، پانسي (بنفشو)، جيرينيم، زنبق ۽ وهربينا. باغ جي سڙڪن جي هن مهيني ۾ مرمت ڪرڻ گهرجي.

 

فصل ستون

نومبر ۽ ڊسمبر جا ڪم

نومبر

ڀاڄيون: مٽرن، چئونرن، گوگڙن، گجرن، مورين، ليٽيوس (سالڊ)، آهر، (بيٽ چڪندر) ۽ ڪريس (حليم) جو پاڇاٽو ٻج پوکجي ۽ وقت تي گوگڙن، گجرن ۽ ٻيٽ کي ڪڍي ڇٽو ڪري رکجي. انهيءَ طرح ڦول گوبي، بند گوبي، نول ڪول ۽ سليريءَ جو به ٻج پاڇاٽو پوکجي. پٽاٽن جي گُڏ ڪجي. رتالو (يام) هينئر ڪڍڻ ۽ ڪم لائڻ جهڙا هوندا. بصرن جون ڳنڍيون پوکجن، انهيءَ لاءِ ته اپريل ۾ نڪرن. ڦودنو پاڙون ڪڍي تازيءَ جاءِ تي رکجي. جتي گهڻو ڀاڻ پيل هجي.

ميوا: هن مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري انبن، شفتالن، ڊاک ۽ آلو بخارن جون پاڙون کولي ڇڏجن، پاڻي ڏيڻ بند ڪجي ته ڀلي پن جلد ڇڻن ۽ ڦر جهلڻ واريون ڪاٺيون يا ٽاريون پچن.

گل: گلاب يا ٻين سرد ملڪن جي گلن جا قلم هڻن گهرجن، جو اهو تمام چڱو وقت آهي. عقيق جون پاڙون کوٽي، ڪڍي، ڇني ڌار ڪري، تازيءَ زمين ۾ هڻڻ گهرجن.

ڊسمبر

ڀاڄيون: موريون، آهر، حليم، سالڊ، مٽر ۽ چئونرا پاڇاٽا فصل لاءِ پوکجن. نول ڪول، بند گوبي، ڦول گوبي ۽ سيلريءَ جا ٻيا به سلا ڪڍي ڌار ڪري هڻجن. جيڪا سيلري اڳي جي پوکيل هوندي، سا هينئر اهڙي ٿي هوندي، جو سندس پاڙ جي مٽي ڪڍي پن سڪائجن. سيلري، موريءَ آسپريگس جي ٻيجاري کي ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي. آسپريگس جي جهونن ٻوڙن کي پاڻي ڏيڻ بند ڪجي ته ڀلي ڪومائجن ۽ ساهي کڻن.

ميوا: کٽونبڙا گڏ ڪجن. گوزبيريءَ کي چڱي طرح پاڻي ڏيڻ گهرجي. سيءَ جي ڪري رات جو انهن وڻن کي ڍڪي ڇڏجي، ته متان ٿڌ کان سڙي وڃن ۽ ڦر نه ڪن. انجيرن ۽ انگورن جي وڻن جي ڇانگ ڪرڻ گهرجي. مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ جن وڻن جون پاڙون کولي ڇڏيون ويون هجن، تن کي وري تازي ڀاڻ واري مٽي وجهي ڀري ڇڏجي.

گل: جيرينيم، ڪارنيشن (گلنار) ۽ وهربينا جا قلم هڻجن. جيڪي پاڙ جي ڳنڍين وارا گلن جا وڻ هجن، تن کي ڇڏجي ته ڀلي سڪن. رات جو گل مهنديءَ ۽ ٻين نازڪ گلن جي وڻن کي ڍڪي ڇڏجي، نه ته سيءُ ساڙي ڇڏيندن. جيڪي اهڙا گل ڪونڊين ۾ هڻجن، سي کڻي ورانڊن ۾ رکجن. جرمن آسٽر ۽ (سورج)، پانسي (گلنار) ۽ ٻيا جيڪي گل نين ڪونڊين ۾ مٽائڻا هجن، تن کي مٽائي تازي ڀاڻ واري مٽيءَ ۾ رکجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org