تماڪ
هيءَ عام ٻنيءَ جي پوکي آهي، پر هتي نازڪ سهڻن ۽ کهنبن گلن جي
ڪري آندو ويو آهي. تماڪ جا گهڻا ئي قسم آهن. سورهن
ته لکيا اٿن. ٻج آڪٽوبر ۾ پوکي سگهجي ٿو. پن وڏا
اٿس جي سڪائي ڇڪيندا آهن. هن جي پوک مشهور آهي. هن
کي انگريزيءَ ۾ ٽوباڪو چوندا آهن.
ڌاتورو
هي وڻ به مشهور آهي. مگر ولايت ۾ هن جا وڌيڪ قسم آهن. هي وڏا
سهڻا ۽ اڇا گل ڪندو آهي. ڪن ۾ ڪناري سان واڱڻائي
ليڪو ٿيندو آهي. ڪن جا گل پيلا ۽ خوشبودار ٿيندا
آهن. ٻج جولاءِ ۾ پوکجي ٿو. هي وڻ ٻئي سال تائين
به رهي سگهي ٿو، پر بهتر آهي ته گلن ڪرڻ کانپوءِ
ان کي ناس ڪري ڇڏجي. اڪثر باغن ۾ ڪين پوکيندا آهن.
هن جو ڦر گول ڪنڊن وارا ڏينهون آهن. انگريزيءَ ۾
ڊاٽورا به چونس ۽ ٿارن آئيل (يعني خاردار صوف) به
چونس، ڌاتوري جي ڦر کي سنڌيءَ ۾ ڏينهون سڏيندا
آهن.
گل سرمون
هي هڪڙو ساليانو ول وانگي وڌڻ وارو ٻوڙو آهي، جو وڏا پياليءَ جي
شڪل جهڙا سرمائي يا آسماني رنگ جا گل ڪندو آهي.
سندس پياليءَ جو ترو اڇو ٿيندو آهي، جنهن ۾ پن
ڪارا ٿيندا آهن. هي جهنگلي به ٿيندو آهي، پاڻيءَ
جي ڪنارن سان. ٻج آڪٽوبر ۾ پوکبو اٿس. هن کي
انگريزيءَ ۾ نائڪانڊرا يا ڪائٽ فلاوئر (يعني سِرڻ
گل) چوندا آهن.
شاهه پسند
هن جا به ٻه چار قسم آهن. هن جو ٻوڙو ول وانگي پکڙندڙ آهي. وڏا
سهڻا ۽ ڦڪا واڱڻائي رنگ جا گل ڪندو آهي. ڪي تمام
اڇا گل ڪندا آهن، جن ۾ خوشبوءِ به ٿيندي آهي. هن
گل جي اها خاصيت آهي ته رات جو کُلندو ۽ بوءِ ڪندو
آهي. پچو پچو شبو گل هن کي چئي ٿو سگهجي. مگر
چوندا شاهه پسند اٿس. انگريزيءَ ۾ مون فلائوئر
(يعني چنڊ گل) يا مڊنائيٽ لِلي (يعني آڌيءَ رات
وارو سوسن) چوندا اٿس. ڪالونِڪشن سندس ڪتابي نالو
لکيو اٿن.
عشق پيچ
هيءَ هڪڙي گلن جي ول آهي، جا پڃري يا ڪنهن ٻيءَ ٽيڪ تي چڙهي
بيهندي آهي. هن جا گل ڪيترن ئي قسمن جا آهن. هيءَ
اصل امريڪا جو ٿو معلوم ٿئي. گل تمام سهڻا اٿس.
اڪثر ٽَلين يا گهنڊڻين جهڙا ٿا ٿين. رنگ جا نيلا،
ڦڪا نيلا، قرمزي، واڱڻائي، گلابي، سونهري پيلا ۽
ٻين قسمن جا ٿيندا آهن. صبح جو سوين کُلي بيهندا
آهن ۽ ڏاڍو تماشو ڪندا آهن.
اصل هي گل مدامي قسم جو آهي، مگر پهرين ئي ورهيه ۾ ضعيف ٿيو
وڃي. تنهنڪري يڪ – سالو ڪري پوکيندا آهن. پن
گهاٽا، وڏا، لسا ۽ ڳوڙها ساوا ۽ دل جي شڪل جهڙا
ٿيندا اٿس. گل ٻه-پهرن کانپوءِ ڪومائجي ويندا آهن.
ٻج جولاءِ ۾ پوکڻ گهرجي ته سياري ۾ گل ڪن. زمين
ڀلي ڪا نه گهرجين. بهتر آهي ته هر سال ۾ نئين جاءِ
تي پوکجن. ڪن قسمن جون ته پاڙون کولي ڌار ڌار ڪري
هڻندا آهن، ته به ڄمنديون آهن.
هن جو انگريزيءَ ۾ ڪتابي نالو آهي آئپوميا، مگر جدا جدا قسمن جا
رواجي جدا جدا نالا آهن. مارننگ گلوري (فجر جي
سونهن) عام آهي. ڪن قسمن جا ٻج ٻڪريءَ جي کُرَ
جهڙا ٿيندا آهن. ڪن جا پن چنبي جهڙا ٿيندا آهن.
انهن کي نالا به اهڙا ڏنا اٿن. آئپوميا جو ٻيو
هڪڙو قسم آهي، جنهن کي دکن ۾ گنيش ول چوندا آهن.
ناڙو
هيءَ لاهوري گجر جي ول آهي، جا ٻنين ۾ پوکيندا آهن. گجرون
کائبيون آهن، جن جو اسان مٿي ڀاڄين جي باغ ۾بيان
ڏنو آهي. هتي گلن جي ڪري هن جو نالو ڏنو ويو آهي.
هن جا پن لسا، وڏا، ساوا، دل جي شڪل جا ۽ ڪن جا
چنبي وارا ٿيندا آهن. هيءَ ول گلابي رنگ جا سهڻا
گل ڪندي آهي. ڪن جا واڱڻائي ٿيندا آهن. گل اڪثر
سيپٽمبر ۾ ڪندي آهي. هن کي هندستانيءَ ۾ شڪر قند ۽
انگريزيءَ ۾ مٺو پٽاٽو ڪري چوندا آهن. ڪتابي نالو
بٽاٽس اٿس.
هيءَ ول مدامي به ٿي سگهي ٿي، پر اڪثر يڪ – سالي بهتر ٿيندي
آهي.
فِلاڪس
هي هڪڙو مزي جهڙو يڪ – سالو گل آهي، جنهن جا تمام گهڻا قسم آهن
۽ جي سڀ سهڻا آهن. باغ ۾ هن جو هئڻ ضروري آهي.
ولايت مان ٻج سڀني رنگن جو ايندو آهي. لسن رنگن
کان سواءِ ٻيا به آهن، جن تي ٽِڪا ٿا ٿين، ليڪا ٿا
ٿين، وچ ۾ هنن کي ڦڪا يا ڪارا داغ ٿا ٿين. ٻج
آڪٽوبر ۾ ڪونڊين ۾پوکجي، جڏهن سلا ٻن انچن جيڏا
ٿين تڏهن ٽپائي زمين ۾ رکجن. جدا جدا رنگ جي لاءِ
جدا جدا ننڍڙا ٻارا هوندا ته وڌيڪ مزو ڪندا. زمين
ڀلي گهرجين. مئي مهيني تائين گل ڪندا رهندا آهن.
بعضي ٻئي سياري ۾ وري پاڻهئي پنهنجي ٻج مان ڦٽندا
آهن. هي گهرن جي ورانڊن ۾ به رکي سگهجن ٿا.
جنوريءَ ۾ پوکبا ته جون ۽ جولاءِ ۾ گل ڪندا. هن جو
هڪڙو قسم مدامي به ٿيندو آهي.
وهرَبِينا
هي مشهور ولايتي يڪ – سالو آهي، جنهن جو وڻ پنج اٺ فوٽ وڏو
ٿيندو اهي. هن جي لاءِ زمين ڀلي ۽ پنن جي ڀاڻ سان
گڏ پل بهتر آهي. ٻج آڪٽوبر ۾يا اڳڀرو پوکبو آهي.
جڏهن چار پن ڪڍي تڏهن ٽپائي ٻئي هنڌ رکجي، جتي گل
ڪرائڻا هجنس. پاڻي سنڀال سان ڏجي، جو هو گهڻي گهم
نه سهندا آهن. ٻج ولايت کان ايندو آهي.
هن جون مکِڙيون چپٽيءَ سان پٽيون ته پوءِ ججها گل ڪندو ۽ گهاٽ
وٺندو. بعضي هنن کي سائي مَک نقصان رسائيندي آهي.
تماڪ جو دونهون انهن جو علاج آهي. گرم هوا ۾ اُس
جي تابش کان بچائجين.
هن جا ڪيترائي قسم ٿا ٿين: اڇا، گلابي، ڪارا، ڳاڙها ۽ واڱڻائي.
ڪي وري انهن رنگن مان زرافشاني، ليڪن وارا ۽ اکن
يا داغن وارا ٿين ٿا.
تِر
هي هن ملڪ ۾ عام آهن. اَن وانگي ٻنين ۾ پوکبا آهن. هنن مان تيل
ڪڍندا آهن. باغن ۾ رکڻ جي لائق هي وڻ ناهي، مگر
هڪڙو سهڻو يڪ – سيالو ليکيل آهي ۽ بعضي اڇا، بعضي
ڳاڙها گل ڪندو آهي، تنهنڪري هتي آندو ويو آهي تر
اڇا به ٿيندا آهن ۽ ڪارا به. ٻج جولاءِ ۾ يا اڳڀرو
خريف جي ٻين فصلن سان گڏ پوکبو آهي. هن کي
هندستانيءَ ۾ تيل، انگريزيءَ ۾ سيسيمم ۽ عربيءَ ۾
سمِ سمِ چون ٿا.
باندر ڦول
هي هڪڙو يڪ – سالو ولايتي گل آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ مانڪي
فلاور (يعني گل ڀولڙو) چون ٿا. ڪتابي نالو
مئيميولس اٿس. هن جو ٻوڙو ويٺل ٿو ٿئي، گل وڏا،
سهڻا، وات پٽيل نارنگيءَ ۽ قرمزيءَ رنگ جا ڪندو
آهي. ڪن ۾ ته چيٽي جهڙا سونهري پيلي رنگ جا دٻڪ
دٻڪ ٿيندا آهن. ڪي وري ٽامي جي رنگ جا ۽ کهنبا گل
ڪندا آهن.
هي يڪ – سالو باغ جي لاءِ تمام چڱي سوکڙي آهي. ٻج تمام سهڻو
ٿيندو اٿس، تنهنڪري واريءَ سان ملائي چپٽيون ڀري
ڪونڊين يا پاٽن ۾ پوکجي، جن ۾ مٽيءَ سان ججهي واري
ملائڻ گهرجي. پاٽن ۾ مٿان پاڻي نه وجهجي. جڏهن مٽي
سڪي وڃي تڏهن ڪا خالي وڏي پاٽ پاڻيءَ سان ڀري،
تنهن ۾ گل واري ننڍي پاٽ کڻي رکجي، جيسين ڪ هيٺئين
ٽنگ مان مٽي ڀڄي وڃي. جڏهن سلا وڏيرڙا ٿين تڏهن
ڪڍي هڪڙو هڪڙو جدا ڪَونڊيءَ ۾ رکجي. ڪونڊين مٽائڻ
مان هنن کي فائدو پهچي ٿو. ٻج آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.
سورج مکي
هي گل هندستان ۾ مشهور آهي. هن جا ڪيترا ئي قسم آهن. ڏيهي خواه
ولايتي. حقيقت ڪري هيءَ گلن جي هڪڙيءَ سڄي ذات يا
جماعت جو نالو آهي، جنهن هيٺ ڪيترا ٻين نالن وارا
گل اچي وڃن ٿا. انهن مان ڪي مکيه اسين هيٺ هن فصل
جي پڇاڙيءَ تائين ڏينداسين. انهيءَ ذات جو نالو
انگريزيءَ ۾ اسٽار (يعني ستارو يا تارو) آهي. ڪي
دهليا به سڏيندا اٿس.
خاص سورج يا سورج مکي گل، جنهن کي انگريزيءَ ۾ سن فلائوئر چون
ٿا، سو سهڻو يڪ – سالو گل آهي، اهو قد ۾ تمام وڏو
آهي. ڪي ته ڳُورا ۽ ڀريل ٿيندا آهن، ڄڻ ته گلن جي
اندر گل ڳُتيل آهن. رنگ جا پيلا ٿين ٿا. ڪو قسم
اڇن پنن وارو ٿيندو آهي. هي وڻ قد ۾ به وڏو ٿيندو
آهي. سڀ کان وڏو ڏهن فوٽن تائين به لکيو اٿن. هن
جو ٻج جولاءِ ۾ پوکڻ گهرجي. هي گهڻي ٻي پرداخت ڪا
نه گهرندا آهن. رڳو جيڪي ڊگها ٿيندا آهن، تن کي
ڪنهن ڪاٺيءَ سان اٽڪائي ڇڏجي، نه ته هوا جي جهوٽي
سان ڀڄي يا پاڙئون پٽجي نه پون.
گونٽو
هي گل به مٿينءَ جماعت مان آهي، مگر قد جو ننڍو آهي. هن کي
هندستانيءَ ۾ گينڊا ۽ انگريزيءَ ۾ ميري گولڊ چوندا
آهن. هي تمام سهڻو زرد رنگ جو ٿيندو آهي. منجهس
بوءِ به چڱي ٿيندي آهي. هن جا به گهڻا ئي قسم آهن.
ڪي ته قد جا وڏا ۽ ڳتيل ٿيندا آهن. ٻج آگسٽ ۾
پوکبو آهي ۽ گل سڄي سياري ۾ رهندا آهن.
هن جي ولايتي نمونن جا جدا جدا نالا آهن. نج گونٽو آفريڪن، يعني
آفريڪا جو ميري گولڊ ليکيل آهي. يا چيني يا جرمن
آسٽر آهن. ڪي وري زِنپا سڏبا آهن، جن جي رنگن جا
چار پنج جدا جدا قسم آهن. ڪي گول تڪمن وانگي، ڪي
ڄاهي وانگي ڪنڊن سان، ڪي ننڍي گلدستي وانگي ۽ ڪي
ڊگها سُئيءَ وانگي ٿيندا آهن، جنهن ڪري نالا به
اهڙا مليل اٿن.
گل جعفري
هي گونٽي جو قسم آهي. ننڍڙو وڻ آهي. گل به ننڍڙا ڪندو آهي. ٻج
ڪنهن به موسم ۾ پوکي سگهجي ٿو. ڇڻيل ٻج مان ٻيا
پاڻهئي ڦٽندا آهن. هن جا به ٻه ٽي قسم آهن. هن کي
انگريزيءَ ۾ فرنچ ميري گولڊ چون ٿا.
آڪِل ڪَر هو
هي به مٿينءَ ذات مان آهي. هن جا پن ڳُوڙها ساوا ۽ وڻ ننڍو
ٿيندو اٿس. تمام گهڻا عجيب زردي رنگ جا ۽ تڪمي
جهڙا گل ڪندو آهي، جن جي چوٽي ڀوري يا خاڪي ٿيندي
آهي. ڪنارن سان به چڱا لڳندا آهن ۽ ڪونڊين ۾ به،
ٻج جولاءِ ۾ پوکبو آهي. هن جو انگريزيءَ ۾ ڪتابي
نالو آهي سپلا نٿيس.
بابُونو
هي به مٿينءَ جماعت جو هڪڙو ننڍو ٻوٽو آهي، جنهن مان تيل نڪرندو
آهي. هي اصل عربستان جو آهي. هن کي انگريزيءَ ۾
ڪاموميئل يا عربي ڪامو ميئل ڪري سڏيندا آهن. گل
ننڍڙا ٿيندا اٿس. آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.
گل طُره
گل طُرو يا ڦُندڻ گل، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ٽاسل فلائوئر چون ٿا،
سو گهڻن باغن ۾ ڏسبو آهي. هي گل سهڻو ننڍڙو، کهنبو
۽ ٽئونر جهڙو ٿيندو آهي. پنهنجي ڇڻيل ٻج مان
پاڻهئي ٿيندو آهي. مهينن جا مهينا گل ٽڙيل رهندا
اٿس. آڪٽوبر مهيني ۾ هن جو ٻج پوکبو آهي.
کُهنبو
هن کي پاوڙي به چوندا آهن. هندستانيءَ ۾ ڪُسُم يا ڪسمبو چوندا
اٿس ۽ انگريزيءَ ۾ سافلائوئر. ڪتابي نالو اٿس
ڪارٿيمس. هي ٻنيءَ ۾ پوکبو آهي، پر هي نماءُ لاءِ
بيشمار پيلا گل ڪندو آهي، تنهنڪري باغ ۾ داخل ٿيڻ
جو لائق آهي. جولاءِ ۾ هن جو ٻج پوکبو آهي.
فصل چوٿون
مدامي گلن جي وڻن ۽ ٻوٽن جو بيان
هن فصل ۾ اسين اهي گل يا گلن جا وڻ ۽ ٻوٽا ڏينداسين، جي هڪ سال
کان وڌيڪ جٽاءُ ڪري ٿا سگهن ۽ يڪ – سالن گلن وانگي
هڪڙي ئي سال ۾ سڙي چٽ ٿي نه ٿا وڃن. انهن مدامي
گلن ۾ اهي به اچي ويندا، جي ٻن يا وڌيڪ سالن تائين
رهي سگهن ٿا. اسان مٿي به اشارو ڏنو آهي ته جيڪي
گل دو – سالا شمار ۾ آيل آهن، تن مان ڪي مدامي گلن
وانگي سال بسال هلي سگهن ٿا. بعضي رواجي سنڀال سان
ساڳيءَ جاءِ تي پاڻهئي ڄمن ٿا. بعضي پنهنجي ڇڻيل
ٻج مان وري ٻئي سال پاڻهئي ڦٽن ٿا. يڪ – سالا توڙي
دو – سالا انهن ڳالهين ۾ مدامي گلن جهڙا ٿي پون
ٿا.
هاڻي اسين مکيه مدامي گلن جو تفصيل ۽ مختصر بيان ڏيون ٿا. انهن
۾ ڪي ولايتي آهن ۽ ڪي ڏيهي آهن. ولايتي گلن جو ٻج،
ولايت مان واپاري ماڻهو سال بسال آڻين ٿا يا
موڪلين ٿا. ان جي پوکڻ جي ريت ۽ ٻيءَ پرداخت جو
ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.
مدامي گلن مان گلاب جو بيان ڌار ٻئي فصل ۾ ڏينداسين، جو انهيءَ
بابت وڌيڪ ذڪر ڪرڻو آهي. گلاب جي بابت ڪيترائي
خلاصا ڪتاب لکيل آهن، اسين رڳو خلاصو فصل لکون ٿا.
فَرن
هن نالي جا سبزيءَ جهڙا ٻوڙا تمام مشهور آهن ۽ ولايت جي ماڻهن
وٽ پسند آهن. هي تمام سهڻا ٿيندا آهن، جيتوڻيڪ گل
اصل ڪين ڪندا آهن. رڳو پنن جي ساوڪ ڪري وڻندا آهن.
هن جا بيشمار قسم آهن: ڪي اصل هتي جا به آهن. ڪي
ته جهنگ جي پَٽن ۾ يا جبلن تي ٿيندا آهن، جي ماڻهو
اتان ڪڍي آڻي باغن ۾ يا ڪونڊين ۾ رکندا آهن. هو
اڪثر ڇانوري وارن هنڌن تي ٿيندا آهن ۽ پاڻيءَ جي
مٿان ڪنارن کان نڪري بيهندا آهن. کوهن جي اندر سرن
جي وچ مان ۽ پاسي وارين ڀتين سان نڪري، ساوڪ جو
گهاٽ ٻڌي بيهندا آهن، جنهن زمين تي هي ٿيندا آهن،
سا اڪثر تندن واري ٿيندي آهي، جنهن ۾ سڙيل سينور ۽
پن ڀاڻ وانگي گڏيل رهندا آهن. انهيءَ کان وڌيڪ جن
ٽَڪرن ۾ چن وارو پٿر رهي ٿو، اتي ٿين ٿا، جنهن
هنڌان آڻجن، اتي انهيءَ جهڙي حالت ۾ رکڻ سان يا
انهيءَ جهڙي گهرج پوري ڪرڻ سان فرن جا ٻوڙا چڱا
رکي سگهجن ٿا. ساڳيءَ حالت ۾ هي پوکي به سگهجن ٿا.
زمين يا مٽي پراڻي چن يا گچ يا ڪڪريءَ سان توڙي
سڙيل پنن جي خاڪ ۽ واريءَ سان ڀريل ضرور هئڻ کپي.
فرن پنهنجون پاڙون سخت گچ ۾ لنگهائي ڏئي ٿو، جو ان
مان قُوت حاصل ٿئيس ٿو. ڪونڊين ۾ پوکڻ لاءِ سڀني
قسمن جي فرنن واسطي هڪ حصو سڙيل پنن جي ڀاڻ جو، ٻه
حصا پراڻي گچ يا ڪڪريءَ جي ڀور جا، جي ننڍن گليلن
جيڏا هجن ۽ هڪ حصو درياهه جي واريءَ جو، چڱو ڀاڻ
آهي. ڇانو ۽ پوسل به ضروري شرط آهن، جيئن مٿي به
چيو ويو آهي. باغ جي مَنَهَه يا شيشي جي گهرن ۾
اهي سڀ ڳالهيون موجود ٿي سگهن ٿيون. هن کي موافق
اس ۽ ڇانو به گهرجي ۽ سرديءَ کان پناهه به. ٽَڪرن
تي وري انهن لاءِ گرم گهر چڱو آهي، جو انهيءَ ڪم
لاءِ باغن ۾ منهه ٺاهيندا آهن.
ڪي فرن ته گاهه جي ٻوڙن کان وڌي موچارا وڻ ٿيندا آهن. سڀني قسمن
کي جيتوڻيڪ پوسل يا گهم وڻندي آهي، پر تڏهن به جي
پاڙ ۾ پاڻي بيهندن، ته اهو ڪنو ٿي زمين کي کارو
ڪري ڇڏيندو، جنهن مان هنن کي نقصان آهي. ڪونڊيءَ ۾
پهرين گچ يا ڪڪري يا سِرن جي ڀور وجهجي، تنهن جي
مٿان سڪل سينور يا پن، تنهن جي مٿان مٽي.گرميءَ جي
ڏينهن ۾ ٻاهر يا ورانڊي ۾ رکيل ڪونڊين کي،
پچڪاريءَ يا ڦوهاري سان مٿان پاڻي ڏيڻ چڱو آهي.
فرنن جي وڌائڻ جو چڱو رستو آهي سندن پاڙون ڇني ڌار ڌار ڪري
پوکڻ. ڪي ڦَرين ۾ ٻج به ڪندا آهن جو پوکي سگهجي
ٿو، جنهن ڪونڊيءَ ۾ پوکجي، تنهن جي مٽي چوويهه
ڪلاڪ اڳي ڀِڄائڻ گهرجي. پوءِ مٿانئس ٻج ٻُرڪي، وري
ان جي مٿان سائي گاهه يا سينور جو هڪڙو تهه ڏئي،
شيشي سان ڍڪي ڇڏجي ۽ ڪونڊي ڇانو ۾ رکي ڇڏجي. مهيني
کن ۾ ٻج ڦٽندو. ٿوري ٿوري پاڻيءَ سان اهي مٿيون
گاهه يا سينور پسائيندو وڃجي. سلن ٽپائڻ ۾ به ڏاڍي
چالاڪي گهرجي.
فرن ايترن قسمن جا آهن، جو ماڻهن ان تي خلاصا ڪتاب لکيا آهن.
اسين انهن جي ڏيڻ جوهتي ضرور نه ٿا ڄاڻون، هڪڙو
قسم جو تمام مشهور ۽ سڃاڻڻ جهڙو آهي، سو هيٺ لکون
ٿا:
فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ فرن کي سرخس چوندا آهن.
پَرسياوشان
هي هڪڙو فرن جو قسم آهي، جو وارن جهڙو ٿو ٿئي. پر سياوشان فارسي
نالو اٿس. عربيءَ ۾ شعرالارض (يعني زمين جا وار)
چونس ٿا. انگريزيءَ ۾ميڊن هيئر (يعني ڪنئاريءَ زال
جا وار). ڪتابي نالو آڊيانٿس اٿس.
هن جا پنهنجا به ڪيترائي قسم آهن. اهي سڀ آسانيءَ سان پوکي
سگهجن ٿا. ڪلڪتي جي سرڪاري باغ ۾ نه هن جا وڌيڪ
نه، ته به ستر قسم پوکيل آهن. هن جون ڦريون
ٿينديون آهن، جن مان ٻج نڪري ٿو ۽ جو پوکي سگهجي
ٿو.
پرسياوشان دوا جي ڪم ۾ به ايندو آهي.
بانس
هي گاهن ۾ داخل آهي. بانس کي انگريزيءَ ۾ بامبُو چوندا آهن. هن
جا گهڻا قسم آهن. اڪثر باغن ۾ هن جا ڪي وڻ يا ٻوڙا
سونهن لاءِ رکندا آهن. ٻج توڙي قلمن هئڻ سان ٿيندو
آهي.
سائي چانهه
هي هڪڙو گاهه آهي جو اڪثر باغن ۾ هڻندا آهن. هتي عام آهي. هن جي
پنن ۾ هڪڙي چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي، جنهن ڪري اهي
چانهه ۾ يا ٻين کاڌي جي شين ۾ وجهندا آهن.
هندستاني مالهي انهيءَ کي اگهياگهاس ۽ انگريزيءَ ۾
ليمن گراس (يعني ليمي جو گاهه) چون ٿا. هن جو هڪڙو
قسم آهي جنهن کي رانسا گراس چون ٿا، اهو دکن جي
ٽَڪرن ۾ گهڻو ٿيندو آهي.پن اهڙا خوشبودار اٿس، جو
انهن مان هڪڙو سرهو تيل ڪڍندا آهن، جو وائي سور جي
لاءِ چڱو آهي.
ڪيتڪي
هي گل مشهور آهي. ڏکڻ هندستان ۾ ڪيوڙا چوندا اٿس. انگريزيءَ ۾
رواجي نالو اٿس سڪروُ پائن، ڇالاءِ جو ٿڙ يا
ڏانڊيءَ جي چوٽيءَ وارا پن اسڪروءَ وانگي ويڙهيل
ٿيندا اٿس، ڪتابي نالو اٿس پانڊينس.
هن جو ٻوڙو گهڻي جاءِ ٿو والاري، جو ٽارين مان پيون ٽاريون مٿي
ڪڍي بيهاري ٿو. سانوڻ جي ڏينهن ۾ گل ڪندو آهي.
مکريءَ جا پن اڇا اٿس، جو کوپي وانگي ننڍڙن سپنج
جهڙن ڳُتيلن گلن کي ويڙهيو بيٺا آهن. هنن وڻن مان
ڪي نر ۽ ڪي ماديون ٿيندا آهن. نر جي انهن گلن وارن
ساون پنن مان سُرهو تيل ڪڍندا آهن، جنهن کي ڪيوڙي
جو تيل چوندا آهن. اهو مکڻ جي ڪم ايندو آهي. هن جي
گلن ۾ چندن جي ڪاٺيءَ جهڙي باس ٿيندي آهي. باغ ۾
جتي هي وڻ بيٺل هوندو آهي، ان جي آسپاس ڏاڍي هٻڪار
اٿندي آهي. هن جا قلم لڳندا آهن، جي مينهن جي موسم
۾ هڻندا آهن.
کجيون
ميون جي باب ۾ اسان ڪي کجيون ڏنيون آهن، جو انهن جو ميوو کائڻ ۾
ايندوآهي. هتي اهي کجيون آنديون ويون آهن، جي گلن
جي باغ ۾ وڻ يا ان جي پنن جي سونهن ۽ خوشنمائيءَ
ڪري پسند اينديون آهن. هي اڪثر ننڍي قد جون
ٿينديون آهن، ڪي ته ايڏڙيون ٿينديون آهن جو ٻين
گلن جي وڻن وانگي ڪونڊين ۾ رکبيون آهن. کجيون
گهڻيون ته اصل هندستان ۾ پيدا ٿين ٿيون، مگر جيڪي
سهڻا نمونا آهن، سي ٻاهر جا آهن. هي اڪثر گرم ملڪن
مان اينديون آهن، تنهنڪري باغ ۾ به ۽ خاص ڪري
ٽَڪرن تي، گرم گهرن ۾ رکبيون آهن.
هي کجيون آسانيءَ سان پوکي سگهجن ٿيون، هنن جي لاءِ اها مٽي چڱي
آهي جنهن ۾ پنن جو ڀاڻ، واري، پراڻو ڳائو ڇيڻو ۽
باغ جي مٽي، هڪ جيترو گڏيل هجن، پاڻي چڱيءَ طرح
ڏجين.
گهڻو ڪري سڀ کجيون ٻج جهلين ٿيون، جو پوکبو آهي. ٻج پوکڻ جي
موسم سانوڻيءَ جو مهينو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڦٽڻ ۾ هي
گهڻو وقت وٺنديون آهن. تنهنڪري جنهن ڪونڊيءَ ۾ ٻج
وڌو ويو هجي، تنهن جي سڄي سال تائين نظر رکجي.
هنن کجين جا گهڻا ئي قسم آهن، جن مان اسين هيٺ رڳو چار ڏيون ٿا:
سوپاري
هيءَ هڪڙي تمام سهڻي کجي آهي. قد جي به چوري پني آهي. پن ڇهن
فوٽن تائين ڊگها ٿيندا اٿس. هن ۾ نر ماديون به
آهن. مٿي هن جو اسان ميون جي باب ۾ ذڪر ڪيو آهي.
نيٽ يا بيد
نيٽ، جنهن کي هندستانيءَ ۾ بيد ۽ انگريزيءَ ۾ راٽن چوندا آهن،
سو کجيءَ جي ذات ۾ به اچي سگهي ٿو، گاهه ۾ به. هن
جو ٿڙ گُريءَ دار يا سنڌن وارو ٿيندو آهي، جنهن جي
مٿان ڪنڊن وارن پنن جا کوپا چڙهيل رهن ٿا. پن
ڇٽيهن انچن تائين ڊگها ٿيندا اٿس. ميوو ننڍڙو
ٿيندو اٿس، جو سواد ۾ ڦڪو ٿيندو آهي. هي وڻ جيسين
ننڍو آهي تيسين سهڻو آهي. هن جا ٻه ٽي قسم آهن.
ناريل
هن جو ذڪر اسان ميون جي باب ۾ آندو آهي. گلن جي باغ ۾ ناريل جي
کجيءَ جا اهي قسم رکبا آهن، جي تمام ننڍا ۽ سهڻا
ٿيندا آهن.
پکن واري کجي
هيءَ کجي قد جي تمام وڏي ٿيندي آهي، مگر جيسن ننڍي آهي تيسين
تمام سهڻي ٿيندي آهي. پن گول پکي جهڙا ٿيندا اٿس،
تنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. انگريزيءَ ۾ فان پام
چوندا اٿس.
ڪرائينم
هي هڪڙو ڳنڍين وارو گل جو ٻوٽو آهي، يعني جنهن جي پاڙ ۾ بصر
وانگي ڳنڍ ٿئي ٿي. هن جا ٽيهارو کن قسم آهن. هن جا
گل وڏا ٿا ٿين. هن جي هڪڙي قسم کي هندستاني ماڻهو
سُک درسن سڏيندا اهن. ڪرائينم انگريزي ڪتابي نالو
اٿس. سُک درسن جا پن سنها ٿا ٿين، هڪڙي کان وٺي ٽن
فوٽن تائين ڊگها ٿا ٿين. گل اڇا ٿا ٿينس جي
خوشبوءِ وارا ٿا ٿين، خاص ڪري رات جي وقت. ٻيو
هڪڙو هن جو قسم آهي، جنهن کي دکن ۾ ناگدان سڏيندا
آهن. ٽيو به هڪڙو انهيءَ ڳنڍين واريءَ ذات جو آهي،
جنهن کي جهنگلي انناس چوندا آهن.
نرگس
هن مشهور نالي هيٺ ڪيترائي ڳنڍين وارا ٻوٽا اچن ٿا. انگريزيءَ ۾
هن کي نارسِسَ چون ٿا. هيءَ ذات هندستان جي گهڻن
ڀاڱن ۾ ٿيندڙ آهي. ٽَڪرن تي ته جهنگلي به ٿين ٿا.
هن جا پنجٽيهه قسم شمار ڪيا اٿن. هنن جي لاءِ زمين
هلڪي هئڻ گهرجي، جنهن ۾ ڀاڄيءَ جي پنن جو ڀاڻ ۽
پراڻا ڇيڻا ۽ واري گڏيل هجي. ڳنڍيون ٽي انچ
اونهيون پوکجن. وڏيون ڌار ڌار هڻجن ۽ ننڍيون ٽي ٽي
کڏ هڪ ڪونڊيءَ ۾، جيسين نڪرن نه، تيسين پاڻي گهڻو
نه گهرندا آهن. جڏهن هنن جا پن خزانيءَ ۾ سڪن تڏهن
پاڻي ڏيڻ بند ڪجين، نه ته پپو ڏجين. هن جا گل اڪثر
پيلا ٿيندا آهن، ڪي اڇا به ٿيندا آهن. هن جي هڪڙي
قسم کي فارسيءَ ۾ نرگس شهلا چوندا آهن. |