سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :12

ڦاروا

هنن کي فارسيءَ توڙي هندستانيءَ ۾ فالسه چوندا آهن. هي هندستان جي سڀني ڀاڱن ۾ ٿيندا آهن. هي ٻيرن وانگي ککڙن وارن ميون مان آهن، مگر قد ۾ ٻيرن کان ننڍا ٿيندا آهن. رنگ جا ڪارا ٿين ٿا ۽ کائڻ ۾ کٽا ٿين ٿا. لوڻ لائي ڪچا کائيندا اٿن ۽ ڪڏهن ڪڏهن کٽاڻ لاءِ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ يا آچار ۾ ڪم آڻيندا آهن. انهن مان شربت به جوڙيندا آهن.اڪثر گرميءَ وارن مهينن ۾ ٿيندا آهن. سانوڻ جي موسم ۾ ٻج پوکيندا آهن، مگر قلمن مان به ٿين ٿا. ڪي ڪي وڻ ته قد ۾ سورهن فوٽن تائين هلن ٿا. زمين مٺي ۽ چڱي هئڻ گهرجي نه ته وڌيڪ کٽا ٿيندا.

لِچي

هي هڪڙو ننڍو وڻ يا اوڀڙ آهي، جنهن جا پن گهاٽا ۽ سهڻا ٿيندا آهن. اصل هي چين مان آيل آهي. فيبروريءَ جي وچ ڌاري ٻور جهلي ٿو. گل ڦڪا ساوا ٿينس ٿا. اپريل يا مئي ۾ سندس ميون جا وڏا ڇڳا پچن ٿا. ميوو قد ۾ وڏي آلو بخارا جيڏو ٿئي ٿو. کل سنهڙي، گهنجيل ۽ ڳاڙهي ٿئيس ٿي. وڻ مان پٽئي کانپوءِ رنگ ڦري ڀُورو ٿيو پويس. ڳر تمام لذت واري ٿيندي اٿس ۽ وچ ۾ ککڙو رهيس ٿو. جيڪي عمدي قسم جا آهن انهن ۾ ککڙو تمام ننڍڙو ٿو ٿئي.

ڪلڪتي، بمبئيءَ ۾ ۽ ٻين هنڌن ۾ هي ميوو چڱو ٿيندو آهي. بمبئيءَ وارو قسم جهنبيارو، واڱڻائي رنگ جو، مٺو ۽ خوشبودار ٿيندو آهي. چون ٿا ته لچي گهڻا کائبا ته بُت تي ڦرڙيون نڪري پونديون. چيني ماڻهو ته هي ميوو سڪائي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليندا آهن. اهڙيءَ صورت ۾ لنڊن جي بازار ۾ وڪامندو آهي. پکي هن ميوي جا ڏاڍا شوقين ٿيندا آهن. تنهنڪري اپريل جي شروع ڌاري وڻن جي مٿان ڄاريون وجهي ڇڏيندا آهن.

هي وڻ سرديءَ ۾ نٿو ٿئي. پوسل واري آبهوا ۽ ججهو پاڻي گهرجيس. لچي ٻج مان ٿيندا آهن. ٻج رکڻ ڪري خراب ٿي ويندو آهي، تنهنڪري ستت پوکڻ گهرجي، پر گوٽيءَ جي رستي وڻ وڌيڪ لڳي سگهن ٿا. مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري گوٽي هڻجي. ايندڙ سياري ۾ چڪيون ڪونڊين ۾ رکي سگهجن ٿيون ۽ ورنديءَ برسات جي موسم ۾ زمين ۾ رکي سگهجن ٿيون. پيوند ڪرڻ سان به وڻ ٿيندا آهن.

لچي جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي هندستانيءَ ۾ آش ڦَل چوندا آهن. اهو جون جي آخر ۾ پيدا ٿيندو آهي. ٻيو به هڪڙو قسم ٿيندو آهي جنهن کي لَٽڪُئا چوندا آهن.

لچيءَ جي وڻ کي مينهن جي موسم اچڻ تائين ڏهاڙي پاڻي ڏيڻ گهرجي. سياري ۾ هڪ ڀيرو هفتي ۾ بس آهي. سياري جي ڏينهن ۾ معدني قسم جو ڀاڻ به ججهو ڏيڻ گهرجيس. انهيءَ لاءِ مارچ مهينو چڱو آهي. مٽيءَ چُن يا پراڻي گچ جي چوُري گڏڻ سان ميوو چڱو پيدا ٿئي ٿو.

سيتا ڦل

هن کي هندستانيءَ ۾ شريفه چوندا آهن، انگريزيءَ ڪَسٽَرڊ آپل چونس ٿا. هي هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ عام آهي، هي گرم ملڪ جو ميوو آهي. ڪي ته چون ٿا ته اصل اميريڪا جو آهي. بنگال ۾ تمام گهڻو ٿيندو آهي ۽ مئي جي وچ ڌاري گل ڪندو آهي.

ميوو قد ۽ تمام وڏي ولايتي صوف جيڏو ٿيندو آهي، ۽ جڏهن پچي ويندو آهي، تڏهن هٿ لائڻ يا کڻڻ سان سندس کل جا ڇلر، اندرئين ساسمل سميت ڦاٽي پوندا آهن. پڪي کان پوءِ پاڻهي پنهنجي بار ڪري، ڪِري ٽڪر ٽڪر ٿي پوندو آهي. اندرئين ڳر تمام لذيذ ۽ خوشبودار ٿيندي اٿس. هي ميوو سانوڻ ۽ سياري ۾ ملي سگهندو آهي. هن ميوي کي پکي ۽ نوريئڙا اڪثر نقصان پهچائيندا آهن، تنهن ڪري ان تي ڄاري وجهي ڇڏيندا آهن. يا ته هر هڪ ميووي تي ننڍي ئي هوندي اڳڙي وجهي ڇڏيندا آهن. ڪي ته وري پچڻ کان اڳي ئي ڇني ڪکن ۾ پال وجهي رکندا آهن. هي وڻ ٽڪرائتي گرم ۽ خشڪ هنڌن تي گهڻو ٿيندو آهي، بعضي ته پاڻهئي به پيدا ٿيندو آهي، جهنگلي وڻن وانگي. ڪانپور ۾ ۽ ان جي آسپاس تمام عمد ميوو پيدا ٿيندو آهي.

وڻ ٻج مان پيدا ٿيندا آهن، ۽ تمام جلد اُڀرن ۽ وڌن ٿا. ٻن ٽن ورهين ۾ ڦر جهلين ٿا. سياري جي ڏينهن ۾، وڻ جي پاڙن ۾ چُن يا پراڻي گچ ۽ گائي ڀاڻ وجهڻ ڪري، ان کي گهڻو فائدو ٿو رسي. آڪٽوبر واري مهيني ۾  هن جي ڇانگ ڪرڻ گهرجي، ۽ ڊسمبر ۾ سندس پاڙن ۾ ڀاڻ وجهجي. وڻ ڏهن ڏهن فوٽن تي کڏن ۾ رکڻ گهرجن، جي کڏون ٻه فوٽ اونهيو هئڻ کپن، ۽ منجهن ڀاڻ گڏيل مٽي وجهڻ گهرجي. هڪ هڪ کڏ ۾ تازا ٻج گهڻا وجهي ڇڏجن. کڏن جي وچ واريءَ وٿيءَ ۾ بٽاٽا يا ٻي مناسب پوک پوکي سگهجي ٿي.

رام ڦل

هي به سيتا ڦل جهڙو ميوو آهي. هندستان ۾ عام آهي، مگر پنجاب ۽ آسپاس وارن پرڳڻن ۾ ڪين ٿيندو آهي. هن جي ۽ سيتا ڦل جي وچ ۾ تفاوت هي آهي، ته هن جي کل اندر مال ٻنهي جي گهڻو ڪري هڪ جهڙو هوندو آهي. مگر سيتا ڦل ۾ زياده لذت ۽ خوشبوءِ ٿئي ٿي. جڏهن سيتا ڦل لهي بس ڪندا آهن، تڏهن رام ڦل لهندا آهن، تنهن ڪري گرم ڏينهن ۾ ڪمائتا ٿين ٿا. هن وڻ يا ميوي سان هلت ساڳي اهڙي ڪرڻ ۾ اچي ٿي، جهڙي سيتا ڦل سان.

رام ڦل کي هندستانيءَ ۾ مالهي نونا به چوندا آهن، ڇالاءِ جو ان جو انگريزي نالو آهي انونا، ۽ بعضي بُلڪَس هارٽ (يعني ڏاند جي دل) به چوندا اٿس، جو انهيءَ ميوي جي شڪل اهڙي ٿيندي آهي.

هن ميوي جهڙو يا انهيءَ قسم جو، هڪڙو ٻيو به ميوو ٿيندو آهي جنهن کي ولايتي نونا چوندا آهن. اهو قد جو وڏو ٿيندو آهي. ناريل کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي.اندر کٽمٺو ٿيندو آهي ۽ ٻاهران ڪَنڊن وانگي پاسا ٿيندا اٿس. هندستان ۾ گهڻو عام ناهي، آسام ۾ چڱو ٿيندو آهي. اهو ميوو جون جي آخر ۾ پچندوآهي، ۽ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ کاڄندو آهي. پڪي مهل ٻاهران ڳوڙهو سائو ٿيندو آهي. اندر ڳر ۾ انناس جهڙي باس ٿيندي اٿس، جا گهڻن کي ڪين وڻندي آهي. کائڻ ۾ به ڪن کي لذت ڏيندو آهي. بعضي کنڊ وجهي کائيندا اٿس. هي ٻه سيتا ڦل وانگي پوکبو آهي.

انگور

انگور جا ڪيترائي قسم آهن جي هندستان ۾ ٿين ٿا. ڪي ته تمام وڏي قد جا ٿيندا آهن. انگور کي سنڌيءَ ۾ ڊاک چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ گريپس.

جدا جدا هنڌن ۾ انگور جي قسمن جا جدا جدا نالا آهن. ڪشمير ۾ ڪشمش، منسک، مسڪا مکيه آهن. اورنگ آباد جي حبشي انگور تمام مشهور آهي، جا ڪاري رنگ جي ۽ وڏي قد جي آهي ۽ لنڊن جي بازارين تائين وڪامڻ ويندي آهي. يورپ جون خاص ڊاکون به هن ملڪ ۾ ٿينديون آهن، جهڙوڪ سونهري ڊاک، مسقطي ڊاک، فرينچ ڊاک وغيره. ڪابل جي انگور به مشهور آهي- وڏي توڙي ننڍي _ بيداڻي ڊاک، جنهن کي ڪشمش چوندا آهن سا ڪابل ۾ به ۽ پنجاب ۾ به ججهي ٿي ٿئي. لاهور ۾ ته سورهن قسمن جون ولايتي ڊاکون ٿين ٿيون.

ڊاک جا مَنَهه ٺاهيندا آهن جنهن تي ڊاک جو وڻ، جو ول وانگي ٿئي ٿو سو ٽيڪ ڏئي بيهندو، چڙهندو ۽ پکڙندو آهي ۽ جنهن مان ميوي جا ڇڳا لڙڪائيندو آهي. منهه يا ٽيڪ ٺاهڻ جو چڱو رستو آهي هي: اتر ۽ ڏکڻ ڏي هڪڙو رستو ڏهه ٻارهن فوٽ ويڪرو ٺاهي وڃجي. پاسي کان سرن جا پيلپاوا، ستن اٺن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي ٺهرائجن، جي پندرهن انچ چورس هجن ۽ ست فوٽ مٿي هجن. پيلپاون جي وچ ۾، چيريل بانس جي ڄاريءَ واري ڀت يا پڃرو ڏئي ڇڏجي. آمهون سامهون ٻن ٻن پيلپاون جي مٿان ڪام جهڙي ڪاٺي، يا ٿلهي بانس جي لٺ رکي وڃجي. پيلپاون جي وچ ۾ هڪڙو ڊاک جو وڻ پوکي وڃجي. ڪي ڪي ماڻهو ته پيلپاون جي بدران، لوهه جا بمبو تار جي بمبن جهڙا ۽ بانس جي بدران، لوهه جون تارون ڪم آڻيندا آهن. اهڙي قسم جو منهه باغ جي لاءِ هڪڙي سونهن آهي ۽ نه رڳو ڊاک لاءِ چڱو آهي پر سج جي تابش مهل ڇانو ۾ گهمڻ، يا پسار ڪرڻ لاءِ به چڱو آهي. تنهن کانسواءِ وڻن جون ڪونڊيون جن کي ڇانو جي گهرج ٿي ٿئي، سي به انهيءَ منهه هيٺ رکي سگهجن ٿيون.

ڊآک کي ڪچيءَ کان آسانيءَ سان ڪاٺين تي چاڙهي سگهجي ٿو، جنهنڪري مٿي چڙهي ٿيون وڃن. پاڙ مان جيڪي به شاخون نڪرن، تن کي چاڙهيندو وڃجي. جي ضرور پوي ته پهرين ڌاڳي سان ٻڌي اٽڪائي ڇڏجي. هيٺان جيڪي پن ٻوٽآ ٿين سي ڇانگ جي موسم ۾ ڇانگي ڇڏجن. اهڙيءَ ريت ڪرڻ سان سڀڪا ٽاري مارچ مهيني ۾، ٻه يا ٽي ڇڳا ڊاک جا جهليندي. اهي ٽاريون وينديون وڌنديون ۽ ڊگهيون ٿينديون، جيسين ڪ سيارو اچي. پوءِ انهن کي وڍي رڳو ٻن اکين سان کڻي ڇڏجي ۽ جيڪي سنهڙيون ڪچيون ڪاٺيون هجن، سي به وڍي ڇڏجن. تڏهن ڊاک بلڪل اگهاڙي ڏسڻ ۾ ايندي. ايندڙ مارچ ۾ انهن ڇڏيلن ٻن اکين مان، گوشن وانگي ننڍيون شاخون نڪرنديون، جي ڊاک جا ڇڳا جهلينديون. سياري ۾ وري ڇانگي انهن کي به آڻي ٻن اکين تي بيهارجي. انهيءَ طرح سال بسال ڪندو رهجي. سچ آهي ته جيڪڏهن ٽارين جي اها ڇانگ نه ڪبي،  ته سڀني ٽارين مان ڊاک جا ڇڳاپيدا ٿيندا جنهنڪري ظاهري طرح ميوو ججهو ٿيندو، مگر ضعيف ۽ سادو ٿيندو، وڻ ٿڪجي پوندو ۽ نستو ٿيندو. ٿورن ئي ورهين ۾ اهي وڻ جهنگ ڪري خراب ٿي وڃن ٿا ۽ ڪنهن ڪم جا ڪين ٿا ٿين.

ڊاک جي پوک اهڙي ٿي ٿئي جهڙي شفتالوءَ جي. آڪٽوبر جي پڇاڙيءَ ۾، مينهن بس ٿيڻ کانپوءِ پاڙن جي مٽي کوٽي، ڪڍي، انهيءَ کي مهينو ٻه کليل ڇڏي ڏجي. ايتري ۾ پن به ڇڻي ويندا، پوءِ وڻن جي ڇانگ ڪجي. فيبروريءَ ۾ وري جڏهن وڻ پن ۽ گونچ ڪڍن، تڏهن پاڙن جي مٿان ڪنهن به قسم جو عمدو ڀاڻ وجهي ڇڏجي. پراڻو ڳائو ڀاڻ شايد تمام چڱو آهي. ڪنو ٿيل ٻهر يا ڪچرو ۽ مڇي به چڱا آهن. ڊاکن جي لاءِ هڪڙو هٿرادو گڏيل ڀاڻ به ٺاهيندا آهن. هيئن ڪندا آهن جو زمين ۾ هڪڙي اونهي کڏ کڻي، ان ۾ ڳائي مال جا تازا ڇيڻا گهڻا وجهي ڇڏيندا آهن. ڪنهن ڪُني يا چاڏيءَ ۾ ٿورو کڙ، پاڻيءَ ۾ وجهي باهه تي چاڙهيندا آهن، جيسين ڪ سڀ ڳري وڃي. تنهن ۾ وري کڙ جيترو ڳڙ به ٿورو چن گڏي، ڀاڻ پيل کڏن ۾ ليٽائي وجهندا آهن. پوءِ کڏ کي ڪنهن شيءِ سان ڍڪي ڇڏيندا آهن، رڳو ڪڏهن ڪڏهن ڍڪ لاهي ڪاٺيءَ سان گهمائي، ملائي، ڇڏيندا اٿس. مهينو ٻه ائين ڪبو آهي، پوءِ اهو کڏ وارو  مال يا ڀاڻ ڊاک جي پاڙن ۾ وجهندا آهن، منجهس تمام ڪني باس ٿيندي آهي، پر جي هڪدم هاري مٿانئس تازي مٽي وجهي ڇڏبي ته ستت ئي باس گم ٿي ويندي.

جنهن وقت کان وٺي ڦر پيدا ٿئي ۽ قد ۾ وڌڻ لڳي، تنهن وقت کان پاڙن ۾ ججهو ڀاڻ وجهندو وڃجي. جڏهن پچڻ لڳي تڏهن پاڻي کڻي بند ڪجي. مطلب هي آهي، ته برسات جي موسم کان اڳڀرو ڊاک پچي پوي، نه ته پوءِ گهم جي ڪري ڦاٽي ٿي پوي.

ڪٿي ڪٿي ڊاک وري ولين وانگي مَنَهه تي نه چاڙهيندا آهن پر ٻوڙن وانگي پوکيندا آهن. کليل زمين هٿ ڪري ان کي چڱيءَ طرح اونهون هر ڏجي ۽ پوءِ مٿان نئين ڪري ڇڏجي، جيئن سانهر سان ڪندا آهن. تنهن تي شطرنج جي خانن وانگي ڏهه فوٽ چورس ليڪا ڪڍي وڃجن. جتي ٻه ليڪا گڏجن، انهيءَ هنڌ ٽي فوٽ اونهيون ۽ ٽي  فوٽ ويڪريون ۽ گول کڏون کڻي وڃجن. انهن ۾ ڇيڻو، ڪِنو ٻُهر، ڪاري مٽي ۽ درياهه جي واري گڏي ڀاڻ وانگي ڪري وجهجي. فيبروريءَ مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ انهن کڏن ۾، گذريل سال جي نومبر مهيني ۾ رکيل ٻيجاري مان هڪڙي هڪڙي چڪي ڪري رکي وڃجي. جيئن جيئن اهي وڌنديون وڃن، تيئن تيئن خوب ڇانگ ڪندو هڪڙيءَ اک تي ڇڏيندو وڃجين. انهيءَ ڪري وڻ ول وانگي پکڙندا ڪين، پر ٻوڙي وانگي گهاٽ وٺندا ۽ بيهڪ ڪندا. پهريان ٻه ورهيه ائين ڪجي ۽ ڦر ڪرڻ نه ڏجين. ڇانگ جي ڏينهن ۾ هر سال انهن کي ڇانگي، نِئِي ٻن ٽن مکيه ٽارين تي ڇڏجي. ٽئين سال ۾ اهي ڦر گهڻو به ڪنديون ۽ عمدو به ڪنديون. پوءِ به ٽارين کي وڌڻ نه ڏجي، ڇانگيندو رهجين جيئن وڌن نه پر ٻوڙو ٻڌيو اچن. انهن ۾ ڊاک جا ڇڳا اهڙا ڳرا ٿيندا جو انهن کي ٽيڪ تي بيهارڻ جو ضرور ٿيندو. انهيءَ لاءِ ٻِسانگيون ڪاٺيون ٻيانن وانگي کوڙي ڇڏجن. ٻوڙن جي پاڙ ۾ مٽي گڏ ڪري ننڍڙا دڙا ڪري ڇڏجن ۽ ان جي چوڌاري ڪسي کوٽِي ڇڏجي، جنهن ۾ ميوي ٿيڻ مهل پاڻي وجهندو رهجي. انهيءَ طرح ٻنيءَ جي فصلن وانگي ڊاک رجائي ۽ پيدا ڪري سگهجي ٿي. انهيءَ ڪري خرچ به گهٽ ٿئي ٿو، محنت به گهٽ ٿئي ٿي، جاءِ به ٿوري والارجي ٿي، وڻن جي سنڀال به وڌيڪ ٿئي ٿي، پيدائش به زياده ٿئي ٿي ۽ ميوو به اچي قسم جو لهي ٿو. جيپور جي مشهور رام نيوس باغ ۾ اها تجويز رکيل آهي.

ڊاک قلمن مان جلد پيدا ٿئي ٿي. نومبر جي آخر ۾ ڇانگ ڪرڻ وقت ڏندڻ وڍي هڻي ڇڏجن. ڏندڻ زمين ۾ پاسيرا کوڙي ڇڏجن، جيئن سندن ٻه اکيون زمين کان ٻاهر رهن ۽ پاڙ ۾ مٽي چڱيءَ طرح دٻي ڇڏجين. عمدي قسم جي ڊاک هڻڻ لاءِ هيئن ڪندا آهن، جو هلندڙ سال جي ٿيل وڻ جي هڪڙي ڪاٺي ڪپي، انهيءَ کي ٻن ٻن انچن جيترا ٽڪر ڪري وڃجن، جيئن هر هڪ ٽڪر جي وچ ۾ هڪڙي اک يا هڪڙو گونچ هجي. اهي ٽڪر وچان چيرجن. اک وارو اڌ ڪنهن مٺيءَ زمين تي کڻي سنئون رکجي، جيئن اک مٿي ٿي بيهي؛ پوءِ مٿان صاف واري وجهي اک کان سواءِ ٻيو سڄو ڍڪي ڇڏجي. پنجاب ۾ به ائين ڪندا آهن، مگر شايد قلمن جا ڳترا چيريندا نه آهن.

ڊاک جي پچڻ لاءِ گرم ۽ خشڪ موسم سڀ کان بهتر آهي. تنهنڪري دکن لاءِ مارچ مهينو، ڪلڪتي لاءِ مئي، پنجاب ۽ ٻين اتر وارن پرڳڻن لاءِ جون چڱو آهي.

ٽيننٽ صاحب لکي ٿو ته ”سيلون ۾ ڊاک منهه تي ڪندا آهن، مگر سياري جي ڏينهن ۾ ان جون پاڙون ڍڪي ظاهر اُس ۾ رکندا آهن. انهيءَ ڪري سال ۾ ڊاک مان ٻه فصل ٿا لهن: هڪڙو مارچ ۾ ٻيو سيپٽمبر ۾. مگر پاڙن جي سوئڻ ۽ ڇانگڻ جو ڪم رڳو هڪ ڀيرو جولاءِ ۾ ڪندا آهن.

”پاگسن“ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾، ڊاک جي پاڙ ۾ ڀاڻ وجهڻ لاءِ هيٺيون نسخو ٿو لکي: ”هڪڙي گول کڏ کڻجي، جا هڪ فوٽ اونهي ۽ ٽي انچ گول هجي. انهيءَ ۾ پهرين هڏا پوءِ ڇيڻا وجهي ڀرجيس. جي مٿان به ويهه ٽيهه ٻيا ڇيڻا ڍير ڪري رکجن. تنهن کي ڪاٺيون رکي ٽن هنڌان باهه ڏجي. جڏهن سڀ سڙي رک ٿي وڃي ۽ ٺري، تڏهن هڏا ڪڍي، چورو يا اٽو ڪري ڌار رکي ڇڏجن ۽ رک ڌار گڏ ڪري ڪم لاءِ رکجي. هڏن جي مڻ مان، اڌ مڻ هڏن جي رک جو نڪرندو. اٽڪل ٻن سيرن جيتري اها رک ڊاک جي پاڙن ۾ وجهجي، تنهن جي مٿان ٻن انچن جيترو تازيءَ مٽيءَ جو تَهَه وجهجي، تنهن جي مٿان ٻن انچن جيترو تازيءَ مٽيءَ جوتَهَه وجهجي ۽ ان جي مٿان ڇيڻن جي رک ٻُرڪي وڃجي. پوءِ پاڙ واري کوٽيل مٽي انهيءَ جي مٿان ورائي ڇڏي ڏجي. وري مارچ جي مهيني ۾، هڪڙو دِلو پاڻيءَ جو هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڏيندو رهجي. جڏهن ڊاک گل ڪري، تڏهن وري ٻيو ڀيرو پاڻي ڏيڻ ضروري ٿيندو. ٿوري عرصي کان پوءِ وري هفتي ۾ ٻه ڀيرا پاڻي ڏجي. ائين ڪرڻ ڪري ڊاک به وڌندي ۽ وڏا ڇڳا به ڪندي، جن کي پکين، نوريئڙن ۽ چمڙن کان بچائڻ لاءِ ڪپهه ۾ ويڙهي ڇڏجي.“

چون ٿا ته ڀاڻ سان گڏ شورو ۽ هيراڪس ڳاري ڏجي ته تمام چڱو آهي. هن بابت پڙهندڙن کي گهرجي ته هن ڪتاب جي مٿين بابن ۾ جيڪو ڀاڻ جو بيان ڏنل آهي، سو چڱيءَ طرح پڙهي ڏسن.

ڪَويٺ

هن کي هندستاني ماڻهو ڪئيٿ يا ڪت بيل سڏيندا آهن. هي هن ملڪ ۾ هڪڙو عام جهنگلي وڻ ٿيندو آهي. ميوو گول ٿيندو اٿس ۽ رنگ ڦڪي سائي رنگ جهڙو ٿيندو اٿس. قد ۾ ڪرڪيٽ راند جي کينهوڙي جيڏو ٿيندو آهي. جڏهن سنس سخت کل ڀڃبي آهي، تڏهن اندران هڪڙيءَ ڀوريءَ نرم شيءِ سان ڀريل ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جا ڪساري ۽ کٽي مکڻ جي باس وانگي هوندي آهي. اهو ميوو آڪٽوبر مهيني ۾ پچندو آهي. ان جي ڳر کي کنڊ ۾ ملائي، ڪاڙهڻ سان هڪڙي تمام چڱي جيلي ٺهندي آهي، جا بلڪل ڪاري ڊاک جي جيليءَ جهڙي ٿيندي آهي.

وڻ ٻج مان توڙي قلمن مان ٿيندو آهي، جي مينهن جي موسم ۾ هڻندا آهن. وڻ باغ ۾ رکڻ جو لائق ناهي.

ڪويٺ کي انگريزيءَ ۾ ووڊُ ائپل (يعني ڪاٺيءَ جو صوف) يا ايليفنٽ ائپل يعني (هاٿيءَ جو صوف) چوندا آهن.

بيل ڦَل

هيءُ هڪڙو ننڍو وڻ آهي، جو هندستان جي گهڻن هنڌن ۾ ٿئي ٿو. هن جو ميوو جدا جدا قد جو ٿئي ٿو. وڏو ته ماڻهوءَ جي مٿي کان به وڏو ٿو ٿئي ۽ ننڍو ڪر ڪيٽ جي کينهوڙي جيڏو ٿو ٿئي. کَل سنهي ۽ ڦِڪي سائي رنگ ٿي ٿئيس، جا ڏاڍي زور سان ٿي ڀڄي. ان جي اندر ڪويٺ وانگي نرم پيلي رٻ جهڙي شيءِ رهي ٿي، جا سرهي ٿيندي آهي. گهڻن کي کائڻ ۾ لذت ڏيندي آهي ۽ گهڻن کي نه. اها دوا ۾ گهڻو ڪم ايندي آهي. بنگال ۾ جنوريءَ ۽ فيبروريءَ مهينن ۾ اهو ميوو لهندو آهي ۽ اتر هندستان ۾ مهينو کن پوءِ ڀرو.

هي وڻ ٻج مان يا پيوند ڪرڻ سان پيدا ٿي سگهندو آهي. برسات جي ڏينهن ۾ پوکڻ گهرجي.

چون ٿا ته هن مان جو شربت ٺهندو آهي، سو پيچ يا سوريءَ لاءِ تمام چڱو آهي. ان جي جيلي يا مربو به انهيءَ بيماريءَ لاءِ مفيد آهي. هماليه جبل ۾ بيل ڦل جهنگلي به ٿيندا آهن پر اهي کائڻ جي لائق ناهن.

بيل ڦل کي انگريزيءَ ۾ بيل فروٽ چوندا آهن.

نارنگي

هي ميوو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ پيدا ٿئي ٿو. يورپ ۾ ته هن جا تمام گهڻا قسم آهن، مگر هندستان ۾ ٽن چئن قسمن کان وڌيڪ پوکڻ ۾ نه ايندو آهي. سلِهٽ جون نارنگيون مشهور آهن، جن کي چيني نارنگيون به چوندا آهن. اهي گول ۽ سنهڙيءَ کل واريون ٿينديون آهن. ٻيون وري گُهنجن واريءَ ٿلهيءَ کل سان آهن، جي قد جون وڏيڙيون ٿين ٿيون. اهي مٿين پرڳڻن ۽ دکن ۾ عام آهن. ٻيون انهن کان ننڍيون ۽ ساديون به ٿين ٿيون. نانگپور ۾ تمام چڱيون نارنگيون ٿينديون آهن. اتي وڻ به ويهن پنجويهن فوٽن جيڏا ٿا ٿين ۽ ويڪرائيءَ ۾  به ايڏا ئي ٿا ٿين. انهن ۾ ايترو ڦر ٿو ٿئي جو ٽارين کي ٿوڻيون ۽ ٽيڪون ڏئي ڇڏيندا آهن، ته متان بار جي ڪري ڀڄي پون. هي پيوند ڪرڻ سان ٿينديون آهن. ليمي يا سنگتڙي جي وڻ تي پيوند ڪبو آهي. ٽئين ورهيه اهو وڻ ڦرڪندو آهي. نانگپور ۾ نارنگيون فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ٻور جهلينديون آهن، جون ۽ جولاءِ ۾ ميوو پچائينديون آهن. وري جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٻور جهلينديون آهن ۽ مارچ تائين سندن ڦر هلندو آهي. مينهن کانپوءِ آڪٽوبر ۾ پاڙون چئن فوٽن جيتريءَ ويڪر ۾ ۽ فوٽ کن اونهيون کولي ڇڏيندا آهن. سنهڙيون سنهڙيون تندون وڍي ڇڏيندا اٿن ۽ ٻن هفتن کانپوءِ انهن کڏن ۾، پراڻو ۽ سڙيل ڳائو پاڻ يا ڪچرو وجهي ڀري ڇڏيندا آهن.

جڏهن نارنگيءَ جو وڻ پنجن ڇهن ورهين جو ٿيندو آهي، تڏهن هڪڙي قسم جو ڪينئون لڳندو اٿس، جو ٽارين جي هيٺان ڏانڊين ۾ ٽُنگ ڪري وڃي ٿو ۽ انهن کي ساڙيو وجهي. انهيءَ جو چڱو علاج اهو آهي ته انهيءَ ڪيئين جي سوراخ ۾ هِڱ تيل ۾ ڪاڙهي وجهجي، پوءِ ڪنهن ڪنڊي يا ٽاچنيءَ سان ڪينئون ڪڍي وٺجي.

ولايتي نارنگيون آڻي مالٽا مان لکنئوءَ ۾ پوکيون اٿن. اهي چڱيون ٿينديون آهن.

نارنگيءَ جي لاءِ زمين ۾ چن چڱو آهي. تنهنڪري جنوريءَ ۾ ڇانگ ڪرڻ کانپوءِ پاڙن ۾، چن يا پراڻو گچ وجهي ڇڏجي. مارچ، اپريل ۽ مئي مهينن ۾ ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي.

نارنگيون قلمن سان توڙي پيوند ڪرڻ سان ٿينديون آهن. ليمي جي وڻ تي نارنگيءَ جي اک هڻڻ جو سڀ کان سولو رستو آهي. ٻج پندرهن ڏينهن جي اندر ڦُٽي ٿو ۽ پهرئين ئي سال انهن تي اک جو پيوند ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڪم لاءِ فيبروري ۽ مارچ چڱو وقت آهي. ٻج فيبروريءَ ۾ پوکڻ گهرجي.

نارنگيءَ جي وڻ ۽ ميوي مان ٽن قسمن جو تيل نڪري سگهي ٿو: پنن مان ڪڙي قسم جو، گلن مان ٻئي قسم جو ۽ ميوي جي کل مان ٽئين قسم جو. نارنگيءَ جي ميوي ۾ جا رس رهي ٿي، تنهن ۾ کنڊ جو جزو گهڻو پيل آهي. انگور جي برعڪس ان ۾ معدني شيون ٿوريون آهن، مگر انگور وانگي ان جي رس کي ڪِني ڪرڻ ۽ جوش ڏيارڻ مان هڪڙو چڱو شراب نڪري سگهي ٿو.

نارنگين کي ڀاڻ ڏيڻ ۾ گهڻي کڙ وجهڻ گهرجي. کڙ ڏيڻ جي ريت اسان مٿي انگور جي بيان ۾ ڏني آهي. نارنگيءَ وارن ٻارن ۾ زمين منجهه چن هئڻ چڱو آهي، جو ڇيڻي يا لِڏ سان گڏي وجهڻ گهرجي. نارنگيءَ جو هڪڙو وڻ ٻئي کان ارڙهن انچ پري هئڻ گهرجي. انهيءَ جي وچ ۾ ننڍن ککڙن وارن ميون جا وڻ، جهڙوڪ ڦاروا وغيره پوکي ٿا سگهجن.

هڪڙو نارنگيءَ جو قسم، جو اصل چين جو آهي ۽ جنهن کي هندستاني ڪم قوت ڪري سڏيندا آهن، سو ته لچيءَ جيڏو ننڍڙو ٿو ٿئي. هندستان ۾ ڪن هنڌن تي گهڻو ٿيندو آهي.

نارنگيءَ کي انگريزيءَ ۾ آر ينج چوندا آهن.

سنگتڙو

هيءُ به نارنگيءَ جي ذات مان آهي ۽ ان وانگي مٺو ٿو ٿئي، مگر نارنگيءَ جي ڳر داڻ داڻ وانگي ڦاڪن ۾ وراهيل ٿي ٿئي ۽ هن ۾ رڳو مٺو پاڻي يا رس آهي. نارنگي رنگ جي ڳاڙهي يا زردي ٿي ٿئي ۽ سنگتڙو سائو ٿو ٿئي ۽ کل سنهڙي ٿي ٿئيس. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو نارنگيءَ کي سنگتڙو يا سنگتڙي به چوندا آهن. هي سڀ ليمي جي جماعت مان آهن.هندستاني ماڻهو ليمي کي نيبو يا کٽانيبو چوندا آهن، نارنگيءَ کي ڪملا نيبو، سنگتڙي کي ميٺا نيبو ۽ ترنج کي ڪڙوا نيبو يا ڪرنا نيبو سڏيندا آهن.

سنگتڙا به قد ۾ نارنگين جيڏا ٿيندا آهن. رڳو مٺا آهن، مگر منجهن نارنگين وانگي ڪا خوشبوءِ ڪا نه ٿي رهي. اڪثر گرمين جي ڏينهن ۾ يعني آگسٽ ۽ سيپٽمبر ڌاري لهن ٿا، جڏهن نارنگيون نه ٿيون لڀن، تنهنڪري ڪمائتا ۽ پسند ڪرڻ جهڙا ٿين ٿا.

هنن جي پوک توڙي پرداخت نارنگين وانگي ٿئي ٿي. باغائي اڪثر نارنگين جا پيوند سنگتڙن جي وڻن تي هڻندا آهن.

سنگتڙي کي انگريزيءَ ۾ سُويِٽ – لائيم (يعني مٺو ليمون) چوندا آهن.

ترنج

هي نارنگيءَ جو قسم آهي ۽ ليمي جي ذات مان چئبو. هي تمام کٽو ٿو ٿئي. هن کي هندستاني ماڻهو چڪوترا، بيگ پورا ۽ ڪڙوا نيبو به چوندا آهن. هن جي اندرين ڳر نارنگيءَ وانگي ٿئي ٿي ۽ ٻاهرين کل به گهُنجن واري ٿئي ٿي، مگر هي قد جا وڏا ٿين ٿا. ڪي ڪي ته شتر مرغ جي آني جيڏا ۽ ڪي هڪ فوٽ ڊگها ٿيندا آهن.هي گهڻو ڪري چهنبيارا ٿيندا آهن. هي مربي ۽ آچار جي ڪم ۾ ايندا آهن. هن جو هڪڙو قسم ته ماڻهوءَ جي هٿ جي چنبي جهڙو ٿيندو آهي، جنهن جون آڱريون ڪرونڊڙيون هجن. اهو اُتر الهندي وارن پرڳڻن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. هن جي کل سُرهي ٿئي ٿي.

ترنج ٻج مان به ٿيندو آهي، اک هڻڻ ۽ پيوند ڪرڻ سان به. آسام ۾ هيئن ڪندا آهن، جو زمين ۾ ڪو ڪُنو يا دلو کوڙي، جنهن ٽاريءَ ۾ ترنج هوندو آهي، سا نوڙائي ترنج ان ۾ وجهي ڇڏيندا آهن، جڏهن اهو اڃا ننڍو هوندو آهي. انهيءَ ڪري چون ته ترنج تمام وڏي قد جو ٿو ٿئي، اهڙو جو انهيءَ ٿانو کي ڀڃي ڪڍڻو ٿو پوي ۽ منجهانئس خوشبوءِ به گهڻي ٿي نڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org