زنبق
هي به ڳنڍين واريءَ ذات جو ٻوٽو آهي. هن جا ڇٽيهه قسم شمار ڪيا
اٿن. ڳنڍيون آڪٽوبر ۾ هڻندا آهن. گهڻو ڪري هي سڄي
سال ۾ ساوا رهندا آهن. گل وڏا اڇا ڪندا آهن. منجهن
ٿوري چڱي بوءِ به رهندي آهي. فتنو گل به زنبق جي
جماعت مان آهي. هن ذات کي انگريزيءَ ۾ آئرسِ
سڏيندا آهن. نيلي گلن واري کي ايراني زنبق چوندا
آهن. انگريزي ۽ سپانش ذاتيون به آئرس جون مشهور
آهن.
گل چِيٽو
هن کي انگريزيءَ ۾ ٽائيگر فلائوئر چوندا آهن. هي وڏين ڳنڍين
وارو ٻوڙو آهي، وڏا نماءَ وارا گل ڪندو آهي، هن جا
پن چمڪندڙ کهنبي رنگ جا ٿيندا آهن ۽ انهن جي وچ ۾
چيٽي جي کل جهڙا دٻڪ رهندا آهن. ڳنڍيون مارچ ۽
اپريل ۾ هڻندا آهن.
زعفران
هي به ڳنڍين وارو گل جو ٻوڙو آهي. انگريزيءَ ۾ سافران چونس ٿا.
ڪتابي نالو ڪروڪس اٿس، جنهن ذات جو هي هڪڙو قسم
آهي، هي ڪشمير ۾ چڱو ٿيندو آهي. ڳنڍيون آڪٽوبر ۾
پوکبيون اٿس. ولايتي ڪروڪس هتي چڱو نه ٿيندو آهي.
جَدوار
هي هيڊ يا سنڍ جي جماعت مان آهي. پاڙن ۾ ڳڙيون ٿينديون اٿس. گل
وڏا سهڻا ۽ رنگن وارا ٿيندا اٿس. هن جا گهڻائي قسم
آهن. هڪڙي وڏي جدوار، ٻي ڳاڙهي جدوار جنهن کي
جهنگلي هيڊ به سڏيندا آهن. جدوار جو انگريزي نالو
زيڊوري آهي. اپريل ۾ گل نڪرندا اٿس؛ جي ڪي کهنبا ۽
ڪي پيلا ٿيندا اٿس. بنگال ۾ عام آهي. هن جو هڪڙو
قسم آهي، جنهن کي دکن ۾ سِندربار چوندا آهن. انهن
جي پنن کي نپوڙڻ سان چڱي باس نڪرندي آهي.
ڀونءِ چمپا
هي هڪڙو ننڍڙو ٻوٽو آهي، جو بلڪل زمين سان لڳو رهندو آهي.
تنهنڪري جيسين ڪونڊيءَ ۾ رکيل نه هوندو، تيسين ڏسڻ
۾ نه ايندو. نومبر ۾ هن جا پن سڙي ڇڻي پون ٿا.
وري جڏهن هي اپريل ۾ گل ڪري چُڪي ٿو، تڏهن ٻاهر
نڪرن ٿا. گل جا ٻه پن اڇا ۽ به ڳُوڙها ڳاڙها ٿا
ٿين. گل زمين کان ٻه ٽي انچ مٿي مس بيهندا آهن.
هڪٻئي پٺيان گهاٽ ڪري پيا نڪرندا آهن. صبح جو ٿڙن
۽ سانجهين جو ڪومائجن. منجهانئن ڏاڍي خوشبوءِ
اٿندي آهي. چمپا گل ٻئي هنڌ ڏنو ويو آهي. هن کي
زمين سان لڳي بيهڻ ڪري ڀؤن چمپا چون ٿا. هن جا به
گهڻا ئي قسم آهن. هن ذات جو انگريزيءَ ۾ ڪتابي
نالو آهي ڪِيمپفريا، هن جماعت ۾ هڪڙو ٻيو ٻوڙو
آهي، جو ٽي فوٽ وڏو ٿيندو آهي ۽ بلڪل اڇا گل ڪندو
آهي؛ جي تمام خوشبودار ٿيندا آهن. انهن کي
انگريزيءَ ۾ گارلنڊ فلائوئر (يعني هار جو گل) ۽
دکنيءَ ٻوليءَ ۾ هيم چمپا يا سنتوڪ چوندا آهن. هنن
مان ڪي پيلا گل به ڪندا آهن.
چَوڙَ به هن ذات مان آهن ۽ پيلا گل به ڪندا آهن.
عقيق
هي هڪڙو عام گل آهي، جنهن کي فارسيءَ ۾ عقيق البَحر چون ٿا،
دکني ٻوليءَ ۾ ديوڪيلي. انگريزي ڪتابي نالو اٿس
ڪنا، ۽ رواجي نالو انڊين شاٽ (هندي ڇيرا)؛ ڇالاءِ
جو ٻج ڪارو ۽ ڇين جهڙو ٿيندو اٿس- اِهو هميشھ
جُهلِي بيهندو آهي. ننڍڙا کُليل پر ڳاڙها قرمزي گل
ٿيندا اٿس.
هن جا ڪيترائي قسم آهن، جي پيلا ۽ ٻين رنگن جا گل ڪندا آهن. سڀ
قد ۾ ٽن فوٽن کان ڇهن فوٽن تائين ٿيندا آهن. هي
پاڙون ۽ اوڌون هڻي پاڻهي وڌندا ويندا آهن. هي ٻج
سان به پيدا ٿيندا آهن ۽ پاڙون ڇِني هڻڻ سان به.
آرڪِڊ
هن انگريزي نالي هيٺ ڪيترائي ٻوٽآ جدا جدا قد، رنگ ۽ شڪل جا اچي
وڃن ٿا. هنن جو هڪڙو نه ٻيو قسم دنيا جي سڀ ڪنهن
ڀاڱي ۾ ٿئي ٿو. هي سهڻن ۽ خوشبودار گلن هئڻ ڪري
پسند ايندا آهن. هنن تي خلاصا ڪتاب لکيل آهن.
آرڪڊ اصل گرم آبهوا ۾ ٿيندا آهن. عمدا عمدا قسم نيپال، ڀوٽان،
آسام، برما ۽ سيلون مان اچن ٿا. گهڻن هنڌن ۾
جهنگلي ٿين ٿا. ڏکڻ آمريڪا مان به هن جا چڱا قسم
ايندا آهن.
فرن جي ذات وانگي آرڪڊ به اصل ٽَڪرن جي سوراخن ۾ وِٿين ۾، توڙي
وڏن وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين تي ٿيندا آهن. اڪثر جتي
ڇانو ۽ پوسل هوندي آهي، اتي ٿيندا آهن. ڪي قسم ته
اُس ۾ چڱا ٿيندا آهن. بيٺل يا سينواريل پاڻيءَ مان
سو هنن کي نقصان پهچندو آهي.
آرڪڊ ٻن وڏن قسمن يا ڀاڱن ۾ وراهيا اٿن. هڪڙي کي زميني ۽ ٻئي کي
آسماني چون ٿا. زميني آرڪڊ اهي آهن، جي اڪثر زمين
تي ٿين ٿا ۽ انهن جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ گِهڙيل ٿين
ٿيون، جتان هنن کي قُوت ۽ ٻي پرورش ملي ٿي. آسماني
آرڪڊ اهي آهن، جي وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين تي ٿا ٿين ۽
انهن جون پاڙون هوا ۾ نڪري بيهن ٿيون، جتان هن کي
قوت ۽ ٻي پرورش ملي ٿي. تنهنڪري ضروري آهي ته آرڪڊ
جي ذات سڃاڻي پوءِ ان موجب ان جي پرداخت ڪجي. اها
سڃاڻپ آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿي. زميني قسم جون
پاڙون ٿورو گهڻو تندن ۽ تارن واريون ٿيون ٿين ۽
آسماني قسم جون پاڙون ڊگهيون، ٿلهيون ۽ ڳر يا ماس
واريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
آرڪڊ پوکڻ لاءِ چڱو رستو اهو آهي ته پهريائين هنن جي وطني جاءِ
۽ حالت وارو اسباب موجود ڪجي. پوسل، موافق گرمي،
ڇانوَ، کليل هوا ۽ صفائي- اهي سڀ هنن جي لاءِ
ضروري آهن. ڇانوَ ۽ اُس گڏيل هئڻ کپي، جيئن وڻ ۾
ٿيندو آهي. انهيءَ لاءِ لانڍي يا منهه جيڪو باغن ۾
اهڙي ڪم لاءِ ٺاهيندا آهن ۽ جنهن جو اسان هن ڪتاب
جي شروع ۾ ذڪر ڪيو آهي، سو تمام چڱو آهي. زميني
آرڪڊ پاٽين، ڪونڊين ۽ لڙڪندڙ کوکن يا ٽوڪرين ۾
پوکڻ گهرجن.
انهن ۾ هيٺئين نسخي موجب مٽي وجهڻ گهرجي: اڱرن جا ڀور، جيڪي چڻي
کان اکروٽ جي داڻي جيڏا، ۽ پڪي سر يا پراڻي گچ جا
ڀور، مٿين اڱرن جيڏا؛ پراڻي سڙيل پنن جي ڀاڻ سان
ملائي ڪونڊيون ڀرڻ گهرجن. تر ۾ وڏا وڏا ڀور سوراخ
جي مٿان وجهجن ۽ انهن جي مٿان سينور يا ڪاٻار جو
هڪڙو تهه ڏئي ڇڏجي ته پاڻيءَ جو نيڪال هجي. انهيءَ
۾ آرڪڊ پوکجي. آسماني آرڪڊ ڪنهن بُنڊ يا تختي سان
ضرور لڳائڻ گهرجي. ڪنهن ٽامي جي تار سان وراڪا
ڏئي، ٻڌي، لڳائي ڇڏجيس. اها نظر رکجي ته آرڪڊ جون
پاڙون انهيءَ بنڊ يا تختي تي سَنيون پکڙي لڳي
بيهن. پوءِ پاڻهئي پاڻ جهلي چڙهندو ويندو، جيسين ڪ
سوڪڙ نه اينديس ۽ هوا گهميل رهندي. ڪونڊين جي پاسن
مان به سوراخ ڪري ڇڏجن پر متان جيت ۽ ڪينئان اندر
لنگهي وڃي نقصان رسائين، تنهنڪري وڻ واري ڪونڊي،
ٻيءَ پاڻيءَ سان ڀريل وڏيءَ ڪونڊيءَ ۾ رکي ڇڏجي ته
جيتن ۽ ڪينئن کان بچاءُ ٿئي ۽ پوسل به پوري رهي.
ڪونڊيون ڪوشش ڪري مٿس ڏاڪن تي يا ٻين شين تي رکجن؛
زمين تي بلڪل نه رکجن؛ خاص ڪري برسات جي موسم ۾.
نومبر کان وٺي فيبروريءَ تائين آرڪڊ وڻ وڌڻ بند ڪن ٿا ۽ آرام
وٺن ٿا. انهيءَ وچ ۾ گهڻو پاڻي نه گهرجين.
فيبروريءَ جي آخر ۾ ڪونڊيون مٽائڻيون هجن ته مٽائي
وٺجن، جو مارچ جي شروع ۾ هو گل جهلين ٿا. پوءِ
ججهو پاڻي ڏجين؛ پچڪاريءَ سان ذري ذري پسائجين. جي
انهيءَ فهمائش موجب ڪم ڪرڻ ۾ ايندو، ته مارچ ۽
اپريل جي مهينن ۾، آرڪڊ اهڙا مزي جهڙا ۽ ڏيک وارا
رنگ ڏيکاريندا، جو انهن جي ڏٺي حيرت اچي ويندي.
آرڪڊن جي وڌائڻ جو رستو اهو آهي ته سندن پاڙون يا ڳنڍيون ڇني
ڌار ڌار ڪري هڻجن. انهيءَ لاءِ چڱو وقت فيبروريءَ
۾ آهي، جڏهن هو آرام ۾ رهن ٿا. تکي چاڪونءَ سان
پاڙن جي ڳنڍ ڳنڍ تندن سميت وڍي، ڪونڊين ۾ هڻجي ۽
جيسين وڌڻ نه لڳن تيسين پاڻي نه ڏجين. ڪٿي ڪٿي ته
آرڪڊن لاءِ جدا جاءِ يا لانڍي ٺاهيندا آهن، جهڙيءَ
طرح باغ جي لاءِ منهه جوڙيندا آهن، جن جو اسان
ڪتاب جي شروع ۾ ذڪر ڪيو آهي. شيشي جي گهرن ۾ آرڪڊ
چڱا ٿين ٿا.
آرڪڊن جا بيشمار قسم آهن، جي جدا جدا ملڪن مان اچن ٿا ۽ جدا جدا
رنگن جا گل ڪن ٿا. انهن جو بيان ڏيڻ اجايو ٿو
ڏسجي، جو انهن جا نالا ۽ ذاتيون سمجهائڻ مشڪل ڪم
آهي. نموني لاءِ اسين ڪي ٿورا نالا هيٺ ڏيون ٿا:
پهريون، جائنيز ايئر پلانٽ (يعني چين جو هوائي اوڀڙ): هن جي گل
جا پن ڪوريئڙي جي تاڃيءَ جهڙا ٿا ٿين. ٻيو، انڊين
بٽر فلاءِ پلانٽ (يعني هند جو پوپٽ وڻ): هن کي
آرڪڊن جي راڻي به سڏيندا آهن. هي کير جهڙا اڇا ۽
وڏا گل ڪندو آهي، هن جا چپ واڱڻائي ٿيندا آهن ۽
شڪل ۾ اهڙا ٿيندا آهن جهڙا پوپٽ، جي کنڀ کولي
بيهندا آهن. ٽيون، وينسز سلپر (يعني زهره جي
جُتِي): هي اڇا گل واڱڻائي پٽن سان جهليندو آهي.
ڪي وري ساوا دٻڪن سان ۽ ڪي گلابي رنگ جا گل ڪندا
آهن.
گهڻا ڏيهي ٻوٽا به آرڪڊن جي جماعت ۾ داخل آهن. انهن مان سڃاپڻ
جهڙا هي آهن: پهريون، نانگلي، جنهن کي دکن پيچو
چون ٿا. اڪثر مهابليشور جي وڻن تي ڏسبا آهن. اڇا
گل اٿس. هن جا هڪ سئو اٺونجاهه قسم شمار ڪيا اٿن.
انگريزي ڪتابي نالو اٿس ڊينڊ روبيم. ٻيو، عنبرقند،
جو وڏا ساوا ۽ واڱڻائي گل ڪندو آهي ۽ گهاٽن ۾
ٿيندو آهي. انگريزي ڪتابي نالو اٿس يولوفيا. ٽيون،
اچو اچ ۽ پان سنگ، هي دکني نالا آهن. انگريزي
ڪتابي نالو اٿن ايرائيڊيز، ڦڪي گلابي رنگ جا گل،
واڱڻائي چٽن سان ڪندا آهن. چوٿون، بي پاڙي ول، جا
ساون ڌاڳن وانگي ٻيرين ۽ ٻين وڻن تي پکڙي بيهندي
آهي، سا به هن جماعت ۾ اچي سگهي ٿي.
ڪن آرڪڊن مان کاڌي جون شيون ٺهنديون آهن، جهڙوڪ يولوفيا، يعني
عنبرقند جي پاڙن وارين نلين مان هڪڙي قوت وار
پيڄيءَ جهڙي شيءِ جوڙيندا آهن، جا علب مصريءَ جي
نالي سان مشهور آهي ۽ جنهن کي انگريزيءَ ۾ سالوپ
چون ٿا.
لالا
هتي جنهن کي لالا جو گل چوندا آهن، سو پُست جي ذات مان آهي،
جنهن جو اسان مٿي بيان ڏنو آهي. انهيءَ ۾ ڪُپڙيون
ٿينديون آهن، جنهن کي فارسيءَ ۾ گل لالا چون ٿا ۽
جنهن جو انگريزيءَ ۾ نالو آهي ٽُيولِپ، سو ٻيءَ
طرح جو گل آهي، يعني سوسن يا انگريزيءَ لِليءَ جي
ذات مان آهي. انهيءَ کي پاڙ ۾ بصر وانگي ڳنڍيون
ٿينديون آهن. انهيءَ مان به ٻه قسم نرگس ۽ زنبق جا
آهن، جن جو اسان مٿي بيان ڏنو آهي.
سچو پچو گل لالا، جنهن جون ڳنڍيون ولايت کان اينديون آهن، سو
هندستان ۾ چڱو نٿو ٿئي. پوکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي
پر پن ڪري ٿو ۽ گل نٿو ڪري. آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.
سوسن
هن کي انگريزيءَ ۾ لِلي چون ٿا. هيءُ گلن جي هڪ وڏيءَ ذات جو
نالو آهي، جنهن مان لالا، نرگس، فتنو ۽ زنبق وغيره
ڏنا ويا آهن. خاص سوسن جي گل جا به گهڻا ئي قسم
آهن. جپان جا آيل، البت هن ملڪ ۾ ٿين ٿا. جبلن تي
پوکڻ سان به چڱا ٿا ٿين. هيٺ زمين تي آڪٽوبر ۾
پوکڻ گهرجن ۽ جبلن تي فيبروريءَ ۾.
هن مان بصر جي ڀوڪن وانگي ڏانڊيون نڪرن ٿيون، جي اٽڪل پندرهن
انچ وڏيون ٿين ٿيون، جن ۾ اڇا گل ڇهن انچن جيڏا
وڏا نڪرن ٿا. منجهن خوشبوءِ ٿيندي آهي. مارچ مهيني
۾ گل ڪندا آهن. هي گل ڪونڊين ۾ وجهي ورانڊن ۾ رکبا
آهن. جون جي وچ ڌاري پن سڪي وڃن ٿا؛ وري آڪٽوبر ۾
ڳنڍيون ڦٽن ٿيون ۽ پن ڪڍن ٿيون. تڏهن وري ڳنڍيون
ڪڍي ٻين ڪونڊين ۾ رکجن. پٽڙو ڀاڻ، پاڻي ۽ وارياسي
مٽي هنن لاءِ چڱي آهي.
هن جو هڪڙو قسم جنهن کي انگريزيءَ ۾ گلور يوسا ۽ دکني ٻوليءَ ۾
بَڇ ناگ چون ٿا، سو سنهڙو ول وانگي ٿو ٿئي. پن
سنهڙا اٿس ۽ پاڙون نلين وانگي اٿس جي چون ٿا ته
زهري آهن. گل سهڻا ڪندو آهي، جي روز بروز رنگ
بدلائيندا وڃن، نيٺ ڪومائجي ڪريو پون.
گل شَبُو
هي گل به سوسن، زنبق ۽ بصر جي جماعت مان آهي. انگريزيءَ ۾ ٽيُوب
روز (يعني نليءَ وارو گلاب) چوندا اٿس. ڪتابي نالو
پاليانٿس اٿس. هي هندستان جي باغن ۾ تمام عام
آهي. هن جي ڏانڊي ٽي فوٽ مٿي وڃي ٿي. چڱي زمين ۾
ته ڇهن فوٽن تائين به وڃي ٿي ۽ اڇن گلن جا ڇڳا
جهلي بيهي ٿي، جنهن جي خوشبوءِ پري پنڌ تائين وڃي
ٿي. لکن ٿا ته ڪنهن خاص هوا ۾ هنن گلن مان برقي
چڻگون نڪرن ٿيون. جڏهن گل ڪري بس ٿئي تڏهن ڏانڊيءَ
کي وڍي ڇڏڻ کپي ته وري ٻي نڪري. سڄي سال ۾ گل رهنس
ٿا. پاڙ جي ڳنڍين جدا ڪري هڻڻ سان، ٻيا ٻوٽا پيدا
ڪري سگهجن ٿا. ٻج به پوکبو آهي، جو هن مان سياري
جي موسم نڪرندو آهي.
هن جو هڪڙو قسم آهي، جو ڊبل يعني وڏا ٻٽا ڀريل گل جهليندو آهي،
پر انهن ۾ اهڙي خوشبوءِ نٿي ٿئي، جهڙي يڪن پنن
وارن گلن ۾ ٿي ٿئي.
ڪپتان ”ڪُڪ“ لکي ٿو ته: ”هن گل جي بوءِ هوا جي گرميءَ ڪري ڏينهن
جو ايتري نه ٿي ٿئي، جيتري رات جو ٿي ٿئي.“ انهيءَ
ڪري شبو چونس ٿا.
يڪا
هي انگريزي ڪتابي نالو آهي. رواجي نالو اٿس آڊمس نيڊل (يعني
حضرت آدم جي سئي). هي ولايتي ٻوٽو آهي. هن جو هڪڙو
ٻه قسم هن ملڪ ۾ عام آهي. هڪڙي قسم جو نالو آهي،
سپانش بيئنيٽ (يعني اسپين جي سنگين) يڪا جا پن
وڏا، سخت ۽ چپترا آهن، هنن جي چهنب ۾ هڪڙو سئيءَ
جهڙو ڪنڊو رهي ٿو. سانوڻيءَ جي ڏينهن ۾ هزارين اڇا
گل ڪري ٿو، جي گهنڊڻين وانگي لڙڪي بيهندا آهن. هن
جاپن گهميل زمين ۾ پورجن، ته اتي پاڙون هڻي ڦٽن
ٿا. هڪڙي قسم جي پنن جي وَٽِ ٿورو اڇي ٿيندي آهي.
يڪا جا ڪل ٽيهه قسم شمار ڪيا اٿن.
ڪنئار ٻوٽي به هن ذات مان آهي، جا هتي عام آهي.
سنبل
هن کي انگريزيءَ ۾ هائيئسنٿ چون ٿا. هي به پاڙ جي ڳنڍين وارو وڻ
يا ٻوڙو آهي، بنگال ۾ هي چڱا نه ٿا ٿين، مگر اتر
هندستان ۾ هي چڱا ٿين ٿا. ڳنڍيون ولايت کان
اينديون آهن. چڱيون ڳنڍيون اهي آهن جي نوڪدار يا
ننڍيون ٿيون ٿين. سنبل پوکڻ لاءِ ڪونڊيون فوٽ کن
اونهيون هئڻ گهرجن. انهن ۾ مٽيءَ سان گڏ پراڻو،
ڀُتو، ڳائو ڀاڻ، پنن جو ڀاڻ، واري ۽ ڪاٺيءَ جي خاڪ
يا اڱرن جا ڀور، مليل هئڻ کپن. ڳنڍ ٿورو اونهي
پورڻ گهرجي. گهم موجود ڪرڻ لاءِ بهتر آهي ته
ڪونڊيءَ جي مٿان ٽن چئن انچن جيترا پراڻا ڇوڏا يا
پنن جو چورو وجهي ڇڏجي، جو گهم کي نڪرڻ نه ڏيندو.
جڏهن سلا ڦٽي انهيءَ ڍڪ تائين اچن، تڏهن ٿورو ٿورو
ڪري اُس ۽ کلي هوا ڏجيِن. منجهن پاڻي بيهڻ نه ڏجي.
سنبل رکڻ لاءِ شيشي جون ڪونڊيون ٿيون ٿين، جي
پاڻيءَ سان ڀري تن ۾ وڻ رکندا آهن.
سنبل جا گهڻا ئي قسم ٿيندا آهن. سنبل خطائي، سنبل هندي ۽ سنبل
الطيب وغيره. سنبل هنديءَ کي انگريزيءَ ۾
سيپائڪنرڊ ۽ خطائيءَ کي انجيليڪا چوندا آهن.
سرو
هي وڏو وڻ پنن جي سونهن ۽ قد جي کڙائيءَ ڪري مشهور آهي ۽ گهڻن
هنڌن تي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي تمام گهڻو ٻج جهلي ٿو،
جو فيبروريءَ مارچ ۾ پوکبو آهي پر ٻج ڦٽڻ ۾ گهڻو
وقت وٺندو آهي، تنهنڪري جنهن ڪونڊيءَ ۾ هجي تنهن
جي گهڻي چُرپُر نه ڪجي. سڀ ڪنهن زمين تي ٿيندو. هن
کي انگريزيءَ ۾ سائپريس چون ٿا.
هي وڻ لئي يا آسرنهن جي جماعت مان آهي. هن جا عمدا قسم چين ۽
ڀوٽان مان ايندا آهن. هن جي هڪڙي قسم کي ويپنگ
سائپريس (يعني رئندڙ سرو) چون ٿا. هي سٺ فوٽ ڊگهو
ٿئي ٿو. هن وڻ کي انگريز ماڻهو ماتم جي نشاني
سمجهندا آهن ۽ اڪثر قبرستانن ۾ رکندا آهن. ايران ۾
هي وڻ قد جي سنوت لاءِ مشهور ۽ پسند آهي، جنهن ڪري
سروسهي چوندا اٿس.
هن جو هڪڙو قسم، جنهن کي ولايتي سرو چوندا آهن، سو بنگال، ملايا
۽ آسٽريليا ۾ عام آهي. انهيءَ کي پن ڪو نه ٿئي،
رڳو سايون ٽاريون اٿس. اهو جهنگلي ٿيندو آهي. چون
ٿا ته هوا کي صاف ڪرڻ جي منجهس خاصيت رکيل آهي.
لئي جي ذات مان ٻيا به ڪي قسم هندستان ۾ پيدا ٿين ٿا. خاص ڪري
ٽڪرن ۾ هڪڙي کي انگريزيءَ ۾ ويپنگ ولو (يعني
رئندڙ لئو) چون ٿا. هي گهڻو پاڻي گهري ٿو. هي
جٽاءُ به ٿورو ڪندو آهي. قلم برسات جي موسم ۾
لڳندا اٿس.
سرو جي هڪڙي قسم کي سرو آزاد چون ٿا، جنهن کي انگريزيءَ ۾
سيڊرٽري چون ٿا. لئي کي سنڌيءَ ۾ آسرنهن به چوندا
آهن ۽ سندس گل کي ڪُنگو.
يوفاربيا
هن انگريزي نالي هيٺ ڪيترن ئي قسمن جا وڻ، ٻوٽا ۽ ٻوڙا اچي وڃن
ٿا، جن ۾ اڇو کير يا ڪڙي رس رهي ٿي. اهي ننڍڙا گل
ڪندا آهن، جي جدا جدا رنگن جا ٿين ٿا. هن جون
بيشمار ذاتيون آهن.
هن جي هڪڙي قسم کي هزاردانه چون ٿا، اهو سڄو ڳاڙهو ۽ پشمدار ٿئي
ٿو، انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ ٿائيميفوليا ون ٿا.
يوفاربيا جي ذات مان بيا چار هيٺ ڏجن ٿا.
ٿُوهر
هي مشهور آهي. هن جو هڪڙو قسم لسو آهي يعني جنهن کي ڪنڊو ڪو نه
ٿئي. پن به ڪو نه ٿينس. گل به ڳاڙها ڪندو آهي.
منجهس کير رهندو آهي. هي اڪثر لوڙهن جي بدران ڪم
ايندو آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ مِلڪ بُش (يعني کير
جو ٻوڙو) چون ٿا. هي اصل آفريڪا جو آهي، پر هاڻي
هندستان ۾ عام آهي. ٻيو قسيم ڪنڊن وارو آهي، جنهن
کي سنهڙا پن ٿيندا آهن. انهن جو انگريزي نالو
پِرڪِلي پيئر آهي. دکن ۾ پهرئين قسم کي شير ۽ ٻئي
کي ٿور چوندا آهن. هي پوفاربيا جي ذات مان آهن.
هڪڙو هن جو ولايتي قسم به آهي، جنهن کي ولايتي
ٿوهر چوندا آهن، اُنهيءَ جو انگريزي نالو آهي سلپر
پلانٽ (جتيءَ جو وڻ)، جو جتيءَ جي شڪل جهڙا کهنبا
گل ڪندو آهي.
هيرڻ
هن کي هندستانيءَ ۾ ايرنڊي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪاسئر آئل پلانٽ يا
پاماڪرسٽاءِ چون ٿا، ڪتابي نالو اٿس رائسينس. هي
موچارو وڻ ٿو ٿئي؛ جتي ڪٿي پيدا ٿئي ٿو. پن ساوا
وڏا ۽ سهڻا کهنبا گل ٿا ٿينس. باغ ۾ خالي پيل ٽڪر
تي چڱو ٺهندو. ڪٿي ته ٻنين ۾ به پوکيندا آهن. هن
جو ٻج وڏو ۽ سهڻو ٿو ٿئي، منجهانئس پيڙي تيل به
ڪڍندا آهن. منجهس جلاب جو اثر رهي ٿو. اهو ٻج پوکڻ
سان پيدا ٿيندو آهي.
هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي چيني هيرڻ چون ٿا، جو ڳاڙها ۽ پيلا
گل ڪندو آهي. انگريزيءَ ۾ ڪورل پلانٽ يا فزڪ نٽ
چوندا اٿس. هن جو ٻج ٻيرن جي داڻن جهڙو ٿيندو آهي.
ٻيو به هڪڙو قسم اٿس، جنهن کي مغلي هيرڻ چوندا آهن. هن جو
انگريزي ڪتابي نالو جاٽر وفا آهي.
هيرڻ يوفاربيا جي جماعت ۾ داخل آهي.
آنورا
هن کي هندستانيءَ ۾ آملا چون ٿا ۽ انگريزيءَ ۾ فلانٿس ايمبليڪا.
هي هڪڙو ڊگهن پنن وارو وڻ آهي، جنهن جا گل ڳاڙها ۽
پيلا ٿين ٿا ۽ ڇڳن ۾ بيهن ٿا. ڦر به ٻيرن جهڙو
ڪندو آهي.
هن جو هڪڙو قسم ننڍڙي ٻوڙي وانگي ٿئي ٿو، جنهن کي ڀون آنورا لال
آنورا چون ٿا، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ڪامون چون ٿا سو
به هڪڙو جهنگلي ٻوڙو آهي، اهو به فلانٿس جي نالي
هيٺ داخل آهي ۽ جو يوفاربيا جي جماعت ۾ داخل آهي.
جمال گهوٽو
هي هڪڙو ننڍو وڻ آهي. پن ڊگها، ننڍا ۽ پشمدار اٿس. گل پيلا اٿس.
ڦر سائو اڇن ليڪن سان ٿو ٿئيس. ٻج ڪارو ۽ چمڪندڙ
اٿس. گلن جي ڪري هتي ڏنو ويو آهي. اهي به يوفاربيا
جي جماعت مان. جمال گهوٽي جو جلاب مشهور آهي. هن
جو انگريزي ڪتابي نالو باليا سپرم آهي. ڪونڪن ۾ ۽
گهاٽن ۾ گهڻو ٿيندو آهي.
بيگونيا
هن انگريزي ڪتابي نالي هيٺ، ڪيترن ئي قسمن جا سهڻن پنن ۽ گلن
وارا وڻ اچي وڃن ٿا.اڪثر هماليه جبل تي ٿين ٿا. ڪي
برازيل مان آندا اٿن. بيگونيا ٻن مکيه قسمن جا
آهن: هڪڙا اهي جن جا گل سهڻا ۽ ٻيا اهي جن جا پن
سهڻا آهن. پهرئين قسم جا به وري ٻه قسم آهن: هڪڙا
اهي جن جون پاڙون نلين جهڙيون آهن ۽ ٻيا اهي جن
جون پاڙون اهڙيون ناهن. هي اڪثر ڇانو جي منهه هيٺ
۽ گهرن جي ورانڊن ۾ رکبا آهن هنن جي پوکڻ لاءِ
هلڪي ۽ پوري زمين هئڻ چڱي آهي، ڇالاءِ جو هنن کي
اڌ تائين ته پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٺڪرين سان ڀرجي.
پوءِ مٽيءَ سان پراڻو پنن جو ڀاڻ ۽ درياهه جي واري
هڪ جيتري ملائي، ٿوري گچ يا ڪڪريءَ جي ٽڪرن سان
گڏي، منجهس وجهجي انهيءَ ۾ وڻ پوکجي. مٿانئس گچ جا
وڏا ٽڪر رکي ڇڏجن ته جڏهن سلو نڪري تڏهن سندن پن
مٿي رهن ۽ هيٺ مٽيءَ تي نه لڳن. لڙڪندرن کوکن يا
ٽوڪرين ۾ به هي ٻوٽا رکندا آهن. هنن جا قلم به
لڳندا آهن پر جي هڪڙو پن کڻي نج واريءَ ۾ پوربو ۽
چڱيءَ طرح پاڻي ڏبس ۽ مٿانئس شيشي جو ڍڪ ڏيئي
ڇڏبو، ته منجهانئس ٻه ٽي سلا نڪري پوندا، سانوڻيءَ
جي موسم انهيءَ ڪم لاءِ تمام چڱي آهي.
بيگونيا جا ٻه سو کن قسم لکيا اٿن. پر جڏهن انهن جا ڏيهي نالا
سڃاڻپ لاءِ ڪنيهن، تڏهن سندن تفصيل ڏيڻ جو به ضرور
نه ٿو ڏسجي.
بيگونيا جو انگريزي رواجي نالو ايليفنٽس ايئر (يعني هاٿيءَ جو
ڪن) آهي. هن جو مکيه قسم گلابي رنگ جا گل ڪندو
آهي. هنن ۾ نر ۽ مادي به ٿيندا آهن. دکني ماڻهو هن
کي موتيا سڏيندا آهن.
عجائب گهر
هي گل گهڻن قسمن جو آهي. هن جو انگريزي ڪتابي نالو هائيبسڪس
آهي. هن جو هڪڙو قسم ته ڳاڙهو ٿو ٿئي. ٻيو عجيب
قسم آهي جنهن جاگل ڀريل ٿا ٿين.کلڻ مهل اڇا ٿين،
پوءِ پيازي ۽ پوءِ آخر ڳاڙها. انهيءَ ڪري
انگريزيءَ ۾ هن جو رواجي نالو چينجبل روز (يعني
مٽجڻ وارو گلاب) آهي. هي ننڍو وڻ ٿو ٿئي، اٽڪل اٺ
فوٽ وڏو آهي. پن وڏا پشمدار ۽ دلجي شڪل جهڙا اٿس.
اڪثر آڪٽوبر ۽ نومبر مهينن ۾ گل جهلي ٿو. قلمن هڻڻ
سان وڌي سگهي ٿو. هلڪي گل وارو، ٻج مان به ٿيندو
آهي. هن جو ٻيو هڪڙو قسم آهي جو پڻ رنگ بدلائيندو
آهي. هي وچولي قد جو آهي. انهيءَ کي هندستانيءَ ۾
بالا ڪري سڏيندا آهن. |