سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :13

ترنج کي انگريزيءَ ۾ ليمن چوندا آهن.

ليمون

هن کي هندستاني ماڻهو نيبو يا کٽا نيبو چوندا آهن. هن جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن. ڪي ننڍا، ڪي وڏا ، ڪي گول، ڪي ڊگها. ليمي جي گلن ۾ چڱي بوءِ ٿيندي آهي. ليمان کٽا ٿيندا آهن، تنهنڪري انهن جي رس کٽاڻ لاءِ، مصالح وانگي ٻوڙ يا چٽڻيءَ ۾ وجهندا آهن. ليمن جو آچار ۽ شربت به ٿيندو آهي. ڪچيءَ ۾ رنگ جو سائو ۽ پڪي کان پوءِ پِيلو ۽ خوشبودار ٿيندو آهي. هن جي ڪن قسمن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: ڪاغذي، پاٽي، گورو، چيني، عربي، زنگپوري، ڪڇي ۽ ٻيا. هڪڙو ٻه قسم ته اهڙا ننڍڙا آهن، جو چِڌن کان وڏا ڪين ٿيندا آهن. ڪلڪتي ۾ اهڙا ڪي وڻ آهن.

ليمي جي پوک ۽ پرداخت نارنگين وانگي ٿيندي آهي. ليمي جي قسم جو هڪڙو وڻ ٿيندو آهي، جنهن کي ڪرنو سڏيندا آهن. انهيءَ جا گل سرها ٿيندا آهن، جنهن مان گلاب وانگي عرق ڪڍندا آهن. اهو به ليمي وانگي ڦر ڪندو آهي. هن جا به ڪي ٿورا قسم آهن. اصل يورپ جو ٿو ڏسجي.

ليمي کي انگريزيءَ ۾ لائيم سڏيندا آهن.

پپنوس

هي ميوو به نارنگيءَ ۽ ليمي جي ذات مان آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ پميلو چون ٿا ۽ هندستاني هن کي بٽاوي نيبو ۽ چڪوترا به سڏيندا آهن. هي هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿئي ٿو. هن جا مکيه ٻه قسم لکيا اٿن. هن جي ڳر يا ڳر جا داڻا رنگ جا ڳاڙها يا ڦڪا واڱڻائي ٿيندا آهن. مٺا به آهن پر ٿوري موافق کٽاڻ به منجهن رهندي آهي. قد جا تمام وڏا ٿيندا آهن، کل زردي رنگ جي ۽ تمام ٿلهي ٿيندي اٿن. خوشبوءِ به چڱي ڪندا آهن.

پپنوس جي پوکڻ جي ريت سولي آهي. هڪڙي گول کڏ کڻو، جا ٽي فوٽ اونهي ۽ ٽي فوٽ ويڪري هجي. انهيءَ کي هڪ جيتري ڳائي ڀاڻ ۽ پراڻي چن، يا گچ جي ڪچري ۽ باغ جي مٽيءَ سان ڀريو. پوءِ منجهس وڻ رکو. جڏهن مارچ جي مهيني ۾ ڦر ڪرڻ لڳي، تڏهن ٻه ٽي مهينا پاڻي ساندهه ججهو ڏيڻ گهرجيس. جنوريءَ ۾ مٽي کوٽي، پاڙن کي کولي، وري سڻڀي ۽ تازي مٽي ڏجيس. پاڙن ۾ ٿوري لوڻ وجهڻ مان فائدو ٿو ٿئي، جو ميوو نرم به ٿئي ٿو ۽ منجهس رس به گهڻي ٿئي ٿي.

هي وڻ اڪثر گوٽيءَ سان يا ڪونڊين ۾، اکين هڻڻ سان ڪندو آهي. فيبروريءَ ۾ ٻج پوکبو ته به ٿيندو، مگر ڦر دير سان ڪندو. فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ليمي جي وڻ تي پيوند ڪرڻ سان به ٿيندو آهي. فيبروريءَ ۾ گل ڪري ٿو، جن ۾ چڱي باس ٿيندي آهي. جڏهن ميوا وڻ ۾ لڙڪي بيهندا آهن، تڏهن وڻ ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي. ميون جي ڳرائيءَ ڪري انهن کي ڪاٺين جون ٽيڪون ڏئي بيهاريندا آهن.

انب

انب کي هندستانيءَ ۾ آم چوندا آهن، ۽ انگريزيءَ ۾ مينگو. هي وڻ اصل هندستان جو آهي. گهڻن هنڌن تي جهنگ وانگر گهاٽ يا ٻيلا ڪري بيهندا آهن، جن جي ڇانو ۾ مسافر آرام وٺي سگهن ٿا. اهي جهنگلي وڻ ٿيندا به وڏا درخت آهن، انهن جو ميوو نه پر انهن جي ڪاٺي گهڻي ڪم ايندي آهي، هٿ جا پوکيل، جي ککڙيءَ مان يا پيوند يا گوٽيءَ سان ٿيندا آهن، سي قد جا ننڍا ٿيندا آهن.

انب جو وڻ فيبروريءَ ۽ مارچ ۾، يا ڪٿي پوءِ ڀرو ٻور جهلي ٿو. هفتي ٻن تائين اهو ٻور آسپاس واريءَ هوا کي واسي ڇڏيندو آهي. مئي مهيني جي وچ ڌاري ۽ ڪٿي ته جون ۽ جولاءِ ۾ ڦر لهندو آهي. سملا جي اتر ڏي ته سيپٽمبر ۾ مس انب ٿا لهن.

انب جو ميوو اڪثر بيضوي شڪل جو ٿيندو آهي، ڪي ته بلڪل گول به ٿيندا آهن، مٿي ٿورو موڪرو ۽ هيٺ سنهو کاڏيءَ وانگي. دُنَ وانگي ڏنڊڙي به ٿيندي اٿس. جيترا قد جي بنسبت انب جا قسم آهن، اوترا ڪنهن ٻئي ميوي جا نه هوندا. سڀ کان ننڍي قسم جو موچاري آني جيڏو ٿيندو آهي ۽ سڀ کان وڏي قسم جو ننڍي پپنوس جيڏو ٿيندو آهي. انهن جي خوشبوءِ، لذت ۽ ٻيءَ خاصيت ۾ به گهڻو تفاوت هوندو آهي. خراب قسم وارن ۾ ته تارپين جي تيل جهڙي بوءِ ٿيندي آهي. چڱي قسم جي انب ۾ ته اهڙي خوشبوءِ ۽ لذت ٿيندي آهي، جو شايد دنيا جي ڪنهن ٻئي ميوي ۾ ٿوري هوندي.

هندستان ۾ انب جا جيڪي قسم پيدا ٿين ٿا، تن جو شمار ۽ تفصيل ڏيڻ مشڪل ڪم آهي. تمام عمدي قسم جا ته گهٽ آهن ۽ ڪن ٿورن خانگي باغن ۾ هٿ اچي سگهندا، جيڪي وڪامن ٿا سي عام سادي قسم جا آهن.

آبهوا ۽ پوکڻ جي ريت بدلڻ ڪري، انب ۾ گهڻو سڌارو ڪري سگهجي ٿو. جدا جدا هنڌن تي جدا جدا قسمن جا جي انب ٿيندا آهن، تن مان ڪن ٿورن جا نالا اسين هيٺ ڏيون ٿا:

1- الفنسو يا گوئا جو انب: جو بمبئيءَ جي آسپاس ٿيندو آهي ۽ تمام مشهور آهي.

2- چيني انب: هي قد جو ننڍو آهي. هي رڳو هڪ سال اندر ٻن فصلن ۾ ڦر ڪرڻ ڪري مشهور آهي. ٻيو فصل آڪٽوبر ۾ اٿس.

3- مالڊا جو انب يا بمبئيءَ جو انب: هي وچولي قد جو آهي، پڪي کان پوءِ ڳر نارنگيءَ جي رنگ جهڙي ٿي ٿئيس. تمام عمدي قسم جو ليکبو آهي. ڪلڪتي جي سرڪاري باغ ۾ ٿئي ٿو. جنهن اڳي نه کاڌو هوندو، تنهن کي هن جي لذت خيال ۾ ئي نه اچي سگهندي.

4- مدراسي انب: وچولي قد جو ٿئي ٿو ۽ خوشبوءِ زياده اٿس.

5- سينگاپوري انب: هي تمام وڏي قد جو آهي. پڪي سونهريءَ ۽ پيلي رنگ جو ٿئي ٿو. ٻئي درجي جو عمدو قسم آهي.

6- بندوبني انب: هي ننڍڙو آني جهڙو ٿو ٿئي. خوشبوءِ تمام چڱي اٿس. پڪي کان پوءِ به سائي رنگ جو ٿو رهي.

7- بيل انب: هن ۾ بيل ڦَل جهڙي خوشبوءِ ٿي ٿئي. سندس پنن ۾ هڪڙي عجيب خوشبوءِ ٿي رهي.

8- موهن ڀوگ: هن جو وڻ موهن نالي ماڻهوءَ جو پيوند ٿيل آهي. ننڍو ۽ ڳاڙهي قسم جو ٿو ٿئي. تمام عمدو آهي.

9- ناريچ: هي بمبئيءَ جي انبن مان آهي. تمام وڏو ۽ اڇي رنگ جو ٿئي ٿو. آگسٽ ۾ پچندو آهي.

10- ڦُولِي: هي ننڍڙي قسم جو آهي. ٻاهران ڳاڙهولال آهي، اندران گلابي رنگ جو ٿئي ٿو. خوشبوءِ تمام چڱي اٿس.

انهن کان سواءِ ٻيا ڪيترائي نالا اٿن، جي جدا جدا قسم ٿا ڏيکارين؛ گهڻو ڪري سڀڪو باغ جو مالڪ يا باغائي، پنهنجي باغ جي عمدن عمدن انبن تي سڃاڻپ لاءِ، ڪي خاص نالا رکي ڇڏيندو آهي. ساڳيءَ طرح کجين جي باغ ۾، جدا جدا کجور جي قسمن تي جدا جدا نالا رکندا آهن.

انب جو وڻ عام طرح ٻج يعني ککڙيءَ مان ٿيندو آهي، مگر خاص طرح عمدن وڻن وڌائڻ لاءِ پيوند يا اوڌ ڪم ۾ آڻيندا آهن. اهڙيءَ ريت، جو اسان مٿي هن ڪتاب جي شروع وارن بابن مان ڪنهن هڪڙي ۾ بيان ڏنو آهي، سو پڙهندڙن کي ضرور ڏسڻ گهرجي. پيوند ڪيل وڻ پنجن ورهين ۾ ڦر جهلي ٿو ۽ ڪهڙيءَ به زمين ۾ رهي سگهي ٿو. ٻج پوکڻ جي چڱيءَ ريت بابت ڪي ڏيهي آزمودگار ماڻهو چون ٿا ته انب جي ٻاهرين کل لاهي، ڳر سوڌي ککڙي کڻي کير ۾ وجهجي، ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪڍي پوکجي. ککڙين پوکڻ جي موسم به تڏهن آهي جڏهن ڦر لهي ٿو. سلن نڪرڻ کانپوءِ ڪونڊين ۾ رکجن. ايندڙ ورهيه ۾ مينهن جي ڏينهن ۾ انهن جا پيوند ڪجن. مينهن جي موسم گذرڻ بعد پيوند لڳي ويندا، پوءِ جدا ڪري ڇانوري ۾ رکجن. ٻئي سال جي سانوڻ ۾ ڪڍي زمين ۾ رکجن. پنجن ورهين ۾ اهي ڦر جهليندا.

ٻين ميويدار وڻن وانگي، انب جي وڻ جي به آسپاس جي مٽي کوٽي، ٻن ٽن هفتن تائين پاڙن کي هوا ڏيارڻ مان فائدو رسي ٿو. نومبر مهيني ۾ ائين ڪجي ۽ ڊسمبر ۾ چڱيءَ طرح ڀاڻ ڏئي مٿانئس تازي مٽي وجهي ڇڏجي. اپريل مهيني ۾ جڏهن ڦر ڀرجڻ ۽ وڌڻ لڳي، تڏهن ٿُڙَ جي چوڌاري، ججهي پاڻيءَ ۽ پٽڙي ڀاڻ ڏيڻ ۾ گهڻو فائدو آهي. نب جو وڻ سال ۾ ٻه ڀيرا وڌي ٿو، هڪڙو فيبروري جي آخر ڌاري ۽ ٻيو جولاءِ ۾. ڪڏهن ڪڏهن ٽيون ڀيرو فيبروريءَ ۾ به واڌارو ڪندو آهي.

هندستان ۾ ٻه مکيه جايون آهن، جتي تمام عمدي قسم جا انب ٿين ٿا. هڪڙي بمبئيءَ ۾ مازاگان ۽ ٻي مالڊا. خبر ناهي ته اها خاصيت زمين جي ڪري آهي، يا آبهوا جي ڪري، يا پوکڻ ۽ پرداخت ڪرڻ جي ڪنهن خاص رستي ڪري.

انب جي ککڙيءَ ۾ پيڄيءَ جو جزو گهڻو رهي ٿو ۽ سندس کل ۽ ميوي جي ڏانڊيءَ ۾ تيل جو جزو گهڻو آهي. ٽارين ۾ جيڪي ڳاڙها جيري جي رنگ جهڙا گونچ ۽ ڪچڙا پَنَ نڪرندا آهن، تن مان معلوم ٿو ٿئي ته انب جي وڻ جي رس سلفيورڪ ائسڊ يا شوري جي جوهر سان ڀريل آهي. تنهنڪري انهن جزن جي مدد لاءِ مناسب قسم جو، ترڪيب ٿيل ڀاڻ جوڙي ڏيڻ گهرجي. چن مان گهربل ڪاربان ملندس؛ آهر يا سرنهن، ڄانڀي جي کڙ مان تيل يا شوري سان گڏيل ڪاربان جو جزو ملندس. رڳو شوري مان پوٽاش ملنديس. هيراڪس مان سلفيورڪ ائسڊ ۽ لوهه جا جزا ملندس.

هاڻي انهيءَ ضروري ڀاڻ ٺاهڻ جي ترڪيب هيءَ آهي: ڏهه سير ڇڻيل چن آڻيو، اڌ سير شورو، هڪ سير هيراڪس ۽ اڍائي سير کڙ. کڙ ڀوري ٿورو ٿورو ڪري چن سان گڏجي. شورو پوريءَ طرح ڪُٽيل سرن جي چوري جي اڍائي سيرن سان ملائي ۽ انهيءَ کي پاڻيءَ سان ڳوهجي. سڪي کان پوءِ اهو شوري سان گڏيل چورو چن سان گڏائجي. تنهن کانپوءِ ٿڌي پاڻيءَ جي هڪڙي دِلي ۾ هيراڪس ڳاري، هن ڳوهيل مال تي ڇاٽاريندو ۽ ملائيندو وڃجي ۽ پوءِ ٻن ٽن ڪلاڪن تائين انهيءَ کي ڇڏي ڏجي ۽ جي ترت گهربل نه هجي ته ڪنهن ڇانو واري هنڌ رکي ڇڏجي. پوءِ هن مان هڪڙي پتي کڻي، تازي ٻاڪري يا ريڍي ڀاڻ جي ٽن پتين سان ملائي ڪم آڻجي.

ڪمرنگا

هي هڪڙو ننڍو وڻ، ويهن فوٽن جيڏو آهي، جو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ عام آهي. پنن جي ڪري تمام خوبصورت آهي، خاص ڪري جڏهن ٻُور ڪري ٿو ۽ ننڍن گلابي رنگ جي گلن جا ڇڳا جهلي ٿو. ڊاڪٽر ”بروس“ ته لکي ٿو ته ”هن جي پنن توڙي ٽارين ۾، شرم ٻوٽڙي جهڙو اثر رهي ٿو، يعني ته اهي هٿ لائڻ سان ڪومائجي وڃن ٿا.

هن جو ميوو به تمام سهڻو ٿو ٿئي. ليمي جيڏو ٿو ٿئي ۽ ٻاهران اُٿيل ڦاڪون، يا کنڀن جهڙا پردا بيٺل ٿينس ٿا. پهرين هي سائو آهي، جڏهن تمام پچي ٿو. تڏهن عنبر جهڙو رنگ ٿو ٿئيس ۽ شيشي وانگي آرپار ڏسڻ جهڙو ٿئي ٿو. پڪي کانپوءِ بهي جهڙي خوشبوءِ ٿئيس ٿي. انهيءَ هوندي به کٽو اهڙو ٿو ٿئي، جو ڪچو کائڻ جو ناهي. رڌڻ سان به خراب ٿيو وڃي. باقي ڳر ڪڍي، انهيءَ مان مزي جهڙي جيلي يا پَتِ ٺاهي سگهجي ٿي. ميوو سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ ڌاري پچي ٿو. انهيءَ وقت کان ٿورو پوءِ وڻ ۾ وري ٻور پيدا ٿئي ٿو، جنهن مان جنوريءَ ۾ ٻيو ڀيرو ڦر لهي ٿو. اهو وڻ ٻج مان پيدا ٿئي ٿو.

هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي چيني ڪمرنگا چون ٿا. اهو هن کان ننڍو ٿو ٿئي. ٻيو به هڪڙو قسم آهي جنهن کي بِلمبي چون ٿا، جو دکن ۾ عام آهي. هن جي کل لسي ۽ چمڪندڙ ٿئي ٿي.

بعضي ڪمرنگي کي سنڌيءَ ۾ کٽونبڙو به چوندا آهن.

آمري

هن کي هندستانيءَ ۾ امِلي، فارسيءَ ۾ تمر هندي ۽ انگرزيءَ ۾ ٽامرنڊس ۽ سنڌيءَ ۾ گدامڙي چوندا آهن. هيءَ کٽاڻ لاءِ مصالح جي ڪم ۾ ايندي آهي- ڀاڄين جي باب ۾ هيءَ وڃڻ کپي،  نه ميون جي باب ۾ - پر عمدي قسم جي گدامڙيءَ جو ذڪر ڪتابن ۾، ميون واري باب ۾ داخل ٿيل آهي.

هي تمام وڏو وڻ ٿئي ٿو ۽ جتي ڪٿي ٿئي ٿو. مئي ۾ ڦر پچائي ٿو ۽ فيبروريءَ ۾ گل ڪري ٿو. ان جا ٻه ٽي قسم آهن: هڪڙو کٽو ڦر وارو، ٻيو مٺي ڦر وارو ۽ ٽيون ڳاڙهي ڦر وارو. پويون قسم سڀ کان عمدو آهي. هن جون ڦريون ٿين ٿيون. عمدي قسم جون ڦريون ته آچار ۽ مربي ۾ ڪم اينديون آهن.

وڻ ٻج مان ٿو ٿئي، پر جي باغ جي ڪم لاءِ ننڍو قد جو ڪرڻو هجي ته گوٽيءَ جي تجويز ڪجي. ڏيهي ماڻهو چوندا آهن ته جتي هي وڻ هوندو آهي، اتي آسپاس اڪثر بيماري رهندي آهي.

لوڪٽ

لوڪٽ يا لوڪئاٽ هڪڙو ننڍو، گهاٽو ۽ سهڻو وڻ آهي؛ جو اصل چين ۽ جپان جو آهي، مگر هندستان ۾ جتي ڪٿي ٿي سگهي ٿو. ميوو ننڍيءَ ناسپاتيءَ جهڙو ٿو ٿئيس ۽ ڇڳن ۾ ٿو ٿئي. هن جا به ڪي ٿورا قسم آهن، جي رنگ ۽ قد ۾ تفاوت رکن ٿا. ڪي مٺا ۽ ڪي کٽا ٿا ٿين. ڪن جا ککڙا وڏا ۽ ڪن جا ننڍا ٿا ٿين.

هي ميوو تمام لذيذ ٿو ٿئي. خشڪ موسم ۾ ٿو ٿئي، تنهنڪري انهيءَ وقت ججهو پاڻي ۽ پٽڙو ڀاڻ ڏيڻ ضروري ٿو ٿئيس. آڪٽوبر جي وچ ڌاري پاڙون اگهاڙيون ڪري هفتي کن تائين ڇڏي ڏجن، پوءِ منجهن پراڻو ۽ ڳائو ڀاڻ وجهي پوري ڇڏجن. تنهن کانپوءِ پاڻي ڏجين. لکنئو جي باغن ۾ ته هڪڙو هڪڙو لوڪٽ ٽن تولن جيڏو به ٿئي ٿو.

هي وڻ سال ۾ ٻه ڀيرا ٻور جهلي ۽ گل ڪري ٿو. هڪڙو ڀيرو آگسٽ ۾، جڏهن ڦر نه ٿو جهلي ۽ ٻيو ڀيرو نومبر جي پڇاڙيءَ ۾. گل اُڀن ڇڳن ۾ ٿين ٿا ۽ جي اڇا ۽ خوشبودار ٿا ٿين. ميوو مارچ کان اپريل يا مئي تائين لهي ٿو. هي ميوو جهڙو ڪچي کائڻ ۾ لذيذ آهي تهڙو مربي ۾.

وڻ اڪثر ٻج مان ٿين ٿا، جو تازو پوکڻ گهرجي، رکئي خراب ٿيو وڃي. عمدي قسم هٿ ڪرڻ لاءِ پيوند جو رستو بهتر آهي، جو جون ۽ جولاءِ ۾ ڪم آڻي سگهجي ٿو.

هن وڻ کي گهڻي ڇانگ جو ضرور ڪونهي. ننڍين شاخن جي سنڀال رکڻ گهرجي، جو گل اڪثر انهن جي چوٽين ۾ ٿيندا آهن.

ٻير

ٻير جو وڻ ڪنڊن وارو ٿو ٿئي. سانوڻ ۾ ٻور جهلي ٿو ۽ سياري جي شروع ۾ ڦر جهلي ٿو. ڦر تمام گهڻو ٿو ٿئيس. ٻير گول ٿا ٿين ۽ منجهن ککڙا ٿا ٿين. رنگ جا بادامي، پيلا ۽ ڳاڙها ٿا ٿين. کل چمڪندڙ ٿئين ٿي. ڦر ڏيڻ کان پوءِ وڻ کي وڍي ڇڏبو ته وري ڦٽندو ۽ پندرهن فوٽن تائين وڌي ويندو ۽ وري به گهڻو ئي ڦر جهليندو. ٻج پوکڻ سان ٿيندو آهي. گهڻن هنڌن ۾ ته جهنگلي ٻير ٿيندا آهن. هن جون ڪي خاص ذاتيون پسنديءَ جهڙيون ٿينديون آهن. ٻير مٺا ٿيندا آهن.

ٻير تازا به کائيندا آهن ۽ سڪائي به کائيندا آهن، جن کي ڪوڪلا چوندا آهن.

ٻيرن جو هڪڙو ٻيو قسم آهي، جو رڳو دوا جي ڪم ۾ ايندو آهي. انهيءَ کي عُناب چوندا آهن. ٻيا وري ننڍڙا جابلو ٻير ٿيندا آهن، جن کي ڄاڱرا ٻير چوندا آهن. انهن ۾ گهڻي ڳر ڪا نه ٿيندي آهي. انهن جو وڻ نه پر ٻُوڙو ٿيندو آهي.

سڀ کان عمدي ذات ٻيرن جي اها آهي، جنهن کي صوفي ٻير چوندا آهن. هندستاني مالهي انهن کي پيوندي ٻير يا ڪول ڦل چوندا آهن. هي به ڪنڊن وارو وڻ آهي. اصل شام ملڪ جو آهي: مگر هندستان ۾ عام آهي. سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ ڌاري هي ٻور جهلي ٿو، ساوڙا اڇا گل ڪري ٿو ۽ جنوريءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ڦر پچائي ٿو.

ميوو ننڍي صوف جهڙو ٿو ٿئي، تنهنڪري ته صوفي چونس ٿا. ڳر منجهس ججهي ٿي ٿئي، پر ڪا خوشبوءِ ڪا نه اٿس. صوفي  ٻير ٻن قسمن جا ٿا ٿين. هڪڙا گول ۽ ٻيا بيضوي – گول ڦر واري وڻ به گول ٿين ٿا پنن ۽ بيضوي ڦر واري وڻ جا پن به بيضوي آهن. ڦر ڏيڻ کانپوءِ ستت ئي وڻن جي ڇانگ ڪندا آهن. ٻانهن جهڙيون ٽاريون به وڍي وجهندا آهن. هي وڻ ٻج مان ڪين ٿيندا آهن، تنهنڪري پيوند ڪرڻ جو ضرور ٿيندو آهي. پيوند سادي ٻير جي وڻ تي ٿيندو آهي. هڪڙي انچ جيترو حلقو سادي ٻير جي ٿڙ تي ڪوري، مٿس صوفي ٻير جو پردو رکي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ اک به رهندي آهي؛ پر پهرين اهو کل جو حلقو ٿوري وقت تائين پاڻيءَ ۾ ڀڄائيندا آهن. هوا کان بچائڻ گهرجيس. پيوند ڪرڻ کان پوءِ سادي ٻير جون ٻيون سڀ ٽاريون ڇانگي ڇڏڻ گهرجن.

پٽ جا ڪينئان، جيئن توت جي پنن تي پرورش پائيندا آهن، تيئن هن وڻ تي به پالي سگهجن ٿا. ٻير جا پن مال کي گاهه وانگي به چاريندا آهن ۽ ڪاٺي ٻارڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪم اچي ٿي.

ٻير کي انگريزيءَ ۾ رائونڊ پلم (يعني گول آلو) يا جُو جُوب چون ٿا.

کيرڻي

هي هڪڙو وڏو وڻ آهي، جو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿئي ٿو. اونهاري ۾ ڦرڪندو آهي. ميوو ننڍيءَ ڊاک جيڏو ۽ جهڙو ٿو ٿئيس. چمڪندڙ ۽ پيلي رنگ جو آهي ۽ تمام مٺو ٿو ٿئي. منجهس کير جهڙي رس ٿي ٿئي، جنهن ڪري هندستاني ماڻهو هن کي کيرڻي سڏيندا آهن. وڻن جي پنن جو جهڳٽو تمام سهڻو ٿو ٿئي. هي ٻج مان پيدا ٿيندا آهن.

هن وڻ جو هڪڙو ولايتي قسم آهي، جنهن مان هن تي پيوند ڪندا آهن. انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ سپوتا يا نيز بيري سڏيندا آهن. ان جو ڦر ننڍي نارنگيءَ جيڏو ٿو ٿئي. اندر ڪارا، باداميءَ جي رنگ جا، ٻج ٿا ٿينس ۽ ڀُوري رنگ جي رس واري ڳر ٿي ٿئيس. کائڻ ۾ تمام چڱو ۽ ٿڌو ٿو ٿئي. اهو وڻ سال ۾ ٻه ڀيرا ڦر ٿو ڪري: هڪڙو ڀيرو آگسٽ ۾، ٻيو فيبروريءَ ۽ مارچ ۾، ڪي ننڍي قسم جا به ٿيندا آهن، يعني جهڙا آنا. هي ميوو ڪلڪتي جي آسپاس عام آهي.

ڪرونڊو

هي هڪڙو ننڍو وڻ آهي، جو اٽڪل ڏهن فوٽن ۽ ڪڏهن ته ويهن فوٽن تائين به ٿيندو آهي. پن ڪارا ۽ چمڪندڙ اٿس ۽ تمام گهڻا ڪنڊا ٿيندا اٿس. هي عام ۽ جتي ڪٿي آهي. فيبروريءَ ۾ ٻور جهلي ٿو ۽ آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ڦر ڪري ٿو. شڪل ۾ ننڍي صوفي ٻير جهڙو ٿو ٿئي. وڍبس يا چهڪ ڏبس ته منجهانئس چنبڙندڙ کير نڪري ٿو. منجهس ننڍڙا ٻج گهڻا ٿيندا آهن. اهو مربي ۽ آچار جي ڪم ايندو آهي، جو ڪچو، کٽو ۽ ڪسارو ٿو ٿئي. رڌي کان پوءِ نرم به ٿيندو آهي ۽ کٽاڻ به گهٽ ٿيندي اٿس. هي وڻ لوڙهن جي جاءِ تي پوکڻ ۾ ايندو آهي. وڻ ٻج مان ٿيندا آهن، جي برسات جي ڏينهن ۾ پوکبا آهن.

هن جو هڪڙو ولايتي قسم به آهي، جو اصل نٽل جو آهي. اڇا گل ڪندو آهي. ڦر ڪرونڊي جهڙو ٿيندو اٿس. جنهن جو رنگ ڳُوڙهو واڱڻائي ٿيندو آهي. ڪرونڊي تي پيوند ٿي سگهي ٿو.

ڪرونڊي کي انگريزيءَ ۾ ڪاريساڪا رانڊس چون ٿا.

ٽِپاري

هي اصل پيرو جو آهي، مگر ڪيپ ۾ توڙي هندستان ۾ عام ٿي ويو آهي. ميوو بلڪل آلو بالو يا شاهداڻي جهڙو ٿئي ٿو ۽ پنن جي جهمٽ ۾ لڪل ٿو رهي. سواد چڱو ٿو ٿئيس. مربو تمام چڱو ٿيندو اٿس. مئي يا جون مهيني ۾ ٻج پوکيندا آهن، پوءِ ٻيجاري مان چڪيون ڪڍي قطارن ۾ رکندا آهن، جي چئن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي هڻندا آهن. زمين ۾ ڀاڻ هوندو ته چڱو آهي. جڏهن اٺن انچن جا ٿين تڏهن پاڙ جي مٽي ڪڍجين. جڏهن ٻور جهلين تڏهن ٽارين جون چوٽيون پٽي ڇڏجين، جو انهيءَ ڪري ميوو زور وٺندو.

ميوو جنوريءَ ۽ فيبروريءَ ۾ پچي ٿو. هي وڻ تمام نازڪ ٿو ٿئي. گهڻي سردي نه سهي سگهندو آهي. گرم موسم ۽ گرم ملڪن ۾ چڱو ٿيندو آهي.

ڏاڙهون

هن کي فارسيءَ ۽ هندستانيءَ ۾ انار چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ پوميگرانيٽ چونس ٿا. هي هندستان جي سڀني ڀاڱن ۾ عام آهي، مگر جهڙا ڏاڙهون سال بسال پٺاڻ ڪابل مان آڻيندا آهن، اهڙا هتي ڪڏهن ڪين ٿا ٿين.

ڏيهي ڏاڙهن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا ننڍا ۽ ٻيا وڏا. هڪڙا کٽا ۽ ٻيا مٺا. پاٽنا جا ڏاڙهون وڏي قسم جا ۽ عمدا ٿيندا آهن جبلن ۾ ته جهنگلي به ٿيندا آهن. ڪابلي ڏاڙهون سملا ۾ به ٿين ٿا. سهي ڪيو اٿن ته ڪابلي ڏاڙهون جبل جي چن واري پٿر جي تهه واريءَ زمين تي ٿي سگهن ٿا.

ڪابلي ڏاڙهونءَ کان سواءِ، عربستان جي پاسي جا ڏاڙهون به چڱا ٿيندا آهن. انهن جا مشهور قسم هي آهن: پهريون، شامي ڏاڙهون، جي ٻاهران ڳاڙها ٿا ٿين ۽ تمام مٺا ٿا ٿين. مڪي ۽ مسقط ۾ ته داڻن يا ٻج کان سواءِ ٿيندا آهن. خوشبوءِ به چڱي ٿيندي اٿن ۽ قد ۾ به ننڍڙي ٻار جي مٿي جيڏا آهن.

ٻيو، ترڪي ڏاڙهون: هي وڏا ۽ اڇي رنگ جا ٿيندا آهن. ٽيون، مصري ڏاڙهون: هنن جي کل سائي ٿي ٿئي.

هي البت کٽا آهن.

بيداڻا ڏاڙهون ڪابل ۾ به ٿيندا آهن. ڪوشش ڪري هندستان ۾ به ڪن جاين تي اپايا اٿن، جي ماڻهوءَ جي مٿي جيڏا ٿين ٿا.

ڏاڙهونءَ جا گل تمام سهڻا ٿيندا آهن. رنگ جا کهنبا آهن. گل سانوڻ توڙي اونهاري ۾ ڪندا آهن. ڦر اڪثر سياري ۾ ٿيندو آهي. ڏاڙهن کي زور وٺائڻ لاءِ، سرن جو چورو يا سرخي پراڻي ۽ ڳائي ڀاڻ سان گڏائي زمين ۾ وجهندا آهن. ڏاڙهون خشڪ زمين ۾ چڱو ٿو ٿئي، مگر گهم واري هنڌ چڱو نٿو ٿئي. سال بسال ڀاڻ ڏيڻ گهرجيس. ڀاڻ ڏيڻ لاءِ ڊسمبر مهينو چڱو آهي. ڏاڙهونءَ جو وڻ اڪٿر پاڙ مان لڪڻن وانگي شاخون ڪڍندو آهي، جي صاف وڍي ڇڏڻ کپن.

هي وڻ ٻج مان، قلمن مان ۽ پيوند مان به ٿيندو آهي. اهو سڀ ڪم فيبروريءَ مهيني ۾ ڪجي. هي وڻ ٽَڪَرن تي چڱو نه ٿيندو آهي.

سادا کٽا ڏاڙهون ماڻهو سڪائي رکندا آهن، جي پوءِ مصالح ۾ ڪم آڻيندا آهن. ڏاڙهونءَ جي کَل جنهن کي ڇوڏي چوندا آهن، سا رنگ ڏيڻ جي ڪم ۾ گهڻي ڪتب ايندي آهي. هيڊ ۽ ڇوڏي گڏڻ سان سائو رنگ ٺاهيندا آهن.

زيتون

سنڌ ۾ اسين جنهن کي زيتون چئون ٿا، تنهن کي هندستاني ماڻهو جام ڦل يا پيارا يا سفري آم يا امروت چوندا آهن. انگريزيءَ ۾ گُئاوها چونس ٿا. جنهن کي فارسيءَ يا عربيءَ ۾ زيتون چون ٿا ۽ جنهن جو انگريزي نالو آلِوهه آهي، سو هڪڙو ٻئي قسم جو وڻ آهي، جو هتي نه ٿو ٿئي، اهو يورپ جي ڏکڻ ۾ ۽ ڪن ٻين ولايتن ۾ ٿئي ٿو. هن ملڪ ۾ جيڪي وڻ رکيا اٿن، سي اصل ڦر ڪين ڪندا آهن. ڪلڪتي ۽ پنجاب ۾ اهي وڻ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

هتي جو زيتون يا جام ڦل به، اصل آمريڪا مان آيل آهي، پر هاڻ ته هتي بلڪل عام ٿي ويو آهي. اهو ننڍو وڻ ٿئي ٿو، جو وڌي وڌي پندرهن فوٽن جيڏو به ٿيندو آهي. آرڙهه جي ڏينهن ۾ ٻور جهلڻ لڳي ٿو، جيسين ڪ سانوڻ ۾ ڦر جهلي ٿو، جو سياري تائين هلي ٿو. موسم جي پڇاڙيءَ وارا ميوا وڏا ۽ عمدا به  ٿين ٿا. الهه آباد ۽ ان جي آسپاس عمدي قسم جا زيتون ٿيندا آهن.

پچڻ مهل هن ميوي جا دشمن گهڻا آهن. جهڙوڪ: پکي، نوريئڙا ۽ چمڙا. بهتر آهي ته پچڻ کان ٿورو اڳڀرو پٽي، ڪپڙي ۾ ڍرا ٻڌي، رکي ڇڏجن ته ڀل اُتي پچن.

هي وڻ ٻج مان ٿيندو آهي. سانوڻ جي ڏينهن ۾، ڳر سميت ٻج جو گولو زمين ۾ پوکي ڇڏجي. چڱي قسم لاءِ پيوند ڪرڻ بهتر آهي. اوڌ به لڳيس ٿي. جهڙيءَ طرح ڏاڙهون ۽ ڊاک بيداڻي ٿيندا آهن، تهڙيءَ طرح زيتون به بيداڻي ٿي سگهن ٿا.

ڏيهي توڙي ولايتي زيتون جا گهڻا قسم ٿين ٿا. ڪي ٿورا هيٺ  ڏجن ٿا: پهريون ناسپاتي زيتون: هي وڏي ليمي جيڏو ٿئي ٿو. کل لسي ٿي ٿئيس ۽ اندران ڳر اڇي ۽ اهڙي ٿي نرم ٿئيس، جهڙو مکڻ. خوشبوءِ به گهڻي ٿي ٿئيس. ٻيو، ڪافري زيتون: هي آفريڪا مان آيل آهي. اهو مٿئين قسم کان وڏو ٿو ٿئي. شڪل بيڊولي اٿس ۽ آهي به سادو. ٽيون، صوفي زيتون: هن جو وڻ ننڍڙو ٿو ٿئي. ٻج تمام گهڻو ۽ ميوو اندران ڳاڙهو ٿو ٿئيس. هن کي ڳاڙهو زيتون به چوندا آهن. چوٿون، واڱڻائي زيتون: هن کي چيني زيتون به چوندا آهن، جو اصل انهيءَ ملڪ جو آهي. هي وڻ ڏهن کان ويهن فوٽن جيڏو ٿو ٿئي. پن ڪارا ۽ گهاٽا ٿا ٿينس. قد ۾ وڏي زردالوءَ جيڏو ٿو ٿئي. هي وڻ هندستان ۾ گهٽ آهي.

ڄمون

هن کي هندتانيءَ ۾ جامن چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ روز ائپل يا جامبوسا. هن جو درخت وڏو ٿو ٿئي، جنهن جي ڪاٺي ڏاڍي ٽاڪنئين ٿيندي آهي. ٿوري بار سان ڀڄي پوندي آهي. پن تمام سهڻا ٿيندا اٿس. هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ عام آهي. گرم موسم جي شروع ۾ ٻور جهلي ٿو، سانوڻ جي شروع ۾ ڦر جهلي ٿو. ميوي ۾ وڏو ۽ نرم ککڙو ٿو ٿئي. سواد پنهنجو اٿس. مينهن جي موسم ۾ ککڙن پوکڻ سان ٿيندو آهي. هن جا ٻه چار قسم ٿيندا آهن، جي قد ۾ تفاوت رکن ٿا. رنگ سڀني جو واڱڻائي ٿو ٿئي. قد صوفي ٻير جيڏو ٿو ٿئيس. خوشبوءِ به چڱي ٿيندي اٿس. جيڪو مشهور قسم آهي، انهيءَ کي گلاب جام يا گلابي ڄمون چوندا آهن. هن جا ولايتي قسم به آهن، جن کي هندستان ماڻهو آمرول، جمرول ۽ لال جمرول سڏيندا آهن. هڪڙو قسم ته برازيل مان اچي ٿو، جو قد ۾ بٽڻ يا تُڪمي جيڏو ٿو ٿئي. عمدا قسم پيوند ڪرڻ سان ٿيندا آهن.

پَٻُڻ

هن جو اسان مٿي ڪنهن هنڌ اشارو ڏنو آهي. هن کي هنديءَ ۾ ڪَنوَل چوندا آهن. هي هندستان ۾عام آهي؛ ڍنڍن ۽ تلائن ۾ گهڻو ٿيندو آهي. پن وڏا ۽ سهڻا ٿيندا اٿس. پاڻيءَ ۾ ول وانگي پکڙندو آهي. گل به وڏو اڇو ۽ سهڻو ٿيندو اٿس؛ منجهس چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي. گل جي ڪري هي گلن جي باغ ۾ داخل ٿيڻ گهرجي. هن جي گل کي نيلوفر چوندا آهن. هن جون پاڙون کوٽي ڪڍي، ڀاڄيءَ وانگي کائيندا آهن. انهن کي بِهَه چوندا آهن پر هتي کيس ڦر يا ميوي ڪري آندو ويو آهي. هن جون ٽڪيون ٿينديون آهن، جن کي پٻڻ جون ٽڪيون چوندا آهن؛ انهن ۾ چِڌن وانگي گول داڻا رهندا آهن، جن جي کل لاهي ڪچا به کائيندا آهن ۽ رڌي، مصالح لڳائي به کائيندا آهن. سڪائي به رکندا آهن جن کي ڏوڏا چون ٿا. انهن ڏوڏن ۾ ٻج سائي ڌاڳي جي ٽُڪر وانگي رهندو آهي، جنهن کي پِتو سڏيندا آهن. ڏوڏن ۾ باداميءَ جهڙو سواد ٿيندو آهي.

هن وڻ کي هندو ماڻهو پاڪ سمجهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن ۾ هن جو نالو مصري چؤنرو به ڪري لکيو اٿن. انگريزيءَ ۾ ان کي لوٽَس يا واٽر للِي چوندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org