سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :3

 

 

فصل پنجون

ڪونڊيون ۽ ٽيڪون

گلن جي وڻن ۽ ٻوٽن رکڻ لاءِ ٺڪر جون ڪونڊيون هاڻ عام آهن، اُهي آسانيءَ سان هٿ اچي سگهنديون. هتي جا ڪنڀر ڏيکاريل نموني تي ٺاهي سگهن ٿا. اڪثر انگشتان جي نموني تي ٿينديون آهن ۽ تري ۾ ٽنگ ٿيندو اٿن. پاڻي سمڻ لاءِ جدا جدا قد يعني ماپ تي جڙنديون آهن. بعضي سونهن لاءِ ڪاشيءَ جون به جوڙيندا آهن. انهن کي مٽيءَ سان ڀرڻ ۽ منجهس ٻج پوکڻ يا چڪيءَ رکڻ جو مختصر ذڪر اسان مٿي ڪيو آهي. هتي رڳو هيترو وڌيڪ چئون ٿا ته ڪن وڻن جي حالت ۾ گلن ڪري رهڻ کان پوءِ انهن کي هڪڙي ڪونڊيءَ مان ڪڍي ٻيءَ ۾ بدلي ڪرڻ ضرور ٿيندو آهي. هيئن ڪبو آهي ته وڻ جي ٿڙ ۾ هٿ وجهي، آهستي ڪونڊيءَ کي اونڌو ڪري ٿوري ٺوڪ ڏئي ڪونڊي ڇڏائي وٺجي، پوءِ آهستي آهستي پاسي واري مٽي لاهي ڇڏجي. اهڙيءَ طرح جيئن پاڙن ۾ مٽيءَ جو ٿورو ڳوڙهو لڳو رهي. جي مٽي گهڻي ۽ ڄميل هجي ته پاڻيءَ ۾ جهلڻ سان ڳري لهي پوندي. پوءِ وري ٻيءَ ڪونڊيءَ ۾ جهلي پاسي کان چوڌاري مٽي وجهندو وڃجيس، پوءِ دٻي ڏاڍو ڪجيس ۽ پاڻي ڏئي پاسي ڪري رکجيس. انهيءَ طرح هڪڙي ئي دفعي گهڻا وڻ ڪونڊين ۾ بدلائي رکي سگهجن ٿا. ڪونڊين مٽائڻ جو ڪم رات جو يا اونداهيءَ جاءِ ۾ ڪرڻ گهرجي. بعضي وڻ ٻوٽا، جيئن جيئن وڌندا ويندا آهن، تيئن تيئن ننڍين ڪونڊين مان ٽپائي وڏين ۾ آڻيندا آهن، جو هنن جون پاڙون وڌنديون مُچو ڪنديون وڃن ٿيون. اها خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن اڪثر وڻ جون پاڙون زور مان ڪونڊيءَ جي تري مان نڪري پونديون آهن. ڪونڊين مٽائڻ لاءِ اڪثر بهار جي موسم چڱي آهي. سياري ۾ حرڪت پهچڻ جو امڪان آهي. جي ڪنهن وڻ  جا پن سوئڻا هجن يا قلم ڪڍڻا هجن ته اهو ڪم لاهي، ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ ڪونڊي مٽائجي، جي ڪونڊيون اڳئي ڪم آيل هجن، تن کي پهرين چڱيءَ طرح ڌوئي پوءِ ٻئي وڻ جي ڪم آڻجي. هميشه تر واري ٽُنگ تي آڱرن جا ڀور رکي مٿانس ٿورو سڪو گاهه يا ڪاٻار يا واڻ رکي پوءِ مٽي وجهڻ گهرجي ته ٽنگ بند ٿي نه وڃي.

ڪٿي وري وڏن وڻن جي لاءِ ڪاٺ جا پيپ ڪم آڻيندا آهن. انهن کي ٻاهران سائو يا ٻي رنگ جو روغن ڏئي ڇڏبو آهي ته چڱا لڳندا آهن.

ڪونڊين رکڻ جي جاءِ يا باغ جي ڪنهن چمن ۾ ڪندا آهن، يا باغ ۾ رستن جي ڪنارن سان، يا شيشن جي گهرن ۽ پناهه جي مَنَهن اندر، يا گهرن ۽ بنگلن جي درين تي، درين تي اڪثر سونهن لاءِ رکبيون آهن؛ اهي اڪثر پاٽن ۾ رکبيون آهن، جيئن پيالي يا گلاس رڪابيءَ ۾ رکبو آهي. اهو به ڪاشيءَ جو ٿي سگهي ٿو. اڪثر ڪونڊين جي رکڻ لاءِ جدا جدا نمونن تي ڪاٺيءَ يا لوهه يا لوهه جي تارن جا بينچ يا تڪيا ٺاهيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاٺين جا چونڪ ٺاهي، مٿن ڪونڊي رکي، ڪنڊن ۾ رسا ٻڌي جهاڙ وانگي لڙڪائي ڇڏيندا آهن. ڪونڊين جي رکڻ لاءِ ڪن نمونن جون شڪليون اسين ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ ڏينداسون.

ڪونڊين وارن وڻن کي پاڻي ڏيڻ بابت سمجهاڻي ضروري آهي. ياد رکڻ گهرجي ته گهڻي پاڻيءَ ڏيڻ ڪري وڻن جون پاڙون سڙي وڃن ٿيون. انهيءَ طرح پاڻيءَ جي سوڪ به نقصان رسائي ٿي. ايترو پاڻي ڏيڻ گهرجي جنهن سان ڪونڊين واري مٽي آلي رهي، خشڪ ٿي نه وڃي. سڀ ڳالهه جو مالهيءَ جي سمجهه ۽ آزمودي سان تعلق آهي، ڪي وڻ وڌيڪ پاڻي گهرن ٿا، ڪي گهٽ؛ ڪي سوڪ کان جلد ڪومائجي وڃن ٿا، ڪي ڪجهه وقت تائين سوڪ ۾ به رهي سگهن ٿا. اها سڀ سمجهه باغ واري کي رکڻ گهرجي. هڪڙي ئي ڀيري گهڻي پاني ڏيڻ کان بهتر آهي ته ٿورو ٿورو پاڻي گهڻا دفعا ڏيندو وڃجي.

جي گل ناياب يا قيمتي هوندا آهن، تن کي عام پاڻيءَ جي بدران مصالحدار پاڻي ڏيندا آهن، جو ڀاڻ جو مصالح آهي ۽ ان جو اسان مٿي بيان ڏنو آهي. پاڻيءَ جا دلا ڀري انهن ۾ چُن يا هيراڪس ڀڄائي ڇڏيندا آهن، جنهن مان ٻاٽليون ڀري ڪونڊين ۾ وجهندا آهن. انهيءَ مصالح ڪري گلن جو رنگ توڙي انهن جي بوءِ گهڻي سڌري ٿي. انهيءَ مان اهو به فائدو آهي ته جي پاڻي کارو هوندو ته ان جي کاراڻ به مارجي وڃي ٿي. حڪيمن جو قول آهي ته انسان جي لاءِ سڀ کان چڱيون دوائون نباتاتي قسم جون آهن. پن، گل، پاڙون ۽ ڇوڏا _ انهن مان ڪيتريون نه دوائون موجود ٿي سگهن ٿيون. سو جي اهي ضروري مصالح پاڻيءَ يا ڀاڻ سان ڏيڻ ۾ ايندا ته انهن نباتاتي شين جو اثر زياده ٿئي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ساڳئي قسم جي ڪن دوائن ۾ اثر گهٽ آهي ۽ ڪن ۾ زياده.

ڪن وڻن کي ٽيڪن ڏيڻ جو ضرور ٿيندو آهي، جهڙوڪ: عشق پيچ ۽ ٻيون وليون. انهن ٽيڪن جا به جدا جدا نمونا ٿي سگهن ٿا. سڀ کان سولو هي آهي ته هڪڙي بانس جي لٺ يا ڇَڙَ اُڀي کوڙي، ٻي مٿانس سنئين ٻڌي ڇڏجي. يا مٿين لٺ جي ڪنڊن کان رسا  يا چيريل بانس جون ڇڙون ٻڌي، انهن جو ٻيو ڇيڙو زمين ۾ ٻڌي ڇڏجي. انهيءَ طرح ڪرڻ سان وليون انهن تي چڙهي وينديون ۽ گل ڇڳا ڪري لڙڪي بيهندا. بانس جي بدران لوهه جون لٺيون يا تارون به ڪم آڻيندا آهن. جي گلن جون وليون ڪونڊين ۾ رکبيون آهن، تن جي لاءِ چيريل بانس يا تارن جون ٽيڪون چڱن چڱن نمونن ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن. انهن جون به ڪي شڪليون ڪونڊين رکڻ جي نمونن سان گڏ ڏيون ٿا. باغ جي چمنن ۾ ته وري بانس يا ڪاٺين يا تارن جون ڪمانون ٻڌي ڇڏيندا آهن؛ خاص رستن جي مٿان يا مَٰنهنَ وٽان، جن تي گلن جون وليون چڙهي وينديون آهن ۽ ڏاڍو چرچو ڪري بيهنديون آهن. اهڙي ڇانو ڪنديون آهن، جو اهڙين جاين تي انهن جي هيٺان ويهڻ جي لاءِ ڪرسيون يا بينچ وجهي ڇڏيندا آهن ته ڀلي ماڻهو ويهي آرام ڪن.

ڪونڊين وارا وڻ جڏهن بيمار ۽ ڪومايل ڏسڻ ۾ اچن، تڏهن انهن کي چڱي ڀلي ڪرڻ لاءِ چڱو علاج اهو آهي ته مٽي لي ان تي ايترو ڪوسو پاڻي وجهجي، جو هيٺان وهي هلي. انهيءَ ڪري گهڻو ڪچرو نڪري ويندو، جيئن جلاب جي ڪري ٿيندو آهي.

 

فصل ڇهون

باغ جي ڪم جا اوزار

باغ جي ڪم ۾ جيڪي اوزار ڪم اچن ٿا، تن جي سڀ ڪنهن کي خبر آهي، تنهنڪري اسين هتي انهن جو رڳو ٿورو بيان ڏينداسين.

ڪوڏر: هي تمام ڪمائتو اوزار آهي، نظر رکجي ته ڳن ڪوڏر ۾ گوني ڪنڊ کان وڌيڪ پري لڳل نه هجي ۽ سندس منهن تيکو هجي. مڏي ڪوڏر سان جيڪو ڪم سڄي ڏينهن ۾ ٿيندو، سو تکيءَ ڪوڏر سان ٻن ڪلاڪن ۾ لهي سگهندو.

چنجور: هن جا ٻئي مُنهن چنهبيارا نه هئڻ گهرجن پر ويٺل ۽ موڪرا هئڻ گهرجن.

رنبو يا رنبي: هي اوزار باغائيءَ لاءِ تمام ضروري آهن. هن کي هندستانيءَ ۾ کُرپي چوندا آهن. هن سان زمين ولبي ۽ کوٽبي آهي، ۽ چڪيون ڪڍبيون آهن.

پاهوڙي ۽ ڏانداري: اهي به ڪچري گڏ ڪرڻ ۽ پَنَن ٺاهڻ ۽ زمين ڀڃڻ لاءِ ڪمائتا اوار آهن.

انهن کان سواءِ، ڪهاڙي، ڪارائي، گاهه يا پنن ڪترڻ جو ڪات يا ڪينچي، ڇانگ ڪرڻ يا قلمن وڍڻ جو ڪپ، پيوند ڪرڻ جو چاقو، گاهه وغيره لڻڻ لاءِ ڏانٽو، اِهي سڀ ڪمائتا اوزار آهن.

پاڻي ڏيڻ جا ٿانو: ٻيجاري جي پاڻي ڏيڻ لاءِ ننڍا ٽين جا ڪوزا، ڪونري جي شڪل جا، جن سان بتين ۾ تيل وجهندا آهن ۽ جن ۾ اڌ سير پاڻيءَ جو پوندو آهي، اهي چڱا ٿيندا. انهن جي تُن _ ۾ گلا بدانيءَ وانگي ڦُل هئڻ جو ضرور ڪونهي. مگر ڪونڊين وارن وڻن ۽ ٻين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ وڏا ٽين جا دٻا، تُنِ سان، جن ۾ پاڻي ڇا ٽارڻ لاءِ ڦل وجهندا آهن، سي ڪمائتا ٿيندا. انهن کي ڏول چوندا آهن. ڦل ۾ سوراخ سنها هئڻ کپن، نه ته پاڻيءَ جي زور ڪري نازڪ وڻن جون پاڙون نڪري زيان ٿي وينديون. ڪٿي ڪٿي پاڻي ڏيڻ لاءِ وڏيون پچڪاريون ڪم آڻيندا آهن. اهي به باغ جي ڪم لاءِ چڱا اوزار آهن.

پاڻي ڏيڻ جون ڪلون: وڏن باغن ۾ پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪلون ڪم ۾ اينديون آهن، جي پيپ وانگي ڦيٿن تي رکيل آهن ۽ منجهن پمپ لڳل آهي، جنهن جي تُنِ ۾ بعضي پاڻي ڇاٽارڻ لاءِ ڦَل به وجهي ڇڏيندا آهن. باغ ۾ جتي گهرج پوندي آهي، اتي ڦيٿن تي گهلي آڻي آسپاس کي پمپ هلائي پاڻي ڏيندا آهن. هن جو پاڻي هيٺ مٿي هيڏي هوڏي اچي سگهي ٿو. وڻن ۽ گلن جي پنن کي ڌوئي صفا ڪرڻ لاءِ به هي چڱو اپاءُ آهي. بعضي صفائيءَ لاءِ صابڻ وارو پاڻي ڪم آڻيندا آهن ۽ بعضي جيتن ۽ ڪِينئن کي مارڻ لاءِ چلم يا حقي جو پاڻي ڪم آڻيندا آهن. چڱي باغ ۾ ههڙي ڪل، جنهن کي باغ جي ڪل چوندا آهن، تمام ضروري آهي.

گاهه وڍڻ جي ڪل: گاهه جي ميدان کي لسي ڪرڻ ۽ وڌيل گاهه ڪپي ڪڍڻ لاءِ، هڪڙي ننڍي ڪل ٺهيل آهي، سا گهڻي ڪم جي آهي. ڪم لاهڻ کان پوءِ ڏهاڙي گهرجي ته انهيءَ کي آهي صاف ڪري تيل لائي رکي ڇڏجي. انهيءَ طرح گهڻن ورهين تائين به هلندي ۽ خراب به ڪين ٿيندي.

ڄاري: نون پوکيلن ٻجن يا تازن نڪتلن سلن جي بچائڻ لاءِ، سڀ ڪنهن باغ ۾ ڄاريءَ جو کپ ٿئي ٿو. پاسن کان ڪليون کوڙي، ٻجن يا سلن واري ٻاري جي مٿان تاڻي ٻڌي ڇڏجن ته پکي زيان نه ڪن. انهيءَ طرح وڻن ۾ پڪلن ميون بچائڻ جي لاءِ به اها رٿ چڱي آهي. اهڙيون پراڻيون ڄاريون مهاڻن وٽان گهڻيون ملي سگهنديون.

ڇانو جا پردا: جڏهن ننڍڙا وڻ زمين ۾ رکيا ويندا آهن، تڏهن گرميءَ جي ڏينهن م انهن کي اس کان بچائڻ ضروري ٿيندو آهي. انهيءَ بندوبست نه هئڻ ڪري گهڻائي قيمتي وڻ سڙي چٽ ٿي ويا آهن. مٿان يا سج واري پاسي کان، ڪو ڪپڙو يا ٻيو پردو اُڀو ڪري ڇڏبو ته بس آهي. ڪڏهن ته خالي ڪونڊي اونڌي ڪري وڻ جي مٿان رکي ڇڏيندا ۽ اتر واري پاسي کان ڪني جو وڏو ٽڪر ڀڃي ڇڏيندا آهن، جو دريءَ وانگي ڪم ايندو آهي ۽ جنهن مان هوا ۽ روشنائي اندر وڃي سگهي ٿي. رات جو اها ڪونڊي لاهي ڇڏجي. ٻي رٿ هيءَ آهي ته ڪنهن ڪيوڙي جي ٿڙ کي وچان چيري، ٽڪر ٽڪر ڪجي. انهيءَ مان بصر جي پردن وانگي اَڌ نليءَ جي صورت جا گهڻائي ٽڪر نڪرندا، سي تازن ڄاول سلن جي مٿان اونڌا ڪري رکجن، وڏن وڻن جي لاءِ تڏن ۽ ٽوُئن جا ڍڪ ڏجن.

مٿي ڏنلن اوزارن کان سواءِ باغ جي ڪم لاءِ ٻيون به ڪي شيون ضروري آهن، جي اسين جدا جدا جاين تي لکنداسين، مگر انهن سان هڪڙي آهي وڻن تي نشان ڪرڻ لاءِ ڄَپڙي يا چٺي. هاڻي ولايتن منجهان ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٻوٽا اچن ٿا، جن جي سڃاڻپ لاءِ نالا ياد رکڻ مشڪل آهن، تنهنڪري بهتر آهي ته اهڙن وڻن تي يا انهن جي ڪونڊين تي يا انهن جي ڀرسان زمين ۾ نشانيءَ لاءِ يا چپڙي يا چٺي، ٽڪٽ وانگي هڻي ڇڏجي، جنهن تي انهيءَ وڻ جو نالو لکي ڇڏجي. ولايت ۾ انهيءَ ڪم لاءِ جست جون چپڙيون ڪم آڻيندا آهن، جنهن تي هڪڙي قسم جي ولايتي مس سان اکر لکي ڇڏيندا آهن، جي وري ڊهندا ڪين آهن. اها مس ڀريندي ڏسڻ ۾ ڪنهين به رنگ جي ناهي، مگر جست تي لکڻ کان پوءِ نڀور ڪاري ٿيو پوي ۽ ٻن ٽن ورهين تائين جٽاءُ ڪري ٿي. اها ٻجن وڪڻندڙن جي دڪانن تان ملي سگهي ٿي. يا ته لوهه جون چپڙيون هجن؛ تن کي پهرين اڇو روغن يا رنگ ڏئي، پوءِ وري ڪاري روغن سان مٿس اکر لکي ڇڏجن. يا ته اڇي روغن سڪي وڃڻ کانپوءِ سڄي تي ڪارو روغن ڏجي. اهو اڃا سُڪي ئي ڪين ته ان تي ڪنهن قلم سان زور ڏئي اکر لکجن، جيئن اندريون رنگ نڪري ۽ اکر اڇا ٿي پون. پر انهيءَ کان به سولو رستو هي آهي ته بانس يا ديال جي پٽي کوڙي، ان تي اڇو روغن ڏئي، ان تي اَلائي منجهي پينسل سان اکر لکي ڇڏجن. جڏهن روغن سڪندو ، تڏهن اکر جلد ڊهڻ جا ناهن. انهيءَ پٽيءَ جي چهنب، جا ڪليءَ وانگي زمين ۾ هڻجي، نهن کي ڏامر لائي ڇڏجي ته اڏُوهي زبان نه ڪريس.

 

فصل ستون

باغ جا دشمن

جيت

سوٻٽ: ڪيترن ئي قسمن جا ڪينئان آهن، جي گلن توڙي ميون جي وڻن کي نقصان رسائين ٿا. ڪي ڪي ته اهڙا آهن، جو پهريائين زمين ۾ پاڙن منجهه لڪيو ويهو رهن؛ پوءِ جڏهن وڻ اڀرڻ ۽ زور ڀرڻ لڳي ٿو، تڏهن اهي ڪينئان به وڌي ظاهر ٿين ٿا. انهن کي ناس ڪرڻ جو ڪو آسان رستو سجهي نٿو. ڳولڻ سان جتي لڀن اتي ناس ڪجين. ڏئي جو ڦلو، هڪڙي چمچي جيترو پاڻيءَ جي ننڍڙي ڪوزي ۾ ملائي، جيتن کي ناس ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن. ٻيو رستو هي آهي ته هڪ گيالن پاڻيءَ جو ٽهڪائي، ان ۾ هڪڙو پائونڊ ڏيهي پيلي صابڻ جو ڳاري ڇڏجي. پوءِ باهه تان لاهي، ان ۾ پاءُ کن جيترو ڪيروسن جو تيل ملائي، چڱيءَ طرح گڏائي، ٺاري، ٻاٽليون ڀري رکي ڇڏجن. پوءِ وڻ تي جتي سنهڙا جيت ڇٽ ٻڌي ويهن اتي لائي ڇڏجي. ٻيءَ حالت ۾ اها دوا ٽيڻي پاڻي سان ملائي، ڇڊي ڪري، پچڪاريءَ سان وڻن تي وجهجي. انهيءَ مان وڻ کي ڪا به حرڪت ڪا نه ٿي پهچي. ڪيترن ئي قسمن جي ڪينئن، خاص سوٻٽن لاءِ اهو علاج تمام چڱو آهي.

”ويسٽن“ صاحب لکي ٿو ته ”جڏهن گوبيون، ڦول گوبيون ۽ ٻيون ڀاڄيون باغ ۾ پوکجن، تڏهن هيئن ڪجي جو پندرهن پندرهن فوٽن جي تفاوت تي، شيشي جون ٻاٽليون اونڌيون ڪري ڪنهن ڪاٺيءَ ۾ وجهي زمين ۾ هڻي ڇڏجن. شايد شيشي جي چمڪاٽ ڪري پوپٽ ٽهي وڃن ٿا ۽ پنن ۽ ٻوٽن ۾ اچي نه ٿا ويهن ۽ آنا لاهين، جن مان سوٻٽ ۽ ڪينئان ڦٽي نڪرن ٿا.“

ڳاڙها ڪوريئڙا: وڻن جي لاءِ هيءَ وري ٻي آفت آهي. انهيءَ لاءِ ڦلي وارو پاڻي، يا صابڻ جي گجي، يا تماڪ جو پاڻي چڱو آهي. هي ڪوريئڙا اڪثر شيشن جي گهرن يا پناهه جي مَنَهن ۾ ٿيندا آهن، خاص جڏهن هوا خشڪ رهندي آهي. تنهنڪري وڻن کي پاڻي ڏيڻ سان يا ٻيءَ طرح گم ڪرڻ سان نڪري وڃن ٿا.

ٻيا جيت: ٻيا ڪيترائي جيت باغ کي نقصان رسائڻ وارا آهن، جي ڪنهن خاص نالي هيٺ اچي نه ٿا سگهن. انهن لاءِ به اهو ڪجل جو پاڻي چڱو آهي. ڪي چن جو پاڻي به ڪم آڻيندا آهن، پر ”ووڊ“ صاحب جو چوڻ آهي ته جن وارو پاڻي وڻن جا پن ساڙي ساون مان ٻيلا ڪيو ڇڏي. هو چوي ٿو ته ان جي بدران امونيا يعني نوشادر پاڻيءَ ۾ ڳاري ڪم آڻجي. ٽهڪندي پاڻيءَ ۾ نوشآدر وجهي گهمائجي، پوءِ منجهس ٿڌو پاڻي گڏيندو وڃجي، جيسين سڀ ڳري وڃي. اهو دوا جو پاڻي کلي هوا ۾ ٺاهڻ گهرجي، جيئن ان جي ٻاڦ منهن ۾ نه اچي ۽ اهڙي هنڌ ٺاهجي جو اِها باڦ هوا سان وڻن تي پکڙي وڃي. اها ٻاڦ توڙي اهو پاڻي جيتن کي نقصان ڪري ٿو، ليڪن وڻن کي پاڻ فائدو پهچائي ٿو، جهڙو ڪڙهن جي ڀاڻ مان پهچي ٿو.

ماڪوڙيون يا ڪيوليون: ڪاريون ۽ ڳاڙهيون ماڪوڙيون به وڻن کي نقصان رسائينديون آهن. پهرين ته سنهون سنهون ٻج، پوکڻ کان پوءِ ستت ئي کنيو وڃن. انهيءَ سوارن قيمتي گلن جا ٻج، ٺڪر جي ٽين ۾ پوکيندا آهن، جي وري پاڻيءَ ۾ رکي ڇڏيندا آهن ته ماڪوڙيون انهن تائين نه وڃي سگهن. انهيءَ آزار لاهڻ لاءِ هيئن ڪجي جو ڪنهن ننڍيءَ رڪابيءَ ۾ مٺو تيل وجهي پاسي ۾ رکي ڇڏجي، جنهن جي مٺاڻ تي وڃي گڏ ٿينديون ۽ سلن ۽ پاڙن ۽ ٻجن جي پچر ڇڏي ڏينديون.

ويسٽن“ صاحب چوي ٿو ته ”ناريل ٻه اڌ ڪري، پوکيلن ٻجن وٽ رکي ڇڏجي. جڏهن اهي اَڌَ ماڪوڙين سان ڀرجن، تڏهن کڻي وڃي گرم پاڻيءَ ۾ وجهجن. رات جو اهي ناريل سنڀالي رکجن، وري ٻئي ڏينهن مٿينءَ ريت ڪم آڻجن ٻن ٽن ڏينهن ۾ جند ڇٽي پوندي. جي ڪن ڏينهن کان پوءِ وري پيدا ٿين، ته وري به ائين ڪجي. ماڪوڙين جي مٿان ٽهڪندو پاڻي وجهبو ته به مري وينديون.“

اُڏيهي: اُڏيهي باغن ۾ ريج وارن هنڌن تي ساون وڻن جي پاڙن کي ڪڏهن نه لڳندي. جي لڳي ته ڄاڻبو ته پهرين وڻ جون پاڙون سڪيون، پوءِ اڏيهي لڳين. ساون وڻن کي اتي لڳندي، جتي زمين خشڪ هوندي. اُڏيهي کي ناس ڪرڻ جو علاج ٻيو ڪونهي، سواءِ مارڻ جي. مگر انهن جي ٽارڻ لاءِ ڏامر جو مَکُ ڪم آڻيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن نم جا ساوا پن زمين ۾ وڻن جي پاڙن منجهه پوري ڇڏيندا آهن.

تڏ: وڏي تِڏ موچاري ننڍي مڪڙ جيڏي ٿيندي آهي. اُها وڻ جي پاڙ ۾ زمين منجهه ٽنگ ڪري رهندي آهي، رات جو ٻاهر نڪري آواز ڪندي آهي ۽ سلا زيان ڪندي آهي؛ انهيءَ کي مارڻ جو رستو اهو آهي ته سندس ٽُنگ سهي ڪري منجهس پاڻي وجهبو ته نڪري ايندي. پوءِ وٺي ماري ڇڏجيس.

ڪينئَان: هنن مان گهڻا ته رڳو ٽنڊڻن جا نوان ڦٽل ٻچا آهن. هو اڪثر ڪونڊين وارن وڻن جي پاڙن کي نقصان پهچائيندا آهن. گهڻو ڪري هي ڀاڻ ۾ گڏجي ايندا آهن، تنهنڪري بهتر آهي ته ڪم آڻڻ کان اڳي پاڻ چڪاسي ڏجي. ڪي وري ڪونڊين جي تر واري سوراخ مان لنگهي ايندا آهن، جنهن ڪري برسات جي ڏينهن ۾ لاچار ڪونڊين کي ٻن پاسيرين سرن تي مٿي ڪري رکڻو ٿيندو آهي. هنن لاءِ به چُنَ جو پاڻي ۽ نوشادر جو پاڻي چڱو علاج آهي.

ڳاڙهيون ٽنڊڻيون: هي اڪثر گدرن، هنداڻن ۽ ونگن جي سلن کي نقصان رسائينديون آهن، جو انهن جا تازا ساوا پن کائي وينديون آهن، جنهنڪر اهي وليون وڌڻ کان بيهي وينديون آهن. انهيءَ لاءِ شايد بهتر علاج اهو آهي ته ڪنهن کوکي جو مٿيون ۽ هيٺيون تختو ڪڍي انهن ولين جي مٿان رکجي، پوءِ ان جي مٿان ڪو ڄاريءَ جو ٽڪر وجهي ٻڌي ڇڏجي. جڏهن وليون وڏيرڙيون ٿينديون آهن تڏهن ٽنڊڻيون انهن کي ڪين چونديون آهن.

ڏيڏريون: هنن ساهه وارن جو ته مفت نالو بد ٿيو آهي. باغ ۾ جيئن هي وڌيڪ ٿينديون آهن، تيئن زياده فائدو رسندو آهي، جو هو ڪينئان ۽ جيت کائي ڇڏينديون آهن. فرانس ۽ آمريڪا ۾ ته هو انهيءَ ڪم لاءِ چڱي ملهه وڪامنديون آهن. اسان جي صلاح آهي ته سڀ ڪنهن باغ ۾، خاص ڍڪيلن مَنَهن ۾،  هي هٿن سان وٺي ڇڏڻ گهرجن.

پکي

ڪانگ: هي به سلن جا دشمن ٿيندا آهن، خاص ڪونڊين ۾، جي پاڙون نه پٽيندا ته به ٺونگا هڻي ضرور هنن جي خراب ڪندا. هنن جي آزار لاهڻ جو سولو رستو اهو آهي ته هڪڙو ڪانگ ماري ڏينهن ٻن تائين اتي لڙڪائي ڇڏجي. يا ته ننڍڙن وڻن جي مٿان ڄاري وجهي ڇڏجي، جنهن مان اندر نه اچي سگهن.

جهرڪيون: جهرڪيون به ڪانگن وانگي سلن جون دشمن آهن. گلن ۽ ڀاڄين جي سلن کي هنن مان گهڻي حرڪت رسندي آهي. ڄاري کان سواءِ هنن جي لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي.

مِٺوُ يا چتون: هي وري پچندڙن ميون جا دشمن آهن. ٿي سگهي ته وڻ تي ڄاري وجهي ڇڏجي.

پکين کي جهار وانگي نوڙن جي ٺڪاءَ سان، ۽ گليلن ۽ کانباڻين سان به هڪلي ڇڏيندا آهن.

جانور

گدڙ: هي رات جو پڪلن ميون کي نقصان پهچائيندا آهن. ولين ۾ پڪل ڦر کائي ويندا آهن. هنن لاءِ به ڄار چڱو. ڪٿي ڪٿي گدڙن کي ڊيڄارڻ لاءِ ماڻهوءَ جي شڪل ٺاهي ڪپڙا وجهي ڇڏيندا اٿس. ڪٿي وري دلي يا لوٽي کي سيڙهي لائي ڪنهن ڪاٺيءَ ۾ ابتو ڪري وجهي ڇڏيندا آهن. ڪٿي ڪٿي هنن کي زهر به ڏيندا آهن.

ڪوئا: باغ ۾ جتي ڪوئن ٻرڪيا اتي ڪا به آبادي نه ٿي سگهندي، جيسين ڪ اهي ڀڄي نه ويندا. هنن کي ٽارڻ لاءِ اٽو ڳوهي سنکئي جو ٻورو ملائي، ننڍيون ڳوڙهيون ڪري، سانجهيءَ جي مهل، هنن جي ٻرن جي منهن تي رکي ڇڏجن. صبح تائين سڀ ڪوئا گم ٿي ويندا.

ويسٽن صاحب جي رٿ آهي ته ”ڪوئن جي ٻرن ۾ ڌَنوڻيءَ سان گندرف ساڙجي ته ان جي دونهين کان هو ناس ٿي ويندا.

نوريئڙا: هي اڪثر ميون سان هانڃا ڪندا آهن. هنن کي هڪل کان سواءِ اسان کي ٻيو رستو ڪو نه ٿو سجهي.

سها: ڪٿي ڪٿي سها آزار مچائي ڏيندا آهن. انهن کي روڪڻ لاءِ تار جي ڄاريءَ جي ننڍي ڀت لوڙهي وانگي ڏئي ڇڏجي.

ڄاها: جن هنڌن ۾ ڄاها گهڻا ٿيندا آهن، اتي هو گهڻو نقصان رسائيندا آهن. اڪثر کڏون کڻي هنن کي ڦاسائي ناس ڪندا آهن.

ٻڪريون: سڀ ڍور باغ جي وڻن کي نقصان رسائي سگهن ٿا، مگر سڀني کان وڌيڪ ٻڪريون حرڪت ٿيون ڪن. چون ٿا ته وڻن جي لاءِ هنن جي چڪ ۾ اهڙو ڪو زهر جو اثر آهي، جو جيڪو وڻ هڪ دفعي چري ويون، سو وري ڪين ٿيندو، ضرور وڍڻو ٿيندو. گلاب ڏي خاص هنن جو ميل گهڻو ٿيندو آهي.

چور

باغ ۾ باغائيءَ کانسواءِ ٻين نوڪرن کي گهڻو وڃڻ نه ڏجي، جو هو اڪثر ڪو ميوو يا ڪا ڀاڄي ضرور چورائيندا. وڏن شهرن جي باغن مان ته قيمتي چڪيون ۽ ڪونڊيون کڄي وينديون آهن. جڏهن اهڙي چوري ٿئي، تڏهن پڪ سمجهجي ته مالهيءَ جو ضرور منجهس هٿ آهي. پر اهڙين چورين لاءِ چوري ڪندڙن جو ايترو ڏوهه ناهي جيترو اهڙين چڪين جي خريد ڪندڙن جو، جن کي سمجهڻ گهرجي ته اهي عام ماڻهن وٽ اچي ڪين سگهنديون.

ڪک ۽ گاهه

باغ ۾ اجائي گاهه ۽ ڪک هئڻ ڪري به ڪچرو ٿيو پوي، جنهنڪري وڻن کي گهڻي شڪست اچي ٿي. گهرجي ته اهي سڀ پاڙون پٽي اڇلائي ڇڏجن يا رنبيءَ سان ڪڍي وٺجن. باغ جي خوبي آهي صفائيءَ ۾، تنهنجي تمام گهڻي نظر رکڻ کپي. ڊڀ گاهه سڀني کان وڌيڪ آزار آهي. ڪوشش ڪري ان جي پاڙن جون سڀ ڳنڍيون ڪڍي ڇڏجن، نه ته جتي ڪا ڳنڍ رهي اتان نئون ٻوڙو نڪرندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org