باب ڇهون
فصل پهريون
گلن جو باغ
اوائِل جو بيان
گلن جي باغ ۾ اسين اهي وڻ ۽ ٻوٽا ڏينداسين، جن جا گل باغ ۾ رکڻ
جهڙا آهن. انهن مان شايد ڪي اهڙا به هوندا، جي
ميوي ڪرڻ ڪري ميون جي باغ ۾ آيا هوندا يا ڀاڄين
وانگي کاڄڻ ڪري ڀاڄين جي باغ ۾ آيا هوندا. مگر
اهڙا ڪي ٿورا هوندا.
جيتوڻيڪ ڀاڄين ۽ ميون جا ڪيترائي قسم هن ملڪ ۾ پوکڻ ۾ اچن ٿا،
تڏهن به جيڪي ولايتي گل هن ملڪ ۾ پوکڻ ۾ اچن ٿا،
سي بيشمار آهن. اسين ڪوشش ڪري اهڙن ڪن مکيه گلن جو
مختصر بيان ڏينداسين. اسان کي لاچار ٿيندو ته اهڙن
گلن جا نالا، سڃاڻپ لاءِ انگريزيءَ ۾ ڏيون، جو
جيڪي ماڻهو اهي گل پوکڻ وارا آهن، سي آسانيءَ سان
سڃاڻي سگهندا. جيڪي ڏيهي گل آهن، تن جا نالا به
ڏيهي ٻوليءَ ۾ ڏينداسين.
گل يا گلن جا ٻوٽا، پهرين ٽن قسمن ۾ ورهائبا آهن: هڪڙا يڪ _
سالا، جي پوکڻ کانپوءِ، هڪڙي ئي سال جي اندر گلن
ڪرڻ کانپوءِ اصلي سَڙي وڃن ٿا ۽ ٻئي سال ۾ وري بيا
نوان پوکڻا ٿيندا آهن. ٻيا دو _ سالا، هي پوکڻ
کانپوءِ، پهرئين سال ۾ ٿڙ تائين سڪي سڙي ويندا
آهن، پر ٻئي سال بهار جي ڏينهن ۾، وري نئون ٿڙ ڪڍي
گل ڪندا آهن، پوءِ اصل سڙي ناس ٿي ويندا آهن. ٽيان
مُدامي يا هر _ سالا، جن جا ٿڙ سياري ۾ ڪڏهن سڙي
وڃن ٿا ۽ ڪڏهن نٿا سڙن؛ پر انهن جون پاڙون گهڻن
ورهين تائين جٽاءُ ڪن ٿيون، تنهنڪري اهي هر سال
تازا ٿي گل جهلين ٿا. پر ڪڏهن مدامي گل ڪن سببن
ڪري، هڪڙي ٻن ورهين ۾ سڙي ويندا آهن ۽ ڪڏهن دو _
سالا گل ڪن سببن ڪري ٿورو وڌيڪ به رهي سگهن ٿا.
تنهنکانسواءِ دو سالا گلن جا وڻ گهڻا نه آهن،
تنهنڪري اسين گلن جي وڻن يا ٻوٽن جا مکيه ٻه قسم
هئڻ ڪري، انهن جو بيان ڏينداسين- هڪڙا يڪ _ سالا،
۽ ٻيا مدامي.
وري يڪ _ سالا ٻوٽا ٻن قسمن جا ٿا ٿين: هڪڙا سادا يا سخت ۽ ٻيا
نازڪ يا نرم. ڪي ته وري سادن جا به ٻه ڀاڱا ڪندا
آهن- سخت ۽ اڌ سخت، ۽ نازڪن جا به ٻه ڀاڱا ڪندا
آهن: نازڪ ۽ تمام نازڪ. پر اسين اهو تفاوت ڪو نه
رکنداسين.
سادي يا سخت قسم جا يڪ – سالا ٻوٽا کليل ٻارن ۾، يا ٻَنَنَ تي
يا ڪونڊين ۾ بيهي گل ڪري سگهندا آهن، ٻي ڪا مصنوعي
گرمي يا پناهه جي پرداخت ڪا نه گهرندا آهن. مگر جي
نازڪ ۽ نرم قسم جا آهن، سي کليل هوا ۾ به ٿيندا
سهي، پر شيشن جي گهرن يا چونڪن ۾ وڌيڪ رونق ڪندا
آهن ۽ اصلي خاصيت ڏيکاريندا آهن. انهن کي هٿرادو
گرميءَ ڏيڻ جو ضرور ٿيندو آهي.
مدامي يا هر – سالا ٻوٽا ٽن قسمن جا آهن: هڪڙا اهي جن جون پاڙون
تندن ۽ تارن واريون آهن، ٻيا اهي جن جون پاڙون
ڳنڍين واريون آهن ۽ ٽيان اهي جن جون پاڙون نلين
واريون آهن.
سچ آهي ته يڪ – سالا گل جٽاءُ ڪو نه ٿا ڪن. ته به جيڪي ڏينهن
کُلي بيهن ٿا، تن ۾ سندن رنگ ۽ روپ ڏسي ڏاڍي خوشي
ٿي حاصل ٿئي. انهيءَ ڪري باغن ۾ انهن جو پوکڻ
ضروري آهي، جيڪي ولايتي گل آهن، تن جو ٻج به ولايت
کان ايندو آهي. رڳو پوکڻ جي سنڀال رکجي.
فصل ٻيو
يڪ- سالن گلن جي ٻج پوکڻ جو وقت ۽ رستو
گهڻو ڪري جيڪي يڪ _ سالا گلن جا ٻوٽا آهن، تن جي ٻج پوکڻ جو وقت
برسات جي موسم گذرڻ کانپوءِ آهي، يعني آڪٽوبر
مهيني جي وچ ڌاري. مٿين پرڳڻن ۾ ته گرميءَ جي موسم
گذري يا ڍري ٿئي ته هڪدم پوکڻ گهرجن، انهيءَ لاءِ
ته سياري کان اڳي سلا وڌي وٺن، جو سرديءَ ۾ هو
وڌندا ڪين آهن، پر بيهيو رهن. جي ٻج دير ڪري سياري
گذرڻ بعد پوکبو، ته گلن ڪرڻ کان اڳ ئي شروع واريءَ
ڪري گرميءَ جي چماٽ کان ٻوٽا سڙي ويندا.
هڪڙا يڪ – سالا ٻوٽا ته ساري سياري ۾ پيا وڌن ۽ ان جي پڇاڙيءَ ۾
گل ٿا ڪن. اهڙن قسمن جو ٻج جيڪڏهن اڳڀرو نه پوکبو،
ته پڪ آهي ته هو گلن ڪرڻ کان اڳي سڙي ويندا. ٻيا
ڪي وري اهڙا قسم آهن، جي تمام ٿوري عرصي ۾ گل ڪن
ٿا. اهڙن قسمن جو ٿورو ٻج هميشه نومبر ۾ پوکڻ لاءِ
رکي ڇڏجي.
ٽَڪرن تي، يا جبلن تي جيڪي شهر ۽ مڪان آهن، انهن ۾ هنن گلن جو
ٻج مارچ جي شروع ۾ پوکجي، جو انهن جي گلن ڪرڻ جو
وقت آهي. سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾. پر ڪي اهڙا قسم به
آهن، جي گهڻو وقت وڌڻ ۾ ٿا وٺن، تنهنڪري اڳڀرو
پوکڻ گهرجن.
ٻج پوکڻ جو چڱو ۽ ڪفايتي رستو اهو آهي، ته ڪونڊين ۾ پوکجي؛
ڇالاءِ جو انهيءَ ڪري ٻج جي نقصان ٿيڻ جو ڊپ گهٽ
آهي ۽ ڪيِلينُ جي حرڪت کان به بچي ٿو. ضروري آهي
ته مٽي نرم ۽ ڇُڙيل هئڻ گهرجي، جيئن سلن جي نازڪ ۽
ڌاڳن جهڙين پاڙن کي گهڻو زور لڳائڻو نه پوي. ڀاڻُ
هيٺينءَ ترڪيب وارو سڀ کان چڱو آهي: پنن جو ڀاڻ اٺ
حصا، عام رواجي ڀاڻ اٺ حصا ۽ واري هڪ حصو.
جڏهن ٻج پوکي بس ڪجي، تڏهن مٿانئس رڳو ٿوري مٽي ٻُرڪي، هٿ سان
يا ڪونڊيءَ جي ترسان دٻي ڇڏجي. شروع کان تمام
ضروري آهي ته ڏينهن جو، سلن کي ڏاڍي اُس نه ڏجي،
باقي جيتري هوا ۽ روشنائي ڏئي سگهجي اوتري ڏجي ۽
رات جو، جيڪڏهن ٻي ڪا حرڪت نه ٿئي ته سلن جون
ڪونڊيون کليل هوا ۾ رکجن ته ڀلي ماڪ کائن.
يڪ – سالن گلن جي اوڀڙن پيدا ڪرڻ جو سولو رستو هي آهي: باغ ۾
ڪو زمين جو مناسب ۽ ننڍو ٽڪر هٿ ڪري، تنهن کي
چڱيءَ طرح کوٽجي ۽ ولَجي ۽ منجهس نباتاتي ڀاڻ
وجهي زمين کي تمام هلڪو ۽ مٺو ڪجي. تنهن کانپوءِ
انهيءَ زمين کي ٻارن ۾ ورهائجي ۽ هڪ هڪ ٻاري ۾ جدا
جدا قسم جو ٻج پوکجي ۽ انهيءَ جي سڃاڻپ لاءِ ڪاغذ
جي چٽڪيءَ تي نالو لکي، ڪنهن ڪاٺيءَ ۾ هڻي کوڙي
ڇڏجي. اڃا به بهتر رستو اهو آهي، ته انهيءَ زمين
تي اڌ اڌ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي، ناڙيءَ وانگي ڪسيون
ڪڍي وڃجن. انهن ۾ جدا جدا قسم جو ٻج پوکجي. انهيءَ
ڪري سلن جون چڪيون ڪڍڻ به سوليون ٿيون ٿين. ٻارن ۾
ڇٽيل ٻج وارن سلن ڪڍڻ ۾ اها سولائي ناهي، جيڪا به
رٿ پسند ڪجي، تنهن ۾ ڏينهن جو سج جي تابش کان
بچائڻ لاءِ، انهيءَ سڄي زمين جي ٽڪر تي، ڪو پناهه
جهڙو اجهو يا ڍڪ ڏيڻ گهرجي. جي رات جو هوا خراب
هجي، ته زمين کان ٽي فوٽ مٿس بانس جون لڪڙيون
کوڙي، انهن تي ڪو ڪپڙو يا ڪا ٻي اهڙي شيءِ ٻڌي
ڇڏجي، پوکڻ کان اٽڪل چوويهه ڪلاڪ اڳي زمين کي
چڱيءَ طرح رجائڻ يا ڀِڄائڻ گهرجي، جيئن پوکڻ مهل
اها گپ جهڙي نه هجي، مگر آلي ۽ نرم هجي.
هن رستي ۾ رڳو عيب اهو آهي، ته ٻج جو گهڻو ڀاڱو ڳاڙهيون
ماڪوڙيون زمين مان کڻي وينديون آهن. پر جي ٻج گهڻو
هوندو ته گهڻي حرڪت ڪانهي. ايترو ضرور رهندو جنهن
مان گهڻا ئي سلا نڪري پوندا. ڪونڊين کان زمين مان
سلا وڌيڪ زور سان نڪرن ٿا، تنهنڪري زمين ۾ ٻج پوکڻ
بهتر چئبو.
يڪ – سالن گلن لاءِ بهتر آهي ته هڪڙين ڪونڊين مان ٽپائي ٻين
ڪونڊين ۾ يا ٻين جاين تي رکجين. مگر ائين ڪرڻ ۾ جن
ٻوٽن لاءِ خشڪ زمين ضروري ٿيندي آهي، تن کي نقصان
پهچڻ جو امڪان آهي.
پاڪسٽن صاحب يڪ – سالن گلن جي ٻج پوکڻ لاءِ هيٺين فهمائش ٿو
ڏئي: ”زمين کي هٿ سان ڀوري نرم ۽ سنئون ڪجي. آڱر
سان هڪڙو گهيرو ڪڍجي، جو ڇهه انچ ويڪرو هجي ۽ هڪ
انچ کن اونهون هجي. ان ۾ ٻج وجهي مٿانئس آهستي آلي
مٽي وجهي ڇڏجي. انهن جي مٿان هڪڙي ڪونڊي اُبتي ڪري
ڍڪ وانگي رکي ڇڏجي. جڏهن سلا ڄمن، تڏهن انهيءَ
ڪونڊيءَ کي هڪڙي پاسي کان ٻه ٽي انچ مٿي ڪري،
ڪاٺيءَ جي ٽيڪ ڏئي بيهاري ڇڏجي، جيسين سلا هوا سهڻ
جهڙا ٿين. پوءِ ڪونڊي لاهي پاسي ڪري ڇڏجي.“
جيڪي گل ڪنارن کان پوکڻا هجن، انهن جو ٻج انهيءَ خشڪ مٽيءَ ۾ نه
هڻجي، پر ان سان پنن جو ٿورو ڀاڻ يا پراڻو سڙيل ۽
ڳائو ڀاڻ گڏي، پوءِ ٻج پوکجي. انهن کي ڏهاڙي پاڻي
ڏيڻ ضروري آهي پر پاڻيءَ ۾ ٻوڙي نه ڇڏجين. جي
ڪنارا سنوان هوندا ته حرڪت ڪا نه ٿيندي. پاڻي ڇڏجي
ته هڪ دفعو گهمي لنگهي وڃي، جنهنڪري اها زمين آلي
ٿي پوي. صبح جي وقت ائين ڪرڻ بهتر آهي. سانجهي جو
ڪبو ته شايد رات جي ٿڌ ٻوٽن کي نقصان پهچائيندي.
فصل ٽيون
يڪ – سالن گلن جو بيان
هاڻي اسين يڪ – سالن گلن جي ٻوٽن ۽ اوڀڙن جو مختصر بيان
ڏينداسين. اسان مٿي به چيو آهي ته گهڻو ڪري هي گل
ولايتي آهن، هنن جو ٻج ولايت مان گهرائي پوکيندا
آهن؛ تنهنڪري لاچار انهن جا نالا به انگريزي ڏيڻا
ٿيندا، جي باغ رکندڙن يا گلن پوکيندڙن کي سڃاڻپ
لاءِ ڪافي ٿيندا.
ولايتي گاهه
ڪيترن قسمن جا ولايتي گاهه ٿيندا آهن، جن جا ڊگها پن اهڙا سهڻا
ٿيندا آهن، جو عمدين ڪونڊين ۾ رکي اندر ميزن تي يا
ٻين هنڌن تي رکندا آهن. اهڙا مشهور ٻه قسم آهن:
هڪڙو برائزا يا لڏندڙ گاهه ۽ ٻيو سٽائپا يا کنڀن
وارو گاهه، پهرين ٿورڙيءَ هير لڳڻ ڪري لڏندو آهي ۽
ٻيو رنگن واري پکيءَ جي پڇ جي ڪلنگين جهڙو ٿيندو
آهي. ٻئي نازڪ ۽ سنهڙا ٿيندا آهن. ٻئي آڪٽوبر ۾
پوکبا آهن، مگر ٽَڪرن تي مارچ ۾.
بنفشه
هي مدامي گل جو ٻوٽو آهي، مگر ولايتي قسم جو چڱو نه ٿيندو آهي.
بهتر آهي ته انهيءَ جو هر سال نئون ٻج پوکجي.
بُوءِ وارو بنفشو هن ملڪ ۾ ٿيندو آهي، خاص ڪري دکن
۾. اهو ٻج مان ٿيندو آهي، جو سياري جي موسم ۾
پوکيندا آهن. ولايتي بنفشو، جنهن کي ٽه-رنگو بنفشو
چوندا آهن، تنهن جو ٻج سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ پوکبو
آهي. جڏهن ٻوڙو ڇهه پن ڪڍي، تڏهن سلن جون چڪيون
ڪڍي يا پاڙن سوڌا سلا ڪڍي، ننڍين ڪونڊين ۾ گڏي يا
ڌار ڌار ڪري رکجن. هن گل جي ٻوڙي کي ڇانو وڻندي
آهي. پاڻي ججهو هجيس ۽ زمين يا مٽي پراڻي ۽ ڳائي
ڀاڻ سان ڀريل هئڻ کپي، جنهن ۾ ٿوري درياهه جي واري
به مليل هجي. جڏهن هي ٻوٽو يڪي ڏانڍي ڪڍي فوٽ ڏيڍ
جيڏو ٿئي؛ تڏهن چپٽيءَ سان چهنبڙي نپوڙي ڇڏجيس، ته
هيٺان پاسن کان ٽارڙيون ڪڍي ۽ گيل ڪري. هن کي
انگريزيءَ ۾ وهايو ليٽ يا پانسي يا هارٽس-ايز
(يعني دل جو آرام يا دلارام) چوندا آهن.
مِنونيٽ
مگنونيٽ، جنهن کي هندستاني مالهي منونيٽ ڪري سڏيندا آهن، سو
هڪڙو خوشبودار اوڀڙ آهي. هن جو ٻج آڪٽوبر ۾ پوکبو
آهي. ٻج اصلي انهيءَ زمين ۾ پوکجي جتي ٻوٽو
بيهارڻو هجي، جو چڪي ڪڍڻ يا ٽپائڻ مان هن کي نقصان
رسندو آهي. ڪهڙيءَ به زمين يا مٽيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو.
بعضي باغن ۾ پنهنجي ڇاڻيل ٻج مان ٻئي سال پاڻهئي
نڪرندو آهي. هي گلن جا وڏا جُهمٽ ڪندو آهي. هي
گهڻن ئي قسمن جو ٿيندو آهي. ڪن جا گل اڇا ٿيندا
آهن ۽ ڪن جا ڳُوڙها ڳاڙها. جي ڀانئجي ته هن ٻوڙي
کي وڏيرڙو وڻ ڪجي ته ڪچيءَ کان رڳو وچ وارو ٿڙ
سنڀاليندو اچجيس ۽ ٻيون پاسي واريون ٽاريون وڍيندو
وڃجيس. جيسين وچين ڪاٺي مضبوط نه ٿئيس، تيسين ٻور
ڪرڻ ۽ گل جهلڻ نه ڏجيس.
منونيٽ لاءِ وارياسي مٽي يا زمين چڱي آهي، مگر ڀاڻ وارو پاڻي
هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو ڏيندو وڃجيس. انگلينڊ ۾ ته هن کي
ٻن سالن ۾ وڌائي، ٽي فوٽ ڊگهو ۽ ٻه ٽي فوٽ ويڪرو
به ڪندا آهن. هتي شايد رڳو ٽَڪرن تي اهڙو ٿي
سگهندو.
دُوپهري
هي هندستان جو ڏيهي گل آهي. سارين جي پوکن ۾ به ڄمندو آهي، مگر
آهي باغ ۾ رکڻ جو لائق. هن جي ٿڙ واري ڏانڊي کڙي
تڙي ٿي ٿئي ۽ ٻه فوٽ وڏي ٿيندي آهي. تمام سهڻا
ڳوڙها ڳاڙها گل ڪندو آهي. اڇن گلن جو به هڪڙو قسم
ٿيندو آهي. ٻج جولاءِ ۾ پوکڻ گهرجي. سيپٽمبر ۽
آڪٽوبر ۾ هي گل جهلي ٿو. اُتر هندستان ۾ ٻج مارچ ۾
پوکي سگهجي ٿو ۽ اهو اونهاري ۾ گل ڪندو. انگريزيءَ
۾ پينٽاپٽيز چونس ٿا ۽ هندستانيءَ ۾ دوپهريا.
دوپهري شايد انهيءَ ڪري چونس ٿا، جو گل ٻن پهرن جو کلن ٿا، يا
ته ٻه پهر جٽاءُ ڪن ٿا.
گل خيرو
پارسيءَ ۾ خيري، ۽ انگريزيءَ ۾ هالي هاڪ چون ٿا. جيتوڻيڪ هي
مدامي وڻ آهي تڏهن به يڪ – سالو چڱو ٿيندو آهي. ٻج
آڪٽوبر ۾ کليل زمين ۾ پوکڻ گهرجي. هن کي ڪونڊين ۾
پوکڻ ۽ وري ٽپائڻ مان حرڪت پهچنديس. زمين ڀلي هئڻ
گهرجي. ٽَڪرن تي هي وڻ چڱا رنگ ٿو ڏيکاري. ڪنارن
سان پوکڻ ۾ به چڱي سونهن ڪندو آهي. پوکڻ کان اڳي
زمين کي ٻن فوٽن جي اونهائيءَ تائين ولڻ گهرجي ۽
ان ۾ ججهو ڀاڻ گڏڻ گهرجي. هن جا ويهارو کن قسم
ٿيندا، هنن جا ٻج ولايت مان اچن ٿا. ڪي ڳاڙها، ڪي
کهنبا، ڪي ڦِڪا، ڪي ڳُوڙها، ڪي پِيلا، ڪي گلابي
وغيره.
نافرمان
هن کي انگريزيءَ ۾ لاڪسپَر چوندا آهن. هي تمام مشهور يڪ – سالو
گل آهي. ٻج اصل زمين ۾ پوکجي، جيئن ٽپائڻو نه پوي.
هي سياري جي موسم ۾ نڪرندو آهي، تنهنڪري نومبر کان
اڳي پوکڻ اجايو آهي. بعضي ڇڻيل ٻج مان ساڳيءَ جاءِ
تي، ٻئي سال نومبر ۽ ڊسمبر ڌاري ڪيترائي سلا
پاڻهئي نڪري پوندا آهن. ٽَڪرن تي هي گل چڱو ٿيندو
آهي. گل نيلا يا آسماني رنگ جا ٿيندا اٿس. زمين
چڱي هئڻ کپي ۽ پاڻي ايترو ڏجي جيئن زمين آلي رهي.
هن جا ٻه ٽي قسم آهن. هڪڙا يڪي ڏانڊيءَ يا ٿُڙ
وارا، ٻيا ٽاريون ڪڍندڙ.
پُست
هن کي انگريزيءَ ۾ پاپِي چون ٿا. هن جا گهڻا ئي قسم آهن، جي قد
۽ رنگ ۾ تفاوت رکن ٿا. ٻج آڪٽوبر ۾ پوکڻ گهرجي ۽
کليل ٻارن ۾. زمين هلڪي ۽ ڀلي هئڻ کپي. هن کي هڪڙي
هنڌان ٻئي هنڌ ٽپائڻ نه گهرجي. ولايت مان آيل ٻج
اڪثر ڪين ڦٽندو آهي،تنهنڪري بهتر آهي ته سال بسال
پنهنجو ٻج ڪڍي رکجي.
هن جو هڪڙو قسم اهو آهي، جنهن کي آفيمي پست چئي سگهجي ٿو، جو ان
جي ڪُپڙين مان چهڪ ڏئي آفيم ڪڍندا آهن. ان جا اڇا
۽ وڏا گل ٿيندا آهن. ٻيو قسم رواجي يا بُستاني
آهي، جو رڳو باغن ۾ سونهن لاءِ پوکيندا آهن. اهو
لالا جي گل جهڙا گل ڪندو آهي ۽ ڪُپڙيون به ٿينديون
اٿس. ڪي ماڻهو انهيءَ کي لالا به سڏيندا آهن. ٽيون
قسم هڪڙو ڪنڊن وارو آهي، جنهن کي خاردار پست چون
ٿا. هندستاني مالهي انهيءَ کي پِيلو ڌاتورو به
چوندا آهن. هن جا ولايتي قسم، جي اصل فرانس ۽
ڪيليفورنيا مان ايندا آهن، تن کي نالو به انهن
ملڪن جو مليل آهي.
سِڻي ۽ ابلسي
هي عام اوڀڙ آهي جو هتي اڪثر باغن ۾ نه پوکيندا آهن، پر ٻنين ۾
پاسن کان پوکيندا آهن. مگر هن جا گل تمام سهڻا
۽خوشبودار ٿيندا آهن، تنهنڪري هن جو نالو هتي آندو
ويو آهي. هن جي ٿڙ وارين ڏانڊين جي کلن مان تارون
۽ تندون نڪرنديون آهن، جن مان رسا جوڙيندا آهن.
ولايتي سڻيءَ مان ڪپڙو به ٺاهيندا آهن. فارسيءَ ۾
ان کي ڪَتان چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ فلاڪس. پيلن
گلن واريءَ سڻيءَ جو نالو آهي ڪروٽليريا ۽ راٽل و
رٽ. سيپٽمبر ۽ نومبر جي وچ ۾ سڻي پوکي سگهجي ٿي.
سڻيءَ جو هڪڙو قسم آهي، جو وڏا کليل ۽ چمڪندڙ قرمزي رنگ جا گل
ڪندو آهي. انهيءَ کي لال سڻيءَ به چوندا آهن. ٻج
گهڻو پيدا ڪندي آهي، جو ٻئي سال لاءِ رکي ڇڏڻ
گهرجي. آڪٽوبر ۾ پوکڻ گهرجي ۽ ننڍا ٻوڙا سنڀال سان
ٽپائي ٻئي هنڌ رکڻ گهرجن. ڀاڻ ڏنل زمين تي ڪنارن
سان چڱا ٿيندا آهن.
ايلسي جنهن مان تيل ڪڍندا آهن، تنهن کي هن ذات جي اوڀڙن ۾ داخل
ڪيو اٿن. انهيءَ مان به ولايت ۾ تندون ڪڍندا آهن،
جن مان ڪپڙو اُڄندو آهي. ايلسيءَ کي انگريزيءَ ۾
لنِسِيڊ ۽ ڪپڙي کي لنن چوندا آهن. هن جا گل نيلي
رنگ جا ۽ ٽَلِيءَ جي شڪل جا ٿيندا آهن.
سڃاتو به سڻيءَ جي ذات مان آهي.
گل مِهندي (ميدو)
هي گل، جنهن کي هندستانيءَ ۾ گل مهندي ۽ سنڌيءَ ۾ ميَدو چوندا
آهن، سو اصل هندستان جو آهي. انگريزيءَ ۾ بالسم
چوندا اٿس. فارسيءَ ۾ بلسان لکندا اٿس.
هن گل جا جنهن باغ ۾ بارا ٿيندا آهن، اتي سندن ڇڻيل ٻج مان ٻئي
سال پاڻهئي ٻيا گل نڪرندا آهن پر اُهي، ڪهڄر ڪري
وجهن ٿا، تنهنڪري پٽي اڇلائي ڇڏجن. ولايتي جيڪو ٻج
ايندو آهي، سو قسمين قسمين رنگن جا يڪا توڙي ٻٽا
ڀريل گل ڪندو آهي. جهڙوڪ: اڇا، ڳاڙها، گلابي،
کهنبا، واڱڻائي وغيره. يڪ – سالن گلن مان هنن جهڙو
خوبصورت ٻيو ڪو ٿورو هوندو.
ٻج سيپٽمبر ڌاري ڪونڊين ۾ پوکجي. سانوڻيءَ کان پوءِ اهي ڪڍي ڀلي
زمين ۾ ڪنارن سان پوکجي پر اتر هندستان وارن هنڌن
۾ بهتر آهي ته هي ٻج جون ۾ پوکجي، يعني سانوڻيءَ
جي شروع ۾، چڪين ٽپائڻ مهل ڏانڊي پنن تائين زمين ۾
گهيڙي ڇڏڻ کپي. هن گل کي هلڪي ڀاڻ ڏنل زمين ۽ گهڻو
پاڻي وڻندو آهي.
ٽَڪرن ۾ هي گل جهنگلي ٿيندو آهي.
گُلنار
هي گل اگرچ مدامي آهي، مگر اڪثر يڪ – سالو چڱو ٿيندو آهي،
تنهنڪري هن فصل ۾ آندو اٿئون. هن کي انگريزيءَ ۾
پِنُڪ يا ڪارنيشن چوندا آهن. هن جا گهڻائي قسم
آهن. هن جو مشهور قسم چيني آهي، جو تمام سهڻو
ٿيندو آهي. هي جهمٽن ۾ ٿيندوآهي ۽ بيشمار رنگ
ڪڍندو آهي. گل ڪن ته ٻج ڪرڻ نه ڏجين، وڍي ڇڏجين ته
وري ٻيا گل ڪڍن. هي آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.
ٻيو به هن جو هڪڙو قسم آهي جنهن کي پئڪوٽي چون ٿا، سو به تمام
چڱو آهي. مٿئين قسم کان سواءِ ٻيا سڀ ڪونڊين ۾
پوکبا آهن ۽ وري پوءِ ٻين ڪونڊين ۾ ٽپائبا آهن ۽
اهي مدامي ٻوٽا شمار به ٿيل آهن. پوکبا اهي به
آڪٽوبر ۾ آهن، ٽپائبا مارچ ۾ آهن. ٽپائي زمين ۾ به
رکندا آهن. واري ۽ پراڻو ڳائو ڀاڻ هنن لاءِ چڱو
آهي. هي اوڌن هڻڻ سان به ٿيندا آهن ۽ ٻج مان به.
ڪا وڏي ٿڙ واري ڏانڊي، ورائي ڪونڊيءَ ۾ ٽنبي ڇڏبي
ته ستت ئي پاڙون ڪڍندي. هنن جا قلم به لڳي سگهن
ٿا. هي سڀ ذاتيون سخت قسم جون آهن، نازڪ ناهن.
سردي ۽ گرمي سهي وينديون آهن. هن گل جا قسم شمار
ڪيا ويا آهن، ته پنجاهن کان به وڌيڪ آهن. گلنار کي
گل _ انار يعني ڏاڙهونءَ جو گل نه سمجهڻ گهرجي.
سوئِيٽ وليم، ڪاچ فلاءِ، روز اف هيوَن انهيءَ جا
ڪي مشهور انگريزي قسم آهن.
گل مخمل (تڪمون)
هن کي گل تڪمون به چون ٿا ۽ انگريزيءَ ۾ آمرنٿ يا گلوب آمرنٿ
چوندا آهن. هي تمام عمدو ۽ يڪ – سالو گل آهي.
سانوڻيءَ جي سڄيءَ موسم ۾ تڪمن وانگي گول گل جهلي
ٿو، جي واڱڻائي، نارنگيءَ ۽ اڇي رنگ جا ٿين ٿا. ٻج
جون ۾ پوکبو آهي. ڪن گلن ۾ وري ڳاڙها ڳاڙها داغ
ٿيندا آهن. ڪن جا گل قرمزيءَ ڏانڊين ۾ پڇ وانگي
لڙڪي بيهندا آهن. هڪڙو قسم ته ٽي فوٽ وڏو ٿيندو
آهي، يعني ڪلنگيءَ وانگي. پن چمڪندڙ ۽ ڳوڙها ڳاڙها
ٿيندا اٿس.
تاج خروس
هي گل به مخمل جو هڪڙو قسم آهي. انگريزيءَ ۾ هن کي سيلوشيا ۽
ڪاڪس ڪومب (ڪڪڙ جي چوٽي)، ۽ فارسيءَ ۾ تاج خروس
(يعني ڪڪڙ جي چوٽي) ۽ هندستانييءَ ۾ گل مرغا يا گل
ڪيش چوندا آهن. نالي مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته شڪل
ڪهڙي اٿس ۽ آهي ڳاڙهي مخمل جهڙو. هن جا به گهڻا ئي
قسم آهن. ٻج جولاءِ ۾ پوکبو آهي ۽ ڊسمبر ۾ گل ڏاڍو
چهچٽو لڳائي بيهندا آهن. هن لاءِ زمين ڀلي گهرجي.
جيڪي ڪونڊين ۾ رکيل هجن، تن کي وري وري ٽپائي ٻين
۾ رکجي.
هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي دکنيءَ يا مرهٽيءَ ۾ ڪُردُو چون
ٿا. اُهو جهنگلي ٿيندو آهي. غريب ماڻهو انهيءَ کي
سائي ساڳ وانگي کائيندا آهن.
ليُو پِن
هيءُ هڪڙي يڪ – سالي ولايتي ذات آهي، جنهن جا تمام گهڻا قسم
آهن. انهن ۾ عيب اهو آهي ته تمام جلد ٻج ڪيو وجهن.
هنن جو ٻج آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي. هي زمين ۾ رکجن، جو
ٽپائڻ نه سهندا آهن.
اڇي، گلابي ۽ پيلي رنگ جي گلن وارا ليوپن مشهور آهن. پوکڻ کان
اڳي هنن جو ٻج پاڻيءَ ۾ وجهجي. جيڪي ٻج جا داڻا
تري بيهن، سي نڪما سمجهي اڇلائي ڇڏجن، باقي ٻيا
پوکجن. ٽي ٽي ٻج گڏي، اٺن اٺن انچن تي پوکي وڃجن.
هنن کي گهڻو پاڻي نه گهرجي. ٻج جون ڦريون ٻئي سال
لاءِ رکي ڇڏجن. ولايت مان آيل ٻج اڪثر ڪين ڦٽندو
آهي.
گل طوطو
هي گل اصل آسٽريليا کان آيل آهي. هي ننڍو ٻوٽو ٿو ٿئي. ڦِڪا
ساوا پن ٿا ٿينس. گل سهڻا کهنبا، ڪارا ۽ ڪڏهن اڇا
ڪري ٿو، جي شڪل ۾ چتونءَ يا طوطي جي چهنب جهڙا
آهن. هي تمام نازڪ ٿو ٿئي. هندستان ۾ گهڻو ٿو ٿئي.
هن کي انگريزيءَ ۾ ڪليانٿس چون ٿا. آڪٽوبر ۽ نومبر
۾ پوکبو آهي. کليل ڪنارن سان پوکي سگهجي ٿو. هن کي
ٽپائڻ مان حرڪت پهچندي آهي. جي ڪونڊين ۾ پوکجي ته
ٽي ٻج هڪ ڪونڊيءَ ۾ وجهجن. پاڻي خبرداريءَ سان ڏيڻ
گهرجي.
پيٽيوُنيا
هي هڪڙو سهڻو ولايتي گل آهي، جو ڪيترن رنگن جو ٿيندو آهي.
گلابي، قرمزي، واڱڻائي ۽ اڇو. ڪن ۾ وري ٽٻڪا، ڪن
۾ ليڪا، ڪي ڪناريدار. استاد باغائي، هڪٻئي سان هنن
کي گڏي، منجهانئن جدا جدا رنگن جا گڊا گل ڪڍندا
آهن. هي گل اصل مدامي آهي، مگر هن ملڪ ۾ رڳو يڪ –
سالو ٿي سگهي ٿو. جتي ٿيندو آهي، اتي سندس ڇڻيل ٻج
مان ٻئي سال ججها ئي سلا نڪري پوندا آهن، جي
جنوريءَ ڌاري گل ڪن ٿا. پر بهتر آهي ته ولايت کان
آيل ٻج سال ۾ نئون پوکجي. آڪٽوبر مهيني ۾ پاٽين ۾
پوکجي. جڏهن ٻن ٽن انچن جيڏا ٿين تڏهن ٽپائي ٻئي
هنڌ رکجين. اهي اپريل ڌاري گل ڪندا. زمين ڀلي
گهرجي. |