فصل ڇهون
گلن جي وڻن، ٻوڙن ۽ ٻوٽن جي جدا جدا ڀاڱن ۽ قسمن موجب نالن جون ياداشتون
مٿي ٽن فصلن ۾ اسان گلن جو ناليوار بيان ڏنو آهي. هاڻي اسين جدا
جدا ڀاڱن ۽ قسمن موجب هڪ جهڙن گلن جي ياداشت گڏي
ڏيون ٿا، انهيءَ لاءِ ته باغ رکڻ يا گلن پوکڻ واري
کي چونڊ ڪرڻ جي سهولت ٿئي، اسين انگريزي ۽ ڏيهي
نالا ٻئي گڏي ڏينداسين. انهن جو بيان ڪتاب جي
پڇاڙيءَ واري مضمونن جي فهرست مان صفحي ڏسڻ سان
ملي سگهندو.
هي مدامي گل ڪونڊين ۾ وجهي، گهرن جي ورانڊن ۾ سينگار لاءِ رکڻ
جا لائق آهن:
جهومڪا، بيگونيا، گل دائودي، يوفاربيا (هزار دانه)،
فرن، جيرينيم، جاٽر وفا (مغلي هيرڻ)، ياسمين
(چنبيلي)، آرڪڊ، ننڍڙيون کجيون، گلاب ۽ وهريينا.
هي مدامي گل پاڙ جي ڳنڍين يا نلين وارا آهن ۽ جي ڪونڊين ۾ رکي
سگهجن ٿا:
بيگونيا، ڪرائينم (سک درسن)، ڪروڪس (زعفران)، ڊهليا،
سنبل، زنبق، فتنو، سوسن، نرگس ۽ آگزالس.
هي مدامي گل ولين وانگي چڙهندا آهن، يا ٽيڪن کي وڪڙ ڏئي جهلي
بيهندا آهن ۽ ڪونڊين ۾ به رکڻ جا لائق آهن:
چيڻوٺي، بائگونيا، گلوريوسا (بڇ ناگ)، عشق پيچ ۽
ياسمين.
هي وڻ ۽ ٻوٽا خوشبودار پنن وارا آهن:
دالچيني، نازبو، تلسي، بابونو، ولايتي ميندي ۽ هرمرو.
هي وڻ ۽ ٻوٽا خوشبودار گلن وارا آهن:
گلاب، چمبيلي، جاءِ، موتيو، موگرو، ٽانگر، گونٽو، دائودي،
ولايتي ٻٻر، سرنهن، چمپا، هار چمپا، قرنو، ميندي،
مولسري، ڪڙي نم، زنگي گل، هار سينگار، گل چين يا
سون چمپا، ڪيتڪي يا ڪيوڙو ۽ شبو.
هي وڻ ۽ ٻوٽا سهڻن پنن وارا آهن:
آسپريگس (پاراگراس)، کجيون، گل مور، سرنهن، املتاس،
قرنو، گدامڙي، بيل ڦل، سوپاري، بيگونيا، نارنگي،
سرو، ڄمون، چيني ميندي، نم، گل چين يا سون چمپا،
بائگونيا، عقيق، ڪرائينم (سک درسن)، ڊهليا،
جيرينيم، گلوريوسا (بڇ ناگ)، روپ مجنون، عجائب،
نيلوفر (پٻڻ)، ڪيتڪي (ڪيوڙو)، يڪا (ڪنوار ٻوٽي)،
سنڍ، چيڻوٺي ۽ عشق پيچ.
7 گلن جا جيڪي قسم مٿي ڏنا ويا آهن، سي اڪثر هيٺين
ڀاڱن ۾ ورهايل آهن. انهن جو اشارو گلن جي باغ ۾
ڏنو ويو آهي. هتي اهي ڀاڱا سولائيءَ سان شجري جي
صورت ۾ ڏجن ٿا:
فگر
فصل ستون
سايه دار وڻ
سايه دار وڻن مان اسان جو مطلب اهي وڻ آهن، جي ڇانَو ڪن ٿا ۽ جن
جي ڇانوَ ڪم اچي سگهي ٿي. هونئن ته سڀ ڪنهن ننڍڙي
وڻ جي به ٿئي ٿي، پر اها ڪمائتي نه چئبي. تنهنڪري
سچا پچا سايه دار وڻ، اهي وڏا وڻ يا درخت آهن، جي
ڇانو لاءِ باغن ۾ يا گهرن ۾ يا سڙڪن تي پوکڻ ۾
ايندا آهن.
سايه دار وڻن مان ڪي ته اهڙا به آهن، جي ميويدار به ٿين ٿا،
جهڙو انب، ٻير وغيره. ڪي وري اهڙا به آهن جي سهڻا
گل جهلين ٿا، جهڙوڪ گل مور، سرنهن، وغيره. ڪي ته
رڳو ڇانو جي لاءِ پوکجن ٿا، جهڙوڪ پپر، بڙ وغيره
تنهنڪري سايه دار وڻن کي، ميوي جي باغ يا گلن جي
باغ ۾ به جاءِ ملي سگهي ٿي. انهن ساڳين وڻن جي
ڇانو باغ جي لاءِ به ڪمائتي ٿي سگهي ٿي، جهڙيءَ
طرح نازڪ ٻوٽن کي اس کان بچائڻ ۽ ڪونڊين جي رکڻ
لاءِ، باغ جي ڍورن بيهارڻ ۽ ڪاٺين وڍڻ لاءِ ڇانو
جو هئڻ ضروري آهي.
گهرن ۾ ۽ سڙڪن تي ته سايه دار وڻ وڌيڪ ڪمائتا ٿي سگهن ٿا، جو
ماڻهو آسائش وٺن ٿا، جيئن گهرن ۾ گهر جا ڀاتي ۽
سڙڪن تي واٽهڙو. تنهنکانسواءِ وڻن جي هئڻ ڪري گهر،
ڳوٺ، شهر ۽ توڙي سڙڪون سهڻيون ٿيون لڳن ۽ چڱو
نماءُ ٿيون ڪن. پر جي وري اهڙن هنڌن تي سايه دار
وڻ، ميويدار ۽ گلن وارا وڻ به آهن، ته ميون کائڻ
جو فائدو، خوشبوءِ سنگهڻ جي فرحت ۽ رنگ ڏسڻ جي
راحت، انهن ساڳين ماڻهن کي حاصل ٿي سگهي ٿي. يا ته
جن کي انهن مان پيسو ڪمائڻو آهي، ته اهو به فائدو
نڪري سگهي ٿو.
باغن ۾ سايه دار وڻن جي رکڻ جاءِ ۽ تجويز بابت، هتي وڌيڪ لکڻ جو
ضرور ڪونهي، ڇالاءِ ته وڻن رکڻ بابت عام سمجهاڻي
مٿي ڏني وئي آهي ۽ اها انهن وڻن سان به لاڳو ٿي
سگهي ٿي. اهڙن سايه دار وڻن جي لاءِ چڱي جاءِ باغن
۾ آهي، جتي پاڻيءَ جي لاءِ کوهه آهن، نار وهائڻ
لاءِ ۽ ڏاندن بيهارڻ لاءِ مَنهَه ٺهن ٿا، يا ته
جتي باغ جا باغائي يا مالهي ۽ ٻيا نوڪر رهن ٿا،
يا ته باغ جي حد يا ڪناري سان قطار ڪري پوکڻ
گهرجن.
ٻنيون جن ۾ اَنُ يا ٻي پوک ڪرڻ ۾ ايندي آهي، تن ۾ به سايه دار
وڻ رکي سگهجن ٿا. اهي چئن ئي ڪنارن سان قطار ڪري
پوکي وڃجن. يا ته ڪسيءَ جي وٽ سان هڻجن. گهڻا
ماڻهو ٻنين ۾ وڻن پوکڻ تي اعتراض ڪندا آهن. هڪڙو
ته انهيءَ ڪري جو وڻن جي پاسي وارو ڀاڱو، ڇانوري
جي ڪري اهڙو چڱو نه ٿيندو آهي، جهڙو کليل وچ وارو
ڀاڱو، جتي اس توڙي هوا برابر اچي ٿي. ٻيو ته
انهيءَ ڪري جو وڻن ۾ جهار گڏ ٿي، لڪي ويهي ٿي، وقت
بوقت پوک کي نقصان پهچائي ٿي. پر انهيءَ هوندي به
پاسن وارن وڻن جي هئڻ ڪري گهڻا ئي فائدا آهن. خاص
ڪري اهي وڻ جيڪڏهن قيمتي آهن، جهڙوڪ ٽاليون، نمون
يا کجيون، ته انهن جو ڦر ٻنيءَ جي پيدائش ۾ اضافو
ڪري ٿو.
سڙڪن يا منزل گاهن ۾، وڻن رکڻ جو بهتر رستو اهو آهي ته جتي سال
بسال واهن جو پاڻي ملي سگهي ٿو ۽ موڪ سان اچي سگهي
ٿو، اتي ڪنارن سان وچولي اونهائيءَ جون چريون
کڻائي، انهن جي پاسن کان وڻن جي قطار رکي وڃجي ۽
پنجويهن يا ٽيهن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي هرهڪ وڻ رکجي.
پوءِ وقت بوقت چرين ۾ پاڻي وهائي ڇڏجي. جڏهن واهن
مان پاڻي سڪي وڃي، تڏهن ساندارن سان يا دِلن سان
پاڻي ڏجي. جي اهڙو بندوبست نه ٿي سگهي ته به حرڪت
ڪانهي. جيڪڏهن سانوڻيءَ ۾ پاڻي مَئُو مليل هوندن ۽
ٻي سنڀال به پوري ٿيل هوندين، ته جيسين وري پاڻيءَ
جا ڏينهن اچن، تيسين سڙندا ڪين. انهيءَ وچ ۾ رڳو
هي ضعيف ٿي ويندا، پر پاڻيءَ اچڻ کانپوءِ وري ساهه
پٽيندا ۽ زور وٺندا. اهڙيءَ طرح نيٺ وڏا ٿي ويندا،
پوءِ پاڻيءَ جي گهڻي پرواهه نه رهندين، پر جتي
واهن مان موڪ لڳڻ يا ملڻ جو امڪان نه هجي، يا
بندوبست ٿي نه سگهي، اتي ضرور ڪن کوهين جي تجويز
ڪرڻ کپي. يا ته ڪو ويجهو کوهه هجي، انهيءَ مان
پخالن يا ساندارن يا ڪنواٺيءَ جي اُلن سان وڻن کي
پاڻي ڏجي. پر اهڙيءَ حالت ۾ ٻارهن ئي مهينا پاڻي
ڏيڻو پوندو، جيسين وڃي وڻ پاڻ جهلي وڏا ٿين.
رستي جي وڻن لاءِ، چيلهه جيڏيون يا انهيءَ کان ٿورو ننڍيون
چڪيون ملي سگهن، ته بهتر آهي. اهي آڻي هڻجن.
اهڙيون چڪيون هاڻي اڪثر لوڪل فنڊ باغن مان ملي
سگهن ٿيون، جتي انهيءَ ڪم لاءِ ٻجن يا ڏندڻن هڻڻ
لاءِ، ٻيجارو موجود ڪري رکن ٿا. پر جتي اهڙيون
چڪيون، سرڪاري خواهه خانگي باغن مان نه ملي سگهن،
اتي لاچار رستن تي پنهنجو ٻج به پوکڻ گهرجي. چرين
۾ هيٺانهينءَ وارين جاين تي، جتي سانوڻيءَ ۾ برسات
جي پاڻيءَ جي بيهڻ جو امڪان هجي، اتي فوٽ ٻن جي
پنڌ تي، ٻج جون چونگيون چونگيون هڻي وڃجن. پوءِ
اهو ٻج ڀلي چيچڪا يا نموريون يا ڪو ٻيو هجي.
پاڻيءَ ملڻ جي ڪري اهي ضرور ڦٽنديون ۽ وڌنديون.
انهن کي پاڻي ڏيڻ جو ضرور ڪو نه ٿيندو. سانوڻيءَ
وارو پاڻي انهن لاءِ بس آهي، جيسين وري پاڻيءَ جا
ڏينهن اچن. انهن جي رڳي سنڀال رکڻي آهي ته ڍور نه
ڀيليِن يا ڪو ٻيو نقصان نه رسين. تنهن جي لاءِ
انهن کي مضبوط لوڙها ڏئي ڇڏجن. پوءِ جيئن وڏا
ٿيندا ويندا، تيئن خبر پوندي ويندي ته گهڻا سڪن ٿا
۽ گهڻا بچن ٿا. يقين آهي ته ايترن پوکيل وڻن مان،
ڪي ضرور بچندا ۽ وڏا ٿيندا. پوءِ جي گهڻو گهاٽ نه
وڻندڙ هجي ته مضبوط وڻ ڇڏي ضعيف وڍي ڇڏجن. اهڙيءَ
طرح پوکڻ لاءِ ٻٻر تمام چڱا وڻ آهن. هو سرديءَ
گرميءَ جا توڙي خراب ۽ چڱيءَ زمين جا ڏاڍا ٿين ٿا.
کجيون ۽ نمون به انهيءَ ريت پيدا ٿي سگهن ٿيون.
بعضي ته رستن جي پاسن کان، ڪيترائي جهنگلي وڻ
پاڻهئي پيدا ٿي، ڇانو ڪيو بيٺا آهن. پر جي انهن جي
پوري سنڀال ڪبي ته اهي به ڪمائتا ٿي سگهن ٿا. اهڙا
وڻ ڪنڊيون، لَوا ۽ ٻيريون وغيره آهن. انهن کي
موافق ڇانگ ڪري، سنوت وٺائي، هميشھ نظرداري ڪندو
رهبو، ته هٿ سان پوکيلن ٻين سايه دار وڻن کان گهٽ
نه ٿيندا.
وڻن کي لوڙهن ڏيڻ لاءِ، ڪنهن خاص فهمائش جو ضرور ڪو نه ٿو ڏسجي.
جهنگ ۾ ڪنڊيون، ليون، ٻٻرن ۽ ٻيرين جا ڍنگهر گهڻا
ئي پيل هٿ اچي سگهن ٿا. اهي کڻي وڻ کي چئن پنجن
فوٽن تائين چوڌاري مضبوط لوڙهو ڏئي ڇڏجي. انهيءَ
ڪري اٺ جهڙو وڏو جانور به، ويجهو وڃي زيان ڪري نه
سگهندو. يا ته ڪاٺيءَ جا ڏَڪ کوڙي، انهن کي وري
پاسيريون ڪاٺيون ٻڌي، پڃري وانگي ٺاهي، انهيءَ کي
لئيءَ جا ٽارا يا ٻيو جهنگ هڻي ڇڏجي. انهيءَ ريت
ننڍن ۽ نازڪ وڻن کي سيءَ کان به بچائي سگهبو. وڌيڪ
نازڪ يا قيمتي وڻن جي ڍڪ لاءِ ٽُوئا چڱا آهن، جي
سياري کان پوءِ لاهي ڦٽا ڪجن. جنهن رستي جي ٽُڪر ۾
چونگيون لڳل هجن، يا چونگين مان نڪتل ننڍا وڻ هجن،
انهن جي ٻنهي پاسي پنجن اٺن فوٽن تائين ڊگهو ۽ يڪو
لوڙهو ڏئي ڇڏجي. انهيءَ ۾ جي رستي جو ڪجهه ڀاڱو في
الحال اندر اچي ويو ته حرڪت ڪانهي. جڏهن وڻ پاڻ
جهلي وڏا ٿين، تڏهن لوڙهو ڪڍي زمين صفا ڪري ڇڏجي.
وري جنهن ٻئي ٽڪر ۾ چونگيون هڻجن انهن کي به اهڙو
ساڳيو لوڙهو ڏجي.
سڙڪن تي ڪهڙا وڻ ڪهڙي هنڌ رکجن، انهيءَ جو تعلق زمين جي حالت تي
آهي. ڪي وڻ مِٺيءَ زمين کان سواءِ ڪين ٿيندا. ڪي
وري ڪلراٺي زمين ۾ به ٿي ويندا. ڪن کي گهڻو پاڻي
گهرجي. ڪي خشڪ جاين تي به ٿي ويندا. پر سڙڪن تي،
جتي خشڪيءَ يا ڪلر سبب سادي قسم جا وڻ رکجن ۽ جتي
واهَه يا ڪڙيا رستن مان لنگهن، اتي انهن جي مٿان
ٺهيل پلين جي چئني ڪنڊن کان، چڱا سايه دار بلڪ
ميويدار وڻ هڻجن. جيڪڏهن ٿي سگهي ته ڪڙئي، يھ واهه
جي ويجهو، جيتري پنڌ تي پاڻيءَ جي وهڻ يا سيڪ اچڻ
جو امڪان هجي، اوتري ۾ چڱا وڻ رکي وڃجن. مثلاً جي
سڙڪ تي لوا، ٻٻر ۽ ٻٻريون رکيون ويون هجن، ته واهن
جي پلين وٽ بڙ يا سرنهن يا پپر يا ڪچاتون يا انب
رکجن. جتي زمين مِٺي هجي، اتي رڳو سايه دار وڻن جي
بدران ميويدار وڻ رکي وڃجن. جيڪڏهن اتي انب ٿي
سگهن ته تمام چڱو. ڪيتريون ئي سڙڪون ڏٺيون ويون
آهن، جن تي ڪنارن کان انبن جا وڻ رکايا ويا آهن،
جي سارو سال ڇانو به ڪن ٿا ۽ موسم ۾ انبن جي وڪري
مان، موچاري باغ کان به وڌيڪ اُپت ڪن ٿا. ڳوٺن ۽
شهرن کي ويجهو، سڙڪن جي ڪنارن کان وڏن وڻن جي وچ
وارن ٽڪرن ۾، زنگي گل وارا يا اهڙا ٻيا وچولي قد
جو گلن وارا وڻ رکي وڃبا ته ڏاڍو زيب ڏيندا. جي
اڇو ۽ ڳاڙهو زنگي گل جو وڻ هڪٻئي پٺيان لڳي ويندو
۽ پاڻي ملي ويندن ته نهايت چڱو چرچو ڪندا.
جيڪي وڻ سايه دار ليکجڻ ۾ اچن ٿا ۽ جي باغن ۾ توڙي رستن تي ڏسڻ
۾ اچن ٿا، سي هي آهن: ٻٻر، ٻير، نم، سرنهن، بڙ،
پپر، ڪنڊو، سرنهن يا لئو، گدامڙي، ٽالهي يا سنجهي،
گيدوڙي، ليسوڙي، ليار، ڪچاتون يا ولايتي ڪپهه،
انب، کجي، بهڻ، نوسرو ۽ گل مور.
وڻن جي سنڀال ۽ ٻي پرداخت ڪرڻ، انهن کي پاڻي ڏيڻ، انهن کي ڀاڻ
ڏيڻ، انهن جي ڇانگ ڪرڻ، انهن سڀني ڳالهين بابت
اسان هن ڪتاب جي پهرئين باب ۾ بيان ڏنو آهي، سو
پڙهندرن کي سنڀالي پڙهڻ گهرجي. اهو هنِن وڻن سان
به لاڳو ٿي سگهي ٿو. انهيءَ کانسواءِ اسين ڪتاب جي
پڇاڙيءَ ۾، سرڪاري عملدارن جا جاري ڪيل حڪم ۽
سرڪيولر ڏيون ٿا، جن ۾ هن ساڳئي مضمون بابت
سمجهاڻيون ڏنل آهن. اهي گهڻيون ڪمائتيون ڏسڻ ۾
اينديون، خاص ڪري روينيو عملدارن کي، جن جي سنڀال
هيٺ لوڪل فنڊ، ميونسپل باغ ۽ نرسريون رهن ٿيون ۽
جن کي رستن جي وڻن جو بندوبست رکڻو ٿو پوي.
”سِنڪلئر“ صاحب، جو شڪارپور ضلعي ۾ ڪليڪٽر هوندو هو، تنهن سن
1884ع ۾ وڻن پوکڻ جي نسبت ۾، هڪڙو ننڍو ڪتاب لکي
ڇاپايو هو، انهيءَ مان ضروري ڀاڱا چونڊي ترجمو
ڪري، هتي ڏجن ٿا، جو اميد ته ڏاڍا ڪمائتا ٿيندا.
وڻ ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا اِهي جيڪي وڌڻ ۾ قد ڪن ٿا مگر ٿلها نه
ٿا ٿين؛ جهڙوڪ کجيون ۽ بانس، ٻيا اهي جيڪي وڌڻ ۾
قد يعني ڊيگهه توڙي ٿولهه ۾ واڌارو ڪن ٿا، جهڙوڪ
ساڳ، انب، نم ۽ ٻيا گهڻا ئي عام قسم جا وڻ.
وڻ هيٺين رستن يا طريقن سان وڌائي، گهڻا ڪري سگهجن ٿا: پهريون،
جنهن جاءِ تي وڻ رکڻ جو ارادو هجي، اُتي ٻج پوکڻ.
ٻيو، وڻ پهرين ڪنهن نرسريءَ يا باغيچي ۾ پوکڻ،
پوءِ اتان ڪڍي جتي رکڻ جو ارادو هجي، اُتي هڻڻ.
ٽيون، جتي وڻ رکڻا هجن، اتي وڏا قلم هڻڻ. چوٿون،
پهرين نرسريءَ يا باغيچن ۾ ننڍا قلم يا ڏندڻ هڻڻ،
پوءِ اتان ڪڍي ٻيءَ جاءِ تي رکڻ. پنجون، گونچ يا
پاڙ واريون شاخون هڻڻ، يعني جن وڻن جي پاڙن مان ٿڙ
کان ٿورو پري، شاخون نڪرن ٿيون، جي ڌار سلن يا وڻن
وانگي پيون ڏسجن، سي هيٺ ڀرو کوٽي، وڍي، چڪيءَ
وانگي ڪڍي ٻئي هنڌ رکڻ. ڇهون، اوڌ هڻڻ، پيوند ڪرڻ
۽ اک هڻڻ، اهي اپاءَ اڪثر باغن ۾ ڪم ايندا آهن.
ٻيو به هڪڙو رستو آهي، اهو هي ته جنهن وڻ کي واءُ
سٽي وجهندو آهي، يا ٻئي سبب ڪري وڍبو آهي، تنهن جي
منڍ يا ٻُٿ سان اهڙي تجويز ڪجي، جو انهيءَ مان
نئون وڻ نڪري.
پهرين رستي سان، جنهن جاءِ تي وڻ ضرور هڻڻا آهن، اتي يا هڪڙو
هڪڙو ٻج جدا پوکبو آهي، يا گهڻا ٻج هڪ هنڌ چونگي
ڪري پوکبا آهن، يا تمام گهڻو ٻج زمين تي ڇٽي ڇڏبو
آهي. گهڻن پوکيلن ٻجن مان ڪي اڀري ناس ٿي وڃن ٿا،
ڪي پکي، جيت، ڪوئا ۽ نوريئڙا کايو وڃن؛ ڪن مان وري
ڦُٽل سلا جانور کايو وڃن، يا لتاڙجيو وڃن يا اس ۽
واءُ ۾ ڪومائجيو پون، رڳا ڪي ٿورا ٿا سالم بچن.
ڪنهن خاص جاءِ جي ڳَڻَ نه هجي ته ڇٽيل ٻج به چڱو
ٿيندو؛ جيئن ته ڪنهن نئين ٻڌل بند يا واهه جي ڪَڙَ
وارن پاسن سان، جتي زمين به نرم هوندي آهي، يا سڙڪ
يا تلاءَ يا واهه جي پاسن کان ڇڏيل خالي زمين تي
هڻجن. اهڙن هنڌن تي اتي جا عام ٿيندڙ وڻ ۽ ٻوٽا
گڏي پوکجن. مثلاً ٻٻر جا چيچڪا، نم يا بڙ يا پپر
جي ٻج سان گڏي ڇٽي ڇڏجن. جي ٿي سگهي ته پوکڻ کان
اڳي زمين کوٽي يا کيڙي ڇڏجي. ٻج جو انداز، آسپاس
واري وڏي پوک جي وزن جي اٺين پتيءَ جيترو پوکڻ
گهرجي. مثلاً اهڙي گڏيل ٻج جو هڪڙو مڻ، جوئر جي هڪ
مڻ جي ٻج واسطي جيتري زمين گهرجي، تنهن کان اٺوڻي
زمين ۾ پوکڻ گهرجي. انهيءَ رستي ٻج پوکڻ جو سچو
نتيجو، ٻن ورهين تائين ته معلوم ٿي نه سگهندو، ڇو
ته گهڻا ٻج ته انهيءَ کان به وڌيڪ عرصي تائين پيا
رهندا آهن ۽ پوءِ ڦٽندا آهن.
چونگيون اتي هڻجن جتي ڪو بچاءُ هجي، جهڙوڪ لوڙهن جي هيٺان، يا
ننڍن سڪلن وڻن جي جي جهڳٽن جي وچ ۾ ، يا رستي جي
پاسي ۾ هر جي هڪڙي کيڙ ڏئي تنهن ۾. اهڙي هنڌ زمين
هر يا ڪوڏر سان ڀڃي نرم ڪجي.
قداور وڻن جو ٻج ڀلي هجي، پر جهنگ پيدا ڪندڙ ٻوڙن جو نه هجي. يا
ته گڏيل ٻج ڇيڻي يا گپ سان ملائي، پَنؤئرا ڪري
زمين ۾ هڻجي، يا ٿوهرن جي گهاٽن ۾، يا ٻين ڪنڊن
وارن ڍنگرن ۾ اڇلائي وجهجي.
هڪڙو هڪڙو ٻج ڪري ته رڳو باغن ۾ پوکبو آهي. ٻوٽن جي ٻج پوکڻ جو
وقت اڪثر تڏهن آهي، جڏهن آسپاس جا آبادگار خريف جي
پوک ڪن، يعني جون مهيني جي پهرئين اڌ ۾.
مٿئين رستي سان ڪنهن به پوکيلن ٻجن کي پاڻي نه ڏجي. ٻيو رستو
آهي، پهرين ٻج ڪنهن نرسريءَ يا باغيچي ۾ پوکڻ ۽
سلن نپائڻ جو اهو رستو يورپ ۾ عام آهي. انهيءَ
لاءِ ٻج اڳواٽ ورهيه کن تائين رکي ڇڏجي، ته پراڻو
ٿئي نه ته ڪو نه ڦٽندو. جيئن ان سانڍبو آهي، تيئن
هي ٻج به خشڪ ٿانون يا مٽيءَ ۽ ڇيڻي سان ليپيل
ٽوڪرين ۾ سانڍڻ گهرجي. اهو ٻج سطح کي ويجهو، ٻارن
۾ يا هلڪي مٽيءَ وارين ڪونڊين ۾ پوکجي. زمين کي
ڀڃي نرم ڪجي. هنڌ کليل هٿ ڪجي، پر گهڻيءَ اُس ۽
هوا کان پاسي تي هجي. ڀاڻ بلڪل نه ڏجي. جي مينهن
نه پوي ته ڦُل واري ٿانو سان پاڻي ڏجي ۽ نه
سانداري يا دلي سان. سلا ڇهن انچن جيڏا ٿين، يا
چار پنج پن ڪڍن، ته ٻيجي جي ٻارن يا ڪونڊين مان
ڪڍي، نرسريءَ ۾ قطار ڪري رکجن. انهيءَ هنڌ هر ڏنل
هجي. لڻيل پوک جي هنڌ، جي اڳي ڀاڻ ڏنل هوندو، ته
حرڪت ڪانهي. قطارون هڪٻئي کان ڇهن انچن تي هجن؛ وڻ
ٻن فوٽن تي هجن ته بهتر آهي ۽ ننڍا وڻ هڪٻئي کان
هڪ فوٽ تي هئڻ گهرجن. وڻن جون قطارون چرين جي
ٻَنَنَ تي هجن ته چڱو ۽ پاڻي کوهه مان يا دلن ۽
پخالن سان انهن چرين ۾ وهائي ڇڏجي پر جي وڻن جي
مٿان پاڻي وجهڻو هجي ته تُن ۽ ڦُل واري پاڻي ڏيڻ
جو ٿانءُ ڪم آڻجي. گهڻو پاڻي به نه ڏجي. خشڪ موسم
۾هفتي ۾ هڪ ڀيرو بس آهي. ڪونڊين وارن وڻن کي، سو
ڏينهن ۾ هڪ ٻه ڀيرو پاڻي ڏيڻ گهرجي. گهڻو ڪري ٻن
ورهين کانپوءِ وڻ نرسريءَ مان ڪڍي سگهجن ٿا، ڪٿي
ته ٽن ورهين کان پوءِ ٿا ڪڍن. ڪن جلد وڌندڙن وڻن
کي نرسريءَ ۾، هڪڙي سال کان وڌيڪ مدت نه رکجي.
چڪيءَ ڪڍڻ مهل، وڻ چئن کان ڇهن فوٽن جيڏو ۽ مضبوط
هجي، نه ته هيٺان وڍي وري ٻئي ورهيه لاءِ ڇڏجي،
نرسريءَ ۾ وڻ قد جا ڊگها، ضعيف ۽ سنهڙا هجن، ته
انهيءَ مان سمجهڻ گهرجي ته انداز کان وڌيڪ پاڻي
ڏنل آهي؛ تنهنڪري هڪدم پاڻي بند ڪرڻ گهرجي. يا ته
اهي وڻ تمام سوڙها ۽ گهاٽا هوندا، تنهنڪري انهن
مان اڌ ٽپائي ٻئي هنڌ رکجن.
نرسريءَ مان چڪين ڪڍڻ کان اڳي، سڙڪن تي يا ٻين هنڌن ۾ سندن کڏون
تيار هئڻ گهرجن، جي ٽن فوٽن کان گهٽ نه، پر چار
فوٽ اونهيون هجن. اهي کڏون تازيون کنيل هجن. گهٽ ۾
گهٽ ورهيه کن اڳي کنيل هجن جي هوا پيون کائن. کڏن
جي اونهائي به ويڪرائيءَ جيتري هجي. زمين جي سنوت
کان چڪيءَ جي مٽيءَ جو مٿيون پاسو، اٽڪل ٻه انچ
هيٺ هجي ته بس آهي. چڪيون ڇهه ڇهه گڏ ڪري ٻڌي
کڻجن. يا هڪڙي هڪڙي ڪري ننڍڙين ٽوڪرين ۾ کڻجي. ٻه
ٽي ڄڻا پوکڻ وارا حاضر هجن. هڪڙو وڻ جي ٿڙ جي پاڙ
واريءَ مٽيءَ وٽان جهلي، کڏ جي تري کان ٿورو مٿڀرو
ٽنگي بيهي ۽ ٻيا وجهنس مٽي، جا تري کان هيٺان وري
اچي، جيئن هيٺيون پاڙون سنيون ٿي بيهن. مٽي دٻجي
يا لتاڙجي نه. جي پناهه اڳي ڏنل نه هجيس، ته کڏ جي
ڪناري سان لڳ ڏئي ڇڏجيس. وڻ رکڻ کان اڳي هڪڙي دلي
جيترو پاڻي (ٻه گئلن)، کڏ جي تري ۾ وجهي ڇڏجي، خاص
ڪري خشڪ موسم ۾. پوءِ جيسين وڻ پاڙ هڻي، تيسين ٻه
ڀيرا پاڻي ڏبس ته بس آهي.
جي وڻ ڪونڊين ۾ رکيل آهن، سي هڪ سال جي اند رئي پنهنجيءَ جاءِ
تي، يعني زمين ۾ ڪونڊين سميت رکبا آهن، ڪونڊين جو
رڳو ترو ڀڃي ڇڏيندا آهن ته پاڙون هيٺ وڃن. تلاءَ
يا واهه جي ڪنارن سان ائين ڪرڻ چڱو آهي، مگر ٻئي
هنڌ ائين ڪرڻ مان نقصان آهي. پوءِ ضرور سڄي ڪونڊي
ٻاهر ڪڍڻ گهرجي. انهيءَ لاءِ (کَڙَ جي نريءَ وانگي
ڏِنگي)، ڪونڊيءَ کان (سنڌي ٽوپيءَ وانگي)، اڀي
ڪونڊي بهتر آهي، جنهن کي اصل ترو نه هجي ۽ جا ڪنهن
پاٽ ۾ رکيل هجي، جيئن پيالي ۽ رڪابيءَ ۾ رکبي آهي
پوءِ پوکڻ مهل اها پاٽ پاسي ڪري، ڪونڊي کڻي زمين ۾
هڻجي. انهيءَ ڪري تري ڀڃڻ جو ضرور ڪو نه ٿيندو، ۽
نه وڻ ئي جي نازڪ پاڙن کي نقصان رسڻ جو ڪو امڪان
ٿيندو. اهڙي اڀي ڪونڊي، ارڙهن انچ ڊگهي ۽ اوڻيهه
انچ ويڪري هئڻ کپي. جي اهڙي ڏِنگي ڪونڊي هجي، ته
ويڪرو پاسو هيٺ هئڻ گهرجيس.
ٽيون رستو آهي قلمن يا ڏندڻن هڻڻ جو. اهو سايه دار وڻن پوکڻ
لاءِ تمام چڱو ۽ سولو رستو آهي. پر جتي وڻن جي
ڪاٺي ڪم اچڻي آهي، اتي اهو رستو ڪمائتوناهي،
ڇالاءِ جو قلمن مان نڪتل وڻ، ٻج مان ڄاولن وڻن
کان طاقت ۽ جٽاءَ ۾ گهٽ ٿين ٿا.
وڏا قلم پنجن فوٽن کان ننڍا هئڻ نه گهرجن، پر جي نون ڏهن فوٽن
جيڏا ملي سگهن ته بهتر آهي. ڇو ته ٽي چار فوٽ زمين
۾ ڏندڻ وڃڻ گهرجن، نه ته به ٻه فوٽ ته زمين ۾ ضرور
اندر هجن. قلم جي پاڙ ۾ يا کڏ جي تري ۾، چئن انچن
جيتري نرم ۽ ڇُڙيل مٽي هئڻ گهرجي، ته پاڙون
آسانيءَ سان لڳي وڃن. قلمن کي مضبوط بيهارڻ لاءِ
چوڌاري مٽي لتاڙي دٻي ڇڏجي. ٻي پاڻي وغيره جي سڄي
هلت، ساڳي ننڍن وڻن جي چڪين رکڻ واري ڪجي، جنهن جو
مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي. قلمن هڻن کان پوءِ مٿئين
رهيل ڀاڱي ۾، جيڪي به وَڍَ يا زخم هجن، تن تي ڇيڻو
۽ مٽي گڏي لائي ڇڏجي، ته رس ٻاهر نه نڪري وڃي.
پوءِ قلمن جي چوڌاري بچاءَ لاءِ، زمين کان ڇهه فوٽ
مٿي لوڙهو يا پڃرو ڏئي ڇڏجي. قلم جوان وڻن ۽ ٽارين
مان هٿ ڪرڻ گهرجن. قلمن کي رڳو پهرئين مهيني ۾
پاڻي ڏجي، پوءِ بس. پر جي برسات نه پوي ته پوءِ
لاچار پاڻي ڏجي. جيڪڏهن لڳلن قلمن مان، سئو تي
پنجٽيهه پهرئين ئي ورهيه ۾ سڪي وڃن ته پوءِ ضرور
نرسريءَ مان چڪيون وٺي هڻڻ گهرجن. پر سايه دار وڻن
لاءِ پهرين قلمن هڻڻ جي ڪوشش ضرور ڪجي.
چوٿون رستو، ننڍن قلمن يا ڏندڻن هڻڻ جو، سو رڳو نرسريءَ ۾ ڪم
اچي سگهي ٿو ۽ خاص باغن جي لاءِ به ڪمائتو آهي.
پنجون رستو آهي گونچن يا شاخن هڻڻ جو.هنن جي هٿ ڪرڻ جي سولي ريت
اِها آهي، ته ڪنهن جهوني پر مضبوط وڻ کي زمين کان
ٿورو مٿڀرو وڍي ڇڏجي ۽ ان جي رهيل منڍ يا ٿڙ جي
ڀاڱي کي، چڱيءَ طرح لوڙهو چوڌاري ڏئي، خوب پاڻي
ڏجيس ته پاڻهئي زمين ۾ لڳل ٿڙ يا منڍ مان ٿورو
پرڀرو گونچ يا شاخون ڪڍندو، سي ڪنهن تکيءَ ڪهاڙيءَ
سان وڍي، پوءِ چڪين وانگي ڪڍي وٺجن. پر نظر رکجي
ته پاڙ جو ڳچ ٽڪر زمين هيٺ ضرور ويل هجي. پهريائين
انهن کي گهڻو پاڻي ڏيڻو پوندو. اڪثر هڪ ٻه ورهيه
لڳي ويندو، پوءِ انهن کي ڪڍي نرسريءَ ۾ قطارون ڪري
رکي سگهجي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن کجيون ۽ بانس به هن رستي
وڌائيندا آهن. بانس جو ٻج مشڪل هٿ ايندو ۽ لڳندو
آهي، مگر کجيون ٻج مان ٿين ٿيون، پر اصل جهڙي
خاصيت ۽ خوبيون نه رکنديون، پر گونچن هڻن ڪري
منجهانئن اهو عيب نڪري وڃي ٿو.
ڇهون رستو آهي اوڌ هڻڻ جو. هن لاءِ به وڻ وڍي، منڍ مان جيڪي
شاخون نڪرنديون آهن، سي نوڙائي زمين تي رکي، ڪليون
هڻي مضبوط ڪري، مٿان مٽي وجهي ڇڏيندا آهن. سال کن
جي اندر اهي زمين ۾ پاڙون هڻنديون، جي پوءِ اصلوڪي
وڻ کان وڍي ڌار ڪري، ٻين چڪين وانگي ڪڍي ڪم ۾
آڻيندا آهن. قلمن کان اوڌ وڻ زياده مضبوط ٿيندا
آهن. ٽاليءَ لاءِ، قلمن کان اوڌون چڱيون آهن.
مٿين سڀني رستن جي ڪم آڻن لاءِ جون جو مهينو چڱو آهي. وڻن هڻڻ
يا رکڻ کان پوءِ، ٻن ورهين کان وٺي پنجن ورهين
تائين، انهن جي سنڀال رکڻ ضروري آهي. پهريائين
لوڙهي يا ٻيءَ پناهه ڏيڻ جو کپ آهي، جو ڍور يا
ٻڪريون ڀيلينس يا پاسو هڻي ڪيرائينس نه. وڏن قلمن
کي ته ڪنڊن وارا ڍنگر اُڀا ڪري هڻي ڇڏبا، ته بس
آهي. ڍنگر ڇهن فوٽن تائين مٿي هجن. باقي ٻج مان
ڄاولن وڻن کي گول لوڙها يا پڃرا گهرجن، جي ڍنگرن
جا يا ڪنڊن واري ٿوهر جا هجن. ڍنگرن کي چوريءَ جو
ڊپ آهي، جو مسافر رستي ويندڙ پٽي، ماني پچائڻ لاءِ
ٻاري ڇڏيندا، پر جيئرا يا ساوا ٿوهر انهيءَ ڪم ۾
نه ايندا. ڇو ته ساوا ٿوهر وري ٻي خرابي ڪن ٿا، جو
وڻ جو ريج پي وڃن ٿا ۽ ان کي سوڙهو گهٽين ٿا. اهي
لوڙها يا پڃرا چار فوٽ وڏا مٿي هئڻ گهرجن ۽ انهن
جي ويڪرائي ٻاهران، پنج فوٽ هجي. جي اوچائي گهٽ
هجي ته ويڪرائي ڇهه فوٽ هجي. وڏن شهرن جي ويجهو وڻ
جي چوڌاري، ڪاٺيءَ يا لوهه جا ٽي مُنَ يا ڏَڪ
کوڙي، ٻه ٽي پاسيريون پٽيون ٻڌي، وچ ۾ ڪنڊا يا
ڍنگر هڻي ڇڏبا ته بس. وڌيڪ خرچ سان ته لوهه جي
پٽين ۽ تارن جا پڃرا به هٿ اچي سگهندا. ساڳيءَ طرح
گهڙيلن ڪاٺين جا به پڃرا ٿيندا آهن. ڪٿي ڪٿي وري
ڏَڪن يا مُنن جي بدران پهڻن يا سرن جا ننڍڙا
پيلپاوا ٺاهيندا آهن. پر اهي وڻ جي هوا ۽ روشنائي
روڪين ٿا، تنهنڪري چڱا نه چئبا.
تنهن کانپوءِ وڻن جي لاءِ پاڻيءَ جي سنڀال به ضروري آهي. خشڪ
موسم ۾ پاڻي ڏيڻ گهرجي. تلاءَ يا واهه جي ڀر ۾، يا
باغ ۾ جتي ٻي پوک به ٿيندڙ آهي، اتي وڻ پاڻئي
گهميل زمين ۾ پنهنجون پاڙون هڻن ٿا. ڪي وڻ ته
آڪٽوبر کان جون تائين پاڻي اصل ڪو نه گهرندا آهن.
پر جتي بارش گهٽ ٿيندي آهي اتي مشڪلات ٿيندي. اهڙن
هنڌن تي پاڻيءَ ڏيڻ جي ضرورت آهي. آزمودي سان ڏٺو
ويو آهي ته جا زمين قلمن لاءِ چڱي آهي، تنهن ۾
جيڪڏهن جون جي مهيني ۾ قلم هڻبا، ته سئو مان ستر،
ٻئي جون جي مهيني تائين سلامت رهي سگهندا ۽ پاڻي
رڳو پهريون ڀيرو رکڻ مهل مليل هوندن (يا جي برسات
نه پئي ته انهيءَ صورت ۾، ٻه ڀيرا پهرئين هفتي ٻيا
به). ٻئي سال انهيءَ ستر مان ڏهن کان وڌيڪ ڪين
سڪندا. تنهنڪري بهتر آهي ته اصل سئو جي پٺيان
چاليهه قلم وڌيڪ هڻي ڇڏجن.
جتي پاڻي ڏيڻ جو ضرور ٿئي ٿو، اتي هيٺيون ڳالهيون ياد رکڻ
گهرجن:
جنهن وڻ کي پاڻي کَل سان لڳي بيهندو، سو ضرور سڙي ويندو. پاڙن
کي پاڻيءَ جي گهرج آهي، نه ٿڙ کي. تنهنڪري وڻ جي
پاڙ وٽ، ٿڙ جي چوڌاري مٽيءَ جي ڍڳي ڪجي، تنهن جي
چوڌاري چئن يا ڇهن فوٽن تي هڪڙي گول چري کڻجي،
جنهن ۾ پاڻي وجهجي. هيٺ پاڙن تائين پاڻي پهچائڻ
لاءِ، بعضي ماڻهو وڻ جي پاسن کان زمين ۾، ٽنگن
وارا ٿانو پوري ڇڏيندا آهن پر جي پاڻي ڏيڻ کان اڳي
وڻ جي چوڌاري زمين گُڏي ڀڃي ڇڏبي، ته پاڻي پاڻهئي
هيٺ گهڙي ويندو.
جڏهن وڻ وڏيرڙا ٿين، تڏهن وري ڇانگ ڪرڻ گهرجين. سايه دار وڻ
جيڪڏهن رڳو ڊگها ٿيندا وڃن ۽ گهاٽ يا پن نه ڪن، ته
زمين کان مٿي ڇهن فوٽن ڌاري وڍي ڇڏجين، ته پاڻهئي
پاسي تي ٽاريون ڪڍي ڪڍي گهاٽ ڪندا. پر جي وڻن جون
ٽاريون وڌي ٻين وڻن، گهرن يا رستن سان لڳن ۽ حرڪت
ڪن ته ڇانگ ڪرڻ گهرجين. انهن سببن کانسواءِ مُڇڻ
يا ڇانگ ڪرڻ اجايو آهي. مگر قلمن هٿ ڪرڻ لاءِ ڇانگ
کانسواءِ ٻيو رستو ڪونهي.
ڪي وڻ وري ٻين جي ڍڪ ۽ پناهه لاءِ پوکيندا آهن. جيئن ته هيرڻ جو
وڻ جلد وڌي ٿو ۽ پوءِ پاڻ سان گڏ پوکيل ٻئي وڻ جي
مٿان، ڄڻ ته ڇٽي جهلي بيهي ٿو، ۽ ان کي سج جي تابش
کان بچائي ٿو. اهڙيءَ طرح ڏهن ٻارهن فوٽن جيڏي ٻٻر
جي وڻ هيٺان، انبن ۽ ٻين ميون جي وڻن جون چڪيون
رکي سگهجن ٿيون.
سڙڪن ۽ شهرن جي پڌرن يا ميدانن تي رکڻ لاءِ، هيٺان وڻ اڪثر ڪم
ايندا آهن. هنن مان پهرين ڇهن وڻن جا قلم چڱا
لڳندا آهن:
بڙ: هي قلمن مان چڱو ٿيندو آهي ۽ ٻج به پوکبو اٿس. گهڻي سرديءَ
۾ نه ٿيندو آهي. هن جي ڇانو چڱي آهي، پر ڪاٺي نڪمي
اٿس. هن جو ڦر گهوڙا کائيندا ته ان جي زهر جي اثر
کان مري ويندا، تنهنڪري انهن جي هيٺان ٻڌڻ نه
گهرجن.
پپر: هي قلمن ۽ ٻجن مان ٿيندو آهي. بڙ واري زمين هن لاءِ به چڱي
آهي. ڪن وڻن جي ٿڙ جي گولائي پنجيتاليهه فوٽ به
چئي اٿن.
پپري: هي به چڱو ڇانو وارو وڻ آهي، ۽ ويران جاين تي به ٿيندو
آهي جتي ٻيو وڻ ڪو نه ٿيندو آهي. گجرات ۾ گهڻو
آهي. ٻج توڙي قلمن مان ٿئي ٿو. ڪاٺي رڳو ٻارڻ جي
ڪم جي اٿس. هي ٽيويهه فوٽ گول به ٿئي ٿو.
جهنگلي انجير: هن کي انبر يا گلير به چوندا آهن. هن کي پاڻي
گهڻو گهرجي. جتي هوندو اتي کوهه چڱو لڳندو، ڇو ته
هي هيٺين ججهي پاڻيءَ جي نشاني آهي.
نندرڪ ۽ ڀينڊي: هي به چڱا سايه دار وڻ آهن. دکن ۽ ڪونڪن ۾ گهڻو
ٿين ٿا. قلمن توڙي ٻج مان ٿين ٿا.
نم: هي نَون ڏهن فوٽن جون گول ته عام آهن. پر ڪي ٽيويهه فوٽ گول
به ڏٺيون ويون آهن. ٻج مان هي وڻ چڱو ٿئي ٿو. ڪاٺي
ڪمائتي اٿس.
آمري يا گدامڙي: هن جي ڪاٺي ۽ ڦري ڪمائتي آهي. هي چڱو ڇانو وارو
وڻ ٿئي ٿو. پنجيتاليهه فوٽ گول به ٿيندو آهي. چون
ٿا ته هن جي ڇانو تندرستيءَ کي نقصان پهچائي ٿي.
وڌڻ ۾ تمام سست آهي. هي وڻ ٻج مان ٿئي ٿو.
انب: هي ٻج مان چڱو ٿئي ٿو. جتي پاڻي تمام هيٺ آهي، اتي نه ٿو
ٿئي. هن جو ڦر به ڪمائتو آهي. سڙڪن جي لاءِ عام
قسم جو ٻج چڱو آهي.
ڄمون: ڇانوَ چڱي اٿس پر پاڻي گهڻو گهرجيس. ٻج مان ٿئي ٿو.
کيرني يا راڍر: هي سايه دار توڙي ميويدار وڻ آهي. وارياسي زمين
۾ به ٿئي ٿو، جتي پاڻي گهڻو هيٺ ناهي. سنڌ ۾
آزمائڻ گهرجي.
جهنگلي منگوستين: هي سهڻو وڻ آهي. ٻج مان ٿئي ٿو. ڪونڪن ۾ گهڻو
آهي.
ڪارنج، ڀردا، ارجن ۽ ڪانجي: اهي سڀ چڱا وڻ آهن، جي ٻج مان ٿين
ٿا ۽ چڱي ڇانو ڪن ٿا. گجرات، خانديش ۽ ٻين هنڌن تي
ٿين ٿا. سنڌ ۾ آزمائڻ گهرجن.
ٽالهي: سندس ڇانوَ توڙي ڪاٺي ڪمائتي اٿس. وڙو شيشم به چوندا
اٿس. پر ڇانو ڪري سچي شيشم کان چڱو آهي. سنڌ ۾
گهڻو آهي. ٻج مان توڙي قلمن مان چڱو ٿئي ٿي.
ٻٻر: هي تمام ڪمائتو وڻ آهي. ٻج مان ٿئي ٿو. ڪهڙي به زمين ۾
ٿيندو. چڱي زمين ۾ پاڻي ڏيڻ سان نَوَ فوٽ گول به
ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۽ گجرات ۾ تمام عام ۽ ڪمائتو آهي.
هن جي ڪاٺي، هن جو ڦر، هن جي ڇوڏي، هن جا پن ۽ هن
جون ٽاريون هڪڙي نه ٻئي ڪم ۾ اچن ٿيون.
ڪابلي ٻٻر: هن کي ڍليار ٻٻر به چوندا آهن، ۽ هنديءَ ۾ رامڪنتي
چوندا اٿس، سو سرو وانگي ڊگهو ٿئي ٿو. شڪل ۾ سهڻو
آهي.
آسوڪا يا آسوپال: هي ننڍو پر سهڻو وڻ آهي. چڱي ڇانو ڪري ٿو. هن
کي ڪٿي جسوندي به سڏيندا. گل چڱا واڱڻائي رنگ جا
ٿيندا اٿس. اڪثر باغن ۾ ٿئي ٿو. گهڻو ڪري سرو
وانگي ڊگهو ٿيندو آهي.
سرو: هي سمنڊ کي ويجهو چڱو ٿئي ٿو. پاڻي ٿورو گهرجيس. هي باغن ۾
رکبو آهي. قد جو ڊگهو ٿو ٿئي، ڇانو ٿوري ٿو ڪري.
جلد وڌندڙ آهي. ڪاٺي ٻارڻ لاءِ چڱي اٿس. ٻين وڻن
سان گڏ سهڻو ٿو لڳي.
هيٺيان وڻ سونهن لاءِ چڱا آهن، جو ڇانو به اٿن ۽ گل به چڱا ڪندا
آهن. بمبئيءَ کاتي ۾ گهڻن هنڌن تي ٿين ٿا. سنڌ ۾
آزمائڻ گهرجن:
پالس، پانجر، شنگا (سوانجڙو)، گل مهر، بندارا، ڀيا، بڪائن، ڪنچن
۽ ديو ڪنچن. |