فصل ٽيون
پاڙن جون ڳنڍيون جي ڀاڄين وانگي کائڻ ۾ اچن ٿيون
بصر يا پياز
يورپ ۾ بصرن جا گهڻا ئي قسم ٿيندا آهن. هندستان ۾ به ٻه چار قسم
آهن، جي تمام وڏا ۽ چڱا ٿيندا آهن. پاٽنا ۽
بمبئيءَ جا بصر مشهور آهن. بصر جو ٻج هڪ ورهيه
تائين سالم رهي سگهي ٿو، پوءِ خراب ٿيو وڃي،
تنهنڪري عجب ڪونهي، جو ولايت مان آيل جهونو ٻج
اڪثر نه ڦٽندو آهي. انهيءَ لاءِ چڱيء ٻج هٿ ڪرڻ جو
رستو اهو آهي ته سياري جي شروع ۾ بازار مان چونڊ
بصر وٺي، باغ ۾ فوٽ فوٽ تفاوت تي پوکي ڇڏجن. اهي
آرڙهه جي شروعات ۾ تمام ججهو ٻج پيدا ڪندا، جو
ٻاٽلين ۾ بند ڪري مضبوط ٻوچ ڏيئي ايندڙ سياري جي
موسم ۾ پوکڻ لاءِ رکي ڇڏجي.
بصرن جي پوکڻ جو وقت سيپٽمبر آڪٽوبر مهينو آهي. ٻج ڇٽ به ڪندا
آهن، پر اڪثر ناڙيءَ وانگي ٻيجارو پوکيندا آهن
جنهن کي بصري چوندا آهن. چريون هڪٻئي کان ڏهه انچ
پري هجن. زمين هلڪي هجي ۽ منجهس پراڻو ڀاڻ وجهي،
سنئون ڪري ڀڄائي پوءِ ٻج پوکجي. پوءِ ٻيجارو ڪڍي
ڇڊو ڪري ڇهن ڇهن انچن تي سلو سلو هڻجي. ٻاهر جو
آيل ٻج بهتر آهي ته ڪونڊين ۾ پوکجي، پوءِ جڏهن سلا
ٽي چار انچ وڏا ٿين، تڏهن ڪڍي کليءَ زمين ۾ رکجن.
بصرن کي ذري ذري پاڻي ڏيڻ مان فائدو آهي. گرم موسم
جي اوائل ۾ جڏهن ڳنڍيون وڏيون ٻجهن، تڏهن مٿيان پن
موڙي ڀڃي ڇڏجن ته جلد سڙي وڃن. پوءِ بصر ڪڍي ٻه ٽي
ڏينهن اس ۾ رکجن ته سڪن، پوءِ گڏ ڪري رکجن.
بصرن جي لاءِ چڱو ڀاڻ آهي ڇيڻي يا ڪاٺيءَ جي رک ۽ هڏن جو چورو؛
جي ملي سگهي. ٻيجاري ڪڍڻ مهل سنڀال ڪجي ته سلن جون
پاڙون نه ڀڄي يا ڇڄي پون. پاڻي ڏيڻ کانپوءِ زمين
سڪي ٺوٺ ٿئي ته رنبيءَ سان ڀڃي هٿ سان ڀوري ڇڏجي.
بصر اڇي، ڳاڙهي، ڀوري ۽ پيلي رنگ جا ٿيندا آهن ۽ جدا جدا قد جا
ٿيندا آهن.
بصرن کي ماڻهو ڪچو به کائيندا آهن، جيتوڻيڪ انهيءَ ڪري وات ۾
خراب پاس ٿئي ٿي. بعضي ڀاڄيءَ وانگي ٻوڙ ۾ وجهندا
آهن. بعضي خلاصو سندن ڀرتو يا ساڳ ڪندا آهن. بعضي
سرڪي يا لوڻ سان ڪم آڻيندا آهن. سندن آچار به
سڏيندا آهن.
شالَٽ ۽ لِيڪ مشهور انگريزي بصرن جا نمونا آهن. عام بصر کي
انگريزيءَ ۾ اونين چوندا آهن.
ٿوم
هن کي هندستانيءَ ۾ لهسن سڏيندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ گارلِڪ. هيءَ
به بصر جي ذات مان آهي. هيءَ ڀاڄي هندستان جي گهڻن
ڀاڱن ۾ ٿيندي آهي. هن جي پوکڻ جي ڪا خاص سمجهاڻي
ڏيڻ ضروري نه ٿي ڏسجي. هن جي پاڙ ۾ ڪيتريون ئي
ننڍيون ڳنڍيون گڏيل رهن ٿيون. پوکڻ جو دستور گهڻو
ڪري بصرن وانگي آهي. هيءَ تازي بصر وانگي به
کاڄندي آهي ۽ سڪائي به رکندا آهن، مصالح آچار
وغيره جي ڪم لاءِ.
اَسپريگس يا پاراگراس
هيءَ هڪڙي انگريزي ڀاڄي آهي، جنهن کي هندستانيءَ ۾ کريل نالو
پارا گراس جو ڏين ٿا، پر سُوت مُولي ۽ مارچوبه به
سڏيندا اٿس. هي ٻين سڀني انگريزي ڀاڄين کان پوءِ
ٿي ٿئي، تنهنڪري ڪمائتي آهي. آگسٽ يا ان کان پوءِ
سگهو ئي هن جو ٻج پوکڻ ۾ ايندو آهي. ڪونڊين ۾ مٺي
ڇڙيل مٽي وجهي، واري گڏي، انهيءَ ۾ ٻج پوکجي ۽ هوا
کان پناهه ڏجيس. جڏهن ڏهه انچ سلا ٿين تڏهن زمين
ٺاهي، ان ۾ ڏيڍ فوٽ جي وڇوٽيءَ تي گول کڏون کڻجن،
جي هڪ فوٽ ويڪريون ۽ ٻه اڍائي فوٽ اونهيون هجن.
انهن کڏن ۾ ڏهن انچن تائين پنن ۽ ڇيڻي جو ڀاڻ ٿوري
شوري سان گڏيل وجهڻ گهرجي. پوءِ هڪڙيءَ هڪڙيءَ کڏ
۾ هڪڙو هڪڙو سلو وجهجي، پر ان جون پاڙون پکي وانگي
پکيڙي سنيون ڪري رکجن، جيئن ڀڄي نه پون. پاڻي مئو
پيو ڏجيس. ٽن چئن مهينن جي عرصي ۾ اهي کڏون ڀرجي
زمين سنيون ٿي وينديون. اپريل يا مئي ۾ ٻوڙا گل
ڪندا، جي وڍي ڇڏجن ته ٻوڙا زور وٺن، پر سنڀال ڪجي
ته ڪو پن نه پٽجي. پوءِ سگهو ئي پاڙ مان گوشا
نڪرندا، جي کائڻ جي به ڪم ۾ ايندا آهن. پر بهتر
آهي ته انهن کي هٿ نه لائجي ته ڀلي ٽارين وانگي
نڪرن. سياري ۾ ٻوڙن جا ٿڙ سڪي ويندا، وري مارچ ۾
ڦٽڻ لڳندا. تڏهن هيٺان مٽي پاڙن تائين ڪڍڻ جي
ڪجيس، ۽ ان جي بجاءِ چڱو ڀاڻ وجهجيس، جنهن کان
پوءِ ڏهاڙي پاڻي ڏجيس. اٽڪل ٻن هفتن ۾ زمين تي
چڱيون سايون ڳنڍيون نڪري ظاهر ٿينديون، جي وڍي
کائڻ جي ڪم ۾ آڻجن.
هن ڀاڄيءَ جا ٻوڙا ٽن چئن ورهين تائين، بلڪه زياده وقت تائين
پوريءَ سنڀال سان رهي سگهن ٿا. لوڻ هن جي لاءِ چڱو
ڀاڻ آهي، جو پاڻي ڏيڻ کان اڳي کڏن ۾ ٻرڪي ڇڏجي.
سِيلرَي
هن کي هندستاني ماڻهو شَلَري به چوندا آهن. هيءَ انگريزي ڀاڄي
آهي. هن جا ٻه قسم آهن، هڪڙي اڇي، ٻي ڳاڙهي، وري
انهن جا به ڪيترائي قسم آهن. ڪن جون پاڙ واريون
ڳنڍيون ڀاڄيءَ وانگي ڪم اچن ٿيون، نه ته گهڻو ڪري
انهن جا ڳنر ڪم ايندا آهن.
هيءَ ڀاڄي آگسٽ ۾ پوکڻ شروع ڪرڻ گهرجي، جو نڪرڻ ۾ قريب ٻه مهينا
وٺي ٿي. پهرين ڪونڊين ۾ پوکڻ گهرجي. جڏهن ٽن چئن
انچن جيڏا سلا ٿين تڏهن ڪڍي زمين ۾ رکجن. چريون
ارڙهن انچ ويڪريون ۽ ارڙهن انچ اونهيون هئڻ گهرجن.
تنهن ۾ نون اچن تائين ڀاڻ وجهڻ گهرجي، جنهن ۾ ٻه
پتيون پراڻو ۽ سڙيل ڳائو ڀاڻ هجي ۽ هڪ پتي مٽي،
انهن چرين ۾ سلا هڪٻئي کان ارڙهن انچن جي وڇوٽيءَ
تي رکڻ گهرجن. پوءِ پاڻي وقت بوقت پيو ڏجين ۽ هفتي
۾ هڪڙو ڀيرو پٽڙو ڀاڻ پيو ڏجين. لوڻ هڻو ڀاڻ بهتر
آهي.
آسپريگس وانگي هيءَ ڀاڄي به پنن سڪائڻ سان چڱي ٿيندي آهي. پاڙ
کوٽي مٽي ڪڍڻ سان يا ٻوڙن جي مٿان بانس جي چيريل
لڪڙي رکڻ سان، يا ٺڪر جي نالين رکڻ سان سڪائيندا
آهن.
سيلري ڇهن مهينن ۾ پوري پچي ٿي. پر پنجن مهينن واري کائڻ ۾ چڱي
آهي. ڳاڙهي قسم جي ڀاڄي وڏي به ٿئي ٿي ڳنڍيون به
نهريون ڪري ٿي. ڪنهن ڪنهن جون پاڙون ته ساڳيون
شلغم يا گوگڙوءَ جهڙيون ٿينديون آهن.
فصل چوٿون
ڦَريون، جي ڀاڄين وانگي کائڻ ۾ اچن ٿيون
مَٽَر
مٽرن کي انگريزيءَ ۾ پيز چوندا آهن. مٽرن جيترا قسم ٻيءَ ڪنهن
ڀاڄيءَ جا نه آهن. پر ٽي يا چار مک آهن جي هتي جي
باغن ۾ پوکڻ گهرجن. هڪڙا ته سويري موسم ۾ ٿيندا
آهن، جي ٽي چار فوٽ مٿي اٿندا آهن ۽ ڪاٺي يا ٻي
ٽيڪ ڪا نه گهرندا آهن ۽ پوکڻ کان پوءِ ڇهن هفتن ۾
ڦريون پچائيندا آهن. اهي قد ۾ ننڍا آهن. ٻيا وڏا
آهن جي تياري ٿيڻ ۾ ٽي مهينا لڳائيندا آهن ۽ ڦريون
به وڏيون ۽ گهڻيون ڪندا آهن.
مٽرن جي لاءِ ڪو تمام گهڻو ڀاڻ نه گهرجي. ٻج زمين ۾ ٻه يا ٽي
انچ هيٺ وجهڻ گهرجي. مٽر جي پاڙ هيٺ اُڀي وڃي ٿي،
پاسي تي نه ٿي پکڙي. تنهنڪري زمين هيٺ گهڻو وليل ۽
نرم هئڻ گهرجي. پوکڻ کان اڳي زمين وري به ڀوري
سنئين ڪجي، ۽ منجهس اتر کان ڏکڻ ڏي چريون کڻجن، جي
هڪٻئي کان ٽيهن انچن جي وڇوٽيءَ تي هجن ۽ انچ
اونهيون هجن. ٿوري ڇانوَ مٿان هوندين ته حرڪت
ڪانهي. ٻجن جي چڱائي معلوم ڪرڻ لاءِ پهرين ٿورا
داڻا ڪونڊيءَ ۾ پوکي ڏسجن. ڪي ڪي مٽر پهرين ته اصل
ڪونڊين ۾ پوکي پوءِ ڪڍي زمين ۾ هڻندا آهن. ٻج يا
سلا چرين ۾ سوڙها ۽ گهاٽا نه هئڻ کپن. زمين اصلي
ڀِنل نه هجي ته ٻج پوکڻ کان ٻارهن ڪلاڪ اڳي ججهو
پاڻي ڏئي ڀڄائجي. سگهو مٽر ٽن چئن ڏينهن ۾ ڦٽي
ٻاهر ٿيندو. جڏهن سلا اڌ فوٽ جيڏا ٿين تڏهن گُڏ
ڪجين ۽ سوير ئي ٽيڪ جي لاءِ ڪاٺيون کوڙجن، ٽيڪن
کوڙڻ جو چڱو رستو اهو آهي ته ٻن قطارن جون ڪاٺيون
هڪٻئي تي ليٽائي، سندن چوٽيءَ کان اٺ انچ هيٺ تي
پاڻ ۾ ٻڌي ڇڏجن. جڏهن وليون ڦر ڪرڻ تي اچن. تڏهن
مئو پاڻي ڏجين ته نرم به ٿين ۽ جلد به نه پچي وڃن.
ڦريون قينچيءَ سان ڪپي وٺجن، هٿ سان نه پٽجن، نه
ته شايد ولين کي جوکو پهچندو. چڱا چڱا مٽر چونڊي
ٻج لاءِ رکي ڇڏجن ته وري ٻئي سال ڪم اچن. اهي
سڪائي ٻاٽلين ۾ چڱيءَ طرح بند ڪري رکجن، جيئن
ٽنڊڻي، جنهن کي گڏهڙو چوندا آهن، سو، يا ڪو ٻيو
جيت اندر نه گهڙي وڃي. پوکڻ کان اڳي زمين ۾ شوري
جي چَٽ ڏيڻ فائدي واري چوندا آهن.
مٽر سيپٽمبر کان نومبر تائين پوکي سگهجن ٿا. ڪي ڪي پهرين ٻجن کي
سوسڙي پاڻيءَ ۾ ٻه ڪلاڪ ڀڄائي، پوءِ ٻن ڪلاڪن
تائين سڪائي پوءِ پوکيندا آهن. جڏهن گل ڪن تڏهن
هڪڙو پاڻي ڏجين، پوءِ نه ڏجين.
مٿي اسان جيڪو بيان ڏنو آهي سو ولايتي مٽرن جو، ججن جو ٻج ولايت
مان ايندو آهي. هتي جا مٽر ته تمام عام آهن. اهي
ايتري خذمت ۽ سنڀال نه ٿا گهرن. اهي اڪثر درياهه
جي ڪچي ۾ ٻئي اَن وانگي ربيع جي موسم ۾ ڇٽيندا آهن
۽ ٻنيءَ جي پوک سمجهڻ ۾ آهي نه ڀاڄي. ماڻهو ولايتي
مٽر تَري کائيندا آهن. نهايت لذيذ ٿيندا آهن.
چؤنرا
چئونرن جا به مٽرن وانگي گهڻا ئي قسم آهن. ڪي ولايتي آهن ڪي هتي
جا آهن. ڪن جون ڦريون وڏيون ۽ ڪن جون ننڍيون ٿيون
ٿين. ڪي جا داڻا وڏا ۽ ڪن جا ننڍا؛ ڪن جا گول، ڪن
جا بُڪيءَ جي شڪل جهڙا ۽ ڪن جا چوڪنڊا ٿيندا آهن.
ٻج اڪثر آڪٽوبر ۽ نومبر مهيني ۾ پوکبو آهي. وڏي قد جو ٻج ته
پهريائين گرم پاڻيءَ ۾ ٻارهن ڪلاڪ ڀڄائي پوءِ
پوکيندا آهن نه ته ڦٽندو ئي ناهي. ٻج زمين ۾ ٻه
انچ اونهون وجهندا آهن ۽ ٻن ٻن فوٽن تي ٻٽيون
چريون کڻندا آهن. جڏهن ٻور ۽ گل ڪن تڏهن انهن جون
چوٽيون انچ جيترو ڇني ڇڏجن ته ڦرين ڪڍڻ ۾ زور رکن.
ٻج پهرين ڪونڊين ۾ پوکي پوءِ ڪڍي زمين ۾ رکڻ چڱو
آهي.
ڪن قسمن کي ٽيڪ جو کپ ڪو نه ٿو ٿئي، مگر اڪثر ٽيڪ گهرن ٿا. اهي
ولين وانگي ٿين ٿا ۽ ڪدوءَ جي ول وانگي مَنهنَ تي
چڙهي ويندا آهن ۽ ڇانوءَ ڪري بيهندا آهن. جڏهن ٻج
چرين ۾ پوکبو آهي تڏهن چريون ٻه فوٽ پري ڪبيون آهن
۽ ٻن ٻن انچن تي ٻج هڻبو آهي ۽ هڪڙو انچ هيٺ زمين
۾ گهڙبو آهي. ٽن چئن ڏينهن ۾ ڦٽندو آهي ۽ قريب ڇهن
هفتن ۾ تيار ٿيندو آهي. گهڻيءَ اُس لڳڻ ڪري وڻ سست
ٿيو پوي ۽ پنن کي جيت لڳيو وڃي. چؤنرن جي لاءِ
زمين کي گهڻو ڀاڻ نه گهرجي.
سِيم
سيم به چئونري جي ذات مان آهي. هندستانيءَ ۾ ته چئونري کي سيم
چوندا آهن، پر هن وڏي قسم کي مَکن سيم سڏيندا آهن.
هن جي ڦري وڏي، موڪري، ترار وانگي ٿيندي آهي ۽
اڪثر نو انچ ڊگهي، انچ سوا ويڪري ٿيندي آهي. ڏسڻ ۾
ٿلهي ۽ سخت آهي، مگر جڏهن وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري اُٻاربي
آهي، تڏهن تمام نرم ۽ لذيذ ٿيندي آهي. هيءَ ول
وانگي وڏن وڏن وڻن تي چڙهي ويندي آهي. هيءَ جون ۾
پوکبي آهي.
سيم جا به گهڻا قسم آهن. ڪن جا گل توڙي ٻج ڳاڙها ٿيندا آهن. ڪن
جا گل اَڇا ۽ ٻج ڳاڙها. ڪن جا گل توڙي ٻج اَڇا. ڪن
جون ته ڦريون ٻه فوٽ ڊگهيون به ٿينديون آهن.
هنن قسمن مان هندستانيءَ ۾ ڪنهن کي ”کماچ“ ، ڪنهن کي ”بَربطي“ ۽
”لوبيا“، ڪنهن کي ”پنچ سيم“ ، ڪنهن کي ”چار ڪوني
سيم“ چوندا آهن.
سُهانجڙو
هيءُ ڀاڄين وانگي ڪو ٻوڙو يا ول نه ٿيندو آهي، پر وڏو درخت آهي.
مگر جڏهن هن جون ڦريون يا گل ۽ ٻور ڀاڄيءَ وانگي
ڪم ايندو آهي، تڏهن ان جو بيان هتي آندو ويو آهي:
ڪٿي ڪٿي هن وڻ جون پاڙون به کائڻ ۾ اينديون آهن.
ڦريون ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڪاڙهي يا رڌي کائبيون ته
اَسپريگس جو سواد ايندو. هن جو ٻج جون يا جولاءِ ۾
پوکبو آهي.
هن جو انگريزي قسم جنهن کي هارس راڊشِ سڏيندا آهن، سو هتي گهڻو
پوکڻ ۾ نه ايندو آهي. هن جون پاڙون ٽُڪر ٽُڪر ڪري
فوٽ کن هيٺ زمين ۾ پوري ڇڏيندا آهن، جو ورهه ٻن
کان پوءِ نڪري ظاهر ٿيندو ۽ گونچ ڪڍندو؛ تڏهن کائڻ
جي ڪم ۾ ايندو آهي. انهيءَ وچ ۾ پاڻي ڏيندا اٿس،
ڀاڻ وجهندا اٿس.
سهانجڙي جون ڦريون هتي ڀاڄيءَ وانگي رڌي به کائبيون آهن ۽ آچار
وانگي به سنڌبيون آهن. هن جو گل ۽ ٻور به ڀاڄيءَ
وانگي ڪم اچي ٿو.
گُئار
هتي سنڌ ۾ گئار جون ڦريون به ڀاڄيءَ وانگي ڪم آڻيندا آهن. هي
خريف جي موسم ۾ جوار، ٻاجهري ۽ ٻين اَنن سان گڏ
ٻنين ۾ پوکبِي آهي ۽ اڪثر اُٺن جي لاءِ پوکڻ ۾
ايندي آهي، پر ماڻهوءَ ان جون ڪچيون ڦريون ڇني ساڳ
ڪندا آهن يا ٻوڙ ۾ وجهندا آهن. بعضي ته سڪائي به
رکندا آهن. گئار جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪڙي وڏين
ڦرين واري جا ڀاڄيءَ وانگيان کائڻ ۾ ڪم ايندي آهي
۽ ٻي ننڍين ڦرين واري، جا اٺن جي گاهه لاءِ ڪم
ايندي آهي. گئار هاڙ ٻي به ڄمندي آهي پر اها رڳي
گاهه جي ڪم ايندي آهي. گئار کي انگريزيءَ ۾ ”فيلڊو
هيچ“ چون ٿا.
داليون
دالين جا گهڻا قسم آهن، جي سڀ ڦرين مان نڪرنديون آهن. اُهي هتي
عام آهن ۽ ڀاڄيءَ وانگي ڪم اينديون آهن- تنهنڪري
نالي جي لاءِ هتي ڏجن ٿيون. مٽرن جو اسان مٿي بيان
ڏنو آهي. مڱ، چڻا، مهري يا مسور، ماه، تور يا ٿوهر
_ اهي سڀ هتي اَن سان گڏ ٻنين ۾ پوکبيون آهن. |