سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :11

هن ميوي کي انگريزيءَ ۾ واٽر چيسٽ نٽ چون ٿا.

اَنناس

هيءُ ميوو اصل ڏکڻ آمريڪا کان آيل آهي ۽ هاڻ ته هندستان جي هيٺين ڀاڱن ۾ بلڪل عام ٿي ويو آهي. يورپ ۾ به هن ميوي جا گهڻا قسم ٿيندا آهن. انهن جي خوشبوءِ ۽ لذت سان، هتي جي پيدا ٿيل انناس جي خوشبوءِ ۽ لذت مَٽ نه ڪندي. هن ملڪ ۾ گهڻا ئي قسم ٿيندا آهن، جي رنگ، قد، خوشبوءِ ۽ شڪل ۾ تفاوت رکن ٿا. اڪثر کرنڊ کرنڊ وارا ٿين ٿا، مگر ڪي قسم لسيءَ کل وارا به ٿيندا آهن.

انناس جو وڻ اڪثر اس واري هنڌ ٿيندو آهي. فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ گل جهليندو آهي ۽ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ميوو پچائيندو آهي. تنهن کانپوءِ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ وڌڻ لڳندو آهي. ڪي ڪي ته وڌڻ جي بدران انهن سرد مهينن ۾، وري ٻور ۽ گل ڪري ڦر پيدا ڪندا آهن. پر اهو ڦر بيمو سمو چئبو، جو گرميءَ جي گهٽتائيءَ ڪري، اڪثر ڪسارو ۽ نه کائڻ جوڳو ٿيندو آهي. ننڍا ننڍا گونچ اجايا نڪرن ته ڇانگي ڇڏڻ گهرجن. سانوڻ جي مينهن کان پوءِ پاڻي اصلي نه ڏجين، مگر جڏهن فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ڦر ڪرڻ لڳن ۽ اهو پچائڻ لڳن تڏهن سو مَئُو پاڻي ڏجين. انهيءَ وقت پنن جي مٿان به پاڻي وجهڻ گهرجي ته ڀلي مٽي ڌوپي وڃين ۽ سوراخ به جاري رهن.

پوکڻ مهل انناس قطارن ۾ هڻجن. قطارون هڪٻئي کان ٽي فوٽ پري هئڻ گهرجن ۽ وڻ هڪٻئي کان ٻه فوٽ هئڻ گهرجن. ڇٻراٺي مٽي صاف واريءَ يا هڏن جي چوري سان گڏيل، هن لاءِ فائدي واري آهي. انناس لاءِ نباتاتي ڀاڻ چڱو آهي. فيبروريءَ مهيني ۾ پاڙون کوٽي، پراڻي سڙيل ڇيڻي جي هڪ ٽوڪري هرهڪ وڻ کي ڏئي وڃجي. انهيءَ جي مٿان وري هڪڙو تهه مٽيءَ جو وڇائي ڇڏجي. ڏهاڙي پاڻي ڏيڻ گهرجي. هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو وڻن جي مٿان پاڻي ڇاٽاري، پن ڀِڄائي صفا ڪري ڇڏجن. انهيءَ ڪري ميوو قد جو وڏو به ٿئي ٿو ۽ زياده خوشبودار به ٿئي ٿو.

جيترا ڀيرا ٿي سگهي اوترا ڀيرا، انناس جي وڻن جون چڪيون ڪڍي نئين زمين تي رکڻ گهرجن، جو انهيءَ ڪري وڻن جي طاقت توڙي خاصيت سڌري ٿي.

جڏهن ميوو چئن انچن جيڏو ٿئي، تڏهن مٿيان پن مروٽي ڪڍي ڇڏجنس ۽ هڪڙي سِر کڻي مٿان رکجيس. انهيءَ ڪري چون ٿا ته انناس گهڻو سڌارو ڪري ٿو. چوٽي پٽڻ جي ڪري ميوو جلد به پچي ٿو ۽ خوشبوءِ به زياده ڪري ٿو.

مينهن جي موسم ۾ اکين هڻڻ سان، يا ميوي جي سائي پنن واري چوٽي واريءَ ۾ پورڻ سان، انناس جو وڻ پيدا ٿي سگهي ٿو. انناس گرم ۽ خشڪ هوا ۾ چڱو ٿئي ٿو، تنهنڪري ٽڪرن تي اڪثر ڪين ٿيندو آهي. چون ٿا ته جنهن قسم جو ڀليءَ زمين ۾ ڪمند چڱو ٿيندو آهي؛ انهيءَ ۾ انناس به چڱو ٿيندو آهي. پر جي ڀانئجي ته ميوو اڃا به ڀلو ٿئي، ته زمين ۾ چُن، لوڻ ۽ شوري سان گڏيل ڀاڻ ڏجي. اڍائي سير لوڻ جا دلي جيتري يا وڌيڪ پاڻيءَ ۾ ڳاري، اهو پاڻي جن جي چاليهن سيرن تي کڻي وجهجي، جيئن چن کي ڀڄائي ڇڏي، ٻوڙي نه ڇڏيس. جڏهن سڪي تڏهن وري ڀڄائجيس. ائين پيو ڪجيس جيسين ڪ لوڻ ۽ چن گڏجي وڃي. انهيءَ طرح وري پنج سير شوري جا، سرن جي کوري جي رک جي چاليهن سيرن ۾ ڳاري، اهو به لوڻ ۽ چُن واري مٽيءَ سان گڏائجي. تنهن سان وري اٺ مڻ تازي ٻاڪري يا ريڍي ڀاڻ جا ملائجن. اهو ڀاڻ زمين کي ڏئي پوءِ انناس جا وڻ هڻجن. وڻن پوکڻ جو به سولو رستو اهو آهي ته هڪڙي ٽوڪري چڱن انناسن جي؛ بازار مان گهرائجي. ميوا کائي کپائي ڇڏجن، رڳو انهن جون پنن واريون چوٽيون پاڙان پٽي ڪنهن گَپ واريءَ کڏ ۾ هڻي ڇڏجن، ته انهن ۾ جيڪي اکيون لڪل رهن ٿيون سي پاڻهئي ڦٽي پونديون.

انناس کي روشني توڙي گرمي، توڙي گِهم جي گهڻي گهرج ٿئي ٿي. پوکڻ جو چڱو وقت آگسٽ سارو ۽ سيپٽمبر جو پهريون هفتو آهي.

انناس جا پنج ڇهه قسم آهن، جي ميوي جي قد ۽ رنگ ۾ تفاوت رکن ٿا.

انناس کي انگريزيءَ ۾ پائن ائپل چون ٿا.

ڪيوڙا

ڪيوڙي کي هندستانيءَ ۾ ڪيلا، فارسيءَ ۾ موز ۽ انگريزيءَ ۾ پلانٽين يا بنانا سڏيندا آهن. هن جا بيشمار قسم آهن جي قد، رنگ، خوشبوءِ، لذت ۽ ٻين ڪن ڳالهين ۾ تفاوت رکن ٿا.

چڱي ڪيوڙي جي لاءِ تمام ڀلي زمين گهرجي. ڪيوڙا هڪٻئي کان ڇهن يا اٺن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي، هڪڙيءَ ڪسيءَ ۾ پوکڻ گهرجن، جا ڪسي هڪ فوٽ يا وڌيڪ اونهي ۽ ٽي فوٽ ويڪري هئڻ گهرجي ۽ انهيءَ ۾ وقت بوقت ججهو پاڻي ۽ تازو ڳائو ڀاڻ وجهڻ گهرجي. هر هڪ وڻ ۾ ٽڻ ٽڙن کان وڌيڪ ٿڙَ رهڻ نه ڏجن. جيڪي اکيون پاڙ مان نڪرنديون وڃن سي هڪدم ڪڍي ڇڏڻ گهرجن. جيڪو ٿڙ هڪڙو ڀيرو ڦر ڪري، تنهن کي پاڙ کان مٿڀرو زمين جي سنوت ۾ وڍي ڇڏڻ کپي، جو اهو وري ٻيو ڦر نه ڪندو. وڍيل پاڙ کي زمين ۾ تيستائين ڇڏجي، جيستائين ڪا ان جي تازي اک اها جاءِ واري بهتر آهي ته ٻئي يا ٽئي ورهيه ڪيوڙو ڪڍي نئين زمين ۾ رکجي، جو هو جنهن زمين ۾ رهي ٿو انهيءَ کي ٿڪايو ڇڏي.

جيسين ڪ مٿيون ٻه يا ٽي ڦريون پچي نه وڃن، تيسين ميوي جو ڇڳو وڍي لاهي نه رکجي. وڍڻ کان پوءِ اهو ڇڳو رسي سان گهر ۾ لڙڪائي ڇڏجي، جتي ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڀ ڦريون پچي پونديون. ڪيوڙو خوشبوءِ تڏهن ٿو ڪري جڏهن پچي وڃي ٿو.

چوندا آهن ته ساڳئي ٿڙ ۾ ٻن قسمن جو ڦر پيدا ڪرائي ٿو سگهجي. هيئن ڪجي جو ٻن قسمن جي ڪيوڙن جون هڪ جيڏيون اکيون ڪڍي، تکي ڪپ سان اڌ مان چيري، هڪڙي جو اڌ ٻئي جي اڌ سان ملائي، ٻڌي، زمين ۾ هڻي ڇڏجي. سگهو ئي اهي ٻئي اڌ ملي هڪ ٿي ويندا ۽ ڏينهن پُني هڪڙي ٿڙ مان ٻنهي قسمن جو ميوو پيدا ٿيندو.

ڪيوڙي کي گهڻي سردي ساڙيندي آهي. ڪيوڙي جي لاءِ زمين لوڻائتي بهتر آهي. انهيءَ ڪري انناس جي لاءِ جيڪو ڀاڻ جو نسخو مٿي ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ لوڻ جو انداز ٻيڻو ڪجي.

سادي قسم جا ڪيوڙا ماڻهو ڍورن کي کارائيندا آهن. ڪچا ڪيوڙا ڀاڄيءَ ۾ به ڪم آڻيندا آهن. ڪن مان ته ماني به پچائيندا آهن. جڏهن ڪيوڙو چڱو ڦر ٿو ڪري تڏهن ته هڪڙو ئي وڻ ستر يا اسي پائونڊن جيترو مال پيدا ڪري ٿو. ”همبولٽ“ صاحب لکي ٿو ته ”ساڳي زمين جا هڪ هزار چورس فوٽ، جي 462 پائونڊ پٽاٽن جا يا اٺٽيهه پائونڊ ڪڻڪ جا اُپائيندا، سي ڪيوڙن جا چار هزار پائونڊ اُپائيندا ۽ گهٽ عرصي ۾.“

ڪيوڙن جا گهڻا ئي قسم مشهور آهن. لال ڪيوڙو ۽ سون ڪيوڙو ته عام آهن. ٻين عمدن قسمن جا هندي نالا هي آهن، چمپا، چيٻي چمپا، مرتبان، ڊاڪائي، ڪڇ ڪيلو، موهن ڀوڳ، رام ڪيلو ۽ ٻيا.

توت

توت يا شهتوت هندستان ۾ عام آهي. هي ٻن قسمن جو ٿيندو آهي:. هڪڙو ڳوڙهو سائو يا ڪارو ۽ ٻيو اڇو. ٻئي مٺا ٿيندا آهن. هڪڙو ٽيون قسم به ٿيندو آهي، جو ننڍڙو ٿيندو آهي ۽ کٽمٺو ٿيندو آهي. هتي جا انهيءَ کي سنڌي توت چوندا آهن. توت مارچ ڌاري ڦر پچائيندو آهي. قلمن يا ڏندڻن هڻڻ سان پيدا ٿيندو آهي.

سچو پچو توت ولايتي ميوو آهي، جو اصل ايران جو آهي. هن ملڪ ۾ ان جي لاءِ گهڻائي مٿا هنيا اٿن پر چڱو نه ٿو ٿئي. وڻ وڏو ٿئي ٿو پر ڦر برابر نه ٿو جهلي. انگلينڊ ۾ به اهو چڱو ٿئي ٿو. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ڪشمير ۽ جلندر ۾ البت موچارو ٿئي ٿو. ان جي ميوي ۾ جا خوشبوءِ ۽ لذت ٿئي ٿي، سا هتي واري توت ۾ نه ٿي ٿئي.

توت جي پنن تي ولايت ۾ پَٽ جا ڪينئان پاليندا آهن. توت کي انگريزيءَ ۾ مَلبيري چون ٿا.

اَنجير

هي ميوو هن ملڪ ۾ عام آهي. هن جا ٻه ٽي قسم ٿين ٿا. هڪڙا خاڪي رنگ جا ۽ ٻيا واڱڻائي رنگ جا. پر معلوم ٿئي ٿو ته پنجاب ۾ گهڻن قسمن جا ٿين ٿا، ڪي اڇا ۽ ڪارا. ولايتي انجير به هندستان جي ڪن ڀاڱن ۾ پوکجن ٿا، اهي ته گولائيءَ ۾ ساڍا ڇهه انچ ۽ وزن ۾ ٻه آئونس (ٽراءِ ويٽ جا) ٿيندا آهن. ترڪي انجير به چڱا ٿيندا آهن. جتي گهڻا ٿيندا آهن اتي چپي، سڪائي، رکي ڇڏيندا آهن. يا ٻين ملڪن ڏي واپار لاءِ موڪليندا آهن. قنڌار جا سڪل انجيرته عام آهن.

انجير جو وڻ، سياري جي موسم وارن ٽن چئن مهينن ۾، پن ڇاڻي اگهاڙو ٿي بيهندو آهي. مارچ ۾، يعني بهار جي موسم ۾ وري تازا پن ڪڍي ٿو ۽ ٻور جهلي ٿو. جولاءِ ۾ ميوو پچائي ٿو. بعضي سال جي اندر ٻه ڀيرا به ميوو ڪڍندا آهن.

سياري جي موسم ۾ هتي جا مالهي انجيرن جي وڻن کي ڇانگ ڪندا آهن. جڏهن ميوو پچڻ لڳي تڏهن مَئو پاڻي ڏيڻ گهرجي. انجير جي لاءِ وارياسي زمين تمام چڱي آهي. انجير جو وڻ جلد وڌندڙ آهي. ٽارڙي وڍي کڻي زمين ۾ هڻبي آهي، ته ڦٽي پوندي آهي، مگر ڇانورو ۽ پاڻي سو هجيس.

انجير کي انگريزيءَ ۾ فِگ چوندا آهن.

ڦَڻَس (فنس)

هن وڻ جي ميوي جيڏو ٻيو ميوو شايد دنيا ۾ ڪو نه هوندو. شڪل جو بيضوي آهي، مگر بيڊولو ۽ بدشڪل آهي. ان جي ڳَرُ نرم تندن واري آهي، جا ننڍي نارانگيءَ جي رنگ ۽ قد جيڏن ڳپلن ۾ هيڏي هوڏي رکيل آهي. منجهس تمام گهڻي بوءِ ٿي رهي جا ڪيترن ماڻهن کي پسند ايندي آهي، ڪيترن کي نه وڻندي آهي. ڳر سواد ۾ تمام مٺي ٿيندي آهي. اها ڪڍي تازي کير ۾ ڪاڙهي، ڇاڻي، کائيندا آهن. جڏهن کير ٺري بيهندو آهي، تڏهن ماکيءَ جهڙو گهاٽو ۽ نارنگي رنگ جو ٿي بيهندو آهي ۽ منجهس گدري جهڙي بوءِ ٿيندي آهي. ماڻهو ان کي گهڻو کائيندا آهن.

ڦڻس جا مکيه ٻه قسم آهن: هڪڙو نرم ٻيو سخت، سخت قسم وارو وڏو به ٿيندو آهي ۽ عمدو به ٿيندو آهي. ٻاهرين کل لسي ٿي ٿئيس ۽ اندريون ٻج ننڍو ٿو ٿئيس. نرم قسم وارو اُن جي اُبتڙ ٿو ٿئي.

ڦڻس ٻين ميون وانگي وڻ جي ٽآرين جي چوٿين ۾ ڪين ٿيندو آهي، پر ٿڙ مان نڪتل ٿلهين پاڙن يا ٽارين ۾ لڳل رهندو آهي. حقيقت ڪري اهڙو وڏو ۽ ڳرو ميوو جيڪر وڻ ۾ ٻئي هنڌ بيهي به ڪين سگهي. انهيءَ ميوي جي بيهڻ جي جاءِ، وڻ جي عمر موافق ڦرندي رهندي آهي. پهرين ٽارين ۾ ٿو ٿئي پوءِ تمام جهونن وڻن ۾ ٿڙ تي ۽ پاڙن تي، جيڪي پاڙن ۾ ٿا ٿين سي زمين ڦوڙي نڪرن ٿا. اهي سڀ کان عمدا ٿا ٿين.

هي وڻ نومبر مهيني ۾ ٻُور کولي ڦر جهلي ٿو، جو مارچ مهيني تائين هلي ٿو. جڏهن گل ڀريندي ٽڙن ٿا تڏهن منجهن مٺي وڻندڙ بوءِ ٿئي ٿي. وڻ به وڏي قد جو ٿو ٿئي ۽ هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿئي ٿو، خاص ڪري هيٺين بنگال ۾. پنجاب ۾ البت گهٽ آهي. ميجر ”ڊُروري“ لکي ٿو ته ”جيڪڏهن هي وڻ پهڻن واريءَ زمين ۾ ٿيندو ته قد جو ننڍو ۽ گهاٽو ٿيندو؛ جي وارياسيءَ زمين ۾ هوندو ته ڊگهو ۽ پکڙيل ٿيندو ۽ جي سندس پاڙون هيٺ وڃي پاڻيءَ سان لڳنديون ته وڻ ۾ ڦر ڪو نه ٿيندو.“

هن وڻ سان ڏيهي ماڻهو اڪثر هيءَ هلت ڪندا آهن: ڳر سوڌو ٻج کڻي پوکيندا آهن. جڏهن سلو نڪري تڏهن بانس جو ٽڪر اڌ مان چيري، وچ وارو بند ڀڃي سارو پورو ڪري، سلي جي مٿان ٻڌي ڇڏيندا آهن. اهو بانس جو ٽڪر اٽڪل ٽي چار فوٽ ڊگهو هوندو آهي. سگهو ئي ڦڻس جو سلو بانس جي چوٽيءَ کان اچي منهن ڪڍندو آهي. پوءِ بانس جا ٽڪر ڪڍي ڦٽا ڪندا آهن ۽ سلو، جو اڳڙيءَ جهڙو نرم ٿيندو آهي، تنهن کي زمين تي پاڙ جي چوڌاري نانگ وانگي ور ڏئي، مٿانئس مٽي وجهي ڇڏيندا آهن. سلي جي چوٽي پاڻهئي زمين مان وري منهن ڪڍندي ۽ مٿي هلندي ايندي آهي. اٽڪل پنجن ورهين ۾ اهو سلو مچي وڏو وڻ ٿيندو آهي ۽ اهي هيٺان زمين ۾ پوريل ور به زور وٺي ٿلها ٿيندا آهن. انهن تي ميوو نڪري بيهندو آهي، جو قد جو به تمام وڏو ٿيندو آهي ۽ خاصيت ۾ به عمدو ٿيندو آهي.

ٽَڪرن تي هي وڻ ڪين ٿيندو آهي، جو اتي سردي هوندي آهي ۽ هي وڻ گرم هوا ۾ ٿيندڙ آهي.

هن جو هڪڙو قسم جاوا ۽ ٻين ٻيٽن ۾ ٿيندو آهي. انهيءَ جي کَلَ چهڪن واري ٿيندي آهي. هي وڏي گدري جيڏو ٿيندو آهي، منجهس ٻج به ڪو نه ٿئي ۽ بوءِ به ڪا نه ٿئي. هي قسم بمبئيءَ ۽ دکن جي ڪن ٻين ڀاڱن ۾ به ٿيندو آهي، مگر بنگال کاتي ۾ ڪين ٿئي.

هن کي انگريزيءَ ۾ جاڪ فروٽ چوندا آهن.

گِدرا!

گدرن جا سادا قسم، جي ڀاڄين وانگي ڪم ايندا آهن، جي اسان مٿي ڀاڄين جي باغ ۾ ڏنا آهن، جيڪي عمدا قسم آهن سي اسين هتي ميون جي باغ ۾ ڏيون ٿا.

اول درجي وارو گدري جو قسم اهو آهي، جنهن کي سَردو چوندا آهن ۽ جو اصل ڪابل ۾ پيدا ٿيندو آهي. اهو اڪثر هندستان ۾ ٿي ڪين سگهندو آهي. تنهن کانپوءِ ٻئي درجي وارو ۽ سائيءَ ڳر وارو، سردي جهڙو گدرو به آهي؛ جو پڻ ڪابل ۾ ٿيندو آهي ۽ هتي به وڪامڻ ايندو آهي. اهو فيروزپور ۽ ڪن ٻين هنڌن ۾ چڱو ٿيندو آهي. ٻج وڏو ٿيندو اٿس.

انهن ڪابلي قسمن کان پوءِ لکنئو جا گدرا عمدا ٿيندا آهن، جن کي اڇي هئڻ سبب سفيدا چوندا آهن. اهي قد جا ننڍا، وڏيءَ نارنگيءَ جيڏا ٿيندا آهن، اندر ٻاهر سفيد ۽ تمام مٺا ٿيندا آهن. اهي وارياسي زمين ۾ ڏاڍا ڀلا ٿيندا آهن. انهن جو ٻج مارچ ۾ پوکبو آهي.

ٻيا به ڪي قسم ڏيهي گدرن جا تمام چڱا ٿيندا آهن، جن ۾ خوشبو توڙي لذت چڱي ٿيندي آهي. بعضي انهن ۾ کنڊ وجهي به کائيندا آهن. انهن جي پوکڻ جو رستو مشڪل ناهي. زمين جيترو کليل هجي اوترو چڱو. ست پَتيون مٽي ۽ اٺين پتي واريءَ جي گدرن لاءِ چڱي آهي. چئن يا ڇهن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي کڏون هڻي وڃجن، جي ٻه فوٽ اونهيون ۽ ٻه اڍائي فوٽ ويڪريون هجن. يا ته چريون کڻي وڃجن، جي چوڏهن انچ اونهيون ۽ ٻه فوٽ ويڪريون هجن. هر هڪ چريءَ ۾ ٻه قطارون ٻجن جون پوکي وڃجن. جڏهن سلا هڪ فوٽ جيڏا ٿين تڏهن ڪڍي ٻاهر ٻنن تي ڇڏجن پر نظر رکجي ته پاڻيءَ سان نه وڃي لڳن. پاڻي ڳو پاڙن کي ملڻ گهرجي. ولين جي لاءِ چڱو ڀاڻ آهي اڌ مٽي ۽ اڌ لِڏ يا ڇيڻي جو. مارچ جي وچ يا پڇاڙيءَ ڌاري ٻج پوکجي. عمدن قسمن جي ٻج کي بهتر آهي ته سوسڙي پاڻيءَ ۾ چوويهن ڪلاڪن تائين ڀِڄائجي. پوءِ آلي ڪپڙي ۾ ويڙهي رکجي، يا ته آليءَ رک ۾ ڍڪي ڇڏجي ته ڀلي ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڦٽي. پوءِ کڻي فوٽ فوٽ پنڌ تي زمين ۾ انچ يا ڏيڍ اونهو پوکجي. انهيءَ وقت تمام گهڻو پاڻي ڏجيس، پوءِ به ڏهاڙي شام جو پيو پاڻي ڏجي، جيسين ڪسلا زمين کان ٻه انچ مٿي اچن. پوءِ رڳو ڪڏهن ڪڏهن پاڻي ڏجين.

مٿين سمجهاڻي چڱن گدرن جي ”چُيو“ صاحب جي ڏنل آهي، جا گهڻي ڪمائتي آهي. ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن وليون گل ڪن تڏهن پاڻي جهلجي، ۽ جڏهن ڦر جهلڻ لڳن تڏهن جام پاڻي ڏجين، وري جڏهن ڦر پچڻ لڳي، تڏهن وري پاڻي روڪجي. گدرو جيترو ول جي پاڙ کي ويجهو هوندو اوترو چڱو ٿيندو. انهيءَ ڪري تجويز سان ولين جي ڇانگ ڪندا آهن، اها هن طرح جو پهرين چئن پنن نڪرڻ کان پوءِ، جيڪا شاخ انگور وانگي نڪري تنهن کي چپٽيءَ سان پٽي وٺجي. انهيءَ ڪري سلا پاسي تي وڌڻ لڳندا. جڏهن پاسي واريون ٽارڙيون چئن انچن جيڏيون ٿين، تڏهن وري چوٽي پٽجين، ته وري ٻيون تارڙيون پاسن کان ڪڍن. انهيءَ طرح ڪندو وڃجي. هر هڪ ٽاريءَ ۾ هڪ ٻه ڦر پريندي ڇڏي ڏجي. جڏهن وڏيرڙيون ٿين تڏهن هر هڪ ول ۾ ٻه مضبوط ٽاريون ڇڏجن، جنهن ۾ هڪڙو هڪڙو تمام چڱو پتو هجي، ٻيون چِپي يا پٽي ڇڏجن.

گدرو جيسين ڪچو ۽ ننڍو آهي، تيسين ونگن وانگي ان کي به ڳاڙهي ٽنڊڻيءَ جي نقصان جو ڊپ آهي. ان جو سولو علاج اهو آهي ته سڙيل ڪاٺيءَ جي رَک پنن تي ٻُرڪي ڇڏجي. پر انهيءَ ڪري جو ول جا سوراخ يا مسام بند ٿيندا، تنهنڪري اها وري ٻي حرڪت چئبي.

ايران ۾، گدرن جي پرورش لاءِ ڪبوترن جون وٺيون تمام اُچو ۽ فائدي وارو ڀاڻ سمجهيل آهن. چون ٿا ته ڪابل ۾ جڏهن سَردي جو پِتو اکروٽ جيڏو ٿيندو آهي، تڏهن گپ جو پنوڙو کڻي ان جي مٿان ورائي ڇڏيندا آهن ۽ زمين ۾ ان جي لاءِ کڏڙي کڻي ان ۾ رکي ڇڏيندا اٿس. ڪي ڪي ته گدرا اڃا ولين ۾ هوندا آهن ته واريءَ ۾ پوري ڇڏيندا آهن، انهي ڪري قد ڪندا آهن.

عمدي قسم جي گدري جو ٻج صاف ڪري سنڀالي رکجي ته متان ڪو سادي قسم جو ٻج ان سان گڏجي وڃي. ٻج تازي گدري مان ڪڍي مٽيءَ سان گڏ مهٽي، سُڪائي، رکي ڇڏجي.

گدري کي فارسيءَ ۾ خربُوز چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ مَسڪ ميلن.

هنداڻا

هنداڻي کي ڇانهين يا ڇانهون به چوندا آهن. فارسيءَ ۾ تربوز نالو اٿس. هي به گدري جي ذات مان آهي. هتي عام ٿيندا آهن. ڪي گول ٿيندا آهن ۽ ڪي ڊگها. کل لسي ۽ ڪاري يا سائي ٿيندي اٿن. گرم ڏينهن ۾ انهن جي کاڌي مان گهڻي لذت حاصل ٿيندي آهي.

ڇانهين جو ٻج فيبروريءَ ڌاري پوکبو آهي. گدرن وانگي ڇانهان به واڙين ۾ پوکبا آهن. هنن کي پاڻي مَئوُ گهرجي. اڪثر درياهه جي ڇڏيل ريٽن ۾ چڱا ٿيندا آهن. جڏهن وليون ڦر ڪنديون آهن، تڏهن اپريل مهيني جي وچ ڌاري واريءَ ۾ کڏون کڻي پِتا پوري ڇڏيندا آهن. کڏ ايڏي ڪندا آهن جنهن ۾ پِتو آسانيءَ سان وڌي سگهي.

بغداد ۽ ڪن ٻين هنڌن تي، هنداڻا قد ۾ تمام وڏا ۽ ڀاري ٿيندا آهن.

انگريزيءَ ۾ ڇانهينءَ يا هنداڻي کي واٽر ميلن سڏيندا آهن.

پَپيِتا

هي ميوو، جنهن کي انگريزيءَ ۾ پاپا ۽ هندستاني ۾ پپيتا چوندا آهن، سو جيتوڻيڪ اصل ڏکڻ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جو آهي، تڏهن به هن ملڪ ۾ اهڙو عام ٿي ويو آهي جو شمار ۾ ڏيهي ميوو اچي ٿو.

هي ميوو شڪل ۾ ناسپاتيءَ جهڙو، قد ۾ وڏي ناريل جيڏو، رنگ جو ڦڪو سائو يا پيلو ٿئي ٿو.

سڀ کان عمدو قسم سينگاپور ۽ مولمين ۾ ٿئي ٿو. وڍڻ کانپوءِ اندران ڏاڍو وڻندڙ شڪل جو ڏسبو آهي، واڱڻائي رنگ جي ڳر واري گدري وانگي هوندو آهي. منجهس گهڻي خوشبوءِ ڪا نه ٿيندي آهي مگر تمام ٿڌو ۽ لذيذ ٿيندو آهي. ميوي جو وچ سنهڙن ڇيرن جهڙي ٻج سان ڀريل رهي ٿو، جو گهڻن ماڻهن کي پسند ايندو آهي.

هن جو وڻ پهرين فيبروريءَ ۾ گل ڪري ٿو ۽ مارچ ۽ اپريل ۾ ڦر ڏئي ٿو. وري مينهن جي موسم ۾ ٻور جهلي ٿو، جو آسپاس کي واسي ڇڏيندو آهي ۽ سياري جي ساريءَ ۾ موسم ۾ هن جو ميوو کائڻ ۾ اچي سگهي ٿو.

پوکڻ جو رستو اهو آهي ته جڏهن ٻج مان وڻ پيدا ٿين ۽ ڦر جهلين، تڏهن ڪي ٿورا ميوا ڇڏي ٻيا پٽي ڇڏجن ۽ پوءِ جيڪي گل جهلي سي به ڇني ڇڏجن. ڦر جهلڻ وقت جي زمين خشڪ هجي ته ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي. ٻج فيبروري، مارچ ۽ سيپٽمبر مهينن ۾ پوکبو آهي. سلا جلد وڌندا آهن ۽ سگهو ئي اٺن ڏهن فوٽن جيڏا ٿيو وڃن ۽ ڏهن مهينن جي عرصي اندر ڦر جهلين ٿا. ننڍائيءَ ۾ وڻ کجيءَ جهڙو سهڻو ٿئي ٿو، مگر وڏي هوندي اهڙو سهڻو نه ٿو ٿئي. هڪڙن وڻن جا گل نَر ٿيندا آهن ۽ ٻين جا ماديون، تنهنڪري گهڻا وڻ اڪثر ڦر ڪين جهليندا آهن. هن وڻ جي اها خاصيت مشهور آهي.

”ڊان“ صاحب لکي ٿو ته ”هن وڻ مان کير جهڙي هڪڙي رس نڪرندي آهي، سا پاڻيءَ ۾ گڏي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو گوشت ڌوئي صاف ڪبو، ته تمام نرم ٿي پوندو، اهڙو جو سيخ تي چاڙهي پچائبو ته پچڻ کان اڳئي ڇڻي پوندو، يا ديڳڙي ۾ رڌيندي ڀُري پوندو. ڪراڙي جانور يا پکيءَ جي گوشت کائڻ لاءِ اها ترتيب ڪم آڻيندا آهن. پر اهڙو گوشت جلد کائڻ گهرجي نه ته ستت ئي ڪنو ٿي ويندو.“ ڊاڪٽر ”هولڊر“ جو ته چوڻ آهي ته ”انهيءَ وڻ مان جيڪو بخار نڪري ٿو، سو ئي ڳاريندڙ آهي. تنهنڪري باريڊوز جي ٻيٽ جا ماڻهو، گوشت جون رانون توڙي پکي کائڻ کان اڳي، انهيءَ وڻ جي مٿين ٽارين ۾ لڙڪائي ڇڏيندا آهن.“ پر ڊاڪٽر ”ڊيويءَ“، آزمودي وٺڻ کانپوءِ لکيو آهي ته ”وڻ ۾ ڪا اهڙي خاصيت ڪانهي، مگر ميوي جي رس ۾ هضم ڪرڻ جي طاقت زياده آهي، جنهنڪري بدهاضمي جي بيماريءَ ۾ طبيب اها گهڻو ڪم آڻيندا آهن.

پَنِيالا

هي ميوو هندستان جي ڏيهي ميون مان آهي. بنگال ۾ عام آهي، پنجاب ۽ ٻين مٿين پرڳڻن ۾ ڪين ٿيندو آهي.

اهو وڻ ويهه فوٽ وڏو ٿيندو آهي. پن ننڍڙا ۽ ٽارين ۾ تمام گهڻا ڪنڊا ٿيندا اٿس. سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ميوو پچندو اٿس، جو آلو بخارا جيڏو ۽ جهڙو ٿيندو آهي ۽ پنج يا ڇهه – ڪُنڊو ٿيندو آهي. ڳُوڙهو واڱڻائي رنگ ٿيندو اٿس. اهو تمام سخت ٿيندو آهي، تنهنڪري پهرين آڱرين سان هن کي نپوڙي نپوڙي، ترين جي وچ ۾ ڦيرائي پوءِ کائيندا آهن. کنڊ سان رڌڻ ڪري چڱي لذت ڪندو آهي. ٻج جون ۽ جولاءِ ۾ پوکبو آهي. بهتر آهي ته بيٺل وڻ وڍي ٻارهن فوٽن جيڏا ڪري ڇڏجن ۽ سڪين ٽارين جي ڇانگ ڪري ڇڏجي. پاڙن مان مٽي ڪڍي وري ٻي تازي مٽي وجهڻ گهرجي، جنهن سان ڀاڻ به گڏائڻ گهرجي. انهيءَ ڪري ميوي جو گهڻو سڌارو ٿيندو آهي.

هن وڻ جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي ڪنڊو ڪو نه ٿو ٿئي ۽ سندس پن وڏا ۽ سهڻا ٿا ٿين. انهيءَ کي ڏيهي ماڻهو ٽومِي ٽومي سڏيندا آهن.

کٽُنبڙا

هن کي هندستانيءَ ۾ پٽوا يا ميستا ۽ انگريزيءَ ۾ روزيل يا انڊين ساريل سڏيندا آهن. هن جو خود ميوو کائڻ ۾ نه ايندو آهي، پر ميوي جي ٻاهران ويڙهيل ٿلها پن ڪم ۾ ايندا آهن. انهن مان جيلي، پُڊنگ ۽ ٻيا کاڌي جا قسم ٺهندا آهن. سواد ۾ جهڙي ڪاري ڊاک. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا اڇا ۽ ٻيا ڳاڙها. ڳاڙها البت وڌيڪ کٽا ٿيندا آهن. هن جو ٻج مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري يا ڪٿي ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوکڻ ۾ ايندو آهي. پوکڻ کانپوءِ سلن جون چڪيون ڪڍي، هڪٻئي کان چئن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي رکندا آهن. وڻ به قد ۾ ٽن چئن فوٽن جيڏو ٿو ٿئي ۽ وڏا سهڻا ۽ پيلا گل جهلي ٿو ، جن ۾ ڪاري قرمزي اک رهندي آهي. بنگال ۾ نومبر ۽ ڊسمبر مهينن ۾، مگر اتر وارن پرڳڻن ۾ انهيءَ کان اڳڀرو، ميوو لاهيندا آهن. سياري ۾ وڻ سڙي ويندا آهن. ٻئي سال وري نوان پوکبا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org